سنڌي پرائمري نصاب ۽ سيڪريٽري
محمد ابراهيم جويو
استاد لغاري
1963ع ۾، منهنجي بابا مون کي، مليشي جي ٻانڊڪِي
(قميص) پارائي، پوتڙو ۽ پٽڪو ٻَڌائي، اَنب جي
ڪاٺيءَ مان ٺهيل پٽيءَ کي ميٽ مَلي، پرائمري اسڪول
”ڳوٺ مولوي خير محمد لغاريءَ“ ۾، پڙهڻ لاءِ
موڪليو.
هڪ سال کان پوءِ، پهريون درجو پاس ڪري، جڏهن ٻئي
درجي ۾ آيو هوس، ته مون کي، ٻيو درجو پاس ڪري
ويندڙ شاگردن جا پراڻا ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا. اِهو
ان زماني ۾، شاگردن جو دستور هوندو هو ته، مٿين
ڪلاسن ۾ ويندڙ شاگرد، پنهنجا ڪتاب، هيٺين ڪلاسن جي
شاگردن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا. اسان اُنهن پراڻن
ڪتابن تي، ٻَٻُرَ جي کئونر سان، پڪي پاٺي جو جلد
چاڙهي، سال در سال، وري هيٺين شاگردن ڏانهن منتقل
ڪندا رهندا هئاسين.
مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اُنهن ڪتابن جي مٿان
لکيل هوندو هو- ”سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو“.
واهه جا ڪتاب هوندا هئا! هر هڪ ڪتاب جي سائيز ڊمي
هوندي هئي. ڪتابن جو ٽائيٽل وارو پڪو پنو، ”نِيلِي
ٿِڳڙِي“ سان بائنڊنگ ٿيل هوندو هو. اُهي ڪتاب، جن
جي قيمت فقط ٻه آنا، چار آنا يا اَٺ آنا هُوندي
هئي، سي ايترا ته پڪا ۽ مضبوط هوندا هئا، جو هڪ
دفعو خريد ڪيل ڪتاب، سالن جا سال پيا هلندا هئا.
هڪڙا شاگرد پڙهي، ٻين کي ڏيئي ويندا هئا، ٻيا پڙهي
ٽين کي ۽ اهڙي طرح، ساڳين ڪتابن جي منتقل ٿيڻ جو
سلسلو گهڻو عرصو جاري رهندو هو.
مون 1968ع ۾، پنج درجا سنڌيءَ جا پاس ڪري، پرائمري
اسڪول ڇڏيو، ليڪن اُن وقت جا پراڻا ۽ ڦاٽل ڪتاب،
اڄ به منهنجي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. اُن وقت جي
ڪورس جي ڪتابن ۾، نصيحت ڀريل نڪتا ۽ اخلاق آموز
آکاڻيون شامل هونديون هيون. جن جي پڙهڻ سان،
انساني اقدار ۽ اخلاقن جي تربيت ۽ نشونما ٿيندي
هئي.
محمد ابراهيم جويو صاحب جي زير نگراني شايع ٿيندڙ،
سنڌي پرائمري نصاب جا ڪتاب، اسان لاءِ اڄ به مشعل
راهه آهن. اُن دور جي ڪتابن جي سائيز ۽ اڄوڪي دور
جي ڪتابن جي سائيز، اُن دور جي ڪتابن جي بائنڊنگ ۽
اڄوڪي دور جي ڪتابن جي بائنڊنگ، اُن دور جي ڪتابن
جو مواد ۽ اڄوڪي دور جي ڪتابن جو مواد. اسين جڏهن
اِنهن ڳالهين کي، هڪٻئي سان ملائي جائزو وٺنداسين
ته صرف ٿڌو ساهه ڀريندي رهجي وينداسين.
