ادب جو آسمان
گلبدن جاويد
1970ع جي ڏهاڪي جي آخر جي ڳالهه آهي، جڏهن مان
پرائمري ۾ هئس ته هڪ ڏينهن منهنجي امان، ڀينرون ۽
ڀاڄايون گهر کي سينگارڻ ۾ مصروف ڏٺم، هونئن ته
اسان جو گهر سدائين صاف سٿرو هوندو هو، پر اهڙي
خاص تياري ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي هئي يعني جڏهن اسان جو
نانو شهبازاڻي (ڊپٽي ڪليڪٽر) حيدرآباد مان ايندو
هو ته سڄو گهر سينگاربو هو، سو مون اهو سمجهيو
شايد نانو ايندو هوندو. اهو سوچي اسڪول هلي ويس.
رسيس ۾ وري موٽي آيس، ڏٺم ته گهر جون عورتون اڃا
تائين تيارين ۾ هيون. شانِ آصف لئبرريءَ کي سهڻي
نموني سينگاريو ويو هو ۽ هڪ کٽ تي ٽُڪ جي رِلي
وڇائي وئي هئي، ٽيبل ۽ ڪرسين تي ٽُڪ سان ڀريل ڪور
چاڙهيا ويا هئا، ۽ ٻي خاطر تواضع ۾ چينيءَ جا
ٿانوَ ڪڍيا ويا هئا. سندن تياريون ڏسي مون ڇا ڪيو
جو گلابي ڪپڙي جا گل ٺاهي اڱڻ ۾ لڳل هيرڻ جي وڻن
تي ٽنگيا. منهنجي هڪ ڀيڻ پاڻيءَ جي بالٽي ۾ پرفيوم
جا قطره وجهي ڪچي اڱڻ کي ڇڻڪار ڪيو، منهنجي هڪ سؤٽ
مون کي اَن ڏنو ته وڃي ابرق وٺي آ، جڏهن ابرق وٺي
آيس ته وري ٻيهر ان ڏيندي چيائين هيءُ ٿورو آهي
ٻيو به وٺي اچ.
هتي منهنجي حيرت وڌي وئي ته آخر اهڙو ڪير ٿو اچي
جو سڀ ابرق هارڻ ۽ عطر ڇٽائڻ ۾ پوريون آهن.
پنهنجي پڦيءَ کان پڇيم ته: ”پڦي ڪهڙا مهمان ٿا
اچن؟“
پڦيءَ چيو: ”هڪ عظيم انسان ٿو اچي.“
وري مان پنهنجي اسڪول هلي ويس، موڪل کان پوءِ موٽي
اچي ڏٺم ته سڀ ڀاتي ڪنهن جي انتظار ۾ آهن، نيٺ
امان کان پڇيم ته: ”امان ڪهڙا مهمان ٿا اچن ته
هڪدم چيائين ته ”محمد ابراهيم جويو جيڪو ادب جو
آسمان آهي، اهو اڄ اوهان جي بابا جي لئبرري ڏسڻ ٿو
اچي.“
گهڙين کان پوءِ سؤٽن ۽ ڪجهه ڀائرن ٻڌايو ته سائين
محمد ابراهيم جويو ۽ بابو ڪاٺين جي اسڪول مان نڪري
چڪا آهن.
ٿوريءَ دير ۾ اسان جي اوطاق ۾ ڳوٺ جا سڀ نوجوان گڏ
ٿي ويا، جويي صاحب کي ڀليڪار چوڻ لاءِ، اسان ٻار
پنهنجي گهر جي وڏي ٿلهي تان بيهي ڏسڻ لڳاسين.
محمد ابراهيم جويو اڳيان ان کان پوءِ بابا احمد
خان آصف مصراڻي ۽ پوءِ ڪيترائي استاد قافلي جي
صورت ۾ اسان جي اوطاق تي پهتا، جوئي صاحب کي بابا
گهر وٺي آيو، پاڻ ”شان آصف لئبرري“ ڏٺائون. اُن
ڏينهن کان منهنجي ڪچڙي ذهن ۾ جويي صاحب جي شخصيت
جو خاڪو ”ادب جي آسمان“ جي صورت ۾ ويهي ويو، ان
ڏينهن کان
”شانِ آصف لئبرري“ سان وابستگي شروع ٿي وئي، پوءِ
جويي صاحب جي ڇپيل ڪتابن مضمونن جو باقاعدي انتظار
ڪبو هو. پوءِ هڪ وقت اهڙو ٻڌايو جو جويي صاحب ۽
شيخ اياز جو ذڪر گڏگڏ هلندو هو. اياز جي شاعري ۽
جويي صاحب جو نثر نوجوانن جو فڪري ۽ نظرياتي مقصد
بڻجي ويو، گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته اڄ تائين جيڪا
سنڌي سٺي انداز ۾ پڙهي ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي اها
جويي صاحب جي جاکوڙ جو نتيجو آهي، ٻوليءَ جي سونڌ
سنوار، بيهڪ جون نشانيون، جملن جو گهاڙيٽو جويي
صاحب جي لکڻين ئي سمجهايو ۽ سيکاريو. جويو صاحب
گهڻ رخي هستي آهي، جنهن تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن
ٿا، پر جيئن ته مون کي سندن ويجهڙائپ نصيب ٿي،
انڪري چاهيندس ته اُهي ڳالهيون ۽ ڳُڻ پڙهندڙن سان
ونڊيان.
منهنجي ساڻس روبرو ملاقات 1993ع ۾ ٿي. ان وقت
شمشيرالحيدري موجود هو ۽ يونيورسٽي مان ڪي
ساهيڙيون به هيون، جاويد کي چيائين: ”هيءَ منهنجي
دوست شهبازاڻيءَ جي ڏهٽي ۽ مصراڻي جي ڌيءَ آهي، هن
جي پارت اٿئي، توکي سٺي خاندان جي ڇوڪري ملي آهي.“
سچ پچ ته ان وقت منهنجي دل وڏي ٿي وئي ۽ جويي صاحب
لاءِ تهائين محبت ۽ احترام وڌي ويو. جويو صاحب
انهن ڏينهن ۾ پهرين ميمبر هو پوءِ بورڊ جو چيئرمن
ٿيو. پاڻ هميشه اسان لاءِ ڇپر ڇانو رهيو، هڪ ڏينهن
مون کي چيائين: ”تو اڄ تائين جيڪو لکيو آهي اهو
مواد سهيڙي مون کي ڏي“، ان کان پوءِ مون ڪافي
لکڻيون، شعر، انٽرويوز ۽ ترجما کين ڏنا. پاڻ ڏاڍي
باريڪ بينيءَ سان پڙهي هڪ هڪ شيءِ تي پنهنجي راءِ
ڏنائون، ڪافي نظمن تي شاباس ڏنائين ۽ ترجمي بابت
ڪجهه نُڪتا سمجهايائين، غلطين جي نشاندهي ڪيائين،
منهنجي ساڻن گهرائپ رهي ۽ سندن رهنمائيءَ ۾ منهنجو
نظم ڏانهن لاڙو وڌيو.
1996ع ۾ ”سرتيون“ پاران شاعري نمبر سهيڙيو ته پاڻ
تمام گهڻي همت افزائي ڪندي، تڪڙو ڇپرائي ڏنائين ۽
پوءِ ”ڪُل سنڌ خواتين مشاعرو“ ڪرائڻ ۾ پڻ سندن
رهنمائي رهي. سندن نياڻي ادي نيلوفر ٺيڪ نه هئي ته
مان هن کان ٻه ٽي دفعا پڇڻ ويس ته کيس اها ڳالهه
ڏاڍي وڻي هئي ته تون هلي وڃي هِن سان ڪچهري ڪري ٿي
اچين. انهن ڏينهن ۾ مان سندن آفيس ويٺي هئس ته
منهنجي چاچي عبدالله مصراڻيءَ جي انتقال جي خبر
پئي ته منهنجي اکين مان ڳوڙها پئي ڳڙيا، پاڻ ڏاڍو
پريشان ٿيو، مون کي دلداري ڏنائون پوءِ گاڏي
گهرائي مون کي گهر پُڄرايائين.
هڪ دفعي ڪاوڙجي آفيس مان نڪري آيس ته پٽيوالو
موڪلي مون کي سڏرايائين. مون سمجهيو ته هاڻي دڙڪا
ملندا، پوءِ جويي صاحب پنهنجي خاص انداز سان کل ۾
ٻڏو پيو هجي. مون کي چيائين ”سنڌ کي اهڙي نسل جي
ضرورت آهي جيڪي پنهنجي راءِ رکن ۽ پنهنجي ارادي ۾
اٽل هجن.“
مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿي جو جويي صاحب سان
ساڻن ميل ملاقات رهندو اچي. سندن سوين تقريرون ٻڌڻ
جو موقعو مليو آهي، پاڻ واقعي به عظيم انسان آهي.
جڏهن منهنجي سهري ممتاز مرزا جي وفات ٿي ته پاڻ
لڳاتار ٽي ڏينهن تڏي تي ويٺا جنهن سبب اسان کي وڏو
ڏڍ محسوس ٿيو. ويجهڙائيءَ ۾ ساڻس مليس ته مون کي
ٻڌايائين ته ڪنهن اسڪول جو افتتاح ڪيو اتي اخبار
ڏٺم جنهن ۾ تنهنجي تقرير ڇپيل هئي، سا پڙهيم، اهڙي
نموني سندن ساٿ ۽ رهنمائيءَ کي پنهنجو ڀاڳ ٿي
سمجهان؟ هيءُ واقعي به ادب جو آسمان آهي.
