سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:27

سندم ساٿ ڌڻي، سائين جي. ايم. سيد

سائين جي.ايم.سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آءٌ جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آءٌ سائين جي.ايم.سيد جو شڪر گذار آهيان.

سائين جي.ايم.سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آءٌ ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجيءَ گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خوددار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ، هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. جڏهن مان 58 ورهين جو اچي ٿيو آهيان. جڏهن ڳوٺ ويندو آهيان يا پنجاهه سٺ ڪوهن تي ته ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ پنهنجن ڪن مائٽاڻن واقفڪارن وٽ وڃڻ ٿيندو اٿم، ته اتي مون کي سڀيئي منهنجي ڏاڏي مرهيات، آخوند محبوب جي نالي پٺيان سڃاڻندا ۽ سڏيندا آهن.

مون کي ياد آهي ته آءٌ جڏهن يارهين ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آءٌ هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان.

 ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي. ايم. سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي.وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين، آءٌ ڏاڍو هڪ ماٺيڻو ۽ لڄارو ڇوڪرو هوس. پاڻ کي بنهه اڪيلو سمجهندو هوس. سنڌي پنجين ڪتاب ۾ هڪ آکاڻي ”قرب ۽ همدردي“ هوندي هئي، جنهن ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ پنهنجي ماءُ جي قبر تي هڪٻئي کي آٿت ڏيندي ۽ روئندي ڏيکاريل هئا. اها آکاڻي مون کي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ جڏهن به پڙهندو هوس تڏهن پنهنجي منهن روئي ويهندو هوس. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس، ۽ هونئن جو ڏاڏي کان ڊڄندو هوس، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌومانس، ڏاڏي ۽ ڏاڏو ۽ ٻيا سڀ گهر جا ڀاتي حيرت ۾ پئجي ويا. ڏاڏو مون کي پنهنجين ٻانهن ۾ جهلي هڪدم اٿي بيٺو، ۽ کيس ڳچيءَ ۾ جو منهنجو ڀاڪر پيل هو، سو آءٌ به مٿي لٽڪي پيس! مون کي ياد آهي ته ڏاڏي مون کي پوءِ نرڙ تي مٺيون ڏنيون، ۽ منهنجو ڀاڪر آهستي ڪري ڇڏائي، پنهنجي ڀاڪر ۾ مون کي جهلي، هيٺ لاٿائين، ۽ پوءِ مون کي انهيءَ مهل پاڻ سان لڪيءَ وٺي ويو، جتي مون کي ڪپڙن جا ٻه وڳا وٺي ڏنائين، درزيءَ کي هيءُ تاڪيد ڪيائين ته قميصون ”انگريزي ڪٽ“ جون هجن ۽ سٿڻ جا پانئچا ”شهري سلائيءَ“ وارا تيار ٿين!

 هيءُ سال 1927ع جو هو. پوءِ آءٌ سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي.ايم.سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، تڏهن مون کي ڏسي، سائينءَ، ڏاڏي کي چيو ته ”هن کي بورڊنگ هائوس ۾ نه پر شهر ۾ پنهنجي ڪنهن واقفڪار جي گهر ۾ رهايو،“ اها صلاح شايد ان ڪري سائينءَ مناسب سمجهي جو مون سان ٻه اکر جو ڳالهايائين ته منهنجي ڪنن جون پاپڙيون ڳاڙهيون ٿي ويون، بنهه روئڻهارڪو ٿي ويس. ڳالهائڻ ئي نه اڪلي، مرڳو سرت کان ئي نڪري ويس. سو سمجهيائون ته هن ”ڇوڪرين جهڙي ڇوڪري“ لاءِ اڃا گهر جي سلامتي ۽ سک ۽ وڏن جو اجهو ۽ ڏڍ ضروري آهي. آءٌ سندن انهيءَ خيال ۽ انهيءَ فيصلي لاءِ، سندن ٻين هزارين مهربانين سان گڏ، سڄي عمر ٿورائتو رهيو آهيان. ڏاڏي مرحوم پوءِ مون کي پنهنجي سينڌ ساڃهه واري سخي مرد، جمعدار اسماعيل خاصخيليءَ جي گهر ۾ رهايو، ۽ سڄا ٽي سال، جيسين ٽي درجا انگريزيءَ جا پڙهي پورا ڪيم، اُن گهر ۾ رهيس، سندس گهر واريءَ کي ڏاڏي، پٽن کي ماما، ۽ سڄي انهن جي ويڙهي ۾ ڪنهن کي چاچو، ڪنهن کي ادا، ڪنهن کي ماسي، چاچي ۽ نانو، ناني چوندو هوس. ڄڻ آءٌ پنهنجي ڳوٺ ”آباد“ ۽ پنهنجي مائٽن جي ويڙهي مان الڳ ئي ڪونه هوس. ايتريقدر پنهنجائپ ۽ پيار اتي مون کي مليو. اهي ٽي سال ڄڻ منهنجي تربيت جا مکيه سال هئا، جن ۾ آءٌ پنهنجن پيرن تي بيهي، ڪجهه اڪيلي سر ٻاهرينءَ دنيا کي منهن ڏيئي هلڻ جهڙو ٿيس.

سائين جي. ايم. سيد ان دؤر ۾ ڪراچي ضلعي اسڪول بورڊ جو ميمبر يا چيئرمين هوندو هو، ۽ پوءِ ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ به ٿيو. پاڻ ان سلسلي ۾ وقت بوقت ڪراچيءَ ويندو هو. جڏهن موٽندو هو، تڏهن گهڻو ڪري پاڻ سان اسان انگريزي پڙهندڙ ڇوڪرن خاص طرح اهي جيڪي مدرسي جي بورڊنگ هائوس ۾ رهندا هئا، تن لاءِ ڪراچيءَ مان ترڪي ٽوپيون، گرم ٽوپ ۽ ڪتاب، نوٽ بڪ، پينسلون ۽ انڊپينون وٺي ايندو هو، ۽ اچي اسان کي پنهنجن هٿن سان ورهائي ڏيندو ڏيندو هو. مون کي پاڻ هميشه محمد ابراهيم ڪري سڏيندا هئا، ۽ اڄ تائين ان پوري نالي سان مون کي سڏيندا آهن. اسڪول ۾ آءٌ هميشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر بيهندو هوس، ۽ مدرسي جي فارسيءَ جي تحصيل ۾ مولوي صاحب منهنجي محنت ۽ هوشياريءَ جي ساراهه ڪندو هو. سائين نه رڳو منهنجي پڙهائيءَ بابت پڇندو هو، ۽ هر ڪلاس مان جنهن جنهن شاگرد جي هوشياريءَ ۽ سٺي نتيجي جي رپورٽ کين ملندي هئي، تنهن کي سڏي پنهنجي پاسي ۾ ويهاريندا هئا. اهڙيءَ ريت گهڻو ڪري پنهنجي ڪلاس مان سدائين آءٌ سندن انهيءَ مهربانيءَ جو حقدار بنيو هوس. مدرسي جي بورڊنگ هائوس ۾ هيءَ سندن مجلس هر انهيءَ جمعي نماز کان پوءِ ٿيندي هئي، جڏهن پاڻ سن ۾ موجود هوندا هئا. مدرسي سان گڏ جامع مسجد هئي، ۽ اتي پاڻ جمعي نماز کان پوءِ عام جماعتين جي اڳيان تقرير ڪندا هئا، ۽ پوءِ بورڊنگ هائوس جي هال ۾ اسان شاگردن سان گڏ ويهي ڪچهري ڪندا هئا، ۽ پوءِ بورڊنگ هائوس جي هال ۾ اسان شاگردن سان گڏ ويهي ڪچهري ڪندا هئا. پهرين اسان کان سوال پڇندا هئا ۽ پوءِ پاڻ اسان کي ڪراچيءَ جون، اخبارن جون، ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ۽ انهن بابت پنهنجا خيال ۽ رايا ٻڌائيندا هئا.

مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي.ايم.سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني، ۽ پوءِ آءٌ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ 1931ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس ته اتي به سائينءَ جن پهرئين ڏينهن مون کي ساڻ وٺي مدرسو گهمائڻ ويا، ۽ ٻئي ڏينهن ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب وٽ موڪليائون، جي ڏاڍي پيار ۽ شفقت سان مون سان مليا، ۽ ائين آءٌ اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس.

مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي.ايم.سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. مون جڏهن پنهنجي مجبوري وٽن بيان ڪئي، تڏهن پاڻ مون سان ان ڳالهه تي ڏينهن جا پورا ٻه پهر ويهي ڳالهايائون ۽ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون، ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر ان الله جي نيڪ بندي، درويش صفت پرنسپال بٽاڻيءَ مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو، ۽ اهڙيءَ زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ وڌيڪ هڪ ڀيرو مون کي سائين جي.ايم.سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي.

ادبي ۽ علمي دنيا ۾ منهنجو پير، سائين جي. ايم. سيد جي مهربانيءَ ۽ وسيلي سان ئي پئجي سگهيو. انهيءَ صورت ۾ نه ته مون کي ڪو زور ڪري، پنهنجو سمجهي، ڪنهن وڏيءَ جاءِ تي، خواهه مخواهه معتبر ڪري آڻي ويهاريائون پر خالص انهيءَ معنيٰ ۾ ته ادب ۽ علم لاءِ اصلي ۽ اٿاهه شوق پاڻ منهنجي دل ۾ پيدا ڪيائون. پنهنجين لکڻين پڙهي ٻڌائڻ سان، سنڌي، انگريزي ۽ فارسي ڪاتبن مان ادبي شهڪار پڙهي ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ سان، ۽ سڀ کان وڌيڪ، ادبي ۽ علمي مسئلن تي دل کولي ۽ تفصيلي طور مون سان ڳالهين ڪرڻ سان، ۽ جڏهن به پنهنجي منهن مون ڪجهه لکيو، ان کي ڌيان سان پڙهي، ان جي خوبين تي مون کي آفرين ڏيڻ ۽ همٿائڻ سان، ۽ ان جي خامين ۽ ڪمزورين لاءِ پوريءَ ريت سمجهاڻي ڏيئي، انهن کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ سان. اهڙا شفيق ۽ سٻاجها بزرگ، استاد ۽ رهبر زندگيءَ ۾ وڏي ڪنهن نصيب سان ڪنهن کي ملي سگهن ٿا. دراصل آءٌ اها سائين جي. ايم. سيد جي پاڻ تي هڪ وڏي ۾ وڏي عنايت سمجهان ٿو، جو سندن نيڪ نصيحت، منهنجي طبعيت کي اهو رنگ ڏيئي ڇڏيو آهي، جو فقط نيڪ ۽ لائق ماڻهو ئي مون سان سنگت ۾ ڳنڍجي سگهن ٿا. کوٽا ۽ نااهل هڪ ڀيري مون سان ملڻ بعد ازخود مون کان پري ڀڄي ويندا آهن ۽ ائين آءٌ انهن جي شر کان محفوظ ۽ آزار کان بچي ويندو آهيان.

سائين جي.ايم.سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نااتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو، مون کي جيڪا سچ ۽ نيڪيءَ جي شناس ۽ اصل دوستي سندن ئي تربيت وسيلي نصيب ٿي هئي، ان ۾ آءٌ هندن جي خلاف نفرت ۽ دشمنيءَ جي ڪا جاءِ ڏسي نه سگهيس ۽ سائينءَ جي اها مسلم ليگي سياست به ڪجهه ٻه ٽي سال، ذريعن جي حد تائين مصلحتي سياست طور قائم رهي ۽ پاڻ ان کي ائين ڇڏيائون، جو سندن زندگيءَ جو سڄو ڪردار مسلم ليگي سياست جي خلاف ، جيڪا دراصل ڪوڙ جي، نفرت جي، ٻيائيءَ جي سياست هئي. ”سر داد نه داد دست در دست يزيد“ جي نوع جي جهاد اڪبر جي هڪ اجهل ۽ اڻموٽ اڳواڻ جي ڪردار طور ئي اڄ پوري برصغير ۾ عمل پيرا آهي ۽ ان ئي صورت ۽ حيثيت سان تاريخ ۾ سندن ڪردار ياد رهندو ۽ اهوئي ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ جو، سنڌ جي لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي، ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آءٌ ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ سائين جي. ايم. سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن، ۽ ان سندم ساٿ ڏئي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر آهي.

(ڪتاب: ”سڏ پڙاڏو“ تان ورتل)

سوڀو گيانچنداڻي: سنڌ ۾ ترقي پسند

فڪر جو ساکي ۽ سرواڻ!

 

اسان جي ساٿي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي طبعيت اڄلڪهه ناساز آهي ۽ پاڻ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هيءُ اهو ئي سوڀو آهي، جنهن ورهاڱي وقت چيو هو ته، ”سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.“ 

جڏهن کان سندس اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر پيئي آهي، تڏهن کان من تي هڪ عجيب اداسي ڇانيل آهي. ساڳئي وقت، هن سان گهاريل زندگيءَ جا ڪيترائي پل ۽ پهر پڻ ذهن تي اڀري بيٺا آهن. اسان جو ڪامريڊ سوڀو ڪنهن به شڪ کان سواءِ سنڌ جو املهه سرمايو آهي، جنهن سنڌ ۾ نئين تعمير ۾، ۽ سنڌ کي عقل تي آڌاريندڙ، وهمن، وسوسن توڻي هر قسم جي ڦرلٽ کان آجي سماج بنائڻ لاءِ بنهه بنيادي قسم جو ڪم ڪيو آهي. خاص طرح، سماج وادي فڪر جي پکيڙ ۽ پرچار ۾، هن نهايت اهم، مائيدار ۽ ڳڻپ جوڳو ڪم ڪيو آهي.

