سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:18

صديءَ سانڍيو ساهه

 

 

 

 

مخدوم سليم الله صديقي

محمد ابراهيم جويي صاحب ڪوٽڙي تعلقي جي کيرٿر ڪوهستاني علائقي جي ”آباد“ واهڻ ۾ 13 آگسٽ 1915ع تي جنم ورتو. ”آباد“ ڳوٺ جيڪو انساني آباديءَ جي وسڻ ڪري ان نالي سان سڏجڻ لڳو هو. جويي صاحب جي جنم کان پوءِ ڄڻ علمي ۽ ادبي لحاظ کان به آباد ٿي ويو.

جويو صاحب جا وڏا اصل پنجاب جي سرائڪي علائقي سان تعلق رکندڙ هئا. انهن مان ڪي آدم شاهه ڪلهوڙي جا عقيدتمند هئا. اهوئي ڪارڻ چئجي جو ڪجهه جوين جون قبرون سکر ۾، آدم شاهه ڪلهوڙي جي مقبري آڏو احاطي ۾ موجود آهن. اهي اثر سندن ايندڙ پيڙهين تي به نظر اچن ٿا. محمد ابراهيم صاحب جو ڏاڏو محبوب جويو پڻ صوم و صلواة جو پابند ۽ پرهيزگاريءَ ڏي راغب طبعيت رکندڙ هو. هُو ظاهري علم جي فقط ابتدائي تعليم حاصل ڪري سگهيو، پر روحاني ۽ ديني تعليم ۾ عربي، فارسي ۽ قرآن و حديث جي به ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، جنهن کان جويو صاحب گهڻو متاثر به هو. سندس والد ميان محمد به قرآن شريف سان گڏ ابتدائي عربي سنڌي پڙهيل هو. جويو صاحب اڃا صغير ئي هو ته هُو وفات ڪري ويو. جنهن کان پوءِ سندس پرورش ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. اهوئي ڪارڻ هو جو حياتيءَ جو هڪ حصو تعليم ۽ نوڪري سانگي ڪراچيءَ ۾ رهڻ جي باوجود هُو سندن پڇاريءَ تائين نه رڳو ڪفالت ڪندو رهيو، پر وقفي وقفي سان پرگهور لهڻ خاطر پاڻ به ايندو هو.

جويي صاحب کي ٻالڪپڻ کان ئي تعليم جو ذوق هو. چوٿين سنڌيءَ ۾ جڏهن پهريون نمبر آيو ته کيس انعام طور ڪتاب”گلدسته“جيڪو ديارام وسڻمل ۽ ديوان ليلارام پريم چند جي منتخب مضمونن جو مجموعو هو ۽ مرزا قليچ بيگ جي تحرير ”گلن جي ٽوڪري“ مليو. انهن جي مطالعي ڄڻ سندس حياتيءَ ۾ علم ۽ ادب جي چاهه جي دري کولي ڇڏي.

چوٿين درجي کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ جويي صاحب کي لڪي شاهه صدر جي اسڪول ۾ داخلا وٺڻي پئي ڇو ته ڳوٺ آباد ۾ رڳو چوٿين درجي تائين تعليم ڏني ويندي هئي. لڪي سندس ڳوٺ کان ٽي چار ميلن جي پنڌ تي آهي. لڪي شاهه صدر جنهن کي ’تيرٿ لڪي‘ به سڏيو ويندو هو. تيرٿ گاهه ۽ شاهه صدر جي مزار سبب هيءُ علائقو، مسلمانن ۽ هندن ۾ يڪسان مقبول رهيو آهي. هڪ روايت موجب
’لڪي‘ اصل ۾ لک علوي جي بگڙيل صورت آهي. يعني لڪ علوي سيدن جي نسبت سان ان کي لڪي سڏيو ويو. هن جي شهرت جو هڪ ٻيو ڪارڻ گرم پاڻيءَ جو چشمو پڻ آهي جيڪو هتان کان اتر طرف کيرٿر جبلن ۾ واقع آهي. گندرف جي پاڻيءَ جو اهو چشمو ڦٽ ڦرڙين لاءِ مفيد ثابت ٿيو آهي. ڪيترا ماڻهو ان ۾ وهنجي پنهنجو علاج ڪن ٿا.

جويي صاحب جو لڪيءَ جي اسڪول ۾ اڃا ڪو ٿورو وقت مس گذريو ته سائين جي.ايم.سيد جي چوڻ تي سندس ڏاڏي کيس سن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي رهائش دوران سندس ويجهڙائي هڪ طرف سن جي سائينءَ سان ٿي ته ٻئي طرف سيد صاحب وٽ ايندڙ وڏين شخصيتن جهڙوڪ: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ ميرزا قليچ بيگ وغيره سان ٿي، جن جو اثر ايندڙ سالن ۾ حياتيءَ جي جوڙجڪ تي مهر ثابت ٿيو.

سن ۾ اٺين جماعت ۽ انگريزيءَ جي فرسٽ سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪرڻ کان پوءِ جي.ايم.سيد جي ترغيب ۽ مدد سان ميٽرڪ پاس ڪرڻ لاءِ پاڻ سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتائين. ننڍپڻ ۾ ڏٺل ۽ محسوس ڪيل ڳالهيون آخر عمر تائين لاشعور ۾ دهرائجنديون ۽ پنهنجا اثر ڏيکارينديون آهن. تعليمي ميدان ۾ سيد صاحب جو کيس ڀرپور سهڪار رهيو، پر عملي زندگيءَ ۾ به پاڻ کانئس وک وک تي صلاح ۽ مدد وٺندو رهيو.

سنڌ مدرسي مان امتيازي نمبرن سان ميٽرڪ پاس ڪرڻ پوءِ سيد صاحب جي همٿائڻ تي ڊي.جي ڪالج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتائين جتي ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ پروفيسر آڏواڻي جهڙا استاد موجود هئا. ڪاليج ۾ تعليم دوران ”اخبار الوحيد“ ۽ هڪ پرائيويٽ فرم ۾ شام جو ڪم ڪرڻ سان مالي تڪليف به دور ٿي وئي. جنهن ڪري پاڻ آسانيءَ سان ان ڪاليج مان بي.اي جو امتحان ڏنو. جنهن جي بنياد تي کيس سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ٽيچر ڪري رکيو ويو. سنڌ مدرسي هن لائق فائق استاد جنهن جي عمر 24-25 سال هئي (بي.ٽي بيچلر آف ٽيچنگ) جي ڊگريءَ لاءِ بمبئي ايس.ٽي ڪاليج وڃڻ جي سهولت فراهم ڪئي.

بمبئيءَ ۾ رهائش دوران سندس علمي ۽ ادبي ذوق مطالعي کان قلم طرف وڌيو. ’هسٽاريڪل رول آف اسلام‘ جو ترجمو به اتي رهائش دوران شروع ڪيائون. ٽيچرس ڪورس ڏيڍ سال ۾ پورو ڪري واپس ساڳي نوڪريءَ تي آيا.

انگريزن جي سنڌ تي قبضي کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين هتان جي ماڻهن سان جيڪو سياسي معاشي ۽ ثقافتي ظلم ٿيو سو تاريخ جو اهم باب آهي. 1843ع کان پوءِ سنڌ جي خود مختيار حيثيت کي ختم ڪري ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان جو انتظام ڪمشنر ذريعي هلايو ويو. معمولي نوعيت جا معاملات به بمبئي پريزيڊنسي جي اجازت جا منتظر هئا. ايتري قدر جو ميٽرڪ جو امتحان به بمبئي بورڊ تحت ٿيو ٿي. ان صورتحال جي ڪري ماڻهن ۾ بي چيني وڌي ۽ سنڌ جي اصل حيثيت ۾ بحاليءَ لاءِ تحريڪ ڪَر کنيو. ان تحريڪ جا ابتدائي سرواڻ غلام محمد ڀرڳڙي، ديارام گدومل، ديارام ڄيٺ مل، حسن علي آفندي وغيره هئا. سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ 1847ع کان 1935ع تائين جاري رهي، آخر گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع تحت اپريل 1936ع کان Sir Lancelot Grahm سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو. کيس 25  ڄڻن جي ايڊوائزري ڪميٽي پڻ ڏني وئي، جنهن جو صدر سر غلام حسين هدايت الله هو. 1935ع ايڪٽ تحت پهرئين قانون ساز اسيمبلي سٺ ڄڻن تي مشتمل هئي. جن ۾ 33 نشستون مسلمانن لاءِ هيون. 18 مارچ 1940ع تي سنڌ جي مختلف سياسي گروپن کي ملائي نئين حڪومت تشڪيل ڏني وئي. جنهن ۾ جي.ايم.سيد کي وزير تعليم مقرر ڪيو ويو. وزارت تعليم، سنڌ جي حوالي سان جيڪي اهم فيصلا ڪيا، انهن مان ڪجهه هي آهن:

(1) جدا يونيورسٽي جو قيام جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي صورت اختيار ڪئي.

(2) ميٽرڪ تائين سنڌيءَ ۾ تعليم لازم هجڻ.

(3) سنڌي ادب جي ترقي لاءِ هاءِ پاورڊ ايڊوائزري ڪميٽي جو قيام، جنهن سان اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ رستو هموار ٿيو، پر اهي سڀ منصوبا شروع ۾ تعطل جو شڪار ٿيندا ٿي ويا. صوبي ۾ سياسي ابتري ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي گروپن جي ڇڪتاڻ، بي چيني ۽ غير يقيني فضا کي برپا ڪيو. ان صورتحال ۾ جويي صاحب جي ننڍن وڏن مضمونن کان علاوه سندس تحرير 'Save Sindh, Save the continent from feudal lords, Capitalists and their ammunalisms' ان جي اڀياس کي ڀلي ڀت نڀايو.

هن ڪتاب ۾ طبقاتي نظام جي منفي اثرن ۽ نالي چڙهيل سياستدانن جا ذاتي مفاد، بيباڪيءَ سان پڌرا ڪيا ويا. هيءُ ڪتاب جون 1947ع ۾ شايع ٿيو. انهيءَ دور ۾ ئي جويي صاحب صوبائي اسيمبلي جي رڪنن لاءِ پمفليٽ جي صورت ۾ ”کليل خط“ تحرير ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي خود اراديت جي تحفظ جو ذڪر هو، جنهن جي ياداشت ۾ کيس سنڌ مدرسة الاسلام جي نوڪريءَ تان فارغ ڪيو ويو: انهن ئي ايامن ۾ پهرئين گهرواريءَ جي اوچتي وفات پڻ صدمي جو سبب بڻي، پر جلد سيپٽمبر 1947ع ۾ کيس ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول جو صدر مدرس مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ ٻه سال گذاريائين، جتان پوءِ کيس ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ اسسٽنٽ ٽيچر طور مقرر ڪيو ويو.

