جل جل
مشعل جل
(محمد ابراهيم جويي جي چونڊ تحريرن
جو اڀياس)
ڊاڪٽر
تهمينه مفتي
محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع ۾ ڳوٺ آباد ( لڳ
تيرٿ لڪي) هاڻي لڪي شاھ صدر) تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄام
شوري ۾ جنم ورتو، محمد ابراهيم جويي جي والد صاحب
جو نالو محمد خان جويو هو سندن ڪرت هارپو هئو.
سندن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٿي؛ جتان
پرائمري چاردرجا سنڌي پاس ڪيائون، پنجون ۽ ڇهون
درجو سنڌي پرائمري اسڪول تيرٿ لڪي هاڻي لڪي شاھ
صدر ۾ پڙهيا. 17- اپريل 1927ع ۾ سن جي اي.وي اسڪول
۾ داخل ٿيا، پنجين کان ستين درجي سنڌي ۽ ٽي درجا
انگريزي اي وي اسڪول ۾ پاس ڪيائون. 1930ع ۾ سنڌ
مدرسة الاسلام مان چوٿون، پنجون، ڇهون ۽ اڳوڻو
ستون درجو، انگريزي پڙهيا. ان وقت ۾ ستون درجو
مئٽرڪ شمار ٿيندو هو. 1934ع ۾ سنڌ مدرسي مان مئٽرڪ
۾ ٻين پوزيشن حاصل ڪري ويهه روپيه اسڪالر شپ جا
حقدار ٿيا. 1934ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ پهرين
سال ۾ داخلا وٺي 1938ع ۾ بي.اي پاس ڪيائون. ساڳئي
سال 1938ع ۾ ئي سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماستر طور مقرر
ٿيا، وڌيڪ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ 1940ع ۾ سنڌ مدرسي
طرفان ايس.ٽي ڪاليج بمبئي مان بي.ٽي پڙهڻ ويا.
بي.ٽي پاس ڪرڻ کان پوءِ 1947ع تائين درس و تدريس
سان وابسته رهيا. ملازمت دوران ڪتاب ’سنڌ بچايو،
کنڊ بچايو‘ Save
Sindh save the continent from Feudal lords and
capitalists and their communism لکڻ
ڪري سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ تڏهوڪي تعليم جي وزير
پيرالاهي بخش سندن ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري
ڪيو، جنهن بعد ڪيترائي سال بيروزگاريءَ کي منهن
ڏنائون. ان کان پوءِ ٺٽي ميونسپل ۾ هيڊماستر،
1949ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ اسسٽنٽ ماستر
۽ 1951ع ۾ ٽريننگ ڪاليج مان بدلي ٿي گزيٽيڊ آفيسر II طور
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان چونڊ جي هاءِ پاور
ايگزيڪيٽو ڪاميٽي سنڌي لٽريچر گورنمينٽ آف سنڌ
ڪراچي ۾ سيڪريٽري طور ڪم ڪيائون. 1954ع ۾ ان
ڪاميٽي جي سنڌي ادبي بورڊ ۾ نالي بدل سان بورڊ جا
سيڪريٽري مقرر ٿيا. جتي 1961ع تائين ڪم ڪيائون. 1955-56ع
۾ بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ جا ايڊيٽر پڻ رهيا.
جتي جديد ادب جي اوسر ۽ واڌ ويجھ لاءِ ڪم ڪيائون.
مهراڻ جو هيءُ دور يادگار دور ليکيو وڃي ٿو. هي
اهو دور هو جڏهن سنڌي ادب ۽ سماج تبديلي طرف لاڙو
رکيو. هيءُ دور تبديليءَ جو دور چئجي ٿو. محمد
ابراهيم جويو 1961ع ۾ سنڌ ايجوڪيشن سروس ڪلاس II جي
عهدي تي ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن سنڌ حيدرآباد ۾
پبليڪيشن آفيسر، 1962ع ۾ ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ
لاهور ۾ رهيا.
1963ع ۾ او.ايس.ڊي پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ايٽ
حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا ريجن لاءِ ڪم ڪيائون.
ساڳئي سال سنڌي ادبي بورڊ جا اعزازي سيڪريٽري مقرر
ٿيا. ان عهدي تي پنج سال رهيا ۽ ادبي بورڊ جي
عمارت جو ڄام شوري ۾ بنياد وڌائون.
جولاءِ 1967ع ۾ اولھ پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو
مضمون لکڻ تان (انگريزي ۾ لکيل) سرڪار ناراض ٿي ۽
کين بدلي ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾
هيڊماستر ڪري موڪليو ويو. سرڪار نامدار جي ڏمر کين
ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو جتي ٻه سال رهيا.
نومبر 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ سنڌ ۾
رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمينيشنر ڊائريڪٽوريٽ آف
ايجوڪيشن سنڌ مقرر ٿيا. 1970ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف
ايجوڪيشن (اسڪولس) حيدرآباد ۾ مقرر ٿيا. 1971ع ۾
پهريون دفعو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جا پهريان
سيڪريٽري مقرر ٿيا. 1971ع ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس
خيرپور ڊويزن ۾ جولاءِ 1972ع تائين اتي رهيا.
1972ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم مقرر
ٿيا. 1972ع ۾ او.ايس.ڊي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ تان
12 آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائون. ڏهن مهينن لاءِ
سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جا ميمبر ٿي رهيا، سندن سموري
ريڪارڊ ۾ اعليٰ اختيارين پاران ناراضگي سندن، صبر
۽ استقلال کي لوڏيو نه، پر همت سندن مزاج جو حصو
بڻجندي رهي. مختلف ادارن سان وابسته رهيا، سنڌي
ادبي سنگت جي نئين جاڳرتا Renaissance جا
اڳواڻ رهيا آهن. اڃا تائين سندن وابستگي سنگت سان
آهي. سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت ٺاهيائون، جنهن جا
پاڻ صدر ۽ ان سنگت پاران 47 ڪتاب شايع ٿيا. 1978ع
۾ سنڌ فرينڊس سرڪل قائم ڪري ويهارو کن ڪتاب ڇپائي
چڪا آهن.
سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي جا صدر رهندا اچن. سندن
دوست ۽ ساٿي مرحوم سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽
سرپرستيءَ ۾ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو بنياد رکيائون،
جنهن جا پاڻ Managing
trust ۽ Vice
chairmen وائيس
چيئرمين آهن. (سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي بلڊنگ سراج
الحق ۽ فهميده حسين جو اباڻو گھر هو) اهڙيءَ ريت
سنڌي ادبي بورڊ جا اعزازي چيئرمين، سنڌي لئنگويج
اٿارٽي جي بورڊ آف گورننس جا ميمبر، مالي ڪميٽي،
پبليڪيشن ڪاميٽي ۽ ادبي ڪميٽي جي ميمبر طور
خدمتون انجام ڏيندا رهيا.
1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته
ان جا چيئرمين به مقرر ٿيا. ٿياسافيڪل سوسائٽي
حيدرآباد جا هڪ وڏي عرصي کان صدر رهندا اچن.
محمد ابراهيم جويي جي شخصيت، هڪ ڏاهي، اديب ۽
استاد جي حيثيت ۾ وڏي مقام تي فائز آهي، پنهنجي
فڪر ۽ سوچ ۾ واضح ۽ کليل آهي. تنهن ڪري ئي جڏهن به
سندس لکڻين ۽ ترجمن کي، پڙهجي ٿو، ته
ان مان اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌ واسين کي
نئين سوچ ۽ نئين سمجھ ۽ شعور ڏيڻ لاءِ ئي لکيا ويا
آهن. روشن خيال هجي يا عقل پسندي هجي، مارڪسزم
هجي يا سماجواديت يعني طبقاتي تفرقي جي خلاف
جدوجهد، انساني حيات جي ارتقا، ’جنگلي جيوت جا
نشان‘ ۽
’تعليمي تحريڪ‘،
سنڌ واسين جي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديليءَ ۽ سائنسي سوچ ۾
تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ مثالي ڪتاب آهن، سندن
خدمتون ساراهڻ جهڙيون ۽ نه وسارڻ جوڳيون آهن.
محمد ابراهيم جويو ان ورثي تي يقين رکندڙ ۽ پوئلڳ
آهي جيڪو صدين کان سنڌ واسين جي مزاج ۾ شامل ٿي
چڪو آهي. شاھ، سچل ۽ سامي سندن فڪري عقيدي جي ساک
ڏئي
ٿو. علم ۽ ڏاهپ سان سندن محبت ۽ لاڳاپو، سندن
شخصيت کي اُملهه بڻائي ڇڏيو آهي. سندن صوفياڻو روح
هميشہ مادي زندگي، هلچل، سادگي، نهٺائي ۽ سهپ جي
نظر سان ڏٺو آهي. ٻئي پاسي همت، جاڳرتا ۽ اڳتي وڌڻ
جا جواز ۽ سببن کي سمجھائڻ جا درس ڏنا آهن. سندن
مثالي ڪردار (Legend) علمي
۽ عقلي پهچ ۽ جدوجھد ڪري، ڪمائتي، انداز ۾ سنڌ
واسين لاءِ ڏڍ جو سبب بڻجندا رهيا آهن. سندن اعليٰ
فڪر ۽ سوچ، سماجي، سياسي، معاشي ۽ تدريسي حوالن
کان گھري ۽ اثرائتي آهي، ان جي ڪري، سنڌ، سنڌيت ۽
سنڌ جي سماجي ڪردار جي اهميت اڀرجي آئي آهي.
شعورسازي ۽ نظرين، مارڪسزم، تاريخ ۽ ماديت جي
حوالي سان سندن ڪم اهميت جو حامل آهي.
سندس خيال ۾ جديد نظريا، سماج ۽ رياست کي ترقي جي
رستي تي وٺي وڃن ٿا. اهي سماجي قوتن جي مفادن جا
ترجمان آهن. بنيادي رياستي انساني حقن جي تشريح ڪن
ٿا. انهن جو مذهبن سان ڪو واسطو ناهي. Status
cue شين
کي معاملن کي”جيئن جو تيئن“ برقرار رکڻ جو نظام،
جنهن کي جديد نظرين ئي جنجھوڙي رکيو ۽ تبديليون
آيون، ان جو مثال پندرهين صديءَ جي آخر ۽ سورهين
صديءَ ۾ يورپ جي اوائلي تاريخ ۾ اهو ٻڌائي ٿي ته
اتي مذهبي سڌارن Reformation پادرين
جي هڪ هٽي ۽ تسلط هيٺ آيل سماج کي جيئدان مليو.
ايئن پنهنجي سماج کي ڪنهن حد تائين وهم پرستي کان
آجو ڪرايو ۽ پوءِ عقل پسنديءَ وارو خيال اڀريو، ان
جي ڪري renaissance سجاڳيءَ
جي فڪري تحريڪن جو جنم ٿيو. 16 صدي کان 19 صديءَ
تائين اهڙي فڪري نظرين ۽ تحريڪن جو سلسلو جاري
رهيو.
18 صدي کي ته Age
reason عقليت
پسندي جي صدي مڃيو ويو. جمھوريت، سيڪيولرزم،
تخليقي ۽ فڪري ادب، فلسفي جون ڌارائون، مصوري ۽
موسيقي، جماليات جا تصور اهي سڀ ان دور جون حاصلات
آهن، ان ۾ حاصلات کي حاصل ڪرڻ ۾ عقليت پسندي جو هٿ
هو. سنڌ ۾ روشن خيالي ۽ عقليت پسنديءَ جي ابتدائي
لاڙن جا اهڃاڻ 1947ع کان 50 ۽ 60 وارن ڏهاڪن ۾
شروع ٿيا. اهڙن روشن خيال، لاڙن جي ابتدا ٿي، جنهن
جو اڳواڻ محمد ابراهيم جويو آهي، سندن سڄي حياتي،
پنهنجي قوم ۽ وطن کي، فرسوده نظام ۽ توهم پرستيءَ
کان آجو ڪرائڻ لاءِ، جاکوڙ ڪندا رهيا آهن.
صوفياڻي فڪر ۽ مٿين سڀني علمي، فڪري سلسلن،
ابراهيم جويي جي فڪري اڏار کي روايت ۽ جدت سان
جوڙي ڇڏيو آهي. انڪري ئي سندن سوچ، جياپو، ڪارج
سان آهي. هو ان خيال ۾ يقين رکندڙ آهي.
معلوم ٿئي ٿو ته سندن شخصيت تي شاھ، سچل ۽ ساميءَ
جي فڪر جو پڻ گھرو اثر آهي، نه صرف گھرو پر ان
گھرائپ (Depth) مان
سندن شخصيت اڀري نئين انسان طور سامهون آئي آهي،
نون نظرين جي افاديت ۽ مطالعي کين، رياستي ۽
سماجي جوڙجڪ، ڏتڙيل ۽ مظلوم طبقن لاءِ همٿايو آهي.