سوڀو سنڌ ۾ ٻڌيءَ جي علامت به آهي، جنهن پنهنجي فڪري صحبت سان سنڌ جي انيڪ ترقي پسندن ۽ وطن دوستن کي فيضياب ڪيو آهي. ملڪ ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي مڙهي ويئي. ان جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به جيل ڀيڙو ڪيو ويو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته ”تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي  (son of the soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو: ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ صدين جي صدين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“

هن پنهنجي ڪتاب ۾ ”ساروڻيون“ جي عنوان سان هڪ مضمون شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو هيءُ سڄاڻ سپوت لکي ٿو:

”منهنجي لاءِ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنيٰ آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي، ٻارنهن ورهين جو جوان آهيان.... مان ميدانُ ڇڏي ڀڄندس ڪونه....“

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو وقت جي حاڪمن کي ان ريت کُتو جواب ڏيڻ پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان سچائيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. علي احمد بروهي لکي ٿو:

”(ڪامريڊ) جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران، ٻيءَ هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو...هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ مان لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري.“

اسان جي ساٿي سوڀي سنڌ ۾ رهي، ترقي پسند ۽ وطن دوست فڪر جي آبياري ڪرڻ کي ترجيح تي رکيو. سوڀو هڪ هنڌ لکي ٿو: ”.....مان پهرين انقلابي آهيان، منهنجي خواهش آهي ته مون کي پڇاڙيءَ تائين انقلابي، دوستن جو دوست، ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻگهرو سمجهيو وڃي.“

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 1939ع ۾ مهان ڪوي ٽئگور جي برپا ڪيل ”شانتي نڪيتن“ ۾ سُر ۽ سرود جي وديا پرائڻ ويو، جتي سندس حقيقي معنيٰ ۾ ذهني اوسر ٿي. هن اداري ۾ سکيا دوران جتي ٽئگور جهڙي ٻهڳڻي شخصيت موهن جي دڙي وٽان آيل ماڻهوءَ، سوڀي، کي پنهنجي خاص توجهه ۽ شفقت جي نظر سان نوازيو، اتي کيس ان دؤر جي ملڪ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن ۽ انقلابين جهڙوڪ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس ۽ سوميندر ناٿ ٺاڪر جهڙين شخصيتن سان مُکاميل ٿيڻ جو موقعو به مليو. هن ئي اداري ۾ نوجوان سوڀي جي ملاقات پنالال داس گپتا سان ٿي، جيڪو تن ڏينهن ۾ هڪ وڏو ڪميونسٽ اڳواڻ هو. هُن سوڀي جي مَن ۾ ملڪ مان بک، بيماري، جهالت ختم ڪرڻ ۽ اميريءَ ۽ غريبيءَ جي فرق کي مٽائڻ يعني سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو جذبو جاڳايو. ڪامريڊ سوڀي هن ڪتاب ۾ پنا لال داس گپتا سان ٿيل سندس ملاقات ۽ بعد ۾ ساڻس لاڳاپن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. لکي ٿو:

”مون کي سياست جي گهاٽي جهنگ مان پيچرو ڏسيندڙ سندس ذات ئي رهي آهي.“

سوڀو وڏڀاڳي آهي، جنهن کي شانتي نڪيتن جهڙي جڳ مشهور اداري مان وِديا پرائڻ جو موقعو مليو. هن اداري سچ پچ ته سوڀي جي ذهن جي ڪايا پلٽي ڇڏي ۽ هُو هڪ سچي انقلابيءَ جي حيثيت ۾ ”ڪجهه ڪري ڏيکارڻ“ ۽ ”انساني سماج جي تشڪيل نؤ“ ۾ پنهنجي ڪردار نڀائڻ لاءِ ميدانِ عمل ۾ لٿو.

ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي شانتي نڪيتن ۾ ٻه سال رهيو ۽ 1941ع ۾ اتان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي تعليم دوران سندس ملاقات حَشو ڪيولراماڻيءَ ۽ ڪجهه ٻين انقلابي دوستن سان ٿي. هتي يعني لا ڪاليج ۾ سوڀي شاگرد تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو. حشوءَ سان ملاقات ۽ شاگرد تحريڪن ۾ پنهنجين سرگرمين جو احوال تفصيل سان بيان ڪندي، سوڀو لکي ٿو:

”مون ڏٺو ته بهترين ڪم ڪندڙ، پرخلوص، اَورچ ۽ تربيت يافته ماڻهو ڪميونسٽ ئي هئا ۽ اڄ تائين منهنجو اِهو ئي رايو آهي ته بهترين پڙهندڙ، سوچيندڙ، محنتي ۽ انٽرنيشنل آئوٽ لُڪ رکندڙ ماڻهو ڪميونسٽ ئي آهن....مون ڪميونسٽ تحريڪ سان پنهنجي جيڪا وابستگي رکي، سا آءٌ اڄ به رکندو پيو اچان، ڇو ته مون کي وڌ ۾ وڌ شائستگي، محبت ۽ وسيع النظري، قومن جي تڪليفن ۽ مسئلن جو حل، زباني ادب، چاهه ۽ فضيلت ان ئي فڪر جي طبقي وارن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿي.“ شاگرد تحريڪن، ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ انقلابي جدوجهد ۾ حصي وٺڻ ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستگيءَ سبب ڪامريڊ سوڀي کي ڪيترائي ڀيرا قيد ۽ بند جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. جيل ته ڪامريڊ لاءِ ٻيو گهر هو. انهن عذابن ۽ تڪليفن جي باوجود به ڪامريڊ پنهنجي عظيم انقلابي جدوجهد تان هٿ نه کنيو، بلڪ انهن سبب سندس حوصلي ۾ بلندي ۽ خيالن ۾ پختگي آئي ۽ هو پنهنجن انقلابي نظرين تي اٽل ۽ اڏول رهيو. پاڻ اڄ به انساني سماج جي ڪايا پلٽ لاءِ لوڪ هلچل جو پرچار ڪن ٿا، جيڪي ماڻهو کيس چون ٿا ته: ”اوهان ماڻهن کي جنهن خواب ڏيکارڻ جا جتن ڪيا، سو خواب ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي.“ اهڙن مُورکن کي پاڻ جواب ۾ چون ٿا:

