محمد
ابراهيم جويو
سوڀو گيانچنداڻي
محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو اديب، محقق، عالم،
دانشور ۽ اڻ ڄاتل سياسي گرو آهي، جنهن تي تمام
گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي
لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. اڄ دل ٿي
چئيم ته هن اديب ۽ عالم کي ٿورڙو روشناس ڪرايان،
ڇو ته جي.ايم.سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو ۽ مان
پاڻ سڀ ۽ سنڌ جو سمورو اديب لڏو محمد ابراهيم جويي
جا قرضي آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي ۽ ورتو
ڪجهه به نه آهي.
اياز، منهنجو شاگرديءَ جي زماني کان (1944ع کان)
واقف ٿيو ۽ تڏهن کان وٺي آخر تائين دوست رهياسون.
جويي بابت مون کي ڄاڻ تڏهن پئي جڏهن پاڪستان ٺهڻ
وقت ڪنهن سبب کيس شايد نوڪريءَ کان سسپينڊ ڪيو ويو
هو. جنهن ڪري سنڌ مدرسي جي شاگردن ۽ سندس پٺڀرائي
ڪرڻ لاءِ تمام وڏي اسٽرائيڪ ڪئي ويئي هئي. اخبارن
۾ ان واقعي جي باري ۾ وڏي وڏي وٺ هلندي رهي. مان
پنهنجي ٽريڊ يونين جي مصروفيتن سبب ڄاڻي نه سگهيس
ته مامرو ڇا هو. گهڻو پوءِ معلوم ٿيو ته اهو وڏو
بغاغو سنڌي ڪتاب ’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽينينٽ‘ (سنڌ
بچايو، ننڍي کنڊ کي بچايو) تي ٿيو هو. جنهن تي
حاڪمن کي ناراضگي ٿي هئي. ان ڪتاب جي سرورق تي سنڌ
جو نقشو هو، جنهن مٿان هڪڙي ڀلڙ گانءِ جي تصوير
هئي. تصور ۾ پڳڙيون پاتل واڻيا گانءِ کي ڏُهي
بالٽيون پاسيريون ڪندا اوڀر ڏکڻ هندستان طرف ڀڳا
ٿئي ويا، ته وري هڪ قطار پنجاب جي طريبازن جي،
ڳئونءَ کي ڏُهڻ لاءِ پهچي رهي هئي. اها خبر ان وقت
ڪو نه هئي ته سنڌ جي ”ڪام ڌينو گانءِ“ (اها ڳئون
جنهن جو کير ڏهندي ڪڏهن به نه کٽندو آهي) کي ڏهڻ
لاءِ اوڀر، اولهه، اتر ۽ ڏکڻ کان ڪٽڪيون اچي
لهنديون.
1952ع ۾ جيل مان نڪرڻ کان پوءِ پتو پيو ته محمد
ابراهيم جويو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي ويو
هو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ محمد ايوب کهڙو، علامه
آءِ.آءِ قاضي، جي.ايم.سيد، ميران محمد شاهه ۽ ٻيا
عالم اڪابر ۽ صلاحڪار بورڊ جا ميمبر هئا ۽ سندن
مشوري هيٺ دنيا ڀر جي اڍائي سؤ شاهڪارن کي ترجمو
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ ادبي بورڊ کي اهو ڪم
پاڪستان گورنمينٽ طرفان سونپيو ويو هو ته سنڌ بابت
لکيل عربي ۽ فارسي ڪتابن کي اصل ٻولين ۽ ترجمي جي
صورت ۾ ڇپيو وڃي. ان لاءِ بجيٽ پاڪستان گورنمينٽ
ڏني هئي. مون کي ياد آهي ته هڪڙي مائڪرو 1954ع
تائين سنڌي ادبي بورڊ جي جاءِ تي کوکن ۾ بند رهي،
ڇو ته ان جي آپريٽر جو خرچ نه پاڪستان گورنمينٽ
ڏنو هو، ته نه وري سنڌ گورنمينٽ کي توفيق ٿي هئي،
(ان وقت سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس اڳوڻي پرائمري
ٽريننگ ڪاليج، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۽ موجوده
اين.جي.وي هاءِ اسڪول، جيڪو سعيد منزل لڳ آهي، ۾
هئي) ۽ جويو پٽيوالن ۽ چوڪيدارن لاءِ ٺهيل ٻن ڪمرن
واري جاءِ ۾ رهندو هو. 1953ع کان 1954ع تائين سنڌي
ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به س. ا. ب جي هڪ آفيس ۾
ٿينديون هيون، جي پوءِ اياز قادريءَ جي ڌنيرام
بلڊنگ ۾ ٿيڻ لڳيون ۽ جويو هميشه انهن گڏجاڻين ۾
موجود هوندو هو. سنڌ جا ناميارا اديب: حفيظ شيخ،
سراج ميمڻ، رشيد آخوند، خواجه سليم، اياز قادري ۽
ٻيا ڪيترا انهن گڏجاڻين مان ٺپجي وڏا عالم ۽ اديب
ٿي نڪتا ۽ ڪيترن جي ڪچين ڦڪين لکڻين کي درست ڪري،
سنواري، مهراڻ ۾ شايع ڪرڻ جو سهرو به ابراهيم جويي
جي سر تي آهي.
1955ع کان وٺي جويي ٽماهي ”مهراڻ“ رسالو شايع ڪرڻ
شروع ڪيو جنهن خوبصورت، غلطين کان بلڪل پاڪ ۽
معياري، رسالو، هن وقت تائين ڪڏهن به نه ڇپيو آهي
۽ نه اڳتي ڇپجي سگهندو، ڇو ته جيڪا پروف ريڊنگ ۽
مٿي ماري جويي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪئي، اهڙي
ڪوبه ڪري نه سگهندو.
جويي صاحب کي ڪجهه وقت لاءِ سندس پاڙ پٽائڻ لاءِ
لاهور ۽ پشاور بدلي ڪيو ويو هو، پر اهو اتي به
سنڌي ڪتابن کي مشرف به اسلام ڪرڻ مهم آڏو وڏي ڍال
جو ڪم ڏيندو رهيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ واپس اچڻ سان
وري به هن سنڌي ادب جي خدمت جاري رکي. جويي صاحب
پنهنجي نالي هيٺ تمام گهٽ لکيو آهي، پر ترجما تمام
سٺا ۽ تمام سٺن ڪتابن جا ڪيا ۽ ڪرايا اٿس ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جي واڌاري ۽ توسيع ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو
اٿس.
نون لکندڙن ۽ اديبن کي همٿائڻ ۽ مٿي آڻڻ ۾ سندس
اهم ڪردار رهيو آهي. سائين جي.ايم.سيد جي سمورين
لکڻين کي بنا غلطيءَ جي ڇپائي ۽ ترتيب جي ڪم ۾ به
جويي وڏو هٿ ونڊايو آهي ۽ شيخ ايازکي همٿائڻ ۽ ان
تي جاکوڙ ڪري، اياز کي پنهنجو صحيح مان مرتبو
ڏيارڻ ۾ به جويي صاحب جو ڪردار تمام اهم رهيو آهي.