سائين جي.ايم.سيد جي قائم ڪيل مرڪزي صلاحڪار بورڊ جو قيام، جنهن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو هو. انهيءَ اصول تي ڪوشش جاري رهي. جولاءِ 1951ع ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري ڏانهن منتقل ٿي ته ان جي ڪئمپس ۾ ئي بورڊ جي آفيس کولي وئي. ان جي پرنٽنگ پريس وغيره لاءِ پڻ زمين متعين ڪئي وئي. ان سڄي معاملي ۾ جويي صاحب جي ڪوششن کي نه ٿو وساري سگهجي. جويو صاحب کي ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي سندس خدمتون ”سينٽرل بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر گورنمينٽ آف سنڌ“ کي منتقل ڪيون ويون. جويي صاحب جلدي سيڪريٽري جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ٽن سالن کان پوءِ 1954ع ۾ سينٽرل بورڊ جو نالو تبديل ڪري سنڌي ادبي بورڊ رکيو ويو. اهڙي طرح مارچ 1955ع ۾ ون يونٽ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ کي تعليم کاتي سان ملائي ”دي سوسائٽيز ايڪٽ 1860ع“ تحت خود مختيار اداري جي حيثيت ڏني وئي. شروع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس N.J.V اسڪول جي احاطي ۾ قائم ڪئي ويئي جيڪا ون يونٽ کان پوءِ حيدرآباد آندي وئي. 

محمد ابراهيم جويي صاحب پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو. جولاءِ 1951ع کان نومبر 1961ع تائين پاڻ بورڊ جي سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. کين هڪ دفعو ٻيهر جولاءِ 1963ع کان آڪٽوبر 1967ع تائين اعزازي

سيڪريٽري بورڊ ڪري رکيو ويو. ٽيون دفعو 1997ع کان 2002ع تائين کين بورڊ جو اعزازي چيئرمن رهڻ جو شرف حاصل رهيو. سندس ابتدائي دور ۾ شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد تقريباً چار سؤ آهي.

بورڊ جي ڪارڪردگي اسان کي ان وقت نظر اچي ٿي جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ سنڌي لوڪ ورثي ۽ فوڪ لور کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي حياتيءَ جا ٽيهه- پنجٽيهه سال سنڌ جي هر وسندي واهڻ ۽ ويرانن ۾ پهچي گيت، نظم، ڪهاڻيون، چوڻيون ڳجهارتون وغيره جيڪي عوام جي سينن ۾ منتقل ٿينديون پئي آيون، انهن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ جو سعيو ڪيو.

ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ جو ٻيو اهم قدم ٽه ماهي ادبي رسالو ”مهراڻ“ هو. 1946ع ۾ چاليهن صفحن جو ”مهراڻ“ شايع ٿيو. ان جو سيڪريٽري عثمان علي انصاري ۽ چيف ايڊيٽر دين محمد وفائي مقرر ٿيا. ورهاڱي کان اڳ ان جا ٽي شماره جڏهن ته 1948ع ۾ فقط هڪ شمارو شايع ٿيو. اهڙي طرح 50-1949ع ۾ مهراڻ جو ”لطيف سالگرهه“
نمبر شايع ٿيو، جيڪو 32 صفحن تي هو. هڪ دفعو وري ان جي اشاعت تعطل جو شڪار ٿي. آخر جنوري 1955ع م ابراهيم جويي صاحب جي ايڊيٽر شپ تحت ان جي باقاعده اشاعت شروع ٿي، ان جي قيمت ٻه روپيا، صفحا ٻه سؤ کان به وڌيڪ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان ۾ تاريخ، تحقيقي مقالا، افسانه، ڪهاڻي ۽ شاعريءَ کان علاوه معياري مضمون جيڪي ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيا ويا، انهن کي به شامل ڪيو ويو. 1961ع تائين جويي صاحب پوري توجهه ۽ جانفشاني سان رسالي جي معيار ۽ اعليٰ ادب جي ترويج تي ڌيان ڏنو. سچ ته اڌ صدي کان
  وڌيڪ عرصي تي ڦهليل ”مهراڻ“ جي تاريخ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ جو هڪ اهم باب بڻجي ويئي آهي. انهيءَ اهميت جي پٽاندر بنده بورڊ کي شايع شده سمورن پرچن کي مختلف عنوانن تحت جيئن شاعري نمبر، سوانح عمر نمبر، تحقيقي مقالا نمبر، افسانه نمبر، ڪهاڻي نمبر وغيره الڳ الڳ جلدن ۾ شايع ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جيئن سنڌي ادب جي مني صديءَ جي تاريخ کي محفوظ ڪري سگهجي. ان تجويز کي نه صرف منظور ڪيو ويو، پر ان تي عمل سست ضرور، پر جاري آهي.

جويو صاحب سرڪاري نوڪريءَ لاءِ نه رڳو سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ رهيو، پر حيدرآباد ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ به جولاءِ 1967ع کان مارچ 1968ع تائين رهيو. جتان کيس بدلي ڪري گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ ۾ مقرر ڪيو ويو.

1970ع جي آخر ۾ ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ صوبن جي پهرئين حيثيت بحال ٿي. ابراهيم جويي صاحب جون خدمتون به سنڌ جي تعليم کاتي جي حوالي ڪيون ويون جتي هُو مختلف عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيندي 12 آگسٽ 1976ع تي رٽائر ٿيو.

محمد ابراهيم جويو رٽائرمينٽ کان پوءِ به ڪيترين ئي سماجي ۽ ادبي تحريڪن ۽ تنظيمن جو سرپرست ۽ روح روان رهيو آهي. جيئن، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، سنڌ فرينڊ سرڪل، سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ، اعزازي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينئگويج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، شيخ اياز فائونڊيشن، V.P ٿيوسفيڪل سوسائٽي حيدرآباد، سنڌ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو وائس پريزيڊنٽ وغيره هجڻ کان علاوه مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجون تحريرون پڻ شايع ڪرائيندا رهيا آهن.

جويي صاحب جي علم ۽ ادب سان وابستگي ٻالڪپڻي ۾ ئي شروع ٿي ويئي هئي جڏهن 14 ورهين جي عمر ۾ پاڻ پهريون دفعو ”پڃري ۾ بند پکي“ جي عنوان تحت مضمون لکي، احساس ۽ جذبن جي اڀياس ۾ مشغول ٿيو، ان کان پوءِ سنڌ مدرسي ۾ نوڪريءَ دوران ”اسڪول ايڊمنسٽريشن ۾ جمهوري طريقه ڪار“ لکيائون. انهيءَ زماني ۾ ئي پاڻ ايم.اين.راءِ جي ڪتاب'Historical role of Islam' جو سنڌي ترجمو ڪيائون. سندس اُها تحرير جيڪا باقاعده ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي، اها هئي: 'Save Sindh, Save the continent from feudal lords, Capitalists and their Emunalism' (1945)

خاص ڪري ورهاڱي کان پوءِ جويي صاحب جي شخصيت مترجم جي طور تي به نالو ڪڍيو. حالانڪه سندس اڪثر ترجمي نان فڪشنل آهن. سندس محور فلسفو ۽ انقلابي تحريرون پڻ رهيون. جيئن (1) پاڻ 1949ع ۾ جان جيڪ روسو جي تحرير ’ايميلي“ جو ترجمو ڪيو، (2) پلو ٽارڪ جي ’ٻارن جي تعليم‘، (3) هارورڊ مور جي ’وحشي جيوت جا نشان‘، (4) ايميلي ايريڪمين ۽ اليگزينڊر چائيان جي ’فرانسيسي انقلاب‘، (5) فلسفي جو ابتدائي ڪورس از فرانس بيڪن، (6) اسٽيفن زويگ جي ’فڪر جي آزادي‘، (7) گليليو جي زندگي از برٽولٽ، (8) پائيلو فريري جي تحرير ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘.

اهڙيءَ طرح جويي صاحب جي.ايم.سيد جي به ڪيترين تحريرن کي سنڌيءَ مان انگريزيءَ م ترجمو ڪيو. جيئن سنڌ جو مقدمو، قومي يڪجهتي، سنڌ جي سياست جو پس منظر، سنڌوديش وغيره.

انهن کان علاوه جويي صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ يا پيش لفظ پڻ لکيا جن کي جيڪڏهن گڏ ڪيو وڃي ته  ضخيم ذخيره جي صورت ۾ سامهون ايندو. اهڙي طرح پاڻ نصابي ڪتاب ۽ ڪيترائي انگريزيءَ ۾ تحرير ڪيل مضمون سندس تحريرن جو اهم سرمايو آهن. ائين کڻي چئجي ته جويي صاحب سجاڳيءَ کان اوجاڳي تائين ۽ اوجاڳي کان اونڌاهيءَ تائين پنهنجي سؤ ساله زندگيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح قلم ۽ ڪتاب سان جڙيل رکيو آهي.

ويا ورهيه لنگهي، ڄڻ لوڻي لمحي

صديءَ سمعي، ڪل نه پئي ڪا.

(سليم)

 

رتيءَ جي رهاڻ

 

 

 

 

 

 

 

محمد علي ڏيپلائي

محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ محمد عثمان ڏيپلائي (مرحوم) ٻئي دوست، نهايت غريباڻي ماحول ۾ پيدا ٿيا ۽ نپنا، پر هنن پنهنجي غير معمولي ذهانت ۽ اڻٿڪ محنت سان اسان جي سماج ۾ لافاني حيثيت حاصل ڪئي. سندن حياتي تي نظر ڊوڙائبي ته معلوم ٿيندو ته هو سندن بنيادي مقصد ۽ اصول يعني انسان ذات جي ڀلائي جي حصول لاءِ هر دور ۾ ڪوشان رهيا، توڙي جو انهيءَ ڏس ۾ مختلف دورن ۾ هنن مختلف رستا ۽ طريقا اختيار پئي ڪيا، پر پنهنجي بنيادي مقصد سان پُرخلوص ۽ بي غرض وابستگيءَ کين آخر تائين باهمي احترام ۽ محبت ۾ سوگهو رکيو.