”فخرِ سنڌ“ جو خطاب ماڻيندڙ
هڪ آدرشي انسان
دين محمد ڪلهوڙو
محمد ابراهيم جويو، سنڌ جو غيرتمند سپوت، سنڌ جو
پروانو، پنهنجي فرض سان، ساري حياتي مخلص ۽ ڪميٽيڊ
رهندڙ، سنڌ جي آزاد ۽ خود مختياريءَ ۾ ويساهه
رکندڙ محب وطن اڳواڻ، سچو فڪري رهبر، ساٿي، دوست،
مهربان، هڏ ڏوکي، سنڌ، سنڌي قوم جي مڙني دردن کي
پنهنجي جان ۾ محسوس ڪندڙ ۽ انهن جي علاج ۽ ڇوٽڪاري
لاءِ ساري حياتي، مستقل مزاجيءَ سان جاکوڙيندڙ،
جهيڙيندڙ، مزاحمت ڪندڙ عملي ۽ قلمي محاذ جو سپهه
سالار ۽ قومي اثاثو. سندن لاءِ ڪهڙا نانوَ ڳڻائي،
ڪهڙا ڳڻائجن، هو ته سراپا هر انهيءَ قالب ۾ فٽ
آهي، جيڪو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي
فن، سنڌ جي ثقافت جي مڙني چڱاين جي عملي پاسداري
ڪري ٿو.
محسن جوئي، پنهنجي سهيڙيل ڪتاب: ’سنڌ جا مون سپنن
۾ سوچي‘ ۾ جوئي صاحب جو تعارف، تمام سهڻي انداز ۽
پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي، ان مان مختصر ٽڪڙو ملاحظه
ڪريو:
”سائين محمد ابراهيم جوئي تي انگريزي اصطلاح پوري
طرح ٺهڪي اچي ٿو.
'A living Legend a great thinker.'
يعني اهڙو ڪردار، جيڪو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي مهانتا
ماڻي، پنهنجي دور تي اڻمٽ اثر ڇڏي، جنهن جي فڪر ۾
نمايان سگهه هجي، جيڪا سگهه پاڻ مڃائي ۽ اُتساهه جا
سرچشما تخليق ڪندي رهي، هن جي سڄي زندگي اها شاهدي
ڏيئي ٿي ته هن نيڪيءَ کي ئي حقيقي علم سمجهيو ۽
ڄاتو آهي، اهڙيون ئي ڳالهه صديون اڳي يونان جي
مشهور مفڪر سُقراط ڪئي هئي، جنهن چيو ته: Knowledge
is virtue،
علم لاءِ اهڙو ذميواريءَ جو احساس جوئي صاحب جي
سڀني لکڻين توڻي سندس ڏنل خطبن ۽ تقريرن ۾ ڏسجي
ٿو.“ ]جويو،
محسن (2012ع)، مهاڳ، 1[
محسن جويو مهاڳ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته:
”سائين محمد ابراهيم سنڌ جي جديد نظرين، تصورن ۽
خيالن کي پُراعتماد انداز ۾ پيش ڪيو آهي، پاڻ
ٻڌايو اٿن ته انسان ذات پنهنجي طويل تهذيبي سفر ۾
هيل تائين ٽن اوچن ڏاڪن تي پهتي آهي، يعني قومي
شناس، وطن دوستي ۽ انسانيت، سندن فڪري ۽ علمي
خدمتون خالص ادب، فلسفي، تاريخ ۽ تعليم جي ميدانن
۾ پهچي مادري ٻوليءَ ۾ خاص طور ۽ ڪجهه قدر
انگريزيءَ ۾ پڌريون پئي رهيون آهن. سندن اصلي ڪتاب
۽ ترجما ان ڳالهه ۾، سواءِ ڪنهن شڪ ۽ سوال جي
پنهنجا مثال پاڻ موجود رهيا آهن ۽ انهن جو اثر ۽
ڦهلاءُ اڃا تائين هلندڙ آهي. (حوالو ساڳيو، ص 9)“
جويو صاحب، هڪ صديءَ جي اها جيئري جاڳندي تاريخ
آهي، جا پنهنجي ورقن مان، نه رڳو ماضيءَ جي داستان
جو جيئرو جاڳندو جلوو ۽ نظارو پسائي ٿي، پر گڏوگڏ
اُن مان سبق سکڻ ۽ حال ۾ صحيح ۽ سوچي سمجهي قدم
کڻڻ جا انيڪ گس ۽ اتساهن مٿان اتساههَ، همٿن مٿان
همٿون ۽ جرئتن مٿان جرئتون ارپي ٿي. سنڌ ۾ ڌارين
جي آبادڪاريءَ جو مسئلو هجي، ون يونٽ جو سياسي اشو
هجي، سنڌي ٻوليءَ جي قومي ٻوليءَ وارو ڪاز هجي،
ادارن ٺاهڻ ۽ انهن جي هلائڻ جي ڳالهه هجي، سنڌي
ٻوليءَ ۾ گرامر ۽ اعرابن سميت صورتخطيءَ جو معاملو
هجي، جوئي صاحب جو انهن مڙني معاملن تي، نهايت
وزندار، سچو ۽ چٽو موقف رهيو آهي.
’ڳالهيون ڪتابن جون‘ جي تعارف ۾ جوئي صاحب بابت
ذڪر ڪندي نوجوان اديب ۽ دانشور جامي چانڊئي هن طرح
لکيو آهي ته: ”سائين محمد ابراهيم جويو بنيادي طور
تي هڪ آدرشي ۽ ترقي پسند اسڪالر ۽ ڪميٽيڊ اديب
آهي، هو انهن قلم ڌڻين منجهان آهي، جن سدائين
پنهنجي عوام، قوم ۽ مجموعي طور انسانذات لاءِ
سوچيو ۽ لوچيو آهي.“
کاٻي کان: سائين محمد ابراهيم جويو، ڀائو
درمحمد ٻرڙو ۽ دين محمد ڪلهوڙو (محمد
ابراهيم جوئي صاحب جو گهر، صحافي ڪالوني،
حيدرآباد)
|
بورڊ ۾ نوڪريءَ ڪرڻ کان اڳ، جڏهن مان سنڌي ٻوليءَ
جي بااختيار اداري ۾ انسائيڪلوپيڊيا سيل ۾ ڪم ڪندو
هئس، اها 2000ع جي ڳالهه آهي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام
علي الانا، اٿارٽيءَ جو چيئرمين هو. جوئي صاحب جو
اُتي اڪثر اچڻ ٿيندو هو. هڪ دفعي مون کين پنهنجو
لکيل تحقيقي آرٽيڪل ”پُنرو بڊاماڻي- اُتر ڪاڇيءَ
جو هڪ رزميه ڪردار“ پيش ڪندي، اصلاح ۽ رهنمائيءَ
لاءِ کين عرض ڪيم، پاڻ مُرڪي ڏنائون ۽ چيائون ته:
”ادا، اوهان قنبر جهڙي بالغ دماغ شهر مان آيا
آهيو، جتي ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ٿي
گذريو، جنهن ننڍي ڄمار ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ سياست
کي نوان موڙ ڏنا، اوهان ته هتي ٻين دوستن جي
رهنمائي ڪريو. قنبر جا دوست، هر چڱائيءَ واري محاذ
تي سڀ کان اڳ، پهرينءَ صف ۾ رهيا آهن، سندن موقف
کليل ۽ چٽو رهيو آهي.“ مون کين عرض ڪيو ته قبلا
هتي حيدرآباد ۾ ته هاڻي اوهان اسان جا وڏا آهيو...
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جوئي صاحب، اٿارٽيءَ واري PTCL نمبر
تي فون ڪئي. مون کي فون تي مبارڪون ڏيندي چيائون
ته: ”ادي علي آڪاش به اوهان جو ساڳيو مضمون پڙهايو
آهي، مون اوهان جو مضمون، ڏاڍي غور سان پڙهيو آهي،
اوهان سچ پچ وڏي محنت، جاکوڙ ۽ کوج ڪري مضمون جو
مواد گڏ ڪيو آهي، بيشڪ ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ ڪتاب ۾
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پُنري بڊاماڻيءَ سان نسبت رکندڙ
رزميه بيت ڏنا آهن، پر اُهي مڪمل نه آهن، اڃا به
هوندا، لطيف جي رسالي ۾ به ملن ٿا. اِها اسان جي
خوش نصيبي آهي جو هاڻي تحقيق جا طريقا، آسان ٿِي
پيا آهن، اوهان اڃا تحقيق جاري رکو.“ منهنجي وڌيڪ
اصلاح ڪندي، چيائون ته: ”پُنرو، اترڪاڇي جو رهاڪو
هو، اِها به اهم ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان کان
وڌيڪ خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه هيءَ آهي، ته اهو
ڪردارُ، خالص سنڌ جو ڪردار هو، خوشيءَ جي ڳالهه
اِها به آهي، ته پُنرو، سنڌ جي روحاني رهبر ۽
فلسفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جو
پسند جو ڪردار هو، لطيف سرڪاررحه هن
ڪردار مان گهڻو خوش هو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ هن جي
سخاوت ۽ بهادريءَ کي خوب ساراهيو آهي، ان ڪري
اوهان، تحقيق دوران، پنهنجي علائقي، شهر ۽
ڪميونٽيءَ جي اثر کان بالاتر رهو ۽ فقط سنڌ کي
اُجاگر ڪريو، سنڌ ئي اسان جو سڀ ڪجهه آهي.“ جوئي
صاحب جي انهيءَ مفڪرانه رهنمائيءَ ۽ صلاح، منهنجو Vision ڪليئر
ڪيو.