”ڪامورن جو ڪميونزم ڀڄي ڀورا ڀورا ٿيو آهي. اصل آدرش اڄ به پنهنجي سمورن حيات بخش نظرين ۽ آدرشن سان موجود آهي. اهو خواب نه رڳو اسين ڏسندا رهنداسين پر اهو خواب ورهائيندا به رهنداسين.“

منهنجو محب، دوست ۽ ساٿي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن منجهان آهي، جن جو مطالعو نهايت وسيع آهي. کيس دنيا جي ڪيترن ئي علمن، تاريخ، ادب، منطق، فلسفي، سائنس ۽ سماجي علمن تي چڱي دسترس حاصل آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي انهن اعليٰ پايي جي مفڪرن ۽ ڏاهن منجهان آهي، جن تي قوم بجا طور تي سدائين ناز ڪندي رهندي. پاڻ سموري زندگيءَ ۾ باعمل، باڪردار، اٽل ۽ اڏول، ڪميٽيڊ آدرشوادي ۽ سچا وطن پرست رهيا آهن. سندن سمورو جيون سنڌ ديس جي مظلوم ۽ محڪوم طبقن کي ظلم ۽ استحصال کان نجات ڏيارڻ لاءِ، انصاف ۽ مساوات تي ٻڌل، هڪ سماجوادي معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي گذريو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ سنڌ ۾ سندن نانءُ هر زبان تي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. ڪامريڊ سوڀو اڻٿڪ انقلابي جدوجهد جو روشن مينار ۽ مايوس ڪامريڊن لاءِ اتساهه جو سرچشمو ۽ اميد جو ڏيئو آهي.

(”ڪاوش“ 15- آڪٽوبر 2014ع تان کنيل)

’جهولي لال سلور جوبلي‘ انڊيا ۾ جويي صاحب جا ونڊيل ويچار

گذريل 14- اپريل ”جهولي لال سلور جوبلي جشن“ ۾ اُتسو ۾ سنڌ مان آيل ڏاهي ودوان ۽ ساهتڪار بزرگ دوست محمد ابراهيم جويي چيو:

هفتيوار ”جهولي لال“ جا مانوارا ايڊيٽر، ڀاءُ ديالداس موٽواڻي! اُن جي سلور جوبليءَ جي ”نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز“ جي گڏيل خاص اشاعت جا مانوارا ايڊيٽر، ڀاءُ اُتم! پياريون ڀينرون، پيارا ڀائرو!

پهرئين ته آءٌ اوهان کي سڄيءَ سنڌ جا دلي سلام ۽ دعائون عرض ٿو رکان ۽ يقين ٿو ڏياريان ته اوهان جون دلي دعائون ۽ سلام، موٽ ۾، انهن کي به وڃي ڏيندس.

آءٌ اوهان جو بيحد ٿورائتو آهيان، جو خوشيءَ جي هن موقعي تي، مون کي ايترو مان ڏنو اٿوَ. ”شيام- اياز“ جي هن خاص نمبر ۾ منهنجو به هڪ مضمون شامل آهي، جيڪو ڀاءُ اُتم جي گهرڻ تي، هتي پهچڻ کان پوءِ تڙ تڪڙ ۾ لکي، مون کين ڏنو. اهو به، ۽ ٻيا سڀ اعليٰ مضمون جيڪي هن خاص نمبر ۾ آيل آهن، اهي اوهين فرصت ۾ پڙهندا ۽ انهن مان لطف وٺندا ۽ انهن بابت پنهنجا پنهنجا قيمتي رايا پيش ڪندا. هن موقعي تي وڌيڪ گهڻو ڪجهه مون کي چوڻو ڪونهي، سواءِ ٿورن ڪن لفظن جي، جن لاءِ آءٌ اوهان جا پنج ست منٽ وٺندس.

عزيزو، هونئن ته اسان مان ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجيءَ پنهنجيءَ دنيا ۾ محدود رهي ٿو، بلڪ شايد مست به رهي ٿو، پر خاص طور اسين اهي جيڪي اديب، صحافي ۽ ڪلاڪار سڏجون ٿا، پنهنجي ادب ۽ ڪلا جي خاص دنيا ۾ رهون ٿا ۽ ڀانيون ٿا ته ٻيا اُن اسان جي خاص دنيا ۾ مشڪل پير ٿا پائي سگهن. ڇو ته ان خيال ۽ جذبي جي دنيا ۾ اُچاريل  يا لکيل لفظ جي طاقت جو احساس ۽ پڻ تازي ڇپيل لفظ جي خوشبوءِ جو لطف، ۽ پڻ ڪلا جي ٻئي ڪنهن اظهار جي اُڇل ۽ اُمنگ، گهڻي ۾ گهڻو اسين پاڻ ئي ماڻي سگهون ٿا؛ ۽ ان طرح ٻيءَ سڄيءَ دنيا کان ڪٽجي ۽ مورئون الڳ ٿي وڃون ٿا، پر وري به اهي اسان جا ساڳيا خيال ۽ جذبا ئي آهن، اُهي اسان جا ساڳيا لفظ ئي آهن، اُها اسان جي گڏيل ٻولي ئي آهي، جا هڪٻين جي اسين سمجهون ٿا، جيڪا اسان کي، اسان جي سڄيءَ قوم کي ڳنڍي ٿي ۽ ڳنڍيو بيٺي آهي. مذهب ۽ ڌرم به ڳنڍين ٿا، ۽ ڳنڍڻ گهرجين به، پر اُهي برادريون، جاتيون ۽ فرقا ٿا ٺاهين، قومون ڪين ٿا ٺاهين.

صدين جي عالمي تاريخ جو اِهو  ثابت ڪيل سبق آهي. قومون ۽ ٻوليون، وطنن جي آڌار تي وجود ۾ اچن ٿيون ۽ قائم رهن ٿيون. اِن طرح اسين سنڌي هڪ قوم آهيون. ڌرم ۽ مذهب جي بنيادن تي قومن جي ورهاستن ۽ ورهاڱن کي اسين ڪونه ٿا مڃون. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا شاهه ۽ سچل ۽ سامي ۽ دلپت، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا شيام ۽ اياز، جذبي ۽ خيال جي هڪ ئي دنيا ۾ بيهاري اسان کي هڪ قوم بڻائين ٿا.