جويي صاحب ۽ ڏيپلائي صاحب جي اڻ ڏٺي واقفيت جي شروعات جولاءِ 1947ع ۾ ٿي، جڏهن سنڌ مدرسي ۾ معلميءَ دوران جويي صاحب پنهنجي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب 'Save Sindh, Save The Continent' ڇپائي پڌرو ڪيو، سنڌ مدرسي جي بورڊ آف گورنرس جي چيئرمن پير الاهي بخش (مرحوم) ڪنهن به نوٽيس يا وارننگ بنا جويي صاحب کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ واقعي تي ڏيپلائي صاحب ڪنهن وافقيت يا ڄاڻ سڃاڻ کان سواءِ هڪ ديانتدار صحافيءَ طور پنهنجي اخبار ”عبرت، جي 11- جولاءِ 1947ع واري شماري ۾ پنهنجي ڪالم
”چُهنڊڙيون“ ۾ پنهنجي ردِعمل جو اظهار هن ريت ڪيو:

جويي صاحب سان ڏيپلائي صاحب جي پهرئين روبرو ملاقات جو ذڪر به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جلدئي ڏيپلائي صاحب جي ڏيٺ ويٺ حيدر بخش جتوئي (مرحوم) سان ٿي ۽ سندس ذهن ۾ جديد سياسي ۽ سماجي نظرين ديرو ڄمائڻ شروع ڪيو، هڪ موقعي تي جتوئي صاحب سندس تعارف جويي صاحب سان ڪرايو، ڏيپلائي صاحب مختلف حلقن مان جويي صاحب بابت گهڻو ڪجهه ٻڌي چڪو هو، ڪجهه دوستن جو خيال هو ته جويو صاحب ”ڪميونسٽ ۽ دهريو آهي ۽ خدا کي ڪونه ٿو مڃي!“ هن پهرئين ملاقات ۾ ڏيپلائي صاحب پنهنجي دستوري خوشطبعيءَ ۾ کانئس پڇيو:

”ٻڌجي پيو ته اوهان خدا کي ڪونه ٿا مڃيو؟“

”ادا، آءٌ خدا کي ڪيئن نه مڃيندس، آءٌ ته پاڻ ئي خدا آهيان!“ جويي صاحب پڻ ساڳئي سڪي ۾ جواب ڏنو.

”اڇا- جي توهان خدا آهيو ته ڀلا ٿورو مينهن ته وسائي ڏيکاريو!“ ڏيپلائي صاحب ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو.

”اوهان جي چوڻ تي مينهن ڇو وسايان؟ آءٌ خدا آهيان، پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ!“ جويي صاحب چيو ۽ ڏيپلائي صاحب وڏو ٽهڪ ڏيئي کڻي کيس ڀاڪر ۾ جهليو، پوءِ ته ”رتيءَ جي رهاڻ“ وارو قصو ٿي پيو!

سنه 49-1948ع واري دور ۾ ڏيپلائي صاحب وڏي ذهني مانڌاڻ مان گذري رهيو هو، سندس ويهارو سالن وارا ”مسلم اُمت“ ۽ ”حڪومت الهيه“ وارا خواب درهم برهم ٿي چڪا هئا، پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ تي جيڪا پناهگيرن جي يلغار ٿي، جيئن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇنيو ويو، جهڙي نموني هندو برادريءَ کي منظم طريقي حڪومتي سازشن سان سنڌ مان لڏايو ويو ۽ سندن ملڪيتن کي پناهگيرن جي حوالي ڪيو ويو، کين جائز ناجائز طريقن سان نوڪرين سان نوازيو ٿي ويو، انهن سمورين وارداتن سندس ذهن کي صدمن مٿان صدما ٿي ڏنا. پنهنجيون پراڻيون سوچون کيس هاڻ سنڌ واسطي نهايت هاڃيڪار نظر ٿي آيون.

جويي صاحب ۽ جتوئي صاحب جي سنگت ۽ سندن خيالن جو ڏيپلائي صاحب تي گهرو رنگ چڙهڻ لڳو، جيئن پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو:

”…ساڳئي وقت گورڪي جي ڪتاب ’ماءُ‘
جو اُردو ترجمو به پڙهيم ۽ مسٽر محمد ابراهيم جويي ۽ مسٽر حيدر بخش جتوئيءَ جي سنگت پڻ حاصل ٿيم، اهي سڀ حملا يڪا ٿيڻ تي سوچ جو انداز به بلڪل بدلجي ويو، مگر اهو 16 جا 32 آنا تڏهن بدليو جڏهن ون يونٽ ٺهيو… انهيءَ وقت کان آءٌ پاڻ کي اول ’انسان‘ پوءِ ’سنڌي‘ ۽ آخر ۾ ’مسلمان‘ سمجهندو هئس، پر جولاءِ 1972ع جي (سنڌي ٻوليءَ جي) فسادن بعد پاڻ کي اول به سنڌي ته آخر به سنڌي سمجهندو آهيان!“

جويي صاحب جي سنگت ۾ اچي ڏيپلائي صاحب جو ذهن تيزيءَ سان جديد سوچ جو آماجگاهه ٿيڻ لڳو، سندس چوڻ مطابق ”منهنجي ڪتابن جي لکڻي 1948ع تائين ٻي آهي ۽ 1949ع کان ٻي!“
پنهنجي ديرينه عادت مطابق ڏيپلائي صاحب نئين ڄاڻ ۽ علم ٻين تائين پهچائڻ ۾ جنبي ويو، جلدئي ”اداره انسانيت“ قائم ڪري، جديد معلومات تي مشتمل ناول ۽ ڪتاب (پنهنجا توڙي ٻين جا لکيل) شايع ڪرڻ لڳو، اهڙن ڪتابن ۾ ”امڙ“، ”انسان جي تاريخ“، ”هاري جي سجاڳي“، ”سج ڏکڻ مان ٿو اُڀري“، ”ڪنول ڪلي“، ”چار داڻا“، ”ماڻهو ۽ ڌرتي“،
”سمرقند جو صوف“، ”انور پاشا“، ”جپاني گُڏي“،
”شيخ المشائخ“ وغيره شامل آهن.

جويو صاحب جلدئي حيدرآباد مان بدلي ٿي، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪراچيءَ اُسهيو، ۽ ٻنهي دوستن جي وچ ۾ خط و ڪتابت جو هڪ طويل سلسلو شروع ٿي ويو، افسوس جو ڏيپلائي صاحب، اهي خط محفوظ نه ڪيا، پر جويي صاحب ڏيپلائي صاحب جا 50 خط (1951ع کان 1968ع) هڪ جلد ۾ محفوظ رکيا ۽ عنايت فرمائي انهن جون ڦوٽو اسٽيٽ ڪاپيون مون کي ڏنائون، ڪن خط جا ڪي ٽڪرا پڙهندڙن واسطي دلچسپيءَ جو باعث ٿيندا. مثلاً:

”دل رکڻ لاءِ افسانه کي پسند ڪرڻ جو شڪريو، پر افسانه جي پڇاڙي مون خود کي به پسند نه آهي، انڪري ڦيرائي ڇڏي اٿم.“ (1952-04-19)

”خط پهتو، الحمدلله اڄ پئسن جو بندوبست ٿي ويو، اوهين ڊاڪٽر صاحب (هندستان آيل ڊاڪٽر صادق) کي وڌيڪ ٻه سؤ رپيا ڏيئي ڇڏيندا جو ويچاري کي تڪليف هوندي!“

(1953-03-06)

”روزانه عبرت جو ڊڪليئريشن مليو آهي، پر اڃا ڪڍي ڪانه اٿم، جيڪڏهن جي.ايم.سيد وارا هن کي هلائيندا ته کين ڏيئي سگهان ٿو، ليڪن هن شرط سان ته انهيءَ جي پاليسي اوهان جي هٿ ۾ هوندي.“ (1953-04-15)

”مهرباني ڪري هن خط پهچڻ شرط پنجاهه رپيا يا هڪ سؤ رپيا هن سرنامي تي پهچائيندا، ”اداره طلوع اسلام رام باغ روڊ، ڪراچي.“ (1953-05-01)

”عرض ته ڪراچيءَ ۾ رائيٽرس گلڊ جي قيام جو ٻڌي، نهايت خوشي ٿي، مهرباني ڪري مفصل طرح مشورو ڏيندا ته اسين هتي اها ڪهڙي قائم ڪريون.“ (1953-07-29)

’اُمنگ‘ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، اهو اگرچه اوهان جي اُتي (ڪوهاٽ) پهچڻ کان پوءِ ڇپيو آهي، پر هتي انهيءَ کي اوهان جو ئي تحفو سمجهيو وڃي ٿو، پرچو بيحد پسند آيو، اهو هڪ ئي پرچو آهي، جنهن جو هڪڙو لفظ به مون کي اعتراض جوڳو نظر ڪونه آيو.“ (1965)

”رات خواب ۾ ڏٺم ته اوهان ڏاڙهي رکائي آهي، ۽ ملاقات ۾ ڏاڍي مزي سان کيس ور ور ڦڻي پيا ڏيو، ڇوته وڏي ڏاڙهيءَ وارا عام طرح انهيءَ کي هٿ سان پيا سهلائيندا آهن، پر اوهان کي اڃا ننڍي هئي ۽ اهو به عجيب هو ته انهيءَ جي پوري وچ ۾ سينڌ به هئي، اسان ۾ چوندا آهن ته خواب ۾ ڦڻي ڏيڻ معنيٰ سڀ منجهيل مسئلا سلجهي وڃڻ! انهي خواب اوهان جي سِڪ وڌائي.“ (1967-08-29)

”ٽيون ڏينهن سامان صفا ڪندي، ٻه ٽي شاهه جا رسالا سفيد پني وارا لڀي پيا، دل ۾ چيم ته هيءُ الائجي ڪهڙي خوشقسمت جي نصيب ۾ بچي پيا آهن، ڪلهه اوچتو شيخ صاحب (شيخ عبدالمجيد سنڌي) آيو ۽ چيائين ته هڪ رسالو مون لاءِ ۽ هڪ جويي صاحب لاءِ ڏي، ڏاڍي مسرت ٿيم ۽ ٻنهي تي صحيحون وجهي سندس حوالي ڪيا اٿم، انهيءَ ايڊيشن جي سٺي پني جا اهي آخري داڻا آهن، اُميد ته سخا نه وڃائيندا.“

(1967-06-01)

”جتوئي صاحب کي سڄي جاءِ (سواءِ هوٽل جي) مڪمل ڀت سميت 15 ڪه الائي 18 هزارن ۾ ملي ويئي آهي، جنهن جا پئسا به پياري آيو آهي، اها اوهان دوستن کي به مبارڪ هجي…

”…اوهين ويا يا وڃڻ وارا ٿيا ته ٻه ڏک ٿيا، هڪ ته اوهان جي صحبت جو ڏک ٻيو پنهنجي غلطين کي ياد ڪري به ڏک پيو ٿيندو آهي، اُميد ته اوهين به اهي دل سان معاف ڪندا ۽ وساري ڇڏيندا، نه فقط اهي پر آئينده به پيون ٿينديون، پر آخر ۾ مقصد ته هڪ ئي اٿئون جو اُميد جو مولانا ملاح جي هن شعر وانگر رهندو:

قبر منهنجيءَ مٿي ڪانڌي، ڪج هي نقش ڪارڻ رب،

ته سهسين شڪر سائينءَ جا پُنم دم پرت وندن سان!

