محمد ابراهيم جويو صاحب
سليم چنا
مان جڏهن پرئڪٽسنگ اسڪول فار ٽريننگ ڪاليج ۾
پرائمريءَ ۾ پڙهندو هوس، ته اسڪول ايندي يا موڪل
مهل گهر ويندي، سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي
گهر وٽان لنگهندو هئس. پاڻ تلڪ چاڙهي تي ڪيفي جبيس
ڀرسان ئي مٿي وڏي ماڙيءَ (بلڊنگ) ۾ رهندو هو، ۽
جڏهن منهنجي مٿس نظر پوندي هئي ته مان کيس ڏسي وڏو
فخر محسوس ڪندو هوس ڇو ته بابا سائين نجم الدين
چنا بئراج سپروائيزر، علم، ادب، تاريخ، جاگرافي،
سياست ۽ سماج جو گهرو مطالعو ڪندڙ هئا، ۽ اسان جي
گهر ۾ اخبارون، رسالا ۽ نوان ڇپجندڙ ڪتاب ايندا
رهندا هئا جيڪي بابا خريد ڪندو هو، تنهنڪري
پرائمري کان وٺي ئي سائين جويو صاحب بابت سندس
علمي، ادبي تعارف مون وٽ موجود هو. ٻيو ته سندس پٽ
منور علي جويو منهنجو اسڪولي دوست هو. ارشاد علي
انصاري، فياض علي شاهه، آفتاب احمد سومرو، عرفان
احمد ميمڻ، فراز احمد ميمڻ، اطهر جمال ابڙو، غلام
عباس خواجا پڻ محبوب جا ۽ منهنجا اسڪولي دوست هئا.
تن ڏينهن ۾ جويو صاحب اڪثر سفيد شلوار قميص ۾ نظر
ايندا هئا، ۽ جورابن سان پير ۾ ڪارو بوٽ يا سليپر
پاتل هوندو هئن. ايئن اڇن، اجرن ڪپڙن وارو هِيءُ
صحتمند کڙو تڙو شخص پنهنجين روشن اکين ۽ مرڪندڙ
چپن سان آهستگيءَ سان، شائستگيءَ سان، ڌيرج ۽
ميٺاج سان گفتگو ڪندي نظر ايندو هو.
پوءِ جيئن مان وڏو ٿيندو ويس ته کيس ڏسندو، پڙهندو
۽ ساڻس هڪ ننڍي ليکڪ طور ملندو رهيس، خاص طور تي
1970ع جي ڏهاڪي ۾ مرڪزي اردو بورڊ جي آفيس ۾ نياز
همايوني صاحب وٽ ٿيندڙ هفتيوار سنڌي ادبي سنگت شاخ
حيدرآباد جي گڏجاڻين ۾، جتي مان به پنهنجون نڪور
لکڻيون کڻي اچي پڙهندو هئس. پاڻ انتهائي شفيق ۽
ٻاجهاري طبعيت جا مالڪ آهن. انهن ڏينهن ۾ به سندن
ادبي راءِ، شاعري، ڪهاڻي، مضمون، سفرنامي يا شخصي
خاڪي (پروفائيل) تي انتهائي اهميت جوڳي هوندي هئي.
انهن گڏجاڻين ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، غلام محمد
گرامي، نياز همايوني، نجم عباسي، حميد سنڌي، امداد
حسيني، پروانو ڀٽي، طارق اشرف، غلام نبي مغل، قاضي
خادم، ظفر حسن، ولي رام ولڀ، شوڪت حسين شورو،
مشتاق احمد شورو، عبدالحق عالماڻي، نفيس احمد شيخ،
نعيم دريشاڻي، ثريا سوز ڏيپلائي، ثريا مخدوم، سحر
امداد، نذير ناز، مان (سليم چنا) ۽ ٻيا ليکڪ اچي
پنهنجون نڪور لکڻيون پڙهندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾
جويو صاحب جي سنڀال هيٺ منظور چيمبرز ۾ ئي مٿي هڪ
ڪمرو سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جي حوالي
سان هو، جتي به پاڻ باقاعده علمي، ادبي ڪم ڪندا
هئا ۽ آيل اديبن يا ادب دوستن سان گفتگو ڪندا هئا.
هڪ ڏينهن 1977ع تي مان پنهنجي نئين نڪور لکيل وائي
کڻي مٿي سندس ڪمري تي ويس. جتي ٻه ٽي ٻيا اديب به
موجود هئا. مون سلام ڪري کين عرض ڪيو ته سائين هيٺ
نياز همايوني صاحب پنهنجي آفيس ۾ موجود نه آهي.
هفتيوار ادبي گڏجاڻي ۾ اڃا ڪي ڏينهن پيا آهن.
توهان مهرباني ڪري منهنجي هيءَ نئين لکيل وائي
ٻڌو. پاڻ يڪدم خوش ٿي چيائين ها بابا ها ضرور
ٻڌايو! پوءِ مون کين پنهنجي وائي پڙهي ٻڌائي هئي:
گيت بڻيا چانڊاڻ،
پرهه ڦٽي وئي هاڻ آ،
قهر نه قيدين ساڻ،
پرهه ڦٽي وئي هاڻ آ،
مڃبي هاڻ نه آڻ
پرهه ڦٽي وئي هاڻ آ،
رات کُٽي ڪاراڻ،
پرهه ڦٽي وئي هاڻ آ،
ڌرتي ڌڻين ساڻ،
پرهه ڦٽي وئي هاڻ آ.
جيڪا ٻڌي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ مون کي چيائون، توهان
بلڪل سچ لکيو آهي. ڏاڍو سٺو لکيو آهي. توهان هڪ
تاريڪ دؤر جي پڄاڻيءَ تي لکيو آهي، جنهن تي مان
ڏاڍو خوش ٿيو هئس ۽ سندس ٿورا مڃيا هئم.
سائين جويو صاحب پوءِ اهو ڪمرو انهيءَ ڪري اسرار
شام کي ڏنو ته هُن ٻاراڻي ادب تي ڀرپور ڪم ڪرڻ
لاءِ رسالو ڪڍڻ شروع ڪيو هو. اِهو ڪمرو وفات تائين
اسرارَ شام وٽ ئي رهيو. جنهن ۾ هو آخر تائين
ٻاراڻي ادب لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
جيئن ته منهنجو گهر بلاول چاڙهي (هاڻي ريشم گليءَ
جو بڻجي ويل حصو) تي هو. روڊ ڪراس ڪرڻ کان پوءِ
کوکر پاڙو، فريد محلو شروع ٿئي ٿيو، جتي ننڍي
لاڪؤن منهنجي راند روند، دوستن سان دوستي، مسجد
حاجي غلام محمد ۾ نمازون پڙهڻ ۽ منهنجي قرآن شريف
جي تعليم به مسجد سان گڏ گهر ۾ چاچا محمد اسحاق جي
گهر واري چاچي آمنت وٽ ٿي هئي. اِن ئي گهر ۾ چاچا
محمد عمر به رهندو هو ۽ جمعي تي مسجد ۾ خطبو
پڙهندو هو. هِن جو وڏو ڀاءُ مولوي محمد صديق ندوي
نوحاڻي بلوچ هاڪاري حڪيم، ناميارو عالم، خطيب ۽
صحافي هو.
منهنجي قرآن شريف پڙهڻ دؤران چاچا اسحاق، چاچا عمر
۽ پروفيسر سيف الله بلوچ، منهنجي ڪا هِجَي، زير
زبر پيش يا تلفظ جي غلطي ٻڌي درستي به ڪرائيندا
هئا. اِهي ٽئين روز، پاڻ ۾ اِتي ئي گهر جي وڏي
آڳنڌ ۾ ڪچهري ڪندا هئا ۽ ريڊيو تان خبرون يا ٻيا
پروگرام ٻڌندا هئا. سو ڳالهه پئي ڪيم ته جويو صاحب
اُن ئي پاڙي ۾ سهڻي پريس تي طارق اشرف وٽ ايندا
هئا ۽ پٺيان ٻي وڏي گهٽيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
وٽ به ويندا هئا. غلام نبي مغل به بلڪل ڀرسان ئي
رهندو هو. جويو صاحب اسان جي پاڙي ۾ اڳتي قدم
رسالي جي ايڊيٽر، شاگرد ليڊر، شاعر سانگي يعني مدد
علي سنڌيءَ سان به ملندا هئا. شمس چيمبرز ۾ رهندڙ
ولي رام ولڀ وٽ ويندا هئا. تنهنڪري انهيءَ وقت ۾
کيس ڏسڻ جو ۽ سلام دعا ڪرڻ جو ڪيترائي ڀيرا موقعو
مليو.
سال 1990ع کان پاڻ اڪثر گاڏي کاتي ۾ ڪڏهن عوامي
هائوس تي ڪڏهن عوامي بڪ اسٽال تي ڪڏهن شاهه لطيف
ڪتاب گهر تي، ڪڏهن ڀٽائي بڪ اسٽال تي، ان کان ڪجهه
سال اڳ ادبيات تلڪ چاڙهي تي، سلطان هوٽل ٻاهران
سليمان برادرس وارن جي بڪ اسٽال تي، ۽ هوٽل جي
اوڀر پاسي واري فٽ پاٿ واري اسٽال تي نون آيل
ڪتابن کي ڏسندي يا خريد ڪندي نظر ايندا هئا. ڪڏهن
ته سندن ڪچهريون ڪراچي هوٽل تي اديبن سان ملهايل
هونديون هُيون، ته ڪڏهن ايني بسنت هال ۾ جشن روح
رهاڻ جي ساليانن فنڪشنس ۾، ڪڏهن رٽز هوٽل ۾ پير
حسام الدين راشدي سان ته ڪڏهن شيخ اياز سان ته
ڪڏهن هوٽل اورينٽ ۾ ٿيندڙ ادبي محفلن جا مور بڻيل
ٿي نظر ايندا هئا.
سڄي عمر ڀرپور انداز سان زندگيءَ جي علمي ادبي،
انقلابي، آدرشي، جديد لاڙن سان زندگي گذاريندڙ هِن
عظيم ڏاهي ايترا ته ڪارائتا ڪم ڪيا آهن. جو اسان
اهي مڪمل ڳڻائي به نٿا سگهون. هڪ اسڪول، هڪ ڪاليج
هڪ يونيورسٽي بڻيل، هڪ صديءَ جو هيءُ مدبر، مفڪر،
سائين جويو صاحب جڏهن سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ کي
سنڀاليو ته ان ۾ شيخ اياز فائونڊيشن به کولي، ۽
مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام ڪرايا، اُتي به
ساڻس ملڻ جا ۽ کيس ٻڌڻ جا ڪيترائي موقعا مليا.
اسان اديبن پوءِ سندس اجازت سان سنڌي ادبي سنگت
شاخ حيدرآباد جون هفتيوار گڏجاڻيون اُتي ڪرڻ شروع
ڪيون. جنهن جو نتيجو تمام سٺو نڪتو. پاڻ به
باقاعده اسان جي گڏجاڻين ۾ اچي شريڪ ٿيندا هئا ۽
پنهنجي ڏات، ڏانءَ ۽ ڏاهپ سان علمي، ادبي، اصلاحي
۽ تنقيدي ڄاڻ مان فيضياب ڪندا هئا. خوش قسمتيءَ
سان انهن سالن ۾ ٻه دفعا مان شاخ جو سيڪريٽري ٿي
رهيس ۽ ڪيترائي ڀيرا ٻين عهدن تي رهيس. مون هميشه
کين اڄ ڏينهن سوڌو انتهائي مهربان، همدرد ۽ انسان
دوست جي روپ ۾ ڏٺو آهي.
پاڻ حيدرآباد ۾ 1990ع وارن وڳوڙن کان پوءِ سياسي ۽
سماجي تقريبات ۾ پنهنجي سوچ، لوچ ۽ پيغام سان حصو
وٺندي نظر ايندا هئا ته اياز لطيف پليجو ۽ سندس
دوستن پاران ٺاهيل تنظيم ”سرڪ“
جي ميوزيڪل پروگرامن ۾ به وڏي چاهه ۽ شوق سان شريڪ
ٿي راڳ ۽ موسيقي ۽ سُريلي آواز تي فنڪارن کي داد
ڏيندا هئا. ڇو ته پاڻ سُر راڳ، لئي ۽ رڌم جا سٺا
ڄاڻو آهن.
جويو صاحب سنڌ جا ناميارا ايڊيٽر پنچوئيشن جا ماهر
۽ سٺا پروف ريڊر آهن ته گرامر، لغت، ٻولي، لهجن،
پهاڪن، چوڻين جا به ماهر آهن. شاهه لطيفرحه جي
بيتن جا اعليٰ پارکو، بهترين ترجمه نگار، نثرنگار،
مضمون نويس، استاد مقرر ۽ منتظم رهيا آهن. کين
سائين جي.ايم.سيد جي طويل قربت نصيب ٿي، رسول بخش
پليجي سان تمام گهڻي ويجهڙائپ ۽ شيخ اياز سان ڊگهي
دِلي ۽ دماغي قربت واري دوستي به رهي، جيڪا پوءِ
مِٽي مائٽي (رشتيداري) ۾ بدلجي وئي.
جويي صاحب انجمن ترقي پسند منصفين کان وٺي ترقي
پسند، سوشلسٽ، ڪميونسٽ ۽ هاري تحريڪن جي سرواڻن
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري،
سوڀوگيانچنداڻي،
ڄام ساقي، نظير عباسي، امداد قاضي، جامي چانڊيي
کان وٺي عاصم آخوند تائين جو نظرياتي، مزاحمتي ۽
انقلابي سوچن وارو ساٿي ۽ دوست ٿي رهيو ته فلم،
موسيقي، راڳ ناچ ۽ سماجي ڪلچر جي ڄاڻو اديب رئيس
ڪريم بخش نظاماڻيءَ سان به سندن ميل ملاقاتن وارو
سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته علامه غلام مصطفيٰ
قاسمي، شيخ علي محمد صحافي، ظهور احمد انصاري
(صحافي)، ڊاڪٽر غلام علي اَلانا ۽ گل ڪونڌر سندن
پاڙيسري آهن. سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اڳوڻي وائيس
چانسلر سان گڏ ڪيترائي سال پاڻ سرونٽس آف سنڌ
سوسائٽيءَ ۾ ڪم ڪيائون. ڪو وقت هو حيدرآباد جي هير
جهڙين هوائن ۾ اديبن جي هڪ ٽمورتي مشهور هئي ۽
اُها هئي محمد ابراهيم جويو، ع.ق.شيخ ۽ مراد علي
مرزا جي.