پنهنجي وطن جو اونو ڪندي، سک ۽ امن ڀري دنيا جو
خواب هن عمر ۾ به سندن اکين ۾ سرجيل آهي. همت ۽
وقار سان پُر هي شخص اياز جي چيل سٽ جل جل مشعل جل
جل وانگي آهي. پنهنجي فڪر ۽ عمل سان، قوم جي
اهنجن، مصيبتن کي زير نظر رکندو پئي آيو آهي.
1. سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي: هن
ڪتاب جي شروعات ’وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري‘
شاھ جي بيت سان ڪيل آهي. هي چند صفحا، سچ پچ ته
سنڌي سماج جو ڀوائيتو چِٽ آهي جڏهن پڙهيم، منهنجون
اکيون ڀرجي آيون. ٿوري دير لاءِ قلم ڇڏي ڏنم من تي
مونجھارو چڙهي آيو، ڀريي راڄ ۾ اڪيلي، سنڌي عورت
جو سراپا خيال اڀري آيم. ننڍپڻ جي يادگيري ته
هميشہ، من ۾ گھر ڪري ويهندي آهي. ڀلي اُها، دل سوز
يادگيري هجي يا جيءَ کي جياريندڙ هجي. سندن لفظن
۾:
”ننڍپڻ جي سڀ کان پهرين يادگيري جيڪا
منهنجي هانءَ ۾ سدا چڀندڙ رهي آهي. اُها هيءَ آهي
ته آءٌ پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ويٺل آهيان ۽ سندس
پيرن تي ڄمي ويل رت جون ڳڙيون، پنهنجن پتڪڙين
آڱرين سان پئي لاٿم ۽ هن روئيندي روئيندي منهنجي
ڏاڏي سان پنهنجي دکي حال جون ڳالهيون پئي ڪيون، جو
کيس سندس ٻيو گھر وارو بيڏوهو ماريندو هو ۽ هن
ڀيري هوءَ رتو رت ٿي پئي هئي(1).“
پنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ ڀاڳڀري جي جا اونهي پاڻي ۾ ٻڏي
وفات ڪرڻ ۽ ڀاءُ عيسيٰ جي وفات، سندن زندگيءَ کي،
ڏکائتو ڪيو. پنهنجي امڙ جي هميشہ جدائي واري،
حادثي کي هن طرح بيان ڪيو آهي. ”ڪراچي مان نڪري
اسان جي ڳوٺ وٽان رات جو گذرڻ واريءَ ريل گاڏيءَ ۾
آمري اسٽيشن تي لهي، پنج ميل گدڙجيءَ جي گھگھ ٻيلي
وچان، پنڌ ئي پنڌ هلندي، ڳرندي، ڳوڙها ڳاڙيندي،
پاڻ سان ڳالهيون ڪندي، وڏي اَسر پنهنجي ڳوٺ پهتس
معلوم ٿيو ته امڙ ٽينُ ڪپڙن جون کار ۾ ٽهڪائي،
ڀرسان تار وهندڙ درياھه جي ڪپ تي ڌوئڻ وئي هئي ۽
اتي داٻڙي تي ڪپڙا سٽيندي ڇاڇوليندي، پنهنجي
پهروٺي ڌيءَ ڀاڳڀريءَ جيان ترڪي، ساوڻي جي تيز
وهڪري جي اڇل جو بَکُ ٿي وئي هئي.
ائين منهنجي امڙ ساھ گھٽيندڙ عقيدن ۽ بي ترس رسمن
۽ ذاتي رنجشن، ڪِروڌ ۽ ڪاوڙ جي روين جو بک جو بَک
ٿي وئي(2).“
مٿين يادگيرين جي حوالن مان، محترم ابراهيم جويو
جي حساسيت معلوم ٿئي ٿي. هيترا سالن جا سال، اُنهن
يادگيرين ۽ حالتن، ڄڻ ته سندس شخصيت کي، سنوارڻ ۽
اُجارڻ ۾ گھڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. عورت جي حوالي
سان اونداهي مان روشنيءَ جا ڪرڻا جھپيندا رهيا
آهن. ساھ گھٽيندڙ عقيدن، بي رحم، بي ترس رسمن ۽
ڪاوڙيل روين جي مشاهدي سندس دل جي گوشي ۾ عورت
لاءِ، عزت ۽ پيار پيدا ڪيو آهي. مائرن بابت سندس
اهو خيال ته: ”هو ڪيئن ته هن سماج کي، هن جڳ کي
بنا ڪنهن دان جي پنهنجو جيون ڏين ٿيون ۽ عيوض ۾
ڪجھ نه گھرندڙ هجن ٿيون.“ ماضيءَ جو سبق ئي
زندگيءَ جو اڀياس آهي ۽ اهو اڀياس اڳتي وڌڻ لاءِ
حال کي سنوارڻ لاءِ آهي. سندس ئي لفظن ۾: ”اسان جي
ابائي ڳوٺ ’آباد‘ جي ننڍڙي دنيا بلڪه اسان جي سڄي
مادر وطن سنڌ جي ننڍڙي دنيا، منهنجي امڙ جي جيون
سان لاڳاپيل دردناڪ واقعن ۽ اهڙن ٻين انيڪ المناڪ
ڳالهين جي باوجود، ساڀيان واري دنيا پنهنجو هڪ
جاندار ذهن رکندڙ ۽ خوبين ڀريل دنيا هئي ۽ آهي، ۽
وڏي ڳالهه ته ڌرتي تي رهندڙ ٻين سڀني پاڻ جهڙين
قومن وانگر سڀئي اسين سنڌي پنهنجي مادروطن سنڌ ۾
رهندڙ ماڻهو، پنهنجي هڪ مخصوص قومي ڏاهپ جا مالڪ
به آهيون. جا اسان جي مادري زبان سنڌي ۾ موجود ۽
محفوظ آهي(3).“
ٻين ڪردارن، سندن والده ڪامُلَ کان علاوه سندن
ڏاڏي آخوندياڻي، ڀيڻ ڀاڳڀري راڄل ٻائي سان ٿيندڙ
دکدائڪ واقعن ۽ حالتن جو گھرو اثر ٿيو. نانو
الهڏنو، جنهن کي سڀ ملان الهڏنو چوندا هئا. مسجد ۾
نماز ۽ قرآن پاڪ پڙهائيندو هو. سندس گھرواري ناني
عزت سڏبي ته ملياڻي هئي پر ديني تعليم ڪانه هئس.
نانو احمد، جنهن جون پنهنجون ارڏايون مشهور هيون،
پر هرڪوئي سندس هن طبعيت کي سهندو هو، پر هُو
ڳالهين جو ڳهير ۽ هڪ طرح سان دلعزيز شخصيت هو، جو،
ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هيس. محترم جويي جي لفظن
۾ ”آءٌ ته پهرن جا پهر سندس دکڻ ۾ ويهندو هئس جو
ڪم به ڪندو هو ۽ ڳالهيون به پيو ٻڌائيندو هو.“
ناني بادل مرهيات وٽ وينداسين جيڪو واڍو هو ۽ سندس
دلچسپ ڳالهيون ڪڏهن کٽڻ جون نه هيون. ان وقت جي
سماجي ۽ مذهبي حالتن ۽ وهنوار، وڏڙن وٽان ٻڌل
گفتن، ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين، انيڪ المناڪ حادثن ۽
ڳالهين، جداين ۽ ميلاپن، ننڍڙي ابراهيم کي استاد
جي اعليٰ عهدي تي فائز ڪيو. لڳي ٿو ته سندس پهرين
استاد ٽيڪن مل جو سندس تربيت ۽ سوچ تي گھرو اثر
ڇڏيو.
سندن ننڍپڻ جا ڪي واقعا ۽ پهرين استاد جي تعليم ۽
تربيت جي سکيا جي يادگيرين مان سندس شخصيت تي
روشني وجھن ٿيون. سندن هڪ ياد سائين ٽيڪن مل جي
حوالي سان آهي. ”سائين جي اها ڌم لڳي پئي هوندي
هئي ته دوا آهي ڪڙي، مٺي هجي کلي به وٺبي روئي به
وٺبِي! دک دوا ٻئي ڳالهه ساڳي روئي سهڻ بدران کلي
سهجن ته سٺا!“
هڪ استاد ڪيئن ٿو پنهنجي شاگرد کي سمجهي ۽ ان ۾
اميد رکي ٿو. تنهن جو اندازو هن واقعي مان به ڪري
سگھجي ٿو پاڻ لکن ٿا.
”آءٌ ڀانيان ٿو ته ٻئي درجي يا ٽئين درجي ۾ هوس جو
هڪ ڀيري ڏاڏيءَ سان گڏجي دريا جي تڙ ٿئي ويس.
منهنجي هٿ ۾ ٽي چار ماچيس جا خالي کوکا هئا. جن کي
ٻهراڙي ۾ باڪَسَ (واحد: باڪس) چوندا هئاسين، اُهي
مون ٻاراڻي خيال کان گڏ ڪيا هئا. منهنجي کيسي ۾ ڪي
ٻه ٽامي وارا، تڏهوڪي دؤر جا ڳرا سڪا به هئا. ٻه
انهن جا اڌ يعني اَڌيلا به، ۽ هڪڙو ٽامي جو ٽَڪو
جيڪو اڄوڪي رپئي کان ڏيڍوڻو وڏو هو. گھٽ ۾ گھٽ
ٻيڻو ڳرو هوندو هو. ڏاڏيءَ کي ڪونڊي ڪپڙن جي ڌوئڻي
هئي ۽ مان ويهي ڪپ سان اتي راند ڪرڻ لڳس. ڇا ڪيم،
جو هڪڙو باڪس کولي ان ۾ هڪڙو پئسو وجھي، اوڀاري هٿ
کان کڻي پاڻي ۾ ڇڏيم ته اهو ترندو جڏهن منهنجي
لهواري هٿ تائين آيو ته ان کي وري کڻي ورتم. پوءِ
ان ۾ ٻيو پئسو وڌم ۽ وري به، ان کي اڳي وانگر تاري
کڻي ورتم. پوءِ ان ۾ کڻي ٿو ٽڪو به وجھان پر اهو
مٿان ترندو منهنجي لهواري هٿ تائين پهتو ئي مس ته
ڇٻڙڪ ڪري پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو، ان جو سبب شايد اهو به
هو ته ٻه ٽي ڀيرا تري اچڻ ڪري ان تي چنبڙيل پٺو
پسي ڀت ٿي ويو هو ۽ مٿان جو پيس ڳري ٽڪي جو بار سو
سٽ سهي نه سگھيو ۽ ٻڏي ويو. باڪس جو ٻڏڻ ۽ منهنجو
ان کي جھلڻ جي لاءِ هيٺ تِک ۾ هٿ هڻڻ. بس ان ۾
منهنجو پير ترڪي ويو ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ پيس ۽ اٿلي
پيٽ ڀر پئجي، ڪپ جي چيڪي مٽيءَ کي هٿ سان رهڙڻ
لڳس. ڏاڏيءَ جو اهو حال ڏٺو سو رس رسول خدا جا!
ڪري وٺي پاڻيءَ ۾ مون ڏانهن اڇل کاڌائين ۽ مون کي
پڪڙي کڻي مٿي اڇليائين. بس پوءِ هلي پڇا ڳاڇا، ۽
مون سچي ڳالهه ڪري ٻڌائين. ڇو ٿي ايئن ڪيئي! ٻيڙي
کي ٿي تاريم. پئسا ڇو ٿي وڌئي ـــ بار ٿي
کڻايومانس!“ بهرحال ڳالهه سڄي ويڙهي ۾ پکڙجي وئي
ته آخوندياڻي جو پوٽو خدا کڻي بچايو آهي. ڏاڍو
ڇوڪر آهونڊ ٿي پيو آهي! باڪس ۾ ٿا پيسا وجھجن سو
ٿو درياءَ ۾ تري! درياءُ جو به ڪو ڊپ نه! پهريون
پهريون ته ڏاڏي کنج ڪڍي، پوءِ ڏاڏيءَ ڪن مهٽ ڪئي،
امڙ گوڏي ويهاري ڳوڙها ڳاڙيا ۽ ٻئي ڏينهن هلي
دانهڻ سائين ٽيڪڻ مل وٽ. سائين ٽيڪن مل سڄي ڳالهه
ٻڌي، مون کان پڇيو: پُٽَ ابراهيم! پاڻيءَ مان ڇا
ٿي ڪڍيئي؟
سائين باڪس جي ٻيڙي ــ
ان ۾ پيسا ڇو وڌئي؟ــ
سائين بار ٿي کڻايومانس. اهو ٻڌي سائينءَ ڏاڏيءَ
کي چيو ته آخوندياڻي، تنهنجو هيءَ پٽ ته پاتاري
ٿيندو! هن ته ٻڏل ٻيڙي ٿي ٻاهر ڪڍي! هيءُ پيسي جي
پٺيان نه پڃ (چڱو ڪم) جي پٺيان هوندو. هيءُ سوار
ٿي نه، پر سهڪاري ٿيندو.“ هن واقعي جو حوالو ان
ڪري ڏنو ويو آهي ته ننڍڙي ابراهيم جويو جي راند ۽
هڪ استاد جي فهم ۽ فراست دانائيءَ جو سبق، ننڍڙي
ابراهيم جويي لاءِ امتحان ۽ زندگيءَ جو مقصد بڻجي
ويو. هڪ استاد جي فڪري تعليم ۽ سمجھاڻي ڪيئن نه
ٻار کي سڌاري ٿي ۽ ذهني شعور عطا ڪري ٿي.
