محمد ابراهيم جويو ۽ سندس خوابن واري سنڌ
پروفيسر اعجاز قريشي
اتهاس جو ڪوبه يگ ڪُلي طرح انسان ذات جي اجتماعي
چڱائيءَ وارو نه رهيو آهي، نه ئي اسين اتهاس جي
ڪنهن دور کي عوامي معنائن ۾ سونهري دور چئي ٿا
سگهون، ڇاڪاڻ ته اتهاس ۾ عوام جي مڪمل حڪمرانيءَ
جو واقعو ڪڏهن به ڪٿي به پيش نه آيو آهي، ان ڪري
ڪل بني نوع انسان جو ماضي ڪڏهن به شاندار نه رهيو
آهي. هيءَ تاريخ، دنيا جي مختلف قومن، سماجن ۽
ملڪن جي هڪ طرح سان، دردن جو داستان ئي آهي.
ٻي معنيٰ ۾، انساني اوسر جي سفر ۾، اسان کي انساني
عظمتن جا هنڌين جڳهين اعليٰ ۽ معياري نشان به ملن
ٿا. هيءَ دنيا، هيءَ مهذب ۽ سڌريل دنيا، سڄي جي
سڄي انساني پورهئي جي پيداوار آهي. دنيا جا سڀ
وڻندڙ رنگ، سهڻا ۽ ملوڪ روپ ۽ روح پرور روشنيون
انساني پورهئي جو نتيجو آهن، جيتوڻيڪ پورهيو ڪندڙ
هٿ، پنهنجي پورهيي جو ڪنهن مطمئن ڪندڙ حد تائين به
لاڀ نه ماڻي سگهيا آهن، پر ان هوندي به انساني
عظمت ۽ وڏائيءَ کان ڪوبه انڪار نه آهي.
هيءُ اتهاس، اهنجن ۽ ڏکن ڀريو اتهاس هونءَ ته اسان
لاءِ ڪي به معنائون نه به رکندو هجي، پر ائين به
آهي، ته ان جون اسان مٿان، ٿوريون ئي سهي پر ڪي
مهربانيون، ڪي وڙ به آهن ۽ ان جون اسان کي ڏنل
سوکڙيون به آهن.
اهي سوکڙيون اسان کي جاکوڙي، انقلابي، سچن ۽ وطن ۽
وطن واسين سان باوقار رهندڙ شخصيتن جي روپ ۾ مليون
آهن. اتهاس جي وسيع ۽ اپار برپٽن ۽ صحرائن ۾ اهڙا
ڦول ٽڙندا رهيا آهن ۽ صدين کان سِڪايل ۽ سڪيل روحن
لاءِ خوشبوءِ پکيڙيندا آهن، اهي عظيم ماڻهو قومن،
ملڪن ۽ سماجن واري وٿاڻ مٿان ڪنهن موسلا ڌار مينهن
وانگي وسي، ان کي گل ۽ گلزار ڪندا رهيا آهن.
اهي مهان هستيون پنهنجن آدرشن وسيلي نوان امڪان
آڇينديون رهيون آهن، ۽ تصورن، سوچن ۽ خيالن جا
نوان نظام تخليق ڪنديون رهيون آهن، ادراڪ جي اٿاهه
گهراين مان مثبت تبديلين جا املهه موتي ميڙي،
عاملن لاءِ آڻينديون رهيون آهن، اهي هستيون، غير
معمولي ۽ غير رواجي هستيون، پنهنجي پنهنجي همعصر
دور ۾، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ، ڪوڙ ۽ باطل، وهمن ۽ وسوسن ۽
رات ظلمات جي قوتن جي جوڙيل سموري سٽاءَ سان، ذهن
توڻي جسماني طرح ٽڪرائينديون آهن، اهي مهان ۽
يگانا ماڻهو، پنهنجي انفرادي ۽ ناسوتي مفادن جي بي
معنيٰ اڪيلائيءَ مان اٿي، اجتماع جي امنگن، خواهشن
۽ خوابن جي با رونق وسعتن ۾ نروار ٿي بيهندا آهن ۽
هڪ نئين لاهوت سان لنئون لڳائنيدا آهن، جيڪو سچ جو
ساکي هوندو آهي، اهي مهان ماڻهو، پنهنجي خارجي
توڻي داخلي سفر ۾ وڏا ڪشالا ڪٽيندا آهن ۽ ڪڏهن تتل
ته ڪڏهن ڪنڊن ڀريل رستن تان گذرندا آهن پر سندن
وات تي اها ئي وائي هوندي آهي:
”ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن،
آڱر آڱوٺي نه مِڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين، ”جتي جات نه پائيان“.
اهو پرينءَ جو پيچرو، اها سچ، خير ۽ خوبيءَ ڏانهن
ويندڙ ڦلڙيون ڦلڙيون راهه ڪا ايڏي سولي به نه آهي،
ان لاءِ ذهني بيداري ۽ شعور جي پختائپ ۽ اوچائي،
بهرحال، گهربل آهي. سچ جو سڏ ورنائڻ دنيا جي وڏي ۾
وڏو تياڳ آهي. جڏهن به ڪنهن سچ جي صدا بلند ڪئي
آهي يا ان تي لبيڪ چيو آهي ته روءِ زمين جون سڀ
باطل قوتون، پنهنجن سمورن انتظامن ۽ اهتمامن،
پنهنجي پوري سگهه ۽ لشڪر خزاني سان ساڻس ٽڪرائڻ
لاءِ تيار ٿي وينديون آهن.
هيءُ جهيڙو، سچ ۽ ڪوڙ، حق ۽ باطل جو جهيڙو ڪو نئون
به نه آهي، اتهاس جا سڀ دور مثبت ۽ منفي قوتن وچ ۾
جهيڙي جا دور رهيا آهن. ڪوڙ ڪنهن نه ڪنهن طرح،
مختلف حربن سان، چالاڪين سان، دوکن سان، درٻار جي
بنياد تي، سپاهه ۽ جاسوسن جي آڌار تي، سازشن جي
سهاري، جبر ۽ ڏاڍ جي ٻل تي، اختيار جي بانور تي
کٽندو آهي، پر سندس اها فتح ۽ فتح جو احساس، عارضي
هوندو آهي. سچ، ظاهري طرح هارائيندي به اتهاس جي
ڊگهي سفر ۾ پنهنجي جيت مڃائي ئي وٺندو آهي. سچ جي
جيت يا حسن ۽ خير لاءِ ڪيل ڪوشش جا نتيجا ڪو معجزو
ناهن، هيءُ مقدار جي لڳاتار ٻاڦ مان گهٽا گهنگهور
بنجي، معيار جي مينهن بنجڻ جو عمل آهي.
مقداري تبديلين کي معياري تبديلين ۾ بدلائڻ جو جس
هر طرح سان محڪوم ۽ مظلوم طبقن، قومن ۽ سماجن جي
ساٿاري ۽ انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود لاءِ
جاکوڙيندڙ اتهاس جي وڏن انقلابين، ڏاهن ۽ مؤجدن جي
ڀاڱي ۾ وڃي ٿو. هن دنيا کي عقل تي آڌاريندڙ دنيا
بنائڻ ۾، ۽ شين، لقائن ۽ ڳالهين کي حقيقي طرح سان
سمجهڻ جي سلسلي ۾ انهن ماڻهن جو وڏو اهم ڪردار
رهيو آهي.
اسان جي سنڌ به اتهاس جي
هر دور ۾ اهڙا منهدار ۽ مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا
آهن، پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جي خوشحالي، آزادي ۽
سک لاءِ پنهنجي وجود جون سموريون توانايون خرچ
ڪيون. جيتوڻيڪ اسان کي سنڌ جي اتهاس جا وڏا ڪردار
سورمن ۽ جوڌن جي روپ ۾ ملن ٿا، پر ويجهي ماضيءَ ۾
جهاتي وجهڻ سان اسان کي اها به پروڙ پلئه پوي ته
سنڌ هاڻي رڳو گهوڙن ۽ گهوٽن جي ڌرتي ناهي، هيءُ
رڳو آرڻ مان مولهيا رتا ڪري موٽڻ وارن جو ماڳ
ناهي، هيءَ ڌرتي هاڻي ”بهادر گڏيا بهادرين“ واري
لقاءَ مان نڪري آئي آهي. هاڻي اسان جي جديد دور جا
سورما، پنهنجي قلم ۽ زبان وسيلي نون خيالن ۽ آدرشن
سان ٽمٽار ذهني سگهه جو اظهار ڪري، هڪ وڌيڪ
لاڀائتي، مائيدار ۽ بامعنا ويڙهه وڙهي رهيا آهن.
لاريب! ايندڙ زمانن ۾ اسان تي ڪوبه اهڙي ميار نه
رکندو ته اسان اتهاس جي هر زماني ۾ رڳو هارائڻ
وارن جي قطار ۾ ئي بيٺل ڏٺا ويا آهيون.
هيءُ احساس، هيءُ ويساهه ۽ عزم جي هيءَ بلندي،
اسان جهڙن ماڻهن ۾ تڏهن جاڳندي آهي، جڏهن اسين
جديد سنڌ جي انهن ڪردارن ڏانهن ڏسندا آهيون، جن
پنهنجي وطن ۽ وطن واسين لاءِ، انهن جي جياپي ۾
جيئندان لاءِ، وڏي رٿابنديءَ سان، جذبي سان، محبت
۽ محنت سان پئي پتوڙيو ۽ جاکوڙيو آهي. اسان جي
جديد سنڌ جي انهن اڏيندڙن ۾ محمد ابراهيم جويي جو
ٻاجهارو وجود، سڀ کان وزندار ۽ اوچو نظر اچي ٿو.