(1967-10-01)

”ويٽ نامي ڪتاب پڙهندي حافظ يا الائجي ڪنهن جو هي شعر به ڏاڍي لطف سان پڙهيو اٿم:

مادرِ پياله عڪس يار ديده ايم،

اﻵ بـﻶ خبر زلزت شربِ دوام ما!

انهن ڪتابن ۾ وليم فاسٽر جي ’عالمي مزدور تحريڪ جي تاريخ‘ جو ذڪر پڙهيم، اها به وڃي وٺي آيس، اها پڙهڻ سان گهڻي معلومات حاصل ٿيم، وري هڪ ڪتاب ’دوشهرون کي ڪهاني‘ هٿ آيو، ان به ڪپاٽ کولي ڇڏيا، بي انداز لٽريچر آهي جو سنڌيءَ ۾ آڻڻ گهرجي، پر آڻي ڪير ۽ ڇپائي ڪير؟

 (1967-10-06)

”ٻڌو اٿم ته شاهه صاحب (جي.ايم.سيد) جي ڪتاب ’جديد سياحت جا نورتن‘ خلاف ايڊوڪيٽ جنرل وڏو سارو نوٽ لکيو، پر اتفاق سان سيڪريٽري ڪو سمجهدار نڪري پيو، جنهن ضبط ڪرڻ کان انڪار ڪري وڌو.“ (1967ع)

”اوهان کي وطن کان دور دراز علائقي ڪوهاٽ ۾ اُڇلايو ويو آهي ۽ ائين ٻين ڪيترن کي اُڇلايو ويو، مگر ٻيا گهڻا هائيدوس مڃائيندا ۽ بيچيني ڏيکاريندا آهن، سا به مون کي معلوم آهي ۽ اوهان جنهن سنجيدگيءَ ۽ بي ساختگيءَ سان آسپاس جي حسين علائقن جو ذڪر ڪري مون کي انهيءَ نظاري مان لُطف اندوز ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي سا ڏيکاري ٿي ته اوهان کي هيءُ مصرع خوب ياد آهي ته:

”هر ملڪ، ملڪِ  ما  است

ڪه ملڪِ خدائـﻶ ما است.“

۽

مرغ زيرڪ گر به دام اند، تحمل يا يديش

”مون کي يقين آهي توهان اهي چند مهينا يا چند سال اهڙائي سجايا ڪندا جهڙا مون ’سانگهڙ‘ لکڻ وقت ڪيا هئا، اسان جنهن زندگيءَ جي دور مان هن وقت گذري رهيا آهيون، سا خود اسان جي ئي 99 سيڪڙو فردن جي ڪوتاهين سان آهي، ۽ آءٌ نه ٿو سمجهان ته سنڌ عرف سابق سنڌ جي پنجاهه لکن مان پنجاهه هزار به صحيح سنجيدگيءَ سان انهيءَ کوهه مان ڪڍڻ جا مخالف هوندا، ان ڪري بقول اياز:

 

هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ،

آخر هيءَ رات گذرڻي آ.

”هي ڪاريون ۽ هيبتناڪ راتيون ڏاڍيون ڊگهيون ٿين ٿيون، ۽ ڏاڍيون ڏکيون گذرنديون آهن ۽ انهن ۾ روشنيءَ جا انتظام ڪرڻ به ڏاڍا ڏکيا آهن، پر پُرعزم ثابت قدم ۽ سنجيده انسان طوفان ۾ به پيا ڏيا جلائيندا رهندا آهن.“ (1967-11-7)

”هونئن ته سدائين پئسي هٿ ڪرڻ جي پريشانين ۾ وقت گذري ٿو، پر ڪڏهن ڪو سٺو پئسو هٿ اچي وڃي، ته وري انهيءَ کي کپائي ڇيهه ڪرڻ جي پريشانين ۾ وقت ائين گذريو وڃي، جو نه ڏينهن جو آرام، نه رات جو سک. اڃا به شڪر آهي جو ننڊ سٺي اچيو وڃي، نه ته جيڪر ولي داد ولي بنجي وڃان يا خواجه شمس. (1967ع)“

”ويٽنامين جا ڪارناما هر هر پڙهڻ کان پوءِ سچ پچ دل جي حالت اها هوندي آهي جو:

”چوڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا!

وهڻ مون نه وڙاءُ جهانءِ جهڄي هنيون!“

”ويٽنام تي ڪڏهن ڪڏهن ’نواءِ سنڌ‘ ۾ به لکندو آهيان، جي مولوي صاحب (عبدالغفور سيتائي) مهرباني ڪري بنا ڪاٽ ڪوٽ جي ڇپي ڇڏيندو آهي…

نون ڪتابن جي حسرت ۾ پنج ورهيه گذري ويا نه پئسو گڏ ٿيو، نه ڇپجي سگهيو.

ويٽنام ناول صحيح طرح لکڻ لاءِ ضروري آهي ته خود سرزمين ويٽنام نظر مان ڪڍجي، پر اها سهوليت ميسر نٿي سگهي. (1967ع)

منهنجيون جويي صاحب سان بيشمار ملاقاتون ٿيون، پاڻ ازراه نوازش مون تي شفقت اظهار ڪندا رهيا آهن، پر ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مشڪلاتن جو ذڪر نه ڪيائون، نه ئي وري اولاد جي شڪايت، هوڏانهن وري ڏيپلائي صاحب هڪ سچي مجاهد جي حيثيت ۾ منهنجي طرفان مليل معاشي مدد ۽ تحفظ کي ڪڏهن به تحسين جي نگاهن سان نه ڏٺو، شديد مجبوريءَ جي حالات ۾ مدد وٺندي به اها وضاحت ضرور ڪندو هو ته اها مٿس قرض آهي، جنهن جي ادائگي هو حالتن ’درست‘ ٿيڻ تي ضرور ڪندو! شديد مجبوري به ڪهڙي؟ ڪو ڪتاب ڇپائڻ، پريس جي ورڪرن جون بقايائون ادا ڪرڻ، قرضين کي وقتي طور منهن ڏيڻ، اهي ئي هونديون هيون سندس شديد مجبوريون.

جويو صاحب، تاج جويي مطابق، سائين جي.ايم.سيد ۽ ايم.اين.راءِ کان گهڻو متاثر هو، جي.ايم.سيد صاحب کي هند- سنڌ جو ننڍو وڏو سڃاڻي، ايم.اين.راءِ بابت شيخ اياز جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پاڻ (شيخ اياز) ۽ جويو صاحب رائيلسٽ (Royalist) آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته جويي صاحب جي شخصيت کي سمجهڻ  لاءِ ايم.اين.راءِ بابت ڄاڻ به ڪارائتي ٿيندي. مون کي اهو شرف حاصل آهي راءِ جا ڪجهه ڪتاب جيڪي جويي صاحب نهايت عزيز رکندو آهي، مون کي نهايت عنايت ڪري مطالعي واسطي ڏنائين. اهي ڪتاب هڪ غير معمولي فعال ۽ جاکوڙي انسان جي تجربن، مشاهدن ۽ مطالعي جا نهايت دلچسپ دستاويز چئي سگهجن ٿا، انهن مان مليل مواد جي بنياد تي سندس جاکوڙي حياتيءَ جو مختصر ذڪر پڙهندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو.

سڄي عمر سچ جي ڳولا ۽ پنهنجي سوچ مطابق سچ جي سئن هڻندڙ ايم.اين.راءِ (اصل نالو نريندر ڀٽ آچاريه) جو جنم سنه 1887ع ۾ ڪلڪته جي ڀرپاسي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي نهايت غريب ماڻهوءَ جي گهر ۾ ٿيو، ٿوري وڏي ٿيڻ تي راءِ، بنگال کي وڏي بحران مان گذرندي ڏٺو، سنه 1905ع ۾ ٿيل بنگال جي ورهاست اُتي جي هندوئن کي سخت ناپسند هئي ۽ منجهن انگريزن جي خلاف پُرتشدد قومي تحريڪن جنم ورتو، بنڪم چندر چئٽرجي جي ناول ’آنندمٺ‘ ۽ انهي ۾ ڏنل گيت ’وندي ماترم‘ وڏو مچ مچايو. نوجوان راءِ به انهيءَ پُرتشدد قوم پرستي جي وهڪري ۾ وهي، دهشتگرد تنظيمن ۾ شامل ٿي، انهن جي مالي ضرورتن جي پورائي لاءِ ريلوي اسٽيشنن ۽ بئنڪن تي ڌاڙا هڻندو هو. سنه 1915ع ۾ ڪنهن وڏي معرڪي لاءِ هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ جاوا جو سفر ڪيائين، پر جرمنيءَ ۽ جاپان جي سکڻن دلاسن مان ڪجهه به نه وريس، گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ ويس ۽ نالو مٽائي وڃي آمريڪا پهتو، جتي سندس ملاقات لاله لاجپت راءِ سان ٿي، جنهن کيس سمجهايو ته ڏتڙيل عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ محض قومي آزادي ناڪافي ٿيندي، انهي واسطي سوشلزم ضروري آهي، جلدئي راءِ کي آمريڪا ڇڏڻو پيو ۽ وڃي ميڪسيڪو پهتو.

