سوچ - لوچ
”فخرِ سنڌ“ کي ڀيٽا:
سنڌ به تُنهنجي اهڙي جيجل، جهڙي جيجل آنءُ،
جي تون پنهنجي ڀُونءِ چُمندين، هُرندءِ مون لاءِ
هانءُ.
(شيخ اياز)
شيخ اياز جو هيءُ دوهو ’فخرِ سنڌ‘ سائين محمد
ابراهيم جويي صاحب جي شخصيت تي بنهه ٺهڪي اچي ٿو.
جويي صاحب جي جيجل امڙ ’سنڌ‘ آهي ۽ جويو صاحب ساري
حياتي سنڌ امڙ جي سک ۽ اُن جي خوشحاليءَ، آسودگيءَ
۽ خودمختياريءَ لاءِ جاکوڙيندو ۽ جهيڙيندو رهيو
آهي، توڻي جو جويو صاحب، جسماني طرح هن وقت ڪافي
ضعيف ٿي چڪو آهي، پر سندن جذبا ۽ همٿون، جوانن کان
به جوان آهن، هُو ڪڏهن به هٿ تي هٿ ڏئي همٿ هاري،
هڪ هنڌ ويٺو نه آهي، پر تقريرن ۽ تحريرن ذريعي
عملي جدوجهد ۾ هر وقت جُنبيل رهيو آهي.
جويي صاحب کي سنڌ ۾ جديد سائنسي نظرين، تصورن ۽
خيالن کي پيش ڪرڻ جو باني ۽ پرچارڪ سڏيو وڃي ٿو.
هن پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ، پنهنجن مؤقفن کي سائنسي
بنيادن تي بنا ڪنهن، رک رکاءَ جي، چٽيءَ طرح مختلف
پليٽفارمن تي پيش ڪندو ۽ ورجائيندو رهيو آهي. موٽ
۾ رياست ۽ اُن سان هر وقت سَن مُک رهندڙ مذهبي
پيشوائن طرفان کين طرح طرح جا لقب القاب به ملندا
رهيا آهن، پر پاڻ ڪڏهن به سنڌ جي غير مشروط ۽
والهانه محبت جي ڪري، انهن جي ترديد يا وضاحت نه
ڪئي، اڄ سنڌ ۾ جيڪا جديد علمن جي شعور جي باک ڦُٽي
آهي ۽ مثبت تبديلي آئي آهي، ته اُن ۾ به سائين
محمد ابراهيم جويي صاحب جو وڏو هٿ آهي.
جويي صاحب جي فڪر جو محور فقط سنڌ آهي، ڇو ته سنڌ،
سندس جيجل ماءُ آهي، ۽ جيڪو سنڌ کي ورهائڻ يا اُن
تي ميري اک رکي ٿو، اهو جويي صاحب جو پهريون ۽ وڏي
۾ وڏو خطرناڪ دشمن آهي. اڄ جڏهن سنڌ تمام نازڪ
صورتحال مان گذري رهي آهي ۽ ڪي سنڌ دشمن سازشي
ڌريون، سنڌ جي سالميت خلاف پنهنجو هاڃيڪار ڪردار،
نهايت تيزيءَ سان ادا ڪري رهيون آهن، ته جويو صاحب
جي تحريرن ۽ تقريرن ۾ به تيزي ۽ تلخي آئي آهي. هُو
سنڌ دشمن قوتن خلاف سراپا مزاحمتي اهڃاڻ بڻجي اُٿي
کڙو ٿيو آهي ۽ سنڌ جي حقيقي سپوتن کي ويڇا وساري
پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيئي رهيو آهي.
سائين محمد ابراهيم جويو، انهن مثالي شخصيتن مان
هڪ آهي، جن جي پنهنجي وطن، قوم، ٻولي، ادب، تاريخ
سميت پوري ثقافتي سفر کي هر وقت ضرورت هوندي آهي.
سنڌ کي جويي صاحب جهڙن فڪري استادن ۽ حلالي فرزندن
جي ضرورت آهي، جيڪي فقط ۽ فقط پنهنجي قوم ۽ وطن جي
ڀلائيءَ ۽ سربلنديءَ لاءِ هر وقت پنهنجو مثبت
ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ پنهنجي عملي جدوجهد ۽ فڪري
تاثير ذريعي پنهنجي قوم جي ذهني ۽ شعوري آبياري
ڪندا رهن. جويي صاحب پنهنجي قوم جي نئين توڻي
پراڻي ٽهيءَ تي تمام گهرا ۽ اڻمٽ اثر ڇڏيا آهن جن
جي تاثير جو پڙلاءُ صدين تائين گونجندو رهندو.