اڄڪلهه پرائمري توڙي سيڪنڊري سطح تائين، ڪورس جا
ڪتاب، شاگردن کي مفت ۾ ڏنا وڃن ٿا، اِن ڪري به،
ڪتابن جِي قدرداني ۽ اهميت ۾ گهٽتائي اچي ويئي
آهي. شاگرد مفت ۾ ڪتاب وٺي، اُڇلي ٿا ڇڏين. والدين
جي کيسي مان هڪ روپيو به خرچ نٿو ٿئي، اِن ڪري
والدين به ڪتابن جي اهميت ۽ قدرداني طرف ڌيان نٿا
ڏين. هڪڙا ڦاٽي ويا ته ٻيا ملي ويندا ۽ اُهي به
مفت ۾.
اسان جو اُستاد محمد سليم پٺاڻ صاحب چوندو آهي ته:
”جيڪڏهن مفت ۾ ملندڙ هڪ هڪ ڪتاب، پنج پنج سؤ روپين
۾ خريد ڪري ٻارن کي ڏنو وڃي ته والدين کي يڪدم
اِهو اِحساس ٿيندو ته هي ڪتاب پئسن سان ورتل آهن،
اِهي ڦاٽي ويا ته وري ٻيا به پئسن سان وٺڻا پوندا.
اِن ڪري والدين ۾ به، ذميواريءَ جو احساس پيدا
ٿيندو ۽ ڪتابن جي حفاظت جو خيال به ڪرڻو پوندو.
ڪتاب ضايع ٿيڻ کان بچندا، ڪتابن ۽ علم جي اهميت جو
احساس اُجاگر ٿيندو، ورنه اسان جِي علم جِي ٻيڙي،
”مُفت تعليم“ جي بهاني سان، پورِي جِي پُورِي، وچ
سير ۾ ڀنواٽيون کائِي رهِي آهي، بلڪِه اکين جي
سامهون ٻُڏي رهي آهي.“
1960ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن محمد ابراهيم جويو
صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو (شايد اُن
وقت، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو قيام، اڃان عمل ۾ ڪونه
آيو هو). اُن وقت جي پهرئين کان پنجين درجي تائين،
سنڌي نصاب ۾ شامل مواد جو جائزو وٺنداسين ته اسان
کي معلوم ٿيندو ته اُن وقت، ٻارڙن جي عمر ۽
نفسيات جي تقاضائن کي مدِنظر رکي، اُن بعد ڪورس جي
ڪتابن کي تيار ڪيو ويندو هو.
درجو پهريون
اسڪول ۾ داخل ٿيل نئين ٻار کي، ميٽ مليل ڪاٺيءَ
جي، پٽيءَ تي، ڪانهن جي قلم سان، هٿرادو ٺاهيل
ڪاريءَ مس سان، الف - ب
جا 5 يا 10 اکر لکي ڏبا هئا ۽ اُهي بار بار پڙهائي
، پڪا ڪرايا ويندا هئا، اُن بعد زبر، زير، پيش، مد
۽ ڪڪ پڪي ڪرائيِ، پوءِ ٻاراڻو ڪتاب کڻائبو هو. سبق
پهريون ”هِيءَ ڀِتِ آهي“. ”هِيءَ ڇِتِ آهي“.
ٻاراڻي کان پوءِ، ريڊر ڪتاب پڙهايو ويندو هو. جنهن
جا دلچسپ ۽ پيارا پيارا بيت ڪجهه هن ريت هوندا هئا
*
*
*
*
*
|
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون،
جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي.
ڏس هِي مُنهنجي ٻِلڙِي،
جنهن سان اٿم دِلِڙي.
مٺڙا گهوڙا! اوري آ،
خُوب خُوشيءَ سان داڻو کا.
واهه ڙي تارا! گول تارا!
روشن تارا! چلڪي وارا!
اڙي مِٺُو! او مِٺڙا پيارا!
ساون سُهڻن کنڀن وارا.
جو کير پيئي، سو وير ٿئي،
ڏند زور وٺن، سُٺا سُهڻا لڳن.