سنڌ کي عقل تي آڌاريندڙ سماج بنائڻ لاءِ سائين
محمد ابراهيم جويي جي فڪري ۽ علمي پورهئي جي وسعت
کي پرکڻ جي بنهه گهڻي گهرج آهي. جويي صاحب جي فڪر
جي روشنيءَ جو ظهور، اسان جي سماج جي پورب وٽان،
آهستي آهستي ٿي رهيو آهي، ان جو جولان وقت گذرڻ
سان وڌندو ئي رهڻو آهي. جيئن جيئن سنڌي قوم،
پنهنجي قومي احساس سان نيون راهون تلاشيندي ته
جويي صاحب جو فڪر، مهربان مددگار جيئن ان سان گڏ
هوندو. جويي صاحب جو فڪر، هڪ ئي وقت ٻن ڌارائن جي
روپ ۾ ڏسجي ٿو. هڪ پاسي اهي تلخ معروضي مسئلا آهن،
جن کي اسان جي اڄ جي سنڌ، منهن ڏئي رهي آهي، انهن
سان سنڌ جا موجوده دور جا حق ۽ مفاد سلهاڙيل آهن،
اهي مسئلا تڏهن کان وٺي اسٽيٽسڪو جي حالت ۾ رهيا
آهن، جڏهن کان اسان جي سدا ملوڪ سنڌ هن مملڪت
خداداد پاڪستان جو حصو بڻي آهي. اسين اهو ڏسون ٿا
۽ ڄاڻون به ٿا، ته اسان جي ڳاڻ ڳڻين ڏاهن ۽ عالمن،
اديبن ۽ استادن جون لکڻيون گهڻي ڀاڱي هاڻوڪي دور
جي معاملن ۽ مسئلن جي چوڌاري ڦرن ٿيون ۽ سندن
علمي جدوجهد به ان ئي دائري ۾ ڦري ٿي.
اهو هڪ بهتر عمل آهي ته حال جي حقيقي مسئلن کي
منهن ڏيڻ ۽ حالتن کي پنهنجي وطن ۽ وطن واسين جي حق
۾ ڪرڻ لاءِ جو به ٿي سگهي، اهو ڪجي. انهيءَ ڌارام
به جويي صاحب پاڻ ملهايو آهي. خاص طرح سنڌ ۽
پاڪستان جي تعلق ۾ پاڻ پيرائتي نموني پئي لکيو
اٿائون، ۽ اڄ جي سنڌ جي سورن ۽ اهنجن جا ڪارڻ پئي
ٻڌايا ۽ ڳڻايا اٿئون، پر جويي صاحب جو فڪري
پورهيو، پنهنجي ڪمال بيهڪ سان، اسان کي سڀاڻي واري
سنڌ سان به سلهاڙيل نظر اچي ٿو. اها اسان جي خوابن
۽ امڪانن واري سنڌ، جنهن لاءِ اسين حال جي مسئلن
سان برسر پيڪار آهيون. اها سنڌ ڪيئن هجڻ گهرجي؟
جڏهن سنڌ پنهنجي مقداري تبديلين مان گذري ڪنهن
معياري تبديليءَ سان وڃي همڪنار ٿيندي، ته انهيءَ
معياري تبديليءَ کي لڳاتار ۽ برقرار رکڻ لاءِ ڇا
ڪرڻو پوندو؟ جويي صاحب جي انهيءَ فڪري پاسي جو
اڀياس ڪرڻ بنهه لازمي آهي. هو رڳو سنڌ جي مادي
مسئلن تي ئي نظر نٿو رکي، پر ان سان گڏ روحاني
(سائنسي معنائن ۾) ۽ اخلاقي مسئلن تان به پنهنجو
ٻاجهارو ذهن هٽڻ نٿو ڏئي. هو سنڌ کي هڪ نئين،
تبديلين کي پنهنجائيندڙ ۽ چڱاين جي پاڻ ۾ گنجائش
رکندڙ سماج ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ، هڪ نئين ۽ نج نبار
ماڻهوءَ جي تخليق لاءِ پنهنجي فڪر جي چڪ تي خيالن
جا پنوڙا چاڙهيندو رهي ٿو. اسين اهو چئي سگهون ٿا،
ته جڏهن اسان جي ماتر ڀومي سنڌ حال جي مامرن ۽
مسئلن مان اڳتي اُڪري، ڪنهن نئين، گذريل ڇهن ڏهاڪن
کان وڌيڪ گذريل عرصي دوران هر هر ساريل ۽ سنڀاليل،
خواهش ڪيل ۽ اسان جي تصورن ۾ ساهه کڻندڙ نصب العين
کي ماڻي وٺندي ته اڳتي سفر ۾ جويي صاحب جو فڪر هڪ
رهنما اصول جي روپ ۾ اسان سان گڏ هوندو. ان حساب ۾
اسين اهو به چئي سگهون ٿا، ته جويو صاحب، هڪ اهڙو
ڏاهو آهي، جنهن جا اصول، قدر ۽ آدرش، دائمي نوعيت
جا آهن.
جويي صاحب جي ذات، علم ۽ ڏاهپ جي ڪيترن ئي شعبن ۾
ورهائي پئي آهي. سندس ڏاهپ ۽ فڪر جي ڪٿ لاءِ ورهين
تائين، رٿابنديءَ سان ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي، پر هتي
موقعي جي مناسبت سان هيءَ ڳالهه ڪرڻ مناسب رهندي
ته جويي صاحب جي علم ۽ ڏاهپ جي مڙني شعبن جو محور
۽ مرڪز سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوئي رهيا آهن، هو انهن ٻنهي
جي ترقي ۽ بَچاءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽
بچاءَ سان ڳنڍيندو رهيو آهي:
”قوم ٿي زندهه رهي، پر جي زبان زندهه رهي“
سنڌي ٻوليءَ تي اسان جي ڪيترن ئي ٻوليدانن، محققن
۽ عالمن ڪم ڪيو آهي ۽ گهڻو بهتر به ڪيو آهي. سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ، گرامر ۽ ان جي بناوت ۽ لغتن تي،
جيڪو به ڪم ٿيو آهي، اهو هر طرح ساراهه جوڳو آهي.
ٻوليءَ جي انهن پاسن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جويو صاحب
به پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي، ته ٻين ٻوليدانن، عالمن
۽ محققن کي اتساهيندو به رهيو آهي، ۽ سندن رهنمائي
به ڪندو رهيو آهي.
پر سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ جويي صاحب پاڻ پنهنجي
حصي تي بنهه الڳ نموني جو ڪم به کنيو آهي، اهو
آهي: ”سنڌي ٻوليءَ جو سياسي ڪيس“ ٻوليءَ جي سياسي
پهلوءَ تي پاڻ گهڻي کان گهڻو لکيو اٿن. ان کان
سواءِ جويي صاحب سان گڏ اسان جا ٻيا به ڪيترائي
هردلعزيز ڏاها ۽ عالم بيٺا آهن ۽ ٻوليءَ تي ڀرپور
نموني لکندا رهيا آهن پر حصي پتي جي لحاظ کان پاڻ
ٻين کان نروار بيٺا آهن.
انهيءَ جو سبب شايد اهو ئي آهي ته گڏيل هندستان جي
ورهاڱي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي قيام ۽ سنڌ جي
ان ۾ شموليت واري واقعي کان پوءِ واري زماني ۾،
سنڌ تي هر پاسي کان يلغار پئي ٿي آهي، اسان کان
اسان جا تاريخي، ثقافتي، سياسي، سماجي ۽ معاشي حق
کسيا ويا آهن، اسان جي جيئڻ جي وسيلن تي قبضو ڪيو
ويو آهي، اسان کان اسان جا شهر کسي ڌارين جي حوالي
ڪيا ويا آهن، اسان کان اسان جو ساهه پساهه سنڌو
درياهه کسيو ويو آهي، اسان جي تعليم ۽ ٻيا سماجي
نظام ۽ ڍانچا تباهه ڪيا ويا آهن، پر انهيءَ هوندي
به، اسان جيڪڏهن ڪا شيءِ بچائي سگهيا آهيون، ته
اها اسان جي ٻولي آهي، انهيءَ جو احساس اسان جي
اديبن، عالمن، ڏاهن ۽ استادن کي به آهي، ته ان سان
گڏ انهن کي به اهڙو احساس آهي، جيڪي اسان جي تباهه
حاليءَ جا اصل ذميوار آهن، اهڙيءَ ريت، مختلف وقتن
تي مختلف سازشي پروگرامن، رٿائن ۽ پاليسين وسيلي
سنڌي ٻوليءَ کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿينديون
آهن، ته جيئن سنڌي ماڻهن کان سندن قومي تشخص مڪمل
طرح کسي وٺجي. انهيءَ رخ کان معاملن کي جاچينداسين
ته ان چوڻ جهڙا هونداسين ته سنڌي ٻولي هن ملڪ جي
اڇي ڪاري جي مالڪن کي سندن ميرن ۽ ناپاڪ عزمن ۽
ارادن جي حاصلات جي راهه ۾ هڪ ديوار بڻيل رهي آهي.
اسان کي اها پڪ رکڻ گهرجي ته جيستائين جويي صاحب
جهڙا مضبوط ڪردار موجود آهن، تيستائين سنڌي ٻوليءَ
خلاف ٿيندڙ رياستي سطح جي سازشن کي ناڪامي ۽
پسپائي ئي پلئه پوندي.