جويي صاحب جي سياسي ڪردار کان تمام ٿورا واقف آهن،
هو تمام پڙهيل، مارڪسسٽ ۽ سياسي ڄاڻ جو مالڪ آهي ۽
سنڌ جي وجود لاءِ جدوجهد لاءِ گمنام سپاهيءَ جو ڪم
سرانجام ڏيندو رهيو آهي.
1953ع واري چونڊيل اسيمبلي جي اندر جيڪي سنڌ جي
وجود، حقن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي برقرار رکڻ لاءِ
شاندار ٺهراءَ انگريزي زبان ۾ پيش ڪيا ويا، انهن
جو محرڪ ۽ نظرثاني ڪندڙ جي.ايم.سيد، علي محمد
راشدي، عبدالستار پيرزادي سان گڏ محمد ابراهيم
جويو هو، ۽ ان کان پوءِ هر ادبي ۽ سياسي ڪانفرنس
لاءِ گرائونڊ ورڪ ۽ تجويزون ترتيب ڏيڻ جو ڪم به هي
گمنام سپاهي ڪندو رهيو آهي. ڪيترن ليڊر صاحبان کي
جيڪي طم طراق سان اسٽيجن تي تقريرون ڪندا آهن،
انهن کي اها خبر ڪانه هوندي آهي ته انهن تقريرن جو
ڪچو مال ۽ وقتي تيار ڪيل پڪو مال جويي صاحب جي
دماغ جي پيداوار آهي.
جويو انتهائي محنتي، پاڻ کي فنا ڪرڻ جي حد تائين
ماٺيڻو ۽ نهٺو ماڻهو آهي. اصولن تي سخت ضدي ۽
هٺيلو، پر جنهن ۾ وڏائي پاڻ پڏائڻ جو ذرو به نه
آهي، 87 جي پيٽي ۾ هوندي به هو سنڌي ادب ۽ سياست ۾
هڪ ڊائينيمو جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. جويي جهڙا
ماڻهو اسان جي سماج اندر تمام ٿورا آهن، جن پاڻ
ماري ۽ ٻاري سنڌيت کي قائم رکيو آهي.
(”نئين زندگي“ حيدرآباد جنوري 2002ع تان ورتل -
ادارو)
گهڻ- ڄاڻو
۽ گهڻ- گُڻو استاد
رسول
بخش پليجو
انگريزيءَ جا چار شيدائي گڏيم، پهريون هو ٺَٽي جو
موليڏني عباسي لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول جي پهرئين درجي
انگريزيءَ جو ماستر سائين ٺاڪر داس....... 20- 21
سالن جو سهڻو، ڊگهو، سنهو، خوش پوش جوان هو.......
ننهن کان چوٽيءَ تائين ماستر هو ۽ سو به انگريزي
ٽائيپ....... سائين ٺاڪر داس جو خيال اهو ٿي ڏٺو
ته هي سمورو جهان خدا تعاليٰ اُن لاءِ خلقيو آهي
ته سڀ کان پهرين انگريزي اسپيلون پڪيون ڪيون وڃن،
پوءِ ٻيا ڌنڌا ٿين....
.... ٻيو هو سنڌ مدرسي جو سائين ناصر حسين پنجابي.
منهن تي سدائين سختيءَ جو تههُ چڙهيل. هن جي
ڪائنات جو مرڪز هو انگريزي گرامر......
...... انگريزيءَ جو ٽيون شيدائي نه پر خفتي هو
ماستر سوڍا...... هيءُ گرامر جو اُستاد هو. گجراتي
هندو هو..... اٿئي ويٺي ته انگريزي گرامر، پر سُتي
بستري تي به انگريزي گرامر. گهر ويس ته ڪٻٽ گرامرن
سان ڀريا پيا هئا. شل نه ٻُڌي ته ڪو نئون گرامر جو
ڪتاب ڪراچيءَ ۾ آيو آهي! هفتي ٻئي، ٽيچرس روم ۾
مرڪندو ايندو: “This
is the new book”.....
..... مون لاءِ انگريزيءَ جي اسپيلنگ ۽ گرامر واري
پڃري ۾ ماههُ ۽ ساههُ وجهي انگريزي ادب ۽ شاعريءَ
کي لال ڪنوار بنائڻ وارو ماڻهو اڃا به هڪڙو ٻيو
هو. ]سنڌ[ مدرسي
۾ آءٌ هاسٽل ۾ رهندو هوس. حسن علي هاسٽل ۾ منهنجي
پاسي واري ڪمري ۾ عبدالرئوف رهندو هو. آءٌ پنجين ۾
ته هي ڇهين ۾..... ڇهين ۾ اچي انگريزيءَ جو شوق
لڳس. مون کي ٺٽي هاءِ اسڪول کان وٺي ئي هروڀرو غلط
سلط انگريزيءَ ۾ ڳالهائڻ جي ڪري ٽوڪ طور ’پروفيسر‘
ڪوٺيندا هئا. هي مونسان به اچيو انگريزيون ڪري مون
تي رعب ويهاري. خبر پئي ته همراهه جو انگريزي
ماستر ڪو ’انگريز ٽائيپ‘ آهي. ماستر جون تعريفون
ڪريو مٿان ٿيو ڪريو پوي....... ماستر صاحب
انگريزيپڙهائيندو هوس، سو بيت به ٻڌائي ته نثر جا
چونڊ ٽڪرا به......
آءٌ ٽي درجا انگريزي ٺٽي ۾ پڙهي، چوٿين ۾ سنڌ
مدرسي ۾ آيو هوس. اچڻ شرط بيمار ٿي پيو هوس. سال
جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي آيو هوس. وڏن پاپڙن پٽڻ کان
پوءِ اسڪالرشپ وري بحال ٿي ۽ وري داخلا ملي.....
اسڪالرشپ جي امتحان ۾ ناپاس ٿيو هوس. ڊاڪٽر
دائودپوٽي مهرباني ڪري اسڪالرشپ ڏني هئي. بيماريءَ
جي ڪري سڄو سال غير حاضر رهيو هوس ۽ سال جي آخر ۾
مدرسي ڏانهن موٽيو هوس..... چوٿين درجي جو نتيجو
نڪتو....... آءٌ پنجاهه جي ڪلاس ۾ چوئيتاليهون
نمبر آيس...... سال کان پوءِ وري پنجين جو رزلٽ
نڪتو. مون سنڌي ۽ عربي فقہ ڇڏي ٻيا سڀئي پيپر
انگريزيءَ ۾ لکيا هئا.... نتيجو هر ڪلاس ۾ روبرو
اچي ٻڌايائون، هر سبجيڪٽ جو الڳ.... حسابن ۾ آءٌ
شروع ۾ چٽ هوس... حسابن جو رزلٽ نڪتو. ماستر اعلان
ڪيو، ”فلاڻا پاس، فلاڻا فيل، رسول بخش علي محمد
ڪير آهي؟“ اُٿي بيٺس. ”تون پهريون نمبر آيو آهين،
انگريزي جنرل ۾.“ هڪڙي ڇوڪري کان رهيو نه ٿيو،
اُٿي چيائين، ”سائين! هي ٽن جدا جدا رسول بخشن جا
رزلٽ آهن. هڪڙو منگراڻي، ٻيو علي محمد جو پُٽ ۽
ٽيون پليجو.“ ماستر پُڇيو، ”ڇا ڳالهه آهي؟“ مون
چيو، ”علي محمد منهنجو والد آهي، منگر خان منهنجو
ڏاڏو آهي، پليجو منهنجي ذات آهي.“
معلوم ٿيو ته مون سنڌ مدرسي ۾ هڪڙو نئون رڪارڊ
قائم ڪيو هو.... سڄي مدرسي جي پنجين درجي جي چئني
ڪلاسن [A,B,C,D] ۾
پهريون نمبر آيو هوس....
