سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:15

سنڌ جي ڏاهپ جو هڪ صديءَ جو سفر

 

 

 

 

سحر گل

پنهنجي عُمر جي هڪ صديءَ جي ڇيڙي تي پهتل هن ڏاهي مُسافر ۽ سچي دانشور جو سفر، دراصل سنڌ جي ڏاهپ جو سفر آهي. وقت جي مختلف دورن جي ان سفر دوران پاڻ ڏاڍي سهڻي انداز سان زندگي گذاري، مثالي جيئڻ جو هڪ نمونو پيش ڪيو اٿن. پنهنجيءَ صورت ۾ پاڻ سنڌ کي هڪ اهڙو مثالي انسان ۽ عظيم دانشور ارپيو اٿن، جيڪو وقت جي دولاب ۽ ڏاڍَ کي نندي، جابر خلاف مظلوم ڏانهن ڌرائتو ٿي بيهي، ۽ پنهنجي حاتيءَ جي هر پلَ ۾ علمي ۽ عقلي ڪم ڪري؛ بيحد ڪمائتي انداز ۾ پنهنجي زندگي گذاريندو رهيو آهي. ان کان وڌيڪ سهڻو ٻيو ڪير جيئندو آهي! سندن ڏاهپ ڀريي جيون تي منهنجون لکَ واڌايون. هيءُ ليک، لکڻ وقت مان اهو سوچيندي رهي هيس ته، ڏاهپَ ۽ عظمتَ جو هيڏو اوچو قد بت رکندڙ، سنڌ جي هيءَ اعليٰ هستي، جيڪا باعلم به آهي، شخصيت سازَ به آهي، هر دور جي نوجوانن ۽ دانشورن جي رهبر به آهي. ڌرتيءَ جي حقن جي علمبردار به آهي. اعليٰ سائنسي ۽ فلسفيانه قدرن، اصولن جي سچي پوئوار به آهي- ته سندس طبعيت ۾ هڪ سچي صوفيءَ جي روح جهڙي سادگي، نهٺائي ۽ سهپَ به آهي. گڏوگڏ جنهن پنهنجي ذهني پورهئي سان علم، وجدان ۽ ڏاهپ جو اُهو وکَر به ماڻيو آهي، جيڪو ازل کان ڏاهپ جي مسافرن ذريعي روح در روح، دور در دور، پئي سفر ۾ رهيو آهي، ته اهڙي شخصيت تي لکڻ، ڪيڏو نه مقام هوندو مون لاءِ!

سنڌ کي سائين جويي صاحب جهڙو گهڻ رُخو ۽ حسناڪ انسان نصيب ٿيو، اهڙيون اڻ ڳڻيون خوبيون سڀ هڪ جاءِ تي گڏ، تمام تمام ٿورڙن ماڻهن ۾ اسان کي نظر آيون آهن. ڀاڳن واري سنڌ ڇا ته انسان ماڻيو آهي! سچ اهو آهي ته، هيءُ ليک لکندي مان سڄو وقت اِن اُڻ تُڻ ۾ رهيس ته، سندن شخصيت تي مان ڪيئن لکان، جو هيءُ ليک سندن شانائتي هستيءَ جو شايان شانُ هجي، ۽ کين قبول به پوي.

صوفياڻي روح جي صُحبتَ به صوفياڻي:

هيڏين سارين عجب رازن جهڙين خصلتن سان گڏ وري صوفياڻو روح به اٿن. پاڻ اُن سمونڊ جا سيوَڪَ آهن، جنهن لاءِ ڀٽائيءَ چيو ته، ”منجهانئس ماسو به پوڄارن کي پُر ڪندو آهي،“ انڪري علمَ ۽ ڏاهپ سان سندن صحبت، مادي زندگيءَ ڏانهن سندن طبعيت کي صوفياڻو ڪري کين اُمُلهه بڻائي ڇڏيو، مٿان ڀاڳن وارا وري اهي ٿيا، جيڪي سندن صحبت ۾ رهيا، ۽ جن سندن خيالن ۽ مڪتبهء فڪر جي پوئواري ڪئي، ته پاڻ انهن کي سُڃي سون ڪيائون، پاڻ هڪ تربيتگاهه آهن، سندن ان عقل ۽ ڏاهپ جي درسگاهه مان جيڪي تربيت ماڻي نڪتا، انهن جي فلسفيانه، منطقي ۽ سائنسي سوچ واري نگاهه تي سندن ڇاپَ آهي. حقيقت اها آهي ته، اصل شخصيت سازي مڪمل ٿئي ئي شعور سازيءَ سان ٿي.

سوچجي ته سماج ۾ ڪيترا اهڙا فرد ۽ ادارا آهن، جيڪي سياسي، سماجي، معاشي ۽ تدريسي حوالن کان سماج تي گهري نظر رکندڙ هئڻ ڪري، نوجوانن جي اهڙي گهڻ رُخي تربيت ڪري سندن صحيح معنيٰ ۾ شعور سازي ڪن ها؟ انهن کي سنڌ، سنڌيت، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حقن ۽ حقيقتن سان گڏ عالمي فلسفي، مارڪسزم ۽ تاريخي ۽ جدلي ماديت جي حوالي کان به باخبر ڪن ها؟ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا نالا سُجهن ٿا. اهڙن ڳڻائتن انسانن کي فرد بدران درسگاهه چوڻ گهرجي ته، هو پنهنجن شاگردن ۾ اهي سڀ يگانيون وصفون منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، جيڪي انهن کي به اهڙي ئي مڪمل معلم ٺهڻ جي راهه تي وٺي هلنديون رهيون آهن، جتي علم ڄاڻڻ جي اهميت، فقط ان جي سماجي ڪارج سان ٿئي ٿي.

ڄاڻ جا خزانا هٿ ڪري ونڊڻ واري هن انسانيت دوست انسان، اهو سمجهيو ۽ سيکاريو آهي ته، فلسفو معنيٰ فلسفو ڪرڻ، يعني ان کي سماج تي لاڳو ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته ڄاڻ جيڪا فقط ذهنن ۾ رهي ٿي. سا خام مال جيان اڻ ڪارائت رهي ٿي. پاڻ، ڀٽائي سائينءَ جي ٻوليءَ ۾: هي انهن عام مُعلمن مان نه آهن، جيڪي رڳو علم هٿ ڪري اچي ان جا داستان ٻڌائيندا آهن، پر ان جي خبر ناهن ڏيندا، جيڪو اٿاهه گهراين جي وچ ۾ رهي پيو:

اوريائين آڻين، ميڙيو مُعلمَ خَبُرون؛

سا تان سُڌِ نه ڏِينِ، جتي وَهُ ويڌَ ڪري!

يعني سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي شخصيت ان گروءَ جهڙي آهي، جيڪو نه رڳو علم ڏئي ٿو، پر هو اُنهن گَسن جي سُڌَ به ڏئي ٿو، جيڪي نئين شعورَ کي دنيا جي اڻ ڏٺل عظمتن جي مقامن ڏانهن نيئن ٿا.

منهنجو تجربو:

هونئن ته مختلف محفلن ۾ ساڻن منهنجون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن، پر ساڻن اڌ ڊزن کن منهنجون بيحد تفصيلي ملاقاتون رهيون آهن، جيڪي سندن ئي گهر ۾ ٿيون آهن. سڀ کان پهريون ڀيرو مون 2008ع ۾ کين فون ڪري کانئن ملاقات جو وقت تڏهن گهريو هو، جڏهن مان انگلينڊ مان هڪ ٻي ايم.اي ڪري آئي هيس ۽ ان جي تحقيق (ٿيسز) کين ڏيکارڻ پئي چاهيم. ان ڏينهن وٽن غلام رباني آگرو صاحب جن به ويٺا هئا. مون کي اڄ به جويي صاحب جي گهر تي اها منجهند جي مانيءَ واري دعوت ياد آهي، جتي اسان ٽنهي گڏجي ماني به کاڌي هئي ته مختلف موضوعن سان گڏ منهنجي تحقيقي ڪم تي ڪچهري به ڪئي هئي.

آگري صاحب تفصيلي طور مون کان منهنجي تحقيق بابت پڇيو هو، جيئن ته منهنجي اها ٿيسز طالبان ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جي موضوع تي هئي، ان ڪري مون کين ٻڌايو ته مان في الحال اها ڇپرائڻ کان لهرايان پئي، ته جويي صاحب ان تي هڪدم مون کي جيڪا نصيحت ڪئي، سا اڄ به لفظ به لفظ ياد اٿم. چيو هئائون: ”ادڙي! ڪنهن به موضوع تي ٻوليءَ کي جي جهڪو ۽ ٿڌو ڪري لکبو ته اهو مسئلو نه ڪندو، جي اوهين سمجهو ته، ان جي ٻوليءَ تي ٿورو ڪم ڪيو، پوءِ ڇپائي سگهو ٿيون.“ ان کان پوءِ ان موضوع تي مون ڪافي لکيو، ۽ ان تحقيقي ٿيسز جي ڪجهه بابن مان ڪجهه مضمون به تيار ڪري ڇپرايم.

هڪ ڀيري مون فون ڪري کانئن ڳالهائجندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ ايندڙ بگاڙ بابت ڪچهريءَ لاءِ وقت ورتو، ان موضوع تي لکيل پنهنجا مضمون مون اڳ ئي کين موڪلي ڏنا هئا. ملاقات دوران پاڻ مضمونن ۾ منهنجن خيالن جي تائيدَ ڪئي هئائون ته، واقعي ڳالهائجندڙ سنڌيءَ جي هر جملي ۾ انگريزي لفظن جو انبوهه آهي.ٻوليءَ تي لکيل منهنجي مضمون ۾ آيل هڪ نُڪتي (لفظ ”عورتَ“ جو”ناري“ يا ”مائي“
لاءِ استعمال تي، جيڪو عربيءَ مان کنيل آهي، ۽ ان ۾ ”عورت“ معنيٰ اوگهڙ، يا بي لباس) تي هنن مون کي نه رڳو ساراهيو هو، پر ان تي پنهنجي واضح راءِ به ڏني هئائون، پاڻ چيو هئائون ته، ”اسان سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري سماج ۾ ته ’مائي‘ ۽ ’مرد‘ استعمال ڪندا آهيون. ٻهراڙيءَ ۾ ’عورت‘ لفظ ڪير استعمال ڪندو آهي؟ ان جو استعمال شهري سماج ۾ ٿئي ٿو، جيڪو هاڻي پاڙون وٺي ۽ پکڙجي پيو، خود ڀٽائي به، جيئن ته عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ مُک ڪردار مائي هوندي به هن اهو لفظ ڪتب نه آندو آهي!“

سائين جويي صاحب اهو به چيو ته، ”ان جي رڳو اعلان جي ضرورت آهي، ۽ اهو لفظ ’عورت‘
ڪڍي ’مائي‘ استعمال ڪجي.“ مون اِن تي ڪافي لکيو ۽ ڳالهايو آهي، پر اهو اڃان تائين ممڪن نه ٿي سگهيو آهي، پر سندن صلاح تي سنڌي ٻوليءَ جي اداري ۾ مون ميڊم فهميده حسين ۽ تاج جويي صاحب کي به اهو چيو، جيڪي انهن مڃيو به، پر هاڻي اهو ميڊيائي ۽ ٻين سماجي ۽ تعليمي ادارن کي ڪيئن ٻڌائجي. ان تي سائينءَ جهڙي وسَ واري شخصيتَ ئي ڪو اعلان ڪري، ان کي عمل ۾ آڻائي سگهي ٿي.

هڪ ڀيري مان ساڻن ملڻ ويس ته، پاڻ هڪ سنهڙو ڪتاب، جيڪو فوٽو اسٽيٽ جي صورت ۾ ڳاڙهي ٽائيٽل پيپر سان هو، مٿان پلاسٽڪ چڙهيل هئس، مون کي ڏيندي چيائون ته،”هي ڪتاب ضرور پڙهجو.“ (ٿورو ترسي وري چيائون)، ”۽ جي هي ڪتاب اوهان کي پسند اچي، ۽ اوهان وٽ وقت هجي ته اوهين ضرور هن کي ترجمو ڪريو، سنڌيءَ ۾ سياسي ادب ۾ اضافو ٿيندو.“ اهو ڪتاب هو ”تاريخي ماديت تي هڪ نظر،“ جيڪو وي پوڊوسيٽڪنڪ، اي اسپَرڪن جو گڏيل ڪم آهي، مون اهو ڪتاب ترجمو ڪيو. ان جا پروف رهيل آهن، جيڪي جلد ڏسي، ڇپائيءَ لاءِ موڪلينديس. فلسفي جي شاگرد هئڻ ڪري جدلي ۽ تاريخي ماديت، منهنجا پسنديده موضوع رهيا آهن، پر سائينءَ جي ڏسيل ڪتاب جي ترجمي دوران مون ان موضوع جو ويتر ڳوڙهو مطالعو ڪيو، جنهن منهنجي ان موضوع تي خيالن ۽ لکڻيءَ کي ويتر بهتر ڪيو.

ٻولي: ٻوليءَ جي موضوع تي سندن گفتگو تمام گهڻي لاڀائتي هئي. ان تي منهنجي راءِ به لڳ ڀڳ ساڳي آهي. مان سندن هر خيال سان ان ڪري سهمتَ آهيان، جو مان به ان ئي مڪتبهء فڪر جي آهيان، جنهن جي رسمَ پاڻ وِڌي اٿن، کين پڙهڻ کان پوءِ ته سندن وڏي پيروڪار بڻي آهيان.

سندن اها ڳالهه لکن جي مَٽ آهي ته، ”ٻين ٻولين مان فڪر کڻي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻڻ سان، ٻوليءَ کي نه رڳو ترقي ڏجي ٿي، پر اهو عمل ان ٻوليءَ ۾ موجود علمَ کي وسعتون به عطا ڪري ٿو، ان ڪري ٻي ٻوليءَ جو فڪر سنڌيءَ ۾ داخل ٿيڻ اسڀاويڪ ناهي، پر اهو اسين ڪيئن ٿا داخل ڪيون، ان جو وڏو فرق پوي ٿو.

مون تازو ئي ٻوليءَ جي حوالي سان پڙهيو آهي، اُهي خيال مختصر طور هتي پيش ڪرڻ چاهينديس. هڪڙا ٻه لفظ آهن، جيڪي ٻوليءَ لاءِ فرانسيسي لسانيات جي ماهرن ڪتب آندا آهن: هڪ آهي ”پارول“ ٻيو آهي ”لانگي“ پارول ڪنهن به ٻوليءَ جو ظاهري ڍانچو ٿئي ٿو، جيڪو اُن ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ عوام روزانو استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته لفظ ”لانگي“ اُن مڪمل ٻوليءَ لاءِ ڪتب ايندو آهي، جيڪا اجتماعي ٻولي آهي، پنهنجي پوري تاريخ، جديد صورت، خيالن ۽ لفظن جي ذخيرن سميت!

جيڪڏهن پارول، يعني روزمره واري ٻولي بگڙندي ته اها پس و پيش لانگي يعني اجتماعي ٻوليءَ جي به صورت تبديل ڪندي ويندي. سنڌي لانگي جي ڍانچاتي صورت بيحد تڪڙي تبديل ٿيندي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته اسان هر نئين داخل ٿيندڙ ٻاهرئين لفظ کي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ متبادل لفظ به موجود آهي، ٻوليءَ ۾ آڻي، اُن کي ٻوليءَ جو امير ٿيڻ سڏيون ٿا. متبادل لفظن هوندي ائين ڪرڻ بي واجبي آهي.مثال طور جڏهن انگريزي ٻولي هن خطي ۾ نه آئي هئي ته، ڇا تڏهن سنڌيءَ جي صورت موجود نه هئي؟ ڀٽائيءَ جي ٻولي ڏسو، ان کان اڳ قاضي قادن جي ٻولي ڏسو، ڇا اُنهن دورن ۾ (سواءِ نين ايجادن جي) مختلف شين ۽ وَکرن جا لفظ موجود نه هئا؟ مثال، تڏهن مائيءَ لاءِ ڪهڙو لفظ ڪتبُ ايندو هو؟ يا مارڪيٽ يا بازار لاءِ ڪهڙا لفظ هئا؟ ڇا سنڌ ۾ جنسن جو وڪرو نه ٿيندو هو؟ هاڻي جيڪڏهن لفظ ”استعمال“ يا ”ڪتب“
بدران ”يُوز“ ڪتب آڻيون ٿا ته، ڇا وري به چونداسين ته، ”سنڌي ٻولي امير پئي ٿئي!“ اهو اسان جو پنهنجو ڏاڍ آهي پنهنجي ٻوليءَ سان. ان ڪري ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي صورت خوفناڪ حد تائين بگڙي آهي. اسين هاڻي سنڌي ٻولي هيئن ٿا ڳالهايون:

”ورلڊ پالِٽڪس چينج ٿئي پئي،“ يا ”آءٌ وِيڪ اينڊ گهر ۾ ويهي ريليڪس ڪندو/ ڪندي آهيان.“ سو اها سنڌي آهي، يا انگريزي ٻوليءَ جو هڪ ڏکڻ ايشيائي لهجو؟“

جيستائين سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسِڪس جو انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمي جو خيال آهي ته منهنجو عرض اهو آهي ته ڀٽائيءَ کي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ گهرجي ها. ڀلي ان جي شروعات ڪو سنڌي ئي ڪري ها، ته جيئن ان کي سمجهڻ لاءِ ٻاهرين محققن جون راهون کلن ها. اسين اڄ به جرمن فلسفي ۽ ڪيترن ئي مابعد الطبعياتي سُوالن کي پنهنجي ڪلاس روم ۾ بحث ڪندي ڀٽائيءَ کي کڻي ايندا آهيون، هيگل جو فاني ۽ لافاني جو خيال ته سنڌي ماڻهو جيترو حسين طريقي سان ڀٽائيءَ ذريعي سمجهي ٿو، اهو شايد ئي ڪنهن ٻئي مثال ذريعي سمجهي سگهي- ته ڀٽائيءَ جي موضوعن ۾ عالمگيريت به آهي ته ڪلاسيڪيَت به. تنهنڪري اِهي بين الاقوامي محققن خاص ڪري اهي جيڪي تصوفَ تي ڪم ڪن ٿا، لاءِ بيحد دلچسپ هوندا.

سياست ۾ داخل ٿيڻ:

پاڻ مارڪسوادي آهن، ۽ ان ۾ هو ايم.اين.راءِ جي فڪر جي وڌيڪ ويجهو رهيا آهن. خبر نه آهي ان باري ۾ هاڻي ڇا ٿا سوچين، پر مون کي سندن سياست جي دنيا ۾ عملي طور داخل ٿيڻ واري سوال تي، سندن جواب بيحد وڻيو: ”جن کي پنڌ جو اوسيئڙو هوندو آهي، اُهي سک نه سمهندا آهن، جن کي نظام جي خلاف دل ۾ بغاوت اچي، انهن کي ڪهڙي ضرورت آهي سياسي فڪر جي فقط هڪ ڌارا ۾ هلڻ جي.“ نون نون خيالن جي قبوليت کين ڪٿي ٿي دائرن ۽ سَنگهرن ۾ رهڻ ڏي؟ انهن مڙني خصلتُن کي ورلي ئي سياسي پارٽيون قبولينديون آهن. اهي نه ته سوالن کي پسند ڪنديون آهن، نه وري نون خيالن، تجويزن ۽ تبديلين کي جاءِ ڏينديون آهن. سخت گير پارٽين ۾ ته منهنجو اهو خيال آهي ته تخليقي ماڻهوءَ جو صلاحيتون يا ته رد ڪيون وينديون آهن، يا وري انهن کي هڪ ئي دائري ۾ محدود ڪبو آهي. ڪي پارٽيون وري احڪام ناما به جاري ڪنديون آهن، ته اوهين ڪهڙي شيءَ کي پسند ڪيو، ڪهڙي کي ناپسند؟ ڇا تي لکو، ڇا تي نه. ڪنهن سان ملو، ڪنهن سان نه. فقط اهي سياسي پارٽيون، جيڪي سخت گير ناهن، سي شعوري اوسرَ کي قبول ڪن ٿيون، جتي ڪارڪن واقعي به تربيت يافته ٿئي ٿو.

طبقاتي سُوال ۽ جاگيرداريتَ:

مان جويي صاحب جي جنهن نڪتهء نظر کان وڌ ۾ وڌ متاثر آهيان، سو آهي سندن طبقاتي متڀيد جو خاتمو. منهنجو به خيال آهي ته، سنڌ جي ڀلائي سماجواديت يعني طبقاتي تفرقي جي مڪمل خاتمي ۾ آهي. زميندار ۽ شاهوڪار طبقي کي پنهنجي هڪ هٽي ختم ڪري دنيا جي آدم کي برابري ڏيڻي پوندي. اها اُميد ڪرڻ ٺيڪ آهي ته حڪمران ۽ مٿئين طبقي ۾ ڪو مائيءَ جو لال پيدا ٿي ڌرتيءَ جي ڏکن کي سمجهي واهرو بڻجي، غريب عوام جي برابريءَ جي حق لاءِ وڙهندو، پر دنيا ۾ ان جا مثال ورلي ئي آهن. جام پئسي جي چَمَڪَ ماڻهوءَ ۾ ماڻهپي کان وڌيڪ ماديت پسنديءَ جي اهميت کي مٿاهون ڪري محسوس ڪرائي. سندس شعور جي مزاجَ کي بدلايو ڇڏي. سندن جيان منهنجو پنهنجو خيال به اهو ئي آهي سنڌ مان جاگيرداري ۽ وڏيرڪو راڄ ختم ٿيڻ گهرجي.

زندگيءَ ڏانهن رويو:

سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جن ڏاڍو سهڻو چيو آهي ته، ”جي کين سنڌ جي مستقبل ۾ ايمان نه هجي ها ته پاڻ جيئندا ئي ڇو رهن ها! جياپو ڪارِجَ سان هجي، اُن کان سواءِ نه هجڻ گهرجي.“ ان نظريي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو اٿن.

پاڻ اهو چون ٿا ته، ”سنڌ جو مستقبل، سنڌ جي عوام ۽ محنت ڪندڙ طبقي، هاري ۽ مزدور طبقي تي مدار رکي ٿو.“ سندن اهو جواب ٻڌائي ٿو ته پاڻ سچا مارڪسوادي هئا، ۽ اڄ به آهن. اهو بلڪل درست آهي ته سنڌ جو بهتر مستقبل، طبقاتي سياست کان سواءِ ممڪن نه آهي، پر سنڌ جو عوام اُن ڌڻ جيان آهي، جنهن کي لاڳيتو ڪو سچو ڌنار نه ملي سگهيو آهي.

محمد ابراهيم جويو

   جديد فڪر جو حقيقي پرچارڪ ۽ رکوالو

 

 

 

 

 

 

ڀائو درمحمد ٻرڙو

 

(ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قنبر ۾ ڀائو در محمد ٻرڙو، سائين جويي صاحب جي 98 سالگره ملهائي رهيو آهي، سالگره ۾ قنبر جا اديب، شاعر ۽ سول سوسائٽيءَ جا فرد شريڪ آهن).

دنيا ۾ هر سطح تي انقلاب آيا، پراڻي جي جاءِ نئين ورتي، عقيدن ۽ وهم پرستيءَ جي جاءِ سائنس ۽ نون علمن ورتي. ادب نئون بڻيو ۽ اهو جديد خيالن، خوابن ۽ احساسن جو آئينو بڻيو. ادب بدلجندڙ دنيا مان اثر ورتا ۽ موٽ ۾ ان به دنيا تي پنهنجا حسناڪ اثر ڇڏيا. سنڌ تي اڻويهين صديءَ تائين انهن انقلابن جا ڪي نالي ماتر اثر پيا هئا، پر اُڻويهين صدي ڪيئي سدورا سنوڻ کڻي آئي. دنيا جي وڏن انقلابن جون خبرون چارون پهچڻ لڳيون ۽ ماڻهو هتي به نئين انداز ۽ زاويي سان سوچڻ لڳا. سنڌي سماج ۾ نئين ۽ وڻندڙ تبديلي آئي، سنڌي ٻوليءَ کي هڪ لپي ملڻ کان پوءِ لکت جي اوسر به ٿي. اُڻويهين جي ٽئين ۽ چوٿين ڏهاڪي کان سنڌي ادب کي جديد بنائڻ ۽ ان مٿان صدين جي دز ڇنڊڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ان ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جو ڪردار نمايان، متحرڪ ۽ بنيادي هو.

جويو صاحب، جديد علمن ۽ انقلابن کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ وارو پهريون اهم ماڻهو هو ۽ نون، انقلابي ۽ انسان دوست سوچن ۽ خيالن جو پهريون وڏي ۾ وڏو پرچارڪ هو. هن دنيا جي جديد ۽ نون خيالن کي پنهنجين مقامي حالتن جي پس منظر ۾ پيش ڪيو ۽ سنڌ جي حالتن توڻي مسئلن جو پهريون ڀيرو سائنسي ۽ عقلي تجزيو پيش ڪيو. اڳي به سنڌ بابت لکيو پئي ويو، پر حالتن جو حقيقي تجزيو، 
جويي صاحب جي علم ۽ علمي تجربي جو ڪرشمو هو.

هن پنهنجا خيال به پيش ڪيا ۽ ترجمن جي صورت ۾ دنيا جي عظيم فڪرن، انقلابن ۽ نظرين کي به پيش ڪيو ۽ ايئن هن علم ۽ ادب کي مالامال ڪيو. جويي صاحب جي ترجمن نئين سنڌ جي اڏاوت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ۽ انهن ترجمن جا پيڙهيءَ کان پيڙهيءَ تائين اثر پوندا رهيا آهن ۽ اڃا تائين انهن ترجمن جا اثر هلندڙ آهن. جويو صاحب سڄي ڄمار وڌيڪ پڙهيو ۽ پسند ڪيو ويندڙ اديب ۽ ڏاهو رهيو آهي. اها ڳالهه کيس ٻين اديبن ۽ دانشورن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي ته ڪو اديب گذريل ستن ڏهاڪن کان وٺي، علم ۽ ادب تي ڇانيل رهي. سندس ترجمن جي ڪتابن جهڙوڪ: ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘، ’ايملي عرف تعليم‘، ’وحشي جيوت جا نشان‘ ۽ ’فرينچ انقلاب‘
وغيره اهڙا ڪتاب آهن، جن جو اثر هر پيڙهيءَ تي رهندو پئي آيو آهي. انهن ڪتابن اسان جهڙن علمي ڪارڪنن جي زندگيءَ ۾ رهنمائيءَ وارو ڪم ڪيو، جي اهي ڪتاب سنڌي قوم کي نه ملن ها ته اها ذهني طرح گهڻو پوئتي هجي ها. هن وقت سنڌ اسيمبلي پڻ جويي صاحب جي ويزن جي مڃتا ۾ ٽرانسليشن بيورو قائم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. ترجمن جي اسان کي گهڻي گهرج آهي، خاص طرح، علمي ۽ سائنسي ڪتابن جي گهڻي گهرج آهي. جيڪڏهن جويي صاحب جي ويزن کي اڳيان رکندي ٽرانسليشن بيورو قائم ڪيو ويو، ته ان مان اسان کي گهڻو فائدو ملندو. حقيقت هيءَ به آهي ته جويي صاحب ترجمن جي ڏس ۾ به ڪنهن اداري کان گھٽ ڪم نه ڪيو آهي، هن ترجما پاڻ ڪيا ۽ دوستن کان پڻ ڪرايا آهن ۽ ڪيترائي ترجمن جا ڪتاب سوڌيا سنواريا به آهن، جن ۾ ’جادو ۽ سائنس‘ جهڙو اهم ڪتاب به اچي وڃي ٿو.

جويي صاحب کي سنڌي قوم جي علمي ۽ ادبي گهرجن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي ۽ هن ان ئي حساب سان سنڌ جو علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو ۽ کوٽ جي پورائي جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جيڪي ڪم سندس وس جا هئا، اهي هن پاڻ ڪيا ۽ جيڪي ڪم مختلف نوعيت جا هئا، انهن جو ڪم پنهنجن ٻين ساٿين کان ورتو. مثال طور سنڌ کي بهترين شاعريءَ جي گهرج هئي ۽ ان ڏس ۾ جويي صاحب شيخ اياز کي اُتساهيو ۽ اياز، سنڌي شاعريءَ کي اهي خزانا ڏنا، جيڪي صدين تائين کٽڻا نه آهن.