وقت جا وهڪرا به گهڻا تکا ۽ تيز ٿيندا آهن ۽ حالتن
جا پنهنجا اثر ٿيندا آهن، اهي اثر مثبت به ٿين ٿا
ته منفي به. اسين پنهنجي سنڌ جي ويجهي اتهاس کي
ڏسون ٿا، ته ڄاڻون ٿا ته اسان جا ڪيترائي ڏاها
اديب ۽ عالم وقت ۽ حالتن جي منفي اثرن جي گهيري ۾
اچي ويا ۽ انهن سچ جي علمبرداري ڇڏي ۽ سوديبازي ۽
مصلحتن راهه ورتي ۽ بنهه ماڻهو ئي ٻيا ٿي پيا.
اسين اهو به ڏسون ٿا ته اسان جا ڪيترائي ڳاڻ ڳڻيا
۽ مهندار ماڻهو، وقت هلندي، مايوسين جي ور چڙهي
ويا، انهن کي پنهنجو پورهيو اڪارج ۽ اجايو محسوس
ٿيو. مسئلو هيءُ آهي ته وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ
سان نڀاءَ وارا معاملا بنهه سخت پورهيي، مستقل
مزاجي، ذهني پختائپ ۽ ارادي جي مضبوطيءَ سان مشروط
آهن. اهي معاملا وڏين وابستگين ۽ قربانين جا
گهرجائو آهن، جن کي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون
آهن، جن کي انهن کي ويهڻ جو وڙاءُ نه وڻندو آهي،
انهن کي ٿڪ جي احساس نه ٿيندو آهي، اهي مايوسين جي
غارن ۾ لهي ڪونه ويندا آهن، اهي انهيءَ وطن دوستي
۽ انسان دوستيءَ جي ڊگهي مسافت ۾ وڏن منزلن جي
حاصلات کان اڳ ننڍين ننڍين ڪامياب وکن کي پنهنجو
اتساهه بنائيندا آهن، ۽ اهڙو اتساهه سندن منزل ۾
ويساهه کي تازو توانو ۽ نج نبار رکندو آهي، اهي
حيات سڌار نظريي جي پوئواريءَ ۾ انهن کنيل وکن جي
ڳاڻيٽي مان مزو ۽ سرور ماڻي، عزم جي اوچائين کي
برقرار رکندا آهن:
او مڌ ماتا هوريان هل!
منزل آهي هر هڪ پل.
جويو صاحب به اسان جي علمي ۽ فڪري دنيا جو اهڙو
ڪردار آهي، جيڪو ڪڏهن به ٿڪو نه آهي، هن نه ته
ڪڏهن پوئتي ڏٺو آهي (ڇاڪاڻ ته هن جي سنڌ ديس ۾
موٽڻ، پوئتي ڏسڻ يا بيهي رهن کي مهڻو سمجهيو
ويندو) نه ئي ڪڏهن مايوس ٿيو آهي. اڄ 100 ورهين جي
ڄمار ۾ به پاڻ اسان کي ”سنڌ منهنجي خوابن جي“ جهڙا
ڪتاب آڇي رهيو آهي. هن مهان ڏاهي نه ته ڪڏهن سنڌ ۽
سنڌ واسين ۽ ڪل بني نوع انسان جي چڱائيءَ لاءِ
سوچڻ ڇڏيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن سوچن جي اظهار ۾ ڪا
دير ڪئي آهي، پاڻ اڃا تائين پنهنجن فڪر انگيز
لکڻين سان اسان جي رهنمائي ڪندو رهي ٿو. هُو
پنهنجي فڪري سفر ۾، ڪڏهن به واٽ تان نه ٿڙيو آهي.
اڃا تائين هو ڪنهن ازلي حقيقت وانگي آهي ۽ اسٿر ۽
اڏول بيٺل آهن هماليه وانگي، سندن سوچن ۽ خيالن ۾
اڃا به اها ئي گرمي ۽ رواني آهي، سنڌوءَ وانگي، ۽
هُو اڃا تائين اسان جو اُتساهه آهن، سنڌ وانگي.
هن موقعي تي مون کي پنهنجي دوست ۽ شاعر علي آڪاش
جي جويي صاحب کي پيش ڪيل شاعراڻي خراج تحسين جون
هي سٽون ياد پون ٿيون:
تو لئه موت ته ڪا شيءِ ناهي،
تون ڄاڻين ٿو:
ساهن جي هيءَ مالهه ڪڏهن ڀي،
ڦرندي رڪجي ويندي آهي،
توکي ڪا پرواهه به ناهي.
نوَ ڏهاڪا هجر جي رستي
وصل جي لال اميد جو گهوڙو
بنجي ڪو طوفان ڊڪيو آ
ڪين رڪيو آ
تر ۾ سنبران
تو جئن ڪوبه سوار نه سائين!
هن وهيءَ ۾ هيءُ ڪشالو
ڪٽڻ ڇڏين ها،
تنهائيءَ ۾ جُهڳي اڏين ها
ڪير چوي ها:
سندءِ ڪمائي
وئي اجائي
پر ڪجهه آهي جنهن جي خاطر
ويهڻ جو نه وڙاءِ وٺين ٿو
وهم وسوڙل هن ڌرتيءَ سان
پنهنجو پورو وس واڳين ٿو،
تون جاڳين ٿو
سارو لوڪ ستو پيو آهي
جند ۾ توکي ڪنهن خنجر جو
ڇا لئه پاند کتو پيو آهي!
وسري ويو آ
سڀ کان ڳٽ غلاميءَ وارو
پر ڏئي سٽ ڇنڻ ٿو چاهين،
ڏاها تنهنجو ڏڍ غضب جو،
۽ هي تنهنجو وڍ به گهرو
هن پيريءَ ۾
سون سريکي زنجيريءَ ۾
آزاديءَ جو پتلو چاهين
چئه ٿو چاهين!
جويي صاحب جو اهو عظيم ۽ مستقل سفر علمي لحاظ کان
ايم.اين.راءِ جي ڪتاب 'Historical
Role of Islam' (1945) جي
ترجمي کان باقاعدي شروع ٿيو. انهيءَ کان پوءِ سنڌ
جي حقن جي بچاءَ جو پهريون باضابطا دستاويز 'Save
Sindh, Save the continent' (جون
1947ع) ۾ منظر تي آيو، تنهن کان پوءِ ايملي عرف
تعليم، وحشي جيوت جا نشان، فڪر جي آزادي، گيليلو،
شاهه سچل سامي، ٻارن جو مسيح، ماڻهوءَ جو ڀاڳ،
فلسفي جو ابتدائي ڪورس، علم تدريس مظلومن لاءِ، مٺ
مٺ موتين جي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (ٽي ڀاڱا)، چار
خطن جا مجموعا، ان کان علاوه سندس ڪتاب سيڪيولرزم
۽ عقليت پسندي ۽ سنڌ منهنجي خوابن جي، ڇپجي پڌرا
ٿيا آهن. سندس انگريزيءَ ۾ لکڻيون ٻن جلدن ۾ The
Betrayal, Sindh Bides of day for freedom جي
عنوان سان ڇپجي پڌريون ٿيون آهن.
پاڻ ٻيا به لاتعداد مضمون ۽ مقالا لکيا اٿن، ڪيترن
اهم ڪتابن جي نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ ڪئي اٿن. جيڪڏهن
رڳو سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي وسيلي هلايل
علمي ۽ ادبي تحريڪ (1951ع کان 1963ع تائين) تي نظر
وجهبي ته اسان کي مڃڻو پوي ٿو، ته سنڌي ادب کي
علائقيت کان ڪڍي عالمگيريت سان سلهاڙڻ، ان ۾ نواڻ،
ترقي پسند لاڙا ۽ رويا اجاگر ڪرڻ ۽ انهن سمورن
اپائن وسيلي هڪ نئين سنڌ جي تخليق ڪرڻ ۾ جويي صاحب
جو بنيادي ڪردار رهيو آهي.
رڳو ايترو ئي نه، پر پوئين ڇهن ستن ڏهاڪن ۾ نثر
توڻي نظم ۾، سنڌ ۾ جيڪي به شاهڪار تخليق ٿيا آهن،
انهن جي پسمنظر ۾ گهڻي ڀاڱي جويي صاحب جي شفيق ۽
رهنما هستي هڪ محرڪ طورموجود رهي آهي، ائين اسين
ڏسون ٿا، جيئن سنڌ جي مها ڪوي شيخ اياز به چيو هو
ته جويي صاحب پنهنجي فڪر ۽ فڪري پورهيي سان محبت
وسيلي اسان تي هڪ دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا، ۽ اوچتو
ئي سنڌ جي شعور توڻي روح جون ڳنڍيون کلي ويون ۽
نظر ۽ نظارا مٽجي ويا. گذريل ڇهن ڏهاڪن کان سنڌ جو
علمي ۽ فڪري سفر ڪنهن نه ڪنهن طرح جويي صاحب جي
ڏيکاريل رستن، سيکاريل ڳالهين جي پوئواريءَ ۾ طئه
ٿيو آهي. هن پنهنجي ڪم ۽ عمل سان پنهنجي همعصر دور
کي وڏيءَ حد تائين متاثر ڪيو آهي. هن جي سيرت جي
سونهن ۽ بصيرت جي فيض جا سڀ ئي قائل آهن. هن گڻن
سان ٽمٽار انسان جي فڪر جي زمين گهڻي زرخيز آهي،
جيڪا صدين تائين سنڌ ۽ سنڌ واسين کي گهڻو ڪجهه
آڇيندي رهندي.