جوئي صاحب، هڪ ڀيري مون کي ٻڌايو ته: ”توهان اهو
ته ضرور ٻڌو هوندو ته ماڻهوءَ لاءِ ڪم چئلِنج
هوندا آهن، پر اهو شايد ٻڌو هُجي، ته ڪي ماڻهو به،
ڪم لاءِ للڪار هوندا آهن. اسان کي به سنڌ لاءِ
اُهي ئي ماڻهو گهرجن، جيڪي ڪم لاءِ چئلِنج بڻجن.“
مون کين عرض ڪيو ته قبلا اڄوڪي دور ۾ اهڙا ماڻهو
ڪٿي آهن، گرانٺ پيٽ، ماڻهن کي ايئن ڪرڻ ڪيئن
ڏيندو، ها جي اهڙو ڪو اڄوڪي دور ۾ هوندو، ته پوءِ
پڪ سان اُهو ڪو فرشتو هوندو. مون کي چيائون ته:
”انسانُ، فرشتن کان به وڌيڪ عظيم آهي، فرشتن کان
به وڌيڪ بهتر ڪم ڪري ٿو، اِهائي ته انسان جي خوبي
۽ عظمت آهي جو حضرت
آدم عليہ السلام کي به فرشتن، رب پاڪ جي حڪم تي،
سجدو ڪيو ۽ سندس اطاعت ڪئي. پاڻ ان لاءِ ڪئين مثال
ڏنائون، ته هِنن هِنن ماڻهن ڇا ڇا ڪيو ۽ ڪيئن نه
هنن وقت ۽ حالتن جا رخ موڙي ڇڏيا. سنڌ کي به اهڙا
ئي مرد مجاهد ملن، ته اسان جون به سَڻايون ٿي
وينديون، اسان نااميد نه آهيون، ضرور ائين
ٿيندو...“
اسان ڏسون ٿا، ته جويو صاحب، اُن فلسفي تي ساري
حياتي، ڪم ڪندي گذاريو آهي، بيماريءَ جي بستري تي
هجي، سفر ۾ هجي يا حضر ۾ هجي، سدائين ڪمن جون
ڳالهيون، ڪتابن جون ڳالهيون، شاعري، ادب، فن ۽ ڪلا
جون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن ۽ نئين نسل جي عملي
رهنمائي ڪندا رهيا آهن.
جوئي صاحب، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي عشق ۾ جناب
جي.ايم.سيد جي سربراهيءَ ۾ 1940ع ۾ سنڌي ادب لاءِ
صلاحڪاري بورڊ جو بنياد رکيو، جيڪو پوءِ 1951ع ۾
سنڌي ادبي بورڊ ۾ بدلجي ويو. جناب جي.ايم.سيد،
جوئي صاحب لاءِ چوندو هو ته: ”سنڌي ادبي بورڊ
معنيٰ جويو صاحب، جويو صاحب معنيٰ سڀڪجهه.“ يعني
جيڪو جويو صاحب چوندو هو، اهوئي بورڊ جو آخرين
فيصلو سمجهبو هو. سنڌي ادبي بورڊ مان نڪرندڙ نامور
ادبي رسالو ”مهراڻ“ فقط ئي فقط سنڌي ٻولي ۽ سنڌي
ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جاري ڪيو ويو، اهو به جوئي
صاحب جو ڪارنامو هو. هن رسالي جي ٻئين دور جو
پهريون ايڊيٽر به جويو صاحب هو، ”مهراڻ“ تي اهو
نالو شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب جي
تجويز تي رکيو ويو. ”مهراڻ“ جي تاريخ، بورڊ کان
ڪجهه سال پراڻي آهي، ”مهراڻ“ جا ٻه دؤر آهن،
پهريون دور سنه 1946ع کان 1947ع تائين، هن عرصي
دوران ڏهن جي لڳ ڀڳ پرچا پڌرا ٿيا جو سنڌ ۽ هند جو
ورهاڱو ٿيو ۽ هن خطي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ٻه نوان ملڪ
وجود ۾ آيا ۽ حالتن جي ناسازگيءَ سبب ”مهراڻ“ ڪجهه
عرصي لاءِ بند ٿي ويو، وري جڏهن 1951ع ۾ بورڊ
جُڙيو ته جويو صاحب سيڪريٽري مقرر ٿي آيو، ته وري
1955ع ۾”مهراڻ“
جو نئين سر اجراء ٿيو. هن سڄي مرحلي ۾ جويو صاحب
پنهنجي اسائنمينٽ تي ڪم ڪندو رهيو، ان دور جا
اداريه پڙهي ڏسو ته جوئي صاحب، ”مهراڻ، جي مورچي
تي ويهي، قلم کان نشتر جو ڪم وٺندي، سنڌ دشمن ۽
سازشي قوتن جي ڪيئن ته لاک لاٿي آهي.
شيخ اياز کي اردو شاعريءَ کان سنڌي شاعريءَ ۾ وٺي
اچڻ ۽ اُن کي شيخ اياز بنائڻ، غلام محمد گراميءَ
کي مدرسي مان وٺي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ”مهراڻ“ جهڙي
برک رسالي جو ايڊيٽر مقرر ڪرڻ ۽ گرامي صاحب کي
سڄيءَ سنڌ ۾ روشناس ڪرائڻ ۽ هن کان ”مشرقي شاعريءَ
جا فني قدر ۽ رجحانات“ جهڙو بيمثال ڪتاب لکرائڻ
وغيره، اهي سڀيئي ڪم، جوئي صاحب جي حصي ۾ اچن ٿا،
بورڊ جي موجوده عمارت به سندن نگرانيءَ ۾ تيار ٿي.
جويو صاحب، پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ هر وقت هڪ متحرڪ
۽ سٺو سوچيندڙ هڪ ادارو آهي، سندن عشق ۽ ايمانُ،
سندن وطن ”سنڌ“ آهي. هُو سنڌ خلاف هڪ لفظ به ٻڌي
نه سگهندو آهي. تازو هڪ دهشتگرد ڀتاخور ۽ سنڌ دشمن
تنظيم، سنڌ کي ورهائڻ جو غير فطري ۽ غير آئيني
مطالبو ڪيو، ته جوئي صاحب، هڪدم اُن خلاف سخت
مزاحمتي بيان جاري ڪندي چيو ته: ”سنڌُ، اسان جو
ايمان آهي، اُن جي خلاف ڳالهائيندڙ، پاڻ ٽڪرا ٽڪرا
ٿي ويندا.“ جويو صاحب، سنڌ خلاف ڪم ڪندڙ اهڙين نام
نهاد ۽ سنڌ دشمن قوتن جي آڏو، سڄي حياتي ”مزاحمتي
آواز“ بڻجي، سنڌ جي سپوتن کي پاڻ ۾ ويڇا وساري، گڏ
ٿيڻ جو سببُ بڻجندو رهيو آهي، ڇو ته سنڌُ، اسان جي
سڃاڻپ ۽ اسان، سنڌُ جي سڃاڻپ آهيون. اها سڃاڻپ،
اسان کي ملڪ پاڪستان جي مُحابي نه ملي آهي، پر اها
ته فطري طور اسان کي هزارن سالن کان اڳ مليل آهي،
اهو رشتو، هِتان جي ڪابه طاغوتي قوت، ختم ڪري ئي
نه ٿي سگهي.
جوئي صاحب، هميشه جيڪو به ڪم ڪيو آهي، اهو ذاتي
مفاد کي نظر ۾ رکي نه ڪيو آهي، اهو نه سوچي ڪم
ڪيائون ته هن مان، مون کي ڪيترا چار ڏوڪڙ ملندا،
پر اهو سوچي ڪيائون، ته هن مان سنڌ، سنڌي ٻولي ۽
سنڌي قوم کي ڪهڙو لاڀ ملندو. جوئي صاحب جي لغت ۾
”ذاتي مفاد“ جو لفظ آهي ئي ڪونه، ڇو ته سندن ذاتي
مفاد به دراصل قومي مفاد سان ملحوظ آهي.