ابراهيم جويي، پنهنجي ننڍپڻ جي مختصر يادگيرين کي،
ائين ئي محض تحرير نه ڪيو آهي، پر ان ۾ هڪ وڏو
مقصد سمايل آهي. بلڪه، سنڌي سماج کي آرسي ڏيکاري
آهي. ڪامُ (سَڌَ) ڪروڌ (ڪاوڙ) لوڀ (هٻڇ) موهه
(انڌو چاهه) اهنڪار وڏائي، اڄوڪي انسان جا
ڪُلَڇَڻَ نه پر بريون عادتون ۽ خصلتون آهن. ان ڀلي
استاد جي سمجھاڻي موجب:
”اهي ئي پنج خراب عادتون يا ڪُلَڇَڻَ ماڻهو جا وڏي
۾ وڏا دشمن آهن. جيڪو ماڻهو انهن کان بچي ٿو، سوئي
ماڻهو، ماڻهو بڻجڻ جي لائق ٿو بڻجي، ڇو ته ان ۾
ماڻهپو پيدا ئي پوءِ ٿو ٿئي(4).“
اڳتي وڏي سمجهاڻي آهي. جيڪا سائينءَ
’ٽيڪن مل‘ ننڍڙي ابراهيم کي ڏني. جنهن ۾ اڄوڪي
سماج ۽ وهنوار لاءِ پڻ وڏي اهميت واري آهي. ڪَتيءَ
جا نارَ چڙهيل هئا ۽ هڪڙي نار ۾ ڀلو جوڙو ڏاند جو
پئي وهيو. پاڻي ڪينگرين مان لار ڪندو وهندو پاڙڇ ۾
پئي ويو. ائين به پئي ڏٺو ڄڻ هڪڙي نار جو نه پر ٻن
نارن جيترو پاڻي هو. جو اڏ کي ٽٻ ڪري پئي وهيو.
سائين نار ڏانهن نهاري چيو! هي نار ڪيئن نه ٺِڪ
ٺاڪ پيو ڪم ڪري! هي ان ڪري ٺيڪ ٺاڪ ڪم پيو ڪري،
ڇاڪاڻ ته ان جو هرهڪ پرزو ۽ هرهڪ حصو ٺيڪ ٺاڪ آهي
۽ صحيح نموني سان ڪم پيو ڪري! جيڪڏهن ان جو ڪو
هڪڙو پرزو به: ڳاڌي، چڪر، لٺ ۽ ٻنگو، مالهه، پاڙڇ،
ٺهڪڻ وغيره پنهنجو ڪم صحيح طريقي نه ڪري ته هوند
نار بيهي رهي، ۽ ان جو سڄو ڪارج ئي ختم ٿي وڃي.“
اڳتي ڪي اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي سادگيءَ سان بيان
ٿيل آهن جن کي اڄوڪي، منظرنامي ۾ ڏسجي ته ڪي
پريشان ڪُن حقيقتون آهن. سائين ٽيڪن مل جي لفظن ۾:
”اهو لڪيءَ جو شهر آهي! ان کي به پاڻي ملڻو آهي.
ڪيئن نه هي سڀ ٻار هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن.!
سڀني کي پاڻي گھرجي، سڀني کي ملندو پر هڪ کان
ٿيندو ٻئي کي ۽ ٻئي کان ٿيندو ٽئين کي ۽ ائين سڄي
کيت کي پاڻي ملندو ۽ سڄو کيت پچندو ۽ اَن ڪندو.
پهرئين ڪنهن کي ٿو ملي ان جي ڪا ڳالهه ڪانهي. جنهن
ٻار کي پنهنجي واري جو پاڻي مليو، تڏهن ان کي ڄڻ
اهو پهريون مليو.“ ائين هڪ ٻئي جي معاشي ترقي، ملڪ
جي ترقي بنجي ٿي.“ آخري سٽون ” ائين هيءَ اسان جي
آسپاس جي ننڍي دنيا هڪ ٻئي لاءِ ۽ هڪ ٻئي جي
انهيءَ سهڪار تي هلي ٿي.“
اهڙي تعليم ۽ تربيت ذهني نشونما ۾ هڪ ڪردار ادا
ڪيو. مرد شخصيتن مان هڪ سندن استاد ٽيڪن مل ۽ ٻيو
ڏاڏو مرهيات کين اڄ به ياد آهن ۽ ٻيون اُهي مظلوم
عورتون جن زندگيءَ ۾ ڪا خوشي نه ڏٺي ۽ سندن
زندگيءَ تي گھرا نقش چٽيا. سماجي مت ڀيد ۽ حالتون،
مشاهدو ۽ اُهي مخصوص ڪردار سندن جدوجھد ۽ جاکوڙ
جا ابتدائي محرڪ هئا. جن اڳتي هلي محمد ابراهيم
جويو کي عقل پسند ۽ روشن خيال بنايو. نئين سنڌ جو
خيال، سندن ذهن ۽ فڪر تي ڇانئجي ويو. جنهن جي
بهتريءَ لاءِ هو پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. سندن خيال
مطابق ايترن ڏکن، تڪليفن ۽ ڏولاون واري دنيا
پنهنجي جاءِ تي پر سوڀيا ۽ سونهن سان ڀريل هيءَ
دنيا ۽ وطن سنڌ سان محبت پڻ هڪ وڏو محرڪ رهيو. ان
جي سوڀ ۽ سونهن لاءِ، خير ۽ نيڪيءَ وارا ڪم ڪندا
رهيا آهن.
’سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي‘ ۾ ورهاڱي کان اڳ ننڍي
کنڊ جي سياسي صورتحال، ۽ سنڌ جي سياسي، معاشي،
سماجي صورتحال ۽ سنڌ جي موجوده حالتن تي لکيل مواد
شامل آهي. تاريخ جو ادراڪ رکندي ابراهيم جويي عوام
جي آڏو حيرت انگيز مواد رکيو آهي. سنڌ وطن ۽ قوم
لاءِ هي وڏو سرمايو آهي. هن مواد ۾ تاريخ جو
مطالعو، سائنس ۽ سيڪيولرزم جي تحت، تجزيو ڪندي
نتيجا ڪڍيا ويا آهن. جيئن باب ’ تر جي گٿي سنڌ‘ ۾
انهن سياسي، سماجي حالتن کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن
جي ڪري سنڌ هڪ آزاد ۽ خود مختيار وطن ٿيڻ بدران
صوبو بڻجي وئي، ان کان علاوه سنڌ بابت سماجي سياسي
۽ فڪري مضمون ٻولي ۽ تعليم، پاڻي ڪيس جهڙا مقالا
شامل آهن. جيڪي موجوده سنڌ جي تاريخي، سياسي ۽
سماجي حالتن جو گھرو اڀياس آهن. هن ڪتاب جو عنوان
’تر جي گٿي سنڌ‘
انگريزي ڪتاب Save
Sindh Save the Continent جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. هن ئي ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي
نوجوانن کي مخاطب ڪيو ويو آهي: ”هن وقت هتي سنڌ ۾
۽ پڻ جيئن باقي هندستان ۾ آهي، تيئن اسان جا
نوجوان جن کي ننڍڙن صليبي مجاهد ٻارڙن وانگر مٿئين
طبقي کي هشيون ڏيندڙ ۽ غلط فائدا حاصل ڪندڙ ماڻهن
جي موروثي ورهاست خاطر وڙهائي کين ٺڳيو پيو وڃي.
انهن مدي خارج دائمي مفاد پرستن جي توشه خاني ۾
هاڻي اهو ئي هڪڙو هٿيار باقي وڃي رهيو آهي جنهن کي
هو ڍال وانگر استعمال ڪري عام ماڻهن جي انهيءَ
تلوار سان پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ٿا چاهين جن کي ماضيءَ
۾ هنن وڏو عرصو پنهنجي لوهي شيخن جي پٺيان قيد ۽
بند ۾ جڪڙي رکيو آهي.“ (5)
2. شاھه، سچل ۽ ساميءَ هڪ مطالعو ( 1700 ع کان
1850ع) سندن
تحقيقي ۽ اعليٰ تحرير آهي. جنهن ۾ سندن شخصيت ۽
اندر جي دنيا جھلڪا ڏيندي نظر اچي ٿي، سنڌ جي ان
اعليٰ ورثي کي سمجھايو ويو آهي جيڪو هن ديس جي نج
ثمر ۽ سڳنڌ آهي. ان ڪري سنڌ کي دنيا جي نقشي تي
منفرد ۽ هڪ مرتبو عطا ڪيو آهي. هن علمي تحقيقي ڪم
هڪ عام شاگرد کان وٺي، استاد ۽ پڙهندڙ تي اثر ڇڏيا
آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ قوم ان جي وطن ۽ سماج جو مطالعو
شامل آهي، سنڌ جي سرواڻ شاعرن شاھه، سچل ۽ ساميءَ
جي فڪرانگيز شاعري جو تت سمجھايو آهي. لکن ٿا.
”شاعري مجموعي طور انساني فطرت ۾ زياده اونهو ڏسي
ٿي. ان جي خصوصيت بلڪه ان جي عظمت جو دليل ئي اهو
آهي جو اها اندر جي اسرار جي ڳالهه جي اصل جي؛
اکرن جي نه، پر روح جي صورتگري ڪري ٿي (6).“
سچائي جو حصول تڏهن ممڪن آهي جڏهن سچائي جو ادراڪ،
پنهنجي سر ٿئي. باري تعاليٰ جو تصور به دنيا جي
شعور ۽ سمجھ ۾ تڏهن ئي آيو جڏهن تخليقي عمل تخليق
ٿيو قرآن پاڪ جي آيت ۾ هن ريت آيل آهي.
”آءٌ هڪ لڪل خزانو هيس، مون گھريو ته منهنجو وجود
ظاهر ٿئي. آءٌ سڃاتو وڃان، ان ڪري مون مخلوق کي
پيدا ڪيو.“
هڪ وڏي صوفي (مٿين آيت) حسين بن منصورحلاج اکرن
ذريعي خدا جي تصور کي بيان ڪيو. پاڻ ان جو تت هنن
سٽن ۾ بيان ڪيو اٿن:
”هن جو مطلب اهو ٿيو ته سچائي جو عمل سواءِ سچي
خيال ۽ عمل جي ممڪن ٿي نٿو سگھي.“
اهڙيءَ ريت شاھ لطيف به سچائيءَ جي سگھي ملڻ جو
انسان ذات کي يقين ڏياري ٿو، اها سچائي قرآن جي
آيت ”وَنَحۡنُ اَقرۡبَ اِلَيۡہِ مِنۡ حَبۡلِ
الۡوَرِيۡدَةً“ جي مثل سندس اندر ۾ موجود آهي.