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وِهاريو،
خُوش ٿِي هر هر مون ڏي نهاريو،
مُنهنجي امڙ! |
درجو ٻيو :
هن سنڌي ڪتاب ۾، جيڪي اخلاق آموز ۽ نصيحت ڀريا
نثري سبق ۽ نُڪتا شامل هوندا هئا، اُنهن جو ٿورڙو
وِچُور هيٺ ڏجي ٿو: سهي
۽ ڪڇُونءَ جي ڳالهه، اسان جو وطن، ڪُتي ۽ سندس
پاڇي جي ڳالهه، نور ۽ مائي جي ڳالهه، عرب ۽ سندس
عربي گهوڙو ، مُندون ، ٻئي جي دل وٺ ، ڏاهو ٻار،
وِتُ کان ٻاهر نه هل ، هاريءَ ۽ اُن جو هَرُ ،
نِٺر ٻارُ ۽ ماءُ جو چيو مڃڻ، وغيره. درجي ٻئي جي
مثالي ۽ مشهور بيتن ۾، هيٺيان بيت گهڻو مشهور هئا :
*
*
*
|
آئون نه ڪڏهن ڪُوڙو ٿيندس،
ساهه سدائين سچ تي ڏيندس.
اچو ته ننڍڙي ريل هلايُون،
باهِ بنبُوءَ ۾ دُونهون دُکايون.
ڪري واهه سان واهه جُون وايُون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.
ٻارو! اچي مڙو هڪ ماڳ،
ڳايُون چئن مُندن جو راڳ. |
* |
آءُ ته لاٽُونئڙو ڦيرايُون،
دوست! گهڙيءَ کن دل وِندرايُون. |
*
*
* |
کُهَنبِي رتڙِي لال ڪُنوار،
هَل ته ڀنڀُورِي! ڀُڻُون بزار.
ڦُوڪي ڦاڙ نه ڦُوڪڻو،
مُنهنجو آهِ ملُوڪڻو.
مک ماکيءَ لئي اُٿِي سويرو،
گُلن مٿان سا ڏئي ٿي ڦيرو. |
درجو ٽيون :
هن درجي ۾، هيٺين ٻن ننڍن ڪلاسن جي بنسبت، وڌيڪ
وڏي معنيٰ ۽ اصلاح وارا سبق شامل هوندا هئا جهڙوڪ: گدڙ
۽ اُٺ، لالچي دربان، ڪنهن کي به گهٽ نه ڄاڻجي،
سچار ڇوڪر، خان بهادر حسن علي آفندي، گدڙ ۽ ٻگهه
پکي، سُڌريل ڳوٺ، خيراتي کُوهه، ٻن ڪُوئن جي
ڳالهه، چوري نه ڪجي، سَگهو ڇوڪر اَگهو شاهوڪار، ٻه
سُپتيا ماڻهو، لوڀِي ۽ ٺوڳِي، رحمدل نينگر ۽ ورائي
ڪوشش ڪر، وغيره. هن ڪتاب جي بيتن ۾، هيٺيان بيت،
نهايت گهڻو وڻندڙ ۽ مشهور هئا:
*
*
*
*
*
*
* |
گُلن ۾ گُلابي مزيدار گُل،
چنبيلي ۽ موتئي جو مهندار گُل.
دريا شاه جو آندو مون تازو پلو،
کائيندڙ جو مَوليٰ ڪندو شل ڀلو!
چمڪ چمڪ تُون چنڊ مشعال!
چوکي تُنهنجي چنچل چال.
ٿا جيڪر خُوش گُذارڻ گُهرو،
جي دنيا ۾ ٿا شان گُهرو،
جي مانيءَ سان گڏ مان گُهرو.
اڄ پاڻ کي پُٽ هوشيار ڪريو،
واپار ڪريو، واپار ڪريو.
ٻُڌو هيءَ ڳالهه هڪ هرڻيءَ جي ٻارو!
ڪريان هِت رحم جو ٿو ذڪر سارو.
سنڌ اسان جي ساوڪ وارِي،
جنهن ۾ آهي دريا جارِي.
ڏِسي دُنيا ۾ عجب نظارا،
سائينءَ جي سگهه سمجهه پيارا!
ڪُڪِڙ اسان جي ڳاڙهي ڪارِي،
”ڪُڪُ ڪُڪُ“ جنهن جِي آهي پيارِي.
آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب،
جهڙي
شاهوڪار لئي، تهڙي ڪاڻ غريب. |
درجو چوٿون:
درجي چوٿين جي، سنڌي ڪتاب جي سبقن ۾، ڪيترائي
معنيٰ جا موتي سمايل هوندا هئا، جن کي پڙهڻ لاءِ،
بار بار دل چوندي هئي. هي ڪتاب دلچسپ ۽ معلوماتي
خزاني جي کاڻ لڳندو هو. هن ۾ شامل مشهور سنڌي سبق
هيٺئين ريت هوندا هئا: گامون
سچار، قرباني، لڙائيءَ ۾ شرافت، آزادي ۽ غُلامي،
محنت جو ڦل، کُنڀيون، بنگالي ٻار، ساڌُو هِيرانند،
مُروَت ۽ فضيلت، خانبهادر اَلهندو شاهه، عدل گناهن
جي ڍال آهي، شاهه عبدالڪريمؒ بُلڙيءَ وارو، ڀنڀور
جو ڦِٽل شهر، توڪل، سُلطان ٽِيپُو ۽ تاج محل
وغيره. هن ڪتاب جي مشهور بيتن ۾، هيٺيان بيت ۽
نظم، تمام گهڻو پڙهيا ۽ پسند ڪيا ويندا هئا:
*
*
*
*
*
*
|
اِلاهي! ڪرم ڪر اسان تي قراري،
آهيون اصل کان سَڀُ ڏُکيا ۽ ڏوهاري.
وطن جي حُب جي دل ۾ نه ٿي، ايمان ڪهڙو ٿيو؟
اسان ۾ جي عمل ناهي ته پوءِ انسان ڪهڙو ٿيو؟
ابا! رک تُون پاڻئُون وڏن جو لحاظ،
رکن تُنهنجو تان پُڻ ننڍا ڪو لحاظ.
مُروت ۽ اخلاق سان ڪم هلايو،
زماني کي اِن ريت پنهنجو بنايو.
صبا پيغام پهچايو، ”بهار آيو، بهار آيو“،
ٿيو من خُوش ٻُڌي وايو ”بهار آيو، بهار
آيو“.
ڪکائن گهرن کي تُون روشن ڪرين ٿو،
غريبن جي چئونرن کي گُلشن ڪرين ٿو.
چيو هڪڙي ننڍڙي ڪُئي، ”اي امان!
ويس سَير خاطر جو ٻاهر هِتان.“ |
درجو پنجون :
هِي پرائمري تعليم جي عُروج ۽ فائينل وارو درجو
آهي، جنهن ۾ دينيات، اخلاقيات، انسانيت، قانون جو
احترام ۽ ساڻيهه جي سِڪ جهڙن عنوانن سان، شاگردن
کي تيار ڪري، پوءِ مٿئين ڪلاسن ۽ سماج ڏانهن
اُماڻيو ويندو آهي. اسان جي زماني ۾، پنجين درجي
واري ڪتاب ۾، جيڪي نثري سبق نُمايان هوندا هئا،
اُنهن ۾ خاص ڪري هيٺيان سبق گهڻو مشهور هئا:
مخدوم نُوحؒ، برهمڻ آباد، ميان غلام شاهه ڪلهوڙو،
وڻ مان نصيحت، نئڙت، انجام پاڙڻ، ٽالپرن جي
حُڪومت، وطن جي حُب، چَڪِرَ کي پُڄي لَتِرُ،
سخاوت، فُضُول خرچي، رُستم ۽ سُهراب، نيڪ ڇوڪر،
رُڃ، نماز، سُقراط ۽ دلي جي آتم ڪهاڻي، وغيره.
هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته پنجين درجي جو،
سبق ايڪونجاهون ”دلي جي آتم ڪهاڻي“ مون کي ڪيترن
ئي سالن تائين برزبان ياد هوندو هو، جيڪو اڄ اڄوڪ
تائين به ڪجهه جملن کي ڇڏي باقي آءٌ برزبان ٻُڌائي
سگهندو آهيان.