جويو صاحب جي خوابن واري سنڌ جي تعلق ۾، آءٌ اهو
چوڻ چاهيندس ته پاڻ سڀ ڄمار اعليٰ انساني قدرن،
سوچن، تصورن ۽ آدرشن جو پرچارڪ ۽ سفير رهيو آهي.
هن سنڌي ماڻهن ۾ اهي سڀ گڻ، خاصيتون ۽ چڱايون ڏسڻ
گهريون آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي ماڻهپي جي منزل تائين
رسڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هُو اسان جي
همعصر دور جو اهڙو ڏاهو آهي، جنهن جي نظر ۾ صدين
جي حقيقت تائين وڃي ٿي. پنهنجي انهيءَ اڀياس تجربي
۽ ذهن ۽ من جو سنواريل سوچن جي آڌار تي، اهي سڀ
رويا، رجحان، سوچون تصور ۽ ڪم ۽ عمل جيڪي اسان سنڌ
وارن ۾ شڪست مڃڻ جو لاڙو پيدا ڪن ٿا، انهن کان هو
انڪار ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿو، هو سمجهي ٿو ۽ ڪيترن ئي
موقعن تي اهڙو اظهار به ڪندو رهيو آهي، ته شڪست
خوردگي انسانذات جي ترقيءَ جي راهه ۾ ديوار جئن
بيهجي ويندي آهي، ان جي مقصدن ماڻڻ جي عزم ۽ ارادي
کي زنگ لائي ڇڏيندي آهي. اها انسان کي آخري تنيجي
طور مايوسيءَ جي ور چاڙهي، ان جي مادي ۽ روحاني
زندگي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي، نه رڳو هڪ انسان، پر
هڪ قوم ۽ هڪ سماج لاءِ به پاڻ شڪست خوردگيءَ جي
احساس کي اُڏوهيءَ وانگي تصور ڪري ٿو، جيڪا قومن ۽
سماجن کي اندران کوکلو بنائي ڇڏيندي آهي، ۽ اهي
تخريب جي عمل مان گذري، اچي پٽ پوندا آهن، ان ريت
اسين ڄاڻي سگهون ٿا، ته جويي صاحب جي خوابن واري
سنڌ، جيڪا اسان جي خوابن واري سنڌ به آهي، ۾ شڪست
مڃي وٺڻ واري احساس جي ڪابه گنجائش نه آهي.
انهيءَ خوابن واري سنڌ ۾ جويو صاحب وهم پرستيءَ کي
ڪابه جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. لاريب! انسانذات
وهمن، وسوسن ۽ اجاين پورن جي پنڌ ۾ پنهنجو گهڻو
نقصان ڪيو آهي. هيءَ اها منفي ۽ غير مائيدار شيءِ
آهي. جنهن انساني تهذيب جي اوسر ۾، هر زماني ۾
رڪاوٽون پئي پيدا ڪيون آهن، ۽ سماج اندر انسان کي
پنهنجن مسئلن جي سمجهه ۽ انهن جي حل جي ڏس ۾،
گمراهه پئي ڪيو آهي. جويي صاحب جي خيال ۾ وهم
پرستي انسانذات کي عقل تي ڀروسي ڪرڻ کان روڪي ٿي،
شعور جي حقيقي وسيلن تائين وڃڻ کان روڪي ٿي،
اهڙيءَ ريت، انسان ذات وهم پرستيءَ جي انڌيرن ۾
ڀٽڪندي، غلامي بيوسي ۽ لاچاريءَ جي بي لاڀ جهنگن ۾
رهجي وڃي ٿي، ۽ وهمن سان اهڙي پڪي پختي نسبت، ان
جي استحصال ۽ ڦرلٽ کي نه رڳو سولو بنائي ٿي، پر
انهيءَ جي ڦرلٽ ۽ استحصال کي هر طرح سان جائز به
بنائي ڇڏي ٿي.
جويو صاحب پنهنجي خوابن واري سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن کي
هڪ قوم طور ڦرلٽ ۽ استحصال کان آجو ڏسڻ گهري ٿو.
انهيءَ ڏس ۾ هو شاهه لطيفرحه جو
هيءُ شعر مثال طور پيش ڪندو رهيو آهي:
نڪا جهلَ نه پلَ، نڪو راتُرَ ڏيهه ۾
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گُل
مارو پاڻ امُلَ، مَليرونِ مَرڪڻو.
ان استحصال کان آجي سنڌ جو قيام، وهم پرستيءَ جو
موجودگيءَ ۾ ممڪن نه آهي. هن مادي دنيا جون
حقيقتون، وهمن لاءِ ڪابه گنجائش نٿيون رکن، اهي
عقل ۽ شعور جي ميلاپ سان وڌيڪ نکرنديون، سڌرنديون
سنورنديون رهن ٿيون. وهم پرستي سينوارجڻ وارو
لقاءُ آهي. جڏهن ته عقليت پسندي، انسان ذات جي
بهتري، سڌاري، ڇوٽڪاري ۽ ڀلائيءَ وارو رستو آهي.
وهم پرستي، حيات سڌار روين، قدرن ۽ عملن جي نفي
آهي ۽ عاقبت سنوار نظريي جي من گهڙت خيال جي بي
فائدي حمايت آهي.
جويي صاحب جي خوابن واري سنڌ ۾ تقدير پرستيءَ لاءِ
به ڪابه جڳهه نه آهي، هو مختلف لکڻين توڻي تقريرن
۾ اهو چوندو آيو آهي ته تقدير پرستي انسان کان
پنهنجي پاڻ تان اعتماد کسي وٺندي آهي. انهيءَ اوگڻ
۽ ذهني بيماريءَ جي ور چڙهي انسان، پاڻ سان ٿيندڙ
ظلمن کي لکئي جو ليک سمجهي، چپ ڪري ويهي رهندو
آهي. جڳ جو عجب چرخو جيئن هلي چلي ٿو، هيءُ ان جو
حصو بنجي، گسندو ۽ گهلجندو آهي، ۽ سمجهڻ لڳندو
آهي، ته سندس زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجهه واقع ٿي رهيو
آهي، اهو اڳ ئي هن لاءِ طئه ڪيو ويو هو. اهڙيءَ
ريت، انسان چپ چاپ وقت ۽ حالتن جي جبر جي چڪيءَ ۾
پيسجندو رهندو آهي.
جويي صاحب جو اهو ويساهه آهي، ته انسان پنهنجي
تقدير جو ٺاهيندڙ پاڻ هوندو آهي، اها ڳالهه انسان
جي فائدي ۾ نه آهي ته هر ظلم سهندو رهي، ۽ ان تي
صبر ۽ شڪر به ڪندو رهي. هن جو خيال آهي، ته انسان
کي تدبير سان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڦيرو آڻڻ کپي. اهي
سڀ انتظام ۽ سٽاءَ جيڪي سندس غلامي ۽ مٿس ظلم ۽
جبر کي هٿي ڏين ٿا، انهن سان کيس ٽڪرائڻ گهرجي،
اهي سڀ نظام جيڪي کيس اڳتي وڌڻ ۽ هن ئي دنيا ۾
زندگي کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ لاءِ رڪاوٽ بنجي ٿا، انهن
کي جڙ کان اکاڙڻ لاءِ سڀ قوتون گڏ ڪرڻ گهرجن.
جيڪڏهن پنهنجي حياتيءَ ۾ سڌاري لاءِ کيس ٻي ڪنهن
هنڌان مدد ملڻ جو ڪو آسرو آهي، ته اها سندس وڏي ۾
وڏي ڀل آهي، هن دنيا کي، ڀائيچاري، سهپ، سماجي قرب
۽ ايڪي سان منظم ٿي، هڪٻئي سان سهمت ٿي، پاڻ
انسانن کي ٺاهڻو ۽ سنوارڻو آهي، انسان ذات جوا هڙو
تدبر، اهڙو عزم ئي، ان جي عظمتن جو ساکي ٿي سگهي
ٿو، ٻي ڪابه هن دنيا کان ٻاهرين قوت، هن لاءِ سک،
سونهن ۽ چڱائيءَ جا سامان ميسر نٿي ڪري سگهي ۽ نه
ئي هن جي دردن جي دوا ۽ آزارن ۽ اهنجن کان مُڪتي
کي ممڪن بنائي سگهي ٿي.
هي آهن جويي صاحب جي خوابن واري سنڌ جي ٿورڙا خدو
خال، جنهن کي پاڻ ”سنڌ منهنجي خوابن جي“ جو عنوان
ڏيندو آيو آهي، ۽ هن انهيءَ تصورن ۾ موجود سنڌ
تائين پهچڻ جا رستا به ڏيکاريا آهن. اهڙي سنڌ جي
تصور کي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز به هٿي ڏيندي،
هيئن چيو هو:
نيٺ ته ايندو،
نيٺ ته ايندو،
فصلِ بهارا نيٺ ته ايندو!
جيڪو ڪيئي ڦول ڦلاري
ڌرتي تي هٻڪار ته ٿيندو،
اهڙو باران نيٺ ته ايندو!
رنگ و بو يلغار ڪندا ڄڻ
صحنِ چمن ۾ رقصان رقصان
مجمعِ ياران
نيٺ ته ايندو،
نيٺ ته ايندو،
فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو!
ڪنهن چهري تي ياس نه هوندي
هيئن نه ويندي عمر اجائي
اهڙو امڪان نيٺ ته ايندو،
فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو،
هي جيڪي ناسور ٽمن ٿا
تن کي ڪو نه چتائي ڏسندو
ڪوئي درمان نيٺ ته ايندو
توڙي پاڻ نه هونداسين پر،
پنهنجي ياد ته هوندي ان سان
اهڙو انسان نيٺ ته ايندو
نيٺ ته ايندو،
نيٺ ته ايندو،
فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو.