”جسماني ۽ مادي حاصلات ڪيتري به اعليٰ ۽ ڪيتري به
نفع بخش هجي پر ان جھڙي بلڪه ان کان وڌيڪ اعليٰ ۽
وڌيڪ نفع بخش حاصلات، ڪا مبهم دريافت ۽ ڪا ايجاد
اڄ نه ته سڀاڻي هڪ کان نه ته ٻئي ماڻهوءَ جي هٿان،
سدائين ممڪن هوندي آهي. انسان جي اندر
(دل،روح،ذهن) ۾ جو ڪجھ آهي ۽ اتي جو ڪجھ اڀري ۽
اسري رهيو آهي. ان کي اهڙي روپ ۾ پڌرو ڪرڻ جنهن کي
ڏسي يا ٻڌي ائين محسوس ٿئي ڄڻ انهيءَ اڻڄاتل اندر
جي اسرار جي هڪ جھلڪ ماڻهو جھٽي ورتي آهي. اها هڪ
بنيادي ۽ بي بدل ڏات آهي. جنهن جا رڳو فيلسوف،
شاعر ۽ فنڪار ئي اهل چيا ويا آهن (7).“
مڪمل انسان ٿيڻ وارو فلسفو يا نُڪتو جيڪو لطيف،
سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام جو ڳر آهي تنهن کي ابراهيم
جويي نهايت ئي آسان لفظن ۾ تاريخ ۽ سماجي جوڙ جڪ
جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو آهي:
”ڪهڙي منجھ حساب هئڻ منهنجو هوت ري“ هي سٽ به ان
سچائيءَ جي ڳولهڻ طرف اشارو آهي ته ’هوت‘ سچو ۽
سچائي آهي. انسان ازلي سچائين کي پنهنجي اندر جي
گھرائين ۾ ويهاري لازوال جدوجھد ڪري، مڪمل انسان
ٿيڻ وارو خواب پورو ڪري سگھي ٿو.
3. سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي : صوفياڻي
فڪر ۽ مٿين سڀني علمي، فڪري سلسلن ابراهيم جويي جي
فڪري اڏار کي روايت ۽ جدت سان جوڙي ڇڏيو آهي.
انڪري ئي سندن سوچ، جياپو، ڪارج سان آهي. هو ان
خيال ۾ يقين رکندڙ آهي.
مٿيون ڪتاب پهريون دفعو مارچ 2007ع ۾ Centre
for peace and civil society (CPCS)پاران
شايع ٿيو. هيءُ فڪر انگيز ڪتاب، ڪيترن ئي نام نهاد
طور طريقن ۽ خيالن جو، استحصالي قوتن کي علمي ۽
سائنسي جواب آهي. جن مطابق سائنسي شعور سان
معاشرو، زوال ڏانهن ويندو. ان کي ڪج بحثي ئي چئي
سگھجي ٿو.
عوام جي ڏکن ۽ مصيبتن کي، عقل، دانائي ۽ سيڪيولرزم
جي مدد سان ئي تبديل ڪري سگھجي ٿو. سيڪيولرزم جو
فڪر ته رياست ۽ ان جي ادارن سان ئي بحث ڪري ٿو. هي
نظام ۽ فڪر مت ڀيد کان مٿانهون ٿي انسانذات جي
ڀلائيءَ لاءِ سوچي ٿو.
محمد ابراهيم جويي جو هيءُ فڪر انگيز ڪتاب، سنڌي
سماج ۽ سنڌ جي هر ان باشعور فرد کي عقليت پسندي تي
ٻڌل سماج جي تشڪيل لاءِ اتساهي ٿو. ان لاءِ، بنياد
فراهم ڪندي دليل ڏي ٿو. عقليت پسندي ۽ سيڪيولرزم
جي روشنيءَ ۾ منطقي، علمي ۽ معروضي سچائين ۽
حقيقتن جو گھرائپ سان مطالعو ڪندي، ان جو ادراڪ
ڪندي، هڪ نئين ۽ روشن خيال سنڌ جو تصور ڏنو آهي ۽
ان تصور ۽ خواب جي ساڀيان لاءِ علمي، ادبي، فڪري،
سماجي ۽ سياسي سجاڳي کي اوليت ۽ اهميت ڏي ٿو. ان
لاءِ پاڻ، اڳواڻي ڪندي، روشن خيال ۽ عقليت پسند
سماج جي اڏاوت لاءِ سرواڻ ٿي جاکوڙ ڪندا رهيا آهن
۽ اهڙين ڪوششن ۽ جدوجهد لاءِ اڄ به پتوڙي رهيا
آهن.
سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي ۾ پنج اهم فڪري مضمون
شامل آهن جن مان پهريون ”ارتقا جو نئون جنم“ جي
عنوان سان آهي جنهن ۾ 1987ع ۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ
پاران ڪائنات جي وجودجڻ Big
Bang Theory جي
سلسلي ۾ مذهب ۽ سائنس کي قطعي طور تي جدا جدا ڪيو
ويو. اِهڙن مضمونن جو مقصد هي آهي ته رياست مذهب
کان ڌار هجي عقيدي جي ڪوڙين ۽ وهمي پاسن کي دور
ڪري، سائنسي، روشن خيالي ۽ عقلپسندي کي سماج ۽
زندگي لاءِ اهميت ڏجي، اِهڙن لاڙن کي متعارف
ڪرائجي جنهن سان، انسان ۽ انسان ذات جي اوسر ڪرڻ ۾
سماج لاءِ دور رس، نتجا ڪڍي سگھي. آزادي، اَخوت ۽
مساوات عمل ۾ اچن.
ابراهيم جويو نون لاڙن جو تعارف ۽ انهن کي سنڌي
ادب ذريعي ۽ ٻين تحريڪن ذريعي سماج تي لاڳو ڪرڻ
لاءِ جاکوڙ ڪندا رهيا آهن.’سيڪيولرزم ۽ عقليت
پسندي‘ جھڙو ڪتاب، جديد سنڌي ادب جي آبياري ۾ انهن
لاڙن جي وڌڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندي هي ڪتاب،
ٻنهين نظرين کي سمجھڻ ۾ مدد ڏي ٿو ۽ ان جي اهميت
کي نروار ڪري ٿو.
هن ڪتاب جو فڪرانگيز سمورو مواد سائنسي سوچ ۽ شعور
جي ترجماني ۽ نمائندگي ڪندي آزاديءَ ۽ روشن خيالي،
عقليت پسندي کي سمجھائيندي سنڌي سماج ۽ ادب جي
اوسر ۽ ترقيءَ لاءِ روشن رستا ۽ راهون متعين ڪري
ٿو. ٻين لفظن ۾ ڄڻ ته نئين سنڌي سماج جي اڏاوت جا
بنياد رکي ٿو. توهم پرستي ۽ جھالت جي خلاف سائنسي
شعور ۽ سوچ جي سفر کي متعارف ڪرائي ٿو. انڌن
ويساهن ۽ عقيدن جي جاءِ تي سائنسي ۽ شعوري،
تبديليءَ لاءِ نون نظرين ۽ خيالن جي ڳالهه ڪري ٿو.
محترم جويو تڏهن سنڌي سماج جي ٻي ڌر جي نظر ۾ مجرم
بڻجي ٿو. عوامي عدالت ۾ اچي سماجي تاريخ جي پس
منظر ۾ هٿ ٺوڪي بيداري ۽ انهن جي پاليسين ۽
پارسائي کي انهن پاران مڙهيل الزام جنهن ۾ ترقي
پسند تحريڪ، ماده پرستي، سيڪيولرزم ۽ جديد نظرين
کي مڃڻ ۽ جديد قوم پرستيءَ کي ترقي وٺرائڻ وارن
الزامن تي ۽ ٻين اٿاريل سطحي الزامن تي جيڪو جواب
ڏنو آهي، اهو هيءُ آهي: ”شرعي منصف پنهنجو فيصلو
صادر فرمائي ڇڏيو آهي، مجرم کي نه ئي صفائي پيش
ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي ۽ نه وري فيصلي تي
نظرثاني ڪرڻ لاءِ اپيل جو حق. ڇاڪاڻ ته ان قسم جا
خيال ۽ ويچار، انساني حقن جي زمري ۾ اچن ٿا، تنهن
ڪري اهي جديد نظريا آهن. انهن جو ”دين“ سان ڪو به
واسطو ڪونهي (8).“
هن ڪتاب ۾ سلسليوار مضمون، هن ريت آهن. ارتقا جو
نئون جنم (2) جڙ وار هڪ انساني سماج دوست نظريو
(3) ماڻهو جديد نظريه ڇو ٿا قبول ڪن؟ (4) مذهب،
تهذيبي، تمدني قدُرَ (5) سيڪيولرزم ۽ عقليت.
هنن مضمونن ته هر قسم جي دهشتگرديءَ جي خلاف هڪ
عقلي، سائنسي ۽ منطقي جوازن ۽ سببن جي روشنيءَ ۾
رجعت پسنديءَ کي للڪاريو ويو آهي. ڪل جي ڀلائي جو
خيال ۽ هي دنيا سماجي لڳ لاڳاپو ۽ تعلقات جي بنياد
تي قائم آهي، وارن جديد خيالن کي سمجھائن ٿا.
آزادي ۽ انساني حقن جي لتاڙ جو سلسلو جاري آهي،
سنڌ ۽ سنڌي قوم تاريخ جي انتهائي نازڪ دور مان
گذري رهيا آهن، وارو پيغام محترم ابراهيم جويو جي
آڏو قومي وجود جي سالميت ۽ بقا وارو سوال آهي،
پنهنجي وطن ۽ ديس واسين لاءِ اُتساهه جو بنياد پڻ
آهي حياتياتي دنيا جي ارتقا ساڻ انسان جي ارتقا،
بابت تصور گذريل ٻن صدين کان دنيا لاءِ هڪ،
انقلابي تصور رهيو آهي. دنيا، ڪائنات، ڌرتي،
حيوانات، نباتات، انسان ۽ انساني سماج بابت ارتقا
۽ اوسر، دنيا جي دانشورن، سائنسدانن، عالمن مفڪرن
جي عالمانه ڪوشش هئي. ڊاروِن جو ارتقائي نظريو ان
سلسلي جي ڪڙي هئي. نه ڊاروِن کان پهرين جرمنيءَ جي J.E
Leasing فرانس
جي ڏاهي George
Buffor هرڊر
کان وٺي هيگل تائين فيئرباخ کان وٺي مارڪس تائين،
انساني سماج، زندگي ۽ ڪائنات بابت پنهنجن خيالن جو
اظهار ڪيو. جيئن اياز چيو:
مرنداسين ته مٽي مان پنهنجي
جڙندو هي مانڊاڻ،
ڪَتيون اسان جي ڪڇ ۾ هونديون،
چنڊ اسان سان ساڻ.
مقصد ته نئين نسل کي ڄاڻ ڏيڻ ۽ فرسوده رد ٿيل
تصورن جي جاءِ تي نئين تصورن تي سوچڻ ۽ ان مان لاڀ
حاصل ڪرڻ وارو عمل آهي. محمد ابراهيم جويي جون اهي
تحريرون نظام کي للڪاريندي سنڌي سماج جي جوڙجڪ تي
۽ ناڪاره پاليسين تي علمي، سائنسي بنياد تي، هڪ
اهڙو تنقيدي، تحقيقي ۽ تخليقي اڀياس آهي جنهن جي
سنڌي ادب ۽ سنڌ واسين کي ضرورت هئي. ابراهيم جويو
ان جدوجھد جو سرواڻ آهي. جنهن کي سنڌ جي قومي،
جمهوري ۽ سيڪيولر جدوجھد چئجي ٿو.
4. سنڌي ادبي سنگت، ترقي پسند ادب ۽ جويي صاحب تي
ٿيل تنقيد:
20 هين صدي دنيا ۾ هلندڙ تحريڪن جي منطقي نتيجن
تحت نون لاڙن ۽ روايتن جو نه صرف جنم ٿيو، پر ان
جا گھرا اثر قبول ڪيا. ننڍو کنڊ، جنهن وٽ اڳ ۾ ئي
روايتي شاعري ۽ نثر موجود هو. ان جي بنياد تي شعر
جو اهو نمونو جنهن کي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو درجو
حاصل آهي. اُهو پڻ موجود هو. سو ننڍو کنڊ به تمام
گھڻين تبديلين، سماجي ۽ سياسي هلچل هيٺ آيو. ترقي
پسند فڪر جنهن پوريءَ انسانذات بابت پاڻ کي ذميوار
سمجھيو. ڄڻ ته ان فڪر لطيف جي سِٽ ”عالم سڀ آباد
ڪرين“ جي ترجماني ٿي ڪئي. ورهاڱي کان پهرين نالي
واري اديبن ترقي پسند ادب جي اوسر جو بنياد وڌو
جنهن ۾ ديوان ڪوڙيمل، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي،
هوتچند مولچند گربخشاڻي، لالچند امرڏني مل
جڳتياڻي، ڄيٺمل پرسرام، سوڀي گيانچنداڻي، محمد
ابراهيم جوئي، غلام محمد گرامي، گوبند مالهي، ڪيرت
ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، شيخ اياز، نارائڻ شيام،
جھڙن اديبن، شاعرن ترقي پسند ادب جي واڌ ويجھ لاءِ
ڪم ڪيو. سماج ۽ ادب کي ترقي پسند تحريڪ جي روشنيءَ
۾ پرکيو ۽ نئين آدرش ۽ نظريي کي متعارف ڪرايو.
جنهن جي ڪري، اَدب نئن منظرنامي سان تخليق ٿيو.