2007ع جي ڳالهه آهي، مان سنڌي ادبي بورڊ ۾
پبليڪيشن آفيسر هوسِ، پبليڪيشن ڪميٽيءَ فيصلو ڪيو
ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي قابلڪار پروفيسر ۽
نامور اسڪالر مرحوم محرم خان وگهامل جا سنڌ، سنڌي
ٻوليءَ ۽ قديم شعر تي لکيل مضمون، جيڪي ٽماهي
”مهراڻ“ ۾ ڇپيا هئا، سي ڪتابي صورت ۾ ڇاپي پڌرا
ڪجن، اهڙي گُهر، سنڌ جي مڙني يونيورسٽين سميت اهلِ
علم اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ استادن طرفان به ٿي
هئي. مون، ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ
پروفيسر سان رابطو ڪيو ۽ کانئس ٽائيم وٺي، ميٽنگ
لاءِ وٽس آفيس ويس، اهو پروفيسر ڊين جي چيئر تي
براجمان هو، لسانيات جي مضمون ۾ ٻاهران پي ايڇ.ڊي
ڪيل هئس، کيس پنهنجي ڊگريءَ تي وڏو ناز رهيو آهي ۽
پاڻ لاءِ اڪثر چوندو آهي، ته مان اڪيلو سنڌي ماڻهو
آهيان، جنهن پرڏيهه مان لسانيات جهڙي خشڪ مضمون ۾
ڊاڪٽريٽ ڪئي، پر ڪي اسڪالر ته مون کان اڳ پرڏيهه
ويا ۽ سرڪار جو خرچ رائگان ڪري موٽي آيا، ڊگري به
وٺي نه سگهيا. بهرحال مان ڊاڪٽر صاحب سان مليس ۽
بورڊ جي اسائنمينٽ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، منهنجي
ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ هڪدم چيائين ته: ”بورڊ مون کي
هن ڪم لاءِ ڪيترو معاوضو ڏيندو؟“ مون کين عرض ڪيو،
ته اوهان مقدمو لکي ڏيندؤ، پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ
وغيره جو معاوضو جيڪو بورڊ جي مروج قاعدن مطابق
ٺهندو، اهو اوهان کي ملندو ۽ ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون
به اوهان کي ملنديون. جنهن تي وراڻيائين ته:
”پروفيسر محرم خان جي ڪن ڳالهين تي مان علمي
اختلاف رکان ٿو، تنهنڪري انهن تي حاشيه ۾ فوٽ نوٽ
به لکندس، پروفيسر محرم خان جو واڌو مواد، جيڪو
مون وٽ رکيل آهي، اهو به ڏيندس ۽ مقدمو به لکي
ڏيندس، اهو سمورو ڪم 80 هزار روپين جو ٿئي ٿو.“
سنڌي ٻوليءَ جي گهڻ گهرئي عالم ۽ ولايت مان
لسانيات ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيل، انهيءَ پروفيسر جون اُهي
ولايتي ۽ ڪمرشل ڳالهيون ٻڌي، منهنجا ته ٺَپَ ئي
ٺري ويا! مون کين عرض ڪيو، ته سائين، مان پنهنجي
طرفان هن ميٽنگ جا منٽس ٺاهي، نوٽ سان، بورڊ
انتظاميه کي پيش ڪندس، جي بورڊ منظوري ڏئي ٿو، ته
اوهان کي اهو اجورو ملندو، اوهان مهرباني ڪري
پروفيسر محرم خان جو واڌو مواد، اسان کي ڏيو، ته
اُن کي به پراسيس ڪريون. جنهن تي پاڻ فرمايائين
ته: ”نه، ان کان اڳ، بورڊ مون سان اِنهن شرطن تي
ايگريمينٽ ڪري، پوءِ ئي مان ڪم ڪندس.“ مان پنهنجي
آفيس اچي، سيڪريٽري صاحب کي لکت ۾ رپورٽ پيش ڪئي.
نيٺ غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ، صلاح بيٺي ته جوئي
صاحب کان مدد وٺجي، ۽ ان ڪم لاءِ عبدالحفيظ
قريشيءَ جو نالو تجويز ٿيو.
آخر حفيظ کي اها اسائنمينٽ حوالي ڪئي وئي، جنهن
جوئي صاحب سان گڏجاڻيون ڪري، هن ڪم کي آسان بڻايو
۽ مختلف ماڻهن سان رابطا ڪري، محرم خان جا لکيل ٻه
وڌيڪ مضمون ”جيريڪو، دنيا جو قديم ترين ڳوٺ“ ۽
”ٻوليءَ جي اوسر“ هٿ ڪري آيو. جوئي صاحب، ڪتاب جي
ايڊيٽنگ ڪئي، تعارف به لکي ڏنو ۽ پروف به پڙهي
ڏنا، بورڊ اهو ڪتاب 2007ع ۾ ’سنڌ، سنڌي ٻولي ۽
سنڌي شاعري (آڳاٽو دور)‘ جي نالي سان ڇاپي پڌرو
ڪيو. هن ڪتاب کي سهڻي ۽ وڌيڪ معنيٰ دار ڪرڻ ۾ حفيظ
جو به دخل آهي. هُو هِن ڪم ۾ جوئي صاحب جو ٻانهن
ٻيلي ٿي رهيو. جوئي صاحب، تعارف ۾ حفيظ جا ٿورا
مڃيندي هن لاءِ ”هم قلم دوست“ جا لفظ لکيا آهن،
اهو هن لاءِ وڏو اعزاز آهي. اِها آهي، پنهنجي
ايمان ۽ ڪم سان ڪمٽمينٽ. جوئي صاحب هڪ روپيو به نه
ورتو. انهيءَ ڀيٽ ۾ سرڪار لکين روپيا خرچ ڪري
استادن کي ٻاهر موڪلي، کانئن اعليٰ تعليم حاصل
ڪرائي ٿي، ته جيئن هُو هتي اچي پنهنجيءَ پنهنجيءَ
فيلڊ ۾ خدمت ڪن ۽ وڌ ۾ وڌ سنڌ، ۽ سنڌي قوم کي
فائدو رسائين. سرڪار، انهن استادن کي، انهيءَ ڪم
لاءِ هتي لکين روپيا پگهار ۽ ٻيون سهوليتون پڻ
ڏيئي ٿي، پر هتان جا اڪثر استاد، پرڏيهه مان اعليٰ
ڊگري حاصل ڪري، هتي اچي ڌنڌو ڪن ٿا، قوم جي ٻيڙي
تارڻ بجاءِ ٻوڙين ٿا.
هتي هڪ ٻيو واقعو موضوع جي نسبت سان ياد اچي ويو
آهي. سنڌ جي هڪ نامور مادر علميءَ جي هڪ ماهرِ
لسان، سنڌيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر، پنهنجي اسڪالر جي
آخري سيمينار ۾ ان ڪري شرڪت نه ڪئي، ته هو هاڻي
سنڌ ڇڏي، اسلام آباد ۾ رهي ٿو. ان ڪري هُن صاحب،
يونيورسٽيءَ کان اچ وڃ جي ايئر لائن ٽڪيٽ، ٽن
ڏينهن جي سنڌ ۾ ترسڻ لاءِ لگزري هوٽل جي ڪمري جو
ڪرايو ۽ خرچ، لم سم 80 هزار روپيا گُهريو، ته جيئن
هو سنڌ اچي، پنهنجي شاگرد جي فائنل سيمينار ۾
گائيڊ جي حيثيت ۾ شرڪت ڪري، پر يونيورسٽيءَ ايڏي
ڳري ۽ ناجائز شرط مڃڻ کان مجبوري ڏيکاري ۽ پروفيسر
صاحب جو مطالبو پورو نه ٿيو، ته هو نه آيو. گائيڊ
جي غير موجودگيءَ ۾ اهو طئه ٿيل سيمينار نه ٿي
سگهيو. مون کي پوءِ مصدقه ذريعن وٽان معلوم ٿيو،
ته انهيءَ اسڪالر جو اُهو ٽيون ڀيرو آخري سيمينار،
ساڳئي سبب رد ٿيو آهي.
هڪ ٻيو اسڪالر هن واقعي کان اڳ 2005ع ۾، انهيءَ
ساڳئي پروفيسر صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌي لغت تي پي
ايڇ.ڊي ٿي ڪئي. انهيءَ پروفيسر هِن شاگرد کي،
پنهنجي اصل اسائنمينٽ تان ٿيڙڻ لاءِ، سبز باغ
ڏيکاري، لاهور ۾ اردو لغت تي ڪم ڪرڻ لاءِ کيس
اُڪساهيو، ته جيئن اُهو اسڪالر، سنڌي لغت تي ڪم
ڪرڻ بجاءِ، ڌاري ٻوليءَ جي لغت تي ڪم ڪري. هڪ سنڌي
پروفيسر، جنهن کي يونيورسٽي پگهار به اُن ڪري
ڏيئي، ته تون پنهنجي سپروائيزنگ ۾ پنهنجي سبجيڪٽ ۾
وڌيڪ پي ايڇ.ڊي اسڪالر پيدا ڪر، ته جيئن اُهي به
اڳتي هلي پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪن، پر هتي ته اهو
سنڌيءَ جو پروفيسر، ماڳهين پنهنجي پروفيشن جي بنهه
ابتڙ ٿي ڪم ڪيو، پگهار سنڌي سبجيڪٽ جي ٿي کاڌائين،
پر دلالي، غير سنڌي سبجيڪٽ جي ٿي ڪيائين. مون جڏهن
اهو سمورو داستان، جوئي صاحب کي ٻڌايو، ته اُن
پروفيسر صاحب تي ڏاڍا جَڪَ کاڌائين ۽ مون کي
تنبيهه ڪندي چيائين ته آئنده اوهان اهڙن خطرناڪ
ماڻهن کان هوشيار رهو.