ميڪسيڪو ۾ سندس ملاقات روسي ڪميونسٽ ميخائيل بوروڊن سان ٿي، جنهن کيس مارڪسزم/ڪميونزم ڏانهن راغب ڪيو، ٻنهي ڄڻن گڏجي ميڪسيڪو ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو بنياد وڌو، جيڪا روس کان ٻاهر پهرئين ڪميونسٽ پارٽي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ راءِ، ماسڪو ۾ ٿيندڙ پهرئين ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۾ بطور ڊيليگيٽ گهرايو ويو، انهيءَ ڪانفرنس ۾ هڪ اهم موضوع هو  پٺتي پيل ملڪن، خاص ڪري هندستان ۾ اشتراڪي انقلاب آڻڻ لاءِ حڪمت عملي تجويز ڪرڻ، انهن ڏس ۾ راءِ جي سوچ، لينن کي ڏاڍي وڻي، هُن راءِ کي ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۾ نهايت وڏو عهدو ڏنو، ۽ هندستان ۾ اشتراڪي انقلاب آڻڻ لاءِ تاشقند روانو ڪيو، باوجود گهڻي مٿا ماري جي ۽ خلافت تحريڪ جي پراڻن رضاڪارن جي ساٿ جي راءِ جي اها مهم ناڪام ٿي، جلدئي کيس ساڳئي مقصد لاءِ چين موڪليو ويو، پر اتان به ناڪام وريو. ساڳئي دور ۾ لينن جي وفات کان پوءِ راءِ مخالف اسٽالن جو ٽولو اقتدار ۾ آيو ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ راءِ ماسڪو مان فرار ٿي هندستان آيو جتي سندس خلاف پراڻا ڪيس اُٿلائي کيس ڊگهي عرصي لاءِ جيل ۾ رکيو ويو.

قيد ۾ گذاريل طويل عرصي ۾ راءِ کي پنهنجي مطالعي کي وسعت ڏيڻ ۽ پنهنجي سموري زندگيءَ تي تنقيدي نظر نظر وجهڻ جو موقعو مليو، هن ڪيترائي قابلِ قدر فلسفيانه ڪتاب ۽ مضمون لکيا، آزاديءَ کان پوءِ پنڊت نهروءَ کيس ڪانگريس ۾ آندو ۽ مقامي سطح تي عهدا به ڏنا، پر گانڌيءَ جي سوچ سان سهمت نه ٿيڻ ۽ سندس مخالفت ۾ مضمون لکڻ ڪري ڪانگريس مان خارج ڪيو ويو. هن پنهنجي سياسي پارٽي پڻ ٺاهي پر سخت ناڪامي ٿيس.

جيل ۾ گذاريل عرصي ۽ انهيءَ کان پوءِ وارن سالن ۾ راءِ پنهنجي تجربن، مشاهدن ۽ مطالعي جي بنياد تي بنيادي انسان دوستي (Radical Humanity) جي تحريڪ شروع ڪئي، سندس سوچ مطابق فڪر جي آزادي ۽ عقليت جي راهه انساني فطرت ۾ شامل آهن. انهن جبلتن جي تعميري استعمال لاءِ اخلاقي قدر ۽ اخلاقي طور تي درست طرز عمل لازم آهن، هن دور جو عظيم بحران محض سياسي ۽ اقتصادي نوعيت جو نه آهي، بلڪ ان جو بنيادي ڪارڻ فڪر جي آزاديءَ تي رڪاوٽون ۽ اخلاقي قدرن تي عمل پيرا نه هجڻ آهي، سندس مطالعي مطابق اها سوچ ڪا نئين نه آهي بلڪ تمام قديم آهي؛ مارڪسزم ۽ ڪميونزم منطقي توڙي عملي لحاظ کان ناڪام تحريڪون آهن، اهي انسان دوستيءَ بدران پارٽي جي اقتدار ۽ قوم پرستي ذريعي پنهنجي اقتدار جو ڄار ٻين ملڪن ۾ ڦهلائڻ ۾ مشغول ٿي پنهنجي ملڪ توڙي ٻين ملڪن جي سياسي ۽ فڪري آزادي لاءِ گهاتڪ ثابت ٿيون آهن. علم ۽ ڏاهپ کان سواءِ جمهوريت چالاڪ سياستدانن جي جاه پرستيءَ جي راند آهي، جنهن ۾ سادن ۽ ويساهه وسوڙيل عوام کي پُرفريب نعرن ۾ اُلجهائي اقتدار تي قبضو ڪيو ٿو وڃي.

راءِ پنهنجي سموري عمر نهايت فعال رهيو، جتي کيس گهڻن کان مڃتا ۽ محبت ملي، اُتي مٿس تنقيد به ٿي، مائوزي تنگ مطابق هو مسئلن جي ڪنهن عملي حل ڏيڻ کان سواءِ تمام گهڻو پيو ڳالهائيندو هو، هو ڪنهن قدر بيوقوف هو. سر اسٽئفورڊ ڪرپس جنهن سنه 1942ع ۾ ساڻس هندستان جي سياسي مسئلن بابت خيال جي ڏي وٺ ڪئي تنهن پنهنجي ساروڻين ۾ ٻڌايو ته راءِ جي خيال ۾ کيس وائيسراءِ سان گڏ اقتدار ۾ شريڪ ڪبو ته سمورا مسئلا حل ٿي ويندا!

جويو صاحب، ڏيپلائي صاحب کي ”سنڌ جو سچو خادم“ سڏيندي لکي ٿو:

”انسان جي عظمت هيءَ آهي ته هو پنهنجي وس آهر، پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ مان مٿي اُٿڻ جي اُمنگ رکي ۽ اُدم ڪري، پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجي مفاد کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻين جي مفاد کي اهميت ڏئي، ڌرتيءَ کان مٿي اُٿڻ جو مطلب آهي گهڙيءَ جي مفاد کي گهڻي وقت جي مفاد لاءِ قربان ڪري… محترم محمد عثمان ڏيپلائي، جيئن آءٌ سڃاڻ، تيئن منهنجي نظر ۾ ٻين لاءِ جيئڻ جي اهڙي اُمنگ ۽ مستقبل جي بهتري لاءِ اهڙي اُدم جو مثال آهي.“

جويي صاحب ۽ ڏيپلائي صاحب ڪنهن به فڪر ۽ سوچ جا غلام نه ٿيا، پنهنجي فڪري ۽ شخصي آزادي برقرار رکيائون، کين دنياوي جاه ۽ مالي آسودگيءَ جا ڪيترائي موقعا مليا، پر هنن پنهنجي فڪري آزاديءَ تي ڪڏهن سودو نه ڪيو.

”ماءُ وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پانهنجي،

جيڪي ڏنئي ڏيج ۾، سو سوئي سار،

وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونءَ جو!“

 

هڪ صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو

 

 

 

 

 

 

مهتاب اڪبر راشدي

سنڌيڪار: عبدالمجيد پنهور

زندگي ڊگهي ٿي ڪري به ڪيتري وڏي ٿي سگهي ٿي. سوچيان پئي، پر ڪوبه شخص پنهنجي هن (هڪ) زندگيءَ ۾ ڪيترو وڏو ٿي سگهي ٿو، ان جو اندازو ان وقت ٿيو، جڏهن محمد ابراهيم جويو صاحب جي آتم ڪهاڻي پڙهڻ ويٺيس. ڊگهي عمر جي سفر کي ڪاغذ جي چند صفحن ۾ ڦهلائڻ (يا چند صفحن ۾ سموهڻ) جو هنر به ته ڪو ڪو ڄاڻي ٿو، سيد مظهر جميل کي الله اهو هنر بهتر طور ڏنو آهي، پر ڪنهن جي زندگيءَ تي ڪير به ڇو لکڻ ويهي ۽ ڪائي ته اهڙيءَ ڳالهه هوندي جو هڪ اهل قلم ٻئي اهل قلم جي زندگيءَ جي واقعن کي لفظن جي گلن جي مالها ۾ پوئي ايندڙ نسل لاءِ هڪ دستاويز جي شڪل ۾ اهڙو تحفو ڏئي وڃي جيڪو ايندڙ نسلن تائين به موجود هجي ۽ هر ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندو رهي.

مان پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهان ٿي ڇو ته هن خوبصورت ۽ بامقصد ڪتاب لاءِ مون کي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ويو آهي. آئون ڇا ۽ منهنجي پهچ ڇا. مون ته هوش سنڀالندي ئي ادب جي آسمان تي جن چمڪندڙ جرڪندڙ تارن وانگر جرڪندڙ جهڙين شخصيتن کي ڏٺو هو، محمد ابراهيم جويو انهن ۾ نمايان هئو. ان ننڍي عمر ۾ مون ۾ شعور ته نه هئو ته انهن جي ڪم جي اهميت ۽ ڳوڙهائي جو اندازو ڪري سگهان، ها اهو سمجهندي هئس ته انهن جو قلم سنڌ جي مٽيءَ جي هٻڪار سان رچيل هو. ڪالهه به ۽ اڄ به مون کي جويو صاحب جي سر زمين سنڌ سان محبت ۽ ان متعلق سوچ ۽ ان ۾ هن جي يقين ۾ ذري جيتري به گهٽتائي محسوس نه ٿي ٿئي. جنهن شخص جي سوچ جو محور مخصوص خطو ۽ ان جا رهواسي، اتان جو ادب ۽ ثقافت ۽ اتان جا ماڻهو هجن ته پوءِ ان لاءِ سوچڻ لاءِ ۽ پنهنجي قلم، پنهنجي سوچ ۽ وجدان کي ان لاءِ وقف ڪري ڇڏڻ هڪ سستو سودو لڳي ٿو.

محمد ابراهيم جويو جي زندگي جا صفحا ورائيندي پڙهندڙ حيرت ۾ پئجي ٿو وڃي ته سڄي زندگي هن ٻين لاءِ ڪم ڪيو.... پنهنجي لاءِ نه ڪنهن وڏي گهر ۽ بنگلي جي خواهش رکي ۽ نه ئي موٽرڪار جي، نه ذاتي آسائشون ۽ نه ئي پئسا جمع ڪرڻ جي حوس، نه نمودو نمائش جو شوق نه خود ثنائي نه خود ستائش.