ادبي سنگت جي تحريڪ جي شروعات 1947ع جي پهرئين اڌ
۾ ٿي.
سنڌي ادبي سنگت جو پهريون يونٽ، قائم ٿيو. سنگت جو
بنياد وجھڻ وارن ۾ گوبند مالهي ۽ گوبند پنجابي اهم
نالا آهن. جن مان گوبند مالهي، سنڌي ادبي سنگت جو
پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس سرڪردگيءَ ۾
اڃان پهريون ميڙاڪو ٿيو ئي مس هو جو ورهاڱو ٿيو، ۽
گوبند مالهي پڻ پنهنجو ديس ڇڏي هندستان هليو ويو.
جنهن وقت ادبي سنگت جو قيام وجود ۾ آيو ان وقت
سياسي ۽ سماجي حالتون، وڳوڙ ۽ هڪ اهڙي هلچل ۾
هيون، جنهن ۾ وڇوڙو هو، سياسي طرح ڪيل فيصلي ۾ ڪيل
ورهاڱي جي unsuitability ۽
غيرفطري هئي. سنڌ سک، شانتي ۽ امن جو گھوارو صدين
کان مليل تهذيبي ورثو وڳوڙ جي ور چڙهي ويو.
سنڌي ادبي تحريڪ جي ابتدا سال 1947ع جي پهرين اڌ ۾
ٿي ۽ ٻيو باقاعده ميڙاڪو 1947ع ۾ سال جي آخري
مهينن ۾ جناح ڪورٽس ۾ منعقد ٿيو. احسان بدوي، جمال
ابڙي، مولا بخش ساغر، ڪيرت ٻاٻاڻي، سائينداد
سولنگي، نورالدين سرڪي، شيخ اياز شرڪت ڪئي. ان کان
پوءِ سنگت ماٺارجي وئي.
سنگت جو ٻيو دور 1953ع ـــ 1957ع کان شروع ٿيو.
جنهن ۾ هن تحريڪ جون گڏجاڻيون جناح ڪورٽس ۾
ڪوٺايون ويون. 1953ع کان پوءِ هيءَ تنظيم، ڪراچيءَ
۾ جنم وٺڻ کان پوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به قائم ٿي.
1956ع وارو سال جيڪو سنڌ لاءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ
اوکائين ۽ مشڪلات وارو سال هو. ادبي سنگت جو
پهريون مرڪزي ڪنوينشن
7- آڪٽوبر سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن تحريڪ، جا
مقصد نئين ٽهي کي اڳتي وڌائڻ، رهبري ڪرڻ، سنڌ ۽
سنڌي ٻولي جي تحفظ ۽ واڌ ويجھ، ان کي جائز مقام
تسليم ڪرڻ، تنقيد واري موضوع کي اهميت ڏيڻ، معياري
مواد کي اشاعت هيٺ آڻڻ ۽ سنگت جي گڏجاڻين ۾ پيش
مواد کي، معياري رسالن ۾ اخبارن ۾ ڇپرائڻ وغيره
هو. پر هن تحريڪ پنهنجي دور ۾ سماجي ۽ سياسي،
بحران ۽ وڳوڙ، ناانصافين خلاف ان تي ردعمل جو
اظهار ماضيءَ ۾ ڪيو هو ۽ ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي
سرڪاري حيثيت ۾ تسليم ڪرڻ جي تحفظ، سنڌي ادب ۽
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن تي، حقن لاءِ جدوجھد ڪئي.
ون يونٽ خلاف، آواز اٿارڻ ۽ سرواڻيءَ لاءِ، سنڌي
ادبي سنگت پاران هلايل تحريڪ، پنهنجو تاريخي ڪردار
ادا ڪيو. هن ساري، وايي منڊل ۾ ابراهيم جويو به
پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو.
ايل.ڊبليو.او هاسٽل جنهن تي پوءِ جناح ڪورٽس جو
نالو پيو اتي اديبن جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون
جمال ابڙي هڪ انٽرويو ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي هن حقيقت
جو اظهار ڪيو ته:
”سنڌي ادبي سنگت کي بعد ۾ قائم ڪيو ويو. اسان ته
اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو، سنڌي ادبي سنگت به وجود ۾ آئي.
ڪنهن ڪوشش ڪري نه آندي. محمد ابراهيم جويي جو دماغ
۽ ڪردار هوندو هو. هيءَ ڳالھ هيئن نه هيئن هئڻ
گھرجي، ابراهيم جويو تمام وڏو ماڻهو آهي. ان جو
اهو نظريو هوندو هو. محمد ابراهيم جويو ۽ ابن حيات
پنهور اهي ٻئي ماڻهو خاص هئا. هن سڀني کي گڏ ڪيو،
اهي ترقي پسند ادب جا حامي هئا (9).“
31- ڊسمبر 1981ع تي سنڌي ادبي سنگت جي ٿيل هڪ ويهڪ
۾ شاھه، سامي ۽ سچل تي ۽ ٻين اعتراضن جو جواب ۽
انهن جو تفصيل سان جواب ڏنو اٿن، ظلم ۽ غربت،
جھالت ۽ لاچاري خلاف علم، رسمي طرح نه پر محترم
جويو ان ماحول ۾ رهيو ۽ مشاهدو ڪيائين جنهن جو
ذڪر ابتدا ۾ مون ڪيو آهي. ’آئون پڻي‘ سان ڳانڍاپي
جو سلسلو، منصورحلاج جي عقيدي ’مان اعظم شاني‘ سان
ئي جڙيل آهي، ۽ استاد جويو پڻ ان خيال ۽ عقيدي جو
سلسلو آهي. پنهنجي آءٌ پڻي سان ڳانڍاپو ۽ امنگ
سندس لکڻين مان خاص طرح شاھه، سچل ۽ سامي ۽ ٻين
موضوعن بابت ڪي نُڪتا به اٿاريا ويا جن جو 31-
ڊسمبر 1982ع ۾ سنگت پاران ملهايل هڪ گڏجاڻيءَ ۾
جواب هن ريت ڏنائون:
”منهنجي لکڻين بابت، سندن مطالعو مون کي ڪافي ڪجھ
اڻ پورو، غيرمنطقي ۽ بي واجبي لڳو. مون کي وري به
جدلي ماديت جي مهارت جي دعويٰ ڪانهي، جيتوڻيڪ
سمجھان ٿو ته ان جو working
knowledge،
ڪڍائو علم اٿم ۽ نٿو ڀانيان ته ان جي آڌار تي غلام
مصطفيٰ لاکي صاحب جي پيش ڪيل ڪن Formulation فڪري
بيانن يا تعميمن سان اتفاق ڪري ٿو سگھجي. بهرحال
آءٌ کين في الحال رڳو اهو عرض ڪندس ته ڳالھ جي سڄي
رخ، سڄي ڪيفيت کي خيال ۾ رکي، ان جي ڪٿ ڪن ته جو
ڪجھ ان جو مقصد لکندڙ جي سامهون هو، اهو بنيادي
انساني قدرن جي حوالي سان صحيح هو يا نه، ڪيتري
قدر ڪاميابيءَ سان ڳالھ ۾ يا مضمون ۾ ان جو اظهار
ٿي سگھيو (10).“
محترم جويو پنهنجي، فڪري ۽ منطقي دليلن موجب ڪيڏو
نه واضح ۽ روشن سج جيان آهي: ”اسين سنڌ وارا جنهن
ڌرتي ۽ سماج ۾ رهون ٿا، انهيءَ ڌرتي ۽ سماج آڏو
هڪڙو مقصد واضح ٿي چڪو آهي، وقت جو سڏ آهي ۽
انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي رڪاوٽون يا
رنڊڪون آهن انهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ جيڪي سازگار
يا مددگاري چيزون آهن انهن کي پنهنجي سامهون چٽي
طرح ڏسي سگھون(11).“
سال 1977ع کان وٺي، سنڌ جون ۽ سڄي ملڪ جون سياسي ۽
سماجي حالتون ۽ ڪاروايون نهايت ئي، هيجان واريون
هيون. مارشل لا ۽ آمريت، انساني حقن کي لتاڙي،
پرتشدد، ڪاروايون، ڪوڙن ۽ ڦاسين کائڻ وارو
اونداهون دور هو. جديد نظرين جو زوال هو ۽ زور
زبردستي هئي. زبانن، ڪتابن ۽ اخبارن تي بندش هئي.
مٿي ڏنل حوالي ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي آڏو هڪ مقصد
هجي، هڪ آواز ۽ هڪ رستو هجي. جنهن تي هلي اسان اها
منزل ماڻي سگھون جيڪا هر قوم جو پنهنجي مرضي ۽ حق
خود اراديت جي بنياد تي حاصل ڪري ٿي. اڳتي پنهنجي
دل جي مراد جي اسرڻ جو پس منظر بيان ڪندي، جنهن کي
پهرين بيان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ٻهراڙي جيڪو ظلم،
جھالت، لاچاري جون شڪليون ۽ صورتون آهن. تن کي
قائم نظام بي درديءَ سان نظرانداز ڪيو آهي. مذهب
جيڪو قائم نظام جو روحاني ٿنڀ آهي، تنهن پڻ اسان
جو استحصال ڪيو آهي. سرڪار جيڪا قائم نظام جي طاقت
آهي تن جي منصب دار، ڏاڍن ۽ ظالمن جو هٿيار رهي
آهي. يعني مذهب ۽ سرڪار‘ هڪ ڳالھ جي هڪ ئي نڪتي تي
اتحاد ڪري، عوام کي بيوس ۽ لاچار رکيو آهي. ان کي
اسان جي عقل کان ۽ پنهنجي ڪوشش کان آمريت جو اهو
بار هن سان اونداهون طويل دکدائڪ دور، ابراهيم
جويو، پنهنجي وطن واسين کي رستو ڏسي پيو، وڏيرا
شاهي ۽ مذهب کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ تي
تنقيد ڪندي چوي ٿو ته: ”هن نئين مذهبيت يا مذهب
پرستيءَ جي دور ۾ آءٌ ته مذهب جو عمل هن دنيا ۾
جيڪو ڏٺو آهي ۽ اوهان به ڏٺو آهي ان جي اها ڳالهه
ٿو ڪريان. ان جي شريعت جو پک ۽ طريقت جو پک. ٻئي
وڏيرا شاهيءَ جي پٺ ڀرائيءَ ۾ بيٺل آهن، هڪ طريقت
يعني پيري، سجاده نشينن جو ڄار ۽ سنڌ جو خاص
سيدپڻو، شريعت کان به وڌيڪ ڇو ته پير ۽ مرشد پاڻ
ئي اسان وٽ وڏين وڏين ذميدارين جا مالڪ آهن ۽ وڏا
وڏيرا آهن (12).
سندس نظر، ۽ تنقيدي خيال، روشن خيالي نئين جيوت (Renaissance) احتجاجيت(Protestantism) اصلاح
مذهب (Reformation) طرف
وٺي اچن ٿا، اسان ته ايڪيهين صديءَ ۾ جيون پيا پر
انڌن ويساهن ۽ هڪڙي اهڙي Vicious
circle ۾
پيا، ساھه کڻون ۽ ان دائري ۾ ڦاٿل آهيون جنهن کان
بچڻ لاءِ نئن جيوت، احتجاجيت، اصلاح مذهب کان
سواءِ، ان مان جند آزاد ڪرائي نٿي سگھجي. سندس
شخصيت ۾ گھڻا گڻ آهن- سادگي ۽ نهٺائي، سندن جيوت
جو اهو گڻ آهي جيڪو اڄ جي زندگيءَ کان موڪلائي ويو
آهي. هو ته فريد ۽ اياز جي سٽن ۾:
روکهي سوکهي کهاڪي، ٺهنڊا پاني پي
فريدا ديکهه پـــرائــــي چوپڙي ترسائي جي.
اياز چوي ٿو:
تــن جـــي اکــين لائيــان کـههِ اکــڙين آئون،
رُکـــــي ســــکــــي مـــانــــڙي، ائــيــن
چيائون،
اوچــــو پـــنـهنجي ڳــاٽ کي، رکي ڳاتائون،
مون کي سليائون، ڪيڏيون ڳالهيون ڳجھ جون.