علم ۽ ادب ۾ ذميواري وڏي شيءِ هوندي آهي، جڏهن ڪو اديب يا لکندڙ پاڻ تي ذميواري کڻندو آهي، ته پوءِ اهو محنت به ڪندو آهي، ثابت قدم به رهندو آهي، صبر ۽ سهپ کان به ڪم وٺندو آهي، ساٿين ۽ سنگتين کي گڏي سڏي اڳتي وڌڻ جي عملي ڪوشش به ڪندو آهي، رهنمائي به ڪندو آهي، نوان ادارا گهرج آهر ٺاهيندو آهي ۽ وقت ۽ حالتن کي ڏسندي ڪي فيصلا نه ڪندو آهي ۽ اهي سڀ خصوصيتون جويي صاحب ۾ رهيون آهن. مون لاءِ هن جو ڪردار سدائين رهبر ۽ استاد وارو رهيو آهي.

ظاهر آهي ته سنڌ واسطي اهڙو ڪم ڪو اڪ جي ماکي لاهڻ برابر نه هو، پر ٻاٻري ڪنڊن تي هلڻ مثل هو ۽ جويي صاحب سڀ سختيون سهي به، پنهنجي ڪم ڪار کي جاري رکيو. هو ضلعي بدر ٿيو، پوءِ صوبي بدر به ٿيو،  پنهنجن ٻارن ٻچن کان پري به رهيو، پر هن انهن سختين کي سدائين ”مڙيوئي مٺائي“ ڪري قبوليو ۽ انهن جو ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو. ڄڻ ته هن وٽ اها ڳالهه طئه هئي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خاطر ڪم ڪرڻو آهي، ته سور ۽ سختيون به سَهڻيون آهن. ذات جي قرباني سڀ کان وڏي قرباني هوندي آهي. هن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ سياست، سماج، ادب يا شاعري توڻي فڪر جي ميدان ۾ جيڪي به وڏا نالا پيدا ٿيا، پاڻ ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن جو استاد ۽ فڪري رهبري ڪندڙ رهيو آهي. هو سنڌ جي ٻاٽ اونداهي ماحول ۾ جديد علم ۽ فڪر جي روشنين پکيڙڻ لاءِ لفظن ۽ لکڻين جا ڏيئا ٻاريندو رهيو آهي. خطن ۽ روبرو وسيلي اڻٿڪ محبت ۽ رهنمائي ڪيائين. ڪتابن وسيلي، ليڪچر ڏنائين.

جيستائين مون کي ياد آهي ته ستر جي زماني ۾ هن لڳاتار سياسي، سماجي، ادبي، رجعت پسنديءَ جي خلاف حيدرآباد منظور چيمبرز ۽ سڄيءَ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سوين  ليڪچر ڪيا ۽ مختلف علمي ادبي تقريبن ۽ پروگرامن ۾ شرڪت ڪري، جديد فڪر ۽ نُڪتهء نظر پيش ڪيو، علمي ادبي ڄاڻ ڏني ۽ جديد علمي ادبي ماحول جي اڏاوت ڪئي.

اسان وٽ لطيف جي شاعري به علم جو هڪ محاذ رهي آهي. ان جي شاعريءَ جي هر ڌر پنهنجي پنهنجي حساب سان تشريح ڪندي آئي آهي. جويو صاحب پڻ نه رڳو اسان کي پنهنجن لکڻين وسيلي لطيف سمجهائيندو آيو آهي، پر پنهنجي سنڌ بابت خوابن کي پڻ لطيف جي بيتن ذريعي کولي بيان ڪندو آيو آهي، جيئن سندن مضمون آهي ’سنڌ منهنجي خوابن جي‘ يا ڪتاب ’شاهه، سچل، سامي‘. رڳو ايترو ئي نه، پر جويي صاحب لطيف جي چونڊ بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي، جيڪي پڻ معيار ۽ پيشڪش جي لحاظ کان تمام گهڻو مٿي بيٺل آهن. لطيف جي بيتن کي، ايتري گهرائيءَ ۾، ۽ وسعت سان، سنڌ ۾ شايد ڪنهن به پيش نه ڪيو آهي. جويي صاحب جي لطيف جي بيتن جي انهن انگريزيءَ واري ترجمي کي، جيڪڏهن گڏ ڪري ڇپائجي ته هوند لطيفيات جي سلسلي ۾ اهو هڪ حسين اضافو هوندو.

لطيف ئي نه، پر سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز کي متعارف ڪرائڻ توڻي ان جي شاعريءَ کي کولي سمجهائڻ ۾ جويي صاحب جو ڪردار آهي. ان ڏس ۾ گهڻيون ڳالهيون اڳي ئي لکي موجود ڪيون ويون آهن، آءٌ هتي رڳو اهو چوڻ ٿو چاهيان ته شيخ اياز جي شاعريءَ جي فڪري پهلوئن کي جنهن ريت جويي صاحب، پنهنجن مهاڳن وسيلي، روشن ڪيو، اهڙو ڪم شيخ اياز جي شاعريءَ تي ٻيو ڪنهن به نه ڪيو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي حسن، قوم دوستي، انسان دوستي، ترقي پسندي، انقلابيت، عالمگيريت، فطري حسن، سچ ۽ زندگيءَ جي موجودگيءَ بابت جويي صاحب جا رايا اڄ به اياز شناسيءَ ۾ بنيادي ۽ پڻ مٿاهين جاءِ رکن ٿا. جويي صاحب جي مان ۾ شيخ اياز پاڻ اعتراف طور پڻ گهڻو لکي چڪو آهي.

جويي صاحب جي علم جي اثر ۽ پکيڙ جو علائقو بنهه گهڻو وڏو آهي. سڄي سنڌ سندس علم جو اثر ڪنهن نه ڪنهن طرح پهتل آهي، پر سندس علم جا ننڍي کنڊ تي به اثر هوندا، ان پاسي تي به پڻ تحقيق  ڪرڻ کپي. جويي صاحب هڪ استاد ۽ رهبر جي حيثيت ۾ هر سنڌ جي هر علائقي جي ماڻهن سان سڌيءَ ريت يا لکپڙهه وسيلي رابطي ۾ رهندو پئي آيو آهي ۽ انهن جي رهنمائي ڪندو پئي آيو. سنڌ جي هر ڪنهن علائقي جي پروگرامن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي ماڻهن لاءِ جويي صاحب جي گهر جا در سدائين کليل پئي رهندا آيا آهن. حيدرآباد اچڻ وڃڻ وارا جويي صاحب وٽان ڀيرو ڀرڻ کي ضروري ڄاڻندا آهن ۽ پاڻ به سدائين آئي جو آڌرڀاءُ ڪندا رهيا آهن. ساڻن ملڻ جي ان سهولت پڻ ڪيترن ئي ماڻهن کي اوجهڙ مان ڪڍي روشنيءَ جي دڳ لڳايو آهي. اسان پڻ حيدرآباد جي چيمبرز ۾ 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪن ۾ ليڪچر ٻڌي، انهن مان علمي فائدو ۽ اتساهه وٺندا رهيا آهيون.

رڳو علمي محاذن تان نه، پر سياسي محاذن تي به جويو صاحب اسان جهڙي ڪارڪن لڏي جي رهنمائي ڪندو پئي آيو آهي ۽ اڄ سنڌ ۾ جيڪي به ترقي پسند، روشن خيال، جمهوريت پسند ۽ قومپرست پارٽيون ۽ ڪارڪن آهن، انهن سمورن جي اڄ تائين نظرياتي رهبري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جويي صاحب، سياسي تنظيم سازيءَ جي ڪم ۾ گهڻي دلچسپي رکندو پئي آيو آهي، ان ۾ به سندس ڌيان ۽ دلچسپي ايتري ئي رهندي پئي آهي، جيتري علمي ۽ ادبي ادارن جي تعمير ۾ رهندي پئي آئي آهي.

سڄي سنڌ ۾ ٻين علائقن جي ماڻهن وانگي، اسان قنبر وارا وڏا خوشنصيب رهيا آهيون جو اسان جي ڪيترن ئي اديبن، عالمن، دانشورن، شاعرن، سياسي ڪارڪنن کي جويي صاحب جي شفيق ويجهڙائي ۽ مهربان صحبت نصيب ٿي آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، جامي چانڊيو ۽ علي آڪاش جويي صاحب جي باقاعدي ويجها رهيا آهن، انهن ساڻس ڪيترائي سال گڏ گذاريو ۽ گڏ ڪم ڪيو آهي، ان کان سواءِ، مضمون جو لکندڙ پڻ جويي صاحب سان هر زماني ۾ ملندو رهيو آهي ۽ ان کان رهنمائي وٺندو رهيو آهي. جڏهن ته اسان جي قنبر جا دوست منظور ڇڄڙو، نثار ٻرڙو، رياضت ٻرڙو، دين محمد ڪلهوڙو ۽ ٻيا پڻ جويي صاحب جي ويجهو رهندا آيا آهن. ان لحاظ کان اسان قنبر وارن جي علمي، ادبي ۽ سياسي تربيت ۾ جويي صاحب جو وڏو هٿ رهيو آهي. اسين سندس ان لحاظ کان به وڏا ٿورائتا آهيون، کيس پنهنجو وڏو چوندي گهڻو فخر محسوس ڪندا آهيون. پاڻ 1998ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي پهرين ورسيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ قنبر پڻ آيا هئا ۽ اسان کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارايو هو ته اسان کان هو ڪڏهن به جدا نه آهي.

جڏهن 2007ع ۾ قنبر ۾ قائم منهنجيءَ لائبريريءَ کي ڪن شرپسندن باهه ڏيئي ساڙيو هو ته مون ان جي اڏاوت جون ڪوششون ورتيون ۽ ان وچ ۾ منهنجي جويي صاحب سان ملاقات ٿيندي رهي ۽ پاڻ لائبريريءَ جي سڙڻ جي حوالي کان اخبارن ۾ ڪافي بيان به ڏنا هئائون. ڪيترين ئي ڪوششن ۽ ڏکيائين کان پوءِ جڏهن لائبريري جڙي راس ٿي هئي ته آءٌ وٽن اهڙي خوشخبري کڻي ويو هوس. پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ واڌايون ڏنائون ۽ چيائون ته اوهان کي لک شاباشون هجن، اوهان اسان جو بهادر انقلابي تسلسل آهيو. سندن اهي لفظ، مون لاءِ اڄ به هڪ وڏي اهميت جا آهن. ان کان سواءِ، ٻيهر جڙي راس ٿيل لائبريريءَ لاءِ پاڻ ڏهه هزار رپين جو چيڪ پڻ ڏنائون، جن منجهان ڪتاب خريديا ويا.

اهڙيءَ ريت سنڌ جي علمي هماليه سان اسان جو ناتو ۽ رشتو قائم ۽ دائم رهيو آهي. پاڻ علم ۽ شعور جي خاموش نديءَ وانگي رهيا آهن، جنهن منجهان ڪيترائي علم جا اڃيارا اڃ اجهائي، پرباش ٿي، اڳتي سفر ڪندا رهيا آهن. ايتري سخا کان پوءِ به پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي ڪا لکا نه ڏني اٿائون، اها به سنڌي قوم جي هن محسن جي وڏي خوبي رهي آهي. سندس علم ادب، ٻوليءَ، ترجمن، جديد فڪرن جي پرچار، وطن جي ساڃاهه جي سلسلي ۾ ڪيل ڪم ۽ ڪارناما، سندن ڪامياب ۽ هر طرح لاڀائتي زندگيءَ جا اهڙا مثال آهن، جيڪي اسان لاءِ ته مشعلِ راهه رهيا آهن، پر ايندڙ پيڙهين لاءِ پڻ انمول خزانو ثابت ٿيندا رهندا.

محمد ابراهيم جويو: علمي مرتبو، ادبي اثاثو

 

 

 

 

 

 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

موجوده سنڌ جي روشن خيالي ۽ سجاڳيءَ واري فڪري تحريڪ ۾ جن به عالمن ۽ دانشورن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، تن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جو مڙني کان مٿانهون مرتبو نظر اچي ٿو. ان ڳالهه کان سندس فڪري مخالف به انڪار ڪري نٿا سگهن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي کان روايت آهي ته 1981ع واري دور ۾ جڏهن پاڻ مدد علي سنڌي جي ادارت هيٺ نڪرندڙ اخبار ”سنڌ نيوز“ ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هئو، انهن ڏينهن ۾ محترم مدد علي صاحب جي آفيس ۾ جناب قربان علي بگٽيءَ سان سندس ملاقات ٿي. جويي صاحب جي رُتبي بابت سوال ڪرڻ تي قربان بگٽيءَ کيس چيو، ”جويي صاحب سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر اها هڪ حقيقت آهي ته محمد ابراهيم جويو نه رڳو جديد سنڌي ادب، پر سنڌ اندر هي جيڪا به سجاڳي آهي، جنهن ۾ نوجوان سنڌ سنڌ پيو ڪري، ’سنڌ جا مسئلا‘ ۽ ’سنڌ جا حق‘ جهڙا آواز پيا اچن، انهن سڀني خيالن جو بانيڪار محمد ابراهيم جويو ئي آهي.“

نظرياتي طرح جويي صاحب جي سڀ کان وڏي مخالف قربان بگٽيءَ واري مٿي ذڪر ڪيل راءِ بابت جيڪڏهن ويچاريو وڃي ته جويو صاحب سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ مٿان ٿيندڙ ڏاڍاين بابت سوچڻ، لوچڻ ۽ انهن جي جوڳي حل لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري حوالي سان نه رڳو سنڌ جي نئين نسل وارين ڪيترين ئي پيڙهين تي اثرانداز ٿيو آهي، پر هن بزرگ پنهنجي همعصر ساٿين ۽ پاڻ کان سينئر بزرگن تي پڻ اثر ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ هتي آءٌ هيٺيان ٻه مثال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.

(الف) ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سائين حسام الدين راشدي جي علمي پورهئي جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو، ”راشدي صاحب بنيادي طور تي هڪ صحافي هو، ادبي ڪم ڪار جي آغاز وقت، مٿن مولوي عبدالحق، سيد سليمان ندوي، مولانا ظفر علي خان ۽ غلام رسول مهر جو وڏو اثر هو. اهي صاحب اردو زبان جا مڃيل اديب ۽ صحافي هئا. آهستي آهستي جويو صاحب فڪري، ادبي ۽ علمي ڪمن جي حوالي سان راشدي صاحب تي اثرانداز ٿيو. مرحوم سيد حسام الدين جي لکڻين، مقدمه نگاري ۽ تاليف ۾، جيڪو وطن پرستي، 
سنڌ پرستي ۽ فڪري پختگيءَ جو عنصر ڏسجي ٿو، ان ۾ جويي صاحب جي صحبت ۽ سنگت کي وڏو دخل حاصل آهي.“(لاکو، 1997ع، ص 414)

(ب) سنڌ جي خدمت واري حوالي سان سائين جي.ايم.سيد جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. هونئن ته سندن علمي ڪمن جي ٺاهه ٺوهه، تراش خراش وارو ڪم، جويو صاحب ئي ڪندو رهندو هو، پر جويي صاحب جي مشهور ڪتاب ’شاهه- سچل- سامي‘ جي مطالعي کان پوءِ سيد صاحب کيس جيڪو خط لکيو، ان منجهان پڻ جويي صاحب جي پُراثر شخصيت جو اندازو ٿئي ٿو. سيد صاحب کيس لکي ٿو. ”سنڌ ۽ سنڌ جي ڏکويل ماڻهن لاءِ اوهان جي ڪيل قلمي ڪوششن ۾ هيءَ (شاهه- سچل- سامي) به هڪ اهم وقتائتي ڪوشش آهي… پنهنجي زير تصنيف ڪم لاءِ مون ان جي ڪن ڳالهين کي نوٽ ڪيو آهي.“(جويو، 1990ع، بيڪ ڪَورُ)

طبيعت واري لحاظ کان انتهائي سادو ۽ سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ اسان جو هي بزرگ 13- آگسٽ 1915ع تي ضلعي ڪراچي، تعلقي ڪوٽڙيءَ جي، ”آباد“ نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾، هَرَ هاري محمد خان جويي جي گهر پيدا ٿيو. پاڻ جڏهن ٻن سالن جو ٿيو ته 1914-1918ع واري پهرين مهاڀاري لڙائيءَ سبب پيدا ٿيل وڏي بيماريءَ ۾ سندن والد فوت ٿي ويو ۽ هن معصوم جي سارسنڀال جو ڪم سندن ڏاڏي ميان محبوب جي ڪلهن تي پيو، جنهن سندس مٿان شفقت جو هٿ رکيو ۽ ڳوٺ جي اسڪول ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو. تنهن بعد ڀرواري شهر لڪي شاهه صدر (لڪي تيرٿ) جي سنڌي اسڪول ۾ داخلا ورتائين. ان دور ۾ عام ماڻهن وٽ نه ته ايترا وسيلا هئا ۽ نه وري کين علم جي اهميت جي خبر هوندي هئي، پر جويي صاحب جا ڀلا ڀاڳ چئبا جو، سائين جي.ايم.سيد جهڙي محب وطن، علم دوست، هيڻن جي هڏڏوکي ۽ همدرد جو ڳوٺ کين ويجهو هئو. جتي انگريزي اسڪول قائم ٿيل هيو ۽ ان ۾ پڙهندڙ غريب ٻارن جي بورڊنگ جو خرچ سيد صاحب پاڻ ڀريندو هو. اهڙي پس منظر ۾ جويو صاحب لکي ٿو: ”هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي.“ (آزاد، 2003ع، ص 102)

اهڙي ريت جويو صاحب اپريل 1927ع ۾ سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي پاڻ ٽي درجا انگريزي پڙهيائين. اتان 1931ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي پڙهڻ لاءِ ويو، جتي کيس ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي شفقت نصيب ٿي، جيڪو ان وقت اتي پرنسپال هيو ۽ ان کي سندس ٻانهن حوالي ڪرڻ وارو سائين جي.ايم.سيد هئو. جويي صاحب هونئن ته ان ڳالهه جو ذڪر ”سندم ساٿ ڌڻي سائين جي.ايم.سيد“ عنوان سان لکيل هڪ مضمون ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، پراها ڳالهه مختصر طور تي پاڻ هيٺين لفظن ۾ وقت به وقت بيان ڪندو رهيو آهي، ”انگريزي پڙهڻ جو وقت آيو ته محترم سائين جي.ايم.سيد جي مهربانيءَ هيٺ پهرين سندن شهر سن ۾، ۽ پوءِ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيس.“ (جويو، 1998ع، ص 532)

سنڌ مدرسي ۾ تعليم پرائڻ دوران جويي صاحب وڏي محنت ڪري مئٽرڪ جي امتحان ۾، جيڪو ان وقت بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندو هو، ان ۾ سڄي دادو ضلعي ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪيائين. سندس اهڙي محنت جي سلي ۾ کيس، وڌيڪ تعليم پرائڻ خاطر ڪاليج پڙهڻ لاءِ ويهه رپيا ماهوار اسڪالرشپ منظور ٿي ملي ته پاڻ 1934ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ئي1938ع ۾ بي.اي جو امتحان پاس ڪري ساڳي سال سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ جهڙي معزز پيشي سان لاڳاپجي ويو. سنڌ مدرسي جون يادگيريون بيان ڪندي، نوڪريءَ واري حوالي سان هڪ هنڌ جويو صاحب لکي ٿو ”بي.اي پاس ڪرڻ کان پوءِ 1938ع ۾ هن (سنڌ) مدرسي ۾ ماستر ٿي آيس. ٻي ڪا نوڪري شروع ۾ ئي نه مون ڳولي، نه مون ڪئي.“(لاشاري، 1982ع، ص 89)

ان ملازمت دوران 1940ع ۾ جويو صاحب بي.ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئي ويو. 1947ع جي پهرئين اڌ تائين پاڻ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ وارو پيغمبرانه صفت ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو رهيو. 1947ع ۾ جڏهن ورهاڱي وارو هل هنگامو هلي رهيو هو ته ان وقت پاڻ سنڌ کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ ۽ عزت ڀريي درجي حاصل ڪرڻ واري مقصد سان انگريزيءَ ۾ هڪ بي بها ڪتاب (Save Sindh Save the Continent) نالي لکيائين. ان ڪتاب ۾ پاڻ سنڌ کي سرمائيدارن، زميندارن ۽ انهن جي فرقيوارانه ذهنيت کان بچائڻ لاءِ هڪ اپيل، هڪ دانهن ڪئي هئائين. جيئن ته اهو دور انهن ئي سرمائيدارن ۽ زميندارن جو هئو ۽ ان ۾ سنڌ جو وزير تعليم، پير الاهي بخش سنڌ مدرسي جو چيئرمن پڻ هئو، تنهن کي جويي صاحب جي اها دانهن نه وڻي، ان ڪري کيس نوڪري کان فارغ ڪري ڇڏيائين. ان واقعي جو ذڪر ڪندي جويي صاحب لکيو آهي: ”بس! حق جي ڳالهه ڪرڻ تي بيرزگار ٿيس ته: ”سنڌ کي پاڪستان ۾ آڻڻو اٿو ته برابريءَ جي شرط تي ائين ڪيو.“(جويو، 1998ع، ص 537)

نوڪريءَ منجهان خارج ٿيڻ ڪري بيروزگاري وارو دور شروع ٿيو، پر اهو گهڻو عرصو نه رهيو ڇاڪاڻ ته چوڻي آهي ته، ”پالڻهار هڪڙو در پوريندو آهي ته ٻيو کوليندو آهي“، ملڪ جي ورهاڱي سبب سنڌ منجهان بهترين استاد ۽ انتظامي ماڻهو پرڏيهه هليا ويا، ان ڪري ڪيتريون ئي نوڪرين جون جايون خالي ٿي پيون هيون. اهڙي ئي هڪ آسامي ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جي هيڊ ماستريءَ جي هئي. جويي صاحب مٿان پڻ اها تڪليف جي گهڙي هئي، جنهن ۾ ٺٽي جي هڪ محب وطن شخص حاجي موليڏني عباسيءَ کيس سهارو ڏنو ۽ سندس مددگار ٿيو. ان دور جو ذڪر ڪندي پاڻ لکي ٿو، ”انهن حالتن ۾ منهنجو وڏو پٽ منور علي جويو ڄائو. سورنهن مهينن جو ٿيو ته سندس والده بيماريءَ ۾ فوت ٿي ويئي. اهڙيءَ اوکي ويل ۾ ٺٽي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمن حاجي موليڏنو عباسي، جيڪو وڏو قومپرست ۽ بهادر ماڻهو هو، هلي مون وٽ آيو، ۽ پنهنجي مونسپل هاءِ اسڪول جي هيڊماستر صاحب جي انڊيا وڃڻ ڪري، ٻه سؤ رپيا ماهوار پگهار تي مون کي نوڪريءَ ۾ رکيائين.“(جويو، 1998ع، ص 537)

ٺٽي جي ان اسڪول ۾ پاڻ هيڊ ماستر طور ٻن سالن تائين رهيو ته اهو اسڪول سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو ۽ کيس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد بدلي ڪيو ويو.

1951ع ۾ جڏهن ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ نالي سان نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويئي، ته جويي صاحب کي ان ۾ سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو. ون يونٽ ٺهڻ سان نصابي ڪتابن لاءِ مغربي پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جوڙيو ويو ۽ هرهڪ صوبي (جنهن کي ان وقت ڊويزن سڏيو پئي ويو) ۾ مقامي نصاب لاءِ ڌار شاخ کولي ويئي ته جويي صاحب کي هتان واري ڊويزن جي نصابي ڪم جو انچارج ڪري رکيو ويو، جنهن عهدي تي ڪم ڪندي، پاڻ اعزازي طور سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندو رهيو. ان وقت اردوءَ کي زبردستي لاڳو ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڌِڪڻ واري سوال ڪَرُ کنيو، ته جويي صاحب نوڪريءَ ۾ هئڻ واري ڳالهه جي مدِنظر سليم احمد جي فرضي نالي سان (Language Problem in West Pakistan) پمفليٽ لکيو، جنهن ۾ پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽ تاريخي حيثيت جي روشنيءَ ۾ پاڪستان اندر پيدا ٿيل ٻوليءَ واري مسئلي جو بهترين حل پيش ڪيائين: پروفيسر جمال نقوي، جيڪو ان وقت حيدرآباد جي ڪنهن ڪاليج ۾ هوندو هو، تنهن جويي صاحب جي لکيل پمفليٽ جو رَدُ لکيو هو. جويي صاحب طرفان فرضي نالي سان، سنڌي ٻوليءَ جي دفاع لاءِ ڪيل اها ڪوشش به راز نه رهي سگهي، ان ڪري سرڪار کيس سزا طور بدلي ڪري جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ڪري اوڏانهن موڪلي ڇڏيو. پر اتي به هو خاموش ٿي ويهي نه رهيو، جيڪب آباد ۾ رهائش دوران جويي صاحب شيخ اياز جي معرفت پاڪستان ادبي انجمن نالي هڪ ترقي پسند خيال رکندڙ ماڻهن جو ادارو ٺهرايو، جنهن جو پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، سنڌي ۽ پشتو سڀني زبانن ۾ ڇپايو ويو. جنهن تي شيخ اياز، فيض احمد فيض، گل خان نصير، اجمل خٽڪ ۽ بنگال جي به ڪجهه شاعرن جون صحيحون هيون. ان انجمن جي ڪارڪردگيءَ ۾ جيتوڻيڪ بظاهر ٻين ماڻهن جا نالا ايندا هئا، پر اندروني طور ان جو سرڪردو جويو صاحب هو. اها ڳالهه به ڪنهن طرح سرڪار تائين پهچي ويئي، جنهنڪري کيس فوري طور سنڌ بَدَر ڪري پشاور موڪليو ويو ۽ ايمرجنسي نوعيت واري آرڊر ۾ سندس لاءِ لکيو ويو (To day you must relinguish and report for duty in Peshawar). ان دور ۾ پشاور جو ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن خان هاشم خان هيو، جيڪو جويي صاحب جي مغربي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واري دور ۾ ويسٽ پاڪستان بوڪ بورڊ جو ڊائريڪٽر هئو. اهو جويي صاحب کي پراڻن تعلقات سبب سڃاڻندو هو، تنهن کيس ٻڌايو ته ”اسان کي حڪم آهي ته، توهان کي اهڙي هنڌ رکجي، جتي ماڻهن کان پري هجو“، سو آءٌ سوچيو ويٺو آهيان ته توکي ڪوهاٽ موڪليان، جتي استادن جي سکيا لاءِ نئون ٽريننگ ڪاليج کليو آهي.“ اهڙيءَ ريت جويي صاحب کي ڪاليج جي پرنسپال طور ڪوهاٽ کان ڇهه ميل پري سبيءَ جي وچ تي واقع ان ڪاليج ڏانهن موڪليو ويو.

جڏهن 1968ع ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جا سانباها پئي ٿيا تڏهن جيڪي ماڻهو جتان جا هئا انهن کي اوڏانهن موڪليو ويو. ان ئي وقت ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ وجود ۾ آيو ته جويي صاحب کي ان جي سيڪريٽريءَ طور مقرر ڪيو ويو. ان وقت بورڊ تي ڇهن مهينن کان پوءِ کين سنڌ سرڪار ڏانهن موڪليو ويو، جتي جويي صاحب امتحانن واري رجسٽرار واريون جوابداريون سنڀاليون، ان کان ستت ئي پوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن، بعد ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿيو. اهڙي طرح پويان ٻه چار سال مختلف عهدن تي فائز رهندي 1973ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪيريڪيولم ائنڊ ايڪسٽينشن سروس جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سرڪاري نوڪريءَ کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڻ مختلف ادارن جهڙوڪ: ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد‘-’سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي‘-’سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد‘ ۽ ’چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ‘ جي پليٽ فارم تان علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.