پوئين پيرڊ ۾ پٽيوالي اچي چيو، ”رسول بخش پليجي
ڇوڪري کي ٽيچرس ڪامن روم ۾ سڏين ٿا.“
”توکي مون سڏايو آهي.“ هڪڙو سنهو، پوري قد جو، سدا
ملوڪ ڳورو نوجوان ماستر وڌي آيو. مون کي هٿ کان
وٺي هڪڙي خالي ڪرسيءَ جي ڀرسان بيهاريائين. پوءِ
ٻين ماسترن ڏانهن مُنهن ڪري سنجيدگيءَ سان چيائين،
”هن ڇوڪري جي انگريزي ٽيڪسٽ جو پيپر مون ڏٺو هو.
هڪڙي سوال جو جيڪو جواب هن لکيو آهي، سو اوهان کي
پڙهي ٿو ٻڌايان.“ پوءِ هن پڙهي ٻڌايو. اهو سوال هو
ته ”هڪڙي انگريزي گهر جي اڏاوت ڪهڙي نموني ٿيندي
آهي؟“ مون سٽنگ روم، ڊرائنگ روم، مطالعي جي ڪمري ۽
بورچيخاني بابت ڪتاب ۾ ڏنل احوال ڏيئي، پوءِ لکيو
هو ته ”انگريزن جا گهر اهڙا ڪشادا، مضبوط، سهڻا ۽
صاف سٿرا ان ڪري آهن، جو انگريز آزاد قوم آهن.
اسان جا گهر سوڙها، ڪمزور، اڀرا سڀرا ۽ گندا اُن
ڪري آهن، جو اسين هندستاني قوم غلام آهيون.جيسين
غلاميءَ مان ڇوٽڪارو نه مليو آهي، تيسين اسان جا
گهر اهڙا ئي رهندا. غلاميءَ مان ڇوٽڪارو قربانين
بنا نه ملندو.“ ماستر صاحب جڏهن منهنجي جواب جي
هيءَ سٽ پڙهي:
“The tree of liberty is watered by the blood of
tyrants.”
پهرئين استاد پوءِ نهايت رسمي نموني مون کي مخاطب
ٿي چيو، ”رسول بخش! پنهنجي ڪلاس ۾، درجي ۾ ههڙي
شاندار ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ خاص ڪري ههڙي عاليشان
مضمون لکڻ جي ڪري اسين سنڌ مدرسي جا هي سمورا
استاد، توکي اهو اعزاز ٿا ڏيون ته تو شاگرد کي،
اسين استادن جي هن ڪمري ۾ پاڻ سان گڏ ڪرسيءَ تي
ويهاريون ٿا!“ مون کي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو،
چانهه گهرايائون، گڏجي پيتيسون. ٻين سڀني استادن
به مون کي شاباس ڏني، مون کان ڪوبه لفظ ڪونه
اُڪِليو. مون لاءِ خوشيءَ ۾ شڪر گذاريءَ جي اٿاهه
جذبن کي روڪڻ ئي وڏو مسئلو هو. آءٌ بُت بنيو ويٺو
رهيس. هاسٽل واپس اچي ڪمرو بند ڪري اندران ڪڙو
ڏيئي ويهي رهيس. جنهن ڳالهه جو ڊپ هوم سا ٿي،
منهنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها وهي اٿي هليا!
معلوم ٿيو ته اهو ماستر صاحب، جنهن کي منهنجو
مضمون وڻيو هو، سوئي ڇهين درجي کي انگريزي
پڙهائيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو هو، جنهن جون
عبدالرئوف نيڪيون ٿي ڪيون. هاڻ آءٌ ڇهين ۾ آيس ۽
عبدالرئوف وارو انگريزي ٽيڪسٽ جو استاد وري منهنجو
استاد ٿيو. انگريزي ٽيڪسٽ ۾ رکيل نظمن مان ٻه هئا. ‘The
Solitary Reaper’ (اڪيلي
لاهياري) ۽‘And
Home they brought her Warrior Dead’ ۽
سندس مئل جوڌي کي گهر کڻي آيا.“ اهي نظم جڏهن جويي
صاحب کي پڙهندو، پاڙهيندو ۽ سمجهائيندو ٻڌم ۽ ڏٺم،
تڏهن مون کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته
سچي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه اثر، ڪيڏي نه قوت، ڪيڏو نه
جادو ٿيندو آهي! پوءِ مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته
جڏهن اسين ٻيا شاگرد موڪل مهل اسڪول مان ٿڪي ٽُٽي
۽ بيزار ٿي موٽندا هئاسين، تڏهن عبدالرئوف ڪڏهن
ڪڏهن وڏي واڪي انگريزي شعر پڙهندو، کلندو، ڪُڏندو
۽ ٺينگ ٽپا ڏيندو ڇو ايندو هو. ڇهين درجي جي اسان
واري ڪلاس جو آخري پيرڊ اڪثر انگريزي ٽيڪسٽ جو
پيرڊ هوندو هو! هن جهڙو استاد مون اڳ ڪونه ڏٺو هو.
ٻيا انگريزي ڄاڻندا هئا، گرامر ڄاڻندا هئا، پر اهي
ڳالهيون هن جي حالت ۾ هن جي شخصيت جو نچوڙ نه
هيون. هو ٻين کان وڌيڪ گهڻ طرفو، گهڻ ڄاڻو ۽ گهڻ
گڻو هو. استاد هجڻ لاءِ جيڪي خوبيون کپن، سي منجهس
حد درجي جون هيون، پر لڳو ٿي ته هن لاءِ رڳو
بهترين استاد ٿيڻ ڪافي نه هو. هن جي سوچ جي دنيا
اُن کان وڌيڪ ڪشادي، وڌيڪ پراسرار، وڌيڪ دلڪش ۽
نرالي ٿي لڳي. هن جيڪي ڳالهيون ٿي ڪيون، سي اسان
مان ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هيون:
ڪا جا آندي ڪيچئين وڻڪاران وائي،
سُڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وهه ٿي.
(شاهه)
مختلف ٻولين جي گهڻن ناول پڙهڻ کان پوءِ، ننڍيءَ
عمر ۾ ئي مون کي ڪتابن سان گڏ، ماڻهن کي پڙهڻ جو
شوق پيدا ٿي پيو هو. آهستي آهستي ماڻهن جي اندر
بابت اول ڌُڪا ۽ پوءِ ڪِي قدر صحيح اندازا لڳائڻ
سکي ويو هوس. مون کي لڳو ته اسان جي ڇهين درجي جي
انگريزي ٽيڪسٽ جو ماستر، ماستر کان سواءِ ٻيو به
گهڻو ڪجهه آهي. خوبصورت جسم ۽ خوبصورت پوشاڪ سان
گڏ خوبصورت ڳالهين ۽ سوچن وارو هي ماڻهو، رڳو نفيس
۽ نرم دل نه آهي. مون کي لڳو ته سندس اندر ۾ ڪي
آهي، جيڪو سندس نرم نفيس علمي ۽ ادبي ڳالهي مان
ڪڏهن ڪڏهن باهه وانگر بکندو نظر اچي وڃي. لطيف جون
هي سٽون مون گهڻو پوءِ پڙهيون:
”اندر جنين باهه، سُڌ سڀ ڪا تن کي!“
*
”اديون عبداللطيف چئي، اندر آگ اٿئون!“
ائين ٿي لڳو ته هي ڪنهن ٻئي پار جو مسافر آهي.