ترقي پسند تحريڪ جو مک ۽ اهم مقصد ته سڄي انسانيت
جي ذميواري قبول ڪرڻ هو، انسان ذات ۽ متڀيد تي ٻڌل
طبقاتي نظام کي ختم ڪري مساوات ۽ برابري واري منزل
تي آڻجي. مذهبي تفرقي ۽ فرقيواريت کي سماج مان
لوڌي ڪڍجي. مٿي بيان ڪيل چند نُڪتن جي روشنيءَ ۾
محمد ابراهيم جويي جي هيءَ ڪهاڻي ”روزي جي
ماني“ سنڌ
جي سماجي ورڇ، مذهبي ۽ نسلي ڀيد کي ظاهر ڪري ٿي،
هن ڪهاڻيءَ جي منظر ڪشي نهايت ئي دلپذير انداز ۾
بيان ڪيل آهي: ”ڏکن ڀري ڏينهن جي پڄاڻي جي هيءَ
پوئين گھڙي به ڪيتري نه اثر آفرين ٿئي ٿي، ڪنهن
الميه افساني جو پڙهندي پڙهندي ڄڻ ڪنهن پنو
اُٿلايو هجي (13).“
هيءَ ڪهاڻي نسل ۽ مذهب جي بنياد تي نفرت ڪرڻ ۽
مذهب کي محدود ڪرڻ واري تنگ نظريي تي ٻڌل سماج کي
رد ڪري ٿي. بک، بک هوندي آهي، ان جو ڪو مذهب يا
نسل نه هوندو آهي. پوڙهي فقيرياڻيءَ جي ڪشتي مان،
گودڙيءَ جو جمن هڪ ڊڳڙ، مٺ خشڪا، ڏوئي ٻوڙ جي،
قيمي جي هڪ ٽڪي، لڏونءَ جي اڌ سان ڀرجي ٿو، ته مئل
اميد وري جاڳي ٿي. انسان ۽ انسانيت ۾ ويساهه پختو
ٿئي ٿو.
ابراهيم جوئي جا اياز جي شاعريءَ تي لکيل مهاڳ
سندس شاعرانه مزاج ۽ پهچ کي ظاهر ڪن ٿا. انهن
مهاڳن جي ٻولي اسلوب، لفظن جي جوڙجڪ، سنڌي ٻوليءَ
جي مڪمل هجڻ جو احساس ۽ سونهن کي اُڀاري ٿي. هڪ
شاعر جي مقصد ۽ پيغام کي سمجھائي ٿي. سندس طويل
نثراڻو نظم ’اي سنڌ ڄائي‘ ۾ سنڌ جي مسئلن آزادي ۽
استحقاق لاءِ سنڌ ڄائيءَ کي چوي ٿو ته:
آءٌ انهيءَ سچ جي ساک کڻي،
تون به چئي ڏي،
جيئي سنڌ،
جيئي سنڌ،
جام ِ محبت پيئي سنڌ.
۽ جڏهن سنڌ ڄائي سنڌ راڻي ٿي ته هن احساسن کي
انڊلٺ جهڙا رنگ ڏنا. ڪهاڻي ’سنڌ ڄائي سنڌ راڻي‘
مان مثال ڏجن ٿا:
”وطن کان پري جيڪڏهن مون کي زندگيءَ جو آخري ساهه
کڻڻو هجي ته جيڪر آءٌ چاهيان ته منهنجو جسم مون کي
قيد ۾ نه رکي.
ڪونج پکي (Cranes) پنهنجن
اباڻن ڏانهن اڏامن ٿا. منهنجو من به گھري ٿو ته
جيڪر انهن سان گڏ اڏامي وڃان، ڏسڻ ۾ نه ايندڙ
زنجيرن ۾ آءٌ قيدي آهيان پنهنجي ملڪ لاءِ منهنجا
گھاءَ ٻيهر چڪڻ لڳن ٿا.
جڏهن آءٌ
پنهنجي قوم کي
حقن کان
موقعن کان
۽ نوجوانن کي اميد کان محروم ڏسان ٿي.
رتون مٽجن ٿيون
۽ منهنجو چهرو مٽجي رهيو آهي.
ڇا منهنجا مارو ماڻهو
هن منهنجي چهري کي سڃاڻي سگھندا
جنهن تي تقدير جي موسمن پنهنجا نشان ڇڏيا آهن.
رات لهي ٿي.
ڪُل لوڪ سمهن ٿا
اونداهي مانڊاڻ کي ٻک ۾ کڻي ٿي،
۽ آءٌ پنهنجا
ٻئي هٿ دعا لاءِ کڻان ٿي،
۽ پڻ پنهنجي ٻچڙن کي دعا لاءِ هٿ کڻڻ جو چوان ٿي
مارئي، مارو ۽ ملير
وقت جي ڌنڌ ۾ وڃايل آهن،
جڏهن ڪل لوڪ ستا
مارئي پنهنجا هٿ دعا لاءِ کنيا
آسمانن ڏانهن پوريءَ ـــ پوريءَ اميد سان
وطن ورڻ لاءِ
آءٌ ڄايس.
آخري بند
”ٿر جي هوا ۾ سمايل سڏ ٻڌو
اها سرگوشي پئي ڪري!
يقين رکو!
اسين کٽنداسين
اسين ضرور کٽنداسين.(14)
5. ايملي عرف تعليم: ايملي Emily
or on Education
جي روسو جو لکيل ڪتاب آهي. جنهن جو ترجمو، سنڌي
ٻوليءَ ۾ محترم ابراهيم جويي ڪيو آهي. هيءُ ترجمو،
جيڪو اصلوڪي ڪتاب جي چونڊ ۽ اختصار آهي روسو کي هن
ڪتاب جي فڪري مواد جي تياريءَ ۾ ويهن سالن جو عرصو
لڳو. سنڌيءَ ۾ هن ڪتاب جو ترجمو پهريون دفعو
50-1949ع ۾ منظرعام تي آيو. قومي ترقي ۽ نئن سجاڳي
لاءِ، روسو جي هڪ ٻئي تحرير جو ترجمو فرانس جي
عالم مفڪر جي مٿين ۽ هڪ (مضمون) (The
origin of human inequality)
جو ’انساني غيربرابريءَ جي ابتدا‘ جي نالي سان
ڪيائون. جيڪو مهراڻ سال 4/1956ع
۾ ڇپيو.
سندن لاڙو نوجواني ۾ ئي انساني آزادي، برابري ۽
هڪجھڙائي جهڙن سماجي لاڙن ۽ فڪر طرف رهيو. مثال
طور: سندن پهريون انگريزي مضمون (Democracy
on Administration) جي
عنوان سان تحرير ڪيو جيڪو سنڌ مدرسي جي’ڪرانيڪل‘ ۾
سال 1946ع ۾ ڇپيو. ايملي ۾ تعليم، سماج، اخلاق،
سياست، انسان ۽ طبقاتي نظام جھڙن اهم موضوعن تي
بحث ٿيل آهي. مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”سماجي زندگي ۾ هڪ انسان کي کڻي ڪهڙو به مرتبو ۽
ڪهڙو به مقام حاصل هجي، بهرحال هُو هڪ انسان آهي،
۽ ان حيثيت ۾ هو ٻين سڀني انسانن جي برابر آهي.
انسان هرصورت ۽ هرحال ۾ ساڳيا آهن: جيڪڏهن ايئن
آهي ته پوءِ ظاهر آهي ته جنهن مقام تي ۽ جنهن طبقي
۾ گھڻي کان گھڻا انسان بيٺل ۽ شامل هوندا، اُهوئي
مقام ۽ اهوئي طبقو سڀ کان زيادھ محبت ۽ عزت جي
لائق آهي (15).“
ايملي جي مهاڳ ۾ روسو J.J.Rassou ڪنهن
خاص ۽ اهم طريقه ڪار کي سمجھڻ لاءِ ٻن ڳالهين طرف
ڌيان ڇڪائن ٿو. پهريون اختيار ڪيل طريقي جو درست
هجڻ لازمي آهي. ان تي عمل ڪري سگھجي ٿو يا نه. هن
جي خيال ۾ اهڙو ڪو به طريقو جيڪو فطري هجي ۽ اهو
فطرت جي ويجھو هجي. ٻيو اهو ته اهو ذريعو يا طريقه
ڪار فرانس ۾ ڪامياب ٿيندو، پر سئزرلينڊ ۾ ان کي
ڪاميابي حاصل نه به ٿئي. روسو مختلف حالتن ۽ ماحول
کي خيال ۾ رکندي عام انساني فطرت جي قانون ۽
تقاضائن ۽ ضرورتن موجب هڪ طريقو جوڙيو جيڪو
تقريباً سڄي دنيا ۾ رائج آهي. نرسري ۽ ڪي.جي ون ۽
ٽو ان فطري طريقي تي آڌاريل آهن. هن ڪتاب جو مواد
۽ موضوع اهم آهن. ڇاڪاڻ ته روسو Academy
of Aijon پاران
هڪ پڇيل سوال تي ”علم ۽ فن جي ترقي ڪري اسان جا
اخلاق سڌريا آهن يا بگڙيا آهن“ جيڪو روسي لاءِ
فڪري طرح، ٻاٽ ۾ لاٽ هئي جنهن کيس ذهني طرح،
جنجھوڙي وڌو جو اُهو دور بدلجي نئين دور ۾ تبديل
ٿي ويو. سماج کي سمجھڻ لاءِ انسانن جي انفرادي
زندگي کي سمجھڻو پوندو؛ انسانن جي انفرادي زندگي
جو مطالعو ڪرڻ لاءِ سندن سماج جو مطالعو ڪرڻو
پوندو، تنهنڪري جيڪي ماڻهو سياست ۽ اخلاقيات کي هڪ
ٻئي کان الڳ تصور ڪن ٿا اهي نه اخلاقيات کي پوري
طرح سمجھي سگھندا ۽ نه سياست کي. (16)
انسان هڪ فرد جي ناتي سماجي زندگيءَ سان جڙيل آهي،
سندس زندگي جو دارومدار سندس سماجي زندگي تي آهي.
انسان پنهنجي ترتيب ڏنل سماج جو هڪ جزو آهي ۽ سماج
جي جسم وانگي آهي. هرهڪ انسان انفرادي طرح ان جي
عضوي جيان حصو آهي جيڪڏهن پاڻ کي سماج يا سموري
انسان ذات کان ڌار سمجھي ٿو اهي تمام ٿورائيءَ ۾
آهن. انهن کي سولائي سان نظرانداز ڪري سگھجي ٿو
کين انسان سمجھڻ ئي عبث آهي. ايملي جي صفحي 89، 90
۽ 91 تي دلچسپ بحث ٿيل آهي. پنهنجو پاڻ سان محبت
واري نُڪتي کي منطقي طرح سمجھايو ويو آهي. تخليق،
پورهيو، هنر، استاد، عقل کي اهميت ڏني وئي آهي.
حقيقت(Reality) جي
ذريعي، مصروفيت حاصل ڪرڻ لاءِ فقط حقيقت کي ئي
اهميت ڏني وڃي. هن ڪارائتي ڪتاب ۾ ڪجھ حاصلات هي
آهن. نفسانفسي جي صورتحال جيڪڏهن پيدا ٿئي ته ان ۾
اخلاقيات جو يا تهذيب تمدن جو ڪو سوال ئي ڪونه
اٿندو، پر انسان جي هزارها صدين جي حاصل ڪيل
انفرادي توڙي سماج جو اخلاقيات، سياست، تعليم،
نفسيات ۽ ادب جو هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. ان ڏِسا
يورپ کي نئون ادراڪ ڏنو ۽ پوءِ سڄي دنيا ان جا اثر
قبول ڪيا. ابراهيم جويو هڪ اعليٰ مترجم آهي. جنهن
جي ڪيل ترجمن مان فڪري تعليم ڏيڻ مقصد آهي شعور ۾
تبديليءَ جي منزل ڪيئن حاصل ڪجي لاڙن ۽ نظرين کي
ڪيئن سمجھي پنهنجي سماج جي Status کي
تبديليءَ لاءِ تيار ڪجي. پائلو فريري جي by:
Paulo Freire'Pedagogy of oppressed' جو
سنڌي ترجمو (علم تدريس مظلومن لاءِ ) جي عنوان سان
ڪيو، ان جي مواد ۾ واڌارا ڪيائين. هيءُ ترجمو،
1984ع ۾ شايع ٿيو، ٻارن جو مسيح، وحشي جيوت جا
نشان، فلسفي جو ابتدائي ڪورس، ٻيا ڪتاب ۽ مضمون
ترجمو ڪيا. جيئن ته سندس، دور جي سماج جي ڏتڙيل
طبقن ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيل قومن جي آزادي ترقي،
تبديلي مقصد رهيو آهي، انڪري سندس خدمتون سنڌ وطن
۽ ان جي رهندڙ انسانن لاءِ اڻ ملهه ۽ مثالي خدمتون
آهن جيئن ته سندن تي ننڍي کنڊ جي سماجي، سياسي
لاهن چاڙهن، حقيقتن ۽ غير حقيقي معاملن جي گھري
اڀياس جو نتيجو آهي. تنهن ڪري سندس ترجما ۽
اصلوڪيون تحريرن جو اڀياس پس منظر ۽ پيش منظر کي
خيالن ۾ رکندي پرکڻ گھرجي.