علمي مرتبو

جيتوڻيڪ ڪنهن به عالم جي علمي مرتبي جو ڪاٿو سندس سرڪاري سَنَدُن سان نٿو ڪري سگهجي، پر پوءِ به جيڪڏهن جويي صاحب جي اسڪول ۽ ڪاليج واري تعليم جي ڪٿ ڪجي ته پاڻ بي.اي پاس ڪري، جڏهن تدريس جي ميدان ۾ پير پاتائين ۽ کيس بمبئي يونيورسٽيءَ منجهان بي.ٽي ڪرڻ جو موقعو مليو، تڏهن پاڻ اتي پڻ خاص مضمون طور انگريزيءَ کي اهميت ڏنائين. فارسي ۾ دلچسپي هئڻ ڪري، انگريزيءَ کانسواءِ فارسيءَ تي به کيس پوري دسترس آهي، سن ۾ پڙهائيءَ دوران سائين جي.ايم.سيد پاران قائم ڪرايل مدرسي ۾ مقرر ڪيل استادن مولوي محمد صالح وٽ پاڻ ٽي سال فارسي پڙهيو ۽ گلستان، بوستان کان سڪندرنامي تائين تعليم ورتائين. بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ چوٿين درجي ۾ پڙهڻ دوران، لازمي مضمون طور فارسي کنيائين، پوءِ اڳتي هلي ملازمت دوران جڏهن کيس بي.ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئي موڪليو ويو. تڏهن اتي پڙهڻ خاطر ٻه مضمون کڻڻا هئا، جيڪي پاڻ انگريزي ۽ فارسي کنيائين. اهڙي ريت بمبئي ۾ 
(How to teach English and how to teach Persian) مضمونن ۾ سکيا ورتائين.

ان سکيا کانسواءِ ٻيو جيڪو به سندن علمي ۽ ادبي مرتبو آهي، اهو سندن پنهنجي محنت Self Study جو ئي نتيجو آهي.

علمي ادبي اثاثو

محمد ابراهيم جويي صاحب، شيخ اياز جي ڪتاب ”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ جي مهاڳ ۾ مشهور فرانسيسي مصور ”پال گاگن“ جي خط جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي ان ماڻهوءَ جي تشريح آهي.“(اياز، 1998ع، ص 9) جويو صاحب پڻ هڪ اهڙو پورهيت اديب آهي، جنهن وٽ جيڪي ڪجهه آهي، اهو سندس پنهنجي محنت جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل، هٿن جي حاصلات ئي آهي. مادرِ وطن سنڌ جي حقن واري حاصلات جي سلسلي ۾ هونئن ته جويي صاحب گهڻ رُخي جدوجهد ڪئي، جنهن تي جيڪڏهن تفصيل سان لکڻ ويهجي ته ان لاءِ هڪ مڪمل ڪتاب جو مواد ٿي سگهي ٿو، پر سندس ڪيل علمي محنت جو جيڪڏهن وچور تيار ڪجي ته اهو ڪجهه هن ريت ٿيندو:

(1) علمي ۽ ادبي ادارن سان لاڳاپو

(2) صحافتي زندگي

(3) تصنيف ۽ تاليف

جويي صاحب جي تصنيف ۽ تاليف واري ڪم کي وڌيڪ هيٺين حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

(الف) مختلف ڪتابن جي ايڊيٽنگ

(ب) نصابي ڪتابن ۾ حصو

(1) لکيل نصابي ڪتاب

(2) مختلف ڪتابن جي ترتيب ۽ تصحيح واري ڪم ۾ ساٿي ايڊيٽر جي روپ ۾

(ج) مترجم ۽ مرتب

(د) تخليقي ڪم

آءٌ هتي نصابي ڪتابن کي ڇڏي ڪري، باقي ٻين حوالن سان جويي صاحب پاران ڪيل پورهيي بابت تفصيل سان لکڻ گهران ٿو.

(الف) ترجما ۽ ترتيب

(1) اسلام جو تاريخي ڪارنامو (ترجمو)

هي ڪتاب ”اين.اين.راءِ“ جو اسلام جي فلسفي بابت لکيل مشهور ڪتاب (Historical Role of Islam) جو ترجمو آهي، جنهن بابت ذڪر ڪندي جويو صاحب لکي ٿو ته: ”ادب جي دائري ۾ پهريون ڪتاب جيڪو مون پنهنجي ماڻهن کي پنهنجي زبان ۾ ڏين گهريو ٿي، سو ترجمو هو… جيڪو مون 1946ع ۾ ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي نالي هيٺ ڪيوهو .“(لاشاري، 1982ع ص 118) ان ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جي مدِنظر جويو صاحب ان ڳالهه جو برملا اظهار ڪندو رهيو آهي ته، ”مون هن ڪتاب کان وڌيڪ معقول ڪتاب اسلام جي اهميت ۽ اُن جي تاريخي ڪارج متعلق ٻيو اڃا نه پڙهيو آهي.“(لاشاري، 1982ع، ص 118)

جويو صاحب تي ايم.اين.راءِ جي فڪر جو وڏو اثر آهي ان ڳالهه جو پاڻ وقت بوقت اظهار پڻ ڪندا رهيو آهي، ايم.اين.راءِ جا ڪيترائي فڪر انگيز ڪتاب آهن پر جويي صاحب پاران ان سموري مواد مان ان ڪتاب جي چونڊ ڪرڻ هڪ سوال آهي جنهن کي ان دور واري پس منظر ۾ ڏسڻو پوندو. 1947ع وارو دور مذهبي منافرت وارو دور هو، مذهب جي نالي ۾ قتل غارت گيري ٿي رهي هئي، اهڙي افراتفريءَ واري دور ۾ جويي صاحب اسلامي فڪر وارو اهو ايم.اين.راءِ جو ڪتاب ان ڪري سنڌيءَ ۾ آڻڻ ضروري سمجهيو پئي، جو سندس خيال هو ته ” اهو سنڌيءَ ۾ منهنجي وطن جا باشعور حضرات هندو - مسلمان پڙهن ۽ ذهني طور هڪ ٻئي جي ويجهو اچن.“(لاشاري، 1982ع، ص 118) پر افسوس، جويي صاحب جي اها نيڪ خواهش پوري نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته سندن ڪيل ان پريت  ڀريي پورهئي وارو اهو مسودو سندس دوست گم ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه کي ياد ڪندي، پاڻ لکي ٿو: افسوس جو اُهو مسودو منهنجي هڪڙي ڪرم فرما دوست وڃائي ڇڏيو، جنهن مون کان اهو ڇپائڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ ورتو هو.“ (لاشاري، 1982ع، ص 118) جويي صاحب جو اهو دوسٽ مسٽر اي. ڪي بروهي هو. (سٻاجھو ساڃاهه وند، ص 126)

ان ساڳئي ڪتاب جو 1990ع ۾ محمد موسيٰ ڀٽي جي ڪوشش سان، انجنيئر عبدالمالڪ جو اردوءَ تان، ’ڏاهپ جي واٽ‘ عنوان سان ڪيل ترجمو سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد پاران پڌرو ٿيو.

(2) ايميلي عرف تعليم: (ترجمو)

جويو صاحب بنيادي طور تعليم دان آهي، سندس سڄي زندگي تعليم پرائڻ ۽ تعليم ڏيڻ واري عمل ۾ پئي گذري آهي. انڪري تعليم ئي سندس اهم ۽ بنيادي موضوع پئي رهيو آهي. پاڻ سماج کي تعليم واري تحريڪ سان تبديل ڪرڻ جا داعي نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ پاڻ جيڪو پهريون ڪتاب پڌرو ڪيائين، اهو ارڙهين صديءَ جي جڳ مشهور اسڪالر ”جين جئڪس روسو“ جو تعليم بابت ڪلاسڪ نوعيت وارو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب آهي. اهو ڪتاب روسو جي ’ايميلي‘ نالي، 450 صفحن واري ضخيم ڪتاب مان ڪيل چونڊ ۽ اختصار تي مبني آهي، اهو ڪتاب جويي صاحب ان وقت ترجمو ڪيو هو، جڏهن پاڻ حيدرآباد ۾ استادن جي سکيا واري ڪاليج ۾، سکيا ڏيندڙ استاد طور ڪم ڪري رهيو هو. جويي صاحب هن ڪتاب جي غالباً انڪري چونڊ ڪئي هوندي، جو سندس لفظن ۾”جيڪي اصول رُوسي  ويهي بيان ڪيا ۽ پڙهايا آهن، تن جو بنياد انسان جي فطرتي مساوات، اخوت ۽ حريت تي بيٺل آهي.“ جن لاءِ جويو صاحب پاڻ به، سدائين جدوجهد ڪندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻ ان کي فڪر و دانش جي اهڙي پونجي تصور ڪري ٿو، جنهن جي بنياد تي موجوده زماني جو هڪ تعليم يافته سماج تعمير ڪري سگهجي ٿو. روسو جيان جويو صاحب پڻ بنيادي طرح پڙهائڻ جهڙي معزز پيشي سان لاڳاپيل رهيو، انڪري ان حيثيت ۾ جڏهن پاڻ حيدرآباد واري استادن کي سکيا ڏيندڙ ڪاليج ۾ معلم واري حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو، تڏهن اتي کيس معزز استادن کي روسو جو تعليمي فلسفو پڙهائڻو ۽ سمجهائڻو هو. ان ڪم کي ٻين درسي علمن جيان محدود ڪرڻ بجاءِ، روسو وانگر ئي جويي صاحب جي خيال ۾، ان علم کي سماج جي سڌارڻ ۽ ان ۾ روسو واريون، اخوت، رواداري ۽ انساني برابريءَ جهڙيون صفتون پيدا ڪرائڻ جهڙي مقصد کي نظر ۾ رکي ڪم ڪرڻو هو، جنهن جا ڪاريگر اهي استاد صاحب هئا، جن جي سکيا لاءِ کين مقرر ڪيو ويو هو. جويو صاحب پنهنجي وس ۽ وت آهر سماج ۾ صحتمند سکيا رستي تبديلي آڻيندڙ، انهن معزز رهبرن (استادن) جي بنهه اهڙي تربيت ڪرڻ جو خواهشمند هو، جهڙي سکيا جو ذڪر ڪندي ايميليءَ لاءِ روسو چيو هو: ”جڏهن آءٌ ايميليءَ کي هڪ اهڙي انسان بنجڻ جي تربيت ڏيڻ ٿو چاهيان جو عين فطرت جي منشا مطابق هجي، تڏهن منهنجي هرگز اها مرضي ڪانهي ته آءٌ کيس محض هڪ وحشي بنائي، موٽائي هڪ جهنگلي زندگي گذارڻ لاءِ آماده ڪريان، برعڪس ان جي منهنجو مقصد ته فقط هيءُ آهي ته هو سماج ۾ رهي ڪري، ۽ سماجي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ضرورت آهر بهرو وٺندي به، ٻين ماڻهن جي شخصي حرص هوس ۽ پاروٿن خيالن ۽ عقيدن جو شڪار بنجڻ کان پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت رکي سگهي: پنهنجا ڪن ۽ اکيون کولي هلي، ۽ جيڪي ڪي ڏسي وائسي، تنهن کي ضروري غور فڪر ڪرڻ کان پوءِ ئي قبول ڪري، پنهنجي دل کي هڪ احساس رکندڙ دل بنائي، ۽ خالص عقل کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ جو قبضو ۽ غلبو پنهنجي دماغ مٿان قائم ۽  مسلط ٿيڻ نه ڏئي.“ (جويو، 1950ع، ص 45)

اهڙي ريت هي ڪم انهن استادن جي ئي سکيا لاءِ، انهن جي ئي خواهش تي پاڻ هٿ ۾ کنيائين. جنهن جو تفصيلي ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”دنيا جي ههڙيءَ، عظيم المرتبت شخصيت جي هڪ بهترين ۽ تاريخي شاهڪار جي چونڊ ۽ ان جي اختصار جو هيءُ ”نازڪ ۽ نفاست طلب ڪم، پنهنجي مڙني اوڻاين ۽ ڪمال ڪم مايگيءَ جي احساس رکڻ هوندي به، جو مون هٿ ۾ کنيو سو فقط پنهنجي عزيز شاگردن جي بار بار تقاضا ۽ فرمائش تي، ۽ منجهن علم لاءِ جيڪو شوق ۽ دلي اشتياق ڏٺم تنهنجي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڀيرا ڪلاس ۾ روسو جي فڪر ۽ تعليم تي تبصرو ڪندي مون جيڪا سندن نگاهن ۾ چمڪ ۽ مُنهن تي مسرت ۽ روشنيءَ جي جهلڪ ڏٺي تنهن ئي آخر مون کي آماده ڪيو ۽ پنهنجي انتهائي عدم صلاحيت جي باوجود سندن سڪ ۽ پياس کي پنهنجي وس آهر ڪجهه قدر زياده سيرآب ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان.“(جويو‏، 1950ع، ص 46-47)  جويو صاحب جنهن دور ۾ هي ڪتاب تيار ڪيو هو، ان دور ۾ اچانڪ کين هڪ دلي صدمو رسيو، جنهن جي هن ڪتاب جي انتساب ۾ نمايان جهلڪ نظر اچي ٿي، پاڻ تازو وفات ڪري ويل گهرڌياڻي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”پنهنجي حقير ذهن ۽ تصور جي هيءَ اڌاري ورتل پونجي وابسته ٿو ڪريان انهيءَ معصوم محبوبه جي پاڪيزه ۽ دلنواز ياد سان، جيڪا منهنجي رفيق حيات هئي، ۽ جنهن پنهنجو ثمر حيات منهنجي حوالي ڪري، مون سان حياتيءَ جي رفاقت جا ڌاڳا ڇنا، ۽ مون سان هميشه هميشه جون موڪلاڻيون ڪيون!“ پنهنجي ان محبوبه ڏانهن وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان هيءُ ڪتاب انتساب ڪندي لکيو اٿن:

”هڪڙي ڀيري جڏهن مون کيس’ايميليءَ‘ جا پهريان ورق پڙهي پئي ٻڌايا ۽ سمجهايا، تڏهن پاڻ هڪ نفيس ۽ دلگدار آواز ۾ چيائين، ”هي جو هاڻي منهنجي ساهه سان گڏ ٻيو ساهه مون وٽ آهي، سو جڏهن منهنجي ساهه کان الڳ پنهنجي منهن ساهه کڻڻ جهڙو ٿيندو، تڏهن هن کي ڏسان ته تون ڪهڙو پختو ۽ قابل ڪار ٿو بنائين!… اڳي چوندي هيس ته شل منهنجي عمر به توکي ملي، پر هاڻي چوان ٿي ته شل تنهنجي حياتي به هن کي نصيب ٿئي: شل هيءُ اسان جو روشن تارو جو هاڻي اُڀرڻ وارو آهي، دنيا جي آسمان تي هميشه هميشه چمڪندو رهي!… بس، اهي ئي سموريون آهن منهنجي دل جون باقي اُميدون!“

مٿي ذڪر ڪيل اميدن ڀريو تصور هر ماءُ جو اولاد لاءِ هوندو آهي، پر ڇا اها آس سنڌ جي هر ماءَ جي پوري ٿي سگهي آهي. سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ امڙين جي اهڙي آس سدائين نراس ٿيندي پئي رهي آهي. اهڙي انياءَ طرف جويي صاحب ان وقت ئي هنن لفظن ۾ اشارو ڪري ڇڏيو هو. انتساب جي پڄاڻي ڪندي لکيو اٿس:

”ڪٿي آهي اُهو سماج، ڪٿي آهي اُهو انصاف ۽ اها آزادي، جن ۾ ههڙيءَ ساهه صدقي ڪندڙ، مهربان، مٺڙي ماءُ جون اهي محبت ڀريون معصوم اُميدون پوريون ٿي سگهن؟“

جويي صاحب جو هي ڪتاب 1950ع ۾ پهريون ڀيرو پڌرو ٿيو، جيڪو آزاد بڪ ڊيپو حيدرآباد شايع ڪيو. هن وقت تائين ان جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.

(3)The Sindhi Instructor            (تصحيح)     

منشي آنندرام جو لکيل سنڌي انسٽڪٽر ڪتاب 1905ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو، ۽ وري ٻيهر ان جي اشاعت جي ضرورت 1970ع کان پوءِ محسوس ٿيڻ لڳي، اهو انڪري جو اشاعت وارن ٻنهي دورن ۾ سماجي ماحول ساڳيو هو. اڳ يورپي ماڻهن جي سهوليت لاءِ هي ڪتاب جوڙيو ويو ته جيئن اُهي سنڌي ٻوليءَ کي آسانيءَ سان سمجهي ۽ پڙهي سگهن، اهڙي ئي ساڳي صورتحال هڪ ڊگهي عرصي تائين ون يونٽ واري غلاميءَ ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌ کي مليل صوبائي خودمختياريءَ واري دور ۾ نظر اچي ٿي، جنهن کان پوءِ ڌار صوبي جو ڪاروهنوار هليو. اهڙي ماحول ۾ هئڙي ڪتاب جي ضرورت انڪري محسوس ٿي، جو ٻاهران هجرت ڪري آيل ماڻهن جو وڏو تعداد، سنڌ ۾ ملازمت جي مختلف عهدن تي فائز ٿي چڪو هو، جن کي آهستي آهستي ٿي سنڌ جي سوسائٽيءَ ۾ مرج ٿيڻو هو. انهن جي ڇاڪاڻ ته مادري زبان سنڌي ڪانه هئي، انڪري خودرو نموني مطالعي Self Studay واري حوالي سان ته مٿي ذڪر ڪيل مواد جي گهرج هئي ئي، پر جيڪڏهن اُنهن سنڌي ڄاڻڻ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ سرڪار پاران ڪو سيکارڻ وارو انتظام ڪيو وڃي، ته ان عمل ۾ پڻ هي مواد مددگار ثابت ٿي سگهي، ان ڳالهه جو ذمو جويي صاحب تي رکيو ويو، جنهن اهڙي مواد ۾ هٿ وجهڻ کان پهريان اهڙي نوعيت جي اڳ شايع ٿيل مواد جي جاچ ڪندي، هيٺ ذڪر ڪيل ٻه ڪتاب ڳولي لڌا، اهي ڪتاب هئا، ڪاڪي ڍالومل بولچند جو لکيل ’سنڌيءَ جو مينوئل‘ ۽  منشي آنندرام جو تيار ڪيل ’سنڌي انسٽڪٽر‘ جويي صاحب ذڪر ڪيل موضوع تي نوان ڪتاب تيار ڪرڻ بجاءِ، انهن ٻنهي ڪتابن جا سنواريل سڌاريل ڇاپا تيار ڪرڻ مناسب ڄاتو، انڪري وڏي محنت سان ٻنهي ڪتابن جا نوان ڇاپا تيار ڪري ورتا، انهن مان ڍالومل بولچند وارو ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي شايع ڪرڻو هو، جيڪو ڪن سببن ڪري ان وقت شايع ٿي ڪونه سگهيو، البت منشي آنندرام وارو جويي صاحب طرفان نظرثاني ڪيل، هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1971ع ۾ شايع ڪيو.

(4) ٻارن جي تعليم: (ترجمو)

مشهور يوناني فلسفي پليو ٽارچ جي لکڻين واري ڪليات ’نصيحتون‘ تان ترجمو ڪيل هي مواد ٻارن جي تعليم و تربيت واري حوالي سان صحيفي وارو درجو رکي ٿو، پليو ٽارج جون اُهي تصنيفون، جن لاءِ جويي صاحب جو خيال آهي ته:

”پليوٽارچ جي سڀني تصنيفن ۾ ماڻهپي ۽ اخلاقيات کي انسانن لاءِ هڪ عظيم ۽ بنيادي پيغام طور پيش ڪيو ويو آهي، ۽ سندس فڪر جو سارو رخ ۽ سندس قلم جو سمورو زور، خاص طرح پنهنجي ديس ڀائين کي انهيءَ ئي پيغام ٻڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ استعمال ٿيل آهي.“ (جويو، 1995ع، ص 7)

ايميلي عرف تعليم ڪتاب ترجمو ڪرڻ واري ساڳي مقصد سان، جويي صاحب ’پليو ٽارچ‘ جو هي طويل مضمون ترجمو ڪري پهرين ”نئين زندگي“ رسالي ۾ قسطوار شايع ڪرايو. جنهن کي پڙهندڙن طرفان پسند ڪرڻ تي، اڳتي هلي 1972ع ۾ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. هن مواد جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته جويي صاحب جي بقول ”تعليمي ترقيءَ جي هر تاريخ جو پهريون باب اڄ به هن مضمون جي حوالي سان ئي شروع ٿئي ٿو. تعليمي عمل لاءِ جيڪي خاص هدايتون ۽ اخلاقي نُڪتا هن مضمون ۾ موجود آهن، سي اڄ به تعليمي مسئلن ۾ دلچسپي رکندڙ هر شخص لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏئي سگهن ٿا.“(جويو، 1995ع، ص 7) جويي صاحب مٿي ذڪر ڪيل مقصد کي نظر ۾ رکندي اهڙو اهم ۽ بنيادي نوعيت ڀريو مواد ترجمو ڪيو ته: ”لائق پڙهندڙ، خاص طرح ٻارن جا مائٽ، استاد ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ، مثلاً تعليمي تربيت وٺندڙ شاگرد ۽ ٻيا سمورا صاحب، ان مان جوڳو فائدو حاصل ڪندا.“(جويو، 1995ع، ص 8) هن مقصد ڀريي مواد جو پهريون ڇاپو 1972ع ۾ شايع ڪيو. ان جا هن وقت تائين مختلف ادارن طرفان ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن.

(5) سنڌي زبان جي بنيادي لغت:

 

ٻوليءَ جي حوالي سان محمد ابراهيم جويي جي سنڌ اندر مڃيل، منفرد حيثيت آهي، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي واري حوالي سان جيڪي به ڪم ٿيا آهن، انهن ۾ سندس ڪيل پورهيو، بنيادي حيثيت وارو آهي. اهڙو ئي هڪڙو ڪم وزارت تعليم حڪومت پاڪستان پاران 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بالغن جي تعليم لاءِ مختلف ٻولين جي بنيادي لغت ۽ ڪاروباري لغت ٺاهڻ واري حوالي سان بنيادي (بيسڪ) مواد جهڙوڪر، تور ماپ، ڳڻپ ۽ ڪئلينڊر جا لفظ ڳولڻ ۽ قومي لفظن جون لغتون تيار ڪرائڻ واري اسڪيم جي سلسلي  ۾ ’سنڌي زبان جي بنيادي لغت‘ تيار ڪرائڻ جي حوالي سان نظر اچي ٿو. ان ڪم جي سرانجاميءَ لاءِ سنڌ جي چونڊ تعليمدانن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي، جنهن ۾ هيٺيان ماهر شامل ٿيا:

1.      پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪنوينر

2.     سيد حسام الدين راشدي صاحب

3.     ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي صاحب

4.     مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب

5.     محمد ابراهيم جويو صاحب

6.     ڊاڪٽر نورمحمد ٽالپر صاحب

7.     جمال رند صاحب

8.     ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب

9.     سيد محمد صالح شاهه بخاري صاحب

10. احمد علي ’ظهور‘ انصاري صاحب

11.  عبدالله شيخ صاحب

12. محمد اسماعيل عرساڻي صاحب

13. شيخ جميل احمد صاحب

14. غلام رباني صاحب (ادارو، 1976ع ص 2)

مٿي ذڪر ڪيل مڙني ماهرن ۽ عالمن جي ڪميٽيءَ ۾ واحد شخص جويو صاحب هو، جنهنBasic واري لفظ جي اهميت کي سڀني اڳيان واضح ڪيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لسانيات واري حوالي سان وڏو نالو آهي، پاڻ ان بنيادي ڪم جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:

”جويي صاحب ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ اهو واضح ڪيو ته هتي ’بنيادي‘ لفظ مان مراد Basicآهي ۽ اهو لفظ هيٺين لفظن جو مخفف آهي:

B مان مراد آهي برٽش

A مان مراد آهي آمريڪن

S مان مراد آهي سائنٽيفڪ

I مان مراد آهي انٽرنئشنل

C مان مراد آهي ڪرسپانڊس

لهٰذا سنڌيءَ جو ’بنيادي‘ لفظ Basic لفظ جو اصلوڪو مفهوم واضح نٿو ڪري، انهيءَ ڪري اسان کي سنڌيءَ جي جيڪا بنيادي لغت ٺاهڻي آهي، سان انگريزي لفظ Basic کي سامهون رکي ٺاهڻ گهرجي.“ (جويو، 2003ع، ص 237)

اهڙي طرح محمد ابراهيم جويي صاحب پاران مٿي ذڪر ڪيل نشاندهيءَ جي روشنيءَ ۾ سنڌي لفظ ’بنيادي‘ جي بجاءِ انگريز لفظ 'Basic' کي بنياد بنائي، مٿي ذڪر ڪيل تصور هيٺ ڊيمي سائيز جي 58 صفحن تي مشتمل مٿي ذڪر ڪيل مواد تيار ڪيو ويو، اهو ڪتاب 1976ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

(6) وحشي جيوَت جا نشان: (ترجمو)

”هاورڊ موئر“ جو اخلاقيات/انسانيت جي موضوع تي لکيل هيءُ ڪتاب، جنهن کي اصلوڪي اشاعت جو پيش لفظ لکندڙ ”آدم گووانس وائيٽ“، ”اخلاقيات جو انجيل“ سڏي ٿو. اهڙو مقدس لقب هن ڪتاب کي ان ڪري ڏنو ويو آهي، جو ”هن ڪتاب جو ”اخلاقيات“ متعلق مؤقف هي آهي ته چڱائيءَ ۽ برائيءَ جو خيال يا تميز انسان“ جي سماجي وصف آهي سماج کان ٻاهر اڪيلي انسانَ ۽ هن جي اُن سماجي وصف يعني هن جي چڱي يا بُري هجڻ جو تصور ناممڪن آهي. انسان، جي چڱو آهي ته ٻين لاءِ چڱو آهي، هن جي ”چڱائي“، جا فقط سندس پنهنجي ذات تائين محدود هجي، چڱائي نه آهي.“(جويو، 1976ع، ص 7) اها سماجي وصف ئي آهي جنهن کي سمجهڻ ۽ ان جو چڱائيءَ وارو پاسو ٻين کي سمجهائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويو صاحب پاڻ به اڄ تائين ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ان ڳالهه جو اعتراف سندس مخالف پڻ ڪن ٿا. اهڙي ئي مقصد جي طلب ۾ 1938ع ۾ هاورڊ موئر جو هيءُ ڪتاب(Savage Survivals) (وحشي جيوَت جا نشان) سندن مطالعي هيٺ آيو، جنهن سندن ذهن تي ايترو ته اثر ڇڏيو، جو ان وقت ئي ان جا پهريان ٻه ڀاڱا ترجمو ڪري ورتائون. ان ڪتاب جي سمجهاڻي ڏيندي پاڻ لکي ٿو: ”انسان جي انسان بنجڻ، يعني انسانُ حيوان مان انسانُ ڪيئن ٿيو ۽ جيئن پوءِ تيئن هو، حيوانيت کي ڇڏيندو، پنهنجي انساني حيثيت ۾ ڪيئن اُسرندو رهيو، ۽ اڄ به هن ۾ حيوانيت جا باقي آثار ڪهڙا موجود هئا، ۽ انهن کي ضابطي ۾ رکڻ يا بنهه ختم ڪرڻ لاءِ اڄ به هو ڪهڙا جتن ڪندو ٿي رهيو، انهن سڀني ڳالهين جي عقلي سمجهاڻي مون کي هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ملي.“(جويو، 1976ع، ص 7)

جويي صاحب کي ان ڪتاب جي مطالعي منجهان اها جا عقلي سمجهاڻي ملي، تنهن کان عوام کي واقف ڪرائڻ واري مقصد سان پاڻ هي ڪتاب ترجمو ڪيائين ڇاڪاڻ ته جويو صاحب پاڻ به اهڙن اعليٰ انساني قدرن لاءِ مختلف حوالن سان جدوجهد ڪندو پئي رهيو، جنهن جو بنياد اهو آهي ته، ”سماج ۾ رهندڙ انسان جي چڱائي هيءَ آهي ته هو ٻين لاءِ جيئي ۽ پوءِ ئي ٻيا هن لاءِ جيئندا، انسان جي سماجي حيثيت جي تقاضا، بلڪه ان جو لازمي شرط ئي اهو آهي ته جيترو ڪو انسان ٻين جي ڀلائيءَ ۽ سک ۾ پنهنجي ڀلائي ۽ سک ڏسندو، اوترو هو وڌيڪ چڱو ليکبو.“(جويو، 1976ع، ص 8)

حيواني صفتن کي ڇڏي انسان ٿيڻ ۽ برابريءَ جي بنياد تي جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري اصول تي، سوسائٽيءَ کي بهتر بنائڻ واري هن اعليٰ صحيفي واري مواد کان سنڌي پڙهندڙن کي واقف ڪرائڻ لاءِ جيتوڻيڪ جويي صاحب 1938ع ۾ ئي ڪجهه باب ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ان کي مڪمل ڪري، ڇپائيءَ لائق بنائڻ وارو ڪم 1974ع ۾ ڪيو ويو، جنهن کي 1976ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. هن مايدار مواد جا سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.