سائين جويو صاحب ورهاڱي کان به اڳ سنڌ- سنڌي ٻولي،
۽ سنڌي ماڻهن جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي حيثيت
کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ لاءِ محنت ۽ محبت سان ڪم ڪندا
رهيا آهن، ون يونٽ خلاف هلندڙ زبردست هلچل ۾ به
سنڌي اديبن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن سان جويو صاحب
ڪلهوڪلهي سان ملائي هليو هو. الله تعاليٰ هِن
صديءَ جي سونهين، رهبر راهيءَ ۽ رهنما کي اڃا به
صحت ۽ سلامتي، عطا فرمائي، جيئن هو پنهنجو لمحو
لمحو انسان ذات جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ ارپي
سگهي. آمين ثم آمين
اڄ 2014-08-13 تي ساڍي 3 وڳي مولا بخش محبتي کي
وٺي، سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي خدمت ۾ حاضر
ٿيس. مون ۽ محبتي کيس وڏيءَ سِڪ، اُڪير، عزت ۽
احترام سان پيرن تي هٿ رکي، جنم ڏينهن کان هڪ
ڏينهن پهرئين ئي سالگرهه جي مبارڪ ڏني ڇو ته سڀاڻي
تي سندن سالگرهه جي وڏي اهم تقريب ڪراچيءَ ۾ ٿيڻي
هئي ۽ سائين کي اوڏانهن وڃڻو هئو. محسن جويو سان
ملي، اجازت وٺي، جڏهن سائين جي ڪمري ۾ داخل ٿياسين
ته سائين هميشه جيان اڇا ڪپڙا پايو هڪ سنڌي ڪتاب
جو مطالعو ڪري رهيو هو ۽ ٽي چار ٻيا تازا ڇپيل
سنڌي ڪتاب، سندس ڀرسان رکيل هئا. جن ۾ ”اسين
لوچيون لوهه ۾“ رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب به شامل هو.
سنڌي ٽوپي ڳاڙهي رنگ سان به سندس ڀَرَ ۾ پيل هئي.
اسان سائين سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. سائين اسان
جي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو. مون کين آچر 14-8-10 واري
ڪاوش دنيا جو مئگزين ڏيکاريو. جنهن جي ٽائيٽل تي
سندس وڏي تصوير سان گڏ هي هيڊنگس به لڳل هيون.
”جُزو وڃايو جوڳين، ڪُلَ سين آهين ڪَمُ“،
سنڌ جي ڏاهپ جو هڪ صديءَ جو سفر.
99 هين سالگرهه مبارڪ
پاڻ ٽائيٽل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. وري پنو اُٿلائي
ڏٺائون. سڀ کان پهرئين سحر گل جو مٿن لکيل مضمون
ڏٺائون ته ويتر سندن خوشي چهري تي ڦهلجي وئي ۽
پوءِ سڄو مئگزين ڏسي، محسن کي چيائون: ابا، هِي ته
هٿ ڪري رکجانءِ. محسن وراڻيو ها بابا سائين. ان
کان پوءِ مون کين ساڳي ئي ڏينهن تي آيل عوامي آواز
جو سنڊي مئگزين ڏيکاريو، جنهن تي پڻ جويو صاحب جي
تصوير هئي ۽ هي ڪيپشن لکيل هئا، خاص نمبر محمد
ابراهيم جويو هڪ رهنما روح 99 سالن کان سنڌ جي
سرزمين تي، نئين سنڌ جو اڏيندڙ محمد ابراهيم جويو،
سائين هن مئگزين جو ٽائٽل ڏسي ٽڙي پيو ۽ پوءِ ورق
ورايائين ته پهريون مضمون ڀيٽا طور سندن پراڻي
ساڃاهه وند ساٿي عبدالغفور الستيءَ جو هو. الستيءَ
جي فوٽو ۽ عنوان کي ڏسي ٻهڪندي، خوس ٿيندي چيائون،
عبدالغفور الستيءَ مون تي لکيو آهي. وري پنو ورائي
ڏسي چيائون، تاج جويي، مخمور بخاري، رکيل مورائي
به لکيو آهي. سندن ٿورا سندن وڙ جو مون کي ياد
ڪيو اٿن ۽ پوءِ پنو ورائي ڏٺائون ته سرويچ ساريو
جو مضمون ڏسي، اکيون چمڪائيندي، پنهنجي ڏوهٽي محسن
کي چيائيون، ابا هي مئگزين به هٿ ڪجانءِ. محسن
وراڻيو بابا توهان فڪر نه ڪريو سوڀ اخبار وارن به
مئگزين ۾ سٺو لکيو آهي، اهو به هٿ ڪندس. پوءِ جويو
صاحب مئگزين جا پنا ورائيندا ويا ۽ شمشيرالحيدريءَ
جو ڦوٽو ۽ اُن سان گڏ غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جي
مضمون جي هيڊنگ شمشير الحيدريءَ جو ناٽڪي پهلو ڏسي
چيائون- اسان جي دوست شمشير کي به ياد ڪيو اٿائون.
پوءِ مون کين هِن مضمون جا پهريان سوا 5 صفحا
ڏيکاريا. جيڪي مون يادگيريءَ جي بنياد تي لکيا
هئا. اهي ڏسي به ڏاڍو سرها ٿيا. پڇيائون هي ڪنهن
کي ڏيندؤ. مون وراڻيو ته ارادو ته مهراڻ نمبر وارن
کي ڏيڻ جو آهي. اڃا اوهان سان گهاريل گهڻيون ئي
يادگيريون رهيل آهن جيڪي هن مضمون ۾ لکندس. انشاءَ
الله تنهن تي پاڻ مرڪندا مون کي ڏسندا رهيا. مون
کين ڪجهه پراڻيون يادگيريون به ياد ڏياريون ته
چيائيون ته ڏاڍو سٺو، ڏاڍو سٺو، اوهان جي مهرباني
جو مون وٽ هلي آيا آهيو. مان موٽ ۾ توهان کي
دعائون ئي ڏئي سگهان ٿو. مون چيو سائين- اسان ۽
سڄي سنڌ به توهان کي سالگرهه مبارڪ سان گڏ صحت ۽
سلامتيءَ لاءِ دعائون ڏئي رهي آهي. تنهن تي پاڻ
چيائون. ”دعائون ڏيڻ عبادت آهي، خدا جي امت جي
خدمت به عبادت آهي، لکجي ٿو، پڙهجي ٿو، سوچجي ٿو،
سا به عبادت آهي، ماڻهن سان تعلق وڏي خوشي ۽ نصيب
جي ڳالهه آهي.“
”اوهان يا ٻيا جيڪي مون تي لکو پيا، آءٌ هِن عمر ۾
توهان کي دعائون ڏئي سگهان ٿو.“ ”هڪٻئي لاءِ خير
خواهي جو جذبو، دوستي، محبت، پيار جو جذبو قائم
رکڻو آهي. اِهو نيڪيءَ جو درجو آهي. دعائون به
عبادت جو جذبو آهي. هڪٻئي کي ياد ڪجي جيترو به ٿي
سگهي.“
جويو صاحب جي ڳالهائڻ مهل مان پني تي مٿين ڳالهيون
لکندو پئي ويس. پاڻ ڳالهائي ماٺ ڪيائون ته مون
سندن ٿورا مڃيندي هڪ ڀيرو ٻيهر کين سالگرهه جي
مبارڪ ڏئي، صحت ۽ سلامتيءَ لاءِ دعا ڪندي، سندن
پيرن تي هٿ رکيا. پوءِ محسن کي چيم ته اسان جو
يادگار فوٽو ڪڍ. محسن موبائل ڪئمرا آن ڪئي ته جويو
صاحب مون کي چيو اچو مون سان گڏ مٿي ٿي ويهو. اُن
وقت پلنگ تي مان سندن پيرن کان ويٺو هئس. پوءِ مٿن
کان اچي ويٺس ته پاڻ سندن ٽيڪ لاءِ رکيل ٻن وهاڻن
مان هڪ ڪڍي مون کي ڏيندي زور ڀري چيائون ته هاڻ
سؤلا ٿي ٽيڪ ڏئي وِهو. مون سندن هَٿُ پنهنجي هَٿَ
۾ پڪڙيو ۽ محسن اسان جا ٻه ٽي فوٽا ڪڍي ڇڏيا. پوءِ
محبتيءَ کي چيم ته هلي آءُ تون به سائين سان فوٽو
ڪڍراءِ، محبتي به پلنگ تي چڙهي سائين جي ڀرسان
ويهي فوٽا ڪڍايا.
موڪلائڻ مهل مون سائينءَ جي نرڙ ۽ مٿي کي ڇهي،
سندس هٿن کي پڪڙي سندن ٿورا مڃيا. کانئن دعا گهري
۽ کين دعا ڏني. پوءِ سندن ٻنهي پيرن تي هٿ رکي،
الله حافظ، خدا حافظ ۽ جيئي سنڌ چيو ته پاڻ به
يڪدم زور سان وراڻيائون، جيئي سنڌ. پوءِ محبتيءَ
به سائين کان موڪلايو. ان وقت مون هڪ صديءَ جي
مهان ماڻهوءَ جي ڪمري جي پاسن کان ڪٻٽن ۾ پيل
ڪتابن ڏانهن نهاريو. ٽيبل تي پيل ڪجهه ايڊوانس ۾
مليل جنم ڏڻ تي تحفن ۽ ايڊوانس ۾ آيل سالگرهه
مبارڪ جي ڪيڪ ۽ گلن جي گلدستي تي نظر وڌي ۽ پلنگ
تي نهاريم ته سفيد ڪانچ قميص ۾ اڇن اجرن خيالن،
مثبت سوچن ۽ علمي، فڪري، قومي ۽ انساني اعليٰ عملن
واري ڏاهي شخص ڏانهن ڏٺم، ته هو 99 سالن جي
مشڪندڙ، مرڪندڙ ۽ چمڪندڙ چهري سان اسان ٻنهي کي
الوداعي نظرن سان ڏسي رهيو هو ۽ مان سوچي رهيو
هوس، مان خوشنصيب آهيان جو اَڄ سنڌ جي نقشي جي اهم
نقش ۽ ڌرتيءَ جي اعليٰ اوصافن واري اشرف المخلوق
بزرگ کان موڪلائي وڃي رهيو آهيان، جنهن کي مان سال
1965ع کان وٺي ڏسندو، ٻڌندو، پڙهندو، سمجهندو ۽
ساڻن ملندو رهيو آهيان. مان ڪيڏو نه خوشنصيب
آهيان.
سائين محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ جي تهذيب حيات
نورمحمد شاهه
سائين محمد ابراهيم جويو، 13- آگسٽ 1915ع تي،
سيوهڻ تعلقي جي شهر لڪيءَ جي اوڀر ۾ درياءَ جي
ڪنڌيءَ سان ڳوٺ آباد ۾ يپدا ٿيو. گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ’آباد‘ ۾ چار درجا پڙهڻ کان پوءِ پنجون ۽
ڇهون درجو گورنمينٽ پرائمري اسڪول لڪي شاهه صدر ۾
پڙهيائون. کين 17- اپريل 1927ع تي، سَن جي اي.وي
اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ستون ڪلاس( سنڌي فائنل)
پڙهڻ بعد، ٽي درجا انگريزي پڙهيا. 1930ع ۾، سنڌ
مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويا، جتي چوٿون،
پنجون، ڇهون ۽ ستون درجو انگريزي پڙهي 1934ع ۾
ميٽرڪ پاس ڪيائون. ساڳئي سال، ڊي ـ جي سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائون، جتان 1938ع ۾ بي.اي جو
امتحان پاس ڪيائون. تعليم کان پوءِ پاڻ عملي
زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان استاد جي حيثيت ۾
ڪيائون، ساڳئي وقت اديب جي حيثيت ۾ لکڻ جي ابتدا
پڻ اُتان ئي ڪيائون. 1946ع ۾ ’Save
Sindh, Save the Continent‘ جي
نالي سان پنهنجون پهريون طبعزاد ڪتاب انگريزي زبان
۾ سنڌ مدرسي ۾ ئي لکيائون. ڪتاب شايع ٿيو ته سرڪار
ناراض ٿي سنڌ مدرسي مان سندن نوڪري ختم ڪري ڇڏي،
پر جويو صاحب سياست ۽ ادب جو محاذ عمر ڀر نه ڇڏيو
آهي. پاڻ ذاتي سک، فائدي توڙي سرڪاري عتاب يا
آفرين جي پرواهه ڪڏهن ڪونه رکي اٿن. اڌ صديءَ کان
وڌيڪ عمر سياست، ادب ۽ قومي ڪمن ۾ گذاري اٿن، ٽيهن
کان وڌيڪ ڪتاب ڇپيا اٿن ۽ ڪيئي ڪتاب، رسالا ايڊٽ
ڪيا اٿن. سنڌ جي استادن، اديبن ۽ سياستدانن جا
هردم ساٿي ۽ مددگار رهيا آهن، نوجوانن لاءِ محبت،
اتساهه ۽ رهنمائيءَ جو سرچشمو بڻيل آهن. ايڏي محنت
واري زندگيءَ سبب سنڌ ۾ هن وقت پنهنجي بزرگيءَ ۽
ڏاهپ جو وڏو مان رکن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
۾ ٻه ڀيرا سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪيائون ۽ بورڊ
جي چيئرمين جي حيثيت سان پڻ رهيا آهن. سنڌ جي
تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي انتظامي آفيسر طور
ذميواريون سنڀالي رٽائرڊ ٿيا. هميشه سنڌي ٻولي ۽
سماج جي ترقيءَ لاءِ ۽ ماڻهن جي سياسي ۽ انساني
حقن جي حاصلات خاطر ڪم ڪندا رهيا آهن.