جويي
جي ڏيکاريل نئين شعوري راهه
بيدل مسرور
جيئن ڪنهن شهزادي گل اندام کي پنهنجي پيءُ جي خواب
جي تعبير لاءِ ست سمنڊ پار وڃڻو هو، تيئن مان به
پنهنجي درويش پيءُ جي سپني کي ساڀيا ڪرڻ لاءِ ننڊ
ولايت جي سوڙهين ڳلين ۾ ڳائڻ نڪتو هوس. وهي به
البيلي هئي، ان ڪري ساڀيا جي تلاش سان گڏ، حسن ۽
خوشبوءِ جي تصور جو غلبو به گهڻو هوندو هو. گهر ۾
بابا سائينءَ جي راڳ ويراڳ جي شوق جا سمورا ساز
موجود هوندا هئا، ڳائبو هو ته به عشق ۽ حسن جي
تعريف ۾. پر جيئن سفر جي ڏاکڙن کي آسان بنائڻ لاءِ
رستي ۾ ڪي راهبر ملندا آهن، تيئن جڏهن سائين محمد
ابراهيم جويو، جيڪب آباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾
هيڊ ماستر ٿي آيو ته عشق ۽ حسن جو هڪ نئون تصور
کڻي آيو. چيوسين: ’سائين، اسان کي ڪهڙي ڪل ته قوم
ڇا ٿيندي آهي! قوم جا حق ۽ فرض ڇا ٿيندا آهن! اسان
ته رڳو ايترو ٿا ڄاڻون ته ماڻهو مٽيءَ مان جڙيو
آهي ۽ مٽي ٿي وڃڻو آهي. هيءُ سمورو سنسار هڪ سپنو
آهي، جنهن ۾ هر ڪو پنهنجي پنهنجي حصي جي ننڊ ڪري
ٿو، شاديون ڪري ٻار ڄڻي ٿو، ۽ هڪ ڏينهن خالي هٿين،
هن خوابن جي شهر مان لڏي وڃي ٿو. اسان ڇا ڄاڻون ٿا
مٽيءَ جي ٽاڪئين پُتلي سان عشق جي راند، اسان ڇا
ڄاڻون ته ڌرتيءَ سان به ڪو عشق ڪبو آهي!‘
منهنجون ڳالهيون ٻڌي، مُرڪي پيو. ڄاڻي پيو ته مان
هڪ درويش فقير ’مسرور‘ جو فرزند آهيان. وڏيءَ عزت
۽ پاٻوههَ وچان پنهنجيءَ ڀر ۾ ويهاري، شيخ اياز ۽
نياز همايونيءَ جو اهو ڪلام پڙهائڻ شروع ڪيائين،
جنهن ۾ وطن جي واکاڻ ۽ قومي ساڃاهه جون ڳالهيون
ڪجهه اهڙي انداز جو لکيل هيون، جو اڳ ۾ اسان
ماهوار ”نئين زندگيءَ، ٽماهي ”مهراڻ“ رسالن ۾
عبدالڪريم گدائيءَ، محمد ابراهيم سيال، سليم
ڳاڙهويءَ، لعل محمد لعل، رشيد احمد لاشاريءَ،
سردار علي شاهه، مظفر حسين جوش، عبد عاقليءَ،
عبدالله خواب جي شاعريءَ ۾ به پڙهيون هيونسين، پر
هن نئين شاعريءَ ۾ شعور جي هڪ نئين راهه ڏيکاريل
هئي.
اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن سپني مثل هن دنيا کي، مجاز
جي اک سان ڏسڻ بدران، حقيقي صورت ۾ ڏسڻ جو موقعو
مليو. اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن ڄاتم ته انساني عظمت
۽ اُن جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا نه صحيفا
نازل ڪيا ويا آهن. اهي ئي ڏينهن هئا، جڏهن سمجهيم
ته آخرت کي سنوارڻ لاءِ دنيا ۾ رهندڙ محبوب انسان
سان پيار ڪرڻ ئي اهم آهي.
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب اٽڪل 1967ع جي زماني
۾، جيڪب آباد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر
ٿي آيو هو، ساڻس روبرو ملاقات به سنڌي ادبي سنگت
جيڪب آباد، شاخ جي بيٺڪ ۾ ٿي هئي. تڏهن شاخ جو
سيڪريٽري غلام رسول ڪلهوڙو هوندو هو، جيڪو پڻ
گورنمينٽ جي اُن اسڪول ۾ ماستر هوندو هو، ۽ اهوئي
سائينءَ کي ان ادبي بيٺڪ ۾ وٺي آيو هو. اُن ادبي
بيٺڪ ۾ مرحوم عبدالڪريم گدائي صاحب به موجود هو.
جيئن ته منهنجي ادبي دوستي، فتاح عابد، اڪبر اديب،
۽ غلام رسول ڪلهوڙي سان هوندي هئي، انڪري انهن
ادبي بيٺڪن ۾ مان به ويندو هوس.
سائين جويي صاحب سان ان ملاقات کان اڳ ۾ ادبي
تعارف ٿيل هو، جو مان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪيترن
ڪتابن ۾ سندس لکيل مهاڳ پڙهي چڪو هوس. پاڻ اُن
محفل ۾ اکيون ٻوٽي هر ڪنهن جا ليک ٻڌا هئائين.
جنهن کان پوءِ مناسب لفظن سان انهن تي ٽيڪا ٽپڻي
به ڪئي هئائين.
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب کي راڳ سان دلچسپي
رهي آهي. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن استاد ارباب خان جي ڊيري
تي به هلندو هو، جتي استاد ارباب خان جي سمورن
شاگردن کان ويهي ڪلام ٻڌندو هو، پر پوءِ گهڻو ڪري
استاد ارباب کان فقير قادر بخش گولي جي ڪافي ”اڪ
ٿيا ٿي انار، سڄڻ تنهنجي سانگي“، ضرور ٻڌندو هو.
مون کي شيخ اياز جي شاعريءَ سان روشناس به سائين
محمد ابراهيم جويي صاحب ڪرايو، ۽ ڪوشش وٺي سنڌي
ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ جي پاران هڪ انتهائي
نرالو ”جشن لطيف“ به ڪرايو هئائين، جنهن ۾ ٻيڙو
فقير ڪنڀار ۽ ٻيا سگهڙ گهرايا هئائين، جن دودي
سومري جي منظوم ڪهاڻي ڳائي ٻڌائي هئي، ۽ الله نه
ڀلائي ته ان کان پوءِ ئي شيخ اياز، ”دودي سومري“
تي منظوم ڊرامو لکيو هو. اصل ۾ اهوئي پهريون جشن
لطيف هو، جنهن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي
شعوري ڪوششن سان، شاهه لطيفرحه جي
ڪلام سان گڏ جديد ترقي پسند شاعرن مخالفت به ڪئي
هئي.
مان سمجهان ٿو ان جشن لطيف کان پوءِ ئي سنڌ ۾ لطيف
سرڪار جي نالي ۾ ملهايل هر پروگرام ۾ شاهه لطيف جي
ڪلام سان گڏ شيخ اياز جو قومي ڪلام به ڳائجڻ لڳو.
ان کان پوءِ خاص طور ”سنڌي شامن“ جو رواج پيو، ۽
گڏوگڏ ريڊيو تي به شيخ اياز، ۽ ٻين ترقي پسند ۽
قومي شاعرن جا نغما نشر ٿيڻ لڳا، جن جو سڄو ڪريڊٽ
سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن ٿو وڃي.
ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته ماڻهن مون کي مڃتا ڏني
آهي ته مون شيخ اياز کي ڳائي مشهور ڪيو آهي، پر سچ
پڇو ته شيخ اياز کي مشهور ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ جويي
صاحب جو آهي، مان ته اهو به چوندس ته شيخ اياز کي
ماڻهن ۾ مقبول ڪرائڻ لاءِ خود سائين محمد ابراهيم
جويي صاحب شعوري طور منهنجو ئي انتخاب ڪيو هو. مون
کي اهو ڏينهن اڄ به ياد آهي، جڏهن سکر ۾ ملهائجندڙ
”سنڌي شام“ ۾ وٺي هليو هو، ۽ اُتي جي آرگنائيزرن
وٽ منهنجو نالو ڳائڻن ۾ لکرايو هئائين، اتي مون
پهريون ڀيرو شيخ اياز جون ٻه قومي وايون: ”سنڌ ديس
جي ڌرتي توتي، پنهنجو سيس نوايان، مٽي ماٿي
لايان“، ۽ ”سهندو ڪير ميار او يار“ ڳايون هيون،
جيڪي مون پنهنجي ساٿين سان گڏ، جيڪب آباد واري
”جشن لطيف“ ۾ به ڳايون هيون. انهيءَ شام سنڌي شام
۾، سنڌ جا سوين اديب
۽ شاعر موجود هئا، ۽ خود مرحوم حيدر بخش جتوئي به
موجود هو.
مان پنهنجي واکاڻ ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر اهو ٻڌائڻ
به ضروري ٿو سمجهان ته شيخ اياز جون اهي ٻئي وايون
پهرين مون ئي ڳاتيون آهن. انهن ڏينهن ۾ سکر جي ان
”سنڌي شام“ ۾ فقير عبدالغفور مرحوم (الله بخشيس)
شيخ اياز جي هڪ ٻي وائي، ”نانگو آهيان، نانگو يار،
پهتو آهيان ڪاڪ ڪنڌيءَ تي، لاهي سر جو سانگو يار“
ڳائي هئي.