اسان کي، سڄي ملڪ کي، دنيا جي سمورن ماڻهن کي
اوڏانهن وٺي وڃڻ ٿو چاهي. هندو مسلم جهيڙن کان
اڳتي؛ وڏيرن پيرن، سيدن جي راڄ کان اڳتي؛ ان وقت
جي سياستدانن سر غلام حسين، جي.ايم.سيد، کهڙي ۽ سر
عبدالله هارون، نواب بهادر يار جنگ، جناح، نهروءَ
۽ گانڌيءَ جي دنيا کان اڳتي. مون شعوري طور کانئس
وڌ ۾ وڌ سکڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻين ڳالهين سان گڏ کانئس
خوبصورت انگريزي نثر ۽ نظم پڙهڻ ۽ سمجهڻ سکيس. هن
کان ئي مون کي اِهو شوق حاصل ٿيو ته ماڻهوءَ کي نه
رڳو انگريزي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي، پر ان کي
هڪڙي ڪارائتي ذهني، فڪري ۽ روحاني اظهار جي وسيلي
۽ پنهنجي اندر ۽ شخصيت ۾ واڌ، بلنديءَ ۽ انقلاب
آڻڻ جي قوت جي سرچشمي طور ڪتب آڻي، ان مان خوشي ۽
مزو وٺڻ ۽ ان کي ماڻڻ جو ڏانءُ به اچڻ گهرجي. آءٌ
سمجهان ٿو ته دنيا جا جيڪي غير معمولي ماڻهو ٿي
گذريا آهن، انهن کي پنهنجي مادري ۽ ملڪي ٻوليءَ
کان سواءِ ڪانه ڪا عالمي ٻولي جهڙوڪ: لاطيني،
سنسڪرت، چيني، عربي، فارسي، انگريزي يا فرينچ
وغيره ايندي هئي. اڄ به دنيا جي ماڻهن کان
انگريزي، فرينچ، روسي وغيره عالمي ٻوليون کسي وٺجن
ته باقي وڃي ٿورا اهڙا ماڻهو بچندا، جيڪي ذهني،
فڪري ۽ روحاني جيتامڙا نه هجن. دنيا جي جديد
سائنسي ۽ انقلابي سماجي سوچ سان منهنجي واقفيت به
جويي صاحب ڪرائي، جنهن جي هدايت هيٺ مون زندگيءَ ۾
پهريون ڀيرو اُن نئين سماجي سوچ مطابق لکيل سياسي
لکڻيون انگريزيءَ ۾ پڙهيون. هو مون کي
ايم.اين.راءِ جي هفتيوار انگريزي اخبار ‘Radical’ پڙهڻ
لاءِ ڏيندو هو. اتان ئي اهو سوچ ۽ عمل جو سفر شروع
ٿيو، جنهن آڻي في الحال هتي رسايو آهي.
(رسول بخش پليجي صاحب جي ڪتاب ’ڪوٽ لکپت جو قيدي‘
مان ڪوريل)
ڪو ڪو ماڻهو،
موتيءَ داڻو
سراج
ميمڻ
چچنامي ۾ هڪڙي حڪايت پڙهي هيم ته چچ جڏهن راڄ جون
سرحدون مضبوط ڪرڻ لاءِ نڪتو، تڏهن برهمڻ آباد جي
هڪ ٻوڌي پروهت پنهنجي قلم ذريعي سندس مخالفت شروع
ڪري ڏني. چچ کي سخت ڪاوڙ لڳي، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته
ان پروهت کي جوڳي سيکت ڏيندو. جڏهن پنهنجن سمورن
مخالفن کي ماري مڃائڻ کان واندو ٿيو، تڏهن جلادن
جو هڪ جٿو ساڻ ڪري، پروهت جي مَٺِ ڏانهن روانو
ٿيو. جلادن کي سمجهائي، ڇڏيائين ته ”آءٌ هن کي
ڳالهين ۾ مصروف رکندي، جڏهن اشارو ڏيان، تڏهن سندس
سِسي لاهي ڇڏجو!“ پوءِ مَٺِ ۾ داخل ٿيو، تڏهن
ڏٺائين ته پروهت چيڪي مٽي ڳوهي پِنڊا ٺاهي ڳوهيندو
ٿي ويو، ۽ پَهڻ جو هڪڙو ٽُڪر، هر پِنڊي تي هڻندو
ٿي ويو. ان پهڻ لڳڻ سان مٽيءَ جي هر چاڻي تي
مهاتما ٻڌ جي تشبيهه اُڀري ٿي آئي. جڏهن چچ پنهنجي
جٿي سان ڌوڪيندي اندر آيو، تڏهن پروهت، پنهنجي
ڪِرت مان ڪنڌ مٿي کڻي مٿي ڪين نهاريو. ڪا گهڙي چچُ
شِشدر ٿي، هن کي ڏسندو رهيو. سنڌ جي بادشاهه کي
پنهنجو رعب ۽ دٻدٻو وسري ويو. هن جي بدن ۾ ڪنبڻي
پئجي ويئي، ۽ هن هٻڪندي پروهت کي عرض ڪيو ته حڪومت
کي پنهنجي صلاح مشوري سان نوازي. پروهت ڪنڌُ مٿي
کڻڻ بنا ئي جواب ڏنو: ”اي سيلائج جا پٽ، اسان کي
دنيا جي ڪاروبار سان ڪو واسطو نه آهي. جيڪڏهن
پنهنجي عاقبت سنوارڻ چاهين ٿو ته پنهنجي وطن جي
ماڻهن جي حياتيءَ ۾ ڪو سُک، ڪو سَهنج آڻڻ جو جتن
ڪر!“ ۽ چچ سندس آشيرواد وٺي ٻاهر نڪري آيو. ساڻس
گڏ هڪ وزير پڇيس ته ”حضور، اوهان هن جي سِسي لاهڻ
جو ته اشارو ڏنو ئي ڪونه؟“ چَچ پنهنجي پيشانيءَ
تان پگهر اُگهندي چيو: ”هن ڄاڻ جي ديوَ اڳيان مون
کي پنهنجي سِر جي اچي لڳي هئي: هن جي ڏيا ۽ حشمت
منهنجا هوش ئي خطا ڪري ڇڏيا!“
ائين ٿو لڳي ته اُهي علم ۽ ڄاڻ جا پروهتَ جُوڻ
مٽائي، هر دور ۾ ابراهيم جويي جهڙا ماڻهو بڻجيو
پون. (اهو به ڀَانيان ٿو ته ابراهيم جويو ڪنهن
اڳئين جنم ۾ پڪ ئي پڪ ڪو ٻوڌي پروهت يا شِمن هو،
هن ۾ ٻڌڌرم جا اهڃاڻ چٽا ۽ پڌرا اڄ به محسوس ڪري
سگهجن ٿا).