اسين اديب ۽ صحافي ۽ ڪلاڪار خاص طور آءٌ اڄ جي موقعي جي ناتي ڳالهه ٿو ڪريان. اها به دعويٰ ٿا ڪريون، ته اسين سڄيءَ پنهنجيءَ قوم جا آواز آهيون، اُن جا نمائندا يا ترجمان آهيون، ۽ ائين چئي، اسين اِها ڳالهه به ڪونه ٿا وساريون ته اسان جي قوم ۾، جيئن ٻين قومن ۾، ڪي هيڻا ۽ دکي به آهن، ڪي ڦريل ماريل ۽ ستايل به آهن، ۽ پوءِ اسين اُنهن جو پاسو ٿا کڻون، ۽ اسان کي چوڻو ٿو پوي ته اُهي هيڻا ۽ دکي، اُهي ڦريل ماريل ۽ ستايل ڪير آهن، ۽ ڇو اُهي دکي آهن، ڇو اُهي هيڻا آهن، ۽ ڇو اُهي ڦرجن ۽ مارجن ٿا، ۽ اِن طرح اسين پنهنجن لفظن ۾، پنهنجين لکڻين ۾، پنهنجي ڪلا وسيلي، ان جي دک سک جي، ۽ ان سڄي حساب ڪتاب جي ڳالهه ٿا ڪريون، ته جيئن پوريل اکيون پٽجن، من ۾ ڄاڻ جاڳي ۽ جتي اونداهه آهي، اتي سوجهرو اچي. اسين پوءِ هڪ قدم اڳتي کڻي ائين به چئون ٿا ته اِهو دک، اها هيڻائي ۽ اها ڦرمار بند ٿئي، سماج بدلجي ۽ بهتر ٿئي، ۽ ائين پوءِ اسان ۾ ادب، صحافت ۽ ڪلا جي فرض ۽ ذميواريءَ جي ناتي هڪڙو واد وواد به اُٿي ٿو، ته ڇا اديب، صحافيءَ ۽ ڪلاڪار کي مقصد به هئڻ کپي، ۽ ڄاڻ ڏيندڙُ ۽ سوجهرو ڪندڙُ ۽ پوءِ انقلابي يعني سماج کي بدلائيندڙُ به ٿيڻ کپي؟

بهرحال، دوستو، ادب ۽ صحافت ۽ ڪلا کي پنهنجي وطن تي ۽ ٻيءَ دنيا تي نظر وجهڻي ٿي پوي ٿي، ۽ پڻ ڪنهن نه ڪنهن سان مخاطب ٿيڻو ئي پوي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن خطاب جي اشاري ۽ انداز سان، ڄاڻ ڏيڻ، منٿ ڪرڻ، ڪنهن نه ڪنهن ڌر کي پاڻ تي ڀاڙڻ لاءِ ۽ اُٿي اڳتي وڌڻ لاءِ.

دوستو، اِن طرح، جي اسين پنهنجي وطن تي ۽ قوم تي نگاهه وجهون ٿا ته ڏسون ته صدين تائين اسان جو سنڌي سماج، زراعتي صورتحال ۾ گتل هئڻ سبب، ٻن وڏين ڌرين جو جوڙ يا مرڪب رهيو آهي.

زميندارن جي ڌر يا هارين جي ڌر Gentry & Peasantry وچين ڌر سنڌي سماج ۾، اهم ڌر بڻجي، خاص پنهنجيءَ ڳالهه ڳت سان پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ڪانه سگهي. البت انگريزن جي سؤ سالن جي راڄ ۾ اِها وچين ڌر سنڌي سماج ۾ پنهنجي تاريخي شان سان ۽ پوريءَ سڃاڻپ سان اڀري، پر اڃا سنڌي قوم جو اُهو ثابت ٻوٽو، يعني ٽه ڌريائون اُهو پؤرو سنڌي سماج، نئين صنعتي دنيا ڏانهن وک وڌائيندڙ ائين پاڙ ٻڌي اسري، چؤنڪ ڍِڍي يا گل ٻاٽيءَ جي درجي تائين پهتو ئي مس، ته تاريخ جي هڪ وڏيءَ ويڌن جو شڪار ٿي ويو ۽ چوٽيءَ تان وڍجي ويو. اڄ اوهين هتي ڀارت ۾، ان ويڌن جا شڪار، ڪڻا ڪڻا بڻيل، الڳ الڳ اسٽيٽس ۾، هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ ٿورائيءَ ۾ رهو ٿا، پر جتي رهو ٿا سلامتيءَ سان رهو ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي ميزبان وڏي سماج جي تجارت، صنعت ۽ سنسڪرتيءَ جا ڪارائتا جزا بڻجي رهو ٿا. هوڏانهن سنڌي سماج جي مُڇيل باقي ٻوٽي کي پنهنجي زمين ۾ کتل ۽ اڪثريت جي صورت ۾ هئڻ سبب، نئين سر نسرڻو پوي ٿو ۽ گل ٻاٽيون چؤنڪ ڍڍا ڪڍڻا پون ٿا. اوهان جي جاءِ تي اُتي آيل هِتان ڀارت مان ويل، هم مذهبيءَ جا دعويدار ماڻهو، اُتي جي گهڻين ڪن حڪومتي نظرياتي ۽ سياسي پَٻين ۽ پُشتين ڪري سنڌي سماج جي اُن فطري طور اُسرڻ ۽ نسرڻ جي اُمنگ ۽ عمل کي نٿا سمجهن ۽ نٿا سهن، بلڪ اُن کي پنهنجي برتريءَ ۽ بالادستيءَ جي بار هيٺ نست ۽ نٻل ڪري پنهنجو تابع بنائڻ گهرن ٿا. هِتي اوهان کي پنهنجي ٿورائيءَ جي عالمي طور تسليم ٿيل حقن ماڻڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوي ٿو ته جيئن اوهان جي قومي وجود جي سڃاڻپ، سنڌيت قائم رهي ۽ هُتي اسان کي پنهنجي وطن ۾ پنهنجي تاريخي اڪثريتي قومي وجود کي بچائڻ، قائم رکڻ ۽ ان جي خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. اوهان جو ۽ اسان جو هيءُ ڪم دراصل هڪ ئي ڪم آهي ۽ ان جو پورو ڪرڻ، اسان ۽ اوهان جو فرض آهي. ڇو ته پاڻ ڏانهن ۽ سڄي عالم انسانيءَ  ڏانهن اِن فرض جو ادا ڪرڻ اسان جي قومي ذميواري آهي.

اسان جي ٻن مهان قومي شاعرن: نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز، اِنهيءَ ئي فرض ادائيءَ طور، جيڪو پنهنجو امر ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جي هڪ نماڻيءَ مڃتا طور، هفتيوار جهولي لال پنهنجو سلور جوبليءَ جو هيءُ خاص نمبر، سندن گڏيل نالي، کين ڀيٽا طور پيش ڪيو آهي. مان اوهان سڀني جا، وري به ٿورا ٿو مڃان.