ڳالهه هلي پئي فرض شناسي ۽ ڪمٽمينٽ جي. جوئي صاحب
جي آڏو فرض شناسي ۽ ڪمٽمينٽ هر وقت، هٿيار (Tools)
طور رهيون آهن. سنڌ ۾ هڪ قسم جا اهڙا ماڻهو به
آهن، جن تي ڪم مقرر ٿيل آهن ۽ انهن تي رياست لکين
روپيا خرچ به ڪري ٿي، پر پوءِ به ان مان اڪثريت
اُهي سونپيل ڪم، هُو نه ٿا ڪن. ٻيا اهي ماڻهو آهن
جن تي رياست طرفان ڪابه ڊيوٽي رکيل نه آهي، پر
اُهي قوم جي خدمت،
بي لوث ٿي ڪن ٿا، اُن جو معاوضو هُو قوم کان ڪڏهن
به نه ٿا گُهرن، قوم کي ڪڏهن طعنو نه ٿا ڏين، ڪنهن
وڏيري، جاگيردار ۽ وزير کي پي ايڇ.ڊي جي اعزازي
ڊگري ڏياري، پنهنجا ذاتي مفاد حاصل نه ٿا ڪن، پر
هو اُهو سڀ ڪجهه پنهنجي ضمير ۽ ايمان جي حڪم تي ڪن
پيا. پئسو ڪنهن کي نه ٿو گهُرجي؟ جوئي صاحب کي به
پئسو گهرجي، پر هو پئسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ قوم جي
خدمت ڪرڻ کي اوليت ڏين ٿا، قوم جا فرد سُڌري پيا،
اها ئي وڏي دولت ۽ ڌن آهي. حقيقي خدمت ۽ قومي جذبو
اُن کي ئي ته چئبو آهي، ته فردُ، پنهنجي ذاتي مفاد
کي ختم ڪري، اجتماعي مفاد کي ترجيح ڏئي.
تازو، جوئي صاحب کي سندن اهڙين بي مثال خدمتن عيوض
سياسي، سماجي، ادبي ۽ سول سوسائٽيءَ جي سڄاڻ فردن
۽ نمائندن طرفان کين ”فخرِ سنڌ“ جو خطاب مليو آهي.
هن خطاب جو اعلان، 24- آڪٽوبر 2014ع تي سنڌ
يونيورسٽي سوسائٽيءَ ۾ ”سنڌو منزل“ تي 100 هين
سالگرهه جي جشن ملهائڻ واري تقريب ۾ ٿيو، جنهن ۾
سائين جوئي صاحب جي موجودگيءَ ۾ جناب جي.ايم.سيد
جو فرزند امير حيدر شاهه، انجنيئر غلام عباس
لغاري، رسول بخش پليجو، سيد جلال محمود شاهه، صد
ساله جشن ڪرائيندڙ ڪميٽيءَ جو چيئرمين، مظهرالحق
صديقي، سيڪريٽري پروفيسر سليم ميمڻ، ڪميٽيءَ جي
ميمبرن ۾ مدد علي سنڌي، شوڪت شورو، امر سنڌو، سهيل
اديب بچاڻي (ڊي.سي ڄام شورو) مير مولا بخش لغاري،
ذوالفقار هاليپوٽو، تاج جويو، سميت حفيظ قريشي،
علي آڪاش، محسن جويو ۽ ٻيا حاضر هئا.
13- آگسٽ 2014ع کان 13- آگسٽ 2015ع تائين سڄي سال
کي سائين محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪري
ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو چيئرمن سنڌ
يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسيلر جناب مظهرالحق
صديقي آهي ۽ سيڪريٽري پروفيسر سليم ميمڻ آهي، هن
ڪميٽيءَ طرفان سائين جو يو صاحب جي سمورين لکڻي کي
هڪ هنڌ گڏ ڪري ’ڪليات ابراهيم‘ ڇپائڻ جو اهتمام
ڪيو پيو وڃي.
۽ ساڳئي وقت ڪراچيءَ ۾ به سالگره جشن شريف منعقد
ڪئي ويئي، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن جناب
مخدوم جميل الزمان طرفان سائين جويو صاحب جن کي
شيلڊ بورڊ جي سيڪريٽري مسٽر الهڏتي وگهيي پيش ڪئي.
اسان قنبر واسي وڏا خوشنصيب آهيون، جو ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو، جامي چانڊيو، ڀائو درمحمد ٻرڙو، علي آڪاش،
منظور ڇڄڙو، رياضت ٻرڙو ۽ ٻيا جوئي صاحب جي ويجهو
رهيا آهيون، اسان کي هر وقت ۽ هرهنڌ کانئن رهنمائي
۽ پيار مليو آهي، اسان جيڪي به علم، ادب، شعور ۽
عمل ۾ آهيون، ان ۾ سائين جوئي صاحب سان گڏ اسان جي
اڪثر دوستن کي سائين رسول بخش پليجي صاحب جي به
فڪري رهبري ۽ رهنمائي نصيب ٿي آهي. جويو صاحب،
سڄيءَ سنڌ جي روشن خيال دوستن جي رهنمائي ڪندڙ رهي
آهي، ان سان گڏوگڏ خصوصاً اسان قنبر وارن جو پڻ
فڪري رهبر ۽ محسن آهي، اِن ڳالهه تي اسان کي فخر
آهي.
جوئي صاحب جي ڪتبخانن سان وڏي دل لڳي ٿي، گهر ۾
سندن ڪمرو، ڪمرو نه، بلڪ لائبريري لڳندو آهي،
بستري تي ڪتاب، ٽيبل تي ڪتاب، ڪرسين تي ڪتاب،
هرهنڌ ڪتاب ئي ڪتاب ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ پيل هوندا
آهن، پاڻ حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي لائبريري سنڌي ادبي
بورڊ کي ڊونيٽ ڪئي اٿن، اسان جي قنبر جي کاهوڙي
دوست ڀائو درمحمد ٻرڙي به پنهنجي شهر قنبر ۾ هڪ
مثالي پبلڪ لائبريري قائم ڪئي آهي، جا 2004ع کان
ڪم ڪري ٿي، 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت
کان پوءِ جي وڳوڙن ۾ اها متحرڪ پبلڪ لائبريري به
شرپسندن ساڙي ڇڏي، جوئي صاحب کي هن دکدائڪ واقعي
جو ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ اخبارن ۾ مذمتي بيان به
ڏنائين، ڇو ته لائبريريون شعور جي آبياري ڪندڙ
هونديون آهن، انهن کي هر حال ۾ زندهه رکڻ اسان جو
قومي فرض آهي، ڀائو درمحمد ٻرڙو زندهه دل ڪردار
هجڻ ڪري جوئي صاحب جي دل جي ويجهو رهندو آهي. ڀائو
درمحمد ٻرڙي وڏيون ڪوششون ڪري نئين لائبريريءَ جي
عمارت ٺهرائي، نئين سر هزارين ڪتاب جمع ڪري
لائبريريءَ کي ٻيهر زندهه ڪيو آهي. جوئي صاحب کي
ڀائوءَ جي انهيءَ عمل ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ڀائوءَ کي
چيائين ته: ”واقعي تون قنبر جي علمي، ادبي، سياسي
۽ سماجي نئين شعور جو مالهي ۽ باغبان آهين، تنظيم
ڪاريءَ ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال تنظيمن جو قنبر ۾
باني اڳواڻ آهين، ٻيهر بهترين لائبرري ٺاهڻ تي
توهان کي مبارڪون هجن ۽ وڌيڪ چيائينس ته: ”توهان
اسان جي علمي ڪڙم قبيلي ۽ ڪردار جا ذهين ۽ بهادر
تسلسل آهيو، اسان کي اوهان جهڙي ماڻهوءَ تي ناز
آهي. جڏهن به ساڻس ملڻ ويندا رهيا آهيون ته ڀائوءَ
سان بي انتها پيار سان ملي چوندا رهندا آهن ته:
”ادا ڏاڍي دير سان ٿا ملو، اوهان جي مون کي ڏاڍي
سِڪ لڳندي آهي، اوهان لطيف جي ٻوليءَ ۾ سنڌ ڌرتي ۽
سنڌي قوم جي لاءِ بيمثال کاهوڙي ۽ انقلابي انسان
آهيو، انڪري اوهان سان وري وري ملندي خوشي ٿيندي
آهي.“ پاڻ نون ڪتابن جي فنڊ طور 10 هزار روپين جو
چيڪ منهنجي ۽ محسن جوئي جي موجودگيءَ ۾ ڀائو
درمحمد ٻرڙي جي حوالي ڪيائون ۽ چيائونس ته:
”جيڪڏهن منهنجي ڪتبخاني ۾ ڪتاب جون هڪ کان وڌيڪ
ڪاپيون هونديون ته انهن مان هڪ ڪاپي به اوهان کي
ملندي.“ جويو صاحب، علم دوست ۽ ادب دوست ادارن ۽
فردن کي ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قنبر جي
مالي سهائتا لاءِ وقتاً بوقتاً اخبارن ۾ اپيل ڪندا
رهيو آهي. ڪتبخانن سان ايڏو عشق، ايڏي محبت، جوئي
صاحب کان وڌيڪ ٻي ڪنهن عالم ۽ اسڪالر ۾ مون نه ڏٺي
آهي.