سال 2004ع جي ڳالهه آهي، سيوهڻ ڪاليج جو ساليانو
مئگزين ’روشني‘ شايع ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هوس،
جويو صاحب کي وڃي عرض ڪيم ته ڪاليج مئگزين لاءِ
پنهنجو پيغام لکي ڏيو. پاڻ پيغام لکڻ لاءِ ته
آماده ڪونه ٿيا، پر منهنجي خواهش تي پنهنجو مضمون
’ٻه لفظ صلاح جا استاد لاءِ‘ شايع ڪرڻ جي اجازت
ڏنائو، ۽ چيائون ته تون نوٽ لکي مضمون شايع ڪري
ڇڏجان. مون ٻه نوٽ لکيا؛ هڪ مضمون بابت جيڪو مضمون
جي مُهڙ ۾ ڏنم ۽ ٻيو سائين جي زندگيءَ بابت جيڪو
مضمون جي آخر ۾ ڏنم. ڇپجڻ کان پهريان ڪمپوز صورت ۾
مضمون سائينءَ کي ڏيکارڻ لاءِ کڻي ويس، پر پاڻ اُن
وقت گهر موجود ڪونه هئا، مان سندن نوڪر کي لفافو
ڏئي موٽي آيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وٽن حاضر ٿيس،
چيائون ته مضمون ته الائي ڪٿي رکيو اٿم؟ مون چيو
سائين مان توهان کي ٻي ڪاپي ڏئي ويندس. چيائون ته
نه بس، تو ڏٺو آهي ڪافي آهي، پر هن مضمون جون آفسٽ
ڪاپيون ڪجهه وڌيڪ ڇپرائجان. اِها ڳالهه اُن وقت
مون کي سمجهه ۾ ڪانه آئي ته ڪو سائينءَ جو مقصد
آهي ته مضمون کي الڳ بڪليٽ جي صورت ۾ به شايع ڪرڻو
آهي. خير مئگزين شايع ٿيو، پاڻ منهنجي همت افزائي
ڪندي چيائون ته ڪاليجن جا مئگزين ائين شايع ٿيڻ
گهرجن. بعد ۾ ڪنهن موقعي تي پنهنجي شفقت جو اظهار
ڪندي چيائون ته، تو منهنجي مضمون تي نوٽ لکي اُن
جي اهميت وڌائي ڇڏي آهي. هيٺ اُهو نوٽ ڏيان ٿو۽
ٻيو نوٽ اڳ ۾ ئي مٿي ڏئي چڪو آهيان۔
”اجتماعي زندگيءَ جي خير ۽ خوشحاليءَ واري مقصد
لاءِ سچائيءَ، محبت ۽ بي لوثيءَ واري خدمت زندگيءَ
جو نصب العين بڻائي، اڻٿڪ محنت سان، عمر ڀر جستجو
۾ رهڻ، جنهن ڪنهن استاد، اديب يا سياستدان جي حاجت
نه آهي، پر اُها فطري توفيق ۽ شعوري سپردگي
منجهائن ڪن ٿورن وٽ ٿئي ٿي، جنهن جو آڌار عقيدو،
يا انساني اورانڀو ٿئي ٿو. عقيدي وارو آئيندي جي
پاند ۾ پاڇي ڇڏي، هتي جو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏي ٿو، پر
انساني اورانڀي وارو پاڻ وٽ ڪائي پاڇي نٿو ڇڏي.
هيءَ ته اُها معصوم پارسائي آهي جيڪا ڪوئي وهانءُ
نٿي ڪري .
ڌرتي ۽ اُن جي ماڻهن سان هي بنا ڪاڻ خاڪسار عشق،
جنهن جو احاطو فرد کان قوم تائين ۽ قوم کان فرد
تائين آهي، تنهن جي فڪر ۽ عمل جو ڪلاسيڪي نمونو،
سنڌ ۾ جيئن سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي تحرير
۽ زندگيءَ ۾ ملي ٿو، سو پنهنجو مثال پاڻ آهي. جديد
سنڌ جي هن ڏاهي پاران ’ٻه لفظ صلاح جا، استاد
لاءِ‘ استاد ۾ انساني اورانڀي کي اڀارين ٿا ۽ کيس
سنڌ جي اجتماعي ڀلائيءَ واري مقصد لاءِ خود
سپردگيءَ جي اپيل ڪن ٿا. مضمون ۾ زندگيءَ جي ٽن
بنيادي قدرن کي تصوري لاڳاپي بجاءِ ماڻهوءَ جي
پنهنجي عملي لاڳاپي ۽ ساڻس لاڳاپيل سماج جي تعلق
تحت 1. سلامتي ۽ عافيت جو، 2.آزادي ۽ 3. عزت جو
ڪارج، سمجهائي، استاد اڳيان سندس عمل ۽ قوم جي
ٻارن جي تعليم لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
جويو صاحب جو پيغام آهي ته: ”سڀني ڌنڌن ۽ خدمت
ڪاريءَ جي ڪمن ۾ تعليم هڪ ئي ڌنڌو، هڪ ئي ڪم آهي،
جيڪو هرگز ناڪام ٿيڻ نه کپي. جيڪو استاد چوائڻ جي
لائق آهي، تنهن کي حرص کان غير ذميداريءَ کان ۽ ڪم
جي نٽاءَ کان بچڻو آهي. کيس خود تنقيد، خود
شناسيءَ ۽ خود اصلاح جي راهه وٺي حرص، غير
ذميداريءَ ۽ ڪم جي نٽاءَ کان بچي، قناعت، خود
ضابطگي ۽ ڪم جي چاهه کي اپنائڻو آهي. استاد جنهن
جي من ۾ مسرت، تجسس ۽ معصوميت آهي، استاد جيڪو
ڪلاس ۾ پير رکڻ کان اڳ پوري ڄاڻ ۽ تياري رکي ٿو.
هڪ نيڪ طبع، خير پسند ۽ خير خواهه استاد جي حيثيت
۾ ان جي آڏو هڪ تمام سٺو ۽ ڏاڍو ڪارائتو جيون مارگ
موجود آهي.“
سال 1971ع ۾ جويو صاحب انسپيڪٽر آف اسڪولس خيرپور
ڊويزن مقرر ٿيا، تڏهن هيءُ مضمون انگريزيءَ ۾ لکي،
ڏهه هزار ڪاپيون ڇپرائي، اسڪولن ۾ موڪليون هئائون.
تنهن کان پوءِ ان جو هيءُ سنڌي ترجمو ڊسمبر 1983ع،
سيپٽمبر 1984ع جولاءِ 2001ع ۾ بار بار ڇپيو. سا
ڳالهه مضمون جي مقبوليت جي ثابتي آهي.“
سائين محمد ابراهيم جويي، سنڌ جي سياست ۽
ادب لاءِ هڪ اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو آهي، جتان
نوجوان ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن نئين جاڳرتا جي ڄاڻ ۽
سکيا حاصل ڪندا رهيا آهن. جويي صاحب جو پنهنجي
فڪر، ڪم ۽ ڪردار جي لحاظ کان هڪ منفرد مقام آهي،
سندن سياسي ۽ ادبي خدمتن جو ڪاٿو ۽ قدر تاريخ کي
ڪرڻو آهي. پاڻ پوري ڄمار پنهنجي سمورين صلاحيتن
ساڻ ادب، سياست ۽ صحافت جي ميدان تان پنهنجي ڪاز
جي محبت ۽ وفا ۾ سرسيتائيءَ سان سرگرم رهيا آهن.
سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي مقصد کي زندگيءَ جي
شعور جي تبديليءَ ذريعي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ آزادي ۽
ترقيءَ جي عالمي توسيعي قدرن جا امين رهيا آهن.
سنڌ جي صدين جي تهذيب ۽ ثقافت وارو گيڙو ويس ۾
سادو سونهارو انسان جيڪو آڪاش ۾ اکيون اٽڪايو ويٺو
آهي، تنهن کي اُتان اُٿاري ڌرتيءَ تي پيرن ڀر کڙو
ڪرڻ، کيس عقل جي سوني مُنڊي چيچ ۾ پارائڻ ۽
سرسيتائيءَ واري اُمنگ سان عقل جي راهه تي هلڻ جو
سعيو ڪرڻ وارو جويي صاحب جو ڪم، سنڌ ۾ پنهنجي
منفرد نوعيت جو آهي. اهڙي نئين انسان جو سنڌ ۾ اڃا
تائين جويو صاحب پاڻ ئي هڪ يگانو مثال آهي. انساني
عقل جي باڪمال اعتماد سان هرک جهڙو چِٽو جيئن جويو
صاحب آهي، تيئن سندس جيس سنڌ ۾ ٻيو ڪوئي نظر نٿو
اچي. جويو صاحب جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل جيڪي ڪتاب
آهن، جيئن: ’وحشي جيوت جا نشان‘، ’فڪر جي آزادي‘،
’فرانسيسي انقلاب‘، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘، ’علم تدريس
مظلومن لاءِ‘، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘ وغيره، ته
انهن ڪتابن جي رڳو نالن منجهان ئي سندن فڪر ۽ ڪم
جو مقصد نمايان آهي. سندن نثر ڏاڍو خوبصورت آهي،
هر لفظ، هر سٽ، هر پئراگراف خاص معني ۽ سٽاءَ ۾
مقصد سان لاڳاپيل هوندو آهي. گرامر جو بادشاهه،
اکرن جو عارف ۽ ماڻڪ آهي، سندس ٻوليءَ ۾ ڪمال جي
سلاست ۽ بلاغت آهي. ٻوليءَ جي اهڙي عرفان سبب کين
هڪ عظيم تصحيح گار ۽ معلم جي حيثيت حاصل آهي. سندن
املهه حياتيءَ جو وڏو وقت تصحيح جي اڻ لکي خدمت ۾
صرف ٿيو آهي. جي.ايم.سيد ۽ شيخ اياز کان ويندي هر
نئين لکندڙ جي تحرير تي وڏيءَ تڪليف ڀريءَ محنت
سان چار چار ڀيرا نظر ڪري، اُنجي تصحيح، سينگار ۽
سنوار جو وڏي هيج وارو اڻ لَکو، اڻ ڳڻيو ڪم سڄي
ڄمار پئي ڪيو اٿن. جويي صاحب جو پورهئي ۽ ڪم سان
عشق خود عشق بڻيل آهي. اهڙيءَ محبت ڀريءَ محنت سان
علم ۽ عقل جو هي موج ڀريو مهراڻ زندگيءَ جي حسن جي
ديويءَ ڏانهن، بي خود ڇوليون اڇليندو وڃي رهيو
آهي، سنڌ جي تاريخ جي ڪهڪشان ۾ هي ستارو نظاري ۾
نروار ۽ منفرد آهي.
محمد
ابراهيم جويي سنڌ جي ٻهراڙيءَ اندر زرعي سماج ۾
جنم ورتو، جتي وڏيري ۽ پير جي ظلم ۽ رهزنيءَ جي
گهاڻي ۾ عوام پيڙجندو رهي ٿو. ظلم جي ان گهاڻي
سماج جو سارو رت ست ڪڍي، ان کي هڪ مرده يا سرد لاش
جهڙي سماج طور پئي رکيو آهي. هڪ
جيئري جاڳندي، متحرڪ، وڌندڙ، سڌرندڙ، سماج طور
سنڌي سماج نه رهيو آهي. طبقاتي گهمنڊ سان، وحشي
جبلتن جي بي لغام گهوڙي تي سوار وڏيرا شاهي پنهنجي
ظالم ۽ جابر فطرت جي تسڪين لاءِ ماڻهن تي پنهنجو
راڄ قائم رکڻ خاطر، مجبور ۽ بيوس ماڻهن کي غلام ۽
تابعدار رکي، سماج جي ترقيءَ ۽ تعليم جون سڀ راهون
روڪي پئي رکيون آهن. ٻئي پاسي نقلي پير آهن جن
پنهنجي نالائق شخصيت جي پوڄا ڪارڻ ۽ مال پرست فطرت
جي ڇسي هوس هٻڇ خاطر ڍونگ ۽ ڊوهه ڪري، ماڻهن کي
خوف، وهم ۽ وسوسن ۾ وڪوڙي، کين علم، عقل ۽ سڌاري
کان ڪوهين ڏور رکي، صرف ’حق مرشد‘ جي تنوار ۾ غش
پئي رکيو آهي. وڏيرا شاهيءَ ۽ پير شاهيءَ وارو سڄو
لقاءُ عوام دشمن، ارتقا مخالف ۽ جمود وارو رهيو
آهي، فرسوده رسمون ۽ رواج سماج مٿان سينور ڪري ويا
آهن. مقصد ته سنڌ جو زرعي سماج معاشي لحاظ کان
وڏيري ۽ ذهني طور نقلي پيرن جي استحصال جو شڪار
رهيو آهي
جويو صاحب
کي يورپ جي سياسي تحريڪن، آزادي پسند ادب، فرانس
جي انقلاب ۽ سنڌ ۾ انگريزن جي آندل آزادي پسند
روايتن گھڻو متاثر ڪيو، تنهڪري پاڻ اُن فڪر کي سنڌ
۾ عام ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمارڪم ڪيو اٿن ته جيئن سنڌ جو
سماج بدلائي سگھجي. انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي
صورتخطي جوڙائي، سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم رائج ڪئي،
انگريزي توڙي ٻين ٻولين مان ادبي ڪتاب ترجما
ڪرايا، جنهن سان جديد سنڌي ادب جو ايوان تعميرٿيو.
ناول، ناٽڪ ۽ افساني کان سواءِ شاعريءَ جون به
ڪجهه صنفون اسان وٽ ترجمن ذريعي انگريزيءَ توڙي
ٻين ٻولين مان آيون. اهڙيءَ طرح انهن ڪتابن ذريعي
شعور، روايتون ۽ قدر جيڪي ترقي يافته قومن جي علم،
عقل ۽ مشاهدي جي وڏي وٿ هئا، سي سنڌي ادب ۾ داخل
ٿيا. هاڻ سنڌي ادب، سياست ۽ صحافت جديد روايتن سان
پُرڪنار آهي. تنهن کان سواءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا
شعور ۽ جاڳرتا جو ڪم ڪري رهي آهي ۽ سنڌي سماج پوري
شوق سان سکيا حاصل ڪري رهيو آهي، پر مصيبت هيءَ
آهي جو سماجي نيڪي ۽ معاشرتي انصاف جو خواب پڃري ۾
پوري رکيو ويو آهي. پوري دنيا جي سياست، جنهن صورت
۾ پڃري اندر قيد ڪئي وئي آهي تنهن جي آزاديءَ
متعلق سوچي ماڻهو مايوس ٿي وڃي ٿو. قيد جو اهو
پڃرو پوري دنيا تائين محيط آهي، تنهنڪري سياست جو
پکي بظاهر اڏرندي ته ڏيکاريو وڃي ٿو، پر دراصل اهو
قيد ۾ آهي. قيد نه صرف سياست جو آهي، پر ملڪن جي
جاگرافي، معيشيت ۽ تهذيب پڻ غلبي هيٺ ڪئي وئي آهي.