هنن جي زندگيءَ جو هڪڙو ئي مقصد ۽ محور آهي، سو
اهو ته پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي
روشني ڦهلائڻ لاءِ جتن ڪندي پساهه پورا ٿين ته
حياتي سجائي چئبي. هيءَ مختصر حياتي، جيڪا انسان
کي ملي آهي، ان کي بامقصد بنائڻ ئي انسان کي ٻين
ساهوارن کان اُتم ۽ اعلي بنائي ٿو، ۽ اهو مقصد آهي
پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻهن لاءِ ڏاهپ جا موتي
ميڙي، ڄاڻ جا خزانا ونڊي ورهائي، کين ٻه قدم اڳتي
وٺي وڃجي. ٻڌڌرم جي حوالي سان، اهوئي هنن جو
نرواڻ آهي.
اڄ جويو هونئن ته بنهه ضعيف، سنهڙو، سپتڙو، ننڍي
قد جو هڪ پَريو مڙس آهي، پر جيڪڏهن سندس ڄاڻ ۽ ڪم
جي همه گير پهلوئن کي خيال ۾ آڻجي ته هو هڪ
سگهارو، قداور ۽ جواڻ جماڻ ذهن آهي، جنهن جي گهڻ-
ڏسي شخصيت جو احاطو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جڏهن
سندس ڦُوهه جواني هئي، تڏهن وري هن جو ذهن، تجربي
۽ مطالعي جي لحاظ کان پيرسن ۽ پريو مڙس هو، جيڪو
پنهنجي هڪ جيڏن ۽ پاڻان ننڍن جي رهبري ڪندو هو.
ناظم حڪمت، ترڪيءَ جي ڪنهن ڏاهي لاءِ هڪ هنڌ چيو
هو ته ’جڏهن جوانُ هو ته اشاري سان صحيح منزل
ڏانهن رهنمائي ڪندو هو، جڏهن پيرسن ٿيو ته هٿ کان
جهلي صحيح منزل تي پهچائي ايندو هو.‘ ابراهيم جويي
سان به اِها ئي ڪارِ آهي. جڏهن ننڍو نيٽو هو ته
لاتعداد اشارن سان سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي
صحيح منزلن جي نشاندهي ڪندو رهيو. جڏهن پيرسن ٿيو
ته ڪيترن ئي واٽهڙن کي دڳ لائڻ ڪاڻ عملي طرح اهو
ڪجهه ڪري ڏيکاريائين، جيڪو خود هڪ منزل جي حيثيت
رکي ٿو. ان کي هيئن سمجهو ته جڏهن اڃا جوانيءَ جو
پُور شروع ڪيو هئائين ته ‘Save
Sindh, save the Continent’ لکي،
اهڃاڻ ۽ پار پتا ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين. جڏهن رٽائر
ٿيو ته ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ لکي ڏيکاريائين. هن جي
ان ذهني سفر کي سمجهڻ لاءِ ايشيا کان سنڌ جي
جاگرافيءَ ۽ تاريخ کي هڪ ’وطن پرست‘ احساس جي
حوالي سان سمجهڻو پوندو. آءٌ جڏهن ’وطن پرست‘ جو
فقرو ڪتب ٿو آڻيان، تڏهن محض هڪ خوبصورت اصطلاح
استعمال ڪونه ٿو ڪريان، پر ان جي اکري معني ڏانهن
اشارو ٿو ڪريان. ابراهيم لاءِ وطن پرستي، پرستش جي
حد تائين اونهو ۽ روحاني تجربو آهي. ساڳئي وقت اها
حد درجي جي جانبداريءَ جي ’پوزيشن‘ پڻ آهي، جيڪا
اقبال جي وطن کي ’ڪوڙو خدا‘ سڏڻ جي منفي روايت کي
رد ڪري، ساهه جي ’واجهائي وطن کي...... ڪج پنوهارن
پاس‘
واري مثبت روايت اختيار ڪرڻ جي ’پوزيشن‘ آهي. وطن
هن لاءِ پارس به آهي ته ڪسوٽي به. جماليات جو
معيار به اهوئي آهي ته روحانيت جو حوالو پڻ اهوئي
آهي. مون کي ياد ٿو پوي ته سندري اتمچنداڻي سنڌ
گهمڻ آئي هئي، ۽ هڪ شام، ابراهيمُ، ايازُ، رباني ۽
آءٌ، سندريءَ ۽ اتم سان گڏجي، ڪلفٽن تي سمنڊ جي
ڪناري گهمڻ آياسون. روحانيت تي بحث ڇِڙي پيو هو.
اياز، تصوف ۽ ويدانت جي روايت سان روحانيت جي تعلق
تي ڳالهائي رهيو هو، ۽ چئي رهيو هو ته ان معنيٰ ۾
هو پنهنجي روحانيت جو قائل آهي. ابراهيم به سندس
حمايت ڪندي چيو هو ته روحانيت کي هروڀرو ڪا تنگ
معنيٰ ڏيڻ نه گهرجي. ان وقت ڪونجن جي هڪ ڊگهي قطار
هڪ ڪڪريءَ وٽان نڪري شفق جي لالاڻ ۾ گم ٿيڻ لڳي.
سندريءَ ان نظاري ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو. واقعي
منظر اهڙو ته دل کي جهوٻو ڏيندڙ هو، جو ڀانيان ٿو
ته اسان سڀني جون دلِيون گائون مائون ٿيڻ لڳيون.
سڀ ماٺ ٿي وياسيون. مون ڏٺو ته ابراهيم جويي جون
اکيون لُڙڪن سان ڀرجي آيون، ۽ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو،
’الا، سنڌ جو آسمان ڪيڏو نه سهڻو آهي!‘ ۽ پوءِ
پنهنجي لڙڪن کان پريشان ٿيندي، ڳالهه لنوائڻ لاءِ
ٽهڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين: ’اسان جي روحانيت ته
اِهو اِها آهي!“
ابراهيم جويي سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ، واقفيتون ۽
لاڳاپا، مختلف حيثيتن ۽ مختلف سطحن جا آهن. هڪڙي
حيثيت ۽ سطح ته اها آهي، جنهن تي هُو هر نئين
لکندڙ کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ همٿائيندو آهي، رهبري ۽
رهنمائي ڪندو آهي. 1952ع جو زمانو هو، ۽ آءٌ مرحوم
ڏيپلائيءَ صاحب وٽ ملازم هوس، ترجما ڪندو هوس،
پروف پڙهندو هوس ۽ ڪتاب ويپيون ڪندو هوس. اُن ئي
زماني ۾ ’ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري‘، ’چين ۾ هارين کي
زمين ڪيئن ملي‘ ۽ ’انسان ۽ انسانيت جي تاريخ‘
ترجما ڪيا هئم، ۽ ڏيپلائي صاحب ڇپايا هئا. جويو
صاحب ڏيپلائي صاحب جو گهاٽو دوست هو، ۽ اڪثر قرآن
پريس ۾ ايندو هو. منهنجي واقفيت ساڻس اتي ٿي.