(7) فڪر جي آزادي: (ترجمو)

جويي صاحب هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”هيءُ ڪتاب 16 صدي عيسويءَ جي زماني ۾ مسيحي دين کي درپيش فرقيوار مسئلي (ڪئٿولڪ بمقابل پروٽسٽنٽ) متعلق هٺ ڌرميءَ ۽ تشدد جي واقعن جي هڪ دلدوز سلسلي سان ڳنڍيل ٻن بي خوف ۽ باضمير مردانِ حق ۽ عظيم شهيدن ”مائيڪل سرويٽس“ ۽ ”سيباسٽيان ڪاسٽيلو“ جي عظيم ۽ انتهائي قربانيءَ جو قصو آهي. جيڪو ڏاڍي ٻاجهاري، دل ڀڄائيندڙ ۽ حڪيمانه انداز سان پيش ٿيل آهي.“ (جويو، 1977، ص 13) مٿي ذڪر ڪيل عظيم شهيدن جي اها سموري جدوجهد فڪر جي آزاديءَ خاطر هئي. فڪر جي آزادي، هر انسان جو بنيادي حق آهي اها فڪر جي آزادي ئي آهي، جنهن سان سماج ۾ رواداري ۽ سهپ جا بنياد پون ٿا ۽ اهڙي ريت سوسائٽيءَ کي بهتر کان بهتر ٿيڻ واري حيوانيت مان تبديل ٿيندڙ اوسر ۾ مدد ملي ٿي. مذهبي معاملا هجن يا سياسي مسئلا، فڪر جي آزادي کي بنيادي اهميت حاصل آهي. فڪر جي آزادي هئڻ واري عمل ئي سوويت يونين جهڙن رياستن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ افغانستان کي اونداهيءَ جي اوڙاهه ۾ اُڇلي ڇڏيو. ’فڪر جي آزاديءَ‘ نالي بنيادي اهميت وارو هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ 16 صدي عيسويءَ واري مسيحي دين جي هڪ هٽيءَ وارن ظلمن بابت آهي، پر هي هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن جي اڄ جي دنيا ۾ به اوتري ئي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي مختلف ملڪن اندر اڄ به مذهبي توڙي سياسي طرح فڪر جي آزادي کي گهٽيو پيو وڃي.

سائين محمد ابراهيم، ترجمي ڪرڻ لاءِ هن ڪتاب جي چونڊ ان وقت ڪئي هئي، جڏهن ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اڳ رائج عمل کي ورجائڻ ۽ برقرار رکڻ لاءِ مذهبي نظام کي آمريت رستي نت نئين اندازَ سان لاڳو ڪرڻ لاءِ، شريعتن جو اجراءُ پئي ٿيو ۽ نظام جي نفاذ جا اهڙائي سانباها پئي ٿيا، جهڙا سورهين صديءَ جي پهرين اڌ واري حوالي سان ”اسٽيفن زويگ“ جي لکيل هن ڪتاب ۾ ملن ٿا. ورهاڱي کان پوءِ سنڌوماٿرIndus Villay جي هن بين الامذاهب واري پُرامن خطي ۾، جنهن طرح سان هٿ وٺي سرڪاري سطح تي مذهبي تفرقي بازيءَ کي زور وٺايو ويو، اها اڄ ڪهڙي پَد تي پهتي آهي، ان جا هن سماج تي ڪيترا منفي اثر ٿيا آهن ۽ عالمي دنيا ان معاملي کي ڪيئن ٿي ڏسي، انهن سوالن جا جواب ملڻ ڏکيا ڪونهن، سموري صورتحال عيان لڳي پيئي آهي. اها صورتحال جا هاڻ اتي وڃي بيٺي آهي، سا ڪا هڪ دور، هڪ حڪمران جي پيدا ڪرايل ڪونهي. مذهب جو ڦهلاءُ ۽ ان جو پنهنجي مفادن لاءِ استعمال، اهو سڀني پنهنجي پنهنجي وس، وت ۽ ضرورتن آهر پئي ڪيو. اهو ان لاءِ ته جيئن ٻئي/مخالف خيال کي (اهو ڪيترو به صحيح ڇونه هجي) اڳتي وڌڻ نه ڏجي گويا ڪه اظهار جي آزادي/ فڪر جي آزاديءَ کي، هڪ مخصوص هٿيار سان وقت بوقت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي پئي رهي آهي، اهڙي ماحول طرف اشارو ڪندي جويو صاحب لکي ٿو: ”اسان وٽ جيئن ئي آزادي آئي آهي، تيئن ٻئي سڀ خيال تي قلف لڳي ۽ پهرا بيهي ويا آهن، سواءِ هڪ خيال جي، جنهن ۾ ڪا جان رهي ڪانهي، رڳو ڍانڍي وانگر پيو وڄي ۽ وڄندو رهي. جيڪو ٿو ڪجهه لکي ۽ ڪجهه چوي، سو ڦِري ڦِري محض انهيءَ ڍانڍي کي پيو وڄائي- صحيح به اسين، سچا به اسين، ڏاها به اسين ۽ سٺا ۽ صالح به اسين. آهيون، يا، جي بنهه نه آهيون-جائي صحيح ڳالهه آهي، ته ٿي سگهون ٿا، بشرطيڪ اُهو ڍانڍو زور سان ۽ تيئن زور سان وڄائڻ بيهي رهون. دهشت ۽ دهمان وري ايترو، جو ٻئي ڪنهن خيال جي رڳو ڪا سُونگهه يا سُڻس ئي ڪٿان پئجي ويئي، ته الائي ڇا ٿيندو، ڌرتي ڏري پوندي يا آسمان ڪري پوندو.“ (جويو، 1977ع، ص 10 )

اهڙي جمود واري اونداهي طويل دور دوران روشن خياليءَ واري فڪري ڦهلاءَ لاءِ اسان جي چند بهادر انسانن شاندار جدوجهد ضرور ڪئي، پر بحيثيت مجموعي اسان جو عمل ڪو ساراهه جوڳو ناهي رهيو. اهڙي اونداهي معاشرتي ماحول ۾ جويو صاحب جڏهن ’اسٽيفن زويگ‘ جي آپ بيتي "World Yesterday" ۾ سندس ڪيل جدوجهد، ڏنل قربانين کي پڙهي، ان کان متاثر ٿي، جيڪي ڪجهه لکي ٿو، اهو اسان جي اڄوڪي معاشرتي ماحول جي عين بين عڪاسي ڪري ٿو. جيڪو سمجهو ماڻهن جي سکيا لاءِ وڏو بي بها سبق آهي، جويو صاحب ’اسٽيفن زويگ‘ جي حياتيءَ بابت تبصرو ڪندي لکي ٿو:

”سچ پچ ته انسانذات ڪهڙا نه عجيب ۽ عظيم ماڻهو ٿي پيدا ڪري، ۽ هو زندگيءَ ۾ ڇا ڇا نه سهن ٿا ۽ ڇا ڇا نه ڪن ٿا! هيڏانهن اسين آهيون، جو ٿورڙي ڪا ڳالهه ٿا ڪريون ته ڦونڊ ۾ ڀرجيو، ڪنهن کي پاڻ جهڙو سمجهڻ ئي ڇڏي ٿا ڏيون.“ (جويو، 1977ع، ص 14 )

شال اسان جي دور جو لکندڙ، پڙهندڙ ۽ سماج جي مختلف ميدانن ۾ عملي ڪم ڪندڙ ماڻهو اهڙن عظيم انسانن جي ڏنل قربانين جو قدر ڪندي، پاڻ به ڪو سبق سکي سگهي.

ان وقت واري انسان، اهڙي ماحول سان ڪيئن مُنهن ڏنو، اهڙو سبق آموز مواد پيش ڪندي جويي صاحب پنهنجي قوم وارن لاءِ، هن ريت پيغام ڇڏيو آهي ته: ”هن ڪتاب ۾ پيش ٿيل ڳالهين، خيالن ۽ راين جي روشنيءَ ۾ پنهنجي خيالن ۽ راين جي تشڪيل ڪندا ۽ پنهنجي عمل ۽ ردعمل جي رخ جو تعين ڪندا.“
 (جويو، 1977ع، ص 15)

هتان واري ماحول سان هڪ جهڙائي رکندڙ هيءُ ڪتاب جويي صاحب 1977ع ۾، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ حيدرآباد پاران شايع ڪيو.

(8) گَلِيلو: (ترجمو)

جويي صاحب جو ترجمو ڪيل هيءُ ڪتاب ’گليلو‘ هڪ تاريخي ڊرامو آهي، ”ان ۾ سترهين صديءَ جي جڳ مشهور سائنسدان، ”گليلو گليليءَ“ جي شاندار شخصيت ۽ علمي ڪارنامن، رومي ڪليسا جي مذهبي چريائپ ۽ علم دشمني، وقت جي حاڪمن ۽ امير طبقي جي ماڻهن جي خود پسندي ۽ علم ناشناسي، بيقدري، هوس ۽ لالچ جي تصوير چٽيل آهي. ساڳئي وقت ان دؤر جي اٽليءَ جي عوامي زندگيءَ تي به ڀرپور روشني وڌي ويئي آهي.“(جويو، 1977ع، ص 7)

جرمنيءَ جي ڊراما نگار برٽالٽ بريخت جي هن ڊرامي کي جويي صاحب طرفان سنڌيءَ ۾ آڻڻ ان ڪري به ضروري سمجهيو ويو، جو، جويي صاحب ان جي بنيادي موضوعن واري مواد جو پاڻ به ڳولائو پئي رهيو آهي ۽ هن بزرگ جي پنهنجي قلمي پورهئي وسيلي سدائين اها ئي ڪوشش پئي رهي آهي ته اهڙوئي مواد پنهنجي پڙهندڙن تائين پڻ پهچندو رهي. اهو اهم ۽ بنيادي موضوع آهي، ”انسان جو شرف“ انسان جي انسان سان روش ۽ ”انسانذات جي گڏيل ڀلائي“ ان سلسلي م پاڻ سچ کي ئي سڀ کان وڌيڪ اهميت ۽ اوليت ڏئي ٿو. ان حوالي سان هن ڊرامي اندر مختلف جاين تي ڪيترائي شاندار مڪالما گليلو جي واتان چورايل آهن، جن مڙني منجهان هيٺيون مڪالمو هر ذي فهم انسان جو ذهن جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي، چوي ٿو ته ”جنهن کي سچ معلوم نه آهي، رڳو هڪ احمق آهي. اهو جيڪو سچ ڄاڻي ٿو ۽ ان کي ڪوڙ ٿو سڏي، سو هڪ خطرناڪ رهزن آهي.“

(جويو، 1977ع، ص 14)

اهڙن سچ ۽ سچائيءَ ڀرين گفتن ڀريو هي ڪتاب 1977ع ۾ ان وقت سنڌيءَ ۾ آندو ويو، جڏهن هتي به زور زبردستيءَ وارو دور دوران هو. چؤطرف ڏاڍ جو ڏهڪاءُ پئي پيو. ان وقت ۾ هي ڊرامو سنڌيءَ ۾ آڻڻ جو انتخاب ان ئي مقصد سان ڪيو ويو هو، جنهن مقصد کي نظر ۾ رکندي، ”برٽالٽ بريخت“ پنهنجي هن لازوال ڊرامي ۾ ويهين صديءَ جي انهن هر قسم جي مفاد پرست طاقتن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو بنايو آهي، جن سترهين صديءَ جي ڪليسائن وانگر سائنسدانن کي، يعني انهن جي عقل ۽ علم کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ گهريو ٿي. جويو صاحب هن ڊرامي جي اهميت کي محسوس ڪندي، ان جي سنڌي ترجمي جي آخر ۾ لکيو آهي ته، ”ويهين صديءَ جو اهو عظيم الميو ئي آهي جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ برٽالٽ بريخت ”گليلو“ ڊرامي کي علامت طور استعمال ڪيو آهي. هن الميي جو شڪار اڄ به هر اُهو ملڪ ۽ هر اهو سماج آهي، جتي زور ۽ مفاد پرستي علم ۽ اقتدار تي قابض آهي. اسين پاڻ به اڄ هِن الميي جا اُهڙائي شڪار آهيون جهڙو استاد گليلو گليليءَ جو سترهين صديءَ وارو اطالوي يا سڄو يوروپي سماج هو. ويهين صديءَ جو اُهو خوف، ڏک ۽ غصو ئي آهي، جيڪو تحرڪ ۾ اچي، تنگ نظريءَ، تعصب ۽ اقتدار جي انڌ کان انساني روح کي نجات ڏياري سگهندو، ۽ انسان جي دل اميد، خوشيءَ ۽ ڪهل جي سوجهري سان روشن ٿيندي، ۽ هو پنهنجي لاءِ هِن دنيا ۾ علم انصاف ۽ محبت جي جنت تعمير ڪري سگهندو.“(جويو، 1977ع، ص 16)

هي سچ جا سبق ڏسيندڙ ۽ انساني ذهن جنجهوڙيندڙ ڪتاب 1977ع ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو ويو.

(9) مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (تصحيح):

جديد دؤر جي ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جي ايڊيٽنگ جو انداز ئي نرالو آهي. سندن ڪيل ايڊيٽنگ وارو عمل ترجمو ڪيل مواد جي حقيقي معنيٰ ۾ صحت سڌاريو ڇڏي. جويي صاحب جي ان اعليٰ معيار ۽ شاندار تصحيحي، انداز کي ڪو پرکڻ چاهي ته، سندس ايامڪاريءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل مرزا قليچ بيگ وارن اوائلي ڪتابن جي، نون ڇاپن واري شايع ٿيل مواد سان ڀيٽا ڪري ڏسي سگهي ٿو.

جويو صاحب جڏهن مواد جي تصحيح ڪري ٿو، تڏهن اهو ترجمي واري رنگ مان بدلجي اصليت واري ڍنگ ۾ نروار ٿي ٿو بيهي. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري هئڻ واري دور ۾، هونئن ته جويي صاحب، ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪتابن کي سنواري ۽ سڌاري سهڻو ڪري پيش ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، پر ڪي ڪي ڪتاب اهڙا به هئا جن تي جويي صاحب ترجمو ڪندڙن کان وڌيڪ محنت ڪئي. دراصل صرف اهڙن ئي ڪتابن تي پاڻ تصحيح يا نظرثاني ڪندڙ طور پنهنجو نالو به ڏنو اٿس. جويي صاحب پاران محنت ڪيل اهڙن ڪتابن ۾ جڳ مشهور روسي ليکڪ مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻيءَ جا محترم اياز قادري صاحب پاران ترجمو ڪيل ٽي جلد پڻ شامل آهن. هڪ ڀيري جويي صاحب ڪچهري ڪندي ان ڪتاب تي ڪيل محنت واري حوالي سان ٻڌايو ته کيس ان ڪتاب جي ٺاهه ٺوهه ۾ وڏي محنت ڪرڻي پيئي هئي. جنهن جو دستاويزي ثبوت اهي سلپون ۽ پروفن وارا پنا هئا، جيڪي ڪيتري عرصي تائين رڪارڊ طور، سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽور ۾ رکيل هوندا هئا، پر خدا ڀلو ڪري محترم شمشيرالحيدري صاحب جو، جنهن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اهڙي مواد کي غير ضروري ۽ جڳهه جي سيڙپ تصور ڪندي، بورڊ جي اسٽور ۾ رکيل اهڙن مڙني ڪتابن جا ايڊٽ ٿيل ۽ پروف ريڊنگ وارا سمورا ڪاغذ رديءَ وارن کي وڪرو ڪرائي ڇڏيا. اهڙي ريت پير حسام الدين راشدي، علي محمد شاهه راشدي، ڊاڪٽر بلوچ کان وٺي سومار علي ۽ اياز قادريءَ تائين مڙني جو اهو دستاويزي مواد ضايع ٿي ويو. جويي صاحب هن ڪتاب تي ايتري محنت ڇو ڪئي، ان جو سڌو جواب آهي ته محمد ابراهيم جويو صاحب سوشلسٽ خيال رکندڙ محبِ سنڌ عالم آهي. انڪري گورڪي سندس پسنديده اديبن مان هڪ آهي، جنهن بابت مختصر لفظن ۾ بورڊ جو سيڪريٽري نامور اديب ظفر حسن شاهه هن ريت ڄاڻ ڏئي ٿو:

”گورڪيءَ جي حياتيءَ ۽ لکڻين جو اڀياس دراصل روس جي هڪ سياسي ۽ سماجي  دؤر جو اڀياس آهي، اُن دؤر ۾ جڏهين روس جي عوام زار بادشاهن کي ختم ڪري، ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي: روس جون ان وقت جون حالتون اهڙيون ئي هيون، جهڙيون اڄڪلهه پوئتي پيل پيڙيل مظلوم عوام وارن ملڪن ۾ آهن.“ (اياز، 1977ع، ص 1)

اهائي گورڪي ۽ جويي صاحب وچ ۾، مظلوميت ۽ غلامانه ماحول واري هم آهنگي هئي، جنهن لاءِ جويو صاحب پاڻ به ويچاريندو ۽ جدوجهد ڪندو پئي رهيو آهي. ان هڪ جهڙائيءَ کي نظر ۾ رکندي، کيس گورڪيءَ جي  هن ڪتاب تي وڌيڪ محنت ڪرڻي پيئي. هن ڪتاب  جا پهريان ٻه حصا يعني ’ننڍپڻ‘ ۽ 
’تربيت‘، ظفر حسن صاحب جي سيڪريٽري هئڻ واري دور ۾ شايع ٿيا، انڪري انهن جي سرورق تي جويي صاحب جو نالو آيل آهي، پر ان جو ٽيون حصو 2005ع ۾، مسٽر انعام الله شيخ صاحب جي سيڪريٽري هئڻ واري دور ۾ شايع ٿيو، ته ان تي جويي صاحب جي نئين سر محنت ڪرڻ جو ”ڇپائيندڙ پاران“ لکيل لکڻيءَ جو ذڪر ڪرڻ جي باوجود ٽائيٽل تان سندس نالو هٽايو ويو.

هن ڪتاب جو پهريون ۽ ٻيو حصو 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

(10) ڪئنڊيڊ (تصحيح):

Candide والٽيئر جو جڳ مشهور ڪتاب آهي، فرانس ۾ جنم وٺندڙ هي عظيم فلاسافر جنهن دنيا جي گهڻي حصي تي گهرا اثر ڇڏيا، ان جي خيالن سان جويي صاحب جي فڪري هم آهنگي ڪجهه هن ريت هئي ته سندس بقول:

”والٽيئر علم جي معاملي ۾ خالص عقل  جي برتريءَ جو قائل هو، ’ايمان‘ تي هُن جو اعتبار نه هو. (پريو، 1977ع، ص 5)

سنڌ اندر جويو صاحب پڻ ساڳي ريت ايماني طريقي ۽ انداز ۾ لکڻ بجاءِ، عقلي بنيادن تي سوچڻ ويچارڻ ۽ اظهارڻ جو داعي پئي رهيو آهي، والٽيئر واري ان فڪري تصور سبب، سنڌيءَ ۾ والٽيئر جو ڪئنڊيڊ اچڻ کان پهريان 1977ع ۾ جويي صاحب لکي ٿو:

”هيلتائين سنڌيءَ ۾ والٽيئر جو ڪوبه ڪتاب شايع ڪونه ٿيو آهي، (ڇاڪاڻ ته) سنڌي ٻوليءَ جي علمي ۽ ادبي دنيا، پنهنجي تاريخي حالات سبب، مشرق جي اڪثر ٻولين وانگر، تقريباً سڄي جي سڄي ’ايماني‘
ماحول ۾ رچيل يا ورتل رهي آهي... انهيءَ ڪري جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ والٽيئر جو هيءُ پهريون ڪتاب هاڻي پيش ٿي رهيو آهي، ته اُن ۾ ڪوبه عجب کائڻ نه گهرجي.“ (پريو، 1977ع، ص 5)

مٿي ذڪر ڪيل ماحول ۾ اهڙي نوعيت وارو هي ڪتاب ڪيئن ميدان ۾ اچي سگهيو ۽ ان جي آڻڻ ۾ جويي صاحب جو ڪهڙو ڪردار رهيو ان بابت به ٻه چار ڳالهيون ڪري ڇڏجن.

ڪئنڊيڊ سنڌي ادبي بورڊ جي ترجمي واري اسڪيم ۾ شامل ڪتابن مان هڪ ڪتاب هو، جنهن جي ترجمو ڪرائڻ جو فيصلو ترجمي ڪاميٽي ڊسمبر 1952ع ۾ ۽ اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ 8- جولاءِ 1954ع تي ڪيو هو، ان فيصلي جي منظوري بورڊ پنهنجي 21- سيپٽمبر 1954ع واري ميٽنگ ۾ ڏني هئي، ان ئي ميٽنگ ۾ ڪتاب جي ترجمي جو ڪم تعليم کاتي جي برک آفيسر ۽ ادبي ذوق رکندڙ مرحوم فتح محمد قريشي صاحب جي حوالي ڪيو ويو، پر قريشي مرحوم پنهنجن مصروفيتن سبب، بهرحال، اُن جي سرانجامي ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ به نه ڪري سگهيو. هي ڪم پوءِ فيبروري 1960ع ۾ محترم الهه رکئي پَريي جي حوالي ڪيو ويو، جنهن ٽن مهينن ۾ پورو ڪري، ترجمي جو مسودو بورڊ جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ نومبر 1965ع ۾ مسودي جي ايڊيٽنگ جو ڪم شمشيرالحيدريءَ کي ڏنو ويو، جنهن جنوري 1967ع ۾ ڪتاب جو اڌ، صفحي 44 تائين ڪجهه ڏسي ۽ ڪجهه حصن جو نئين سر ترجمو ڪرڻ جي باوجود اڻپورو ڪتاب بورڊ کي واپس ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت ٽيويهن سالن کان والٽيئر وانگر ٿيلهجندڙ، دربدر ٿيندڙ مواد بلآخر جويي صاحب جي هٿن تائين پهتو. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي جويو صاحب لکي ٿو:

”آگسٽ 1976ع ۾، هن مسودي کي نظر مان ڪڍي، پنهنجي نظرداريءَ ۾ ڇپائڻ جو ڪم، بورڊ طرفان مون کي سونپيو ويو. ڪتاب جو رهيل اڌ حصو اختصاري صورت ۾ (ص 46 کان 85 تائين)، محترم سومار عليءَ کان ترجمو ڪرائي، سڄي سنڌي مسودي کي اصل سان ڀيٽي، ان جي تصحيح ڪري، مٿس مقدمو لکي، ڊسمبر 1976ع ۾ بورڊ جي پريس ۾ ڇپائيءَ لاءِ ڏنو ويو، ۽ ائين هيءُ جڳ مشهور ڪتاب تقريباً پنجويهن سالن جي ممڪن ۽ موقعي سارو ڪوششن کان پوءِ، پنهنجن لائق سنڌي پڙهندڙ ڀائرن، ڀينرن جي هٿن ۾ هاڻي (1977ع) پيش ڪري رهيا آهيون.“ (پريو، 1977ع، ص 36-37) 92 صفحن جي هن ڪتاب ۾ 33 صفحن جو جويو صاحب عالمانه تعارف لکيو آهي. اهڙي ريت هي فرينچ ٻوليءَ جو شاندار ۽ عالمي ادب جو لاجواب ڪتاب، جويي صاحب جي محنتن ۽ ڪوششن سان 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.

 (11)   G.M.Sayed: National Unity: (ترجمو)

هي ڪتاب سائين جي.ايم.سيد جي اٺين بزم صوفياءِ سنڌ پاران اڀن شاهه ضلع خيرپور ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ پڙهيل خطبي جو انگريزي ترجمو آهي، جيڪو جويي صاحب سنڌ مان جلاوطن ٿي ڪوهاٽ ۾ گذارڻ واري وقت ترجمو ڪيو هو، جيڪو گهڻو پوءِ جي.ايم محڪريءَ جي تعارف سان شايع ٿيو.

سيد جو اڀن شاهه ۾ ڏنل اهو خطبو جنهن لاءِ جويو صاحب جو چوڻ آهي ته:

”آءٌ سيد صاحب جي ان خطبي کي سنڌ جو ڪيس ۽ هڪ تاريخي دستاويز تصور ڪندو رهيو آهيان.“ (آزاد، 2004، ص 191) ان خطبي ۾ سيد صاحب ”قومي شعور جي عدم موجودگيءَ“ جو سيرِ حاصل جائزو پيش ڪرڻ بعد هن خطبي ۾ مروج مختلف قوم وارن تصور جهڙوڪ مسلم قوم، پاڪستاني قوم وغيره وغيره بابت سمجهاڻي ڏيندي،  دنيا ۾ رائج قومي تصورن بابت لاجواب سمجهاڻي پيش ڪندي، طئه ٿيل عالمي معيارن موجب سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سڃاڻپ ڪرائڻ واري ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. اڀن شاهه وارو اهو خطبو ۽ ٻيا نَوَ خطبا مٿي ذڪر ڪيل مقصد جي حاصلات لاءِ صوفياڻي رنگ ۾ رنڱي عوام تائين ڪتابڙن جي صورت ۾ پهچائڻ واري عمل ۾ جويي صاحب جو وڏو اهم ڪردار هو. هونئن ته سمورا خطبا شاندار آهن، پر انهن مڙني خطبن مان سيد صاحب جو هي خطبو، جهڙوڪ منڊيءَ تي ٽِڪَ جي برابر هو، جنهن لاءِ جويي صاحب لکي ٿو:

”سيد صاحب جي ان اڀن شاهه تي ڏنل خطبي کي مان سيد صاحب جي ان صوفياڻي تحريڪ جو نچوڙ تصور ڪندو رهيو آهيان.“ (آزاد، 2004ع ص 190)

جويي صاحب قومي ايڪي جي ضرورت ۽ اهميت واري حوالي سان، هڪ انٽرويو ۾ سائين جي.ايم.سيد جي بزم صوفياءِ سنڌ جي اُن اٺين اڀن شاهه واري خطبي جو ذڪر ڪندي چيو ته:

”قومي ايڪي ڏانهن ايندڙ راهه، اسان جي عظيم رهبر سائين جي.ايم.سيد اسان کي پنهنجي انگريزي ڪتابچي National Unity a Plea for Sanity ]”قومي ايڪو- هڪ ڏاهپ ڀري صلاح“[۾ ڏسي آهي، جيڪو ميشرس سيد ائنڊ سيد ڪراچيءَ وارن شايع ڪيو آهي. هن مسئلي ۾ جيڪي دلچسپي رکن ٿا، اُنهن کي ضرور اهو ڪتابچو پڙهڻ کپي، سمجهڻ کپي، ۽ جو ڪجهه ان ۾ ڏسيو ويو آهي ان تي هلڻ کپي.“ (جويو، 2005ع، ص 106)

سيد صاحب جي اڀن شاهه واري ان پروگرام ۾ جويو صاحب ڪوهاٽ کان ڪهي پاڻ به اچي شريڪ ٿيو هو. اڀن شاهه واري سيد جي ان خطبي کيس ايترو ته متاثر ڪيو. پاڻ ان جو  مسودو ڪوهاٽ کڻي ويو ۽ وڃڻ سان ان کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو گهڻو پوءِ 1978ع ۾، سيد ۽ سيد سنز ڪراچي پاران جي.ايم محڪريءَ جي تعارفي نوٽ ۽ جويي صاحب جي مختصر مهاڳ سان شايع ٿيو.