ڏسون ٿا ته اسان کي جويي صاحب جو ڪم، مختلف شعبن ۾
پکڙيل نظر ايندو. سندن ڇاپَ، ادب، سياست، سماج،
صحافت، درس و تدريس ۽ تعليم جهڙن شعبن تي نهايت
نمايان ۽ گهري رهي آهي. جويو صاحب هڪ سٺو منتظم ۽
سٺو ايڊيٽر آهي. جويي صاحب، سنڌ ۾ تمام سٺا ادارا
ٺاهيا ۽ هلايا آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جي ٺاهڻ ۾ جويي صاحب جو بنيادي ۽ ڪليدي
ڪردار رهيو ۽ پاڻ اتي سيڪريٽري ۽ چيئرمن طور به
فرض سرانجام ڏنا. انهن سڀني يونٽن ۾ جويي صاحب جو
ڪردار مثالي رهيو آهي.
جويو صاحب، سٺو نثرنگار ۽ سٺو مترجم آهي. جويي
صاحب، انگريزي ادب مان چونڊ ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪري، سنڌي ادب کي مالامال ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو
آهي. ترجمي جي فن ۽ معيار جي حوالي سان جويي صاحب
جي ترجمن جي هاڪ سنڌ سميت هند ۾ به پکڙيل آهي.
سندس ترجمو، سليس ۽ آسان فهم آهي. ڪامياب ترجمو
اهو هوندو آهي، جيڪو ڌاري ٻوليءَ جو نه بلڪ اصلوڪو
لڳي. جويي صاحب جا ڪيل ترجما، هوبهو سنڌي ٻوليءَ
جا اصلوڪا فن پارا محسوس ٿين ٿا.
”مهراڻ محمد ابراهيم جويو خاص نمبر“:
سنڌ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عالمن، اديبن،
ڏاهن، جويي صاحب جي فڪري شاگردن ۽ علم دوستن طرفان
13- آگسٽ 2014ع کان 13- آگسٽ 2015ع تائين واري
عرصي کي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي حوالي
سان ”صد ساله جشن سالگره“ طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو
ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسيلر
جناب مظهرالحق صديقيءَ کي انهيءَ ڪميٽيءَ جو
چيئرمن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچيءَ جي
ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ کي سيڪريٽري ۽ هيٺين
ماڻهن کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي:
محترمه مهتاب اڪبر راشدي، محترم سيّد مظهر جميل،
ڊاڪٽر فهميده حسين، منظور احمد قناصرو، ڊاڪٽر محمد
سليمان شيخ، محترم جامي چانڊيو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل،
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، محترم محمد احمد شاهه، محترم
شوڪت حسين شورو، محترم شمس جعفراڻي، محترم
ذوالفقار هاليپوٽو، محترم رفيق احمد جعفري، محترم
نصير مرزا، محترم الهڏتو وگهيو، ڊاڪٽر سيد جعفر
احمد، محترم تاج جويو، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، محترمه
امر سنڌو، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، محترم مدد علي
سنڌي، محترم مسلم شميم، پروفيسر انيس زيدي، ڊاڪٽر
ادل سومرو، محترم اياز گل، ڊاڪٽر ناهيد پروين،
ڊاڪٽر امجد سراج، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو ۽ محترم محسن
جويو. هن ڪميٽيءَ جو جشن سالگره پروگرام ڪراچيءَ ۾
تاريخ 13- آگسٽ 2004ع تي ٿيو. سنڌ يونيورسٽي
سوسائٽيءَ ڄام شوري ۾ انجنيئر غلام عباس لغاريءَ
جي ميزبانيءَ هيٺ 14- آڪٽوبر 2014ع تي ”سنڌو منزل“
۾ سائين محمد ابراهيم جويي سان شام ملهائي وئي.
لاڙڪاڻي ۾ جويي صاحب جي ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ
بچايو‘ جي مهورتي تقريب پڻ ڪوٺائي وئي ۽ ٻين شهرن
۾ به تقريبون ٿيون، قنبر ۾ به جويي صاحب جي فڪري
شاگرد ڀائو درمحمد ٻرڙي پنهنجي دوستن ۽ جويي صاحب
جي فڪري شاگردن کي گڏ ڪري سالگره ملهائي. 5- ڊسمبر
2014ع تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ پاران حيدرآباد ۾
رٿيل سيمينار ۾
محمد ابراهيم جويي صاحب جي ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ
بچايو‘ جي مهورت پڻ ٿي.
ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي پرلوڪ پڌاري ويو:
8- ڊسمبر 2014ع تي ننڍي کنڊ جو ڏاهو ۽ سائين جويي
صاحب جو ننڍپڻ جو گهرو ساٿي ۽ پڳ مٽ يار، ڪامريڊ
سوڀوگيانچنداڻي 95 ورهين جي ڄمار ۾ چانڊڪا اسپتال
لاڙڪاڻي ۾ ديهانت ڪري ويو. سندن وارثن جي چوڻ
مطابق، ڪامريڊ صبح جو چانهه پيئڻ کان پوءِ ڪرسيءَ
تان اُٿندي ٿاٻڙجي ڪِري پيو، مٿي ۾ کيس ڌڪ لڳو.
ڪامريڊ کي هڪدم چانڊڪا اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن
سندن ديهانت ڪري وڃڻ جي تصديق ڪئي. 14- ڊسمبر تي
ڪامريڊ جون اسٿيون ٻلهڙيجي پتڻ ۾ سنڌو درياء حوالي
ڪيون ويون. ڪامريڊ سوڀو پنهنجي پٺيان هڪ پٽ
نرملداس 2 نياڻيون، 2 نُنهون- ايڊوڪيٽ ڪلپنا ديوي
۽ ريکا، سوڳوار ڇڏيون. ڪامريڊ کي ڪلپنا ديويءَ جو
پتي، ڊاڪٽر ڪنعيا لعل، نالي به فرزند هو جيڪو
جوانيءَ ۾ ئي پرلوڪ پڌاري ويو هو.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 3- مئي 1920ع ۾ لاڙڪاڻي
ضلعي جي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ ڄائو. سندن
وڏا اصل ڪنڊياري جا ويٺل هئا. گيانچند سندن وڏو
ڏاڏو هو، جنهن جي نالي پٺيان ”گيانچنداڻي“ سڏيا
ويا. ڪامريڊ سوڀي ابتدائي تعليم پنهنجي ڀر واري
ڳوٺ بگيءَ مان حاصل ڪئي، بمبئيءَ مان ميٽرڪ ڪري،
اين.جي.وي ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر سائنس ڪئي، هن
پوءِ بي.اي جي ڊگري شانتي نيڪيتن ڪلڪته
يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. جوانيءَ ۾ ڪجهه عرصو
قنبر ۾ رهيو ۽ اتي هندو ٻارڙن کي رامائڻ سميت ٻيا
ڌرمي پستڪ پڙهائيندو هو. ننڍي کنڊ جي مشهور ليکڪ
رائبندر ناٿ ٽئگور، ڪامريڊ سوڀي کي ”مين آف دي
موهن جو دڙو“ جي نالي سان سڏيو.
ڪامريڊ سوڀي جي ديهانت ڪري وڃڻ کان پوءِ، سنڌ جي
سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ
حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. سنڌي ادبي سنگت 7
ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ
جو وڇوڙو سنڌ جو وڏو نقصان آهي، ڪامريڊ جو سياسي
طرح تعلق ڪميونسٽ پارٽيءَ سان هو. هن سنڌ ۾ عوام
دوست سياست جي لاڙن کي متعارف ڪرائڻ ۾ ڪوششون
ورتيون.
ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، سائين محمد ابراهيم جويي
وانگر هميشه سنڌ جي خوشحالي ۽ خودمختياريءَ جي
ڳالهه ڪندو رهيو. ڪامريڊ سوڀو پهريون سنڌي ماڻهو
هو، جنهن جويي صاحب جي ڪتاب 'Save
Sindh, Save the Continent' جي
زبردست حمايت ڪئي ۽ هند- سنڌ جي ورهاڱي کي نه رڳو
هن خطي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو، بلڪ پوري ننڍي کنڊ
لاءِ وڏو خطرو ڀانيو، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ به
جويي صاحب وانگر سنڌ امڙ کي پنهنجي جيجل ماءُ جو
درجو ڏنو. اهوئي سبب آهي جو ورهاڱي کان پوءِ هن جا
ٻيا ويجها رشتيدار ۽ ساٿي سنڌ ڇڏي، ڀارت هليا ويا،
پر ڪامريڊ سوڀو پنهنجي ماتر ڀومي ”سنڌ امڙ“ سان
رشتو نه ٽوڙيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهيو.