(هفتيوار ’جهولي لال‘ احمد آباد 22- اپريل 1991ع تان کنيل)

 

سائين  دادا  رام پنجواڻي

استاد محترم سائين رام پنجواڻيءَ جي اڄ هيءَ چوٿين ورسي ملهائجي رهي آهي. اوهان هن سڳوري موقعي تي پاڻ وٽ مهمان طور مون کي ويهاريو اهي،اُن لاءِ آءٌ اوهان جو دليان ٿورائتو آهيان.

دادا رام پنجواڻي هڪ وڏو ماڻهو هو، مها پرش هو، بلڪ آهي، ڇو ته پنهنجن نيڪ عملن جي صورت ۾ هُو سدا حيات ۽ امر آهي. ماڻهوءَ کان وڌ ماڻهوءَ جا ڪم اهم ٿين ٿا، زندگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجا فرض ڪيئن ٿو نڀاهي، ذميواريون پنهنجون ڪيئن ٿو پوريون ڪري، هُن جي سڄي ناموس ۽ اُن جو تيج  ۽ هڳاءُ سندس جيئري ۽ پڻ چولي مٽائڻ کان پوءِ به اِنهيءَ تي  مدار رکي ٿو.

استاد محترم جو هيءُ سيتا سنڌو ڀَوَنُ، جيڪو سندس ڪوشش سان قائم ٿيل آهي، سندن اَمر ياد کي تازي رکڻ لاءِ اِهو سندن هڪ ڪم ئي ڪافي آهي. سندن نالي تي هڪ ٽرسٽ قائم ٿيل آهي ۽ پڻ هڪ ٻيو اِدارو ”رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر“ به ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ اُن سينٽر جي سهاري هيٺ هڪ معياري ادبي ٽماهي رسالو ”سپون“ ڀاءُ ٺاڪر چاولا جي لائق هٿن ۾، به باقاعدي شايع ٿي رهيو آهي. اِن کان سواءِ سندن ڪيئي ثنا خوان، شاگرد، وڏو حلقو دوستن جو، ۽ ٻيا سوين هزارين سندن عام ڀلائيءَ جي ڪمن کي ڄاڻندڙ ذاتي طور سندن واقف ۽ اڻ واقف ماڻهو هتي توڙي سنڌ (پاڪستان) ۾ ۽ دنيا ۾ موجود آهن.

پاڻ، خاص طرح ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان هتي لڏي آيل سنڌي ماڻهن سان ڏاڍا گهڻا وڙ ڪيائون ۽ ڀلائيءَ جا وڏا پير ڀريائون، خاص طرح جهولي لال ۽ چيٽي چنڊ تحريڪ کي جاڳائڻ ۽ زور وٺائڻ جي سلسلي ۾، جنهن تحريڪ سنڌي ماڻهن کي هتي پنهنجي سڃاڻپ ڏيڻ، همت وٺائڻ ۽ سندن سماجي ايڪي کي مضبوطي ڏيڻ ۾ بيحد وڏو ڪم ڪيو، بلڪ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سنڌ مان نڪتل ۽ هتي ڀارت توڙي دنيا ۾ ٽڙي پکڙي ويل سنڌين جي قومي سٻنڌ ۽ ايڪتا جي احساس کي جاڳائڻ ۽ قائم رکڻ ۾ دادا رام پنجواڻيءَ جي پنهنجائپ جي پيغام ۽ راڳ رس جو وڏو هٿ رهيو آهي.

استاد محترم سائين رام پنجواڻيءَ جي ياد منهنجي من تي، سندن شاگرد هجڻ جي ناتي به اَڻ مٽجندڙ نقش طور قائم آهي. 1938ع جي تعليمي سال ۾، ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ آءٌ بي.اي جي آخري سال ۾ هوس ۽ اسان جي جڳ مشهور استاد ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ رٽائر ڪيو هو، ۽ سندن جاءِ تي سائين رام پنجواڻي مقرر ٿي آيا هئا. مون کي اڄ به اُهو ڏينهن اِئين ياد آهي، ڄڻ ته ڪالهوڪي ڳالهه هجي. پاڻ ڳڀرو جوان هئا، ۽ هر طرح ٽپ ٽاپ ٿي، اسان جي ڪلاس ۾ آيا هئا ۽ اسان کي شاهه جي شعر تي ٻه ليڪچر ڏنا هئائون، ۽ ٻيئي ڀيرا، پيرڊ جي پڇاڙيءَ ۽ اسان جي زور ڀرڻ تي، دل کولي، اسان کي شاهه جو ڪلام ڳائي به ٻڌايو هئائون، اُن ڪاليج جا منهنجا ٻيا استاد به سڀ محبتي ۽ ماهر، هڪٻين کان وڌ ناميارا ۽ باوقار شخص هئا، جيئن ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، پروفيسر ايل. ايڇ اجواڻي، پروفيسر ٽي.ايم.آڏواڻي، پروفيسر ايم. يو ملڪاڻي ۽ ٻيا پڻ قابل صد احترام اسان جو پرنسپال صاحب جناب اين.بي ڀٽاڻي.

دراصل سنڌي قوم جي هندو جاتيءَ خاص طرح، انگريزن جي هڪ سؤ سالن جي راڄ ۾ مغربي تعليم جي اثر ۽ تربيت هيٺ، وڻج واپار، تعليم، ادب انساني تهذيب ۽ تمدن جي هر کيتر ۾، ڏاڍا وڏا ماڻهو پيدا ڪيا، جيڪي دنيا جي پهرئينءَ صف جي عظيم ماڻهن ۾ فخر سان بيهڻ جي لائق هئا، اِهو اُنهن عظيم شخصن جي برڪت ۽ عمل جو ئي نتيجو هو، جو ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي وطن مان نڪتل لکين سنڌي ماڻهو هِتي توڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي محنت، لائقيءَ، حوصلي ۽ تجربي جي آڌار تي، تمام گهڻين تڪليفن ۾ ناسازگار حالتن کي ڪاميابيءَ سان مُنهن ڏيئي، ڪنهن به ٻيءَ قوم جي ماڻهن جي حقن ۽ مفادن کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ، بلڪ سڀني سان مُٺ محبت ۾ رهي ۽ اُنهن جي سهائتا ۽ وڌ ۾ وڌ خدمت چاڪري ڪندا، پاڻ پنهنجن پيرن تي پختا ٿي بيهي سگهيا. سنڌي قوم جي هندو جاتيءَ جو اِهو گذريل ڏيڍ سؤ سالن جو، سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر جي دنيا ۾، پنهنجي لياقت، همت، ديانتداريءَ، محنت ۽ دانشمنديءَ جو ڪردار، تاريخ ۾ هڪ عظيم ۽ بي مثل ڪردار آهي، جنهن جو علمي ۽ تاريخي جائزو وٺڻ ۽ اُن جو پورو قدر ڪرڻ، اڄ جي سڀني عالمن، اديبن، تاريخ نويسن ۽ سياسيات ۽ سماجيات جي ڄاڻن ۽ ڪارڪنن جو فرض آهي.