راڳ اصل ۾ آهي به انهن لاءِ، جيڪي سر جو سانگو
لاهي ٿو ڇڏين. راڳ توڙي قومي خيالن جي سلسلي ۾
سائين محمد ابراهيم جويو صاحب منهنجي ذهني تربيت
به ڪندو هو. پاڻ موڪلن ۾ حيدرآباد به هليو ويندو
هو، ته به همت افزائيءَ جا خط لکي منهنجا حوصلا
وڌائيندو هو. مون وٽ سندس خط ته محفوظ آهن، پر
انهن جو هڪ هڪ لفظ به ياد اٿم. حالانڪ هن وقت قومي
گيتن ڳائڻ جو رواج ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي، پر مان
اڃا تائين سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي ان هڪ
سِٽ تي ڳتِ ڏيو بيٺو آهيان، جيڪا پاڻ ڪوهاٽ مان
مارچ 1968ع ڌاري لکيل هڪ خط ۾ لکي موڪلي هئائين
ته: ”مون کي يقين آهي ته اوهان انهيءَ طرف ۽
انهيءَ ميدان ۾ جيئن پوءِ تيئن اڳتي قدم کڻندا
هلندا، دل جي خوشيءَ ۽ پڻ قومي فرض ادائيءَ جو وڏو
سامان، اسان لاءِ ان ۾ ئي موجود آهي.“
(روزاني ”عوامي آواز“، ڪراچي 13- آگسٽ 2002ع)
محمد
ابراهيم جويو- هڪ علمي شخصيت
ڊاڪٽر نور افروز خواجه
سنڌ ڌرتيءَ تي هن وقت تائين ڪيتريون ئي نالي
واريون، عظيم هستيون ۽ صوفي بزرگ پيدا ٿي چڪا آهن.
هتي ڪيترن عالمن، اديبن، شاعرن، محققن ۽ تاريخدانن
به جنم ورتو آهي، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ گهڻائي
اهم ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، انهن ۾ ڪي سياسي،
سماجي ڪارڪن هئا ته ڪي مذهبي شخصيتون. ڪي قوم پرست
ليڊر هئا، ته ڪي هن ڌرتيءَ سنڌ جي نالي تي پاڻ کي
قربان ڪندڙ به هئا، انهن سڀني جون ڪيل خدمتون اڄ
تائين ياد ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن جي ڏسيل واٽ تي اڄ
جو نوجوان عمل ڪندو، نيون راهون گهڙيندو رهي ٿو.
سنڌ ۾ هن وقت به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ اهڙيون
شخصيتون موجود آهن. جن ۾ محمد ابراهيم جويو پڻ
شامل آهي. جيڪو هڪ محقق، اديب، نقاد، مترجم،
قومپرست ۽ سٺو انسان آهي.
محمد ابراهيم جويو ولد محمد خان جويو، 13- آگسٽ
1915ع ۾ ڳوٺ واهڻ آباد، تعلقو ڪوٽڙي، ضلعو دادو
(ڄام شورو) ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم اتي ئي حاصل
ڪري، پوءِ سن ۽ ڪراچيءَ مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي.
جويو صاحب ننڍي هوندي کان ئي ذهين هو، هن ميٽرڪ جي
امتحان ۾، سڄي ضلعي مان ٻيو نمبر حاصل ڪيو، جنهن
ڪري کين وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ تي اسڪالرشپ به ملندي
رهي.
جويو صاحب پنهنجي قابليت، ذهانت، ايمانداري، محنت
۽ جفاڪشيءَ جي ڪري، سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن ادارن ۾
اهم عهدن تي فائز رهيو آهي. مثال طور: گورنمينٽ آف
سنڌ، ڪراچي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري ۽ پوءِ
چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾
سيڪريٽري، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن اسڪولز، ڊپٽي
ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيوليم ائنڊ ايڪسٽينشن
سروسز، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي اديبن جي سهڪاري
سنگت، سنڌ فرينڊس سرڪل، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ
حيدرآباد، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، شيخ اياز
فائونڊيشن، شيخ اياز چيئر، خيرپور ۽ ٿياسافيڪل
سوسائٽي وغيره جو اهم رڪن ٿي رهيو آهي. نه صرف اهو
پر هن سنڌ جي وڏن ليڊرن، سائين جي.ايم.سيد، پير
حسام الدين راشدي ۽ ٻين سان گڏجي، سنڌ ۾ ڪيترن ئي
ادارن جو بنياد وڌو آهي.
جويو صاحب ننڍي هوندي کان ئي هڪ ذهين ۽ قابلِ
شخصيت جو مالڪ هو، هن 14 سالن جي عمر ۾ ستين ڪلاس
۾ پڙهندي، سنڌيءَ ۾ پهريون مضمون ”پڃري جا پکي“
لکيو، سندس ٻيو انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون (Democracy
in School Administration) هو،
جيڪو سنڌ مدرسي جي ڪرانيڪل ۾ 1946ع ۾ شايع ٿيو.
انهيءَ کان علاوه پاڻ ٻين به ڪيترن ئي موضوعن تي
مضمون ۽ مقالا لکندو رهيو، انهيءَ کان علاوه جويو
صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، ترجمو ڪيا آهن، ڪيترا
ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن. ڪيترن ئي ڪتابن جا مقدمه، پيش
لفظ، گذارشون ۽ تبصرا لکيا آهن. پاڻ هڪ سٺو نقاد
پڻ آهي، انهيءَ ڪري ڪيترن ئي ڪتابن جو تنقيدي
جائزو پڻ ڪيو اٿن.
جويي صاحب جو پهريون ترجمو ڪيل ڪتاب 'Historical
Role of Islam'،
’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي نالي سان 1945ع ۾
شايع ڪرايو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مثال
طور:Emile
or Education, Life of Gallileo, The Right to
Heresy, Savages Survivals, Education of Child,
Am Elementary course in Philosophy،
محڪريءَ جا مضمون وغيره ڪتاب ترجمو ڪيا آهن. جيڪي
معياري ۽ اعليٰ پايي جا ڪتاب ليکيا وڃن ٿا.
جويي صاحب جو پهريون طبعزاد ڪتاب 1946ع ۾ شايع ٿيل (Save
Sindh, Save the Continent) آهي.
انهيءَ کان پوءِ ’سنڌي زبان جي بنيادي لغت‘،
’شاهه، سچل ۽ سامي‘، ’اسان جي ٻولي‘،
’اسان جي تعليم‘ وغيره جهڙا بهترين ڪتاب لکيا آهن.
سندس هن وقت تائين به ڪيترائي ڪتاب اڻڇپيل موجود
آهن. مثلاً: ’ننڍ نه هيريو نيڻ (مهاڳ، انٽرويو ۽
ترجما)‘، ’ڪلچر، قومي ٻڌيءَ جو بنياد‘،
’منهنجا بزرگ، دوست ۽ ساٿي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو
سياسي ڪيس‘ وغيره لکيل آهن، جيڪي سنڌ جي وڏن ادارن
کي ڇپرائڻ گهرجن.
جويي صاحب جي مضمونن بابت مون اڳ ۾ به ذڪر ڪيو آهي
ته پاڻ مختلف موضوعن تي مقالا لکيا آهن. مثال طور:
سندس ”آتم ڪٿا تي، منهنجا مٽ مائٽ، هڏ رت، ماءُ
پيءُ“، ”سائين ٽيڪن مل منهنجو پهريون استاد“،
”سنڌو، اسان جو قومي درياهه“، ”اڪٿ ڪهاڻي ڪبير جو
مهاڳ“، ”سنڌ آجپي لاءِ واجهائي رهي آهي“ وغيره
شامل آهن.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، سندس لکيل ڪتابن بابت پنهنجي
راءِ ڏيندي لکيو آهي ته:
”جويو صاحب نثر جو استاد ۽ لافاني سنڌي نثر جو
خالق آهي، اسان وٽ اها مڃيل حقيقت آهي ته نثر لکڻ
۾ فارم ۽ ٻوليءَ جي خيال کان جويو صاحب، انهن چند
عالمن مان آهي، جن کي سَنَدَ طور قبول ڪري ٿو
سگهجي. هو نثر جو ماهر استاد آهي، هن اسان مان
تمام گهڻن کي سنڌي نثر لکڻ ۾ مدد ڪئي آهي(1) (ص
40).“
جويو صاحب هڪ قومپرست ليڊر آهي، پاڻ سنڌ جي مسئلن
۽ سنڌي ٻوليءَ جي عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ هميشه
ڪوششون ڪندو رهيو آهي. جڏهن سنڌي ٻارن کي اسڪول ۾
پرائمري ڪلاس کان انگريزي پڙهائڻ يا سنڌي پڙهائڻ
جو مسئلو پيش آيو، تڏهن ڪيترائي مذاڪرا ريڊيو،
ٽي.وي ۽ اخبارن ذريعي پيش ڪيا ويا، انهن سڀني ۾
جويو صاحب هميشه اها هدايت ڪندو هو ته ٻارن کي
پرائمري کان سنڌي پڙهايو پوءِ پنجين ڪلاس کان
(جيئن اڳ ۾ پڙهايو ويندو هو)، انگريزي پڙهائي وڃي،
پاڻ ڪڏهن به پرائمري کان انگريزي پڙهائڻ جي حمايت
نه ڪئي، سندس چوڻ هوندو هو ته ٻار کي ننڍپڻ کان
سنڌي پڙهائي وڃي، ته جيئن ان جو بنياد مضبوط ڪيو
وڃي.