فريب ۽ استحصال جو اهو سڄو شيطاني مانڊاڻ دراصل
وڏو هڪ سائنسي آرٽ آهي، جنهن ادب، سياست، تهذيب،
ثقافت، تاريخ، جاگرافيءَ ۽ معيشيت کي اهڙيءَ طرح
غلبي ۾ آندو آهي، جو پاڻ کان ٻاهر اُن اهڙي ڪا به
ڪمزوري ڇڏي ناهي، جيڪا سندس خلاف ڪو پوڻ وجهي
سگهي. مايوسي تڏهن ٿي ٿئي جو اُن عالمگير قيد مان
آزاديءَ جي ڪا به صورت مشڪل نظر پئي اچي. تاريخ کي
لغام پاتو ويو آهي ۽ اُن کي پنهنجي مطلب جي طرف
ڏانهن ڪاهڻ جي قوت اختيار ڪئي وئي آهي. قومن،
سماجن ۽ ماڻهن جي نفسيات ۾ ناڪيلي هنئي وئي آهي،
هاڻي رڇ وانگر جيڏانهن وڻين وٺيو پيا هلن. تاريخ ۾
بهرحال اميد اٿئون ته اُها پنهنجي ڪک مان نجات جي
ڪا صورت ضرور پيدا ڪندي، ڇو ته ان جو اهو دستور
اٽل آهي. انهيءَ صورتحال ۾، اڄ سنڌي ادب جنهن بي
وسي ۽ بي مقصديت جو شڪار آهي، اُن جو هڪ معروضي
سبب ته سياست جو ادب تي حاوي هجڻ آهي، پر اُن جو
ٻيو بنيادي سبب هيءُ آهي ته سنڌي تهذيب جو اصل روح
جيڪو لوڪ داستانن ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ اندر هو، جنهن
شاهه لطيف جي شاعري جي ڪردارن ۾ حسن ڪامل حاصل
ڪيو، جديد سنڌي ادب شاهه جي اُنهن ڪردارن جي حسن
کي مشعل بڻائي، نئين دؤرکي منور ڪري نه سگهيو آهي.
ڇو ته جديد سنڌي ادب جا ڪردار مشرقي ۽ مغربي
تهذيبن جي ڇڙوڇڙ اثرن ۾ بي پاڙا اُسريا، تنهنڪري
ئي وقت جي واچوڙن جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ اڄ اُنهن
جو ايوان گُل به اِنهيءَ سبب آهي.
جڏهن 1940ع ۾ وقت جو طوفان سنڌ جي جاگرافيءَ کي هن
اوڙاهه ۾ اڇلڻ لاءِ اُٿاريو ٿي ويو، اُن وقت جويو
صاحب سنڌ جو اڄوڪو هي دردناڪ مستقبل اڳواٽ ڏسي
ورتو هو. پاڻ راتيون اوجاڳا ڪري، بروقت پنهنجو
ڪتاب ’سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ‘ تصنيف ڪري، سنڌ
اسيمبليءَ کي استدعا ڪيائو پر وقت جي آواره واچوڙي
جي گهوماٽي ۽ ڌوڙ ۾ ڦاٿل سنڌ اسيمبليءَ هيءَ صداءِ
حق ڪانه ورنائي.
يورپ سائنس، صنعت ۽ تجارت ۾ ترقي ته پنهنجي ماحول،
صلاحيتن ۽ محنتن سان اڳئي حاصل ڪئي هئي، سجاڳي،
اصلاح، صنعتي انقلاب، آمريڪا جي جنگ آزادي ۽ فرينچ
انقلاب جا فلسفا گھڙي اُنهن کان ته سياسي ڪوڙڪين
جو ڪم ورتو ويو. پاڻ کي سرخاب جا پر لڳائي، دنيا
سان دوکو ڪري، ملڪن تي قبضا ڪري، وسيلا ڦٻائي پاڻ
کي وڌيڪ شاهوڪار ۽ ترقي يافته بڻايو ويو. يورپ
پندرهين ۽ سورهينءَ صديءَ ۾ پنهنجي مخصوص مذهبي ۽
سياسي تاريخ سبب ڪي ضروري سڌارا ڪيا هئا، پر
نوآبادياتي نظريا ڪنهن ٻي صورت ۾ ۽ ٻئي مقصد سان
گھڙيا ويا هئا، جويو صاحب پنهنجي نيڪ نيتيءَ سان
اُنهن نّظرين جي اهميت ۽ افاديت کي سنڌي ادب آڏو
آندو. پاڻ لکن ٿا:
’انگريزن سنڌ کي آزاديءَ کان محروم ڪري، ان کي
پنهنجي آزادي پسند روايتن کان واقف ڪيو. يورپ
تيسين پنهنجي جديد تاريخ جي راهه ۾ پنج بنهه اهم ۽
وڏا قدم کڻي چڪو هو، جن اُن جي قومن کي سچ پچ به
ته سر خاب جا پر لڳائي ڇڏيا هئا ۽ اُهي دنيا جي
قومن ۾ سرخروئيءَ ۽ انهن جي سربراهيءَ لاءِ تيار
هيون. اُهي پنج قدم انساني ارتقا جا ڪي جهڙا تهڙا
قدم به ڪونه هئا. پر واقعي اهي غير معمولي، بلڪه
اثر آفرين قدم هئا. ڇو ته انهن سان يورپ کي، نئين
سر، تاريخ جي، وقت جي، اُها قوت حاصل ٿي چڪي هئي،
جنهن سان ان جا ماڻهو يا ان جون قومون حقيقتن کي
بدلائي به ۽ قائم به ڪري ٿي سگهيون؛ ان جا اهي قدم
هي هئا: سجاڳي (Renaissance
1400-1500).
اصلاح (Reformation,
1500-1600).
صنعتي انقلاب(Industrial
Revolution 1600-1700).
آمريڪا جي جنگ آزادي 1776ع، فرينچ انقلاب 1789ع،
سجاڳيءَ جي تحريڪ، جنهن کي ذهني انقلاب جي تحريڪ
به سڏجي ٿو. تنهن يورپي معاشري جي آڏو انساني فڪر
۽ عمل جا ٻه مسئلا حل ڪيا: پهريون مسئلو هيءُ هو
ته علم، پنهنجي سرشتيءَ ۽ اوسر ۾، ارضي هو يا
سماوي، ۽ چيو ويو ته علم ارضي هو، جو ڪجهه به علم
سماويه ٿي چيو ويو، ان جو منڍ به انساني ذهن هو ۽
اندر جي ٻوجهه (Intuition) به
انسان جي اندر جي ٻوجهه ئي هئي؛ ٻيو مسئلو هو ته
انساني ارادي ۽ عمل ۾ مجبور هويا مختيار ۽ چيو ويو
ته مختيار هو. اُنهن جي نوع يا دئاري ۾ جا ڪجهه
انسان جي مجبوري هئي، ان کان آزاد ٿيڻ جا امڪان به
انساني قسم جا هئا ۽ انهن جي استعمال جو معاملو به
انساني معاملو هو. سجاڳيءَ جي هن تحريڪ يورپ جي
معاشري کي جا اخلاقي قوت عطا ڪئي، سا ٻٽي قوت هئي
۽ اُها هئي انسان شناسي (Humanism) ۽
فرد شناسيءَ (Individualism) جي
قوت. ان کان پوءِ، يا ان سان گڏوگڏ، ’اصلاح‘، جنهن
کي ’مذهبي انقلاب‘ به سڏيو ويو آهي. تنهن وري يورپ
جي معاشري جي آڏو صدين کان رائج انسانن جي مذهبي
طرز فڪر جا ٻه مکيه مسئلا حل ڪيا: هڪڙو هو انسان ۽
خدا جي تعلق جو، ۽ چيو ويو ته اهو سڌو يا بلاواسطي
هو ۽ نه اڻ سڌو يا بالواسطه؛ ۽ ٻيو هو نيابت
الاهيه ۽ اقتدار الاهيه جي دعوائن جو، جن لاءِ چيو
ويو ته اُهي الڳ الڳ ڳالهيون نه هيون، پر لازم
ملزوم بلڪه هم معنيٰ ڳالهيون هيون. پهرئين مسئلي
جي حل سان ’سلطاني ۽ جمهور‘ جي ڳالهه صاف ٿي. يعني
هيءَ ڳالهه ته حڪومت، جا بهرحال، انساني ئي رهڻي
هئي. ان جو اقتدار ڪنهن فرد کي يا ڪن فردن کي
انسانن هٿان ئي منتقل ٿيو ٿي ۽ نه خدا کان- ڇو ته
نيابت الاهيه ’انسان‘ لاءِ يعني ’انسانن‘ لاءِ
هئي، نه ڪنهن خاص فرد يا فردن جي ٽولي لاءِ- مطلب
ته بادشاهن يا آمرن جي ’خدائي سَنَد‘ (Divine
right of kings and dictators) يا
’مور من الله‘ (Appointee
of God) واري
دعويٰ ختم ٿي. ٻين لفظن ۾، مذهبي اصلاح جي تحريڪ
سان يورپ جون قومون ارضيت يا دنيويت (Secularism) ۽
جمهوريت(Democracy) سان
روشناس ٿيون.
ارضيت وارن جو خيال آهي ته وقت ۽ حالتن جي جبر ۾
انسان پنهنجي مزاج جي گگ پاڻ مٿان ڳاڙي- تاريخ جي
ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿي، پاڻ کان پنهنجو پاڻ ئي وڃائي ڇڏيو.
جاڳرتا اهڙي سجاڳي کي ٿو چئجي، جنهن ۾ انسان ڪر
موڙي اٿي ٿو ۽ پاڻ تي پيل صدين جي سودائن، وهمن،
وسوسن، روايتن ۽ رسمن جي ڌوڙ زندگيءَ جي سدا روان
نديءَ ۾ ڌوئي اڇو اجرو ٿي بيهي چوي ٿو: اجهو مان
ئي آهيان _ مان آزاد آهيان، مون کي پنهنجي ارادي
جو اختيار آهي. آءٌ پنهنجي عملن جو ذميوار پاڻ
آهيان. چڱائيءَ ۽ برائيءَ جو تيعن منهنجي پنهنجي
سک ۽ اهنج ۾ آهي. انساني فڪر ۽ عمل سان ئي حياتيءَ
۽ هن جڳ کي سهڻو ۽ سندر بڻائي سگهجي ٿو. سماجي ۽
معاشرتي انصاف قائم ڪري، انساني اخوت پيدا ڪري
سگهجي ٿي. سنڌ ۾ اهڙي فڪر وارو انسان محمد ابراهيم
جويو آهي، جنهن ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ نالي عقل جي
اُهڃاڻ واري عنوان سان ڪتاب لکيو، پر دراصل اِها
’باهڙي‘. جن ٻاري آهي تن اسان غريبن کي بک ۾ تئو
ڏيکاري سڀ ڪجهه رک ڪرڻ گھريو آهي. جويو صاحب
’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘، نالي لوڪ آکاڻين جو هڪ ڪتاب به
لکيو آهي، جنهن جي ڪردارن کي پاڻ عقل جا سونا زيور
پارايا اٿن. جنهن ماڻهوءَ هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو
سوخود اُهوئي سوال اُٿاري بيٺو، جنهن جي جواب ۾
نئون انسان کيس سڃاڻپ لاءِ ڏنو ويو هو. جويو صاحب
جي قومي تصور موجب، سنڌ ڌرتيءَ جي جاگرافيائي
ماحول ۾ رهندڙ هم زبان ماڻهو بطور هڪ قوم جي سڀئي
ذميداريون پنهنجي سر تي قبولي پنهنجي ڪمن ۽
ڪارنامن ذريعي پنهنجي صلاحيتن جي انفراديت اجاگر
ڪن ٿا ۽ اُنهيءَ هڪ محويت ۾ مگن رهي پنهنجي
زندگيءَ جي پاڻ تي ڪفايت ڪن ٿا.
منهنجي زندگي ۽ بابا سائين
محسن جويو
مون کي اڄ به اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد
آهي، جڏهن بابا سائين (جويو صاحب) معمول پٽاندر هڪ
شام جو اسان جي گهر آيا ۽ اچي منهنجي امان سانئڻ،
پنهنجي سڀ کان وڏي ڌيءَ
نيلوفر کي چيائون ته ”نيلو (پاڻ امان کي پيار مان
نيلو سڏيندا هئا) ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته پاڻ
محسن کي سينٽ بوناوينچر اسڪول مان ڪڍي، ماڊل اسڪول
۾ داخل ڪريون ته جيئن هو سنڌيءَ ۾ پڙهي سگهي.
منهنجي امان جويي صاحب جي بنهه گهڻي فرمانبردار
هوندي هئي ۽ ان جي ڪابه ڳالهه نه ٽاريندي هئي. ان
بابا سائينءَ کي چيو ته؛ ” بابا اوهين صحيح پيا
چئو، اسان جا ٻار پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ پڙهن ته چڱو
آهي.“
ٻئي ڏينهن امان مون کي اسڪول لاءِ تيار ڪيو ئي پئي
ته بابا سائين (جويو صاحب) به اچي پهتو، مون کي
سنبرندي ڏسي، سندس مک تي، هڪ شفيق مرڪ پکڙجي ويئي.
ان کان پوءِ، مون کي هٿ مان وٺي پيرين پنڌ وٺي،
سڌو ماڊل اسڪول ڏانهن روانا ٿيا. آئون به ڏاڍو خوش
هوس. مون کي اڄ ڏينهن تائين بابا سائينءَ جي هٿ جي
اها نرماڻ به نه وسري آهي. اسين ماڊل اسڪول
پهتاسين ۽ سڌو انصاري صاحب، جيڪو ان وقت پرنسيپال
هو، جي آفيس ۾ وياسين. پاڻ بابا سائينءَ کي ڏسندي،
وڏيءَ گرمجوشيءَ ۽ محبت سان مليا. منهنجو انٽرويو
ورتائون ۽ پهرئين ڪلاس ۾ داخل ڪيائون.
ان کان پوءِ، بابا سائين مون کي ڪلاس ۾ وٺي آيا.