هندو مسلم مسئلو، ورهاڱي کان پوءِ به، پاڪستان ۾ توڙي هِتي ڀارت ۾، حل ٿي نه سگهيو آهي. ورهاڱو جنهن کي اِن مسئلي جو واحد حل چيو ويو هو ۽ اُن ئي خيال کان اُهو قبوليو ويو هو، سو اُن مسئلي کي حل ڪرڻ م ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. هاڻي ٻنهي ملڪن ۽ پڻ دنيا جي پالٽڪس ۽ اسٽيٽسمنشپ جي اِها ذميداري آهي ته اِن مسئلي جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ علحدگيءَ جي بدران ايڪي، نفرت بدران محبت ۽ اَڻسهپ بدران سهپ جي بنياد تي اُن جو ٻيو ڪو بنيادي ۽ حقيقي حل ڳوليو وڃي. قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ”کليل دل، جمهوري انداز ۽ نئين جوڙ جڪ“، جنهن روشني کي گورباچيف جي اصطلاح ۾ ”پيريسترائيڪا“ جي صورت ۾ دنيا جي آڏو آندو ويو آهي، اُن روش جي اڄ جيتري ضرورت براعظم هندو پاڪ جي ماڻهن کي درپيش آهي اوتري شايد ئي دنيا جي ٻئي ڪنهن خِطي جي ماڻهن کي هوندي.

هيءَ آخري ڳالهه چئي، مون اديب جي حيثيت ۾ هڪ لِبرٽي وٺڻ جي جرئت ڪئي آهي، جنهن لاءِ اوهان کان ۽ ٻين پنهنجن ۽ پراون سڀني کان معافي وٺان ٿو.

آءٌ وري به اوهان پيارن ڀينرن ۽ ڀائرن جي دليان مهرباني مڃان ٿو، جو مون کي استاد محترم سائين رام پنجواڻيءَ جي هن چوٿينءَ ورسيءَ جي سڳوري موقعي تي اوهان مهمان طور پنهنجي آڏو ويهڻ جي عزت ڏني آهي.

استاد محترم سائين رام پنجواڻيءَ جي نالي تي قائم ٿيل ”رام پنجواڻي ميمورئل ٽرسٽ“ جي سڏ تي گذريل سال جي آڪٽوبر مهيني ۾، هتي بمبئيءَ ۾ ڀاءُ ٺاڪر چاولا ۽ سندس ساٿين جي ڪوششن سان ”شاهه، سچل، سامي“ سيمينار سڏايو ويو هو. اُنهيءَ سيمينار، سنڌ ۽ هتان جي سنڌي عالمن، اديبن ۽ سڀني ٻين نيڪدل ۽ خير طلب سنڌي ماڻهن جي ميل ميلاپ ۽ اچ وڃ تي موجود رڪاوٽن کي بنهه نه، ته به گهڻي قدر لاٿو آهي.

اميد ته هاڻي وڌيڪ دلين جا در کلندا ۽ پردا هٽندا، ۽ ٻنهي طرفن کان علمي، ادبي ۽ انساني لاڳاپن جي قائم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ روشن ٿيندا. اهڙيون اوهان ۽ اسان سڀني جون مهربان دوستؤ، دلي دعائون آهن. شال اسان جون اهي اميدون ۽ دعائون ساب پون! مهرباني.

(ٽماهي ”سپون“، بمبئي 1991ع)

 

’سپوُن‘ جي خاص شيخ اياز نمبر ظاهر ڪرڻ وقت

ابراهيم جويي جي ڪيل تقرير

 

اسين سنڌي اڄ به تاريخ جي ڪم از ڪم هڪ بي مثل ۽ بي بدل انعام جا وارث آهيون، جو نالي ۾ ئي سهي پر پنهنجي قدامت ۽ اصليت جا ڌڻي آهيون، سنڌ جا، سنڌي ٻوليءَ جا، سنڌيت جا، هند، اِنڊ، اِنڊيا وغيره، اسان جي ئي انهن نالن جا بدليل ۽ وڌيل روپ آهن.

اسان جي موهن جي دڙي جي لڌل هزارين سالن جي پراڻي لِپي پڙهجي نه سگهي آهي، پر جيتري ڪجهه ٽُڪي ٽُڪي پڙهي ويئي آهي، ان ۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ئي پڙهيا ويا آهن.

اسين پنهنجي ٻوليءَ جا اديب ۽ شاعر ۽ اسان جون سڳوريون مائرون ئي سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ايندڙ پيڙهين لاءِ پنهنجي ٻوليءَ پنهنجيءَ ماتر ڀاشا جي رکواليءَ جا ذميوار آهيون، اُن جي لوڪ ڏاهپ، اُن جي ادبي ۽ علمي عظمت ۽ ان جي صحت ۽ سالميت جا، جيڪڏهن اسان جي ٻولي اسان کان ويئي، ته سڀڪجهه اسان جو ويو، اسان جي سڃاڻپ اسان کان ويئي ۽ پنهنجي ماتر ڀوميءَ سان اسان جو ناتو ويو، ۽ تاريخ آڏو اُن تان اسان جي دعويٰ به ويئي. ٻين ٻولين جي لاڳاپن سان اسين پنهنجي ٻوليءَ کي مالوَند نه ڪري سگهون ٿا، پر اُن جو مُول، اُن جو اُچار، اُن جي ڏسجندڙ صورت ۽ اُن جو وياڪرڻ اسين وڃائي نٿا سگهون.

اسان جي آڏو اسان جي ادب جا آدي بنياد ۽ پڻ ڪيئي نوان وشئه جتي به آهيون، اسان لاءِ موجود آهن، اسان جون ديومالائي ڪٿائون، اسان جا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا، اسان جون ڳاڻاٽي کان ٻاهر پنهنجون لوڪ ڪهاڻيون ۽ لوڪ گيت، اسان جا رومانوي داستان ۽ اسان جي پنهنجي سماج ۽ پنگت جون ۽ ٻئي سڄي آسپاس جون اَنيڪ ڳالهيون، واقعا، تجربا ۽ مشاهدا. ماڻهن جي ڏاڍي اونهي دک ۽ پيڙا جا، غريبيءَ جا، اوچي انساني اُمنگ ۽ اُتساهه جا، ۽ وڏي ڳالهه ته خاص اسان تي آيل پنهنجي تاريخي آپدا جا. اسان جي آڏو پنهنجي ساهت جو قومي ۽ عالمي ڪارج به ائين ئي موجود آهي جيئن دنيا جي ٻين ٻولين جي ساهت آڏو، قومي سگهه ۽ شان وڌائڻ ۽ قومي سوڀ پائڻ جو، عالمي امنُ، عالمي پيارَ، عالمي آزاديءَ ۽ ايڪي جي وڌائڻ ۽ زور وٺائڻ جو.