هن ڪتاب ۾ شامل هيٺيان بيت نهايت گهڻو وڻندڙ ،
دلچسپ ۽ نصيحت آموز هوندا هئا، جن ۾ حفيظ تيوڻي جو
”مومل راڻو“ جي عنوان وارو نظم، مون کي اڄ به
اِيئن ياد آهي، ڄڻ اِهو مون اڃان اڄ ۽ هينئر هينئر
ياد ڪيو هجي. هِن درجي جا ڪجهه بيت هِن ريت هئا:
شاهه جي رسالي مان بيت (سُر سارنگ)
شاهه جي رسالي مان بيت (سُر يمن ڪلياڻ).
*
*
*
*
* |
سَکيءَ کي سسئي چيو، ”ادي! اَلله توهار!
کنيم سُور سُکا ڪري، ڏنا جي ڏاتار“
تڏهن سوڍو اُٿيو سنبرِي، ڪُوپو ساهي ڪر،
سنڀاليو سُبحان کي ، ٿو پاڪ مڱي پاکر.
آئي مُند ملار، پکين ڪئي للڪار،
رُتيُون مِڙيئي ڀَليُون، ڪانهي تُل بهار.
اي صبا! ساري ڏجانءِ، ساڻيهه وارن کي سلام،
مُنهنجي مارُن ، مُنهنجي مٺڙن، مُنهنجي
پيارن کي سلام.
ڌڻي مُنهنجا! ڪر مون سان پنهنجو ڪرم،
ته رهجي تُنهنجي لُطف سان، سڀ ڀرم. |
درجي ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ۾، اسان کي، اختياري
ڪتاب به پڙهايا ويندا هئا، جن جو مُکيه مقصد، ٻارن
۾ ادب ڏانهن لاڙو ۽ تخليقي قُوت يا سگهه پيدا ڪرڻ
هوندو هو. اِهڙن ڪتابن ۾، درجي ٽئين جو ”مُکڙيون“،
چوٿين جو”سنڊريلا“
۽ پنجين جو ”پنج داستان“ گهڻو مشهور هئا.
”مُکڙيون“ جي ڪهاڻين جا مکيه عنوان هن ريت هئا: ڪم
چور مور، انسانيت جو واسو، ٽي دوست، ٻار جي ڪهاڻي،
ٻه سُٺيون ڇوڪريون، اورچ نوجوان ۽ سجائي مُوڙي،
وغيره. ”سنڊريلا“
جي ڪهاڻين جا عُنوان هن ريت هئا: سنڊريلا،
جادوءَ جي دَکي، اَبُو صابر، ٻارن جُون سَڌُون ۽
تقدير ۽ تدبير. ”پنج داستان“ ۾، ڪهاڻيون به پنج ئي
شامل هونديون هيون. جن جا عُنوان هِن ريت هئا: سنڌ
باد سيلاني، چنڊ جو سفر، مورڙيو ۽ مانگر مڇ ،
رُستم ۽ سُهراب ۽ اُميد جِي پرِي.
اهڙي ريت، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري، محمد
ابراهيم جويو صاحب جي زير نگراني شايع ٿيندڙ، سنڌي
پرائمري نصاب، پنجن سالن دوران، ٻارڙن جي مذهبي،
قومي، سماجي، اخلاقي ۽ ادبي اقدار کي پايهءِ تڪميل
تي پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو.
اڄ سنڌ ڌرتيءَ جو خوش نصيب ۽ مهان انسان، محمد
ابراهيم جويو صاحب، جڏهن پنهنجي حياتيءَ جون 99
بهارون، اکين سان ڏسي ۽ ماڻي چُڪو آهي، تڏهن سندس
مانَ ۾، ڀٽائيءَ صاحب جو هيٺيون بيت منسوب ڪري،
آءٌ پنهنجي عاجزيءَ، محبت ۽ مبارڪباد جو اظهار ڪرڻ
چاهيان ٿو، شال! قبول پوي.