جيجي زرينا انهن ڏينهن ۾ ماڊل اسڪول ۾ پڙهائيندي
هئي. پاڻ منهنجو هٿ سندس هٿ ۾ ڏنائون. ان وقت ڪلاس
۾ ٻار وڏي آواز ۾ ”جھو جھو ماٽي، لسي پنهنجي
گھاٽي“ نظم پڙهي رهيا هئا ۽ انهن جي گڏيل آواز ۾
پڻ مون کي مزو پئي آيو. جيجي زرينا مون کي پيار
ڪيو، جيڪا مون کي اڳيئي سڃاڻندي هئي، منهنجي امان
۽ هوءَ پاڻ ۾ گهريون سهيليون هيون. بابا سائين،
کيس منهنجي پارت ڪري وڃڻ لڳا ته مون ۾ اڪيلائپ جو
احساس وڌيو ۽ آئون جيجيءَ کان پاڻ ڇڏائي، ڊوڙي
وڃي، جويي صاحب کي ڀاڪر وجھي، چنبڙي پيس ۽ چوڻ لڳس
ته ”بابا، بابا، مون کي ڇڏي نه وڃو.“ پاڻ مون کي
سمجهائڻ لڳا ته آئون توکي ڇڏيو نه پيو وڃان. تون
هتي ويهه پڙهه، جيئن اڳ ۾ اسڪول پڙهندو هئين. پر
مون ڪابه نه مڃي، مون چيو ته اوهان اتي ويهندا ته
آئون پڙهندس، نه ته، نه
پڙهندس. بابا سائينءَ چيو ته ٺيڪ آهي بابا، آئون
ٻاهر ويهان ٿو، تون ويهي پڙهه. پاڻ ٻاهر ورانڊي ۾
ڪرسي وجهي ويهي رهيا ۽ موڪل تائين ويٺا رهيا.
اهڙيءَ ريت پاڻ، ٽن ڏينهن تائين لڳاتار مون کي
اسڪول وٺي ٿي هليا ۽ اتي موڪل تائين ويٺا ٿي رهيا.
تيستائين آئون به ڪلاس جي ٻارن سان رلي ملي ويس، ۽
ڪجھ جيجي زرينا جي پيار مون کي پنهنجو ڪري ورتو ۽
ان کان سواءِ، ميوزڪ واري استاد صادق علي، جيڪو
ڀانت ڀانت جا گيت ٻڌائيندو هو، جي، مون کي گھڻا
وڻندا هئا، سان ۽ مس ياسمين سان ريجھجي ويس.
مون کي اڄ ڏينهن تائين اها ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي
آهي ته نيٺ جويي صاحب کي پنهنجن پوٽن ۽ ڏوهٽن ۽،
پوٽين ۽ ڏوهٽين مان منهنجي باري ۾ ئي خاص خيال ڇو
آيو. ان ۾ ڪا چڱائي هئي، ڪو قدرت کي مون کان ڪم
وٺڻو هو. اڄ مون کي اهو اندازو آهي ته جيڪڏهن آئون
سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ نه پڙهان ته شايد بابا سائينءَ
جي خدمت نه ڪري سگهان ها، ڇاڪاڻ ته اها خدمت سنڌي
ٻولي اچڻ سان ئي ممڪن هئي. ان کان سواءِ، مون کي
اهو به اعزاز به حاصل آهي ته منهنجو نالو محسن به
پاڻ وڏي پيار مان رکيو هئائون.
تنهن زماني ۾ بابا سائين اسان جي گهر هڪ نه ٻئي
ڏينهن ايندا رهندا هئا. سندن در مان داخل ٿيندي ئي
امان سانئڻ جي مک تي مرڪ جا گل ٽڙي پوندا هئا ۽
سدائينءَ وانگي چوندي هئي ته؛ بابا اچي ويا. آئون
ڊوڙي کين ڀاڪر وجھندس هوس. سندن اها ڳالهه مون کان
نه ٿي وسري ته پاڻ جڏهن به ايندا هئا ته ڪونه ڪو
ڪتاب ضرور کڻي ايندا هئا، انهن ڪتابن مٿان گهڻي
ڀاڱي لکيل هوندو هو؛ ”پنهنجي پياري ڌيءَ، نيلو
لاءِ“. منهنجيءَ امان کي گهر جي ذميوارين کان پوءِ
به لکڻ پڙهڻ جو جنون هوندو هو. مون کيس گهر جي ڪم
کان سواءِ، هر وقت لکندي پڙهندي ئي ڏٺو. پاڻ
ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار هئي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”
سرجييس تان سور“ جي نالي سان ڇپيل آهي، جنهن جي
پيش لفظ، جنهن به پڙهيو هوندو، اهو ڄاڻندو هوندو
ته بابا سائين ۽ منهنجي امان جي رشتي جي ڏور ڪيتري
مضبوط هئي، پاڻ ڪهڙيءَ ريت، هڪٻئي سان دل جا حال
احوال ڪندا هئا.
تنهن زماني ۾ بابا سائين، منهنجي پڙهڻ لاءِ پڻ
ٻاراڻا ڪتاب آڻيندا هئا. پاڻ جيڪو پهريون ڪتاب مون
کي ڏنو هئائون، اهو ” ٽم ٽم ٽانڊاڻو“ هو، جيڪو اڄ
به مون وٽ سانڍيل آهي. ان کان سواءِ، مون لاءِ گل
ڦل، سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب جا پڻ آڻيندا هئا،
جيڪي آئون وڏي چاهه ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس.
بابا سائين سنڌي بيت ۽ ٻاراڻن ڪتابن جا نظم مون کي
جھونگاري ٻڌائيندا هئا ۽ آئون پڻ ساڻن گڏ جھونگارڻ
جي ڪوشش ڪندو هوس. اهڙيءَ ريت منهنجي ڪل ڪائنات
پنهنجي امان ۽ بابا سائينءَ تائين ئي پکڙيل هئي.
انهن ٻن کان سواءِ، هن دنيا ۾ منهنجو ڄڻ ته ٻيو
ڪوبه هو ئي نه.
انهن ئي ڏينهن ۾، منهجي امان به ماڊل اسڪول ۾
استادياڻي ٿي آئي، تنهنڪري، مون لاءِ پڙهائيءَ ۾
وڌيڪ آساني پيدا ٿي. امان ۽ جيجي زرينا جي پاڻ ۾
سنگت ۽ مون سان پيار هڪجهڙو ۽ هڪجيترو هو. جيجي
زرينا جو پٺاڻ ڪالونيءَ وارو گهر، ڄڻ ته منهنجو
پنهنجو گهر هو. مون کي پاڻ سان گڏ اتي وٺي ويندي
هئي، جتي اياز سان آئون رانديون رهندو هوس. اياز
مون کان عمر ۾ وڏو هو ۽ اڪثر ڪري، اسان ٻارن کي
مختلف ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هو. سندس ڪتاب جو انداز
ايترو وڻندڙ هوندو هو، جو وقت گذرڻ جي ڪا خبر ئي
نه پوندي هئي.
بابا سائين پنڌ ڪرڻ پسند ڪندا هئا. سو، پاڻ صحافي
ڪالونيءَ کان، اسان جي هيرآباد واري گهر تائين پنڌ
ايندا هئا. پنهنجي هيرآباد واري گهر کي آئون ڪڏهن
به وساري نه ٿو سگهان. هيرآباد جا گهر گهڻي ڀاڱي
پراڻي طرز جا ٺهيل هئا، انهن مان اڪثريت انهن ئي
گهرن جي هئي، جيڪي هندو خالي ڪري ويا هئا، انهن
مان گهڻا. ساڳيءَ حالت ۾ اڄ به بيٺل آهن ۽ اڏاتي
سونهن جا شهڪار آهن. انهن گهرن جون ڀتيون مضبوط ۽
ڇتيون مٿڀريون ۽ هوادار هيون. ڪمرا وڏا ۽ کليل
هوندا هئا يعني انهن ۾ در دريون هونديون هيون. ان
کان سواءِ، اڱڻ پڻ وڏا ۽ ويڪرا هوندا هئا، جتي گهر
ڀاتي ۽ مٽ مائٽ کٽون وجهي ويهندا هئاسين، انهن جون
پاڻ ۾ ڳالهيون جيتوڻيڪ، عام ۽ ساديون هونديون
هيون، پر انهن جو پوءِ به مزو ۽ ساءُ سواد اڄ
ڏينهن تائين وسريو ناهي. گهر ڀاتين جي ڪچهري ٻڌندي
ٻڌندي، نه ڄاڻ ڪهڙي وقت، ننڊ اچي ويندي هئي.
هيرآباد جون گهٽيون ويڪريون ۽ ترتيب سان ٺهيل
هيون، هر گهٽي، ڪنهن عاشق جي دل وانگي توڙ تائين
ويندي هئي. جيتوڻيڪ، اوڙي پاڙي ۾ سنڌي به هئا ۽
مهاجر به هئا، پر ڪا روڪ ٽوڪ يا جھل پل نه هئي، هر
ڪنهن گهر ۾ هليو وڃبو هو، هر ڪو پيو ڀائيندو هو.
سڀ گهڻي ميٺ محبت سان رهندا هئا.
مون پنهنجي ٻالجتيءَ جا گهڻا ڏينهن ناناڻن ۾
گذاريا. بابا سائينءَ سان گڏ آئون پنهنجي نانيءَ
جو پيار پڻ نه ٿو وساري سگهان. ان جو پيار به
ڪهاڻين واري روايتي نانيءَ جهڙو ئي هو ۽ جيءَ ۾
جاءِ ڏيندي هئي، گهور گهور پئي ويندي هئي. بابا
سائين ۽ منهنجي امڙ جي پاڻ ۾ گهڻي ويجھڙائي انڪري
به هئي ته سندن سڀني ٻارن منجهان منهنجي امڙ ئي
سندن نقش قدم تي هلي. ادب سان کيس وڏو چاهه هو. هڪ
عورت لاءِ ان جا ڳهه ڳٽا ئي سڀ ڪجھ هوندا آهن، پر
منهنجي امان سانئڻ ان معاملي ۾ درويش هوندي هئي،
کيس سون جي زيورن کان وڌيڪ ڪتابن سان پيار هوندو
هو. اسان جي گهر ۾ هڪ پيتي رکيل هوندي هئي. جنهن
کي ٿلهو تالو لڳل هوندو هو. مون لاءِ اها وڏي
اسرار ڀري پيتي هوندي هئي. آئون ڄاڻڻ چاهيندو هوس
ته ان ۾ ڇا آهي، جو امان ان جي ايتري سنڀال پئي
ڪري. جڏهن مينهن وسندو هو ته ڇت ڪٿان ڪٿان ٽمندي
هئي، امان گهر جي سامان مان سڀ اڳ ان پيتيءَ مٿان
هڪ ٿلهي رلهي وجھندي هئي. امان جي اهڙي عمل منهنجي
ان پيتيءَ ۾ دلچسپيءَ کي ويتر ٿي وڌايو. آئون
اصرار ڪندو هوس ته مون کي اها پيتي کولي ڏيکار.
نيٺ امان هڪ ڏينهن مون کي اها پيتي کولي ڏيکاري،
جنهن ۾ ڪي به ڳهه ڳٽا نه هئا، رڳو ڪتاب ئي هڪ ٻئي
مٿا سٿيا پيا هئا.
هوءَ ڪهاڻيون لکندي هئي ۽ بابا کي ڏيکارڻ کان اڳ
ڪنهن کي به نه ڏيکاريندي هئي ۽ نه ئي ڇپائيندي
هئي. جڏهن سندس لکڻيون بابا سائينءَ جي نظر مان
گذرنديون هيون ۽ پاڻ انهن کي درست ڪرڻ جون صلاحون
ڏيندا هئا ته امان سانئڻ پوءِ ئي اهي ڪنهن رسالي ۾
ڇپائڻ لاءِ موڪليندي هئي.
امان سانئڻ ڀڳوند هئي، جنهن کي جويي صاحب جهڙو
مهربان ۽ عظيم پيءُ مليو هو، جيڪو کيس سدائين
هٿائيندو هو. جويي صاحب جا امان سانئڻ ڏانهن جيڪي
خط لکيل آهن، اهي پيءُ ۽ ڌيءَ جي رشتي جي تقدس ۽
محبت جا شاهڪار آهن. جڏهن ون يونٽ دوران پاڻ سنڌ
بدر رهيا ته لڳاتار خطن وسيلي امان سان رابطي ۾
رهندا هئا. ان کان حال احوال وٺندا رهندا هئا. خاص
طرح معلوم ڪندا هئا ته هن ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا
آهن ۽ هن ڇا ڇا لکيو آهي. پاڻ سدائين امان سانئڻ
کي وڌ کان وڌ لکڻ ۽ پڙهڻ جي هدايت ڪندا رهندا هئا.
منهنجي جيجل کي جڏهن ڪينسر جهڙو مُوذي مرض لڳو ته
اسان جي گهر جون رونقون ويڙهجي ويون ۽ فضا
اداس ۽ سوڳوار ٿي ويئي. اهو مرض وڌندو ويو، امان
منهنجين اکين اڳيان تڙپندي رهي، لڇندي هئي، دل
چاهيندي هئي، آئون هن لاءِ ڪجھ ڪري سگهان، پر آئون
مجبور هوس. آئون پنهنجي ٻاراڻي سوچ ۾ پيو سوچيندو
هوس ته جادو هجي، جو امان کي هن تڪليف کان ڇوٽڪارو
ڏياريان. جڏهن سندس بيماري گهڻي وڌي ويئي ته مون
کي ڏسي هوءَ سدائين روئي پوندي هئي ۽ هن کي ڀاڪر
وجھي، آئون به روئي پوندو هوس. هوءَ ڪينسر جي
بيماريءَ جي ڪري گهڻي هيڻي ٿي ويئي هئي. ڊاڪٽرن
جواب ڏيئي ڇڏيو هو، دوا درمل ڪوبه اثر نه ٿي
ڏيکاريو، بيماري پنهجي آخري اسٽيج تي پهچي ويئي
هئي.