ورهاڱي کان پهرين به ڪي ترجما ۽ طبعزاد ڪتاب جن جو
مختصر ذڪر ڪجي ٿو. ايم.اين.راءِ جو لکيل ڪتاب Historical
Roll of Islam 1945ع
۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪيائون ان کان پوءِ پهريون طبعزاد
ڪتاب Save
Sindh Save the Continent، 1946ع
ڌاري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون. ايم.اين.راءِ جي ڪتاب
اسلام جو تاريخي ڪارنامو جنهن کان گھڻو متاثر ٿيا.
هيءُ ڪتاب کين اسلام جي وڌيڪ مطالعي ۽ ڄاڻ ڏانهن
وٺي آيو، انهيءَ وڌيڪ مطالعي کين اسلام ۽ ٻين
مذهبن، فلسفن ۽ نظرين اقوامن ۽ عالمن جي تاريخ جو
مطالعو علمي عقلي سماجي سياسي ۽ معاشي حالتن جو
تنقيدي اڀياس ڪرڻ ۽ نئين جاڳرتا Renaissance لاءِ
تيار ڪيو.
6. سنڌي تعليمي تحريڪ يا سَتَ تحريڪ:
سنڌي جي تعليم جو عملي طرح سڄيءَ سنڌ ۾ پرائمري
بنيادي (Elementary) تعليم کان
ويندي ثانوي تعليم تائين جيڪو حال آهي، ان
بابت ۽ ان جو ڪاٿو سمجھ ۽ عقل واري ۽ ڌرتيءَ سان
پيار ڪرڻ واري هر شخص کي هوندو. هن ميدان تي به
محترم ابراهيم جويو، بنا ڪنهن تفريق جي تعليم کي
سنڌ جي هرهڪ فرد لاءِ، دستياب ڪرڻ لاءِ، نئين
هزاري(Millennium) ۾
پنجن ورهين ۾ سؤ سيڪڙو پرائمري ۽ پنجاهه سيڪڙو
بالغن جي تعليم لاءِ جوڙيو. ايس.پي.او پاران سنڌ
جي تعليم سڌارڻ لاءِ پنج نڪاتي تحريڪ جو آغاز پڻ
ٿيو. جنهن ۾ اهم ڳالهيون هي هيون ته سنڌ جي تعليمي
نصاب ۾ سنڌ جي ثقافتي قدرن، انسان دوستي، ڌرتي سان
پيارڪرڻ، صوفي فڪر جي روشنيءَ ۾ هڪ سيڪيولر، ماحول
کي هٿي وٺرائڻ جهڙا اهم نڪتا شامل ڪرڻ هو. پرامن
ماحول، شاگردن جي يونين جي بحالي، نياڻين جي تعليم
جو بندوبست ۽ سنڌ جي پٺ تي پيل طبقن، خاص طرح ڌرتي
واسين Indigenous
people،
مذهبي اقليتن، بي زمين هارين ۽ غريب طبقي کي تعليم
جي قومي ڌارا Mainstream ۾
شامل ڪرڻ ۽ خاص توجھ ڏيڻ هو. ٻيو حالتن کي سامهون
رکندي فرقه پرستي ۽ انتهاپسنديءَ کي شڪست ڏيڻ لاءِ
مدرسه تعليم جي فروغ کي روڪڻ اهم بنيادي نُڪتا
شامل ڪيا.
تحريڪ جا بنياد وجهندڙ
محمّد ابراهيم جويو ۽ غلام مصطفيٰ بلوچ، سنڌ جي
ٻرندڙ تعليم واري مسئلي تي، سنڌ جي باشعور فردن،
دانشورن، اديبن، صحافن استادن جي تنظيمن، سياسي
پارٽين ۽ سماجي تنظيمن کي پنهنجو ڪرار ادا ڪرڻ ۽
هٿ ونڊائڻ ۾ شامل ڪيو. سنڌ ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ
پنجن سالن جي رٿا جنهن کي سَتَ تحريڪ جي اڳواڻن
محمد ابراهيم جويي ۽ غلام مصطفيٰ بلوچ ۽ ايس،پي،
او S.P.O جي
ميمبر جي مشوري ۽ صلاح سان رٿيو ويو، هن رٿا جا
اصول پڙهائي، علم ڏانهن ويندڙ پيچرو ٿئي ٿي، اهو
پيچرو انسانيت تان ئي وڃي رسي ٿو. سڀ سائنسون،
فارمولائون ۽ عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيل حقيقتون،
معروضي سچ جي ڳولائو طالب seeker کي
علم ۽ آگاهي آڻي ڏين ٿيون. اسان جي مردن ۽ توڙي
زالن کي وينتي ۽ اپيل ايتري ئي آهي ته هڪ انسان جي
حيثيت سان ”پاڻ سڃاڻو“ ”علم جي وصف هن ڌرتي تي
جيونَ جوت، ميٺ محبت ۽ قرب ۽ قرار آهي“، تي آڌاريل
هي منصوبو ڄڻ ته سنڌ جي ان قديم تهذيب تمدن جو ثمر
آَهي جيڪو سنڌ واسين ارتقا جي اوکي سفر جي ڏکن
ڏولاون ۽ ترتيب کان پوءِ حاصل ڪيو آهي جيئن ته هن
تحريڪ جو نالو ’سَتَ تحريڪ‘ نهايت ئي موزون ۽
ٺهڪندڙ آهي جيڪو سنڌ واسين، جي جذبن ۽ احساسن جي
نمائندگي ڪري ٿو لفظ ’ست‘ جي مکيه معنيٰ سچ ۽ سگھ
آهن. هي لفظ ئِي هن تحريڪ جي اصولن کي واضح ڪندي
پيغام پهچائين ٿا.
محمد ابراهيم جويو منهنجي نظر ۾
ابراهيم جويو ترقي پسند فڪر کي، عام ماڻهو تائين
پهچائڻ لاءِ، عمل ڪرڻ ۽ جيئڻ جي ڪارج کي پنهنجي
عملي زندگي سان جوڙي رکيو آهي. ذميوارين جي حساب
سان هرڪم لاءِ پاڻ کي، تيار رکندو آهي ۽ پنهنجي سر
تي کڻندو آهي. سندس ٻين لاءِ محبت ۽ انهن جي
ضرورتن جو خيال رکڻ، سندن شخصيت جو جز آهي. بورڊ ۾
سندس پگھار اڳ ۾ پهچندو هو ۽ ٻين ملازمن جو وقت سر
نه آيو ته پاڻ پنهنجو پگھار، ملازمن ۾ ورهائي
ڇڏيندا هئا. اوهان هي پگھار کڻي وڃجو، اوهان کي
ضرورت هوندي آءٌ پگھار سڀاڻي به کڻي سگھان ٿو (17).
سراج الحق جي وفات تي Reference
meeting تي
پاڻ صدارت ڪري رهيا هئا. مون کي به ڳالهائڻ جو
موقعو مليو. هڪ علمي، جاکوڙي ۽ فڪري طرح انMature هستيءَ
جي سامهون ڳالهائڻ لاءِ مون جيڪي ڪجھ ڳالهايو ان
تي گھڻو پريشان به هيس ته متان ڪا غلطي نه ٿي هجي،
پر آخر ۾ پاڻ نهايت ئي پيار سان مون کي سامهون
ڏسندي، هلڪي مشڪ سان هڪ لفظ چيائون: ”اڄوڪي نسبت
گھڻيون ڳالهيون معلوم ٿيون“.
ابراهيم جويي، ترقي پسند ۽ نئين سجاڳي واري ڪارج
کي ادبي حلقن تائين پهچائڻ ۾ نون لاڙن جي بنياد
وجھڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هو جتي به رهيا
پنهنجي تخليقي، تحقيقي توڙي ترجمي وسيلي ادب کي
نوان رنگ ڏنا. رجعت پسند توڙي سماجي Status
overکي
تبديل ڪرڻ لاءِ اتساهيندا رهيا آهن. سندس تدبر ۽
ڏاهپ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڌرتي ماءُ جي حقن لاءِ
هميشہ رهبري ڪئي آهي بنا خوف جي سچائيءَ سان ان جو
اظهار ڪندا رهيا آهن. علم ۽ تدريس جو درس پاڻ جنهن
سماج ۾ حاصل ڪيو. تنهن سندن ذهن ۽ شخصيت تي اڻ مٽ
نقش ۽ اثر مرتب ڪيا. اسڪول گھر ۽ آسپاس جي ماحول ۾
ٿيندڙ سرگرمين ۽ مشغولين سندس فطري ضرورتن ۽ تربيت
۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. محنت ڀائيچارو سادگي ۽
سچائي هئي. حقيقت ۾ اورچائي هئي. جنهن ابراهيم
جويو کي Commitment سرسيتائي
سان جوڙي ڇڏيو، اهو قدر ۽ ماڻ آهي جيڪو حياتيءَ ۾
وڌندو رهندو آهي پختو ۽ رسي پچندو آهي، ڳالهه
انسان جي آهي ته اهو ڪيئن ان سِرسيتائي کي زندهه
رکي ٿو. سندس لفظن ۾، ”هي زندگيءَ سان ڪمٽمينٽ يا
سرسِتائي جو قدر پنهنجي اصل ۾ ڪور ۾، بنياد ۾ ڇا
آهي؟ اِهو آهي انسان جو پنهنجي ’آءٌ پڻي‘ سان
ڳانڍاپو ۽ اُمنگ. انسان ئي هر شئي جو قدر آهي، ماڻ
آهي(18).“
محمد ابراهيم جويو چاليهن واري ڏهاڪي ۾ تعليم ۽
ادب جي حوالي سان اڀريو، تنهن وقت سنڌي ادب ۾ نون
لاڙن جو بنياد پيو. ترقي پسند سوچ ۽ شعور کي اهميت
ملي، سنڌ Entityطور
سامهون آئي. جدوجھد ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ وارو خيال
اڀريو، ان تي عمل پڻ ٿيو. اهي سڀ معاملا ۽ پهلو
سنڌ ڌرتي جي سڃاڻپ ۽ شناخت آهن ۽ اهي پڻ سڀ محترم
جويي صاحب جون سڃاڻپون آهن. سندن زندگيءَ جو
منشور، مقصد ۽ سماجي سڌارو هجي يا تعليمي معاملو
هجي يا وري سياسي منظر کي صاف سٿرو ڪرڻو هجي، سندن
اڳيان هميشہ اهميت وارا رهيا آهن، جيئن سنڌ
ڳالهائي ٿي ۾ سندن هي رايو ”تاريخي وطن جي وحدانيت
سان ڪير به هٿ چراند نٿو ڪري سگھي. اهي مرڻ ۽ جيئڻ
جون ڳالهيون آهن(19).“
دعا آهي ته سندن هٿ هميشہ سنڌ وطن ۽ قوم تي رهي.
حوالا
1. جويو،
محمد ابراهيم: ’سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي‘: روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو: سال 2012ع: ص 18.
2. ساڳيو:
ص 20.
3. ساڳيو:
ص 21.
4. ساڳيو:
ص 34.
5. ساڳيو:
ص 264.
6. جويو،
محمد ابراهيم: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري‘ مُرتب:
جامي چانڊيو: سنڌيڪا اڪيڊمي: سال 2007ع: ص 21.
7. ساڳيو.
8. جويو،
محمد ابراهيم: ’سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي‘: سينٽر
فار پيس اينڊ سول سوسائٽي، حيدرآباد: سال 2014ع: ص
12.
9. ابڙو،
جمال: ’جديد سنڌي ڪهاڻي‘ ص 92.
10. لاشاري،
ف.م (مرتب) ’ادبي گڏجاڻي ـــ مهمان محمد ابراهيم
جويو‘: سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي: 31 ڊسمبر سال
1981ع. ص 120 ۽ 121.
11. ساڳيو:
ص 99
12. ساڳيو:
ص 100
13. فيروز
احمد (مُرتب): ’موتي مهراڻ جا‘: نيوفيلڊس
پبليڪيشن: سال 1987ع: ص 21.
14. جويو،
محمد ابراهيم: ’سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي‘: روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو: سال 2012ع: ص 294.
15. جويو،
محمد ابراهيم: ’ايملي عرف تعليم ــ چونڊ ۽
اختصار‘: آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد: سال 1950ع: ص
93.
16. ساڳيو.
17. جويو،
تاج (مرتب): ’سٻاجھو ساڃاه وَند محمد ابراهيم
جويو‘: سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم: سال 2003ع: ص 244.