ڏيپلائي صاحب مرحوم منهنجا ڪجهه ترجما کيس
ڏيکاريا. ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پوءِ جڏهن به ايندو هو
ته ور ور ڪري پڇندو هو ته ’سراج، ڪا نئين شيءِ
ترجمو ڪئي اٿئي؟‘ هي کلڻو جوان، جنهن جي اکين ۾ هڪ
عجيب چمڪ هوندي هئي، مون کان پندرهن ويهه سال وڏو
هو، پر جڏهن مون سان ڳالهائيندو هو ته منهنجي سطح
تي، ۽ هڪ اهڙيءَ پنهنجائپ سان، جيڪا فقط خيالن جي
هم آهنگيءَ مان پيدا ٿيندي آهي. ان ئي زماني ۾ هن
مون کي پنهنجو ڪتاب‘Save
Sindh, Save the Continent’ پڙهڻ
لاءِ ڏنو. ان ڪتاب منهنجي ذهني ماحول ۾ هڪ طوفان
برپا ڪري ڇڏيو، ۽ مون نڪا ڪئي هم نڪا تم، هفتي
ڏينهن ۾ راتيون جاڳي، اهو ڪتاب ترجمو ڪري، اصل
ڪتاب سان گڏ کيس ڏنم. هُو ڪا گهڙي ته مون کي عجيب
نظرن سان گُهوريندو رهيو، پوءِ هڪ مرڪ سان چيائين:
’چريا، هي ڪتاب ته ضبط ٿيل آهي!‘ اهو ترجمو اڃا
وٽس، ڪن پراڻن ڪاغذن ۾ موجود هوندو. ترجمن تان
ڳالهه ياد آئي ته آزاديءَ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمي
جو فن ڏاڍي اوج تي هو. سنڌيءَ جي هر اهم اديب ۽
عالم اهو پئي محسوس ڪيو آهي ته جيسين سنڌ ۾ اصلوڪو
ادب پيدا ٿئي، تيسين ترجمن ذريعي سنڌيءَ ۾ ٻين
زبانن جو بهترين ادب ۽ علم اُٿلائڻ هڪ ضرورت هجڻ
سان گڏ سنڌيءَ جي مخلص ترين خدمت به آهي.
ان ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو سرفهرست آهي. هن
سوين ڪتاب سنڌيءَ ۾ اٿلائي وڌا.
مرزا قليچ بيگ جي هم عمر اديبن مان هر ڪنهن، هڪ
قرض سمجهي، ڪونه ڪو ڪتاب ترجمو ڪري سنڌيءَ جي جهول
۾ وڌو. انگريزي، هندي، بينگالي، اردو، مرهٽي ۽
گجراتيءَ جا بيشمار ڪتاب ان دور ۾ ترجمو ٿيا.
آزاديءَ کان پوءِ ترجمي جي اهميت، جيڪڏهن ڪنهن
محسوس ڪئي ۽ ڪرائي، سو ابراهيم جويو هو. هن کي پاڻ
به ترجمي جو فن ايترو ته مٿاهين معيار تي کڻي ويو
آهي، جو هن جا ترجما اصلوڪيون ۽ طبعزاد تحريرون
ٿيون ڀانئجن، پوءِ اهو تعليم تي ’ايميلي‘ هجي يا
ٻيا تازا ترجما، جن ۾ ’ٻارن جو مسيح‘ ۽ ٻيا اهم
ڪتاب شامل آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جي
حيثيت ۾ هن ڏينهن رات ڪوشش ڪري، ادبي بورڊ جي
ترجمن جي اسڪيم کي اڳتي وڌايو. ان اسڪيم ۾ دنيا جي
علم ۽ ادب جا بهترين ڪتاب چونڊيل هئا. جن اديبن ۽
عالمن کي بورڊ طرفان ڪو ڪتاب ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو
ٿي ويو، انهن جي پويان ذاتي طرح ابراهيم جويو جنسي
پويان پئجي ٿي ويو. هن جا ذاتي لاڳاپا سڀني عالمن
۽ اديبن سان هئا، ان ڪري هلي وٽن ويندو هو، ۽ کين
منٿون ڪندو هو ته ٻيلي، ڏاها ٿيو، ڪتاب ترت ترجمو
ڪري ڏيو ته ڇپايون. رڳو ايستائين محدود نه رهندو
هو، پر جڏهن ترجمو پهچندو هو ته ان کي ادبي معيار
ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندو هو. مون کي ذاتي
طرح سان اُن جو تجربو ۽ مشاهدو آهي، ڇاڪاڻ ته
1955ع کان 1957ع تائين آءٌ بورڊ جي اسسٽنٽ
سيڪريٽريءَ طور هن سان ڪراچيءَ واري آفيس ۾ گڏ ڪم
ڪندورهيو آهيان. ڪي ڪي ترجما ته اهڙا معيار کان
ڪِريل هوندا هئا، جو انهن کي سڌاريندي سڌاريندي،
هو بلڪل نئون ترجمو ڪري وڃي پار پوندو هو. ان سٺي
ترجمي جو ’ڪريڊٽ‘ به ترجمي ڪندڙ کي ملندو هو. ائين
سوين ڪتاب ترجمو ٿيا، ۽ ابراهيم جي قلم انهن جي
نوڪ پلڪ کي درست ڪيو يا ماڳهين نئين سر ترجمو ڪيو.
اسان جي هڪ دوست (مرحوم تي الله جي مغفرت هجي)
رِسڪن جي هڪ ڪتاب جو ترجمو ڪيو. ان جو مسودو اڄ به
بورڊ جي رڪارڊ ۾ هوندو. اهو ترجمو اهڙو لفظي ترجمو
هو، جو جيڪڏهن ائين ڇپجي ها ته رسڪن جو روح ريهون
ڪري ها. ابراهيم جويي جي قلم ان ڪتاب کي شاهڪار
بنائي ڇڏيو. ۽ اهو مثال اڪيلو نه آهي، پر سوين
ترجمن سان لاڳو آهي. ترجمي لاءِ ڪتابن جي چونڊ ۾
ابراهيم جويي جي فڪر کي وڏو دخل آهي، ۽ اهو فڪر هو
ته جيڪي ڪتاب ترجمو ٿين، سي نه رڳو سنڌي ادب ۾
اضافو آڻين، پر سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي زبان کي ذهني
سفر ۾، ٻه قدم اڳتي نين. ادبي بورڊ جا ڪرايل ترجما
ان جو وڏو ثبوت آهن. ان ۾ اوهان کي ڪو به اهڙو
ڪتاب نه ملندو، جنهن ۾ محض ۽ صرف ادب جي چاشني
هجي. ڪتاب اهڙو چونڊيندو، جنهن ۾ ڪنهن ماڳ، ڪنهن
منزل جا نشان چٽا ملندا هجن. اها مقصديت(Motivation) رڳو
بورڊ جي ڪتابن تائين محدود نه هئي. پنهنجي سنگتين
ساٿين کي، ڳالهين ڪندي ڪندي، اهڙن ڪتابن جي ترجمي
ڪرڻ لاءِ چوندو، جيڪي پاڻ ۽ هنن گڏجي پڙهيا هجن، ۽
جن جي مقصديت لاءِ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو.