مون کان اها اڀاڳي رات ڪڏهن به نه وسري سگهندي،
جڏهن امان سانئڻ جي تڪليف گهڻي وڌي ويئي هئي. آئون
سندس مٿو پنهجيءَ جھوليءَ ۾ رکي، کيس زور ڏيڻ لڳس
ته جيئن کيس نند اچي وڃي، پر هن جي اجھامندڙ اکين
مان وڇوڙي جا لڙڪ لارون ڪري هلي رهيا هئا. کيس اهو
احساس ٿي ويو هو ته هاڻي موڪلاڻيءَ جو وقت اچي ويو
آهي. هوءَ مون کي ورائي ورائي اهو چئي رهي هئي ته
محسن بابا سائينءَ کي نه ڇڏجانءِ، بابا سائين ئي
تنهنجو سڀ ڪجھ آهي. آئون ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪري
رهيو هوس ۽ منهنجين اکين مان لڙڪ ڪري، امان سانئڻ
جي چهري ۽ ڳچيءَ تي ڪِري رهيا هئا. تانجو، فجر مهل
کيس منهنجيءَ ئي جھوليءَ ۾ ننڊ اچي ويئي ۽ هڪ ڊگهي
ننڊ، جنهن مان اڄ ڏينهن تائين ڪير به ڪنهن کي نه
جاڳائي سگهيو آهي. ان واقعي منهنجي زندگي تبديل
ڪري ڇڏي. آئون هاڻي اڳي جيئن نه رهيس. منهنجي
طبيعت ننڍي هوندي کان گهڻي حساس هوندي هئي. امان
سانئڻ جي لاڏاڻي مون کي جھوري وڌو هو. ان واقعي
مون ۾ سڀ کان پيارين شين کسجڻ جو الڪو پيدا ڪيو.
اهوئي سبب هو، جو آئون جويي صاحب کي چنبڙي پيس،
ڇاڪاڻ ته امان سانئڻ کان پوءِ منهنجي ڪل ڪائنات
جويو صاحب ئي هو. ان واقعي کان پوءِ منهنجي دلچسپي
پنهنجن دوستن مان ۽ رولاڪين مان دلچسپي ختم ٿي
ويئي ۽ آئون پورو پورو وقت جويي صاحب سان گذارڻ
لڳس.
بابا سائينءَ جي ڪل زندگي علمي ۽ ادبي قسم جي هئي.
ڪتاب، گڏجاڻيون، علمي بحث، مختلف پورگرام ۽ مختلف
پنڌ. سندن دوست گهڻي ڀاڱي اديب، استاد، شاعر، عالم
۽ پڙهيا لکيا ماڻهو هئا، جيڪي ادب جي باري ۾ ۽ علم
ادب مان سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ماڻهن جي پوندڙ
فائدن جي باري ۾ سوچيندا ۽ ڳالهائيندا هئا. مون
ڪجھ ڪتاب ضرور پڙهيا هئا، پنهنجي امان جون ڪهاڻيون
توڻي امر جليل ۽ خليل جبران وغيره جا ڪتاب پڙهيا
هئا، پر هي ڳالهيون منهنجي سمجھ کان مٿاهيون هيون،
ڳوڙهيون به هيون ته نيون به هيون. بابا سائينءَ
سان جڏهن ان جا دوست ڪچهريون ڪندا هئا ته آئون
سندن ڳالهيون وڏي ڌيان سان ٻڌندو رهندو هوس. توڻي
جو، انهن کي اهو خيال نه هوندو ته انهن جي ڀر ۾
ويٺل نوجوان ڪيتري ڌيان سان سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو
آهي، پر منهنجي سکيا ايئن اڻ لکي نموني هلندي رهي.
مون کي بهرحال، اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويئي ته بابا
سائينءَ جي لکڻ پڙهڻ جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي ۽
سنڌي قوم آهي. پاڻ مون کي مختلف ڪتاب ڏيڻ وٺڻ لاءِ
موڪليندا هئا ۽ مختلف مضمون ۽ ڪتابن کي ٽائيپ
ڪرائڻ جو ڪم ڏيندا هئا. جويي صاحب سان ويجھي
رهندي، مون کي اهو احساس ٿيو ته جيڪي به ماڻهو
ساڻس ملڻ اچن ٿا، اهي سڀ سندس هم خيال نه آهن ۽ نه
وري سندس دوست آهن. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن ميڊيا
تي جويي صاحب خلاف محاذ کڙا ڪيا ويا. آئون ان تي
حيران هوس ته هي سڀ ته جويي جا دوست آهن، پوءِ هن
جي خلاف ڇو ٿا لکن ۽ بابا سائين انهن کي ڇو نه ٿو
جواب ڏئي. بهرحال، مون کي اهو اندازو ٿيو ته جويي
صاحب خلاف اخبارن کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اتان
ئي جويي صاحب جي حق ۾ راءِ جوڙي سگهجي ٿي. جڏهن
ڪوڙ کي ايترو مان ملي رهيو آهي ته سچ کي ڇونه
ملندو. انڪري، مون شروع ۾ جويي صاحب کان چوري چوري
سندس مضمون ڪمپوز ڪري، اخبارن ۾ ڇپايا، ڇاڪاڻ ته
جويو صاحب اهو پسند نه ڪندو هو ته سندس مضمون
اخبارن ۾ ڇپجن. سندن گهڻو تڻو زور ڪتابن ڇپائڻ تي
هوندو هو. مون محسوس ڪيو هو ته هڪ ڪتاب ايندي وڏو
وقت لڳيو وڃي، تيستائين، جويي صاحب خلاف ڪيترائي
مضمون اخبارن ۾ اچي ٿي ويا ۽ سندن سموري زندگيءَ
جي بي عيب پورهيي کي لوئيو ٿي ويو ۽ سندن بي داغ
ڪردار کي بگاڙڻ جي، شعوري ڪوشش ڪئي پئي ويئي.
شروع ۾ جڏهن آئون مضمون اخبار ۾ ڇپائي، بابا
سائينءَ ڏانهن کڻي ويندو هوس ته پاڻ ان کي پسند نه
ڪندا هئا، پر هوريان هوريان، جڏهن دوستن پاران کين
موٽ ملڻ لڳي ته پاڻ مون کي نه روڪيائون ۽ ڪمپوز
ٿيل مواد ۾ غلطيون سڌاري مون کي ڏيڻ لڳا. ان طرح،
جويي صاحب پنهجي پاڻ کي، پنهنجن پڙهندڙن ۽ مداحن
لاءِ، نئين سري کان ڀرپور
نموني اظهاريو ۽ پڙهيو ۽ پڙهايو. اهڙيءَ ريت،
منهنجو رشتو جويي وسيلي سنڌ سان جُڙيو، ان کي به
مون پنهنجي سمجھ آهر سمجھيو آهي ۽ سنڌ سان جڙيل ان
رشتي جي بلندين تان، جڏهن مون بابا سائينءَ کي ڏٺو
ته پاڻ سنڌ جو وڏو Savior نظر
آيو. ان کان پوءِ اسان جي رشتي ۾ اڃا به مضبوطي
آئي ۽ هاڻي اهو رڳو ناني ۽ ڏوهٽي وارو جذباتي
رشتو، نه پر، نئين سنڌ جي اڏيندڙ ۽ ان اڏيندڙ جي
ننڍڙي خدمتگذار وارو شعوري رشتو به هو. اهوئي سبب
هو، جو سندن حصي جون ڪجھ ڀوڳنائون ۽ درد منهنجي
پلئه پيو آهي. ان هوندي به، آئون جيڪي ڪجھ به اڄ،
اڀرو سڀرو ٿي سگهيو آهيان، اهو بابا سائينءَ جي
پيار، رهنمائي ۽ همٿائڻ جو ئي ڪرشمو آهي.
ان نئين رشتي جي لڙهيءَ ۾ پوئجندي، اڄ ڪي چوڏنهن
پندرنهن ورهيه گذري ويا آهن ۽ اهو سلسلو هلندڙ
آهي. هن سال 13 آگسٽ تي جويو صاحب 99 ورهيه پورا
ڪري 100 ورهين ۾ داخل ٿيندو، ان نسبت سان، سڄي سال
۾ جويي صاحب جي سئو سالا جشن جي حوالي کان مختلف
تقريبون رٿيل آهن، جن کي پڻ ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش
ڪبي. آخر ۾ دعا آهي ته بابا سائين اڃا به وڏي ڄمار
ماڻين ۽ اسان مٿان ڇپر ڇانوَ ٿي رهن.
محمد ابراهيم جويو- سنڌ جو فڪري اُستاد
سنگرام
اڄ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن جو 100 ساله
جنم ڏينهن آهي. کين اِن سڀاڳي ڏينهن تي لک لک
واڌايون هجن.
سائين جويو صاحب جن ڪنهن به تعارف جا محتاج نه
آهن. هڪ صديءَ تي پکڙيل سندن زندگي مسلسل جدوجهد
جو عملي پيڪر آهي. همعصر عالمن، اديبن، دانشورن،
ڏاهن، مفڪرن، نقادن، شارحن، دوستن، دشمنن، سڀني
پنهنجي پنهنجي وَڙ آهر، سائين جويي صاحب جي
زندگيءَ، فڪر، جِدوجُهد، تصنيفن ۽ تحريرن تي تمام
گهڻو لکيو آهي، جيڪو بذات خود سنڌي ادب جو ضخيم
ذخيرو ۽ عظيم سرمايو آهي. تنهنڪري، اُنهن جو
ورجاءُ، وقت جو زيان ٿيندو.
جنم ڏينهن جي نسبت سان، جيئن مون سائين جويي صاحب
جن کي ڏٺو آهي ۽ سمجهيو آهي، سو پنهنجي فهم فراست
موجب، لائق پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض ڪريان ٿو.
ماڻهو هِن سنسار ۾ جنمي ٿو، جِيونُ گهاري ٿو ۽
پنهنجو وارو وڄائي، هليو وڃي ٿو. دنيا جو اِهو
دستور جُڳن کان هلندو آيو آهي، ۽ نه معلوم ته اِهو
اڃا ڪيترن جڳن تائين ائين ئي جاري ۽ ساري رهندو
ايندو.
سوال اِهو ناهي ته ڪنهن ڪيتري ڄمار ماڻي، پر سوال
هيءُ آهي ته هُن جو اُهو جِيونُ ڪيترو سَڦَلُ
گذريو. اِن ڪَٿ ڪرڻ جا ڪيترائي معيار ۽ ماپا آهن.
پر، دنيا جا سڀئي ڏاها اِنهيءَ ڳالهه تي سَهَمت
آهن ته:
”ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم ۽ ڪردار جي وَٿُ يا سندس ڪارج
جي ڪَٿَ ائين ڪري سگهبي آهي ته هُن پنهنجي ديس ۽
پنهنجي ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ۽ ڪهڙن آدرشن جي
حاصلات لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ پنهنجو جِيونُ ارپيو.“
سائين جويي صاحب جي زندگيءَ کي اهڙيءَ ڪسوٽي تي
پرکي سگهجي ٿو.
ڪامريڊ لينن چيو هو:
”ماڻهوءَ جي پياريءَ کان پياري ملڪيت زندگي آهي، ۽
جيئن ته اُها هُن کي ماڻڻ لاءِ رڳو هڪ ئي ڀيرو ملي
ٿي، اُها هُن کي ائين گذارڻ کپي، جو بي مقصد سالن
جي گذري وڃڻ جو کيس ڪو ايذاءُ ڏيندڙ ارمان محسوس
ڪرڻو نه پوي؛ ائين گذارڻ کپي، جو ڪنهن بزدل ۽ خسيس
ماضيءَ جي شرمندگيءَ جا ڏنڀَ کيس سَهڻا نه پون؛
ائين گذارڻ کپي، جو مرڻ مهل هُو چئي سگهي ته سڄي
منهنجي زندگي، سموري منهنجي طاقت دنيا ۾ بهترين
مقصد جي حاصلات لاءِ ڪم آئي. بني نوع انسان لاءِ
آزاديءَ جي جنگ ۾ وڙهندي.“
سائين جويي صاحب شايد لينن جي اِن قول سان ڄڻ ته
ڪو پِرڻُ ڪيو هو ۽ پنهنجو پاڻ سان، پنهنجي زندگيءَ
سان، ڪو وچن ڪيو هو، پنهنجي مادر وطن سنڌ سان
ساکيات سچ تي ٻَڌلُ ڪو عَهَدُ ڪيو هو، ته پاڻ
پنهنجي سڄي ڄمار اُنهيءَ آدرش جي تڪميل لاءِ،
پنهنجي ديس ۾ بني نوع لاءِ آزاديءَ جي جنگ ۾
وڙهندي، ۽ اُن ۾ پورهيتن جي لوڪ راڄ جي قيام واسطي
جاکوڙ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندو.
اِن ئي نُڪتي کان سائين جويي صاحب جي زندگيءَ جي
جدوجهد جي عملي شروعات ٿئي ٿي، جيڪا 1946ع کان وٺي
اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، ۽ اِن ڳالهه کان ته
سائينءَ جن جا سخت کان سخت نقاد به انڪار ڪري نه
سگهندا ته سائين جويو صاحب جِدوجُهد جي ميدان ۾
ڪڏهن به پٺتي نه رهيو آهي.
پرسٽرائيڪا ۾ گورباچوف لکي ٿو:
”بهترين ۽ اعليٰ انساني ذهن ۽ ايماندار ماڻهو،
انساني سَڀيتا جي باري ۾ سوچين ٿا ۽ اُن جي حال ۽
آئيندي جي باري ۾ ڳڻتي محسوس ڪن ٿا. اُهي پنهنجي
اهليت، علم، صلاحيت، حاصلات ۽ جذباتي سگهه سيڙائي،
هِن دنيا کي وڌيڪ انصاف تي ٻڌل دنيا جوڙڻ گهُرن
ٿا. پنهنجي حڪمت عمليءَ کي نئينءَ سوچ جي بنياد تي
قائم رکندي، پاڻ کي رڳو اُنهن خيالن تائين محدود
نه رکندا آهن، جن جا عام ماڻهو عادي بڻجي چڪا
هوندا آهن...“
بهترين ۽ اعليٰ انساني ذهن ۽ ايماندار ماڻهوءَ
واريون مٿي بيان ڪيل سڀئي خوبيون سائين جويي صاحب
۾ بدرجه اُتم موجود آهن.
فرانس جي مهان ڏاهي، وِڪٽر هيوگو، هڪ هنڌ لکيو هو
ته:
”والٽيئر جي نالي وٺڻ سان سڄي جي سڄي ارڙهين صديءَ
جي ڪارڪردگي، معنيٰ ۽ مقصد، سامهون اچي وڃن ٿا.“
هيوگو جي اِنهيءَ ڳالهه کي سائين جويي صاحب لاءِ
هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته سائين جويي صاحب جو
نالو وٺڻ سان ئي سنڌ جي سموري علمي، ادبي، فڪري ۽
ترقي پسند تحريڪن جي ڪارڪردگي، معنيٰ ۽ مقصد
سامهون اچي وڃڻ ٿا. انهن سڀني تحريڪن ۾ سائين جويي
صاحب جو ڪردار نه فقط مهنداريءَ وارو رهيو آهي پر،
اُنهن جو مُحرڪ به گهڻو ڪري سائين جن پاڻ ئي رهيا
آهن.