جَکرا! تُون جِيين ، تُنهِنجو ڪَنين مَندو مَ
سُڻِيان،
اَکِـــيــيــن ۽ هِـــنيــيــن، ٻِـــــنهِي
تـــــارِيءَ تُـــنـهِـنـجِي.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
محمد ابراهيم جويو ۽ پير حسام
الدين راشدي
امام راشدي
سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويو ويهين صديءَ جو وڏو ڏاهو
ماڻهو آهي. سنڌ سان عشق ڪندڙ هيءُ عالم هميشه سنڌي
قوم جي خوشحاليءَ جو خواهان رهيو آهي. سنڌي ادب،
محمد ابراهيم جويي جي فڪر کان گهڻو متاثر آهي.
جديد سنڌي ادب جا جيڪي محرڪ آهن، جويو صاحب انهن
مان بنيادي ماڻهو آهي. هيءُ عالم، هڪ صديءَ جي
مڪمل تاريخ آهي. سنڌ جي نئين تاريخ اڏيندڙن جو مُک
ڪردار محمد ابراهيم جويو آهي. تاريخ جو هيءُ وڏو
ماڻهو، سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اهم ڪردار
ادا ڪندو رهيو آهي.
جي.ايم.سيد جو فڪري تسلسل رکندڙ محمد ابراهيم
جويو، دوستيءَ جو هڪ وسيع حلقو رکندڙ آهي. پاڻ
جيئن ته عالم آهي، تنهنڪري دوستيءَ جو دائرو پڻ
عالمن تائين رهيو آهي. سنڌ جو ننڍو وڏو عالم اديب
۽ شاعر جويي صاحب جي فڪر کان متاثر رهندو آيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو محمد ابراهيم جويي جي فڪري
مداحن ۾ ”مورّخِ سنڌ“ پير حسام الدين راشدي سر
فهرست آهي. ان لاءِ خود پير صاحب چيو هو ته: ”اسان
کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ڏنو.“
محمد ابراهيم جويو ۽ پير حسام الدين راشدي ٻه
عالم، ٻه اديب، ٻه سنڌ پرست ۽ ٻه قوم پرست
تاريخدان آهن، هڪ طرف جويو صاحب جي.ايم.سيد جي
قريب ڏسجي ٿو ته ٻئي طرف پير حسام الدين راشدي جي
ويجهڙو رهيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو، جويو صاحب
پير صاحب کي محبِ وطن، مخلص، محنت ڪش ۽ پورهيت
اديب ۽ عالم سڏيو آهي. هو لکي ٿو ته:
”ڪجهه سال اڳي، مون پير صاحب کي ڪنهن موقعي تي
”پورهيت اديب“ سڏيو هو، بلڪ هڪ هنڌ مون ائين لکيو
به هو، جنهن تي دوستن مون کان پڇيو هو ته، ڇا، پير
صاحب جو گذارو ادب تي هو! مون کين جواب ڏنو هو ته،
گذارو رڳو جسماني ئي ته نه هوندو آهي ۽ ٻيو ته
پورهيو فقط پنهنجي لاءِ به ته ڪونه هوندو آهي.“
پاڻهياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري،
ڪالئه سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
جويو ۽ راشدي ٻه اهڙا فرد آهن جن سنڌ کي قومي تشخص
ڏنو. سنڌ هنن عالمن جي فڪر کان گهڻو فيضياب ٿيندي
رهي آهي. ٻنهي عالمن جي دوستي پڻ مثالي رهي. ٻئي
1949ع کان دوستيءَ جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. اهڙو
ذڪر جويو صاحب هن طرح ڪري ٿو:
”... پير صاحب سان جيئن ئي منهنجي ڄاڻ 1949ع کان
سنڌي ادبي بورڊ جي وجود ۾ اچڻ سان ٿي، تيئن ئي کين
مون پنهنجي زندگيءَ جي دلي مقصد جو پختو ۽ مخلص
ساٿي سمجهيو.“
هيءَ ٻن سنڌ پرست عالمن جي دوستي ثابت ٿي. راشدي
صاحب تاريخ جا دفينا کوليندو رهيو ۽ جويو صاحب
تاريخ جا سبق پڙهائيندو رهيو. هنن عالمن جي
دوستيءَ جو دائرو 33 سالن کان به زياده رهيو. ان
باري ۾ جويو صاحب لکي ٿو ته:
”حسام الدين علم جو هڪ ذهين متلاشي ۽ مطالعي جو پر
ذوق ۽ اوَرچ ماهر هوندو هو. سنڌ جي علم ۽ ادب جي
دنيا ۾ اسين ٽيهن سالن کان به وڌيڪ عرصو ساٿي ۽
همڪار ٿي رهياسين.“
سنڌ جي هنن ٻنهي عالمن سدائين سنڌ جي ڀلي لاءِ ڪم
ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ هنن جي دوستيءَ جو بنياد به
بڻيو ته، سنڌ جي حفاظت جو بنياد پڻ پيو. سنڌي ادبي
بورڊ سنڌي ماڻهن جي ذهنن ۾ تاريخ جي اوت ڪندو رهيو
آهي. ادبي بورڊ سنڌ کي علمي، ادبي، تاريخي ۽
تهذيبي ورثي کان روشناس ڪرايو ۽ علم و ادب جي هڪ
تحريڪ هلائي، جنهن سان اهلِ سنڌ پنهنجي قومي ورثي
جي ڄاڻ پرائي.