انهيءَ کان علاوه جويي صاحب، سنڌ جي وڏن عالمن،
اديبن، ۽ سرڪاري ماڻهن سان گڏجي، سنڌ ۾ سنڌي اديبن
جي سهڪاري سنگت حيدرآباد ۾، سنڌ فرينڊس سرڪل
حيدرآباد ۾، سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾، سنڌ
ايجوڪيشن ٽرسٽ حيدرآباد ۾، شيخ اياز فائونڊيشن
حيدرآباد ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۾ ۽ ٻيا
به ادارا قائم ڪرايا. انهن ۾ پاڻ هڪ ايماندار رڪن
جي حيثيت ۾ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان فرض انجام
ڏنا. انهن ادارن طرفان هر وقت ڪتاب ۽ رسالا شايع
ڪرائيندا رهندا هئا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ سنڌي ادب
وڌندو ويجهندو رهي، ترقي ڪري ۽ گهڻي کان گهڻا ليکڪ
پيدا ٿين. جويو صاحب ڪڏهن به ڪنهن اداري ۾ معاوضي
طور ڪم ڪونه ڪيو، پر هڪ قومپرست خادم جي حيثيت ۾
اهي فرض انجام ڏيندو رهيو. ايستائين جو کيس وڏن
وڏن ايوارڊن ۾ مليل رقم به عطيي طور ڏيئي ڇڏيندو
هو، تڏهن ته اهي ادارا وڌيا، ويجهيا ۽ اڄ تائين
قائم دائم رهندا اچن، سندس باري ۾ سائين
جي.ايم.سيد بلڪل بجا فرمايو آهي ته:
”جويو صاحب بورڊ ۾ پگهادار جي حيثيت ۾ ڪم نه ڪيو
آهي، بلڪ سنڌي زبان جي مثنويءَ ۽ هڪ قومپرست
سنڌيءَ طور ڪم ڪيو آهي (ص 23).“
جويو صاحب پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي
بورڊ کي اعليٰ مقام تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو
رهيو، سندس اهم ڪارنامو
”مهراڻ“ رسالو جاري ڪرڻ آهي، جنهن جي ڪري ورهاڱي
کان پوءِ سنڌي ادب ۾ جيڪا کوٽ هئي، ان جو پورائو
ٿيندو رهيو ۽ سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ
۾ لکندڙ اديبن ۾ هڪ نئين جان اچي ويئي، ڪيترائي
نوان ليکڪ پيدا ٿيا، ڪيترن اهم ليکڪن جون لکڻيون
رديءَ ۾ پيون هيون، اهو خزانو ٻاهر نڪتو، پڙهندڙن
کي نيون نيون شيون، نيون راهون ۽ نوان گس مليا.
اهو ”مهراڻ“ رسالو ان وقت هڪ مضبوط ۽ معياري رسالو
هو جنهن جي ذريعي سنڌي نثري توڙي نظمي ادب، لوڪ
ادب، معياري ادب، افسانا، ڪهاڻيون، شاعري،
ايڊيٽوريل وغيره سايع ٿيندا رهيا ۽ اڄ به اهو
”مهراڻ“ رسالو باقاعدگيءَ سان جاري ٿيندو رهي ٿو.
جنهن جي ذريعي مختلف وقتن تي سنڌي اديبن جا نمبر
شايع ڪري شاعر نمبر، اياز نمبر، گرامي نمبر، ڊاڪٽر
بلوچ نمبر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ خاص
نمبر، شمشيرالحيدري خاص نمبر، محمد عثمان ڏيپلائي
خاص نمبر وغيره ۽ هاڻ جويو صاحب جي 100 هڪ سؤ ساله
جنم ڏينهن تي، ابراهيم جويو نمبر شايع ڪري، انهن
سڀني عالمن جي لکڻين کي شامل ڪري، سندن خدمتن بابت
ليک لکرائي شايع ڪرايا ويندا آهن. ”مهراڻ“ رسالي
بابت مختلف عالمن جي راءِ اها آهي ته: ”مهراڻ
سرڪاري رسالو هوندي به کلئي نموني سنڌيت جو پرچار
ڪندو رهيو آهي.“
”جويي صاحب جو سڀ کان اهم ڪارنامو، سنڌي ادبي بورڊ
کي سنڌ جي ماضيءَ جي ادب جي حفاظت جو ڀنڊار بنائڻ
آهي، پر ان کان به اُتم ڪارنامو مهراڻ جي ايڊيٽري
آهي(3).“
جويو صاحب سنڌي ٻوليءَ جو فدائي آهي، پاڻ سنڌ،
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي هر مسئلي ۾ اڳواڻ نظر
ايندو آهي، پوءِ چاهي اهو سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ جو
مسئلو هجي، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جو مسئلو هجي،
سنڌي ٻولي لکڻ پڙهڻ، سکڻ، سيکارڻ کان وٺي سرڪاري
حيثيت، قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ هجي يا ڪنهن اديب يا
شاعر جي ڪتاب جي مهورت هجي، ورسي هجي يا پاڪستان
يا هندستان مان آيل اديبن سان ملاقات هجي، ڪنهن
مسئلي تي ريلي ڪڍرائڻ يا ڪنهن قومي مسئلي تي ڌرڻي
۾ ويهڻ، نئين سال جي آمد ۽ گذريل سال جي موڪلائڻ
لاءِ درياء تي سڄي رات 31- ڊسمبر تي برف جهڙي سيءَ
۾ ويهڻ يا ڀٽ شاهه تي نئين سال جي نئين سج جي آمد
جو انتظار ڪرڻ، درگاهن تي گل چاڙهڻ، دريائن ۾ ڏيئا
ٻارڻ، پاڻيءَ جي کوٽ تي درياءَ تي ويهي گل وجهي
گڏجاڻي ڪرڻ، دعائون گهرڻ يا ڪنهن صوفي بزرگ جي
پيدائش يا ورسي واري ڏينهن تي اتي مزارن ۾ حاضري
ڀرڻ، پوءِ چاهي گرمي هجي يا سردي، مينهن هجي يا
طوفان، جويو صاحب ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه
ڪندي، سڀني سان گڏجي ان ۾ شرڪت ڪري، مسئلي کي حل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جويي صاحب کي ڪهڙي به حڪومت
هجي، سندس ڪيل خدمتن جي ڪري هرهڪ عزت ڪندو رهندو
آهي. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ
۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جويو صاحب ڪنهن به
ادبي ڪانفرنس ۾ صدارتي تقرير ڪندي، وقت جي پرواهه
نه ڪندو، پنهنجي صحت جي پرواهه نه ڪندو، حالانڪ
باءِ پاس ڪرائڻ کان پوءِ ڊاڪٽرن کيس گهڻو وقت ويهڻ
۽ گهڻو ڳالهائڻ جي منع ڪئي هئس، پر پاڻ پورو وقت
انهيءَ ڪانفرنس چاهي هڪ ڪلاڪ هجي يا پنج ڪلاڪ،
ويٺو هوندو آهي ۽ پنهنجي تقرير جيڪا ڀلي ڪيڏي به
ڊگهي ٿي وڃي پرواهه نه ڪندو آهي. پر انهيءَ تقرير
۾ هميشه قومي مسئلن، قومي اتحاد، سنڌي قوم ۾ ٻڌي
پيدا ڪرڻ واري موضوع کان علاوه هڪ قابلِ اسڪالر
وانگر ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون بيان ڪندو آهي، جنهن
سان نوجوان استفادو حاصل ڪندا رهندا آهن.
جويو صاحب هڪ قابل استاد به رهيو آهي، درس و تدريس
کان واقف هو، انهيءَ پاڻ سنڌيءَ ۾ درسي ڪتاب به
لکيا، مثلاً: سنڌي ريڊر، سنڌي ڪتاب، سماجي اڀياس،
سنڌ جي تاريخ، استادن لاءِ رهبر وغيره. اهڙيءَ طرح
پاڻ سنڌ جي وڏن وڏن ادارن طرفان شايع ٿيندڙ ڪتابن
کي ايڊٽ پڻ ڪيائون، پاڻ اڪثر ڪري انهن ادارن طرفان
ڪتابن تي راءِ ڏيڻ يا انهن کي انعام و اڪرام ڏيڻ
لاءِ جج به ٿي رهيا آهن.