محنت جو قدر ڪرڻ ۽ لکندڙ کي همٿ ڏيارڻ جوئي صاحب
جي وڏين خوبين مان هڪ وڏي خوبي آهي. هڪ ڀيري مان ۽
ڀائو درمحمد ٻرڙو ساڻن ملڻ وياسين، پاڻ ڏاڍي
گرمجوشيءَ سان ڳراٽڙي پائي مليا، سندن ٽيبل تي
منهنجو ايڊٽ ڪيل ٽماهي”مهراڻ“
رسالو شمارو 4/2011ع رکيل هو، جو تازو پڙهيو
هئائون، مون کي ڏسندي ٽڙي پيا ۽ وڏو ڀاڪر پائي
مبارڪ ڏيندي چيائون ته: ”هيءُ پرچو ائين ٿو لڳي ته
ڄڻ مون ايڊٽ ڪيو آهي، ڪهاڻين ۾ حفيظ قريشيءَ جي
ڪهاڻي ”پاتڻي“ کيس بيحد وڻي هئي، چيائين ته: حفيظ
ڪهاڻيڪار به ٺاهوڪو آهي، ڪهاڻيءَ جي فني لوازمات
مان به پورو واقفڪار آهي. ”مهراڻ“ جي انهيءَ پرچي
۾ منهنجو لکيل مهاڳ، جيڪو شيخ اياز تي لکيل هو،
بيحد پسند آيس. ٻولي، ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ ڏسندي،
چيائون: اها اوهان جي خوش نصيبي آهي جو اوهان
”مهراڻ“ جهڙي برک تاريخي رسالي جا ايڊيٽر آهيو،
هاڻي اوهان دلجمعيءَ سان ڪم ڪريو.“ مون ڳالهين
ڳالهين ۾ کين عرض ڪيو ته سائين اوهان وڏا وڏا
ادارا ٺاهيا آهن، ۽ هلايا آهن، پر ٽرانسليشن بيورو
وارو خواب اڃان ساڀيان نه ٿيو آهي. ٿڌو ساهه کڻي
چيائين ته: ”اهو منهنجو خواب آهي، ضرور ساڀيان
ماڻيندو، في الحال حالتون، حق ۾ نه آهن، منهنجي
دلي خواهش آهي ته اهڙو ادارو خود مختيار حيثيت ۾
قائم ڪجي، ان کي پنهنجي ڌار گرانٽ هجي، ۽ اُتي آءٌ
ادي علي آڪاش کي ڏسڻ چاهيان ٿو، هو ترجمي جي حوالي
سان وڏو نالو آهي، پر اڄڪلهه هو ترجمي ۽ شاعريءَ
کان ڪنارا ڪش ٿيندو پيو وڃي، اوهان جو دوست آهي،
هڪ ئي شهر جا آهيو، اوهان اُن کي چئو ته هو
شاعريءَ جي دنيا ۾ واپس اچي، هن مان مون کي شيخ
اياز جي شاعريءَ جي خوشبوءِ ايندي آهي. هيءُ يار،
شيخ اياز جو خال پورو ڪري سگهي ٿو، وڏين خوبين جو
مالڪ آهي.“
2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ هڪ ميٽنگ سڏائي هئي، جنهن
۾ جوئي صاحب به شرڪت ڪئي، ان ميٽنگ ۾ جوئي صاحب
بورڊ ۾ ايڊيٽنگ ائنڊ ٽرانسليشن بيورو قائم ڪرڻ جي
ڳالهه ڪئي ۽
علي آڪاش کان ان بيورو لاءِ خدمتون وٺڻ پئي
گهريون، پر اهو سلسلو هلي نه سگهيو ڇو ته ان کان
اڳ جامي چانڊئي کي به انهيءَ ڪم لاءِ بورڊ ۾ جويو
صاحب وٺي آيو هو پر ڪن ماڻهن جي سخت احتجاج ڪرڻ تي
جامي چانڊئي استعيفا ڏئي ڇڏي ۽ ٽرانسليشن بيورو جو
اهو ڪم هلي نه سگهيو.
جوئي صاحب ۾ وڏي ۾ وڏي خوبي سندس مستقل مزاجي ۽
پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ آهي، اسان وٽ اهڙا
مستقل مزاج ۽ ڪميٽيڊ ماڻهو تمام گهٽ پيدا ٿيا آهن،
جن سموري حياتي ڏکين حالتن ۽ تڪليفن کي مڙس ٿي،
منهن به ڏنو هُجي ۽ مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي ڪمن
۾ عملي طرح جنبيل به رهيا هجن. جوئي صاحب لاءِ
اسان بي ڌڙڪ اهو چئي سگهون ٿا، ته هن ماڻهوءَ تمام
ڪَٺِن حالتن ۾ به همٿ نه هاري ۽ پنهنجي فرضن کان
غافل به نه رهيو، پر پوري ايمان سان پنهنجي حصي
پتيءَ جو عمل، نهايت مستقل مزاجيءَ ۽ تندهيءَ سان
ڪندو رهيو آهي. 1946ع ۾ جڏهن هُو سنڌ مدرسي ۾
استاد مقرر هو، تڏهن سنڌ لاءِ خطرو ڏٺائين ته هن
انگريزيءَ ۾ 'Save
Sindh Save the continent' ڪتاب
لکيو، ڪتاب جي مهاڳ ۾ هن طرح لکيائين ته:
”... مون هنن، صفحن ۾، پنهنجن سنڌ واسي ڀائرن،
مسلمانن توڻي هندن جي سوچ ۽ مناسب عمل لاءِ، ڪي
نُڪتا، ڪي پنهنجا خيال ۽ ويچار، پيش ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. اڄ اسين، سنڌ واسي، اتهاس جي هڪ اهڙي ٻه
واٽي تي بيٺا آهيون، جتان اسين هڪ صديءَ جي ڊگهي
غلاميءَ واري اونداهيءَ رات منجهان، جند آجي ڪري،
آزاديءَ جي نئين باک کي ويجهو ٿينداسين، يا هڪ
ڀيرو ٻيهر، پنهنجي لاءِ، ڪيترين ئي پيڙهين تائين،
پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي بالادستي ۽ اقتصادي
غلامي قبول ڪري ويهنداسين. اڄ جي رٿيل پاڪستان
توڻي هندستان ۾، اسين پنجيتاليهه (45) لکن کان
وڌيڪ ماڻهو آهيون، رڳو اهو واعدو ڪيو پيو وڃي، ته
اسان مان هر ڪنهن فرد کي مڃيو ويندو، پر اسان جي
گڏيل ۽ هڪ وحدت ۾ سموهيل وجود کي بحيثيت هڪ قوم
قبولڻ جو واعدو نه ٿو ڪيو وڃي...
هن معاملي جو تت هيءُ آهي ته ٻنهين صورتن ۾، اسين
عددي اڪثريت هيٺ پوريءَ طرح لُٽيا ۽ لتاڙيا
وينداسين. حالتون اهو ئي اشارو ڪري رهيون آهن، ته
اسان جي مڙني اقتصادي وسيلن ۽ اسان جي حڪومتي نظام
جي سڀني جاين تي، ڌارين جي هڪ هٽي قائم ٿي
ويندي... ڇا اسين پنهنجن ماڻهن جي فلاح بهبود ۽
پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي حق جي، هن طرح زور
زبردستيءَ ۽ هڪ پاسائين نموني، ڦرجڻ کي ماٺ ميٺ ۾
قبولي ويهي رهون؟ يا اسان کي باخبر ٿي، اٿي بيهڻ
کپي ۽ هڪ قوم طور پنهنجيءَ انفراديت کي مڃائڻ کپي
۽ پنهنجيءَ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کي موٽائي
پنهنجي هٿ وس ڪرڻ کپي، جيڪا هڪ صدي اڳ، اسان
انگريزن هٿان وڃائي هئي.“
هن ڪتاب ۽ مهاڳ جي ڇپجڻ کان پوءِ، 1947ع ۾ تڏهوڪي
سنڌ جي تعليم واري وزير پير الاهي بخش جيڪو سنڌ
مدرسو بورڊ جو صدر به هو، پنهنجي ”وڏن“ جي
فرمانبرداري ڪندي جوئي صاحب جي نوڪري ختم ڪري ڇڏي،
پر اُهو جوئي صاحب جو حوصلو ئي هو، جنهن نوڪري ته
قربان ڪئي، پر پنهنجي ضمير جو سودو نه ڪيو ۽ نه
وري اندر جي آواز کي قيد ڪيو، پر مستقل مزاجيءَ ۽
پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان ڪيل قول تي اٽل ۽
ڪميٽيڊ رهيو. جوئي صاحب جي جاءِ تي جيڪڏهن ٻيو ڪو
هجي ها، ته نوڪريءَ بچائڻ خاطر هڪدم معافي نامو
لکي، وڃي وزير موصوف جي آڏو جُهڪي ها، پر اها جوئي
صاحب جي دل، گُردو ۽ قومي غيرت هئي، جنهن سرڪاري
نوڪريءَ کي لت هڻي، بکيو رهڻ کي قبوليو، پر اصولن
جي خلاف ورزي نه ڪئي.
اسان مٿئين مهاڳ جي تناظر ۾ سنڌ جي اڄوڪي مجموعي
صورتحال تي نظر ڊوڙايون ٿا ته اڄ جيڪا صورتحال
اسان جي سامهون اچي بيهي ٿي، اها 68 سال گذرڻ کان
پوءِ سورنهن آنا سچ ثابت ٿي آهي، مان وڌيڪ بحث ۾
نه ٿو وڃڻ چاهيان، ڇو ته جوئي صاحب جي ان پيش
گوئيءَ مان مان ڦٽندڙ سوالن جا جواب، هر ڪنهن وٽ
موجود آهن.