جويي صاحب هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”حسام الدين سچ پچ هڪ وڏو ماڻهو هو. هُو هڪ وڏو
عالم هو. هُو هڪ وڏو ليکڪ هو. هو بنهه هڪ املهه ۽
اڻ لڀ دوست هو. زندگيءَ سان هن جا ڪي ٻول ٿيل هئا.
انهن مان هن جو پهريون ۽ سڀ کان اڳرو سنڌ سان پيار
جو ٻول هو، سنڌ جيڪا هن جي ماتر ڀومي هئي، هن جو
سنڌ جي ماڻهن سان سندن سک ۽ ڀلائيءَ جو بُل هو.
جمهوريت ۽ دنيويت ۽ ڀائيچاري جي ڀلائيءَ جو ٻول.
هُو امن جو شيدائي هو ۽ ڪنهن به انساني سطح تي
ڪنهن به پختي ۽ پائيدار حق يا قدر جي تخليق ۽ دفاع
لاءِ ٻئي ڪنهن زور يا طاقت جي بدران فقط ۽ فقط قلم
جي طاقت ۽ زور هن جو ايمان هو .“
سنڌ جو هيءُ عظيم ڏاهو، پير حسام الدين جي علمي،
ادبي ۽ تحقيقي ڪم مان مطمئن ٿيندي ٻڌائي ٿو ته:
”حسام الدين زندگي جي هن هلندڙ مهم ۾ اسان جو هڪ
بيحد پيارو ۽ ڏاڍو هڪ لائق ساٿي هو ۽ هن پنهنجي
حصي جو ڪم ڏاڍي شاندار طريقي سان پورو ڪيو.“
اهڙيءَ طرح پير صاحب جي حياتيءَ ۾ هڪڙي تقريب ۾
خطاب ڪندي جويي صاحب چيو هو ته:
”آءٌ کين سندن علمي حاصلات تي ۽ اڄ جنهن عزت ۽
اقبال جي پدَ تي پنهنجي محنتن ۽ لياقت سان پاڻ
بيٺل آهن، ان لاءِ کين دلي مبارڪون ڏيان ٿو. آءٌ
سندن اڳيان محبت ۽ عقيدت سان پنهنجو ڪنڌ جهُڪايان
ٿو.“
راشدي صاحب کي محمد ابراهيم جويو ڏاڍو پيارو هو.