سندس رغبت ڏيارڻ جو انداز به اهڙو دل لُڀائيندڙ
هوندو آهي، جو ماڻهو سوچيندو ته هن کي جواب ڏيڻ
سان هن جي دل ٽُٽي پوندي. ڪن حالتن ۾ وري کيس اِهو
احساس ٿيندو هو ته سندس ڪن دوستن ۾ لکڻ جي صلاحيت
آهي ۽ محض سُستيءَ ڪري نه ٿا لکن ته انهن سان حجت
ڪري کانئن لکائيندو يا ڪتاب ترجما ڪرائيندو.
ڳالهين ڳالهين ۾ اهڙي حجت ڪري ويهندو، جنهن کي
ٽارڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو. اسان جي دوست سرڪيءَ کان
لکائڻ ۽ ترجما ڪرائڻ لاءِ هن اِها ئي کيڏ استعمال
ڪئي. ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘ ائين ترجمو ٿيو. ساڳي کيڏ
سرڪيءَ جي گهر واريءَ ڀيڻ شمس تي آزمايائين ۽
ڪامياب ٿيو.
ڪن حالتن ۾ وري ضرورتمند اديبن کان ترجما ڪرائي،
سندن مالي مدد ڪرڻ جي اهڙي روايت قائم ڪيائين، جو
آءٌ اڄ به ان ڳالهه جو قائل آهيان ته سنڌي ادب ۾
صحيح اُجوري جي روايت به ابراهيم جويي شروع ڪئي،
جيڪا اڳتي هلي اُن منزل تي پهتي، جو ڪو اهڙو به
وقت آيو، جڏهن سنڌي اديبن اهو فيصلو ڪيو ته اجورو
(پوءِ ٿورو يا گهڻو) نه ملندو ته ڪنهن جي لاءِ به
نه لکندا. جڳ مشهور ڪتاب ‘Golden
Bough’ جو
ترجمو ’جادو ۽ سائنس‘ ائين ٿيو هتي وري به هڪ ذاتي
واقعو ياد ٿو پويم. 1957ع ۾ سي. ايس. ايس جو
امتحان (جنهن کي عام طرح سي. ايس. پي آفيسرن جو
امتحان سڏيو ويندو آهي( پاس ڪيم ۽ بورڊ جي نوڪري
ڇڏي، ٽريننگ لاءِ لاهور ويس. ان زماني ۾ منهنجي
ڀاءُ کي ٽي. بي ٿي پئي. ان ئي زماني ۾ ٽي. بيءَ جي
علاج لاءِ نيون دوائون ميدان تي آيون هيون، جن مان
هن موذي مرض جو مڪمل علاج ٿي ٿي سگهيو، پر دوائون
ڏاڍيون مهانگيون هيون ۽ گهڻي مقدار ۾ کائڻيون
هيون. ابراهيم کي منهنجي مالي حالتن جي خبر هئي،
سو بورڊ طرفان ڪجهه ڪتابن جي ترت ترجمي لاءِ ليٽر
ڏياري موڪليائين. ڏينهن رات هڪ ڪري ٽي ڪتاب ترجمو
ڪري ڏنامانس. انهن مان هڪڙو ڪتاب شايد آمريڪي
آکاڻين جو هو، ۽ ٻيو، “She
Stoops to Conquer” ۽
ٽيون شايد “School
Scandal” هو.
انهن ڪتابن جي پئسن، مون کي ڀاءُ جي علاج ڪرائڻ ۾
وڏي مدد ڏني. ان واقعي منهنجي ذهن تي ڪي پائدار
اثر ڇڏيا، ۽ اُهي ئي اثر هئا، جن تحت مون ’هلال
پاڪستان‘ ۾ لکندڙن کي معاوضي ڏيڻ جي روايت قائم
ڪئي. سنڌ جو اديب گهڻو تڻو ڏتڙيل طبقي سان تعلق
رکي ٿو، ۽ جيڪڏهن ادبي ڪم جي عيوض کيس مناسب اجورو
ملي ته ڪهڙي اربعا خطا ٿيندي؟
جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته 1955ع کان 1957ع
تائين بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مون
هن سان گڏجي، ۽ هن جي زيردست ٿي، ڪم ڪيو آهي. ان
کان اڳ به ٻه سال بورڊ جي بُڪ اسٽال تي مئنيجر طور
رهي، سندس زيردستي ڪئي اٿم. انهن چئن سالن ۾ مون
هن شخص جي بنهه ويجهو رهي، سندس شخصيت جي مختلف
پهلوئن کي ڏٺو ۽ جاچيو آهي. سندس محنتون، سندس
پورهيا، ۽ سندس مقصد سان چُهٽي رهڻ جا ڪرشما ڏٺا
اٿم، ۽ نتيجي طور هڪ اهڙو انسان سامهون ڏٺو اٿم،
جيڪو حد درجي جو وطن پرست آهي، پر جنهن جي وطن
پرستي هڪ عجيب ۽ نئين وطن پرستي آهي. ان کي هيئن
سمجهو ته ان وطن پرستيءَ کي پنهنجو هڪ جسم آهي، هڪ
روح آهي، هڪ اخلاق آهي، ۽ جيڪا ساهواري آهي، جنهن
کي ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو، جنهن کي هٿ لائي
محسوس ڪري سگهجي ٿو، جيڪا هٿ ڊگهيري اوهان کي ڇهي
سگهي ٿي. جيڪڏهن ڇهاءُ نه به ٿئي، تڏهن به پنهنجي
موجودگي محسوس ڪرائي ٿي. هڪ انگريز وطن پرست
جي’پئٽرياٽزم‘ لاءِ چيو ويندو آهي ته ’انگلنڊ،
منهنجو انگلنڊ، برو يا ڀلو، منهنجو انگلنڊا‘ پر
ابراهيم جويي جي وطن پرستي پنهنجي وطن لاءِ ’بري‘
يا ’ڀلي‘ جي چونڊ نه ٿي ڪري. هن کي يقين آهي ته
منهنجو وطن، منهنجي سنڌ ’بري‘ ته ٿي ئي نه ٿي
سگهي. برائيءَ جي امڪان جو به تصور نه ٿي ڪري.
ٻيءَ دنيا کي سنڌ ۾ ڪا برائي نظر اچي ته اهو هنن
جي اکين جو ڦير آهي، پنهنجي Prejudice آهي.
نه ته سنڌ ۾ ڪا برائي نه آهي، ڪا منفي شيءِ نه
آهي. ان کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته جيئن محبوب کي
چنڊ سان مشابهت ڏجي، پوءِ ڀلي سائنسدانن جي نگاهه
۾ چنڊ تي غارن ۽ جبلن جي ڪري داغ ڇو نه هجن. سنڌ
اُن وطن پرستيءَ جو محبوب آهي، جنهن محبوب جي مڪمل
حسن هجڻ ۾ ٻه رايا ٿي نه ٿا سگهن. ان ڪري اٿندي
ويهندي، سُمهندي جاڳندي ان محبوب جو خيال دل ۾
وسندو رهي. اها وطن پرستي ابراهيم جويي جو مذهب
آهي، ۽ مذهبن ۾ ’شرڪ‘ ڪبيرو گناهه آهي.