اهڙي عجيب مٽيءَ مان هن جو خمير ٺهيو آهي جو پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ دنيا کي سموئي ڇڏيو آهي. هُو ته صرف هڪ ساڌو سنت آهي جنهن صرف ڏيڻ سکيو آهي، وٺڻ نه. مون کي ياد نه ٿو پوي ته مون ڪڏهن ابراهيم جويو صاحب کي ڪنهن غير ضروري بحث ۾ اُلجهندي ڏٺو يا ٻڌو هجي. جڏهن به ڏٺو  ۽ ٻڌو، اهو ڪنهن به موضوع تي انتهائي مدلل گفتگو ڪندي. مختلف ڪانفرنسن ۽ سمينارن ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي، تعليم، لسانيات، اخلاقيات ۽ ٻين کوڙ موضوعن تي پنهنجي يقين مطابق، انتهائي جاندار مقالا پيش ڪندو رهيو آهي جيڪي پوءِ شايع ٿي سامهون ايندا رهيا آهن. گويا شاهه لطيف جي چواڻي هن جو قلم ڪنهن کاهوڙي (ڪڏهن نه ٿڪجندڙ) جو قلم آهي جو مسلسل هلندو رهي ٿو. ڪنهن رڪاوٽ تي رڪجي نٿو، پر پنهنجو رستو ٺاهيندو هلندو ٿو رهي. اڄ به جڏهن هن جي زندگيءَ جي سفر کي هڪ صدي ٿيڻ تي آهي (الله هن کي صحت سان اوستائين آڻيندو) تڏهن به پنهنجي قابل رشڪ ياداشت ۽ مطالعي ۽ تجربي جي مدد سان سندن قلم سرگرم آهي. هُو مون جهڙن نه ڄاڻ ڪيترن ماڻهن لاءِ حوصلو وڌائڻ جو سبب رهيا آهن، ڪيترائي ايندڙ ويندڙ نسل هن جي علم ۽ دانش سان فيضاب ٿيا آهن. سنڌ جو ڪهڙو دانشور آهي، جنهن سان گڏ هيءَ نه ويٺا هجن، جيڪي هن جي دوستيءَ جي هن هام نه هڻندا هجن، جيڪي سندس خيالن سان بهره ور نه ٿيا هجن. جي.ايم.سيد، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شيخ اياز، جمال ابڙو، مولانا غلام محمد گرامي، غلام رباني آگرو ۽ ان قبيلي جا ڪيترائي نامور ماڻهو جن مان ڪجهه هن جا همعصر رهيا، ڪن کي جويو صاحب تمام گهڻو مڃيندو هئو ۽ ڪجهه جويو صاحب جا معتقد هئا پر رشتو سڀني جو اهوئي اٽوٽ ۽ خلوص جي مٽي ۾ ڳوهيل هئو.

جويو صاحب جي زندگيءَ جي جن پهلوئن کي ڏسي مان حيران آهيان، اها آهي سندن انڪساري، عجز ۽ سادگي، هتي مون کي حضرت علي رضه جو قول ياد اچي ٿو ته ”نياز ۽ نوڙت انسان کي بلنديءَ تي پهچائي ٿي ۽ تڪبر انسان کي ننڍو بڻائي ٿو ڇڏي.

جويو صاحب جي زندگيءَ ۾ ته اها نياز ۽ نوڙت آهي جنهن کي ڏسي اهڙي ڦلدار وڻ جو تصور اڀري ٿو جيڪو ميوات سان ٽمٽار هجي ۽ ان جون شاخون جهڪيل هجن ۽ ڏسڻ وارن کي دعوت ڏينديون هجن ته اچو ميوات ميڙيو ۽ منهنجي ڇانو مان آسيس وٺو.

سندن زندگي مسلسل جدوجهد جو نمونو آهي، ٻالڪپڻ ۾ ئي والد جي شفقت کان محروم ٻار ”آباد“ ڳوٺ جي ”جنت گم گشته“ ۾ ڪيئن پليو وڏو ٿيو. پنهنجي ڏاڏي محبوب ۽ ڏاڏيءَ جادل کيس محبت سان ائين پاليو ۽ وڏو ڪيو جو پنهنجي پلئه ۾ انهن سادگي صفت انسانن جي محبتن کي سانڍيو، سنڌو درياء جي ڪناري تي وسيل هن ننڍڙي ڳوٺ ”آباد“ نه ڄاڻ ”دريا شير“ کي ڪيترائي دفعا گجندي ڏٺو، ان جي موجن ”آباد“ کي نه ڄاڻ ڪيترا دفعا اجاڙيو پر هتان جي رهواسين ”آباد“ کي آباد ئي رکيو.

آباد ته اتي ئي رهيو ۽ آباد رهندڙن کيس وسايو، پر محمد ابراهيم جويو هن ننڍڙي ڳوٺ مان نڪري، پري پري علائقن تائين ويو تيرٿ لڪي جهڙي ننڍڙي ڳوٺ کان ٿيندو سن پهتو.

سائين جي.ايم.سيد جي ڇپر ڇانو ۾ رهيو، ان جي ڪوششن سان سنڌ مدرسي ڪراچيءَ پهتو ۽ ان کان پوءِ  هن پٺيان مڙي ئي نه ڏٺو. ڊي.جي سائنس ڪاليج تائين پهچڻ ۽ گربخشائي، پروفيسر ٽي.ايم آڏواڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڀيرومل آڏواڻي ۽ اهڙن ٻين معتبر ۽ جيد استادن جي علم ۽ سکيا مان پرايائون.

سندس زندگي فڪر ۽ فلسفي جي ميراث اهي ئي ماڻهو هئا جن جويو صاحب جي سوچ کي جلابخشي، ساڌو واسواڻي ۽ مهاتما گانڌي جي تقريرن هن کي عدم تشدد ۽ اهنسا جي فلسفي کان واقف ڪيو. شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ ان جي معنويت کي به هتان ئي سمجهڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليو ۽ هتان ئي حاصل ڪيل تعليم هن جي زندگيءَ ۾ هڪ وڏي تبديلي جي نويد ثابت ٿي. جويو صاحب گذرمعاش جي حساب سان تدريس کي اپنايو. سنڌ مدرسة الاسلام ۾ وڏي محنت ۽ لگن سان شاگردن کي پڙهايو. بي.ٽي جي ڊگريءَ لاءِ بمبئي جو سفر، اتان جي مشاهدن سندس تجربي ۾ اضافو ڪيو ۽ هندستان ۾ رهندڙ مختلف قومن سان سندس ملاقاتون ٿيون. سنڌ جي ماحول کان بلڪل الڳ ماحول سان سندس سڃاڻپ ٿي. ٻين عظيم جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا بدلجندي پئي وئي، نوان نظريا ۽ نيون تحريڪون جنم وٺي رهيون هيون. اهڙين حالتن ۾ اهو ناممڪن هئو ته هڪ نوجوان ذهن تي انهن سڀني نظرين ۽ تحريڪن جو اثر نه ٿئي. اڳتي هلي انهن عنصرن جو رنگ ۽ اثر اسان کي جويو صاحب جي لکڻين ۽ تقريرن، نظرين ۽ زندگي گذارڻ جي رنگ ڍنگ ۾ ڪئي دفعا نظر ايندو رهيو آهي. سندن لکيل ڪتاب Save Sindh, Save Contineat form feudal lords, Capitalists and Communalism ان جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي اها ۽ اهڙيون ڪئي لکڻيون، هڪ ڊگهي عرصي، ان ۾ ڪيل جدوجهد ۽ سياسي نشيب وفراز ۽ اٿل پٿل تي جويو صاحب هڪ بلڪل الڳ نُڪتي نظر سان سنڌ جي ماڻهن کي واقف ڪيو.

محمد ابراهيم جويو پوري ايمانداري سان ڪمال ديانت سان پنهنجي قلم کي قوم جي اصلاح ۽ ذهني پختگي لاءِ استعمال ڪيو. سندن بيپناهه صلاحيتون مختلف موقعن تي مختلف طريقن سان اجاگر ٿينديون رهيون آهن. هو هڪ استاد جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت مڃرائي چڪو هئو. پوءِ بحيثيت آفيسر ۽ منتظم پنهنجي ڌاڪ ويهاري. سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري جي حيثيت سان لڳاتار هڪ ڏهاڪي تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ان دور جي قدآور شخصيتن سان ميل ميلاپ جي ڪري انتهائي معتبر قلم ڌڻين تي مشتمل هڪ اهڙو حلقو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو جن پنهنجي تخليق، تاليف ۽ تحقيق سان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم کي جلابخشي ڇڏي. انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، مولانا دين محمد وفائي، ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽو، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، خان بهادر محمد صديق ميمڻ، آغا عبدالنبي خان، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه، 
آغا تاج محمد، پير حسام الدين راشدي، مخدوم محمدالزمان طالب الموليٰ، حڪيم محمد احسن،
اياز قادري، محمد حنيف صديقي ۽ اهڙا ڪيترائي نالا.... گويا تارن جي هڪ ڪهڪشان هئي جنهن جي جهرمٽ ۾ جويو صاحب رهندو هئو. اهوئي نه پر جويو صاحب ڪهنه مشق محققن سان گڏوگڏ، سنڌ جي ادب شناس ۽ اڀرندڙ نوجوانن جي حوصله مندي ڪئي ۽ ان ئي دور ۾ اسان کي غلام رباني آگرو، سراج الحق ميمڻ، 
شيخ اياز اڀرندي نظر آيا. سندن ادارت ۾ ”مهراڻ“ ۽ ”گل ڦل“ رسالن هڪ عاليشان دور جي شروعات ڪئي جيڪو اڄ به جاري آهي (باوجود ان جي ته اڄ معيار اهو نه آهي)، طبع زاد لکڻيون هجن، ترجما هجن يا تحقيق، جويو صاحب جي دور رس رٿابندي تحت ادب جي هر صنف کي پنهنجو ادارتي صلاحيتن سان ماڻهن تائين پهچايو.

جويو صاحب جي زندگيءَ جو اڀياس (احاطه) ڪرڻ لاءِ به وڏي محنت جي ضرورت آهي جيڪا مظهر جميل صاحب ڪئي آهي. جيئن ته مون شروعات ۾ ئي چيو ته جيئن درياء کي ڪوزي ۾ سموهڻ مشڪل آهي ۽ سمنڊ مان سپون ميڙڻ به ڏاڍو مشڪل هوندو آهي، اهڙيءَ طرح محمد ابراهيم جويو جهڙين شخصيتن جي زندگي جي سمورن پهلوئن جو جائزو وٺڻ به ايترو سولو نه آهي. ليڪن هن ڪتاب ۾ جويو صاحب جي زندگيءَ جو شايد ئي ڪو معاملو هجي جيڪو بيان نه ڪيو ويو هجي. جنهن محنت سان هي حالات ۽ واقعات قلم بند ڪيا ويا آهن ان کي مان جويو صاحب سان محبت ۽ عقيدت جو مظهر سمجهان ٿي. محمد ابراهيم جويو به ڪمال ايمانداري ۽ دل جي سچائيءَ سان پنهنجي يادن کي تازو ڪيو آهي ۽ زندگي جي سمورن دورن کي دل جي ڪشادگيءَ سان پيش ڪيو آهي. سمجهڻ وارا ان مان جيڪي سمجهڻ چاهين اهو سمجهن ته طلسم هوش ربا مان اخذ ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪجهه آهي. ان لاءِ ته

یہ ایک صدی کا قصہ ہے

دو چار برس کی بات نہیں۔

(ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو ايک صدي کي آواز“ تان کنيل)

 

           سنڌ بچايو- کنڊ بچايو-

            هڪ تحرڪ- هڪ اڳڪٿيءَ

 

 

 

 

 

پروفيسر محمد سليم ميمڻ

 

سائين محمد ابراهيم جويو، سنڌ جي اها مهان هستي آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ارپي ڇڏي. ننڍي عمر ۾ پيءُ جي لاڏاڻي ۽ ماءُ جي ٻي شادي ٿي وڃڻ کان پوءِ، اڪيلائپ ۽ يتيميءَ جي جنهن احساس ۾ ٻالڪ ابراهيم جويو پليو، تنهن سندس دل ۽ دماغ تي جيڪي گهرا اثر ۽ نقش ڇڏيا، سي سندس زندگي ۽ سنڌي قوم جو املهه سرمايو آهن. ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ ماءُ جي وفات سندس جيءَ کي وڌيڪ جهوري ڇڏيو، خاص طور تي جڏهن هو ماءُ جو منهن به نه ڏسي سگهيو. ان ڏينهن هن سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ طور قبول ڪيو ۽ سڄي ڄمار ان ماءُ جي خدمت چاڪري ڪندي گذاريائين، کيس هميشه ماءُ بابت اونو رهيو، جنهن جو اظهار پاڻ گذريل اٺن ڏهاڪن کان پنهنجي لکڻين ۾ ڪندو رهيو آهي.

محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي ڀرپور جوانيءَ واري دور ۾ جڏهن برطانوي ولار کان آجپو ماڻيندڙ ننڍي کنڊ جو مذهبي بنيادن تي بي اصوليءَ جي فلسفي تي ورهاڱو ٿيندي ڏٺو ته کيس اهي انومان ۽ خدشا ذهن ۾ اڀريا، جيڪي حقيقت جي روپ ۾ اڄ اسين نه فقط ڀوڳي رهيا آهيون، بلڪ سنڌي قوم يا سنڌ جي عوام سان جيڪا پرماريت ٿي رهي آهي، تنهن جي جويي صاحب 68 سال اڳ اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي. مذهبي بنيادن تي گڏيل هندستان جي ورهاست بدران هن ان کي منطقي انداز ۾ ورهائڻ لاءِ سنڌ جي سياستدانن کي نهايت ئي مدلل انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انڌ جي گهوڙي تي سوار سياستدانن ۽ ٻين قوتن اهڙن رٿن کي ٻڌڻ يا قبولڻ بدران انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي وڏيرن ۽ سياستدانن پنهنجن مفادن ۽ فائدن کي ذهن ۾ رکندي، ان فيصلي کي قبول ڪيو ته پاڪستان مسلمانن لاءِ ۽ هندستان هندن لاءِ آزاد خودمختيار ملڪ بڻبا. ان آزمائش واري دور جو جويو صاحب Save Sindh Save Continent نالي هڪ مدلل دستاويز تيار ڪري، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪنهن به مسلمان يا هندو ميمبر ان جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي، ته جويو صاحب سان ويهي انهن دليلن تي گفتگو ڪري ۽ انهن رٿن کي پنهنجي اسيمبليءَ ۾ يا اسيمبليءَ کان ٻاهر ويچار هيٺ آڻي.

جويو صاحب جو تيار ڪيل اهو دستاويز پهريون ڀيرو 1947ع ۾ ڪتابي صورت ۾ انگريزيءَ ۾ ۽ ٻيو ڀيرو 2001ع ۾ شايع ٿيو. ٻئي ڀيرا اهو تاريخي دستاويز انگريزي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيو ۽ سنڌ جي موجوده سياسي ۽ معاشي بدحاليءَ واري دور ۾، جتي لاقانونيت عروج تي آهي، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، هندو نياڻين کي زوريءَ مسلمان ڪيو پيو وڃي، انسانيت ناپيد ٿيندي پئي وڃي، ان دستاويز کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري آڻڻ جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي.

جويو صاحب ان بابت لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب جو ترجمو مون پنهنجي ڪن نوجوان دوستن، هم خيالن ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي گهڻ گهرن جي مدد سان ڪيو آهي، جن ۾ سنگرام، علي آڪاش ۽ محسن جويو جا نالا اهم آهن. ان کان اڳ ڪن دوستن پنهنجي طور تي ترجما ڪيا، جيڪي پڻ چڱا هئا، پر معيار جي لحاظ کان انهن ۾ اڃا ڪجهه بهتريءَ جي گهرج هئي، ته جيئن هي ترجمو اصل مسودي سان ٺهڪندڙ بڻجي سگهي. ڪتاب ۾ سموهيل پيغام صحيح نموني عام پڙهندڙن تائين پهچي. ائين به نه آهي ته هيءُ ڪم ڪو هڪ ٻن ڏينهن ۾ يا مهيني ٻن ۾ پورو ٿيو آهي، هن ترجمي کي ڪندي اسان سڀني کي ڇهه ست ورهيه جو وقت لڳو آهي.“

مٿين ڳالهين مان هڪ ته اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ان کان اڳ جيڪي ترجما ٿيا، تن مان ابراهيم جويو صاحب قطعي مطمئن نه هو، ٻيو اهو ته جويي صاحب ان ڪتاب جي متن کي سندس اصلوڪي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پڙهندڙن تائين پهچائڻ پئي گهريو، ڇاڪاڻ ته جويو صاحب 1946ع ڌاري ان وقت جي سياسي اٿل پٿل، ٺڳيءَ جي ٺاهن خلاف هڪ تحرڪ ورتو ۽ انهن ٺاهن جي نتيجي ۾ ٺهندڙ ملڪن جي عوام جي ٿيندڙ پرماريت بابت جيڪي اڳڪٿيون ڪيون، سي اڄ صحيح ثابت ٿين پيون. ان تحرڪ، سياسي حوصلي ۽ همت جي نتيجي ۾ کين نه فقط پنهنجي نوڪري وڃائڻي پئي، پر گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو به پيو.

اها بدقسمتي چئبي جو ان وقت اسان جي سياستدانن يا اسان جي قسمت جو فيصلو ڪندڙن ابراهيم جويو صاحب جي ان پڪار جو ساٿ نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ سنڌين جي قسمت ۾ جيڪا غلام آئي يا کين جن حالتن ۾ گذريل 68 سالن ۾ منهن ڏيڻو پيو پوي، تن اسان لاءِ اڃا به وڌيڪ اذيتن ۽ عذابن کي جنم ڏنو، جنهن جو بيان ۽ ڪاٿو پڻ رڪارڊ تي موجود آهي. مطلب ته جيڪڏهن وقت جي پڪار کي هاڪاري موٽ ڏني وڃي ها ته سنڌ کي پنهنجي آزادي ۽ خودمختاريءَ جو درجو واپس ملي ٿي سگهيو ۽ اها ڪا اڻٿيڻي ڳالهه نه هئي، ۽ جيڪڏهن رٿيل هندستان يا پاڪستان جي حد بندين اندر ئي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ئي ڪرڻو هو ته ان ۾ خبرداري ۽ دانشمنديءَ کان ڪم وٺڻ جي گهرج هئي. جويو صاحب پنهنجي ان تاريخي دستاويز ۾ اهڙين گهڻن ئي رٿن کي دليلن ۽ منطقن سان پيش ڪيو آهي. سندس اڳڪٿيون اڄ لفظ به لفظ صحيح ۽ درست ثابت ٿي رهيون آهن، اهوئي سبب آهي جو سائين جويو صاحب ان ڪتاب جو ڪجهه دوستن سان گڏ ويهي پاڻ ترجمو ڪرڻ جي گهرج محسوس ڪئي ته جيئن اهو تحرڪ ۽ اڳڪٿيون سنڌ جي اٻوجهه ۽ مظلوم عوام تائين وڌ ۾ وڌ اثرائتي ۽ حقيقي انداز ۾ پهچي سگهن.

هي دستاويز سياسيات ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ هڪ اهم حقيقتن ۽ تجزياتي نوعيت جي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.

سنڌ بچايو- کنڊ بچايو جي مهڙ ۾ جويو صاحب سنڌ جي تاريخ تي اوائلي دور کان وٺي 1947ع تائين جي مختلف دورن جو تجزيو پيش ڪندي، ان ڳالهه کي ثابت ڪيو آهي ته، سنڌ هر دور ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ آزاد رهي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته وچ جي ڪجهه عرصي ۾ دهليءَ جي سلطنت کي ڏڻ ڀري ڏيندي رهي آهي، پر ڪڏهن به هندستان جو حصو نه رهي آهي، جيتوڻيڪ هندستان تي ڏهن صدين تائين مسلمانن جي حڪومت رهي آهي، پر هنن به ڪڏهن سنڌ  کي چيڀاٽي ان کي پنهنجو حصو نه بڻايو آهي، تنهن ڪري فيصلي جي گهڙيءَ ۾ هنن اسان جي چونڊيل عيوضن، جن کي اهي اختيار حاصل هئا ته اهي ان ڳالهه جو فيصلو ڪن ته سنڌ گڏيل هندستان يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ اڪائي جو حصو بڻجڻ وقت ان ڳالهه ۽ تاريخي حيثيت جو به خيال رکن ته برطانوي سامراج ۾ شامل ٿيڻ وقت سنڌ هڪ آزاد ملڪ هو، جنهن جي جوڌن تمام گهڻي مزاحمتي ويڙهه ۽ ان جذبي ۽ سوچ ته ”مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون“ جي نعري تحت وڙهندي پنهنجي وطن جو بچاءُ ڪيو هو.

سرچارلس نيپئر به پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، هندستان جي ٻين ايراضين تي والار لاءِ ٿيندڙ ويڙهن ۾ ايتري مزاحمت نه ٿي، جيتري سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪرڻي پئي.