(12) ٻارن جو مسيح (ترجمو)

امن، پيار ۽ انساني عظمت جي عظيم پيغامبر، حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي عجيب ۽ رمز ڀري، سبق آموز حياتيءَ بابت ”اينڊ بلائٽن“ جو لکيل هيءُ ڪتاب (The Children's life of christ) ان جي مواد کي نظر ۾ رکندي جويي صاحب ٻارن جي لاءِ، جيئن ان جي نالي منجهان محسوس ٿئي ٿو، ٻارن جي عالمي سال 1979ع جي موقعي تي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ئي لفظن ۾ ”اسين هڪ ته هيڻيءَ ۽ مسڪين قوم جا فرد آهيون، ۽ ٻيو ته ڏٻري وهٽ جي ڌڻيءَ وانگر سوير پلاڻڻ ڪونه سکيا آهيون- انهيءَ ڪري اسان لاءِ هر ڳالهه ۾ تاخير جو واقع ٿيڻ ڄڻ اٽل ڳالهه بڻجي پئي آهي.“(جويو، 1980ع، ص 32 ج) سو هيءُ ڪتاب 1979ع واري سال بجاءِ، 1980ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو پنهنجي اهميت ۽ افاديت واري حوالي سان رڳو ٻارن لاءِ نه آهي، پر حقيقت اها آهي ته ان ۾ جيڪي انسان جي عظمت ۽ اعليٰ آدرش وارا نُڪتا نظر اچن ٿا، انهن کي نظر ۾ رکندي، اها ڳالهه وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته حضرت عيسيٰؑ جي حياتيءَ تي هيءُ سبق آموز ڪتاب وڏن کي ئي پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ پروڙڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته عالمِ انسان لاءِ سبق آموز حضرت عيسيٰ مسيح الله جي تعليم جو بنياد هيٺ ذڪر ڪيل، ”ڪتاب مقدس، نئون عهدنامون ۾ بيان ٿيل بامعنيٰ نُڪتن تي رکيل آهي ته ”جيئن اوهين چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهان سان هلن، اوهين به اُنهن سان ائين هلو… پنهنجي پاڙيسرين کي ائين ڀانيو جيئن اوهين پنهنجي پاڻ کي ٿا ڀانيو… جيئن اوهان جو اپائڻهار رحم وارو آهي، اوهين به ائين رحم وارا ٿيو… مبارڪ آهن اُهي جيڪي صلح ]يعني، انصاف ۽ امن[قائم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي ئي خدا جا ٻالڪ سڏبا.“ (جويو، 1980ع، ص 1)

حضرت عيسيٰؑ مسيح الله جي تعليم جو بنياد ۽ ان سبق سکڻ ۽ سمجهڻ جي معصوم ٻارن، (جن جي اندر واري ڦرهي، هر مير، ڪدورت، ساڙ ۽ ڪيني کان پاڪ، صاف ۽ اڇي اُجري هوندي آهي). کان وڌيڪ وڏن کي ضرورت آهي. مٿيون ماڻهپي وارو اعليٰ آدرشي سبق جيڪڏهن اڄ جو انسان هينئين سان هنڊائي ۽ ان تي ايمانداريءَ سان عمل ڪري ته اسان جي هيءَ دنيا جنگ، جدل ۽ قتل غارتگريءَ کان بچي سگهي ٿي. اهڙي ئي خيال کي نظر ۾ رکندي جويي صاحب هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ”ٻار پنهنجي مسيح کي سمجهن، تنهن کان اڳ انهن جي وڏن لاءِ ضروري آهي ته اهي مسيح کي سمجهن، مسيح جي حياتي ۽ مسيح جي تعليم مان اسين زندگيءَ جون ڪي بنيادي ڳالهيون ۽ بنيادي حقيقتون سکون ٿا، ۽ انساني تهذيب جي سڀ کان وڌ بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته ٻارن جي پرورش ۽ تربيت وڏن کي ڪرڻي آهي، ۽ ان لاءِ مسيح جو چوڻ آهي ته ”هي ننڍڙا ٻار جن جو مون ۾ ايمان آهي (ڇاڪاڻ ته اهي معصوم آهن، ۽ شيدائي آهن نيڪيءَ جي ڄاڻڻ ۽ ماڻڻ جا) تن مان ڪنهن هڪڙي کي به جيڪو گمراهه ڪندو، اُن لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي، کيس اونهي سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏجي.“  (ڪتاب مقدس، متي، 18/6) انهيءَ ڪري هن ڪتاب کي اسان جا وڏا به ايتروئي پڙهن جيتري اسان کي اميد آهي ته اسان جا ننڍا ان کي پڙهندا.“(جويو، 1977ع، ص 12)

انساني سڌاري، واڌاري ۽ اصلاح ڀرين گفتن وارو هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد سنڌ، 1980ع ۾ شايع ڪيو. ان جو ٻيو ڇاپو ڪرائون سائيز ۾، مسيحي ادبي انجمن شڪارپور 1986ع ۾ شايع ڪيو.

(13) عورت زاد (ترتيب ۽ ترجمو)

اسان جي سماج ۾ عورت جي آزادي بنيادي ۽ اهم نوعيت وارو موضوع پئي رهيو آهي، هتي سرڪاري، نيم سرڪاري توڙي خانگي ميدانن تي عورت جي آزاديءَ بابت پروگرام ۽ ڳالهيون ته ٿيندي نظر اچن ٿيون، پر عورت برابريءَ جو درجو ماڻي، آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي سگهي، اهو اڄ تائين نه ٿي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ ذڪر جي حد تائين هر ڪنهن ان ڳالهه کي بنيادي اهميت وارو موضوع پڻ قرار پئي ڏنو آهي، پر عملي طرح ان لاءِ ڪائي ڪارگر ڪوشش ٿيندي نظر ڪانه ٿي اچي. اهڙين ئي ڪوششن جي سلسلي ۾ هتي 1982ع ۾ سنڌي عورت ڪانفرنس ملهائي وئي، جنهن ۾ مختلف ماڻهن پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊيا، رٿون ۽ رايا پيش ڪيا.

جويو صاحب سنڌي عورت جي غلاميءَ کي پيچ در پيچ غلاميءَ جي بدترين صورت تصور ڪندو رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته ”اڄ جو سنڌي سماج- جاگيردار سماج، تاريخ جو ڌڪيل ۽ دسِيون پوئتي ڇڏجي ويل سماج- پيچ در پيچ غلاميءَ ۾ ورتل آهي. ۽ ان جي سڀ کان اونهي پيچ ۾ ڦاٿل سنڌي عورت آهي ۽ اُتي هوءَ نه ماءُ آهي، نه ڀيڻ آهي ۽ نه ڌيءُ، نه هن جو ڪو جيون ساٿي آهي، نه هوءَ ڪنهن جي جيون ساٿياڻي، هوءَ پنهنجي وجود جي اهميت ۽ تقدس کان ڪُلي اَڄاڻ آهي.“(جويو، 1983ع، ص 1) سنڌي عورت جيڪا پيچ در پيچ غلاميءَ ۾ ورتل هڪ اونهي پيچ ۾ ته ڦاٿل آهي، پر ان کي انهيءَ غلاميءَ جي نوعيت ۽ اهميت جو اصل احساس ڪونهي. ان بابت هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ سمجهاڻي ڏيندي جويو صاحب لکي ٿو ته ”غلاميءَ کان وڌ، ماڻهوءَ جي بدبختي ڪا ٿِي ئي نه ٿي سگهجي، پر پيچ در پيچ غلامي هُن لاءِ جيئري موتُ آهي. سڌيءَ غلامي جي ماڻهوءَ کي ڄاڻ رهي ٿي، احساس رهي ٿو، ۽ ان کان نجات جا امڪان هُو پنهنجي جدوجهد ۽ قربانيءَ ۾ ڏسي سگهي ٿو. پيچ در پيچ غلامي ماڻهن جا سَنڌَ چَٽي ٿي، هانءُ کائي ٿي ۽ هُن کي هوش کان بيهوش ڪريو ٿي ڇڏي.“(جويو، 1983ع، ص 1)

اهڙي غلامانه ماحول ۾ سنڌي عورت جو، ڪو هڪڙو طبقو ۽ گروهه گرفتار ڪونهي، پر ان ناسور ورتل ڪوڙهيي سماج جو ذرو پرزو ان موضي مرض ۾ مبتلا آهي اهڙي ماحول جي وسعت ۽ ان جي مجموعي سماج تي پوندڙ اثرن جي مختصر ۽ جامع سمجهاڻي ڏيندي جويو صاحب لکي ٿو:

”پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، شاهوڪار توڙي غريب، ٻهراڙيءَ توڙي شهري گهر ۾ اسان وٽ هوءَ 
بي قدرائين وِٿَ آهي ۽ اُن پنهنجي هلڪائپ ۽ دک ۾ جيڪو نئون نسل هوءَ اُپائي ٿي ۽ نپائي ٿي، اڪثر اُهو پنهنجي ذهن توڙي ارادي ۾ غلام ئي هجي ٿو.“ ذهن توڙي ارادي ۾ غلامانه مهاڄار ۾ پيدائشي طور جڪڙيل ۽ پرورش ٿيل فرد پوءِ ماحول ۾ ڪهڙا گل ٿو پوکي، اهڙن هر روز نظر ايندڙ وارداتن ۽ ماجرائن جي جڙ ان ڳالهه کي تصور ڪندي هُو هن ريت بيان ڪري ٿو:

”نه نه، ته به خود کيس، يعني پنهنجي ماءُ کي، ڀيڻ کي ۽ پنهنجي ئي ٻچن جي ماءُ کي، ساڳئي غلاميءَ جي پيچ ۾ سوگهي رکڻ جي مهارت ته هو ضرور ڄاڻي ٿو.“ (جويو، 1983ع، ص 1)

عورت جي آزاديءَ واري اهڙي اهميت جي مدِنظر عورت ڪانفرنس جي حوالي سان بنيادي نوعيت جو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جويي صاحب ترتيب ۽ ترجمي واري صورت ۾ تيار ڪيو، جنهن ۾ عورت جي مسئلن بابت ذهن جنجهوڙيندڙ مواد پيش ڪيو ويو. اهڙي مواد جا ڪجهه عنوان هن ريت آهن. ”عورتون جنگ ۽ امن جي ميدان ۾“ (طاهره مظهر)، ”سنڌ جون نياڻيون“ (ڊاڪٽر جي.ايم. محڪري)، ”اسلام ۽ عورت“ (آغا مرتضيٰ پُويا)، ”معاشرو عورت ۽ بهشتي زيور (ڊاڪٽر مبارڪ علي)، ”عورتن جا حق، (گڏيل قومن جو منشور).

عورت کي برابريءَ واري درجي ڏيارڻ خاطر شعور بيدار ڪرائڻ وارو هيءُ ڪتاب 1983ع ۾ سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران شايع ڪيو ويو.

(14) فلسفي جو ابتدائي ڪورس: (ترجمو)

محمد ابراهيم جويو صاحب سدائين سچ جو ڳولائو پئي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ ”سچ روشني آهي ۽ روشنيءَ جي اچڻ سان اوندهه گُم ٿي وڃي ٿي“.(جويو، 1984ع، ص 7) سچ جي پاڻ مختلف ذريعن ۽ حوالن سان ڳولا ڪندو رهيو آهي. ان ڪوشش کي پاڻ ڏاهپ واري ڪم سان تعبير ڪندي چوي ٿو ته ”جيڪڏهن سچ جي تلاش ئي انساني ڏاهپ جو اصل ڪم آهي ته هِي به واجب آهي ته ڏسجي ته انساني ڏاهپ ڇا آهي ۽ انساني زندگيءَ ۾ اُن جو اظهار ۽ اثر ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ڪهڙو ٿو ٿئي.“(جويو، 1988ع، ص 8) ان سلسلي ۾ ڏاهپ جي سولي ۽ تز سمجهاڻي پنهنجي مقامي ماحول موجب، آسان مثالن سان سمجهائيندي، ڏاهپ واري محدود تصور کي رد ڪندي، وسيع تصور جي پٺ ڀرائي ڪندي، اهڙي ته شاندار سمجهاڻي ڏئي ٿو، جو ان کي هوند عام ماڻهو به آسانيءَ سان سمجهي سگهي، اهائي اڄوڪي سماجي ماحول جي بنيادي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ جويو صاحب لکي ٿو:

”ڏاهپ جي ڳالهه اٿڻ سان ائين به عام چيو ويندو آهي ته ماڻهو هرڪو ڏاهو آهي- پاءُ اٽي جو سڀڪو کائي ٿو!، يعني پنهنجي پاءُ اٽي لاءِ، پنهنجي ذات لاءِ، هرڪو ڏاهو آهي. جي ڏاهپ اِها آهي، يعني پنهنجي پاڻ لاءِ هرڪو ڏاهو آهي، ته اِها حيواني ڏاهپ ٿي، انساني ڏاهپ نه ٿي- ايتري تائين ته حيوان به ڏاها آهن. ڏاهپ جي اِنهيءَ عام قسم کي ننديندي، فرئنسز بيڪن پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”ڏاهپ، پنهنجي ذات لاءِ- اڪثر صورتن ۾، هڪ ذليل شيءِ آهي: اُها ڪوئن واري ڏاهپ آهي، جيڪي جڏهن گهُر ڪِرڻ وارو هوندو آهي، سڀ کان اڳ پڪ ئي پڪ اُتان ڀڄي ويندا آهن، اُها لومڙ واري ڏاهپ آهي، جيڪا پاڻان هيڻي جانور جي کوٽيل ڏر ۾ گهڙي، مالڪ کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي، اُها واڳونءَ واري ڏاهپ آهي، جيڪو ڪنهن کي ڳڙڪائيندو آهي ته ڳوڙها به پيو ڳاڙيندو آهي.“ ڏاهپ اِها ناهي ان کان وڌيڪ ٻي به ڏاهپ آهي، جيڪا انساني ڏاهپ آهي. صحيح فيصلو، اُن جو صحيح بيان ۽ اُن تي اهڙوئي صحيح عمل- پنهنجي ذات جي پاءَ اٽي لاءِ نه، انسانَ حيوان لاءِ نه، پر حيوان انسان لاءِ، اُن انسانَ لاءِ جيڪو سماج ۾ رهي ٿو، انساني زندگيءَ جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ سهڪار ڄاڻي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري انسان سڏجي ٿو، ۽ انسانُ آهي- انساني ڏاهپ اِها آهي.“ (جويو، 1984ع، ص 8)

فلسفو جنهن جي لفظي معنيٰ ”ڏاهپ جو ذوق“ چيو وڃي ٿو. جويي صاحب سچ کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جي سلسلي ۾ ان ڏاهپ واري ذوق پيدا ڪرائڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون آهن، ان سلسلي ۾ سندس هيءُ ڪتاب ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ پڻ هڪ آهي. ”جارج پوليزر“ جو هيءُ ڪتاب 1984ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري طرفان شايع ڪيو ويو.

(15) علم تدريس مظلومن لاءِ: (ترجمو)

جويو صاحب جيتوڻيڪ استاد واري حيثيت ۾ پڙهڻ پڙهائڻ واري ميدان کان 1973ع ۾ رٽائر ٿي چڪو هو، پر پوءِ به تعليم طرف سندس هر وقت توجهه پئي رهيو آهي. جڏهن به کيس موقعو مليو آهي ته تقرير يا تحرير، پمفليٽ يا ڪتاب رستي ٻوليءَ ۽ تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندي نظر آيو آهي. پاڻ 1971ع ۾ هڪ بهتر استاد ٿيڻ ۽ ان اعليٰ معيار جي ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري مقصد کي نظر ۾ رکندي، استادن جي رهبريءَ خاطر ”ٻه لفظ صلاح جا، استادن لاءِ“ عنوان سان اٺن صفحن جو هڪ پمفليٽ پڌرو ڪيو، جيڪو پنهنجي اهميت ۽ افاديت سبب ڊسمبر 1983ع ۾ ٻيهر ۽ سيپٽمبر 1984ع ۾ ٽيون ڀيرو شايع ڪرايو ۽ ورهايو ويو. ان بنيادي نوعيت واري لکڻيءَ جو تت هيٺئين جملي ۾ سمايل آهي، جيڪو هر دور ۾ رهنمائي ڪرڻ لاءِ موزون آهي. لکي ٿو:

”هڪ استاد کي، جيڪڏهن هو استاد چوائڻ لائق آهي، هنن سڀني ڳالهين کان بچڻو آهي- يعني حرص کان، غير ذميداريءَ کان ۽ ڪم جي نٽ نٽاءَ کان. استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي خود اظهاريت جي اهڙي مسلسل ۽ اعليٰ جهاد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ٽن منزلن واري هڪ ئي راهه آهي، جنهن کي سڃاڻڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ جنهن سان هلڻو آهي: خود تنقيد جي راهه، جيڪا خودشناسيءَ ڏانهن نئي ٿي، جنهن سان خود اصلاح جي نئين ۽ نت نئين منزل روشن ٿئي ٿي. عزيز ڀاءُ، تون اها راهه وٺ! انهي راهه سان، استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي زندگيءَ ۽ پنهنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻي ڪنهن شيءِ جي توکي گهرج ڪانه رهندي.“ (جويو، 1998ع، ص 353)

غور ڪري ڏسبو ته مٿي ذڪر ڪيل مختصر جملن ۾ جويو صاحب استاد جي حوالي سان سماج جي سڌاري ۽ واڌاري جي سلسلي ۾ بظاهر معمولي پر ڪيڏي نه اهم ۽ بنيادي ڳالهه بيان ڪئي آهي. خود تنقيد، يعني ”اندر ۾ ليئو پائڻ ۽ پنهنجو پاڻ جائزو وٺڻ“ ته منهنجي ذمي جيڪو ۽ جيترو ڪم ٿيل آهي، اهو مون ڪيتريقدر نڀايو آهي. اهوئي عمل آهي جنهن سان خودشناسي جنم وٺي ٿي ۽ ان سان پوءِ خود اصلاح وارو عمل شروع ٿئي ٿو. ان ڳالهه جو اظهار سندس ترجمو ڪيل هن ڪتاب ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘ جي پيش لفظ منجهان پڻ ٿئي ٿو. عالمي شهرت يافته اديب پائلو فريري (Paulo Freire) جي ذهنن ۾ جنجهوڙ پيدا ڪرائيندڙ ڪتاب(Pedagogy of the Oppressed) جو هيءُ ترجمو، جويي صاحب 1984ع ۾ ڪيو. هن ڪتاب جو بنياد پڻ تعليم ئي آهي. هن ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ لاءِ جويو صاحب ڇو چونڊ ڪئي؟ ان سوال جو جواب سندس ئي هيٺين لفظن منجهان ملي ٿو. پاڻ ان ڪتاب تي سنڌيڪار جي حيثيت ۾ ٻه اکر لکندي ڄاڻائي ٿو، ”هن ڪتاب ۾ سمجهايل ’تدريس جو علم‘ خاص بالغن جي تعليم لاءِ، پوئتي پيل قومن جي عام خلق جي ڪثير حصي، ان جي مظلوم ۽ محروم حصي، جي تعليم لاءِ، هجڻ سبب، انهيءَ عوامي خدمت جي دائري ۾ ڪم ڪندڙ استادن، تعليم ڪارن ۽ سماجي، تهذيبي ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ، جيڪي ان ڏس ۾ ”انقلابي اڳواڻپ“ جو رول ادا ڪن ٿا، بيحد هڪ مفيد ۽ ڪارائتو رهنما ڪتاب ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ انهن کي نه فقط ٻڌائي ٿو ته ڪثير مظلوم خلق کي ڪيئن پاڙهجي، پر اهو به ٻڌائي ٿو ۽ سمجهائي ٿو ته انهن کي ڇا پاڙهجي! يعني ڪهڙي تعليم ڏجي ۽ ان تعليم لاءِ کين ڪيئن تيار ڪجي ۽ منظم ڪجي ته جيئن هو خود خرابيءَ جي موت مان اُٿي خود شناسيءَ جي زندگيءَ ڏانهن وڌن ۽ غلاميءَ جي پناهه گاهه کي ڇڏي آزاديءَ جي آماجگاهه ۾ اچن ۽ اُن لاءِ جدوجهد ڪن.“(جويو، 1984ع، ص 17)

جويي صاحب جو هيءُ ڪتاب ان وقت شايع ٿيو هو، جڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن اندر بي راهه رويءَ وارو ماحول هو، پڙهڻ پڙهائڻ جهڙي ڪائي ڳالهه ڪانه هئي. تعليمي ادارن ۾ غنداگردي ۽ داداگيريءَ جو دور دوران هو. اهڙي وقت ۾ هن ڪتاب ڀٽڪندڙن کي دڳ لائڻ ۽ رستو ڏسڻ واري حوالي سان وڏو ڪم ڪيو.  هي ڪتاب پيش ڪري جويي صاحب ته پنهنجو فرض پورو ڪيو، پر اسين پنهنجي بي سمجهائپ ۽ نااهليءَ سبب ان منجهان ڪو خاص فائدو حاصل نه ڪري سگهياسين. اها اسان جي بدقسمتي چئجي جو 1970ع کانپوءِ اسان جي شاگرد ۽ استاد منجهان مختلف سببن ڪري، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو رجحان آهستي آهستي ٿي ختم ٿيندو رهيو آهي. تمام ڪي ٿورا استاد ۽ شاگرد آهن جيڪي ڪتابن سان حقيقي معنيٰ ۾ لهه وچڙ رکن ٿا. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ دلچسپي وٺن ٿا. گذريل ٽيهن سالن کان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جيڪو افراتفريءَ وارو ماحول پيدا ٿي ويو هو، اهو اهڙي ئي عمل جو نتيجو هئو. ورنه جيڪڏهن صحيح طرح سان علم تدريس طرف ڌيان ڏنو وڃي ها ته سنڌ جي سماج ۾ ايترو بي راهه روي ۽ بيگانگيءَ وارو ماحول جنم نه وٺي ها. اها علم جي ئي سگهاري قوت آهي جنهن سان ڪنهن به سماج ۾ گهربل مثبت قسم جي سماجي تبديلي آڻي ٿي سگهجي. ڇاڪاڻ ته پائلو فريري جو خيال آهي ته: ”تعليم، آزاديءَ ۽ سماجي تبديليءَ جو هڪ رستو آهي- ائين اُها رهي آهي ۽ ان کي ائين رهڻ گهرجي- اهو هڪ هٿيار، جنهن سان انسان پنهنجي چؤڦير دنيا کي ڏسي سگهن ٿا، سمجهي سگهن ٿا، ۽ ان جي تورتڪ ڪري ۽ ان کي بدلائي سگهن ٿا.“(جويو، 1984ع، ص 14) پائلو فريري جنهن تعليم کي آزادي ۽ سماجي تبديليءَ جو رستو تصور ڪندي ان کي تبديلي آڻڻ جو ذريعو تصور ڪري ٿو، سا عام  رواجي تعليم ڪانهي، اها ڪهڙي تعليم هئڻ گهرجي، جيڪا سماج ۾ صحتمند تبديلي آڻي سگهي ٿي، ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي، هو واضح لفظن ۾ لکي ٿو: ”اُها تعليم بئنڪاري نه، پر ’مسئلن کي کولي آڏو رکندڙ، ’تعليم، فرماني نه پر، آزاد ۽ جمهوري (يعني پاڻ پاتل ۽ آزاد مرضيءَ سان قبوليل) تعليم، ۽ ڳالهه ٻولهه وروڌي نه پر ’ڳالهه ٻولهه پسند، تعليم هجي.“ (جويو، 1984ع، ص 14)

جويو صاحب سماج کي سڌارڻ ۽ بدلائڻ جو ته اصل کان خواهشمند پئي رهيو آهي ۽ اهائي خيالن جي هڪجهڙائي هئي جنهن کيس پائلو فريريءَ جو مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب سنڌي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪرڻ تي آماده ڪيو. تعليم ۽ تدريس جي افاديت ۽ اهميت بيان ڪندڙ ۽ آزاديءَ جي استعمال طور تعليم جو اصل روح بيدار ڪرائيندڙ هيءُ ڪتاب عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران 1984ع ۾ شايع ڪيو ويو.

(16) محڪريءَ جا مضمون: (ترجمو ۽ ترتيب)

ڊاڪٽر جي.ايم محڪري، سنڌ جو هڪ اهڙو درد دل رکندڙ انسان هو، جنهن انگريزيءَ ۾ سنڌ جي حوالي سان ڪيترائي بهترين مضمون لکيا ۽ اهي اهڙا ته لکيا جو پڙهندڙن کي سنڌ جو درد، ڌڙڪندڙن دلين ۾ نمايان محسوس ٿيندو هو. محڪري صاحب اصل ۾ بئنگلور جو هو، پر ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڏانهن اچي اهڙو ته لوَن لڳايائين جو سندس اکر اکر، سٽ سٽ منجهان سنڌ جي سورن جو سرٻاٽ محسوس ٿيندو هئو. ان ئي جذبي هيٺ پاڻ سنڌ جي اڪيچار سياسي، سماجي ۽ تعليمي موضوعن تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيائين. محڪري صاحب جي ان مواد، جويي صاحب کي ايترو ته متاثر ڪيو جو پاڻ انهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائيندو رهيو.  جن کي اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. سندس سنڌ لاءِ وقت به وقت لکيل مضمونن جو جڏهن جويي صاحب ترجمو ڪري ڪتاب تيار ڪيو، ۽ ان جو محڪري صاحب کي اطلاع ڏنو. تڏهن کيس بيحد خوشي محسوس ٿي، جنهن جي اظهار طور جويي صاحب کي لکيائين ”اوهين منهنجي چاليهارو کن ’ٽڪرن، ٽوٽن‘ جو پنهنجو ملهائتو ترجمو پريس ۾ ڪتابي اشاعت لاءِ موڪلي رهيا آهيو. ڇا، منهنجا لفظ اوهان جي ڏاڍي مهرباني!‘ منهنجي احسانمنديءَ جي جذبي جو پورو اظهار ڪري سگهندا… پنهنجي فوٽي جي نيگيٽو هِن گڏ موڪليان ٿو، ۽ ڏاڍي خوشي ٿينديم ته ڪتاب ۾ هيءُ منهنجي تصوير به ڇپجي، ته سنڌي، منهنجا هم وطن ۽ هم قوم ڀائر ڀينرون، ڏسن ته ڏسڻ ۾ آءٌ ڪهڙو هوس!“(جويو، 1985ع، ص 8)

هونئن ته گهري فڪر ۽ خيال وارا محڪري صاحب جا لکيل هي ننڍا وڏا مضمون سڀ ڪارائتا ۽ لاڀائتا آهن، پر پوءِ به 1979ع-1980ع جي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ لکيل (سي به انگريزيءَ ۾) انهن مضمونن منجهان ڪجهه مضمونن جا سرا هتي ڏيڻ مناسب ٿو سمجهان ته جيئن پڙهندڙن کي محڪري صاحب جي سوچ ۽ فڪر جو اندازو ٿي سگهي. ”اخلاق کان خالي دانشور“ (ڊيلي نيوز 11-4-1979ع)، ”ڇا کٽولي جو موت نه کپي“ (ڊيلي نيوز 18-4-1979ع)، ”پريس جي آزادي“ (ڊيلي نيوز 23-5-1979ع)، ”برائي، جيڪا ماڻهو ڪن ٿا“ (ڊيلي نيوز 20-6-1979ع)، ”جمهوريت کي ڪيئن مارجي“ (ڊيلي نيوز 10-17-9-1980ع)، ”زنجير تي زنجير“ ڊيلي نيوز 25-30-9-1980ع، ”جمهوريت به هڪ ذهنيت آهي“ (ڊيلي نيوز 9-15-10-1980ع)”جمهوريت جا ست جنم“(ڊيلي نيوز 12-15-10-1980ع)، ”سلام انهن تي، جي آزاد آهن“(ڊيلي نيوز 30-12-1980ع)، ڇا اسان جو نوجوان اڳواڻي کان محروم آهي؟“ (ڊان 30-4-1980ع)

مٿي ذڪر ڪيل بنيادي نوعيت ۽ اهميت وارا ننڍا ننڍا مضمون جي، محڪري صاحب انگريزي اخبارن ۾ لکندو رهندو هئو ۽ اسان جو لائق مترجم انهن جي اهميت، افاديت ۽ ضرورت جي مدِنظر چند ڏينهن جي وقفي سان (7 کان 15 ڏينهن) عام پڙهندڙ سنڌي عوام لاءِ ترجمو ڪري اخبارن رستي شايع ڪرائيندو رهيو. جنهن کي پوءِ 1985ع ۾ ترتيب ڏيئي، لاڀائتو پيش لفظ لکي، عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. هيءُ ڪتاب عظمت ادبي اڪيڊمي شايع ڪيو. جي.ايم.محڪري صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل لاڀائتي مواد کي جويي صاحب نه رڳو سنڌي پڙهندڙن لاءِ شايع ڪرايو، پر سنڌ جي سورن ڀريي پس منظر ۾ لکيل ان مواد مان چونڊ ڪري، تعارف لکي، ” Sorrows of Sindh“ عنوان سان سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد پاران 1987ع ۾ پڻ شايع ڪرايو.