جويي صاحب جي لکيل ٻين ڪتابن سان گڏ ’شاهه، سچل ۽
سامي‘ هڪ اهم ڪتاب آهي، هن ڪتاب بابت سائين
جي.ايم.سيد فرمايو آهي ته ”سنڌ ۽ سنڌ جي ڏکويل
ماڻهن لاءِ هيءُ (شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي تصنيف) به
هڪ اهم ۽ وقتائتي ڪوشش آهي؟“
هن ڪتاب ۾ جويي صاحب، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽
ساميءَ جي شاعريءَ جو تقابلي مطالعو پيش ڪيو آهي،
هن ڪتاب بابت محمد عثمان ڏيپلائيءَ لکيو آهي ته:
”هي ڪتاب (شاهه، سچل، سامي) ۾ اوهان سنڌي قوم جي
سياسي، مذهبي ۽ ثقافتي تاريخ جو تت ڏنو آهي(5).“
شاهه، سچل ۽ سامي جنهن دؤر جا شاعر هئا، ان دؤر
يعني ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر ۾ سنڌ جي عوام کي
غلام بڻائي، جيڪي ظلم ۽ زيادتيون ڪيون ويون، انهن
جي مال، ملڪيت، ڌن دولت کي لُٽي ڦري، سنڌين کي
تباهه و برباد ڪيو ويو. ايستائين ڪمزور بنايو ويو
جو عوام انهن ظالم حاڪمن خلاف آواز به نٿي اُٿاري
سگهيو. اهي ان دؤر ۾ ڪمزور ۽ بيوس بڻجي ويا هئا،
پر هنن شاعرن، پنهنجي شاعريءَ پنهنجي پيغام ذريعي
عوام ۾ انهيءَ جي خلاف بغاوت ڪرڻ جو شعور پيدا
ڪيو. محترم رسول بخش پليجو لکي ٿو ته:
”جويي صاحب هن ڪتاب ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪل پاسائينءَ
سماجي ارتقا ۾ معلوم ۽ نامعلوم بيشمار عظيم ماڻهن
جو هٿ رهيو آهي، شاهه، سچل ۽ سامي به ان جا اهڙائي
عظيم معمار هئا. هنن اسان جي محبوب بزرگن، اسان کي
پنهنجي سلامتي، آزاديءَ ۽ خوشحالي لاءِ ڪهڙي سکيا
ڏني ۽ ڇا ٿي سيکارڻ گهريو.“ اوهان جي ڪتاب اسان کي
اها ڳالهه سمجهائي آهي(6).“
سنڌ جي هنن ٽنهي شاعرن ”شاهه، سچل ۽ ساميءَ“ سنڌ
جي ماڻهن ۾ سنڌي سماج جي قومي اتحاد لاءِ جيڪي
تاريخي دليل ڏنا آهن، سي هر باشعور ماڻهن لاءِ
مشعلِ راهه وانگر آهن.
سنڌ جي اهڙي ڏکئي دور ۾ لطيف سائين پنهنجي فڪر
ذريعي ماڻهن کي جيڪو ٻڌي، اتحاد، همت، جدوجهد،
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿئي
اوندهه، پير نه لهين پرينءَ جو، جهڙو پيغام يا پسو
پکيئڙن کي، پرت نه ڇنن پاڻ، جهڙي پيغام ذريعي
ماڻهن کي متحد ڪيو، ۽ انهن کي پنهنجي حقن کي حاصل
ڪرڻ لاءِ، هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍال جو
درس ڏيئي سجاڳي پيدا ڪئي، اهو اسان جي لاءِ هڪ وڏو
سبق آهي.
اهڙيءَ ريت انهيءَ دؤر ۾ بغاوت ڪرڻ جي نتيجي ۾
شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ، ڇو ته هن چيو ته جيڪو
کيڙي سو کائي، يا سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن ۽ مذهبي
اڳواڻن کي قتل ڪرائي، ماڻهن کي هيسايو ويو هو،
اهڙي ئي دؤر ۾ سچل سائين ۽ ساميءَ جي مذهبي شاعري
۽ ويدن جي ذريعي جيڪو فڪر پيش ڪيو ويو، انهيءَ
ذريعي سنڌي سماج متحد ٿيو محترم تاج جويو انهيءَ
بابت لکي ٿو ته: جويو صاحب جو هي ڪتاب جنهن ۾ انهن
ٽنهي شاعرن جو فڪر ڪهڙي ريت بيان ڪيل آهي.
هن ڪتاب جو مطالعو اسان کي پنهنجي عظيم شاعرن،
شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي عظيم فڪر، سنيهي ۽ سندن دؤر
جي سچي پچيءَ تاريخ جو نقشو پيش ڪري ٿو، هن ڪتاب ۾
فاضل ليکڪ 1689ع کان 1850ع تائين، ان سڄي دؤر جو
سياسي، مذهبي ۽ تهذيبي پسمنظر بيان ڪيو آهي ۽
ٻڌايو آهي ته هنن عظيم شاعرن جو ڪردار، پنهنجي دؤر
۾ ڪهڙو رهيو آهي ۽ انهن قوم جي اڳيان ڪهڙي قسم جو
فڪري ادب ۽ ادبي فڪر پيش ڪيو آهي. (ص 76)
سنڌ جا هي ٽيئي شاعر مذهبي قسم جا هئا، هنن مذهبي
اصطلاحن ذريعي، سنڌ جي ماڻهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾
پنهنجو اهو پيغام پهچايو، هنن سنڌ جي ماڻهن مان
تعصب ختم ڪرڻ چاهيو، هنن هندو ۽ مسلمان اتحاد قائم
ڪرڻ چاهيو، هنن ماڻهن مان لالچ، لوڀ، غرور، تڪبر،
مايا، موهه ختم ڪري، صرف اسلام خاطر، سنڌ خاطر ۽
پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ خاطر سڀني کي متحد ڪيو.
هنن پنهنجي سماج کي ڪيئن حفاظت ۾ رکيو، جويو صاحب
انهيءَ بابت لکيو آهي ته:
”شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي اعليٰ شاعري“ پنهنجي سچ،
نيڪي ۽ ڪمال حسن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ محفوظ آهي ۽
سنڌي ٻولي انهيءَ فڪر ۽ فن جي قوت سان اڄ سنڌي
ماڻهن جي اجتماعي وجود ۽ ان جي اتحاد ۽ بقا جو
نشان ۽ ان جي پيڙهه جي ضمانت آهي(8).“
هن ڪتاب ۾ جويي صاحب ٽنهي عظيم شاعرن شاهه، سچل ۽
ساميءَ جي ڪلام جي فڪر، نظريي، انهن جي سوچ،
مشاهدي، انسان شناسيءَ، پيار، محبت، ٻڌي، ايڪي،
سچ، امن، سلامتي، عبادت، جدوجهد، منزل حاصل ڪرڻ،
عالمي امن، سلامتي، انهن جي ترقي، ڪاميابي وغيره
جو جيڪو پيغام ڏنو آهي، اها هڪ نئين راهه عملي،
نئين سوچ، نئون تصور هو. جنهن ۾ سنڌ ۾ سڪار ڪرڻ
سان گڏ، عالم سڀ آباد ڪرين جهڙيون دعائون،
التجائون هيون، هنن سنڌي سماج جي آڏو نئين انسان
جو تصور پيش ڪيو. هنن سنڌي سماج کي نئين اجتماعي
وحدت جو شعور ڏنو، انهيءَ جي لاءِ کين نئين راهه
عملي ڏيکاري. قومي تهذيب، قومي مذهب ۽ قومي سياسي
جي راهه، مشترڪ مفادن ۽ باهمي تعاون جي راهه، محبت
۽ رواداريءَ ۽ اتحاد جي راهه، عمل ۽ قرباني، پاڻ
فنا ڪري مقصد حاصل ڪرڻ واري راهه، سسئيءَ جو مثال
ڏيئي ٻيهر ڄاپي ڄاڻ چئي اهي اوصاف پيدا ڪرڻ واري
راهه سيکاري، هنن جي سامهون سنڌ ۽ سنڌي سماج جي
آزاد، باوقار، بامقصد ۽ خوشحال وجود جو خواب هو.
غلاميءَ جي زندگيءَ جي خاتمي ڪرڻ ۽ شينهن جهڙي
زندگي گذارڻ جو خواب هو.
هنن وٽ ان خواب جي تڪميل جي راهه به هئي، رستو به
هو، ٻيائيءَ ۽ ويڇي کي ختم ڪرڻ، پنهنجن کي ته
پنهنجو ڪرڻ، پر ٻين کي به پنهنجي عمل ۽ اخلاق
ذريعي پنهنجو ڪرڻ جو، ٻڌي ۽ ايڪتا جو، سچ ۽ نيڪيءَ
جو، عزت ۽ احترام جو، سچي ماڻهپي ۽ ماڻهوءَ جي
مريادا، مان ڏيڻ، ماڻهن جي خدمت ۽ شيوا ڪرڻ، پيار
۽ انساني تهذيب جي عروج ۽ پنهنجي حصي جي فرض ادا
ڪرڻ جو سبق شامل آهي.
آخر ۾ آءٌ سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي عالم کي سندس 100
ساله جنم ڏينهن تي مبارڪون پيش ڪريان ٿي ۽ مالڪ
کان دعا آهي ته کيس صحت ۽ تندرستيءَ سان وڏي ڄمار
ڏئي ته جيئن سندس سايو سنڌي قوم تي ۽ پنهنجي قوم
جي ترقي ۽ ڀلائي، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ، سنڌي سماج تي
هميشه قائم رهي.
جويو صاحب جي هنن علمي ادبي ۽ سماجي ڪاوشن جي عيوض
سنڌ جو هر ادارو سندس 100 ساله جنم کي ملهائيندي
کيس خراج تحسين پيش ڪندو، اسان کي ۽ اڄ جي نوجوان
نسل کي اهڙن قومي درد رکندڙ، ادارا جوڙيندڙ، ادارن
۾ پنهنجي تن من سان ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي
هميشه ياد رکڻ گهرجي ۽ انهن مان سبق پرائڻ گهرجي،
گڏوگڏ ”مهراڻ“ رسالي کي به مبارڪون پيش ٿي ڪريان،
جنهن سندن خدمتن کي ساراهيندي نمبر شايع ڪرڻ جو
اهتمام ڪيو آهي.
حوالا
(1) محمد ابراهيم جويو: ”شاهه، سچل ۽ سامي“ 1990ع،
روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.
(2) تاج جويو: محمد ابراهيم جويو، 2014ع ڪويتا
پبليڪيشن، حيدرآباد |