جوئي صاحب جي لفظن ۾:
”جيجل سنڌ اڄ رت روئي رهي آهي، سنڌ آزاد قوم جي
حيثيت سان پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي، کيس اقليت جو
درجو ڏيئي تابع بنايو ويو آهي، وقت گذرڻ سان سندس
زخم گهرا ٿي رهيا آهن، جيڪي وقت سان اڻ ڀرجندڙ
ناسور ثابت ٿي سگهن ٿا. صوفي درويش ۽ شاعرن جي
هيءَ سرزمين، امن، شانتيءَ جو هيءُ ديس، تهذيب جو
گهوارو، سندس تمام ڊگهيءَ ۽ روشن تاريخ ۾ اهڙو
اذيتناڪ دور هن ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو، جن خطرن کي
هوءَ اڄ مُنهن ڏئي رهي آهي… هڪ منظم سازش ذريعي
سنڌ کان ان جا قيمتي اثاثا، ٻيٽ، ڳوٺ، بندرگاهه،
فطري ۽ قدرتي وسيلا ڦُريا پيا وڃن، جنهن جي نتيجي
۾ سنڌين کي سختيءَ ۽ مشڪلاتن ۾ زندگي گذارڻ تي
مجبور ڪيو ويو آهي… استحصال بدانتظامي، رشوت خوري،
اقربا پروري، ڌارين لوڌن جون ڪاهون، سياسي ناجائز
سلوڪ، موقعي پرستي، لاقانونيت، قبيلائي جهيڙا،
سياسي ۽ اقتصادي حقن کان انڪار، بيروزگاري، وسيلن
۽ ترقيءَ جي کوٽ، غربت، ڌرتيءَ جا اصل وارث پنهنجي
سڃاڻپ جي تصديق سندن ئي ڌرتيءَ تي آيل ڌارين هٿان
مڃائڻ تي مجبور آهن.“ (سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي، ص
23)
ڪراچيءَ ۾ ڀتا خورن ۽ دهشتگرن سنڌ ۽ ڪراچيءَ جي
وارثن سنڌين جو ڪراچيءَ ۾ جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو
آهي، تازو 16- نومبر تي هڪ خانگي ٽي.وي چئنل تي هڪ
پريس ڪانفرنس نشر ٿي، جنهن ۾ ڪراچي واٽر اينڊ
سيوريج بورڊ جي سنڌي ملازمن پريس ڪلب ڪراچيءَ ۾
پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته: ”اسان جو ڪراچيءَ جي
ڀتاخورن ۽ دهشتگردن جيئڻ ئي حرام ڪري ڇڏيو آهي،
دهشتگردَ اسان تي سخت جسماني ۽ نفسياتي تشدد ڪري
چون ٿا ته: ’ڪراچي ۽ واٽر بورڊ جي نوڪري ڇڏي هليا
وڃو، ڪراچي اسان جي آهي ۽ ڪراچيءَ جي سمورن ادارن
۾ اسان ڪم ڪنداسين.‘ انهيءَ خانگي ٽي.وي چئنل انهن
سنڌي ملازمن جا چهرا به ڏيکاريا، جن تي تشدد جا
نشان واضح نظر اچي رهيا هئا. جوئي صاحب ان واقعي
بعد فوري طور تي سخت مذمتي بيان جاري ڪندي سنڌ
سرڪار کان انهن خلاف جلد نوٽيس ۽ ايڪشن وٺڻ جي
گُهر ڪئي.
سنڌ ۾ حڪومت ڊگهي عرصي کان هڪ پارٽيءَ جي آهي ۽
انهيءَ پارٽيءَ کي سنڌي ماڻهو ڊگهي عرصي کان ووٽ
ڏيندا حڪومتي ايوانن ۾ ويهاريندا رهيا آهن، پر
بدقسمتيءَ سان انهيءَ پارٽيءَ پنهنجي محسن سنڌين
کي سواءِ مايوسيءَ جي ڪجهه به نه ڏنو آهي. سنڌ ۽
ڪراچيءَ جي اصل وارثن کي طاقت ڏيڻ بجاءِ ڪراچيءَ
جي ڀتاخورن ۽ ٻاهران آيل دهشتگردن کي طاقتون ڏيئي،
مچائي مواڙ ڪندي رهي آهي، ڪراچيءَ ۽ سنڌ تي ڌارين،
غاصبن جي حقِ حاڪميت کي مضبوط ڪندي رهي آهي ۽ سنڌي
ماڻهن سان اهڙن ظلمن، ناانصافين ۽ جُٺين تي ڪو
مؤثر ايڪشن وٺڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ڄڻ ڪراچيءَ ۾
سنڌي ماڻهن سان ڪجهه ٿي ئي نه پيو. حالت اِها وڃي
بيٺي آهي جو سنڌ جون مشهور پيراڻيون گاديون به
پنهنجو ماضي وساري، ڌارين ڀتاخور دهشتگردن آڏو ڪنڌ
جُهڪائي، پنهنجي ڌرتيءَ تي انهن جي وارثيءَ جو اڻ
سڌيءَ طرح حق مڃي رهيون آهن ۽ ڪراچيءَ مان سنڌي
ماڻهن کي هڪالي سندن جيجل سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي ويون آهن!
رب پاڪ شال، انهن سڀني سنڌ دشمنن سازشي قوتن جا
ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ۽ جيجل سنڌ، پنهنجي
غيرتمند ۽ حقيقي اولاد سميت خوشحال ۽ محفوظ رهي،
آمين.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
اڪبر سومرو
مائو مجنون هم سبق، بوديم در ديوانِ عشق،
اوُ به صحرا رفت و مادر، ڪُوچه هَا رُسوا شدم!
(امان، مون کي ڪا خبر ڪانهي ته منهنجو هم، ڪلاسي
مَجنون، جيڪو عشق جي درياء ۾ غلطان هو؛ اسان ٻنهي
مان ڪير ڪشادي رِڻ پٽ ڏانهن نِڪري ويو ۽ وري ڪير
سوڙهين ڳلين ۾ ڀٽڪندو رهيو!؟)
حقيقت هيءَ آهي ته، مان نهايت ئي گهٽ علم ۽ فهم
وارو ماڻهو آهيان، زمانن ۽ زمينن بابت ته ٺهيو، پر
مان پاڻيءَ جي قطري ۽ مِٽيءَ جي ذري (Particle)
کي سمجهڻ جو علم به ڪونه ٿو رکان، ان ڪري مون کي
خبر ڪانهي ته رڻ ۾ ٺريل رات مٿان چنڊ چوپڙُ ڪڍي
بيهندو آهي ۽ ان جو چهرو وڻندڙ لڳندو آهي يا ڀرسان
سُتل ان ڇوڪريءَ جي پَاتل ڳَهَن جي ٿڌڪار ۽ کَنڪ!
رڻ جي وارياسي ۾ رُڃ جو جسم وڻندڙ آهي يا پاڻيءَ
جو اهو ٻوڪو، جيڪو منزل هئڻ بعد ڪنڊا ڀريل ۽ سُڪي
ٺوٺ ٿي ويل نِڙيءَ بعد کوهه مان ڇڪي ڪڍبو آهي! مون
کي اها خبر ڪانهي ته ڇَال هڻندڙ هرڻي جي اکين جي
سونهن وڻندڙ هُوندي آهي يا ٽانڊن تي پَڪل ان جي
گوشت جي خوشبوءِ؟
مون کي اڄ تائين اها به خبر ڪانهي ته امن ۽ انقلاب
۾ ڪهڙو فرق آهي ۽ هِنسا خوبصورت آهي يا اَهنسَا!؟
اُبتڙن جي ميلاپ (جدلياتي ماديت) وارن قاعدن ۽
قانونن پٽاندر هلندڙ دنيا ۾ آخر سچ ڪهڙو آهي ۽
ڪُوڙ ڪهڙو!؟
ڪجهه سال پهريائين نينترا سهگل جڏهن
نيو گلوبلائيزيشن ۽ جديد ڪالونائيزيشن بابت
ڳالهائي رهي هئي ته وي. ايس ناياپال رڙيون
ڪري ان کي ڇو چُپ ڪرائي ڇڏيو هو. (ڇا هو کيس
انگريزن طرفان عَطا ڪيل ”سر“ جي خطاب جو بچاءُ ڪري
رهيو هو؟... مون کي ڪا خبر ڪانهي!)
مون کي اهو به پتو نه پئجي سگهيو آهي ته ارن ڌتي
راءِ G/8 جي
ملڪن کي ڇو پئي نندي؟ جيڪي سڀ جمهوريت جا علمبردار
آهن.
گذريل صديءَ ۾ طاقتور ملڪن هڪ ئي قوم کي ٻه اڌ
ڪندي ٻه جرمنيون ڇو ٺاهيون؟ ديوار برلن جو بنياد
ڇو رکيو؟ ماڻهو پوءِ لِڪي لِڪي اها ڀت ڇو ٽپندا
هئا ۽ گولين جو بک ٿيندا هُئا، پوءِ ان ديوار جي
پَورن ۾ گل ڇو رکيائون؟ ميڻ بتيون ڇو ٻاريائون، ڀت
تي سلوگن ڇو لکيائون، شعر ڇو لکيائون، ۽ بعد ۾ ان
ديوار کي ڇو ڊاهي پٽ ڪيائون، جڏهن ته ان کان به
وڏي ديوار چين ملڪ ۾ موجود هئي! ۽ ماڻهن جي، قومن
جي، مذهبن جي ۽ نظرين جي دلين ۾ اڻ ڏٺيون ديواريون
ڇو موجود آهن!؟
ماڻهوءَ جي اندرَ ۾ اَڻ ڏِٺئي جو رُومانسَ ۽ عشق
وڌيڪ مقدم ۽ پختو ٿئي ٿو، بنسبت ڏٺل ۽ واپرايل جي!
خدا سان ماڻهوءَ جو ازلي، ابدي عشق به ان ڪري
لازوال آهي.