(17) اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم: (ترتيب)

ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت واري حوالي سان جويي صاحب جو مؤقف بنهه واضح ۽ چِٽو پئي رهيو آهي. سندس خيال آهي ته ”جيتريقدر ٻولين جو نثر و نظم، فڪر ۽ معنيٰ جي خيال کان ڳنڀير ۽ مايدار هجي ٿو، اوتريقدر اهي ٻوليون ۽ انهن جون ڳالهيندڙ لکندڙ ۽ پڙهندڙ قومون انساني دنيا ۾ مانُ ۽ مرتبو پائين ٿيون ۽ قبوليون وڃن ٿيون ۽ امن ۽ خير ۾ رهن ٿيون ۽ اڳتي وڌن ٿيون ۽ انهن سڀني مقصدن لاءِ انهن کي وڏي جاکوڙ ۽ جيءَ جنجهوڙيندڙ ڪم ڪرڻو پوي ٿو.“

ٻوليءَ واري اهڙي اهميت جي مدِنظر جويو صاحب نه رڳو پاڻ ڪتابن ۽ سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالن ۾ معنيٰ ۽ خيال واري لحاظ کان ڳنڀير ۽ مائيدار ٻولي، اهڙي ته سهڻي ۽ سلوڻي انداز ۾ پيش ڪندو رهيو آهي پر پاڻ، ۽ سندن جهڙن ٻين بزرگن جي اهڙي محنت جوئي نتيجو آهي، جو سنڌي ٻولي، باوجود ڪيترين رنڊڪن ۽ رڪاوٽن جي، پنهنجو جائز ۽ جوڳو مقام ماڻڻ ۽ پنهنجو وجود مڃائڻ واريءَ حيثيت ڏانهن وڌندي رهي آهي، ٻوليءَ جي ان اهميت جي مدِنظر جويي صاحب وقت به وقت جيڪي ڪم ڪيا آهن، تن منجهان سندن پاران تيار ڪيل ڪتاب ”اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم“ پڻ هڪ اهم قدم آهي. بظاهر مختصر پر جامع ۽ مستند راءِ قائم ڪندڙ. هن ڪتابڙي شايع ڪرڻ جي کيس ان وقت ضرورت محسوس ٿي، جڏهن قومي ٻوليءَ جي نالي ۾ اردوءَ کي هر محاذ تي مسلط ڪرڻ ۽ باقي ٻين ٻولين کي ثانوي حيثيت ڏيارڻ واري خيال سان انهن جي ليکڪن ۽ اديبن کي لالچائڻ ۽ خريد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون. جيئن ان ڪتاب جا ٻه اکر عنوان هيٺ لکيو ويو آهي: ”اڄ به ان (سنڌي قوم) جي انيڪ جائز قومي تمنائن سان گڏ، جيڪي اُن جي وجود جي بقا لاءِ لازمي آهن، اُن جي پنهنجي قومي ٻوليءَ جي جائز اُمنگن ۽ حقن کي، ڏٺن وائٺن ڳلٿي ۽ ڌؤنس جي اقدامن سان دٻائڻ جي ساڳيءَ انهيءَ جارحانه ۽ قابضانه پاليسيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي. سنڌي اديبن ۽ فنڪارن کي حراصائي، ”علاقائي“ بي آب و گياهه پَٽَن مان ڪڍي، قومي سرسبز چراگاهن ڏانهن نيو وڃي ٿو، سگهارن ابلاغي ذريعن پريس، ريڊئي، ٽيليويزن کان ”علاقائي“ ٻوليءَ کي پرڀائي ۽ ڌتاري رکڻ ۽ ’قومي‘ ٻولي کي آئڍي مکي وڏو ڪري، ملڪن ۽ ماڻهن مٿان مڙهڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. مملڪتي سهوليتن ۽ موقعن کي ادارائي، تنظيمي، تعليمي ۽ پڻ تعليمي دائرن ۾ ”قومي“ ٻوليءَ جي سلطاني رتبي کي وڌائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو.“(جويو، 1985ع، ص 4) قومي ٻوليءَ جي نالي ۾ ڪنهن خاص ٻوليءَ کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ سلطاني رتبي ڏيارڻ واري عمل پويان عمل ڪرائيندڙ قوتن جا ڪهڙا مقصد آهن ۽ ائين ڪرڻ مان ڪهڙا نتيجا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي جويو صاحب ڄاڻائي ٿو ته اهڙي عمل رستي، ”علاقائي“
ٻوليءَ کي نظر مان ڪيرائي ڇڏيو وڃي ٿو ته ڀل ته اُها پنهنجي مُنهن مِٽيءَ ۾ ليٿڙندي رهي، هٿراڌو نظرياتي تبرڪات ۽ تعقيدات جي آڙ وٺي، هڪ ساهيءَ ۾ مذهب کي قوم جو واحد اِساس چئي، ’علاقائي‘ ٻوليءَ جي نظرداريءَ جو جواز، ۽ ٻيءَ ساهيءَ ۾ ٻوليءَ کي قوم جو ٻيو اِساس چئي، قومي ٻوليءَ جي تقدس جو جواز موجود ڪيو وڃي ٿو، ۽ ائين اسين جيڪي پنهنجي مادري ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃون ٿا تن کي خلاف مذهب ۽ ملڪ دشمن، قوم دشمن چئي، تشڪيڪ ۽ ڌؤنس جي نشاني هيٺ رکيو وڃي ٿو، ته جيئن اسين خاموش رهون، پيش پئون ۽ پنهنجي انفراديت، پنهنجي قوميت، پنهنجي انسانيت تان هٿ کڻون ۽ معاشري ۾، قومن جي برابريءَ ۾، ڏاڍن جي شڪم- پُريءَ لاءِ نرم نرم ۽ سڻڀو گراهه بڻجون.“ (جويو، 1985ع، ص 5)

اهڙي غلامانه ماحول پيدا ڪرائڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي جويي صاحب نه رڳو پنهنجي ڪيل پورهئي، پر سنڌي ٻوليءَ جي اهميت، افاديت، بقا ۽ بچاءَ جي سلسلي ۾ سنڌ جي ٻين سڄڻن جهڙوڪ علامه دائودپوٽو، علامه آءِ.آءِ.قاضي، مولانا دين محمد وفائي، عثمان علي انصاري، مولانا غلام محمد گرامي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت اجاگر ڪندڙ مضمون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سوال بابت سنڌ جي 57 ناميارن اديبن ۽ عالمن پاران سندن صحيحن سان جاري ڪيل يادداشت نامو هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان سڄي ميڙي چونڊيءَ جو مقصد بيان ڪندي جويي صاحب لکيو آهي ته ”هن ڪتابچي ۾ ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم‘ جي عنوان هيٺ، پنهنجن خير طلب ۽ دانشمند بزرگن ۽ سڄڻن جي پختي راءِ ۽ نيڪ صلاح پيش ڪئي آهي، ته اسان کي اها ٻين جي سڻڀي گراهه بڻجي وڃڻ جي قسمت قبول ڪانهي، ۽ ان انڪار ۾ اسين دين، سياست، تعليم، ۽ هر علمي ۽ صالح نظرياتي صداقت سان پوريءَ طرح سچا آهيون ۽ سچا رهنداسين.“(34)

سنڌي ٻوليءَ بابت هي دستاويزي نوعيت وارو ڪتابچو سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد طرفان 1985ع ۾ شايع ڪيو ويو.

(18) فرينچ انقلاب: (ترجمو)

هيءُ ڪتاب، جيئن ان جي نالي مان پڌرو آهي، فرينچ انقلاب جي ڪهاڻي آهي. جيڪا فرانس جي هڪ ”هاريءَ“ جي واتان ٻڌل آهي.“

ارڙهين صديءَ جو فرينچ انقلاب انساني تاريخ جو هڪ تمام وڏو واقعو آهي، جنهن عالم انسان جي سوچ ۽ عمل تي گهرا اثر ڇڏيا آهن.

جويي صاحب جي لفظن ۾ اهو ”انساني قدرت جو هڪ عظيم ڪرشمو، اهڙو ڪرشمو جنهن ۾ بني نوع انسان جي سوچ، ارادي ۽ حوصلي جا جملي ڪرشما سمايل هئا. اهو فرينچ انقلاب جو واقع ٿيڻ سبب ئي هو، جو علم سياست جي تاريخ ۾ فرانس کي، سڄيءَ اوڻيهين صديءَ لاءِ ”دنيا جي سياسي تحريڪن جو ملڪ“ سڏيو ويو آهي.“ (جويو، 1990ع ص 8)

اهڙي بنيادي نوعيت واري انقلاب کان پنهنجي ڏيهه واسين کي واقف ڪرائڻ لاءِ جويو صاحب جي هيءَ شاندار ڪوشش آهي.

فرينچ انقلاب (1789ع) کان لڳ ڀڳ 80 ورهيه پوءِ ٻن استاد ۽ شاگرد ساٿين، ايمل ايرڪسن (استاد) ۽ ايلگزينڊر چيتريان (شاگرد)، جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي، جيڪو سندن وطن جي جذبي هيٺ لکيل تاريخي نوعيت وارن ستن ڪتابن جي سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي.

اصل ڪتاب جو انگريزي ترجمو ان جي مترجم سي.جي.هوگارٿ ”هڪ هاريءَ جي ڪهاڻي“ 
(The Story of A Peasant) نالي سان ٻن جلدن ۾ ڪيو هو. ان جو پهريون حصو جيڪو چار سَؤ صفحن تي مشتمل آهي، تنهن ۾ ٻه ڀاڱا آهن، ان جي پهرئين ڀاڱي (The States General) جو اسان جي هن بزرگ سنڌي ترجمو ڪيو ۽ ان کي ان جي بنيادي مقصد جي مدِنظر مکيه نالو ”فرينچ انقلاب“ ۽ ٻئي نالي طور (هڪ هاريءَ جي ٻڌايل ڪهاڻي) عنوان ڏنو اٿس. انگريزي ڇاپي واري پهرئين حصي جي ٻئي ڀاڱي لاءِ پڻ جويي صاحب پهرئين ڀاڱي جي اشاعت وقت، ان خواهش جو اظهار ڪيو هو ته، ”هن جلد جو 196 صفحن وارو رهيل ڀاڱو جنهن جو عنوان (The Country in Danger) ”وطن خطري ۾ آهي“ اميد ته هن ئي سال 1990ع اندر پيش ڪيو ويندو، پر ان لاءِ اهو به امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ته جي صحت رهي ۽ ٻئي ڪنهن اڻٽر جنجهٽ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ڪئي.“(جويو، 1990ع، ص 8) ممڪن آهي ته ڪتاب جو اهو حصو به جويي صاحب ترجمو ڪري ڇڏيو هجي، پر هن وقت تائين اشاعت هيٺ ڪونه آيو آهي. هيءُ ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن طرفان 1990ع ۾ شايع ڪيو ويو.

(19) پاڪستان جو تعليمي نظام: (ترجمو)

سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي. پاڻ سالن جا سال تعليمي ميدان ۾ خدمت ڪندي گذريائون. مختلف ڪتابن لکڻ کانسواءِ ڊگھي عرصي تائين انگريزيءَ ۾ (Sindh Quarterly) نالي رسالو ڪڍي، سنڌ جي علمي، ادبي ميدان ۾ پنهنجي هڪ جداگانه حيثيت حاصل ڪيائون. سندن لکڻين ۾ تعليم کي ئي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. جڏهن پاڪستان سرڪار جي وزيرِتعليم واري مرتبي تي پهتا، تڏهن انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيائون.

"Education of Pakistan. Some principles And Practices That Should Govern Our Thinking. Action and Decision, An Appeal and a prayer."

ان ڪتاب جي ديباچي ۾، ڪتاب جي اهميت جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته ”هيءُ ننڍڙو ڪتاب، جو ڪجهه ممڪن آهي ۽ عمل ۾ اچڻ جهڙو آهي، ان کي نظر ۾ رکي لکيو ويو آهي. آءٌ هي مضمون انهن لاءِ لکي رهيو آهيان، جيڪي اثر وٺندڙ، بي ريا ۽ دردمند دل رکن ٿا ۽ جيڪي سچ پچ اسان جي معاشري ۽ اسان جي قابلِ احترام ديني قدرن جي مستقبل جو اونو رکن ٿا ۽ ان بابت خوفزده آهن.“ (شاهه، 1990ع، ص 3)

ان ڪتاب جي علمي اهميت کي نظر ۾ رکندي، ”پاڪستان جو تعليمي نظام: چند اصول ۽ دستور جن تي اسان جي سوچ، عمل ۽ فيصلن جو انحصار هئڻ گهرجي: هڪ استدعا ۽ التجا“ عنوان سان جويي صاحب، محترم حبيب الله صديقيءَ سان گڏجي، شراڪت سان هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ 1990ع ۾ شايع ڪيو.

(20) مُٺ مُٺ موتين جي: (چونڊ)

محترم محمد ابراهيم جويي صاحب مختلف دوستن جي تعاون سان 1984ع ۾ هفتيوار ”هدايت“ نالي هڪ نيم ادبي، نيم سياسي قسم جو پرچو، ان مقصد سان جاري ڪيو، ته سنڌ جي وايومنڊل مان، پروفيسر عمر ميمڻ جي لفظن ۾، ”جيڪو ”اٽو ۽ تُهه“ جدا ڪري عوام تائين پهچائي.“(جويو، 1992ع، ص 9) يعني ان دور جي حساب سان، سرڪار جي راءِ تي هلڻ ۽ رضامندي حاصل ڪرڻ بجاءِ، هڪ اهڙي ڪوشش ڪرڻ، جنهن ۾ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ٿي سگهي. ان ڳالهه جي ضرورت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”هي دور ضيا شاهيءَ جو هو، جڏهن ايم.آر.ڊيءَ جي جڏيءَ ۽ ڦڏيءَ هلچل جي ردعمل ۾ سنڌ جي وسين ۽ واسين، مال ۽ مڏين تي فضا ۾ ڳجهن جا لامارا ۽ زمين تي مِرن جا وَڄَ وارو وار لايو بيٺا هئا ۽ جڏهن زياده تر اخبارون ۽ رسالا ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن مڪمل طور انسان دشمن ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. (اهڙي ماحول ۾) ڪجهه اهل دل سرند دوستن خيال ڪيو ته سنڌي عوام کي وڌيڪ پختو سياسي شعور ۽ سکيا ڏيڻ لاءِ ڪو اشاعتي سلسلو شروع ڪجي.“ (جويو، 1992ع، ص 9)

هي ملڪ مٿان مارشل لا (جيڪا جهڙوڪر هئي صرف سنڌين لاءِ) جو بدترين دور هو، سنڌ جون وستيون واهڻ، جن ۾ ئي سنڌ جو حقيقي روح نظر اچي ٿو، انهن کي اُجاڙڻ ۽ ويران ڪرڻ لاءِ هر قسم جا هيلا هلايا پئي ويا ته جيئن سنڌين کي پنهنجي جداگانه سياسي سوچ (جيڪا به سندن سوچ هئي) رکڻ جي پاداش ۾ اهڙي ته سخت سزا ڏني وڃي جو اُهي ڊگهي عرصي تائين اُسري ۽ نسري نه سگهن. قبضي گيريءَ وارن اهڙن ارادن ۽ عملن کي ڏسندي سنڌ جي دردمند شخصن مختلف حوالن سان ڪيئي تدبيرون ڪيون. اهڙن تدبيرن منجهان هڪڙي تدبير، ڪو اهڙو پرچو جاري ڪرڻ هيون، جيڪو ان انڌ اونداهه واري دور ۾ ڪو روشنيءَ جو ڪِرڻو ڏيکاري سگهي. اهڙي ماحول جي عڪاسي ڪندي جويو صاحب لکي ٿو:

”اسيءَ جي ڏهاڪي تائين ايندي ايندي، ڪن دوستن جي اندازي مطابق ائين پئي ڏٺو ويو، ته اسان جي تاريخي قوم، اسان جو اشراف پُرامن معاشرو، اسان وٽ نٽشي جي اُن ”نئين بُت“- اُن بي حس راڪاسن مان هڪ سڀ کان زياده بي حس راڪاس، جيڪو ڪوڙ به بي حسيءَ سان ڳالهائي ٿو.“- جي زهريلي نيشن جي پهچ تائين رَسي ويو هو يا رسڻ وارو هو، پوءِ انهن اِهو ارادو ڪيو ته پنهنجي قومي وجود جي بچاءَ لاءِ اسان جي باخبر ۽ ڄاڻو حلقن، باشعور اديبن، استادن، صحافين، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين حساس ۽ دردمند طبقن جي هٿان جيڪي گهڻ طرفيون ڪوششون رهيون آهن، انهن ۾ وڌيڪ هڪ ننڍيءَ ۽ نماڻيءَ ڪوشش جو به اضافو ڪيو وڃي.“ (جويو، 1992ع، ص 5)

اهڙي نيڪ ارادي ۽ اعليٰ مقصد جي مدِنظر ڪامريڊ لکاني سيال پاران شايع ٿيندڙ اخبار’هدايت‘
جو ڊڪليريشن خريد ڪري 21- جون 1984ع کان ان کي نئين اهتمام (هفتيوار) سان اشاعت هيٺ آندو ويو، اهو سلسلو لهرون ۽ لوڏا کائيندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو 29- نومبر 1984ع تائين وڏي مشڪل سان پنج مهينا هلي سگهيو.

 جنهن ۾ وقت ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ايڊيٽورين سان گڏ، عالمي صورتحال ۽ ملڪي صورتحال بابت لکيل ۽ ترجمو ٿيل مضمونن سان گڏوگڏ، ادبي مواد ۽ سوچن کي سگهاري ڪندڙ شاعري پڻ ڏني ويندي هئي. اهو پرچو ان وقت ۽ ماحول جي حوالي سان سماج ۾ سگهاري سوچ رکندڙ هو. اهڙي مواد جي افاديت ۽ اهميت جي مدِنظر، رسالي ۾ شايع ٿيل مواد منجهان چونڊ ڪري جويي صاحب ”مُٺ مُٺ موتين جي“ نالي هڪ ڪتاب پيش ڪيو. هن چونڊ ۾ جويي صاحب جا پنهنجا لکيل ست ايڊيٽوريل، ملڪي ۽ عالمي صورتحال تي نَوَ ترجمو ڪيل ۽ ٻيا ڪجهه لکيل مضمون ۽ ڪي اعليٰ معياري قسم جا شعري ترجما پڻ آيل آهن. باقي هنئين سان هنڊائڻ ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ٻين ليکڪن جو لکيل ۽ ترجمو ڪيل مواد پڻ هن ڪتاب ۾ جمع ڪري ڏنو ويو آهي.

هيءُ ڪتاب 1992ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد شايع ڪيو.

(21) ساميءَ جا سلوڪ: (ترتيب)

سنڌ جي صوفياڻي شاعريءَ سان عام طور ۽ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام سان خاص طور تي جويي صاحب جو دلي لڳاءُ پئي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ برابر شاعر ۽ سچا شاعر تاريخ جا فرشتا سڏيا ويا آهن: تاريخ بني نوع انسان جي ۽ پڻ قومن جي، ۽ فرشتا انهيءَ ڪري، جو هو… ماڻهن کي، ۽ قومن کي خطرن کان آگاهه ڪن ٿا، انهن جي من جا مونجهارا لاهين ٿا ۽ سندن تتل هانءُ ٺارين ٿا، ۽ ان ڏس ۾ انهن لاءِ هو عمل جون راهون روشن ڪن ٿا... خير ۽ ماڻهپي جون، اُميد جون، محبت جون، ۽ قربانيءَ جون- جن تي هلي، اُهي نجات پائين ٿا.“(جويو، 1992ع، ص 14)

اهڙن نجات دهنده تاريخ جي فرشتن واري ڏسيل پيغام کي جويو صاحب پنهنجي وس ۽ وت آهر سنڌ جي عوام جي سمجهڻ لاءِ سولو ڪري وقت بوقت شايع ڪرائيندو رهيو آهي. پاڻ اهڙي ڀلاري ڪوشش پهريون ڀيرو 1978ع ۾ ”شاهه- سچل-سامي“ واري ٽه ڪتابائين ايڊيشن شايع ڪرائڻ سان ڪيائين. ان کانپوءِ شاهه سائين ۽ سچل سائين بابت مختلف ماڻهن پاران ڪيل ڪافي ڪم پڌرو ٿيندو رهيو، پر سامي صاحب جا محنت لهڻي، تنهن لاءِ ڪو جوڳو ڪم ڪونه ٿي سگهيو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي، 1992ع ۾ ”ساميءَ جا سلوڪ“ هڪ ئي باڪس اندر ٻن جلدن ۾ نهايت اعليٰ گيٽ اپ سان شايع ڪرايائين، جنهن جي پهرئين جلد ۾ مهاڳ جي لازمي اکرن کانسواءِ، فقط پروفيسر بي.ايڇ.ناگراڻيءَ وارا اڳ شايع ٿيل سلوڪ ڏنل آهن، جن جو ترتيب ڏيندڙ پروفيسر صاحب پاڻ هئو. البت ٻيو جلد جيڪو ساميءَ جي سلوڪن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، اهو محمد ابراهيم جويي صاحب نئين انداز سان پاڻ ترتيب ڏنو آهي. اهو جلد ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽمورتيءَ (شاهه، سچل، سامي) جي گڏيل اڀياس (شاهه سچل ساميءَ هڪ مطالعو، عنوان سان جويي صاحب پاران لکيل) ۽ ساميءَ جي سلوڪن جو اڀياس (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پاران لکيل) ۽ ساميءَ جي شعري لغات جي اشتقاقي معنيٰ ۽ سمجهاڻي تي مشتمل (ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي جوڙيل) آهي. ان مواد جي اهميت جو ذڪر ڪندي جويو صاحب لکي ٿو ته: ”هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو ساميءَ جي لغات کي ائين علمي انداز، اهڙي اهتمام سان پيش ڪيو ويو آهي. جنهن انداز ۽ اهتمام سان استاد محترم ڊاڪٽر ايڇ.ايم گربخشاڻي مرحوم، حضرت شاهه لطيف جي لغات کي (1923، 1924 ۽ 1931ع واريءَ) پنهنجي ٽن جلدائين ايڊيشن ۾ پيش ڪيو هو.“(جويو، 1992ع، ص 15)

ساميءَ جي ڪلام جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندي، جويو صاحب وڌيڪ لکي ٿو:

”دنيا جي ٻين قومن وانگر سنڌي قوم پڻ ڀاڳ واري آهي، جو هُن وٽ پنهنجا اهڙا (تاريخ جا فرشتا) شاعر موجود آهن، اسان جي ڪلاسيڪي دور جي اُنهن سداحيات شاعرن جي صف اول ۾ ’سامي‘ جو شمار ٿئي ٿو… ساميءَ جو دل جان سان مطالعو، اوتروئي جيترو شاهه جو ۽ سچل جو ۽ ٻين پنهنجن سچن شاعرن جو، انهيءَ ڪري اسان لاءِ اول درجي جي قومي فرضن ۾ داخل آهي.“ (جويو، 1992ع، ص 14)

اهڙي مائيدار مواد وارو ٻه جلدائون هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد پاران 1992ع ۾ شايع ڪيو ويو.

(22) خط ٻن اديبن جا

 

هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ محترم جامي چانڊيي جو سهيڙيل آهي، جنهن ۾ ٻن اديبن، محمد ابراهيم جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي، پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. جيڪي 1966ع کان 1992ع تائين ٻنهي جا هڪ ٻئي ڏانهن خطن رستي ونڊيل آهن. ظاهر ڳالهه آهي ته ان سموري مواد جي ميڙا چونڊي جويي صاحب جي ئي ڪيل هوندي، جنهن کي پاڻ سالن بعد منظرِعام تي آڻڻ ضروري سمجهندي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪرايو. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ رڳو سندن ذاتي تعلقات وارا قصا ۽ ڪهاڻيون نه، پر سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ نيم سياسي وايومنڊل جا واقعا پڻ زير بحث آيل آهن.

اهو دور جيڪو سنڌ جي سجاڳي ۽ روشن خياليءَ واري حوالي سان علمي ۽ عملي ڪوششن، جلسن جلوسن، احتجاجن تحريڪن ۾ روح ڦوڪيندڙ، ذهن بيدار ڪندڙ نعرن جو دور هو، جنهن ۾ وڻون وڻون جي ڪاٺي قلمڪار يڪ آواز ٿي، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ وجود واري بحاليءَ لاءِ سرگرم عمل رهيا. باوجود ڪن اختلافي ڳالهين جي، سنڌ جو سوال، انهن لاءِ ڪيڏو نه مقدم هو ۽ ان حوالي سان سندن وچ ۾ ڪيڏي نه هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي هئي. ان ڳالهه جو اندازو ٿرن جي ڀٽن ۾ واقع ڳوٺ فضل ڀنڀري جي عبدالقادر جوڻيجي ۽ سنڌ جي مرڪز حيدرآباد ۾ ويٺل محمد ابراهيم جويي پاران هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خطن مان بخوبي ٿئي ٿو. خاص طور تي جويي صاحب جي خطن ۾ ان دور واري صورتحال بابت ڏاڍا مڻيادار موتي وکريا پيا آهن. اهڙا موتي، جيڪي پئي پراڻو نه ٿئي وانگر هر دور لاءِ نت نوان سبق سيکارين ٿا. 1968ع جي هڪ خط ۾، هي ڏسو جويو صاحب ڪيڏي عاليشان منظرنگاري ڪري ٿو:

”حيدرآباد جا پنهنجا يار ڪي پنڌ ۾ ۽ ڪي اڃا هنڌ ۾ آهن. معاملو ڪٺن آهي، جيڪي اُٿيا ۽ پنڌ پيا تن کي شاباس چئجي ۽ دعا ڪجي، ۽ جي اُٿڻ ۾ آهن- انهن مان به اُميد نه لاهجي ۽ جيڪي اڃا هنڌ ۾ آهن انهن کي پڪاربو رهبو، انهن پوين مان ڪي ڪاوڙبا، ڪي خوش ٿيندا ۽ ڪي پاسو ورائي مرڳوئي سمهي پوندا. اِهو هن فقيراڻيءَ سنگت جو دستور آهي، ان تي نه گهڻو عجب کائبو، نه ڏک ڪبو ۽ نه غصو ڪري ڳالهه کي مرڳوئي وڃائبو.“ (جامي، 1999ع،  ص 116)

جويي صاحب جا مٿي ذڪر ڪيل سبق آموز جملا اڄوڪي سنڌ واري صورتحال تي پڻ بنهه صحيح صادر ٿين ٿا، گوناگون مسئلن وارو هڪ اهڙو سماج جنهن ۾ ڪي لاپرواهه هجن، ته ڪي مرڳوئي سُتا پيا هجن، سواءِ ان مٿي ذڪر ڪيل ”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ“ واري طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي، ٻيو ڪري به ڇا پيو سگهجي. اهوئي ته ”مانِجهيان مرڪ“ آهي جيڪو روا رکڻ ضروري آهي، ان ۾ ڪو فرق ناهي رکڻو، ڪائي ڪوتاهي ناهي ڪرڻي، سڏن مٿان سڏڙا ڪندو رهڻ وارو ورد جاري ۽ ساري رکڻو آهي، نيٺ ته ٿيندو سوجهرو نيٺ ته کٽندي رات.

اهوئي جويي صاحب جو ڏسيل ڏس ۽ ڪيل ڪم آهي. اهڙيون ٻيون ڪيتريون ان دور واري سماجي ۽ ادبي تاريخ جون يادگار سرگرميون هن ڪتاب جي ورق ورق جي رونق آهن.

اهڙا اَمُلهه واقعا جن بابت سنڌ جي ٻين پڙهندڙن کي پڻ معلومات ملڻ ضروري هئي. ان ڪري اهڙي مواد جي چونڊ ڪري هي ڪتاب تيار ڪرايو ويو، جيڪو 1999ع ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد طرفان شايع ٿيو ويو.