18. لاشاري،
ف.م (مرتب) ’ادبي گڏجاڻي ـــ مهمان محمد ابراهيم
جويو‘: سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي: 31 ڊسمبر سال
1981ع. ص 107
19. روزانه
ڪاوش حيدرآباد: 19 آڪٽوبر 2014ع.
بهار جي جهوٽي جهڙو انسان!
اعجاز منگي
هن کي ته سائين جي.ايم.سيد
وانگر تاريخ جي عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، پر
زندگيءَ جي پوئين موڙ تي ميڊيا آڏو هُو
ڪورٽ ۾ آيو به ته پنهنجي ان فيملي ميٽر سبب، جنهن
تي سنڌ جي روشن خيال صحافين کي ڪاوڙ ته تمام گهڻي
آئي پر هُو
اهو سوچي چپ رهيا آهن ته ”اهو
جوئي صاحب جو ذاتي معاملو آهي“ پر
هن جي ذات ڇا آهي؟
ڇا هن جي ذات صحافي ڪالونيءَ جو هڪ ننڍڙو گهر، پنج
ڇهه ٻار ۽ هڪ پينشن بڪ آهي؟
هو ڀلي اهڙي سوال جو جواب، فقيري
رمز سان ڏيندي، بلها
شاهه جو اهو شعر پڙهي ته:
”ڪي
پڇندا ئين ذات بلي دي
لپ مٽي، ٻڪ
ڇائي......!!“
پر اها لپ مٽي ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦهليل
سنڌ آهي. هن جي ذات ۾ اهو ڪاڇو به آهي، جيڪو آرهڙ
جي آڪاس هيٺان هيري وانگر چمڪندو آهي. هن جي وجود
۾ اهو اتر به آهي، جنهن ڪوسي واءُ ۾ صرف وڍ نه پر
هڪ ڏڍ به هوندو آهي. هن جي شخصيت فقط 99 سالن جو
مسلسل پورهيو نه، پر
اها پيڙا به آهي، جنهن جو هر پور پگهر ۾ آلو هوندو
آهي. جهڙالي جيءَ وارو اهو انسان، پنهنجي
سوچ ۾ سهيڙي رکندو آهي، لاڙ جون اهي سانجهيون جن ۾
مانجهي پرديسي پکين جي پرن وانگر ونجهه هلائيندا، ڪينجهر
جي ان وڃائجي ويل ڪناري کي تلاش ڪندا آهن، جتي
نوري نورا پائي نچندي هئي!
هُو
جنهن جي ڏٻري ڏيل پويان ڪارونجهر جهڙي ارڏي آتما
آهي ۽ وارياسي وطن جا سمورا مور هن جي روح ۾ رڙيون
ڪندا آهن. هو جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻو آهي. ملنسار
آهي. جنهن سموري زندگي سقراط وانگر صبر جي زهر جا
ڍڪ پيتا آهن، سو ان وقت سنڌ جو سرڪش روپ بڻجي
ويندو آهي، جڏهن هن جي آڏو ڪو سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندو آهي. ان وقت هن جي ڪاوڙ ۾ ڀريل اکين
مان ليئا پائيندي آهي، درياء خان جي اها تلوار، جيڪا
اڃان تائين دانهن جهڙي ديس ۾ هڪ مضبوط هٿ واري
ٻانهن تلاش ڪري رهي آهي!
ان ڪري هن جي ذات صرف محدود حوالن جي حوالي نه
ڪريو! هو پنهنجي ڌرتيءَ جو اهو دودو آهي، جنهن جي
وقت جي ٻاگهي آلين اکين سان اهي ٻول ٻڌائيندي آهي
ته:
”او
دادا دادي
اڌ لوئي مون انگ تي
اڌ ۾ آزادي“
پر هن جي صرف تاريخ جي جاگرافيائي سرحدن ۾ سوڙهو
نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هن جو وطن صرف مٽيءَ جو
مانڊاڻ ناهي. هن جو ديس انهن هزارن ڪتابن مان حاصل
ٿيندڙ اهو شعور به آهي، جنهن جا شعاءَ هن غلاميءَ
جي تاريڪ راتين ۾ شهاب ثاقب وانگر سنڌ جي فڪري
آسمان تي ڦهلايا!!
هن
جي ذات، تاريخ
جو اهو ضمير آهي، جيڪو اڄ به پنهنجي پوري قوت سان
ظلم ۽ جبر کي للڪاري رهيو آهي. پر پوءِ به هن کي
پيار آهي، پنهنجي ان ٻوليءَ سان جنهن جا سر هن جي
روح تي آيل رهڙن مٿان محبت واري مرهم مهٽيندا آهن.
جڏهن اونهاري جي اس ۾ ڪانوَ جي
اک نڪرندي آهي ۽ سج سنسان گهٽين مٿان آگ اوتيندو
آهي، تڏهن هن کي ٿڌي هير جهڙا جهوٽا محسوس ٿيندا
آهن، محمد جمن جي انهن ٻولن مان ته:
”دريءَ
منجهاران دوست ڏٺوسين
لالڻ ليئڙو پائي، جو
هليو ويو!!
ڪنهن کي ٻڌايان؟“
هن اڄ تائين ڪنهن سان به راز
نه سليو
آهي، پنهنجي روح جو اهو راز ته هن وٽ ”سسئي
جو سفر.....ڀنڀور جو ڀاڳ....ڪيچ طرف ڪاهه ....۽
پنهونءَ جي پيرن جا
نشان“ اهي
انقلابي علامتون آهن، جن کي هن عالمي فڪر سان
سلهاڙي سنڌ کي تنگ نظري ۽ تعصب کان بچائڻ جي لاءِ
ترجمن جي صورت ۾ پيش
ڪيو آهي.
هو جيڪو اسٽيجي اداڪارن وانگر گجگوڙي تقريرون نه
ڪندو آهي پر هن جي ماٺيڻي ٻوليءَ ۾ چين جي مها جنگجو
استاد سن زوءَ جي لڪل پر مستقل تياري هوندي آهي.
وقت ڀلي ڪهڙو به رهزن روپ اختيار ڪري پر هن ڪڏهن
به اهي وعدا فراموش نه ڪيا آهن، جيڪي تاريخ جا
ارڏا پٽ پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ سان ڪندا آهن. جڏهن
سنڌ مٿان آمريت تيزاب جي برسات وانگر پٽجي رهي
هئي، تڏهن به هو ”هدايت“ جهڙي
بظاهر سادي سودي لفظ سان پبلش ٿيندڙ رسالي جي
پوئين صفحي تي امداد حسينيءَ جو اهو انقلابي نظم
شايع ڪندو هو هو ته:
”حالتن
کان فرار ڇاجي لاءِ؟
سج سورج مکيءَ جي آڏو
جهل
هي انڌيرن سان پيار
ڇاجي لاءِ؟“
هو جنهن کي سنڌ جي سور جو سڳو سوريندي ويٺي ويٺي
اوچتو ۽ اچانڪ ڪوئي پور پوندو هو ۽ هو بائرن جي
انقلابي نظم ”شلان جو قيدي“ کي
لطيف جي ٻوليءَ ۾ لاهي سنڌ جي نوجوانن کي اهو
اتساهه ڏيندو هو ته ”زنجير
ٽٽڻ لاءِ هوندا آهن“ هُو
جنهن تاريخ جي واڳ پنهنجن هٿن ۾ ورتي ۽ جهور ٿيڻ
تائين هن جون اهي آڱريون ٿڪ سبب چُور
نه ٿيون، جيڪي قلم کي ڪنهن علم وانگر پڪڙي ”شاهه،
سچل، سامي“ جو
ترشول رهزن سمئه جي سيني ۾ لاهي، کيس احساس
ڏياريندو هو ته ”تاريخ
جي اها جنگ اڄ به جاري آهي“ هو
جنهن جهالت پسند ۽ انسان دشمن ملائيت جي مٿي ۾
پنهنجي پين کي پاڻي پياريل ڪهاڙيءَ وانگر اسٽيفن
زويگ جي ڪتاب جي صورت ”فڪر
جي آزادي“ جي
نالي سان ڪڙڪايو. جيڪڏهن هن وقت به سنڌ
انتهاپسنديءَ جي آڏو نه جهڪي آهي ته ان ۾ سنڌوءَ
جي ڪناري تي يوڪلپٽس جي وڻ جهڙي ماڻهوءَ جو سڀ کان
وڏو ڪردار آهي، جنهن صرف Save
Sindh Save Sub continent جي
عنوان سان ”ننڍي
کنڊ جو مقدمو“ ئي
نه پر پنهنجي ”امڙ
ٻوليءَ“ ۾
ائين شاعري ڪئي، جيئن دوستو وسڪي ٻارن لاءِ لوليون
ڳائيندو هو.
ٿورو کائڻ ۽ گهڻو پڙهڻ وارو ان انسان پنهنجي جسم
سان ڪڏهن به پيار نه ڪيو. ان ڪري هن جي جسماني
اولاد جي حوالي سان هن جي ذات کي محدود نه سمجهڻ
گهرجي پر هن پنهنجي فڪر مان جيڪا باشعور اديبن،
شاعرن، محققن ۽ آرٽسٽن جي قوم پيدا ڪئي، انهن جا
حملن جهڙا جملا اڄ به سنڌ جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا
ڪري رهيا آهن.
اڄ به ڪوئي ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ پڙهي
ته ڏسي! هڪ شاعر کان رومانوي ۽ انقلابي خط لکرائي
۽ اهي پوري سنڌ کي پڙهائي ۽ ان جي محبت ۽ مانَ ڀري
موٽ مان لطيف جي لاٽ کي ٻاري رکندڙ شيخ اياز جي
تخليق ڪندڙ شخص محمد ابراهيم جويو هو، جنهن جي
نالي اياز پنهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”ڀوئنر
ڀري آڪاس“ شايع
ڪندي، پنهنجي دوست استاد جو تعارف لطيف جي انهن
لفظن سان ڪرايو ته:
”ڪنهن
ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“
هُو
جنهن جي تنقيد ۽ جنهن جا تبصرا ۽ جنهن جون صلاحون
شيخ اياز جي شاعريءَ لاءِ سراڻ جو ڪردار ادا
ڪنديون رهيون، سو ان وقت به اياز جي روحاني
تيماداري ڪئي، جڏهن حالتن اسان جي شاعر کي ايترو
رنجايو هو جو هن ”ماضيءَ
۽ مستقبل“ جي
نالي وائين جي ڪتاب”لڙيو
سج لڪن“ ۾
جو مهاڳ لکڻ لاءِ هن کي چيو ۽ هن اياز جي سور
ڀڀرين سرن کي ”اميد
طرف ڪاهه ڪندڙ مايوسي“ قرار
ڏنو ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته سکر جي جلاوطنيءَ جهڙي
ماحول ۾ اياز ڪيترن سالن کان پوءِ رسي ويل ڏات کي
ويجهو ڪندي لکيو هو ته:
”نيٺ
ته ٺرندا
ڪيسين ٻرندا؟ ڏينهڙا!!
ٻور جهليندا
ميوو ڏيندا
نيٺ ته ڦرندا ڏينهڙا!
ساجن ڪيسين تو بن
سرندا ڏينهڙا!!“
پوءِ وري اهي ڏينهن وريا ۽ ضيائي آمريت جي ظالم
دور دوران اياز حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ان نظم سان
پنهنجي واپسيءَ جو اعلان ڪيو ته:
”اڇا
ڪتا
ڪارا ڪتا
آپيشاهيءَ وارا ڪتا
فوجي ورديءَ وارا ڪتا
ها ها سڀ هڪجهڙا آهن“
۽ صرف اياز نه، پر
اهو محمد ابراهيم جويو ئي آهي، جنهن سنڌ جي مارڪسي
دانشور ۽ دلير سياستدان رسول بخش پليجي سان ڀرپور
ساٿ نڀايو. جنهن سنڌ کي جدلياتي ماديت جو ابجد به
پڙهايو ۽ اهو به محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن
جهالت جي انتهائي سخت ۽ سنگين دور ۾ غلاميءَ جي
مٿان قلم جي ڪاهه ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي سمورن
ڪتابن کي هر طرح سان سنڀالي، سنواري ۽ نکاري نئين
سنڌ جي فڪري ۽ سياسي جنم لاءِ پيش ڪيو!
ان ڪري هن جي ذات گهڻ پاسائين ۽ ايتري ڦهليل آهي،
جيتري هن جي اها ڌرتي، جنهن کي هن هر دور جي امر ۽
حسين سرتي بڻائي، سنڌ
جي نئين نسل کي وطن سان نينهن نڀائڻ سيکاريو. ان
ڪري هو صرف سنڌ جي علم ۽ ادب جو نه پر ان عشق جو
به استاد آهي، جيڪو ”سوريءَ
کي سيج“ سمجهندو
آهي. |