اڄوڪو موقعو مون پنهنجي دلبر دوست ۽ ٻاجهاري
اُستاد، محترم محمد ابراهيم جويي تي لکڻ لاءِ ڪڍيو
آهي، بلڪِ ان کي عقيدت ۽ احترام جا گل (Floral
Tributes)
پيش ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي. سچ ته اهو آهي ته جويو
صاحب نه رڳو هڪڙو انسانُ پر تاريخ آهي، سڄي ساري
هڪ صديءَ جي تاريخ، ۽ نه رڳو هُو اها تاريخ آهي،
پر گڏوگڏ اسان سنڌين جو مائٽ، استاد رهبر، دوست ۽
هڪڙو شاهي ڪِتاب آهي، اهڙو ڪتاب ۽ اهڙي پوٿي، جنهن
جي هر ورق کي هيئين سان هنڊائجي ته لک لهجن!
هن اڪيلي شخص جو اسان سمورن ادبين، ادب دوستن، سنڌ
جي تعليم تاريخ ۽ جاگرافيءَ لاءِ ايترو وڏو قد بُت
آهي، ايترو ته گهڻو (Contribution)
آهي، جنهن جو ڪو ڇيهه ۽ اَرو- پروئي ڪونهي ۽ دراصل
حقيقت هيءَ آهي ته جويي صاحب جي خدمتن جو ذڪر فڪر
ڪرڻ لاءِ مون وٽ اُهي لفظ ۽ اها طاقت ئي ڪانهي،
جنهن سان هن جي شخصيت ۽ عظمت جو ذڪر ڪري سگهجي.
جويو صاحب مون هيڊيگر جيان
جيل جي چوٽيءَ تي ٺهيل ڪُٽيا ۾ ويٺل علم ۽ ڏات سان
ڀريل اهڙو شخص لڳندو آهي، جنهن جي ڪکائين
جهُوپڙيءَ جي پورن مَان هميشه علم جي روشن لاٽ جَا
دَوَا ۽ دُونهان نڪرندي نظر ايندا. هيءُ اهو آدرشي
شخص آهي، جنهن جو نه رڳو پيار ۽ پنهنجائپ پر
منهنجي حياتيءَ جي پوٿليءَ ۾ ٻڌل ثمر ۾ هن جون
صلاحون، مَشورا، دڙڪا ۽ تنبيهون به شامل آهن! ۽ هن
جا دڙڪا به منهنجي ان زادِ راهه جي هَڙَ ۾ خوبصورت
پوپَٽن جيان سَاهه کڻي رهيا آهن. هن جا ٽَهڪ به
منهنجي بگريءَ ۾ خوشبودار گلن جيان تازا دَم موجود
آهن. هن جون سمجهاڻيون منهنجي اڳتي وڌڻ لاءِ ادُم
۽ اُتساهه آهن.
‘O’ to be a butterfly, & fly near you!’
ڪئين سال اڳ جي زمانن جي ڳالهه آهي: جڏهن مان صرف
ڇهن سالن جو هئس ۽ پهرئين درجي ۾ پڙهندو هُئس ته
مون کي خبر نه هئي ته ان ڪلاس ۾ مان جيڪي نيرو ۽
ڳاڙهو پرائمر پڙهان ٿو، تنهن جي مَٿان جنهن محمد
ابراهيم جويو جو نالو لکيل آهي، هڪ ڏينهن اهو
ساڳيو شخص سندس صحافي ڪالونيءَ واري گهر ۾ هڪ
ڪتابن سان ڏٽيل ڪمري ۾ مون کي پنهنجي هَٿ سان
نارنگيون ڪٽي کارائيندو رهندو ۽ مون سان زمانن ۽
زمينن جي عشق ۽ انقلاب بابت ائين ڪچهري ڪندو، جيئن
محبوب پنهنجي عاشق کي سندس چوٽيءَ ۾ لڳل گل ڪڍي
پيش ڪري! انهن ڪچهرين ۾ هو پنهنجي علم ۽ ڏات جي
ورهاست ائين ڪندو هو، جيئن چوڏهينءَ جو چنڊ
روشنيءَ جو سحر پيدا ڪندو آهي!
جويي صاحب جي ڪمري تي مون سَال اڳ، هڪڙو خاڪو لکيو
هو، جنهن کي خان محمد پنهور صاحب پنهنجي رسالي
پارس ۾ ڇاپيو هو: جويي صاحب به ان کي گهڻو پسند
ڪيو هو. انهن ڏينهن ڪمري جي اولهه طرف کُلندڙ
دريءَ مان مون کي نظر ايندڙ انگلش روز ۽ رابيل جا
گل ڪنواريءَ جي مُرڪ ٽهڪن جهڙا ڀاسندا هُئا!
زماني جي ڪافي مصروفيتن جي ڪري اسان جي وچ ۾ يُگن
جيترا فاصلا اچي ويا. اسان جو اٿڻ، ويهڻ، مِلڻ
جُلڻ محدود ٿي ويو، پر ته به جويو صاحب ڄڻ منهنجي
سوچڻ ۽ عمل لاءِ سمنڊ جي وچ ۾ ڪو بيڪن هائوس، مان
پنهنجي خيالن جون راهون، رَستا ۽ دڳ معلوم ڪرڻ
لاءِ هن عظيم ۽ ڀلاري اُستاد جو قطب نما استعمال
ڪندو هئس.
جڏهن به مون لکڻ گهٽايو، جويي صاحب خوابن ۾، خيالن
۾ ۽ پوءِ ذاتي طرح پاڻ اچي منهنجي هٿ ۾ قلم ڏنو ۽
لکڻ لاءِ آڀاريو. اِيئن ئي جيئن هن شيخ اياز، غلام
رباني آگري صاحب، رسول بخش پليجي، جمال ابڙي، غلام
محمد گرامي، جمال رند، نجم عباسي، تنوير عباسي،
حفيظ شيخ ۽ ٻين گهڻن کي هٿن ۾ قلم ڏنا، رستو
ڏيکاريو ۽ رهنمائي ڪئي. مان به انهن خوش قسمت
ماڻهن مان هڪ هئس، جن کي جويي صاحب جهڙو اُستاد
ڪامل مليو.
ٿي سگهي ٿو ته اسان جي نئين نسل جا يونيورسٽين کان
فارغ ٿيندڙ جوان هن درويش صفت ماڻهوءَ جي نالي کان
به ائين واقف نه هجن جيئن اڪثر جوانن کي شاهه، سچل
۽ ساميءَ جي سڃاڻ ڪانهي، پر اها حقيقت پڌري پَٽ
آهي ته سنڌ جي ويهين ۽ ايڪويهين صديءَ ۾ جي
خدانخواسته محمد ابراهيم جويو نه هجي ها ته سنڌ جي
صورت به اِيئن نه هجي ها! هيءُ اڪيلو ماڻهو سنڌ جي
سياست، ادب، بلڪ ادبي ۽ سياسي تاريخ تي ڦهليل آهي،
جيئن سنڌ جي لطيف کان سواءِ سنڌ جو ذڪر ممڪن
ڪونهي، تيئن سنڌ جي جديد تاريخ ۽ ادب کي مضبوطي ۽
نظرياتي اوڄ جويي صاحب ئي ڏني آهي. چون ٿا ته جويي
صاحب، ذوالفقار علي ڀٽي جي 1971ع ۾ هن ملڪ (جنهن
جو هڪ ڪناري هماليه کان ’رگويد‘ ۾ ذڪر ڪيل سنڌو
ماتا نڪري ٿو ۽ ٻئي ڪناري تي ختم ٿئي ٿو.) مٿان
حاڪميت بعد پنهنجي خوشيءَ جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو
هو ته: ’اڄ مان حقيقي طرح خوش آهيان جو راجا ڏاهر
بعد هن ملڪ تي وري هڪڙو سنڌي حاڪم بڻيو آهي‘ جنهن
جو بنياد چچ بن سلائج رکيو هو.
هڪ لحاظ کان اهو واقعي به خوشيءَ جو مَقام هو،
حقيقي خوشيءَ جو موقعو، جڏهن پنجاب جو سنڌ دشمن ۽
ڪاڻو راجا رنجيت سنگهه سنڌ جي سرحدن کي سمنڊ تائين
هٿ ڪرڻ جي خواهش رکي سگهيو ٿي (جيڪا سندس مرڻ
تائين پوري نه ٿي سگهي) ته پوءِ ڪو سنڌي ان موقعي
تي ڇو نه خوش ٿئي جڏهن چچ واريءَ سنڌ تي ڪو سنڌي
حڪمران بڻجي؟ جنهن جون سرحدون ڪشمير کان ڪراچيءَ
تائين هيون.
مون کي اها خبر ڪانهي ته ماڻهو خواب ڇو لهندا آهن
۽ مون کي اهو به پتو ڪونهي ته جويو صاحب سالن کان
اهو سڀ ڪجهه ڇو پيو ڪري؟
مون پنهنجي تجربي ۾ پهريون اهڙو پوڙهو ماڻهو ڏٺو
آهي، جيڪو مُنهن ۾ گهنج وجهي نهارڻ بجاءِ ٻين
ڏانهن کِلي نهاري ٿو: مون کي ياد آهي ته ڪجهه
مَهينا اڳ جڏهن ساڻس مِلڻ ويو هُئس ته هن چيو: ’ٻه
منٽ ترسو‘. هو واش روم ۾ ويو ۽ پنهنجو Artificial
Crown هڻي
آيو. سندس چوڻ هو: ’دوست سان ٽهڪ ته خوبصورت لڳن!‘
|