(23) خَطَ ٻن اُستادن جا (ترتيب)

 

 

هي ڪتاب جويو صاحب جي معتقد سنگرام جو سهيڙيل آهي. جنهن ۾ ٻن اُستادن (جيئن نالي مان ئي ظاهر آهي) محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا هڪ ٻئي سان خطن رستي ويچار ونڊيا آهن. جيڪي 1968ع کان 2001ع تائين واري دور تي مشتمل آهن. جويو صاحب، تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي فائز رهيو، روشن خياليءَ واري تحريڪ سان وابسته رهڻ ڪري کيس سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر دربدريءَ واري حالت ۾ رهڻو پيو. ان دربدريءَ واري دور ۾ جيڪب آباد هاءِ اسڪول جي هيڊماستر هئڻ وقت کيس هڪ استاد ميان غلام علي چنو ملي ٿو، جنهن سان سندس ايتري ته پريت ٿي وڃي ٿي، جو پاڻ جٿي به هجي ٿو، اتان اُن سان اڌ ملاقات وارو ناتو بحال ٿو رکي، غلام علي چنو پاڻ به استاد هئڻ جي ناتي جيڪب آباد، سکر، شڪارپور جي مختلف اسڪولن ۾ بدلي ٿيندي ٿيندي به وقت بوقت پنهنجي محسن سان خطن رستي رابطي ۾ رهي ٿو، جويي صاحب جو پڻ سندس سان اهڙو شفيقانه انداز نظر اچي ٿو، جيئن پنهنجي ڪنهن قريبي عزيز سان روا رکبو آهي. اهو پنهنجائپ ۽ عزيزائپ وارو انداز ئي آهي، جنهن ۾ جويو صاحب، ان پنهنجي استاد/دوست کي غير محسوس ٿيندڙ طريقي سان مختلف موقعن تي ڏاهپ وارا ڏس ڏيندي، سندس ذهني تربيت ڪندو رهي ٿو. اهڙا ڪيترائي اهڃاڻ ڪتاب ۾ جابجا پکڙيا پيا آهن. 1968ع ۾ ڪوهاٽ مان، چنه صاحب کي لکيل هي نصيحت آموز جملا پڙهو:

”هيءَ سال سي.ٽي ڪورس پڙهڻ لاءِ جو توکي مليو آهي، تنهن کي زندگيءَ ۾ هڪڙي نعمت ڪري سمجهه، هيءَ هڪ اهڙو مفيد موقعو، جو وري وري ماڻهوءَ کي حياتيءَ ۾ ڪونه ملندو آهي، انهيءَ عرصي ۾ توکي رڳو پڙهڻو ئي پڙهڻو آهي ۽ پنهنجي مطالعي سان پنهنجي واقفيت ۽ علميت وڌائڻي آهي. سو مهرباني ڪري اهو سال نهايت گهڻي ڪوشش ڪري، فائديمند طريقي سان گذارج. انهيءَ هڪ سال ۾ جيڪي ڪجهه تون پرائيندين، سو سڄي عمر توکي ڪم ايندو، ۽ سڄي عمر تون پنهنجي انهيءَ سال جي پڙهائيءَ کي ياد ڪندو رهندين، مون کي پڪ آهي ته تون انهيءَ ڳالهه جي اهميت سمجهي سگهين ٿو ۽ محسوس ڪري سگهين ٿو، وقت ۽ موقعي جو قدر ڪرڻ ۽ ان مان فائدو وٺڻ لازم آهي.“ (سنگرام، 2002ع، ص 11)

جويي صاحب جا چيل اهي ڪيڏا نه سهڻا ۽ سونهري جملا آهن جيڪي ڄاڻ حاصل ڪرڻ وارن شائقن جي هر دور ۾ رهنمائي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، دراصل اهوئي جويي صاحب جي محبت جو اثر هو، جنهن محترم غلام علي چني کي هڪ عام استاد منجهان بهترين استاد ۽ ليکڪ واري پد تي پهچائي ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو جويي صاحب جي بقول، ”غلام علي چنو جيڪو هڪ استاد آهي ۽ ڪامياب استاد آهي، سو هنن خطن ۾ هڪ ’بردبار‘ باهمت، دورانديش ۽ مڻيادار مانجهي مڙس نظر اچي ٿو. هو صاحب انتهائي نامواقف حالتن ۾ به همت، حوصلي، محنت، سچائيءَ، اورچائيءَ ۽ وڏي ولولي ۽ اُمنگ سان اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ ۽ سماج ۾ هڪ مانائتو مقام ماڻڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. هو ڪٿي به پنهنجي ڪوششن مان نااُميد نه ٿو ٿئي، بلڪ پوري جوش ۽ جذبي سان پنهنجي نيڪ مقصدن جي حاصلات لاءِ اُدم ڪري ٿو.“ (سنگرام، 2002ع، ص ط)

هر انسان مٿان سرديون گرميون پيون اچن، زندگيءَ ۾ وقت بوقت ڏک ڏاکڙا ڏسڻا ٿا پون، انهن کي منهن ڏيڻ ۽ اوجهڙ مان نڪري پار پوڻ جي حوالي سان جويو صاحب ڪيڏو نه سونهري اصول سولن لفظن ۾ کيس سمجهائي ٿو.

”جڏهن ماڻهوءَ کي ڪو ڏک ڏسڻو پوي، تڏهن کيس ائين سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته اڃا ڏک ڪو ٻيو، هيءُ اهو ڏک ڪونهي. مون اڃا اُهو ڏک جيڪو واقعي ڏک آهي، سو ته ڏٺوئي ڪونهي! ساڳئي وقت کيس پاڻ کان وڌيڪ دکي ماڻهن کي ڏسڻ گهرجي ۽ عبرت وٺڻ گهرجي. هر غريب کان غريب ماڻهوءَ، هر دکيءَ کان دُکي ماڻهوءَ کي به زندگيءَ جون ڪي سهوليتون ۽ سک ميسر هوندا آهن، کيس کپي ته پنهنجن اُنهن سهوليتن ۽ سُکن کي سُڃاڻي ۽ انهن جو قدر ڪري ۽ ائين به ماڻهو کي سوچڻ ۽ چاهڻ گهرجي ته شال آءٌ ٻين کي دلاسو ڏيندو رهان بجاءِ ان جي، جو ٻيا مون کي دلاسو ڏين.“ (سنگرام، 2002ع، ص 7)

اڄ جڏهن جويو صاحب زندگيءَ جا سَوَ سال پورا ڪري رهيو آهي تڏهن سندس استاد ۽ عالم هئڻ واري ان وشال زندگيءَ تي جڏهن نظر وجهجي ٿي، تڏهن غلام علي چني جهڙن ڪيترن ئي تربيت يافته پڙهيل ڳڙهيل، باصلاحيت فردن جي وڏي قطار نظر ايندي، جن کي جويي صاحب سکيا ڏيئي، گهڙي گهتي، سماج لاءِ ڪارگر انسان بنائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي. سندس هي خطن جي ميڙاچونڊيءَ تي مشتمل ڪتاب ان جو نمايان مثال آهي، هي ڪتاب 2002ع ۾، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد شايع ڪيو.

 

(24) A Manual of Sindhi

هن کان اڳ (The Sindhi Instructor) واري بيان ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ٿي آيو آهي ته سنڌيءَ جي سکيا بابت منشي آنندرام ۽ ڍالومل وارا ڪتاب ڪهڙي پسمنظر هيٺ اڳ تيار ڪرايا ويا هئا ۽ پوءِ ان ئي ساڳي پسمنظر سبب 1970ع کان پوءِ، ان جي اشاعت لاءِ ماحول ڪيئن جڙيو، جويي صاحب تي انهن ۾ سڌارا ڪرڻ وارو ڪم رکيو ويو، جنهن محنت ڪري، انهن ۾ گهربل درستيون ڪري ٻنهي ڪتابن جون پريس ڪاپيون تيار ڪيون، جن مان منشي آنندرام وارو ڪتاب شايع ٿيو، پر ڍالومل وارو ڪتاب رهجي ويو. اهو ڪتاب گهڻو پوءِ، جڏهن اشاعت هيٺ آيو، تڏهن به ان جي نظرثانيءَ جويي صاحب کي ئي ڪرڻي پئي، پر اهو نطرثانيءَ وارو عمل اسان جي هن بزرگ جي ذهني تڪليف جو سبب بنيو. ٿيو ائين ته ڪتاب شايع ٿيڻ سان نواب ولي محمد جي نوجوان منصور لاکي صاحب ڪاوش ۾ خط لکي، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته هن ڪتاب تي ڪائي به نظرثاني ٿيل ڪانهي، ايتريقدر جو ان دور واري صورتخطي کي به سڌاريو ڪونه ويو آهي، ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي غلطيون موجود آهن، ايتريقدر جو ان دور جي لکيل ڳالهين کي جيئن جو تيئن رکيو ويو آهي، يعني اهو جيڪو اڄ ماضي ٿي چڪو آهي، تنهن کي جيئن جو تيئن حال واري لهجي ۾ لکيو ويو آهي. (ڪاوش 3- سيپٽمبر 2003ع) ان جي جواب ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي ترجمان طور مسٽر خالد آزاد وگهيو جي وضاحت بعنوان ”تڪراري ڪتاب جويي صاحب جو نظرثاني“ شايع ٿي، جنهن جو لب لباب هئو ته:

”ڪتاب تي نظرثاني جويي صاحب ڪئي ۽ ان جا پروف پڻ جويي صاحب ئي ڏٺا. ترجمان جي ان ليک جا ٻن نڪتن تي بنياد رکيل هئا. هڪڙو اهو ته انتظاميه پاران ”نئون ڪورس ترتيب ڏيڻ ۽ جديد دور جي ضرورتن مطابق ان ڪورس کي سي.ڊي تي آڻڻ لاءِ رٿا جوڙي، پر ٻن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ ڪيترن ئي عالمن، استادن ۽ دانشورن سان رابطو ڪرڻ باوجود اهڙي قسم جو نئون ڪورس تيار نه ٿي سگهيو، انڪري اڳ منظور ٿيل هي ڪتاب آڻڻو پيو ۽ ٻيو نُڪتو خارج ڪيل مواد بابت آهي، جنهن مان ڪجهه مواد ڪڍڻ جي ذميواري جويي صاحب تي لاڳو ڪئي ويئي، ۽ ڪجهه مواد اداري پراڻو/ غير ضروري تصور ڪندي خارج ڪرڻ ضروري ڄاتو.“ (ڪاوش 4- سيپٽمبر 2003ع) ترجمان جو مقصد مجموعي طور تي اهو تاثر ڏيڻ هو ته اهو ڪم جويي صاحب جي رهنمائيءَ ۾ ٿيو آهي. ترجمان واري اهڙي وضاحت تي محترم آفتاب ابڙي (هاڻ ڊاڪٽر) ”جويي صاحب جي نظرثاني ۽ ٻولي اٿارٽيءَ جي اڻپوري وضاحت“ عنوان سان مضمون لکيو جنهن جا مکيه نُڪتا هن ريت هئا: ”اٿارٽي پنهنجي تيار ڪيل ڪتابن تان هٿ ڇو ٿي کڻي“، ”پروفن جي غلطين ڪري ڪتاب خارج ڪرڻ گهرجي؟“ ”لفظن جي صحيح صورت لاءِ ڪاميٽي جو قيام“، ”مينوئل جي ڇپائي لاءِ غير ضروري منطقي دليل“ آفتاب ابڙي واري مٿي ذڪر ڪيل مضمون ۾ لکيل ڪيتريون ئي ڳالهيون جائز آهن، پر ان مواد لکڻ جو مجموعي تاثر ان نموني انتظاميه تي ڇوهه ڇنڊڻ نظر اچي ٿو. (ڪاوش 11- سيپٽمبر 2003ع) ان صورتحال ۾ ماهر لسانيات ڊاڪٽر غلام علي الانا، آفتاب ابڙي واري ڪيل تنقيد جي تعريف ڪندي، پنهنجي لکيل ليک ۾ ان ڪتاب کي مُدي خارج ظاهر ڪيو ۽ اداري جي انتظاميه مٿان اها چارج لاڳو ڪئي ته سنڌي ٻولي سيکارڻ ۽ جديد گهرجن جو پورائو ڪرڻ لاءِ، سندس اڳ لکيل ڪتابن جي ظاهر نه ڪرڻ واري مقصد کان اهو ڪتاب شايع ڪيو ويو آهي. (ڪاوش 23- سيپٽمبر 2003ع) ان ايتري اخباري بحث کان پوءِ بلآخر جويي صاحب کي پڙهندڙن کي، اصل حقيقت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ قلم کڻڻو پيو، اهڙي ريت جويي صاحب ”1901ع ۾ لکيل سنڌي مئنيوئل جي نئين ڇاپي بابت“ عنوان سان ڪافي تفصيل سان وضاحتي مضمون لکيو، جنهن ۾ واضح ڪيائين ته پاڻ جيڪي ٻوليءَ جا سڌارا ڪيا هئائين، يا مينوئل اندر ڪجهه وضاحتي مواد لاءِ اڳ لکيل See index وارن لفظن کي حذف ڪرڻ لاءِ لکيو هئائين، ان جي واسطيدار اٿارٽي وارن پيروي ئي ڪانه ڪئي، نه رڳو ايترو، پر ڪتاب جي آخر ۾ ڪجهه خارج ڪيل (ڇپيل مان ڦاڙي ڇڏڻ) مواد واري حقيقت جي اصليت بابت پڻ وضاحت ڪيائين ته، اهو مواد کيس اعتماد ۾ وٺڻ يا رڳو اطلاع ڪرڻ کانسواءِ محض ان ڪري چيئرمن صاحب خارج ڪرائي ڇڏيو هو، جو کيس اهو انديشو هو ته انهيءَ مواد شايع ٿيڻ سان سندس نوڪري وڃي سگهي ٿي.“ انهن خارج ڪيل صفحن تي افسوس جو اظهار ڪندي، جويي صاحب اهو پڻ واضح ڪيو ته ”ڇپيل ڪتاب جون ٻه ڪاپيون جيڪي راقم ڏانهن پهرين موڪليون ويون تن ۾ اهي ورق موجود هئا.“ هاڻ سوال اهو آهي ته آخر اها ڪهڙي لکت هئي، جنهن سان چيئرمن جي نوڪري پئي ويئي، تنهنڪري ان کي خارج ڪرڻ به ضروري هو، پر جويي صاحب کي في الحال اهڙي خبر کان بي خبر رکڻو هو. اها ڳالهه هئي اوائلي سنڌ بابت معلومات، جنهن کي ان دور ۾ سنڌ ملڪ سڏيو ويندو هو. ڪتاب ۾ سنڌ بابت اهو مضمون هن طرح لکيل آهي: ”سنڌ ملڪ تي، جو اهو نالو پيو آهي سو هن ڪري ته سنڌوندي هن مان وهي ٿي سنڌو لفظ جي معنيٰ آهي درياءُ، هي ملڪ هندستان جي اُتر اُلهندي واري ڪنڊ ۾ آهي.... جيڪڏهن هن ملڪ جو مقابلو ٻين ملڪن سان ڪبو ته…“ اهڙي ريت سنڌ کي ان وقت مليل ملڪ واري صورتحال کان ڪن لاٽار ڪرڻ خاطر ڇپيل ڪتاب مان اهي پنا ڦاڙيا ويا. راقم جي خيال ۾ نه رڳواهي پنا ڦاڙڻ نه گهرجن ها، پر پراڻي مواد ۾ جيڪا به نئين صورتحال جي روشنيءَ ۾ تصحيح ڪرڻ ضروري هجي، سواءِ پروفن وارين غلطين درست ڪرڻ ۽ ٻولي ۽ جملن جي بيهڪ کي بهتر بنائڻ جي، باقي ساڳي رهڻ گهرجي، جيڪڏهن وضاحت ضروري هجي ته اها حاشيي يا ڪامائن ۾ ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.

جويي صاحب جي محنت سان تيار ڪيل ڍالومل جو اهو بنيادي نوعيت وارو ڪتاب اجهو ايئن 2002ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڇپائي پڌرو ڪيو.

 (25) سڏ پڙاڏو (ترتيب):

 

هي ڪتاب جويي صاحب ۽ سائين جي.ايم.سيد جي هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خطن ۽ جويي صاحب پاران، سائين جي.ايم.سيد جي فڪر ۽ جدوجهد بابت لکيل ڪجهه مضمونن جو مجموعو آهي. ان مواد کي جويي صاحب جي نگرانيءَ ۾ ترتيب ڏيڻ جو راقم الحروف کي موقعو مليو. جڏهن 2004ع ۾ 
سائين جي.ايم.سيد جي سَوَ ساله جشن ولادت جون تياريون ٿي رهيون هيون
. منهنجي ذاتي طور تي اها ڪوشش پئي رهي آهي ته سائين جي.ايم.سيد جي جن ماڻهن سان خط و ڪتابت رهي يا جن به، جيترو به، سيد صاحب جي شخصيت يا ڪمن ڪارين بابت مواد لکيو آهي، اهو سمورو مواد يڪجا ٿيڻ گهرجي. مون کي علم ۾ هئو ته، جويي صاحب وٽ سائين جي.ايم.سيد جا خط ۽ سيد جي لائبريريءَ ۾ جويي صاحب جا خط موجود آهن، ان مواد کي يڪجا ڪري ڪتاب جوڙڻ واري مقصد سان جويي صاحب کي گذارش ڪري، سندن وٽ موجود مواد حاصل ڪيو ويو. ان حوالي سان پير علي محمد شاهه راشديءَ جي سائينءَ ڏانهن لکيل خطن ۽ سيد بابت لکيل مضمونن واري مواد تي مشتمل ڪتاب ”خط ۽ مضمون“ منهنجي سامهون هيون. جيڪو سائين جي.ايم.سيد پاڻ شايع ڪرايو هو. انڪري جويي صاحب واري مواد کي به ساڳي طريقي ڪار سان سهيڙڻ واري  مقصد سان، مواد هٿ ڪيو ويو. اهڙي ريت هي ڪتاب ٻن حصن، يعني جويي صاحب ۽ سائين جي.ايم.سيد جا هڪ ٻئي ڏانهن خط، ترتيبوار ۽ ٻئي حصي طور جويي صاحب پاران سيد جي فن، فڪر، شخصيت بابت لکيل مواد کي جمع ڪري هي ڪتاب تيار ڪيو ويو. جنهن جي اڳيان سائين جي.ايم.سيد جو، جويي صاحب بابت لکيل ذاتي نوعيت وارو مضمون ۽ جويي صاحب جو سيد صاحب بابت لکيل ذاتي نوعيت وارو خاڪو ”سندم ساٿ ڌڻي“ شامل ڪيا ويا آهن.

راقم پاران پيش لفظ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته:

”سيد صاحب سان، جويي صاحب جي خط و ڪتابت جو سلسلو 1941ع کان ملي ٿو، جيڪو بنهه ذاتي نوعيت وارو نظر اچي ٿو. جويي صاحب جو چوڻ آهي ته پاڻ شاگرديءَ واري دؤر ۾ ڳوٺ جي مسئلن ۽ پنهنجي ذاتي معاملن واري حوالي سان سيد صاحب کي هڪ خط لکيو هئائين، پر اهو خط ڪافي ڪوشش جي باوجود هٿ اچي نه سگهيو آهي. انڪري سيد صاحب پاران نومبر 1941ع ۾ لکيل خط کي ئي اسين پهريون خط تصور ڪريون ٿا، جنهن منجهان به سيد صاحب جي جويي صاحب سان ذاتي نوعيت واريءَ ويجهڙائپ جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو. سندن اها قربت ئي هئي، جنهنڪري ٻنهي بزرگن وچ ۾ ٿيل هن لکپڙهه سان سندن وچ ۾ ڪجهه ڳالهين واري حوالي سان خيالن ۾ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي ۽ سائين جي.ايم.سيد جي علمي ۽ اشاعتي سرگرمين جو هڪ باب جيڪو جويي صاحب جي جدوجهد سان وابسته آهي، هن ڪتاب جو ان ۾ نمايان اظهار نظر اچي ٿو.“ (آزاد، 2004ع، ص 18)

هي ڪتاب 2004ع ۾ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو ويو.

(26) املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو (ترتيب):

 

قومون پنهنجي داناءَ ۽ دانشمند شخصن جي ڪردارن سان سڃاپجنديون آهن، ۽ شخص پنهنجي حلقه احباب مان ڄاتا سڃاتا ويندا آهن، تڏهن ئي انگريزيءَ ۾ چون ”مئن از نون فرام دي ڪمپني هي ڪيپس“. ماڻهو پنهنجي سنگت سان سڃاپجي ٿو.

محترم تاج محمد ابڙو، جيڪو پيشي جي لحاظ کان وڪيل ۽ جج هو، اهو نه رڳو تمام گهڻو پڙهيو لکيو۽ قابل شخص هو، پر ملازمت واري مجبوريءَ هوندي به سندس دوستن ۾، جيڪي ترقي پسند ۽ روشن خيال عالم، اديب، سماجي ورڪر ۽ سياستدان پڻ شامل هئا. انهن نامور نالن ۽ سندن شاندار ڪمن تي نظر وجهڻ سان ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي ڪيل اعليٰ دوستاڻي چونڊ جو اندازو ٿيو وڃي. جتي عالمن ۽ اديبن مان ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، تنوير عباسي، نورالدين سرڪي، جمال ابڙو، حميد سنڌي، شيخ اياز، سراج ميمڻ، محمد ابراهيم جويو، گوبند مالهي، رشيد ڀٽي، 
هري دلگير، پير حسام الدين راشدي ۽ سائين غلام مصطفيٰ شاهه شامل هئا. اتي سنڌ ۽ هندُ جي سياسي شخصيتن مان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، رسول بخش پليجو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، حفيظ قريشي، مولوي نظير حسين، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، عبدالغفور ڀرڳڙي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ سائين جي.ايم.سيد جا پڻ نالا شمار ٿين ٿا.

جديد سنڌ ۾ روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ وارين سياسي، سماجي توڙي ادبي تحريڪن واري حوالي سان اهو مرد مجاهدن جو وڏو وسيع حلقو هو، جنهن جو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پڻ هڪڙو گمنام سپاهي ٿي ڪم ڪندو پئي رهيو. اهو گمنام عمل ئي سندس حقيقي سڃاڻپ هئي، هو پنهنجي ايامڪاري ۾ جيڪي ڪجهه ڪري سگهيو، ان بابت سندس ساٿي، محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:

”منهنجي خيال ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو، ذاتي ۽ گروهي حرص هوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجهاري ۽ انتشار کان، ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نجات لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوري مهڪمتا سان واڳيل رهيو.“ (جويو، 2004ع ص 5)

سندس اها جيڪا مقصد تي مستحڪم ٿي رهڻ واري مستقل مزاجي هئي، ان کيس زندگيءَ جي آخري حصي تائين سنڌ اندر ترقي پسند ۽ روشن خيال تحريڪ سان سلهاڙي رکيو ۽ پوءِ ان ئي سفر ۾ هلندي جڏهن هو، آخري سفر تي اُسهيو تڏهن سندس حلقه احباب مان اڪثر ساٿين کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ، اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون لکيا، جن کي سندس پياري ساٿي محمد ابراهيم جويي ”املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو“ عنوان سان سهيڙي ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙ لاءِ محفوظ ڪيو. ان ڪتاب ۾ جويو صاحب ڪامريڊ تاج محمد جي سڦل زندگيءَ جو هيٺين شاندار لفظن ۾ تت بيان ڪندي لکي ٿو:

”تاج محمد ابڙو جيئن هو ۽ جيڪو هو، اسان سڀني جو دلربا هو، هو سنڌ جو سجاڳو سڄڻ هو، جيئن هن ڪتاب ۾ آيل احوالن مان اوهين ڏسي سگهندا. هن ازل ۽ ابد جي ڪائناتي دنيا ۾ هن کي جو وارو مليو، سو پنهنجو وارو هو خوب وڄائي ويو.“ (جويو، 2004ع، ص 4)

هي ڪتاب 2004ع ۾، نيوفيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد شايع ڪيو.

(27) بقول زرتشت (نظرثاني/تربيت):

 

عبدالعزيز قنڌاري، حيدرآباد جي آڏواڻي خان جو چشمِ چراغ، مسلمان ٿي هجرت ڪري قنڌار جلاوطن ٿيو، واپس ورڻ کان پوءِ به ياد تازي رکڻ لاءِ قنڌاري سڏائيندو رهيو، کيس محمد ابراهيم جويي صاحب جي سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري هئڻ واري ايامڪاري (1954ع) دوران جرمن فيلسوف فريڊرڪ نٽشي جو لکيل هي ڪتاب ترجمي ڪرڻ لاءِ ڏنل هو. جيڪو جويي صاحب جي ڪوشش، محنت ۽ نظرثانيءَ سان 53 سالن کان پوءِ 2007ع ۾ شايع ٿيو. جويي صاحب هونئن ته ڪيترن ئي ليکڪن ۽ ترجمه نگارن جي مسودن کي سنواري سڌاري اشاعت هيٺ آندو، پر هتي صرف اهڙن ڪتابن جو ذڪر جويي صاحب جي کاتي ۾، محض انڪري آني رهيو آهيان جو هن ڪتاب جو مترجم 54 سال اڳ وفات ڪري ويو. ايترو عرصو گذرڻ ۽ ايترا سال سندس مسودو پريس (لوهي پريس) ۾ رُلڻ جي باوجود جويي صاحب جي خاص توجهه سان ئي، هي ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي سگهيو آهي، جڏهن ته هتي اهو فيشن ٿي ويو آهي، وڏا وڏا نالي وارا عالم، جن کي ڪن اسان جهڙن ليکڪن جا مسودا نظرثاني لاءِ مليا، ته معموليءَ تبديليءَ سان اهي پنهنجي نالي شايع ڪرائي ڇڏيائون، وڏو ڇيهه ته اندر پنهنجي پيش لفظن ۾ ان لکندڙ جو مددگار طور ٿورائتو هئڻ وارو حوالو ڏيئي ڇڏبو. جويي صاحب هن ڪتاب کي ڪيئن بچايو ۽ محفوظ ڪري پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اها به هڪ يادگار ڪهاڻي آهي، جيڪا سندس زباني اوهان به ٻڌو:

”ڪتاب جي هن سنڌي ترجمي جي آخرڪار شايع ٿيڻ جي به هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. ’ان جو ڪجهه ذڪر مترجم ]عبدالعزيز قنڌاري[ جي ڏنل مهاڳ جي احوال ۾ موجود آهي، ٿورن لفظن ۾، هڪ مرحلي تي قنڌاري مرحوم جي سنڌي ترجمي ۽ مهاڳ وغيره جو مسودو (جيترو به ۽ جهڙو به هو) جهوني پراڻن ڪتابن واري هٿ گاڏي مان ئي دستياب ٿيل آهي. 1954ع ۾ ڪتاب جي ترجمي جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ جو سونپيل، مسودي جي اڻپوري هجڻ سبب فوري طور ڇپجي نه سگهيو، ترت ئي اُتان راقم جي تبادلي ٿيڻ ۽ مترجم جي وصال کان پوءِ مسودو وارثن پنهنجي حوالي ڪيو. ڪافي ڪن سالن کان پوءِ اتفاق سان دستياب ٿيل اُهو مسودو دوست مڪرم ميان احمد مالڪ سنڌ پرنٽنگ پريس، اَڪال ڀونگالين، حيدرآباد کان ڦري راقم وٽ پهتو. ڇپائيءَ لاءِ مسودي جي ايڊيٽنگ ۽ ٻئي اُن جي رهيل ڪم جي پورائي کان پوءِ وارثن جي مرضيءَ سان ان جي ڇپائي شروع ٿي ۽ ڪجهه ئي مدت ۾ پوري به ٿي. وڌيڪ افسوس جي صورت اُتان کان 2006ع تائين اِها رونما ٿي ته ڇپيل ڪتاب جا فارم بائينڊر وٽ پيا ڀُرندا ۽ سڙندا رهيا. ڪجهه مهينا ٿيا ته بائينڊر جي منٿن ۽ راقم جي تحرڪ سان روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سان ڳالهين ڳالهين ۾ طئي ٿيو ته ڪتاب جا رهيل فارم هٿ ڪري، ڪتاب جي اشاعتي ڪم جو باقي بندوبست بنان نفعي ۽ نقصان جي بنياد تي عمل ۾ آندو وڃي.... (اهڙي ريت) هڪ ٻه سال گهٽ پوريءَ اڌ صديءَ کان پوءِ نٽشي جي هن انمول ڪتاب جي اڌ ترجمي جي ڇپيل ۽ جُلد بند ڪتابي صورت ۾ هيءَ پيشڪش ممڪن ٿي سگهي.“ (قنڌاري، 2007ع، ص 11 /16)

اهو آهي جويي صاحب واري ڪيل محنت جو داستان، هن بزرگ پاران ڪيل اهڙي ڪوشش جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ علامه آءِ.آءِ.قاضي جهڙن جڳ مشهور عالمن پاران پسند ڪيل، هڪ ٻئي جڳ مشهور عالم جي هن بي بها ڪتاب کان سنڌ وارن کي واقف ڪرائڻ واري ان53 سال اڳ شروع ڪرايل محنت جو بلآخر ڪتابي شڪل ۾ نتيجو نڪتو ۽ سنڌ واسين کي ان مان لاڀ پرائڻ جو موقعو مليو.