شاعري، ادب جي سڀ کان وڏي جاندار ۽ ساهس ڏيندڙ صنف آهي، اسان جي سدا حيات شاعرن، شاهه، ۽ ساميءَ، ۽ اسان کان تازو وڇڙي ويل پر اسان وٽ سدا موجود نارائڻ شيام ۽ اسان جي حال حيات سنڌ ۽ هند جي شاعرن، جن جو سَرَ موڙ اياز آهي، اسان کي دنيا جي قومن سان وک ۾ وک ملائي، ڪنڌ اوچو ڪري هلڻ جو سليقو ۽ حق بخشي آهي. اسان وٽ پنهنجي ماتر ڀاشائي اصطلاح ۾ پنهنجي ڌرم ۽ مذهب جي تعليم موجود آهي، جيڪا پڻ اسان لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي قومي وجود جي سڃاڻپ ۽ بقا جي ضمانت آهي.

1937ع کان پوءِ هتي ڀارت ۾ ڀانت ڀانت جا سنڌي ڪتاب ڇپيا آهن، هر موضوع ۽ مضمون تي ڇپيا آهن. انهن جو تعداد ۽ معيار ڏسي، اسان جي دل فخر ۽ خوشيءَ سان ڀرجيو ٿي وڃي، اصل ائين ڄڻ اسان جي ادب لاءِ ڪو ورهاڱو ٿيو ئي نه هو، ۽ هوڏانهن سنڌ ۾ پڻ اسان جي ادب جي گوناگون اشاعت اڳي کان اڳري آهي.

گذريل هفتي، هفتيوار ”جهولي لال“، پنهنجي سلور جوبليءَ جي موقعي تي، احمدآباد مان ”نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز“ جو خاص نمبر شايع ڪيو. هڪ سال اڳ 1989ع جي آخر ۾، نارائڻ شيام جي نڪور غزلن جو مجموعو ”بوند، لهرون، سمنڊ“ جي نالي سان، سنڌ ۾ وڏي آب تاب سان پڌرو ٿيو هو. اڄ ٽماهي رسالي ”سپوُن“ جنهن جولاءِ هڪ حقيقت طور ائين چئي ٿو سگهجي ته اهو سنڌ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ جون هتي سڪون ٿو لاهي، اُن جي ”اياز نمبر“ جي خاص اشاعت جو مهورت ٿيو. اِهي سڀ ڳالهيون اسان جي ادب ۽ قومي زندگيءَ جي روشن مستقبل لاءِ، تحقيق، وڏي هڪ نيڪ فال آهي.

اسين اديب ۽ شاعر، پيار جي اُڻت جا ڪوُري آهيون. اسان جي ڀلاري ڀٽائي گهوٽ چيو آهي:

هلو هلو ڪورئين جتي نپجي نينهن،

ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇنڻ مُور نه سکيا.

هيءَ وشال ڌرتي، جنهن کي Mother Earth ٿا چئون، ”ڌرتي ماتا“ ٿا چئون، هڪ آهي، ويس ۽ روپ اُن جا گهڻا آهن، وڌجن ۽ گهٽجن به ٿا. اسان جي لالؤن لال لطيف ڌرتيءَ جي اِن هيڪڙائيءَ لاءِ، ۽ رنگ بدل لاءِ، ۽ اُن جي سلامتيءَ، ۽ سڀني اُن جي واسين جي آزاديءَ، خير ۽ خوشحاليءَ لاءِ پنهنجي اوچي اُڌمي جو اظهار ڪندي، چيو آهي:

موٽي مانڊاڻ جي واري ڪيائين وارَ،

وِڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌارَ،

ڪي آڻي ويون اِستنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پارُ.

ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سازَ،

ڪي رسي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي، قنڌارَ،

ڪي دهليءَ، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنارَ،

ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏٺا بيڪانير بڪارَ،

ڪنهين ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍارَ،

ڪنهين اچي اَمرڪوٽ تان، وسايا ولهارَ،

سانئيم! سدائين ڪريان، مٿي سنڌ سڪارَ،

دوس! مٺا دلدار! عالَمَ سڀ آباد ڪرين!

 

اسين سنڌي اديب ۽ شاعر، هند جا ۽ سنڌ جا، پنهنجو مرشد لطيف جي انهيءَ ڏَسَ جا، ۽ اِنهيءَ پد جا پانڌي آهيون ۽ اِنهيءَ جڳ ايڪتا ۽ عالمي خير جا دعاگو آهيون.

۽ هاڻي ان سلسلي ۾ دوستو، موقعي سارو، اياز جون ٻه وايون پڙهي، اوهان کي ٻڌائيندس، ۽ پوءِ اوهان کان اجازت وٺندس. اياز جون هي ٻه وايون، سندس تازي هڪ شعري مجموعي، جنهن کي هُن پنهنجي دوست نارائڻ شيام جي وڇوڙي تي، لطيف جي ئي هڪ اَمر سٽ تان کڻي، ”جهڙ نيڻان نه لهي!“ جو دل ڀڄائيندڙ نالو ڏنو، اُن جي صفحن 130 ۽ 131 تي آيل آهن. هڪ وائيءَ ۾ اياز پنهنجي آدرش کي، پنهنجي محبوب طور، من جي پوريءَ آشا سان، مخاطب ٿيندي، ۽ ٻيءَ ۾ اُن جي ساڀيان واريءَ صورت کي سامهون ڏسندي، ڳايو آهي:

مان ڀانيان مون جيئري اچڻي آهين تون،

آءٌ نه مرندس اڳّ ۾.

اُرهه اڀاري گج مان، واسي واسَ چڳون،

اچڻي آهين تون،

سُرهاڻيون ٿيندي سوين، مان ڀانيان هيءَ ڀوُن،

اچڻي آهين تون،

آءٌ نه مرندس اڳّ ۾.

ٻي وائي:

ڪوُنجن قطارون، آءٌ ڏسان ٿو اُڀ ۾،

مون تائين پهچي ويون، مَين مَهارون،

آءٌ ڏسان ٿو اُڀ ۾.

ساڀيا سان سرچي ويون، سپنن جون سارون،

آءٌ ڏسان ٿو اُڀ ۾.

ڌرتيءَ منهنجي ديس جيءَ، لاٿيون ميارون،

آءٌ ڏسان ٿو اُڀ ۾.

ڪونجن قطارون،

ڪونجن قطارون،

آءٌ ڏسان ٿو اُڀ ۾.

(ٽماهي ”سپون“ بمبئي ....... تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org