جهڙيءَ طرح والٽيئر لاءِ چيو ويندو آهي ته ”سڄي
يورپ تي هِن (والٽيئر) جي قلم مان نڪتل ڪتابچن،
رسالن ۽ پئمفليٽن جي برسات ٿيندي رهي ۽ ڪٿي به
زوراوريءَ يا ڏاڍ جي ڪا ڳالهه ڏٺائين يا ٻُڌائين
ٿئي، ته اُن ۾ هُو هيڻي جو پاسو وٺي ميدان ۾ نڪري
اچي ٿي بيٺو.“ بلڪل اهڙيءَ طرح، سنڌ ۾، سائين جويي
صاحب جي سموري زندگي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ
قلم ذريعي جِدوجُهد ڪندي گذري آهي، ۽ اِها
جِدوجُهد پاڻ اڄ به جاري رکيو اچن. هن، سنڌ ۽ سنڌي
قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ هر سازش، ويساهه
گهاتيءَ، بي انصافيءَ، ڏاڍ ۽ جبر خلاف احتجاج جو
آواز بلند ڪيو ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪتاب،
ڪتابچا، چوپڙيون، پئمفليٽ وغيره ڇپرائي، اخبارن ۾
مضمون لکي پنهنجي عوام کي اُنهن سازشن، ويساهه
گهاتين خلاف بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين جدوجهد
لاءِ اُتساهيو.
سائينءَ جي لکڻ جو پنهنجو هڪ اسلوب ۽ انداز آهي.
سندن لکڻين ۾ نرالپڻو آهي. سندن لکڻين ۾ للڪار
آهي. والٽيئر جي قلم جيئن، آزاديءَ لاءِ لوچ ۽
پُڪار آهي روسو جي قلم جيئن، مقصديت آهي ڪاموءَ جي
قلم جيان، احتجاجيت آهي. ٽام پين جي لکڻين جهڙي،
بغاوت آهي. ٿوريو جي تحريرن جهڙي، اُمنگ آهي.
خودشناسائيءَ جي اِنتهائن تي پهچندڙ نِٽشي وانگر.
سندن تحريرن ۾ ڪٿي به شو پنهاور واري قنوطيت
پسنديءَ جي جهلڪ نظر نه ايندي. هُو باغي آهي
ڀُرندڙ، ڪِرندڙ ۽ مُدي خارج وڏيرڪي نظام جو، سندن
لکڻيون پڙهندڙن جي مَنَ ۾ جِدوجهد جي جُوالا
مُکيءَ کي جوش بخشين ٿيون، نئون اُتساهه پيدا ڪن
ٿيون ۽ انسان ۾ چڱائيءَ جي اميد جاڳائين ٿيون،
ڏاهپ جا ڏَسَ ڏين ٿيون ۽ ماٺاريل دلين کي
جهنجهوڙي، جاڳائي، جدوجهد لاءِ گرمائين ٿيون،
ولولو ۽ ووڪ پيدا ڪن ٿيون، اُمنگ ۽ اُڌما پيدا ڪن
ٿيون.
اديب هميشه نجات ڏياريندڙُ، ماڻهوءَ جي روح جي
زنجيرن کي ٽوڙيندڙُ هوندو آهي، ته جيئن ماڻهو پاڻ
کي سڃاڻي ۽ پنهنجي وَٿُ محسوس ڪري ۽ اُها ماڻي، ۽
رڳو هڪ استعمال ۾ اچڻ ۽ اُڇلائڻ جي شيءِ ٿي نه
رهي، پر پاڻ پنهنجو وجود جو ڌڻي ٿي، زندهه رهي ۽
مري ته به هڪ آزاد هستيءَ جيان مري. اديب ائين
فردن جو، ۽ پڻ قومن جو جيئاريندڙ ۽ بچائيندڙ هوندو
آهي، اُنهن جي روحن جو مسيح هوندو آهي. جيڪو اديب
ڪو به مقصد اِن کان گهٽ درجي جو پنهنجي اڳيان رکي
ٿو، اُهو اديب نه آهي، اديب ٿي ئي نٿو سگهي...
والٽيئر ۽ سائين جويي صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪافي
هڪجهڙايون ملن ٿيون. والٽيئر سڄي ڄمار ڳهندو رهيو،
وڙهندو رهيو ۽ لکندو رهيو. غلام رباني آگري سائين
جويي صاحب لاءِ لکيو آهي: ”... هن پنهنجي زندگيءَ
۾ ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي. ميران ٻائيءَ ته زهر سان ڀريل
هڪ ئي پيالو پيتو هو. سنڌ جي هن لائق فرزند اهڙا
ڪيئي پيالا پيتا هوندا...“ سندن زندگي مسلسل
جدوجهد جو هڪ اَڻ مِٽ، بي مثل ۽ لازوال داستان
آهي.
والٽيئر کي اُن دور جي مذهب مهندارن ۽ فتويٰ فروش
عالمن مُلحد ۽ دهريو قرار ڏنو هو. دنيا جي هر عظيم
۽ ڏاهي مفڪر وانگر جويو صاحب پڻ اهڙين ”ڪرم
نوازين“ کان آزاد نه رهيو آهي. هر آزاد منش، هر
آزاد ۽ سوچيندڙ ذهن تي تاريخ جي هر دور ۾ اهڙا
واجهه وڌا ويا آهن. دنيا جي تاريخ اهڙن بيشمار
مثالن سان ڀري پيئي آهي، پر پوءِ به تاريخ جي
پنهنجي رمز آهي، اُن جا پنهنجا فيصلا آهن. اسان کي
تاريخ ئي ٻڌائي ٿي ته:
”انقلاب فرانس کان پوءِ 1791ع ۾ فتح سان سرشار
انقلابين اُن شخص (والٽيئر) جي هڏن کي لکين ماڻهن
جي سلاميءَ سان جلوس جي شڪل ۾ آڻي، پئرس ۾ دفن
ڪيو، جنهن شخص جي لاش کي اُن وقت جي ديني اختيارين
اِهو چئي مسيحي ڪفن ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ته ”هُو
مُلحد هو“ جلوس ۾ ويندڙ اُن تابوت تي هي لفظ لکيل
هئا: ”هن شخص جو انساني ذهن تي عظيم احسان آهي،
هِن ئي اسان کي آزاديءَ جو سبق سيکاريو.“
سنڌ ۾ سائين جويو صاحب بيشڪ، اهڙي ئي پايي جو مفڪر
آهي، وقت ثابت ڪندو ته سنڌ جو آزاد منش کين پڻ
اهڙن ئي سونهري لفظن ۾ ياد ڪندو.
سنڌ جو ساڃاهه وند طبقو اِن ڳالهه تي مُتفق آهي
ته: ”هن (سائين جويي صاحب) اسان کي آزاديءَ جو سبق
سيکاريو... هن اسان کي سنڌ شناسائيءَ ۽ اُن سان
محبت ڪرڻ جو درس ڏنو، هِن اسان کي سنڌ ۽ سنڌيت جي
ساڃاهه ڏني...“
شخصي طور تي مون سائين جويي صاحب کي نهايت سٻاجهو،
مَڻيادار، مهربان، علم ۽ دانش جو ڀنڊارُ، صاف
اُجرو مَنُ رکندڙ هر قسم جي بغض، ڪيني ۽ گِلا غيبت
کان بِنهه اَڻ واقف، مُنافقت، ٻچاپڙائپ وغيره کان
ڪوهين ڏُور، کَرو، صاف گُو، هميشه سچ ڳالهائيندڙ ۽
کِلمُک ڏٺو. سندن گهَر جا ۽ پڻ دل جا دروازا سڀني
علم دوست، ادب دوست ۽ سنڌ دوست ساٿين ۽ سنڌ، سنڌيت
۽ سنڌي ٻوليءَ سان پيار ڪندڙن لاءِ هر وقت ۽ هميشه
کُليل رهن ٿا. پاڻ تمام وسيع قلب، درگذر ڪندڙ ۽
علم ۽ ادب جي پياسين تي ائين مهربان هوندا آهن،
جيئن سانوڻ رُت ۾ اولا ڪري وسندڙ مِينهُن.
پاڻ پهرين جنوري 2009ع کان وٺي مختلف ۽ خطرناڪ
بيمارين جي وَر چڙهيل آهن، پر، سندن حوصلا، عزم ۽
سندن فڪر هميشه وانگر اڄ به جوان ۽ اَڏول بڻيل
آهي. موت جو ڊپ وڏن وڏن سورمن کي به لوڏي ڇڏي ٿو.
پر، موت سان هم ڪلام ٿيڻ ۽ اُن جي اکين ۾ اکيون
وجهي ڏسڻ کان پوءِ، سائين جويي صاحب جي سوچ ۽ فڪر
۾ نئون نکار ۽ پختگي آئي آهي.
اِن سلسي ۾ آءٌ پنهنجو هڪ تجربو اوهان صاحبن جي
خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهُرندس.
5 اپريل 2010ع تي صبح جو سوير مون کي اطلاع مليو
ته سائين جويو صاحب جن آغا خان اسپتال، ڪراچيءَ جي
انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ نازڪ حالت ۾ داخل
آهي.
اُن کان اڌ ڪلاڪ کن اڳ مون کي فون تي اطلاع مليو
هو ته منهنجو دِل گهوريو دوست، ڊاڪٽر پرتاب سنگهه،
ميمبر سنڌ اسيمبلي، دل جي دوري پوڻ سبب ديهانت ڪري
ويو آهي ۽ سندس مڙهه ميرپورخاص آندو پيو وڃي.
منهنجي لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته ڪهڙي پاسي
وڃجي. ڊاڪٽر پرتاب سنگهه، منهنجو گهر ڀاتي ۽ ننڍي
ڀاءُ مِثلُ هو ۽ منهنجو بيحد عزيز هو. بهرحال، آءٌ
نيٺ ان نتيجي تي پهتس ته حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو،
هڪ ته اڳي ئي هيءُ جهانُ ڇڏي چڪو آهي، سو منهنجي
وڃڻ سان جيئرو ٿي، واپس ڪين ايندو. البت، جيڪو
جيئرو آهي، تنهن جو حال احوال وٺجي، سو، آءٌ
ڪراچيءَ لاءِ روانو ٿيس. سائين جويي صاحب سان
منهنجي روح جي تار ڳنڍيل آهي.
آغا خان اسپتال پهچي، اِنفرميشن ڊيسڪ تان سائين جن
جي وارڊ جو ڏَسُ پڇيم، ۽ ڳولا ڪندو ڪندو اُتي
پهچي ويس، ۽ اُتي موجود هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي چيم ته
مون کي C-113 تي
وڃڻو آهي. هُن مون کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ الائي ته
ڪهڙي مَنَ ۾ آيس، مون کي چيائين، ”اچو!“
ڊاڪٽرياڻيءَ I.C.U وارڊ
جي ڪوڊ ذريعي بند ڪيل دروازي کي گهُربل ڪوڊ ملائي،
دروازو کوليو، ۽ چيائين، سامهون اٿوَ توهان جو
مريض.
آءٌ جيئن ئي وارڊ اندر داخل ٿيس، منهنجي نظر هڪدم
سائين جويي صاحب تي پيئي، ۽ آءٌ تڪڙو تڪڙو وڌي،
وڃي سندن بيڊ جي ڀرسان ماٺ ڪري بيهي رهيس. هڪ
ڊاڪٽر، سائينءَ وٽ بيٺل هو، ۽ طبعيت چڪاسي رهيو
هو.
چند ساعتن ۾ سائينءَ جي، جيئن ئي مون تي نظر پيئي
ته پاڻ هڪدم بستري تان اُٿڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ مون
کي ڳراٺڙي پائي، شفقت وچان لڳاتار چُمڻ لڳا. مون
سائينءَ جن کي سهارو ڏيئي، واپس ليٽائي بستري تي
سمهاريو، پاڻ هڪدم چيائون: ”هاڻي آءٌ جي پيس! يَر،
چڱو ٿيو جو تون آئين، هاڻي آءٌ جِي پيس!“
مون کي ٻڌايو ويو هو ته سائينءَ تي فالج جو حملو
ٿيو آهي، جنهن جو اثر دماغ تي به پيو آهي، ۽ سندن
دماغي صحت متاثر ٿي آهي. پر مون ڏٺو ته اُن وقت
صورتحال بلڪل ئي مختلف هئنِ. سائين جن تي فالج جي
حملي جا ڪجهه اثر ضرور هئا، پر ائين بلڪل نه هو ته
ڪو سائين جن جسماني يا ذهني طرح مفلوج بڻيل هئا.
ها، البت، پاڻ ڪمزور ضرور هئا.
منهنجي اچڻ سان سائينءَ کي دلي سَرهائي ٿي هئي،
جيڪا سندن چهري مان صاف بکي رهي هئي. پاڻ منهنجو
ساڄو هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ گرمجوشيءَ سان جهلي،
مون کي پنهنجي گهر ڀاتين جي صحت ۽ سندن خير عافيت
پڇڻ لڳا. پنهنجيءَ صحت جي ايتري چنتا نه هئنِ. پاڻ
چوڻ لڳا: ”چڱو ٿيو جو تون آئين. مون توکي ساريو
پئي. منهنجي صحت هاڻي بهتر آهي، ڪجهه ڪمزوري اٿم،
سا به لهي ويندي، ڳڻتيءَ جي ڳالهه ڪانهي...“
سائينءَ کي بهتر حالت ۾ ڏسي، مون کي خوشي به ٿي
رهي هئي ته دلي تسلي پڻ. سائينءَ جي اکين جي جوت ۽
چهري تي ڇانيل رونق مان زندگيءَ جي جهلڪ واضح هئي،
۽ منهنجا خدشا ۽ وِسوسا ڀڄي، ڪافور ٿي چڪا هئا.