سنڌ جي هندستان کان ڌار حيثيت بابت هڪ انڪشاف يا پڌرائي ڪندي، جويو صاحب حوالو ڏنو آهي ته: ”1839ع ۾ جڏهن سنڌ جي حڪمرانن ميرن ۽ انگريزن وچ ۾ انگريزن جي ئي درخواست تي تيار ڪيل هڪ صلح نامي تي صحيحون ڪيون هيون ته ان ۾ هڪ شرط اهو به شامل ڪيو ويو هو ته مير ڏن جي باقي بچيل رقم قنڌار جي معزول حاڪم شجاع شاهه کي ڏيندا. انگريزن پاران رکيل اهو شرط اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته ان زماني ۾ سنڌ جو هندستان جي انتظام سان ڪو تعلق ڪونه هو، ۽ اها قنڌار جي حاڪمن جي نالي ماتر ماتحتي هيٺ هئي ۽ سچ اهو آهي ته انهيءَ ماتحتيءَ کان انڪاري هئي نه ته انگريزن، ميرن کي اهڙو ڏن ڀرڻ تي مجبور نه ڪن ها.“

ان حقيقت وسيلي جويو صاحب اهو ثابت ڪرڻ گهريو آهي ته سنڌ پنهنجي ڊگهي ۽ ذڪر جوڳي اتهاس ۾ هن دنيا ۾ هڪ ڌار ۽ آزاد ۽ منفرد حيثيت رکندڙ هجي ۽ سنڌي قوم جا دنيا جي ٻين قومن ۽ ملڪن سان ڌار ڌار ۽ برابريءَ جي آڌار تي تعلق ۽ رستا هئا.

جويو صاحب اڳتي هلي دهلي ۽ بمبئيءَ سان سنڌ جي ٻٽي وابستگيءَ تي، جيڪا اٽڪل هڪ صديءَ تائين رهي، تنهن ۾ گجراتي ايراضين مان پارسين، بوهرين، مرهٽن، سکن ۽ ٻين جاتين جي سنڌ ۾ لڏپلاڻ، خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ جي ڪري سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين، تعليمي ادارن ۾ انهن کي سهولتون ملڻ، وڻج واپار تي قبضي، پڙهيل ڳڙهيل هئڻ ڪري نوڪرين ۾ ترجيح واري سلوڪ کي نظر ۾ رکندي، اها اڳڪٿي ڪئي ته سنڌ جيڪڏهن تجويز ڪيل آزاديءَ واري واٽ وٺندي ۽ پنهنجن شرطن کي نه مڃرائيندي، جن جي ڪيبينٽ مشن ۾ به گنجائش رکيل آهي ته پوءِ سنڌ پنجابي قوم جي ماتحتي ۽ غلاميءَ ۾ هلي ويندي.

جويو صاحب جي اها اڳڪٿي سو سيڪڙو درست ۽ صحيح ثابت ٿي ۽ اڄ سنڌ ۽ سنڌي عوام جن حالتن ۽ مصيبتن ۾ وڪوڙيل آهي، ان جو احساس اسان جي عيوضن ۽ سياستدانن نه ڪيو، نتيجي ۾ اڄ سڄي قوم ان کي ڀوڳي رهي آهي.

جويو صاحب جون ڪيل اهي اڳ ڪٿيون سندس ڏاهپ ۽ دانش جو هڪ اهڙو ثبوت آهن، جيڪو هن 31 ورهين جي مختصر عمر ۾ پيش ڪيون. سنڌ بچايو- کنڊ بچايو اڄ به سنڌي سماج، سياست معاشي ۽ اقتصادي حالتن ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي بگڙجندڙ ۽ ٺهندڙ حالتن ۽ ناتن تي ٺهڪي اچن ٿيون.

ڀارت جي ورهاڱي وقت سنڌ جي آدمشماري پنجيتاليهه لک هئي، جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي. ان پنجيتاليهه لکن کان مٿي ڪل آبادي مان بنهه وڏي اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي، جيڪي سمورو اُن ڌن اپائيندا هئا، ۽ انهن مان بنهه ٿورڙي، ٿورائي اهو ڌن ڦٻائيندي هئي ۽ اهو سمورو ڌن اجايو زيان ڪندي هئي، گڏو گڏ ان دور ۾ به پنجاب واسين پنهنجا پنج درياهه هوندي به سنڌوءَ ۾ اسان جي پاڻيءَ سان هٿ چراند ٿي ڪئي ۽ ان کي روڪڻ شروع ڪيو هو. جويو صاحب کي ان وقت ئي پنهنجي ماءُ سان ٿيندڙ سُور سُجهيا پئي، ته اڳتي هلي نه فقط سنڌ جو سياسي پر معاشي استحصال به ٿيندو، جنهن جي پاڻ ان دور ۾ ئي اڳڪٿي ڪيائون، پر افسوس جو جويو صاحب جي انهن اڳڪٿين ۽ رٿن تي ڌيان نه ڌريو ويو.

نتيجو اڄ سڀ آڏو آهي. ان حوالي سان ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘ سائينءَ جي پهرين فڪري تحرير آهي، جنهن مان سندس ڏاهپ، دورانديشي ۽ فڪر جي اُڏام جي پروڙ پوي ٿي.

 

آسرو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو

 

 

 

 

 

گل ڪونڌر

منهنجي خوشنصيبي جو آءٌ سنڌ جي مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي صاحب جو سڄي سنڌ جي اديبن ۽ گھڻگھرن ۾، سڀ کان ويجھو رهندڙ ( پاڙيسري ) آهيان، بس منهنجي ۽ سائينءَ جي گھر وچ ۾ سنڌ بلڪه پاڪستان جي جَيَد عالم سائين علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب جن جو گھر آهي ۽ ان گھر ۾ قاسمي صاحب جن جا صالح فرزند مقيم آهن، جن ۾ منهنجو ساٿي ۽ منهنجو محسن سائين نذير قاسمي جيڪڏهن مون کي رعايت نه ڏئي، ته منهنجي ابراهيم صاحب جي ويجھي پاڙيسري اديب هجڻ واري دعوى کي رد ڪري سگھي ٿو. چوندا آهن ته ”مڙس ماڻهو ٿجي يا مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾ رهجي،“ سو آءٌ سائينءَ جي پاڙي ۾ رهان ٿو، ۽ سندن پاڙي ۾ رهڻ تي فخر محسوس ڪريان ٿو.

جڏهن محمد ابراهيم جويي صاحب جهڙا فرزند جنم وٺندا آهن ته قومن ۽ خِطن جون تقديرون، بدلجڻ جا سعيا ڪنديون آهن، جهالت جا راڪاس ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن، انڌيرن جي جاءِ تي اُجالا نروار ٿيندا آهن، اهڙن امُلهه ماڻڪن جو ٻاروتڻ ئي ٻڌائي ڇڏيندو آهي ته سندن مستقبل قوم ۽ ديس لاءِ اميد افزا ۽ روشن آهي. اهڙين شخصيتن ۽ هستيُن جي دانش، جرئت ۽ حوصلو ڏسي غاصب قوتون شڪست تي مجبور ٿينديون آهن.

سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي سڄي زندگيءَ کي جاچجي ٿو ته هُو ڪڏهن به تعليم، تربيت ۽ قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ واري جُستجوءَ کان پاسيرو نه ٿيو آهي، هُو اهڙي قسم جي جدوجهد ڪندي ڪڏهن به ٿڪو ناهي، سچ اهو آهي ته جويو صاحب پنهنجي گهڻ پاسائين جدوجهد جي سلسلي ۾ نه ڪڏهن آرسيو آهي ۽ نه ڪڏهن آرس ڀڳو آهي، سائين ته ڀٽائي صاحب جي بيت ”کرڪڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهين، آسرو آهي کاهوڙيُن کي پنڌ جو،“ جِي پيروي ڪندي ڪڏهن سُکائتو سمهيو ئي ناهي.

سائين محمد ابراهيم صاحب پيرسنيءَ ۾ به اڳ کان اڳرو آهي ۽ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي حقن ۽ ڀلائيءَ جي لاءِ ٿيندڙ احتجاجن، اجلاسن ۽ سيمينارن ۾ گرميءَ سرديءَ جي ڪا پرواهه نه ڪندي، موجود رهندو آهي. مون کي ياد آهي ته ڪجھه سال اڳ قومي مقصد لاءِ ٿيندڙ هڪ  احتجاجي مظاهري ۾ پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان، سائين محمد ابراهيم صاحب جن سخت گرميءَ ۾ موجود هئا، احتجاجي مظاهري ۾ موجود ڪافي دوست واري واري سان ساڻن مليا پئي، هُنن سڀني سان حُسنِ اخلاق سان ملاقات به ڪئي پئي ۽ حال احوال به ڪيا پئي. مون سان سائين جن رسمي خير عافيت کان پوءِ منهنجي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ رسالي ”ماهوار ادب“ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. زيب سنڌي ۽ آءٌ گڏ هئاسين، جڏهن زيب ساڻن مليو ته خير عافيت کان پوءِ، ان کي چيائون ته اوهان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام ”صبحِ مهراڻ“ ڏاڍو سٺو ٿا ڪريو، آءٌ اوهان جو پروگرام دلچسپيءَ سان ٻڌندو آهيان، پر اوهان جيڪو پروگرام جي دوران رڪوع پڙهندا آهيو، اهو نه پڙهو ته بهتر ٿيندو، ايئن چوڻ مان سائين جو مقصد هو ته اسلام آباد مان نشر ٿيل خبرن تي لکيل تبصري جا ٻه صفحا جيڪي پڙهو ٿا اهي نه پڙهو ته بهتر، زيب صاحب سندن ڳالهه ٻڌي کلي پيو ۽ واقعي ڪجھه وقت کان پوءِ ’صبحِ مهراڻ‘ دوران اهو تبصرو نشر ٿيڻ بند ٿي ويو.

سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جن سڄي زندگي، تعليم ۽ ادب جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي، سندن ڪيل اها جُستجو چوڻ، ٻڌائڻ ۽ مقالن ۾ لکڻ جي محتاج نه آهي. سندن شايع ٿيل طبع زاد، ترجمي ۽ تحقيق جا ڪتاب، رسالن ۽ اخبارن ۾ لکيل مضمون ۽ ڪالم سندن ڪيل محنتن ۽ خدمتن جا ساکي آهن. مختلف موقعن تي ڪيل سندن سوين تقريرون ۽ ليڪچر بظاهر ته هوا ۾ اُڏامي ويل آهن، پر اخباري رپورٽن ۽ آڊيو وڊيو رڪارڊنگس جي صورت ۾، انهن جا پڙاڏا ڪنهن به وقت ڌيان ڏيڻ سان ٻڌي ۽ ڪنائي سگھجن ٿا.

اهو سچ آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي سندس خدمتن جي بدلي ۾ جيڪي محبتون مليون آهن، شايد ئي ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ آيون هجن. سائين محمد ابراهيم صاحب اهي محبتون لهڻي به ٿو، ڇو ته هن مُني صديءَ کان وڌ عرصو سنڌ، سنڌ جي تعليم، سنڌي قوم ۽ سنڌي ادب کي ارپيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org