سنڌ جو ناميارو اديب غلام رباني آگرو سنڌي ادبي
بورڊ جي حوالي سان هنن ٻنهي عالمن جي قريب رهيو
آهي. رباني صاحب پنهنجي يادن بابت هڙني ڪتابن ۾
جويي صاحب ۽ راشدي صاحب جي علمي، ادبي ۽ دوستاڻا
لاڳاپن تي گهڻو مواد ڇڏيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب
”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ ۾ لکيو آهي ته:
”جيڪڏهن ڪو شخص مون کان سوال پڇي ته پير صاحب سان
تنهنجو ورهين جا ورهيه هيڏو ويجهو رستو هو، ٻڌاءِ
ته سنڌ جي عالمن ۽ اديبن ۾ سڀ کان گهڻو مانُ ڪهڙي
شخص جو ڪندو هو؟ ته مان بنا، هَٻڪ جي جويي صاحب جو
نالو کڻندس. جويي صاحب سان سندس ڪچهريءَ جا موضوع
مختلف هوندا هئا. سندس ڪچهرين جويي صاحب جي ذهن تي
اهڙو اثر ڇڏيو، سو ته مون کانئس ڪڏهن ڪونه پڇيو
آهي پر پير صاحب هڪ ڀيري پنهنجا تاثرات بيان ڪندي
مون کي چيو ته، اسان کي سنڌ دوستيءَ جا سبق جويي
صاحب ڏنا.“
راشدي صاحب جي ڪتاب ”هُو ڏوٿي هُو ڏينهن“ جو نالو
پڻ جويي صاحب جو تجويز ڪيل آهي. غلام رباني آگرو
لکي ٿو ته:
”ڪتاب جو نالو جويي صاحب جو تجويز ڪيل آهي ۽ اهو
پير صاحب جي وڏي ڀاءُ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي
شينهن“ جي مناسبت سان رکيل آهي. جويي صاحب ڪتاب جي
ڇپائيءَ تي نگراني به ڪئي هئي ۽ ان تي سٺي محنت به
ڪئي هئي.“
پر اهڙو اظهار خود راشدي صاحب هن طرح ڪيو آهي:
”هي ڪتاب تقريباً ارڙهن سال پيو رهيو، انهيءَ
انتظار ۾ ته آءٌ رهيل خال ڀريان، ليڪن انهيءَ جي
فلحال اميد نه ڏسي، منهنجي دوست محمد ابراهيم جويي
۽ غلام ربانيءَ ڇپائيءَ لاءِ زور ڀريو. بلڪ محمد
ابراهيم جويي ته پڇاڙيءَ تائين هڪ هڪ اکر نظر مان
ڪڍيو، ڪتاب جو نالو به پاڻ رکيائين، پروف ڏٺائين،
سنوارڻ ۽ سينگارڻ جو سڄو بار به پاڻ کنيائين.
جيڪڏهن ڀاءُ محمد ابراهيم همٿ نه ڪري ها ته ڪتاب
مرڻ بعد منهنجي اثاثي مان نڪري ها ۽ مُئي جي مال
وانگر هن جو به اهو ئي حَشر ٿئي ها جيڪو هزارن
مسوَدن جو ٿيندو رهيو آهي.“
محمد ابراهيم جويو 13- آگسٽ 1915ع ۾ دادو ضلعي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ ”آباد“ ۾ ڄائو. جڏهن ته پير حسام الدين
راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ڳوٺ
”بهمڻ“ ۾ ڄائو. عمر جي لحاظ کان پير صاحب، جويي
صاحب کان چار سال کن وڏو هو. ٻئي عالم ٺُپ
ٻهراڙيءَ واري ماحول جي پيداوار آهن. ٻنهي
ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ پرورش ورتي، پر علم جو چاهه
منجهن سمايل هو. اهو ئي سبب بڻيو جو هنن ٻنهي
عالمن علم پرايو ۽ اهڙو ۽ ايترو علم حاصل ڪيائون
جو دنيا رشڪ ڪري ٿي ۽ سنڌ هنن عالمن تي ناز ڪندي
رهي ٿي.
محمد ابراهيم جويو ۽ پير حسام الدين راشديءَ جون
سنڌي علم، ادب، تاريخ ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون ۽
لکيل ڪتاب، سنڌ جو اثاثو آهن. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ
تي هنن ٻنهي عالمن جي فڪر جا گهَرا نقش ڇڏيل آهن.
راشدي صاحب کي وڇڙئي برابر 32 سال گذريا آهن، پر
جويو صاحب اڃا حال حيات آهي جيڪو هڪ صديءَ جي مڪمل
تاريخ آهي، خدا کيس سلامت رکي.
|