ڪامريڊ، ادب ۾ به وڏو رول ادا ڪيو. هن لکڻ جي
شروعات، 18 سالن جي ڄمار ۾ ”28 رپيا“ جي عنوان
سان، ڪهاڻي لکڻ سان ڪئي. پنجن کان وڌيڪ سندن لکيل
ڪتاب ڇپيا آهن. اردوءَ ۾ يادگيرين جو ڪتاب ”ميري
يادون کـﻶ چراغ“ اڻڇپيل صورت ۾ پوئتان ڇڏيو.
شڪريه ادائي:
اسان کي نهايت دلي خوشي محسوس ٿي رهي آهي جو ”فخرِ
سنڌ“ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي ڪيل مثالي
ڪارنامن کي سندن ئي حياتيءَ ۾، مانُ بخشڻ لاءِ
بورڊ طرفان ”مهراڻ“ جي خصوصي نمبر، پڌري ڪرڻ جو
اهتمام ڪيو ويو آهي. جويي صاحب جي ڪيل پورهئي ۽ ڪم
جي پکيڙ وسيع آهي، انڪري اهڙي شخصيت لاءِ ”ڀيٽا“
جو ڪينواس به ايڏوئي وسيع ۽ ڪشادو هئڻ گهرجي. جويي
صاحب ادارا ٺاهيا، فرد ٺاهيا ۽ سنڌ ۾ جديد سائنسي
نظرين ۽ تصورن جي رجحان پيدا ڪرڻ سميت سنڌي سماج ۾
نوان رخ ۽ فڪري لاڙا متعارف ڪرائڻ ۾ وڏيون ڪوششون
ورتيون، تنهنڪري هن شخصيت کي مڃتا ڏيڻ لاءِ به
اهڙا ئي وڏا اعزازَ ۽ دادَ ملڻ گهرجن، پر
بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اڃان اهڙا قدر ۽ رويا جُڙي
نه سگهيا آهن، فردن جي جهان ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ئي
انهن جو اصل مقام ۽ معيار متعين ڪيو ويندو آهي،
پوءِ ئي انهن جا ڏهاڙا، ورسيون، سالگراهون ۽
ڏينهن، وڏي اهتمام سان ملهايا ويندا آهن. پر اسان
انهيءَ روايت کي ترڪ ڪري وڏي پئماني تي نه سهي،
ننڍي پئماني تي ئي سهي، هڪ نئين روايت جي ابتدا
ڪري رهيا آهيون ۽ اها شروعات، جويي صاحب جهڙي
پُربهار ۽ وڻندڙ شخصيت کان ڪئي آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان
جن جويي صاحب جن کي نهايت مانائتي ۽ عزت ڀرئي
نموني سان ”ڀيٽا“ ڏيڻ جا خصوصي احڪام جاري ڪيا
هئا، جن تي عمل ڪندي بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر الهڏتي
وگهئي صاحب جي نگرانيءَ ۾ ”مهراڻ“ جي خصوصي نمبر
جو اجراء ٿي رهيو آهي. هن خصوصي نمبر جي تياريءَ ۾
سائين جويي صاحب جي ڏوهٽي محترم محسن جويي مواد ۽
تصويرن گڏ ڪري ڏيڻ ۾ هٿ ونڊايو آهي ۽ جويو صاحب جي
قائم ڪيل صد سالگره جي جشن ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري
پروفيسر سليم ميمڻ جو مواد جي سلسلي ۾ پڻ سهڪار
شامل رهيو ۽ گڏوگڏ جويي صاحب جي يارن، دوستن ۽
شاگردن به اداري سان سٺو سهڪار ڪيو آهي ۽ پنهنجون
تحريرون لکي، اسان جي حوالي ڪيون آهن، جن کي اسان
جيئن جو تيئن ساڳيءَ حالت ۾ ڇاپي رهيا آهيون.
تحريرن ۾ لکندڙن جا پنهنجا ذاتي رايا ۽ نڪتهء نظر
پيش ڪيل آهن، تنهنڪري اداري جو انهن جي راين سان
متفق هجڻ ضروري نه آهي. ادارو انهن سمورن مهربان
دوستن جو شڪريو مڃي ٿو.
هن خصوصي نمبر جي تياريءَ جي ابتدائي مرحلن کان
ڇپائيءَ جي آخرين مرحلن تائين ”مهراڻ“ جي اڳوڻي
ايڊيٽر دين محمد ڪلهوڙي جي معاونت شامل رهي آهي.
ادارو سندس بيحد ٿورائتو آهي.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج) |