پوءِ، پاڻ وري منهنجي هٿ کي پنهنجن ٻنهي هٿن سان
مضبوط جهلي، اُنهن کي مٿي ڪري چوڻ لڳا: ”هي هَٿَ ۽
اُنهن ۾ قلم، اسان جا هٿيار آهن، اُنهن کي Up
hold رکڻو
آهي.“ ڄڻ ته سائين جن مون کان ڪو وچن وٺي رهيا
هئا. پنهنجيءَ ڳالهه کي جاري رکندي، وري پاڻ
چيائون:
”آءٌ موت جي مُنهن مان نڪري آيو آهيان، مون موت کي
اکين ۾ اکيون وجهي، قريب کان ڏٺو آهي. اکيون ٻُوٽڻ
کان پوءِ رڳو اوندهه ئي اوندهه آهي، هيءَ دنيا سچ
آهي. اڄ سچ آهي، اڄ جو ڏينهن سچ آهي. تون سچ آهين،
آءٌ سچ آهيان، هيءَ زندگي سچ آهي، هيءُ سنسار سچ
آهي، اڄوڪو هيءُ پَلُ سچ آهي، سُڀاڻُ ڪنهن ڏٺو
آهي؟ هُو جهانُ ڪنهن ڏٺو آهي؟“
سائين جن اَجهَل ۽ روانيءَ سان ڳالهائي رهيا هئا.
پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي، پاڻ وري چوڻ لڳا:
”موت جي هِن بستري تي مون ڪائنات بابت سوچيو آهي.
هيءَ ڪائنات پاڻ وَهِيڻيOmni
potent آهي.
اُها اِرتقا ذريعي وجود ۾ آئي آهي، ۽ منجهس Self
evolution جي
سگهه موجود آهي... اِها اِئين ئي ۽ هميشه ارتقائي
عمل مان گذرندي رهي ٿي. ڪائنات جون سڀئي شيون پڻ
ارتقا جي عمل مان گذرن ٿيون...“ اِهي ڳالهيون ۽
ٻيون اهڙيون انيڪ فڪر انگيز ڳالهيون، پڻ ڪيائون.
آءٌ حيران هئس ته موت جي بستري تي پيل جُهور
جُهونو ماڻهو، پنهنجين سوچن ۽ فڪر ۾ ڪيڏو نه واضح
هو. کين موت جو خوف ته پري جي ڳالهه، پر اُن جو
ذري برابر احساس به نه هئنِ. اِن دوران سمورو وقت
ڊاڪٽر به موجود رهيو ۽ سڀڪجهه ٻڌندو رهيو، پر اسان
مان ڪنهن کي به ڳالهائڻ کان منع نه ڪيائين. پاڻ
مون کي گهڙي گهڙيءَ اِهو احساس ٿي رهيو هو ته ڪٿي،
وارڊ ۾ موجود ٻين مريضن جي آرام ۾ خلل نه پوندو
هجي.
پاڻ وري چوڻ لڳا: ”اسان جا سپنا ضرور ساڀيان
ٿيندا. پر، اُن لاءِ جدوجهد مسلسل جاري رکڻي
پوندي. سنڌ هڪ ڏينهن ضرور آجپو ماڻيندي، اِها سا
مون کي پڪ آهي...“
ايتري ۾ هڪ ٻيو ڊاڪٽر به آيو ۽ پنهنجو تعارف
ڪرائيندي چيائين، ”آءٌ توهان جو معائنو ڪندس، ڇا
توهان اُن لاءِ تيار آهيو؟“ اِن وچ ۾، اڳي ئي
موجود ڊاڪٽر، نئين ڊاڪٽر کي سائينءَ جو تعارف
ڪرائيندي چيو ته ”سائين جن 95 ورهين جي ڄمار ۾
آهن، گُذريل سال باءِ پاس آپريشن ٿي چڪو آهي، پاڻ
سنڌ جا مشهور دانشور آهن.“
سائين جويي صاحب جن ڊاڪٽر کي مخاطب ٿيندي چيو:
”توهان اڄ پهريون ڀيرو آيا آهيو. ڇا مان صحيح ٿو
چوان؟“ ڊاڪٽر هائوڪار ۾ جواب ڏنو ۽ پوءِ مون کي
مخاطب ٿي چيائين: ”سائينءَ جي طبي معائني ۾ 10 کان
15 منٽ لڳندا، تيستائين توهان هُن ڪُرسيءَ تي ويهي
انتظار ڪريو، ۽ پوءِ ڀلي گپ شپ ۽ ڪچهري ڪجو.“
آءٌ ڪجهه منٽن لاءِ ڀرسان خالي پيل ڪُرسيءَ تي
ويهي رهيس، پر پوءِ اِهو سوچي ٻاهر نڪري آيس ته
15-10 منٽن کان پوءِ ٻيهر واپس هليو ايندس ۽ پوءِ
دل کولي ڪچهري ڪنداسون. مون کي اهڙي پڪ اِن لاءِ
به هئي جو ڊاڪٽر به واعدو ڪيو هو ۽ اسان ٻنهي کي
ڪچهريءَ کان نه جهليو هئائين. بلڪ منهنجو خيال آهي
ته ڊاڪٽر ڄاڻي ٻُجهي اسان کي نه روڪي رهيو هو، جو
هُو اُن دوران ڪا Observation ئي
ڪري رهيو هو. شايد مون کان اڳ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو
سائين جن جي تيمارداريءَ لاءِ وٽن نه پهتو هو،
جنهن سان پاڻ ائين دل کولي ڳالهائي سگهن. سائين جي
پُٽ محبوب ته مون کي چيو هو ته ”سائينءَ جي ذهني
صحت سالم نه آهي ۽ ڊاڪٽرن ڳالهائڻ کان جهليو آهي.“
پر کين ڏسي ۽ ملي منهنجو خيال هو ته سائينءَ ڪافي
پاڻ کيrecover ڪري
ورتو هو ۽ منهنجي اچڻ سان جيڪا کين خوشي ٿي هئي،
سندن برهه کُلي پيو هو، ڪوئي بند ڀڄي پيو هو ۽ پاڻ
دل کولي مون سان دل جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا،
ڊاڪٽر اُنهيءَ جو مشاهدو ڪري رهيو هو، observation وٺي
رهيو هو. سائين جي صحت جي خيال کان يقيناً اُها
هڪ مثبت تبديلي هئي.
وارڊ کان ٻاهر اچي، ڪي گهڙيون محبوب سان حالي
حوالي ٿيس ۽ سائينءَ جي صحت بابت احوال ورتم، پر
سندس ڳڻتيءَ ڀرئي رَويي سبب، ٻيهر وارڊ ۾ سائينءَ
سان ملڻ لاءِ وڃڻ بدران، پنهنجو گَسُ ورتم.
سائين جويي صاحب جا عزم ۽ حوصلا اڄ به جبل جيئن
مضبوط ۽ بلند آهن. اِها هڪ بهادر ماڻهوءَ جي نشاني
آهي. ناگزير ۽ ناموافق حالتن جو جوانمرديءَ ۽
حوصلي سان مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ ڪوئي سائين جويي
صاحب کان سِکي! دوستيءَ ۽ اُن جي نباهه، جو سبق
ڪوئي سائين جويي صاحب کان سِکي!!
اڄڪلهه سائين جويو صاحب جن بيماريءَ جي اذيت کان
به وڏي پِيڙا، وڏي ڄمار جو عذاب ڀوڳي رهيا آهن.
جيتوڻيڪ هر ڪوئي ماڻهو وڏي ڄمار ماڻڻ جون سَڌون
ڪندو آهي، پر، ڪڏهن ڪڏهن اُها جيءَ جو روڳُ بڻجي
ويندي آهي. سائين جويو صاحب هِن وقت قحط الرجال جو
شڪار آهي. سندن سڀئي سَنگتي ساٿي، جن سان سندن روح
جون تارون ڳنڍيل هيون، ڄڻ ته ڪو جنم جنم جو ساٿ
هُين، اُهي سڀئي، هِڪُ، هِڪُ ڪري، پنهنجو وارو
وڄائي ويا. ڪي طبعي طور جدا ٿي ويا ته ڪي وري فڪري
موت مري ويا، ۽ ڪِن وري مُنافقيءَ کي عظيم
دانشمندي سمجهيو آهي. پکي وڳر ۾ ئي سُونهندا آهن.
مون کي ياد آهي ته 29 ڊسمبر 1997ع تي سنڌ جي مهان
ڪويءَ، شيخ اياز جي مرتئي تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم
۾ ٿيل تعزيتي ميڙاڪي ۾ سائين جويي صاحب پنهنجي دلي
ڪيفيت جي اظهار لاءِ شيخ اياز جي هنن سِٽن جو
سهارو ورتو هو:
ڏور ٿيندا وڃن، روز جوڳيئڙا،
تون اڃا پيو جيئين، هاءِ ڙي جيئڙا!
اُن وقت سائينءَ جي ڪيفيت مان سندن دُک جو اندازو
لڳائڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪانه هئي. دردَ هميشه دلي طور
تي ئي محسوس ڪيا ويندا آهن. اُنهن جي گهرائيءَ جو
اندازو، درد وَندي دل ئي لڳائي سگهي ٿي. سائينءَ
اِن سلسلي ۾ ڪيترائي گهرا گهاوَ پنهنجي دل تي سَٺا
آهن. ڪامريد ايم. اين. راءِ، ۽ ڪامريڊ لينن جو
وڇوڙو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد جو
وڇوڙو، سائين جي. ايم. سيد ۽ شيخ اياز جو وڇوڙو،
حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، حسام الدين راشدي ۽
تازو ئي غلام رباني آگري جو وڇوڙو ۽ اهڙن ٻين
بيشمار دل گهُرين سندن دوستن جا وڇوڙا ۽ سوويت
يونين جو ٽٽڻ سچ ته انهن سندن جيءُ ئي جهوري وڌو
آهي. پاڻ ائين ئي آهن ڄڻ وڳر کان وڇڙيل ڪائي ڪونج!
پوءِ به، پاڻ هميشه زندهه دليءَ جو ثبوت ڏنو اٿن،
سڀئي دل جا گهاوَ سيني ۾ سانڍي، هميشه کِلمُک ئي
نظر اچن ٿا، ڪنهن کي محسوس نٿا ڪرائين. پر آءٌ
سندن اِهو درد محسوس ڪريان ٿو، ۽ اِها ڳالهه سائين
جويو صاحب جن سمجهن ٿا.
عُمر جي هِن آخري پَهَر ۾، منهنجي ذاتي راءِ موجب،
سائين جويو صاحب جن ٻِن ڪمزورين ۾ ڦاسي پيا آهن،
پاڻ هڪ ته چاپلوس دوست نما دشمنن جي گهيري ۾
گهيرجي ويا آهن، جن کانئن ڪي اَڻ سونهندڙ فيصلا
ڪرايا آهن، جن جي ڪري سندن سج جهڙي روشن شخصيت کي
جزوي گرهڻ لڳي ويو آهي. جيتوڻيڪ مون کي پڪ آهي ته
سندن زماني شناس ۽ ماڻهو شناس نظر اهڙن ماڻهن کي
پرکي ٿي، پر شايد جيئن زندهه رهڻ لاءِ ڪَڙو ڍڪ
پيئبو آهي، تيئن سائين به سمجهن ٿا ته ”جتي وڻ نه
هجي، اُتي ڪانڊيرو به وڻ“. جيڪي جبروت لڏي ويا، سي
واپس ته ڪونه ايندا ۽ پوءِ انسان، خلائن ۾ ته نٿو
رهي سگهي، هِن ڌرتيءَ تي زندهه رهڻ لاءِ، ڪِٿي
ڪِٿي ڪَسُ به کائڻي پوي ٿي.
ٻيو ته عمر جي هِن حصي ۾ کين اولاد جي موهه، موهي
وڌو آهي. اِها منهنجي ذاتي راءِ آهي، ممڪن آهي ته
آءٌ غلط هجان. هر وڏي انسان جي ڪانه ڪا ڪمزوري
هوندي ئي آهي، جيڪا نيٺ سندس جهوريءَ جو ڪارڻ بڻبي
آهي. سائين جن ڀليءَ ڀت ڄاڻن ٿا ته يوگي ۽ تپسوي
هميشه نِرموهي هوندا آهن. تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي
ته ڪيترن ئي مها ۽ پرم يوگين ۽ تپسوين موهه جي
مايا ڄار ۾ ڦاسجي، پنهنجو يوگُ ۽ تَپُ گنوايو آهي.
سائين جويو صاحب هڪ انسان آهي، فرشتو ڪونهي ۽ ڪوبه
انسان، انساني فطري ڪمزورين کان آجو ڪونهي. بحيثيت
مجموعي، سائين جويو صاحب هڪ مها پُرش، سنڌ جو سچو
يوگي، تپسوي ۽ ڪرانتڪاري آهي. اهڙا سدورا ۽ سداچار
۽ پاڻ موکيندڙ انسان، قومن جا بخت بڻجي ڌرتيءَ تي
جنم وٺندا آهن ۽ اُنهن جا صدين جا غلاميءَ جا
زنجير ٽوڙي، کين اعليٰ انسان پڻي جو شرف بخشيندا
آهن. جنهن ڌرتيءَ تي اُهي ڄمندا آهن، سا ڌرتي اهڙن
سدورن پٽن تي بجا طور تي فخر ڪندي آهي.
جنم ڏينهن جي هِن اُتسَوَ تي اسين سنڌ واسي، سائين
جويي صاحب کي لکين ڪروڙين واڌايون ڏيندي کين دعا
ٿا ڪريون ته پاڻ ذهني ۽ جسماني طرح صحيح سلامت
رهن، وڏي ڄمار ماڻين ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي هميشه وانگر خدمت ڪندا رهن ۽ اُنهن جي
آجپي ۽ جياپي لاءِ جدوجهد سان گڏ اسان جي رهنمائي
ڪندا رهن.
موقعي جي مناسبت سان آءٌ سائين جويي صاحب جي نهايت
ئي دل گهُرئي دوست، رام امر لال پنجواڻيءَ جا هِي
لفظ ورجائيندس، جيڪي هُن سائين لاءِ دُعا ڪندي چيا
هئا:
”شل سدائين هِن جون اکيون، آڱريون ۽ قلم سلامت
رهن، اُهي اکيون، جن سدائين سنڌ جي آزاديءَ،
خوشحاليءَ ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا. اِهي نم ۽ بَڙ جي
گهاٽن وڻن جهڙيون ٻاجهاريون اکيون ۽ آڱريون ۽ قلم،
سدائين سنڌ تي علم جي ڇانوَ ڪنديون رهن!“ |