پوءِ ان مذهب جا ڪي ضروري فرض آهي، ڪي سنتون آهن،
ڪي ارڪان آهن، جن جو محور اهو آهي ته ماڻهو پاڻ کي
ان محبوب جو اهل ثابت ڪري؛ ۽ اها اهليت تڏهن ثابت
ٿيندي، جڏهن ان محبوب جي ذات ۽ صفات لاءِ وحدت
الوجود جي فلسفي ۽ فڪر تي عمل ڪندو رهجي، ۽ ’فنا
في الوطن‘ جي معراج ماڻجي. ان جي عملي شڪل اها آهي
ته وطن جون روايتون پنهنجيون روايتون بڻجن، وطن جا
خدوخال پنهنجا خدوخال بڻجن، وطن جو اخلاق پنهنجو
اخلاق بڻجي. ان معنيٰ ۾ سوچيو ته سنڌ ڇا آهي؟ سنڌ
جي روايت آهي ماڻهپو، ڪنهن کي نه رنجائڻ، پنهنجن
کي پيار ڏيڻ، ڪنهن سان به نفرت نه ڪرڻ، نهٺائي ۽
خودسپردگي. اهي سموريون خصلتون ۽ وصفون اوهان کي
ابراهيم جويي ۾ ملنديون. انساني سطح تي هُو پنهنجي
اولاد جو نهايت محبت ڪندڙ پيءُ آهي (۽ هاڻي ڏاڏو ۽
نانو پڻ)، دوستن جو نهايت پيارو ۽ پيار ڪندڙ دوست
آهي. آءٌ نٿو سمجهان ته هن ڪنهن کي، ارادي سان،
رنجايو هوندو. نهٺو ايترو جو جبل هوندي به ترائيءَ
جي ڏيکائي ڏي. سندس هڪ آمريڪي دوست، بارڊيءَ هن
لاءِ چيو ته ‘Mr
Joyo`s humility is out of this world’ اها Humility يا
نهٺائي، عظمتن جو استعارو آهي. ميوي سان جهنجهيل
وڻ ئي جهڪيل هوندو آهي. مقصد ڏانهن خود سپردگي،
ابراهيم جويي جي اهڙي خصلت آهي، جنهن ۾ مون کي
سندس ثاني ٻيو ڪونه سُجهي. ڪو مقصد مقرر ڪندو ته
پوءِ اهو ئي هن جو محور بڻجي ويندو، ۽ مجال آهي جو
هيڏانهن هوڏانهن جون فروعي ڳالهيون، کيس لحظي لاءِ
به ان کان بي پرواهه ٿيڻ ڏين. ٻيا جي بي پرواهه
ٿين ته شڪايت جو اهڙو رخ ڪندو، جو ماڻهو پيو کِکو
وِکو ٿيندو. جڏهن بورڊ جو سيڪريٽري هو، ۽ ’مهراڻ‘
جو مواد سهيڙيندو، صاف ڪندو هو،تڏهن جو هڪڙو واقعو
ياد ٿو اچيم. هڪڙو ناٽڪ پڙهايائين ‘A
Day in Akbar`s Life’ ناٽڪ
اهڙو سٺو هو، جو مون کي چيائين ته ترجمو ڪر ته
’مهراڻ‘ ۾ هلايون. مون به ’هائو‘ ڪئي، پر پوءِ
ڳالهه وسري ويم. مواد پريس ۾ ڏيڻ وقت ڏٺم ته ڏاڍو
رنجيدو هو. پڇيومانس ته چيائين: ’تو ناٽڪ ترجمو نه
ڪيو، اجايو پرچي جي مواد کي ترسايم!‘ ۽ پوءِ سندس
اکين ۾ جيڪو ڏوراپو ڏٺم، تنهن کان کِکو وِکو ٿي
ويس، ۽ رات جاڳي ٻئي ڏينهن کيس ترجمو آڻي ڏنم ته
کڻي ڀاڪر پاتائين.
سنڌ پنهنجي حيثيت ۾ هڪ مڪمل ترين وطن آهي. ان ۾ هر
اها ڳالهه آهي، جيڪا ڪنهن وطن لاءِ تصور ۾ آڻي
سگهجي ٿي. سمنڊ به آهن، ته دريا به آهن، ڪارونجهر
۽ هالار جهڙا جبل آهن ته ٿر جهڙو ريگستان به منجهس
موجود آهي. واديون آهن، ڇپر آهن، ڇانورا آهن، حسين
صبح آهن ته سحرانگيز شامون به آهن. سنڌ جي اها همه
گير شخصيت، سنڌ واسين کان ’همه گيريت ۽ مڪمليت‘ (Perfectionism) ٿي
گهري. ابراهيم جويي جهڙو Perfectionist اوهان
کي گهٽ ملندو. پوءِ سندس لکڻ هجي يا ڪنهن ڪتاب
ڇپائڻ جو فن. سنڌي ادب کي بيهڪ جي نشانين سان
سينگارڻ ۽ سيبتو بنائڻ ۾ به هن جيPerfectionism کي
دخل آهي. جيڪي ڪتاب سندس دور ۾ ادبي بورڊ طرفان
ڇپيا، انهن جي ڇپائي، مواد جي بيهڪ، گيٽ- اپ ۾
اوهان کي ابراهيم جويو صاف نظر ايندو. ’مهراڻ‘
لاءِ ايندڙ مضمونن ۾ اسان جا اديب دوست بيهڪ جي
نشانين جو خيال ڪونه رکندا هئا. هڪ ڏينهن مون کي
چيائين ته بيهڪ جي نشانين جي اهميت تي مضمون لک.
اهو مضمون مهراڻ ۾ ڇپيو ته اديب دوستن پنهنجين
تحريرن ۾ بيهڪ جون نشانيون ڏيڻ شروع ڪيون. جيڪڏهن
بيهڪ جي نشانين جي ڏانَو، صحت ۽ ضرورت کي ڏسڻو
هجيوَ ته ادبي بورڊ پاران ڇپايل لغت جو پهريون جلد
ڏسو ته سندس محنت ۽Perfectionism جو
اندازو ٿي سگهندو. هي تمام ننڍا مثال آهن، پر هن
جي شخصيت ڏانهن واضح اشارو ڪن ٿا.
ابراهيم جويو منهنجو ادبي استاد، منهنجو مربي ۽
منهنجو دوست آهي. ٿي سگهي ٿو ته منهنجي هن مضمون
مان هن جي شخصيت مڪمل طرح اڀري نه سگهي هجي، ڇاڪاڻ
ته ابراهيم جويو هڪ دور آهي، هڪ تاريخ آهي، هڪ
وهندڙ درياءُ آهي، جنهن کي مڪمل طرح بيان ڪرڻ لاءِ
ڪي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هن سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي
ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي گهيري ۾ آڻڻ ڏاڍو
مشڪل ڪم آهي. ان ڪري فقط ايترو چوندس ته ابراهيم
جويي پنهنجي وطن جي سرپرستيءَ جو اهو حق ادا ڪيو
آهي، جيڪو منفرد آهي ۽ لازوال پڻ.
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي!
(”ادبي گڏجاڻي“- سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي، 31- ڊسمبر
1981ع تي پڙهيل.) |