اهو ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو.

(28) سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري ]آڳاٽو دَورُ[ (ترتيب)

 

مون کي 2001ع ۾ سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر طور مقرر ڪيو ويو. شعبي مان شايع ٿيندڙ ساليانو جرنل ”ڪينجهر“ ڪيتري عرصي کان ڪونه پئي نڪتو. ڊاڪٽر هدايت پريم شعبي جو سربراهه هو، جنهن منهنجي دلچسپيءَ جي مدِنظر پرچي جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو. مون ان ڪم کي پنهنجي لاءِ پرک تصور ڪندي جوش جذبي سان، محنت ڪري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ۽ سال اندر 406 صفحن تي مشتمل ڪينجهر اَٺَ وارو پرچو تيار ڪري ورتو. اردو شعبو سنڌ يونيورسٽي مان نڪرندڙ پرچو ”تحقيق“، منهنجي اڳيان هو، جنهن جي تقريباً هر پرچي ۾ ڪنهن عالم اديب جي مواد جو گوشو (Section) ڏيئي پرچي کي وڌيڪ سگهارو بنايو ويندو آهي. مون به ان خيال سان هن پرچي کان، ساڳيو طريقي ڪار اختيار ڪندي، سنڌي شعبي جي اڳوڻي استاد لوڪ ادب جي نامور عالم مرحوم محرم خان وگهامل جي مواد ڏيڻ سان شروعات ڪئي. سندس مواد ڪو گهڻو ڪونه هو، پر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريءَ جي آڳاٽي دَورُ واري حوالي سان ان جي وڏي اهميت هئي، مون چاهيو پئي ته اهو سمورو ٽڙيل پکڙيل مواد يڪجا ٿي وڃي، جنهن جو آءٌ گهڻو حصو گڏ ڪري، ڪمپوز ڪرائي ويو هئس. صرف چند مضمون هٿ ڪرڻا هئا، جو وڌيڪ ڳولا ڦولا ڪرڻ کان اهو چئي منع ڪئي ويئي ته هڪڙي شخص جو ايترو مواد ڪونه ڏبو آهي. بهرحال پوءِ به آءٌ پروفيسر 
محرم خان واري حصي لاءِ 222 صفحن جو مواد گڏ ڪري چڪو هوس. جنهن کي ٻئي مواد سان گڏ 2002ع ۾ 406 صفحن تي مشتمل ڪينجهراَٺ طور سنڌي شعبي پاران پڌرو ڪيو ويو. آءٌ جيئن ته شعبي جي حوالي سان (علمي حوالي سان نه) جونيئر هوس انڪري مون سان ان ڪم ۾ جيڪي مهربان مددگار هئا، انهن طرفان مدد ڏيڻ بجاءِ، صرف حڪمن جي بجا آوريءَ جي اميد رکي پئي ويئي، سا به اها ته منهنجو ڪم صرف پورهيو ڪرڻ هو. منهنجو نالو هجي يا نه هجي؟ يا ڪاٿي هجي، ان تي مون کي خاموش رهڻو هو. ڇاڪاڻ ته آءٌ شعبي مان پگهاردار هوس، پر مان ائين ڪري ڪونه سگهيس، مون کي جيڪا ڳالهه صحيح سمجهه ۾ آئي، (جن مان اڪثر ۾ سينئرن جون صلاحون به شامل هيون) ان جي روشنيءَ ۾ پرچي کي آخري شڪل ڏيئي شايع ڪرائي ڇڏيو. شعبي جي تاريخ ۾ اهڙي نوعيت جو پهريون ۽ آخري پرچو هو، سڀني واهه واهه ڪئي، پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ منهنجي ڪم ۽ طريقي ڪار بابت سُسُ پُسُ ٿيڻ لڳي، ايندڙ پرچي جي تياريءَ کان روڪيو ويو. بار بار پڇڻ جي، سبب به ڪونه ٻڌايو ويو، اها مهرباني ڪنهن ڪئي، ڪنهن ڪرائي، سا ڳالهه اڄ تائين راز ئي پئي رهي آهي.

مون جيڪو پروفيسر محرم خان لاءِ ڪم ڪيو هو، ان سان ٻيو رهيل مواد ملائي، ڪتاب تيار ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڏنم ته ڪجهه عرصي بعد معلوم ٿيو، ته پروفيسر محرم خان واري مواد تي مشتمل ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران اچي رهيو آهي. ائين هڪ ڏينهن ساڳي (ڊيمي) سائيز ۾ 276 صفحن تي مشتمل ڪتاب پڌرو ٿي آيو. جنهن لاءِ جويي صاحب کان تعارف طور ٻه اکر لکرايا ويا. جيئن پاڻ آخري پيرايي ۾ لکي ٿو:

”ايڏي ڀريل ۽ پُرسڪون دل واري پنهنجي وڇڙيل دوست محرم خان ۽ سندس هيرن ۾ تورڻ جهڙي ڪتاب بابت هي تعارفي ٻه اکر لکي سگهيو آهيان.“ (وگھايل، 2007ع، ص 12)

اهڙي ريت ڪتاب ته ڇپجي ويو، پر ڪنهن کي ڪينجهر وارو ٿيل ڪم کُٽِڪيو پئي، ان ڳالهه جي مدِنظر ويچاريو ويو ته ڪتاب تي مرتب طور ڪنهن اهڙِي ڀاري ڀَرڪم شخصيت جو نالو ڏنو وڃي، ته جيئن ڪنهن کي ڪڇڻ جي ڪائي گنجائش نه رهي. اهڙي طرح منهنجي پنهنجي مهربانن جي ڪوششن بلآخر رنگ لاتو ۽ ڪتاب جي ٽائيٽل ڪارڊ تي (اندرئين ٽائيٽل تي نه) مرتب طور جويي صاحب جو نالو ڏيئي ڪتاب پڌرو ڪيو ويو. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع ۾ شايع ڪيو.

(29) پيارُ، نِبارُ ۽ اَٿاهُه (ترتيب)

 

جويي صاحب زندگيءَ جي طويل عرصي ۾ اڪيچار شاگردن کي سيڪنڊري اسڪول کان ٽريننگ ڪاليج واري تعليم تائين تربيت ڏني. سندس انهن اڪيچار شاگردن منجهان ڪي چند اهڙا هونهار شاگرد آهن، جن کي سندن خوبين ۽ خاصيتن ڪري پنهنجي هن محسن استاد، دوست وارو درجو ڏنو. يارمحمد ابن حيات پنهور اهڙن سُلڇڻن شاگردن مان هڪ هو، جيڪو ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد واري دور ۾ سندس ڪلاس جي سڀني شاگردن ۾ هوشيارپ جي ڌاڪ ڄمائي چڪو هو. اهڙي شاگرد سان جويي صاحب جي لکپڙهه 1952ع کان شروع ٿي، جيڪا 1991ع تائين هلي. اها لکپڙهه مٿي ذڪر ڪيل عنوان هيٺ، هڪ ٻئي ڏانهن ’خط استاد ۽ شاگرد عرف ٻن دوستن جا‘ جهڙي وضاحتي عنوان هيٺ جمع ڪئي ويئي آهي. لفظ دوست جنهن جي اهميت ۽ افاديت جي سمجهاڻي، جويي صاحب جي هڪ ٻئي دوست سنگرام هيٺين جملن ۾ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڪئي آهي. هو صاحب لکي ٿو:

”پنهنجي پياري دل گهرئي دوست کي ڪنهن ماڻهوءَ چيو ته ”يار آءٌ توکي پنهنجو ڀاءُ ٿو سمجهان!“ دوست چيس: ”پاڻ ته سٺا دوست آهيون، پوءِ هيءَ تبديلي ڇو؟“ هُن وراڻيس: ”دوست هڪ نه ته ٻيو ملي ويندو آهي، پر ڀاءُ جي نه هوندي ڀاءُ مشڪل ٿو ملي!“ دوست چيس: ”ائين ته ڀاءُ جو ملڻ مشڪل ئي نه، پر ممڪن به ڪونهي؟ ٻيو ته ڀائرن ۾ وڏ ننڍائي به ٿئي ٿي! دوستيءَ ۾ ائين نه هوندو آهي، مان ڀانيان ٿو ته دوستيءَ کي تو سمجهيو نه آهي. منهنجي هڪڙي استاد لفظ ’دوست‘ کي ڀڃي ان جي معنيٰ مون کي سمجهائي هئي ته دو+ست- ستيه- سچ، معنيٰ ٻن سچن جو ميلُ، ٻن سچائين جو سنگُ، يا ساٿ.“(ص الف)

مٿي ذڪر ڪيل مفهوم جي مدِنظر جويي صاحب جا ڪيترائي اهڙا معتقد ۽ پوئلڳ شاگرد آهن، جن کي پاڻ دوست وارو درجو ڏيئي، انهن کي سچائين وارا ڪيئي سبق سمجهايا آهن. ابن حيات پنهور جنهن جي اندر ۾ تڙپ ته اڳ ئي موجود هئي، ان کي جويي صاحب واري صحبت وڌيڪ جلابخشي ۽ پوءِ انهن ٻنهي سچائين هڪ ٻئي جي سهڪار سان ڪيئي شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا. جن جي يادين سان هن ڪتاب جا ورق ڀريا پيا آهن. ون يونٽ واري دور جون قلمبند ڪيل اُهي ياديون، ان دور جي ڪيترن تحريڪن ۽ تنظيمن بابت ايندڙ دور جي محققن لاءِ ڪارگر مواد مهيا ڪري سگھن ٿيون. ون يونٽ کان اڳ 1952ع ۾ جويي صاحب پاران ابنِ حيات کي لکيل هيٺيان جملا پڙهو:

”اوهان جون موڪليل 15 ڪاپيون ”پرهه ڦُٽيءَ“ جون، هڪ ڪاپي زير طباعت ”ڊان ويسٽ“ جي ۽ هڪ ڪاپي زير طباعت ”چار داڻا“، جي ۽ چار صفحا زير طباعت ”ماڻهو ۽ ڌرتيءَ“ جا ڪالهه مليا. هيءُ سمورو مواد ڪالهه ئي پڙهي پورو ڪيم. ”چار داڻا“ جو ترجمو ۽ ان جي ٻولي نهايت سهڻي ۽ مناسب آهي. اوهان کي ان لاءِ جيتريون مبارڪون ڏجن اوتريون ٿوريون.“ (جويو، 2008ع، ص 60)

مٿئين حوالي مان ان ڳالهه جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته جويو صاحب پنهنجي هن (ابن حيات پنهور) ۽ ٻين ڪن دوستن معرفت ڪِن علمي ڪمن جي سرانجاميءَ ۾ مصروف هو، انهن ڪمن جو جيترو به ڪم ٿيو پئي، اوتري مواد کي جويي صاحب ڏانهن موڪليو پئي ويو. جنهن تي پاڻ سندن ڪيل ڪم جي ساراهه ۾ اهڙا جملا لکيا اٿن. پر اهي جملا رڳو تعريف تائين محدود ڪونهن، پاڻ ڪيترن ئي جاين تي دوستن جي تربيت لاءِ تنقيد پڻ هن طرح ڪري ٿو:

”ڊان ويسٽ جي طباعت نهايت صدمو ڏيندڙ آهي، انگريزي لفظن جي انگريزي صورتخطي ته هڪ حالت ۾ به صحيح نه ڏني ويئي آهي، ان کان ته ڏنگين ۾ انگريزي لفظ سنڌيءَ ۾ ڏجن ها ته وڌيڪ بهتر هو. پروف ريڊنگ تي جيترو توجهه ڏيڻ کپندو هو، اوترو نه ڏنو ويو آهي.“ (جويو، 2008ع، ص 60)

اشاعت ۽ طباعت واري حوالي سان، اهڙي نوعيت جون ڪيئي صلاحون ۽ هدايتون، نظر اچن ٿيون. جن به ماڻهن ورهاڱي ٿيڻ وارن انهن ابتدائي ايامن ۾، جڏهن افراتفريءَ وارو ماحول هو، جويي صاحب جي رهبريءَ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان نِتُ نئين انداز سان پئي سوچيو ۽ حال سارو ڪم به ڪيو پئي، انهن جس لهڻو. هن پٺتي پيل معاشري ۾ هڪ استاد جي ڪيتري پگهار هوندي ۽ ان کي ڪيترن معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو هوندو، ان جا هن مواد ۾ ڪيئي مثال موجود آهن. پر جويي صاحب هڪ دوست جي حيثيت ۾ ابن حيات پنهور کي ڏکين معاملن ۾ ڪيئن دلداري ڏني ۽ سندس سهارو ٿيو، ان جا پڻ هن مواد ۾ ڪيئي آثار نظر اچن ٿا. ابن حيات پنهور جي شريڪ حيات به ماسترياڻي هئي، کيس نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪيئي تڪليفون ملن ٿيون، ته ابنِ حيات ان حوالي سان به جويي صاحب سان حال اوريندو ۽ صلاح مصلحت ڪندو رهي ٿو. اهڙين حالتن ۾ جويو صاحب کيس لکي ٿو:

”بهرحال اوهين ڪوبه خيال نه ڪريو، اهڙيون حالتون زندگيءَ ۾ اينديون ئي رهنديون آهن، جيڪي اڄ مخالف آهن، سي ئي سڀاڻي موافق ۾ اچي ويندا. اوهان جي وڌيڪ احوال جو انتظار اٿم. پوءِ اوهان کي مفصل طرح لکندس… اوهان خاطري رکندا ته اهي ناسازگار حالتون گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪنديون. ضرورت فقط آهي معاملن کي همت ۽ جوانمرديءَ سان مُنهن ڏيڻ جي.“ (جويو، 2008ع، ص 99)

جويو صاحب جن دوستن سان مخاطب ٿو ٿئي، خاص طور تي اُن حالت ۾ جڏهن پاڻ سزا طور سنڌ کان ٻاهر ڪوهاٽ ۽ لاهور جا چڪر ڪاٽيندو پئي رهيو، تڏهن به دوستن جي سار لهندي، کين پيون دلداريون ڏئي، همٿون پيو ٻڌرائي، هڪ اهڙي ڪوچوان وانگر جنهن جي سڄي ٽيم تي نظر هوندي آهي، رسول بخش پليجي جي ايڪسڊنٽ جي کيس ڪوهاٽ ۾ خبر ملي ٿي، ته ان لاءِ ابن حيات پنهور کي لکي ٿو:

”وٽس وڃج ۽ کيس منهنجي پاران پڇج، کيس چئج ته جيڪي ٿيڻو آهي سو ته  ٿيندو، پر جيڪو ڪرڻو آهي سو ته اڃا رهيو پيو آهي. ان لاءِ پاڻ کي جيئڻو آهي ۽ سڀڪجهه سهڻو آهي. پاڻ ايڏا سستا نه آهيون جو ائين ضايع ٿي وڃون.“ (جويو، 2008ع، ص 234)

يا غلام ربانيءَ بابت ڪائي اڻوڻندڙ خبر کيس پهچي ٿي ته ان لاءِ به لکي ٿو:

”کيس چئج ته دل هارڻ جي ڳالهه ڪانهي، جيون ۾ مومل آهي ته ان جو ڪاڪ محل جُڙي به سگهندو ته ماڻي به سگهبو. مقامات آهه و فغان اور ڀي هين.“ (جويو، 2008ع، ص 235)

اهڙي طرح نه رڳو سنڌ جي سماجي ۽ ادبي پر سياسي معاملن تي پڻ سندس گهري نظر آهي، پر ان بابت وڏي هوشياري ۽ دانائيءَ سان خيالن جو اظهار ڪري ٿو. 1970ع واري اليڪشن جا سانباها پئي ٿيا، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جمهوريت ۽ اسلامي سوشلزم واري نعري سان اڳتي وڌي رهيو هو، ماڻهن جي هشامن دمبها پئي هنيا، اهڙي ماحول ۾ ڪوهاٽ ۾ ويٺي فيبروري 1969ع ۾ جويو صاحب لکي ٿو:

”سيارو پورو ٿيو، بهار منهن ڪڍيو آهي، ڏسجي ته اهو بهار اسان جي چمن ۾ به ڪا بهار آڻي ٿو يا نه؟ جمهوريت جي دعويدارن وٽ سنڌ جو به ڪو وزن آهي يا نه، پر بيک گهرڻ سان ٻه ڪڻا ئي ملن ٿا، جيئڻ جو حق خصوصاً همت ۽ حوصلي سان ئي ملي ٿو.“ (جويو، 2008ع، ص 236)

اهڙن ڪيترن ئي سماجي، ادبي ۽ سياسي غور ويچار لائق گفتن جو هي مجموعو 2008ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري شايع ڪيو.

(31) آپ بيتي جڳ بيتي (نظرثاني):

 

محمد ابراهيم جويي صاحب، جڳ مشهور عالم پير حسام الدين راشدي کي، هڪ هنڌ پورهيت اديب ڪري رکيو آهي. يقيناً لکڻ به هڪ پورهيو آهي ۽ پير 
حسام الدين راشدي جهڙي مدرسي ۾ ٻه چار سبق پڙهيل کي ته عالمي شهرت يافته عالم واري درجي تي پهچڻ لاءِ وڏو پورهيو ڪرڻو پيو هوندو، پر اسين جڏهن جويي صاحب جي ڪيل پورهيي تي نظر وجهون ٿا ته پاڻ به پورهيت اديب ۽ عالم نظر اچي ٿو، جنهن نه رڳو لکيو، ترجما ڪيا، پر سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي مختلف علمن سان مالامال ڪرڻ واري مقصد سان ٻين اَڻ ڳڻين ماڻهن جي مواد کي سنواري سُڌاري، سينگاري سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ کي ڀريو، اهڙن ڪيترن ئي مثالن منجهان نامور عالم ايم.ايڇ پنهور جي لکيل سوانح عمري، جنهن کي پاڻ ”آب بيتي- جڳ بيتي“ جهڙو وسيع عنوان ڏنو هئائين، اهو ڪتاب پڻ شامل آهي. پنهور صاحب يقيناً وڏو عالم هو، پر هن سڄي زندگي لکيو پڙهيو انگريزيءَ ۾، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي چواڻي ته، ”پنهور صاحب سوچيندو به انگريزي ۾ هو.“ ايڏي پايي جي عالم زندگيءَ جي آخري ايامن ۾ آپ بيتي لکڻ شروع ڪئي، سندس چوڻ هو ته، ماڻهو جنهن دنيا ۾ ڄمي وڏو ٿئي ٿو، ان جي زندگي دنوي ماحول کان ڌار ڪجهه به ڪونهي. انڪري ڪنهن جي زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ ان جي آسپاس واري ماحول جو مطالعو ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ان ڳالهه جي مدِنظر پاڻ پنهنجي سوانح عمري، مٿي ذڪر ڪيل عنوان سان لکڻ شروع ڪيائين. مواد ڏاڍو لاجواب، پر پنهور صاحب جنهن عمر جي حد ۾ اها لکڻ شروع ڪئي، ان ۾ صرف 412 صفحا لکي سگهيو، جيڪو سندس گهڻ رُخي علمي ۽ عملي زندگيءَ بابت اڻپوري معلومات مهيا ڪري ٿو. پنهور صاحب جو اهو انگريزيءَ ۾ لکيل مواد محترم حاڪم علي شاهه بخاري ترجمو ڪيو. بخاري صاحب وڏو آرڪيالاجسٽ آهي، ان ميدان ۾ سندس شاندار ڪم ٿيل آهي، پر پنهور صاحب جو هي مواد، سندن لاءِ نئون ڪم هو، پر پاڻ کين انڪار ڪري نه سگهيو، انڪري ڪم ته ڪري ورتائين، پر سندس خيال هيو ته ”ان ڪتاب جي سٽاءَ ۽ جوڙجڪ، پيچيدگي ۽ فني هئڻ ڪري ترجمي واسطي مون لاءِ ڏاڍو اهنجو هو، ترجمو اوهان جي اڳيان آهي، گهٽ ڄاڻ ۽ ناتجربيڪاريءَ سبب ان کي ڪو خاص ادبي روپ ڏيئي نه سگهيو آهيان.“ (بخاري، 2008ع ص 
ix) بخاري صاحب وارن مٿي ذڪر ڪيل خدشن جي مدِنظر، ڪتاب شايع ڪندڙ دوست ظفر جوڻيجي، ان مواد جي نظرثانيءَ وارو ڪم سائين جويي صاحب جي حوالي ڪيو، جنهن پنهنجي روايتي طريقي سان مواد کي ڇنڊي ڦوڪي سهڻو ۽ سيبتو بنائي، پڙهندڙ لاءِ  لطف ڏيندڙ ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري، قارئين جي هٿن تائين پهچايو. نه رڳو ايترو پر ان مواد لاءِ پاڻ پنهنجي مخصوص فڪر جي روشنيءَ ۾ عالمانه نوعيت جا پيش لفظ پڻ لکيائين، جنهن ۾ سنڌ جي غلام ٿي وڃڻ ۽ ان مان نڪرڻ واري وارتا طرف اشارو ڪرڻ کان پوءِ لکيو اٿس.

”محمد حسين پنهور جي زندگيءَ جو سڄو ڪردار سندس هن آتم ڪهاڻيءَ سميت سرزمين سنڌ کي پنهنجيءَ تاريخ جي اُن رهيل پيشقدميءَ جي تياريءَ لاءِ مفيد ڪارج جو ڪم ڏيندو، اِها مون کي اميد آهي.“ (بخاري، 2008ع، ص xiii)

پنهور صاحب جي لکڻ واري مخصوص انداز ۽ مواد جي بيهڪ بابت خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو: ”هن ڪتاب ۾ 105 ماجرائون بيان ڪيل آهن، جن کي مختصر ڪهاڻيون، افسانا يا مضمون به چئي ٿو سگهجي، ايڏي اديبانه ۽ رومانوي رنگ ۾ اهي بيهاريل آهن! ليکڪ طرفان هرهڪ ماجرا مان اعليٰ نتيجا ۽ سبق اخذ ڪيل آهن، اهڙا جيڪي سڀ سنڌ وطن  ۽ سنڌي قوم جي نئين جاڳرتا جا زوردار سڏ ۽ معتبر وسيلا شمارجي سگهن ٿا ۽ ثابت ٿي سگهن ٿا.“ (بخاري، 2008ع، ص xiv)

هن ڪتاب جي مواد تي جويي صاحب پاران ڪيل پورهيي طرف اشارو ڪندي، پبلشر محترم ظفر جوڻيجو لکي ٿو:

”محمد ابراهيم جويي صاحب ٻه دفعا پروف پڙهيا ۽ سڄي مواد جي نظرثانيءَ سان گڏ اصل ڪتاب سان به ڀيٽيو.“ (بخاري، 2008 ص xix)

هي ڪتاب 2008ع ۾ فينڪس بوڪس ۽ ايم.ايڇ پنهور ٽرسٽ حيدرآباد شايع ڪيو.

(31) SINDHUDESH-TH CASE YET TO SETTLE  (ترجمو):

 

سائين جي.ايم.سيد جي علمي، ادبي ڪنهن حد تائين سياسي معاملن ۾ پڻ جويي صاحب جو سندن سان سهڪار پئي رهيو. اها ڳالهه ڪنهن به پڙهيل ڳڙهيل شخص کان ڳُجهي ڪانهي. جويي صاحب طرفان، سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل هي ڪتاب سائين جي.ايم.سيد جي ڪتاب ’سنڌوديش ڇو ۽ ڇا؟‘ جو ترجمو آهي. جنهن جي پهرين ڇاپي (1974ع) جو نالو "A NATION IN CHAINS- SINDHU DESH" رکيو ويو هو. ان وقت جي نامور آرٽسٽ گل محمد کتري عنوان جي روشنيءَ ۾ ان جو بهترين ٽائيٽل پڻ تيار ڪيو هو. ڪتاب پاڪستان کان ٻاهر (؟) شايع ٿيڻ ڪري اهو ٽائيٽل به شايع ٿيڻ کان رهجي ويو ۽ ڪتاب جي ڇپائيءَ تي جوڳو توجهه نه ڏيڻ ڪري، ان ۾ اڪيچار نوعيت جون غلطيون پڻ رهجي ويون. ڪتاب شايع ٿيڻ بعد ان جون ڪجهه ڪاپيون جويي صاحب کي پڙهي درست ڪرڻ لاءِ ڏنيون ويون، انهن مان هڪ ڪاپي جويي صاحب پنهنجي پياري شاگرد، مسٽر الطاف قادريءَ کي ڏني هئي. سالن گذرڻ بعد جڏهن جويي صاحب سان ڪن دوستن اهو ڪتاب ٻيهر شايع ڪرڻ واري خواهش جو اظهار ڪيو، تڏهن ان جي هڪڙي به ڪاپي سندن وٽ موجود ڪانه هئي، هڪ ڀيري جويي صاحب، ڪتاب جي ٻيهر شايع ٿيڻ واري خواهش جو اظهار ڪيو، ڳولا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اتفاق سان جويي صاحب جي قلم سان اهڙيءَ درست ٿيل ڪاپي، سائين جي.ايم.سيد جي لائبريريءَ ۾ پڻ ڪانه آهي. ان دوران خبر پيئي ته محترم الطاف قادري وٽ جويي صاحب واري درست ڪيل ڪاپي موجود آهي، سندس کان معلوم ڪرڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته اها کيس جويي صاحب وٽان ئي حاصل ٿي هئي. اها ڪاپي قادري صاحب کان حاصل ڪري جويي صاحب کي پهچائي ويئي، جنهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اصل سنڌي ڇاپي سان ڀيٽا ڪري، جويي صاحب نئين پريس ڪاپي تيار ڪري ورتي اهڙي طرح اهو ڪتاب سڌاريل سنواريل نت نئين نالي "Sindhudesh the case Yet to Settle" سان شايع ٿيو. هن ڇاپي تي ترجمانگار طور جويو صاحب جو نالو به لکيل آهي ۽ پاڻ ان جو Forword پڻ لکيو اٿن، هي ڪتاب 2010ع ۾ انڊس اڪيڊمي ڪراچي شايع ڪيو.

(32) مارئي، مارُو ۽ ملير (ترجمو ۽ ترتيب):

 

بينظير صاحبه جي بي دردانه قتل سبب، سندس نالو سنڌ جي سڃاڻپ طور مشهور ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته باوجود وفاق جي زنجير هئڻ جي، کيس محض انڪري قتل ڪيو ويو، جو هوءَ سنڌ جي سڃاڻپ بنجي چڪي هئي ۽ سنڌ جيڪا مظلوم ۽ محڪوم صوبي واري پَدَ تي پهچائي ويئي آهي، ان جو ڪو اهڙو ليڊر پيدا ٿئي، جيڪو عالمي شهريت يافته هجي، اها ڳالهه حاڪم قوتن کي قبول ڪانه هئي، انڪري بينظير صاحبہ کي لکين ورڪرن جي سامهون ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو، جنهن جو اڄ تائين ڪو داد فرياد به ڪونه ٿيو.

جويي صاحب جو هي ڪتاب ”مارئي، مارو ۽ ملير“ ان اندوهناڪ حادثي کان پوءِ ميدان ۾ آيو، جيڪو ٻن نثري نظمن تي مشتمل آهي، ان جو پهريون نظم ”ڪهاڻي سنڌ ڄائي، سنڌ راڻيءَ جي“ بينظير ڀٽو صاحبه جو انگريزيءَ ۾ لکيل آزاد نظم آهي، جيڪو جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو، سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري سيد زوار نقوي جي بقول:

”شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي نظم جو سنڌي ترجمو جڏهن اخبار ۾ ڇپيو ته وڏو ٿرٿلو مچي ويو، نظم جو پڙلاءُ محترمه تائين به رسيو، هن نظم کي شهيد محترمه ساراهيو ۽ داد ڏنو.“ (جويو، 2010ع، ص 4)

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هي مواد جويي صاحب ڇو ترجمو ڪيو؟ ۽ آخر بينظير صاحبه پنهنجي نظم ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪئي هئي جيڪا جويو صاحب ٻين کي هينئين سان هنڊائڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ آڻڻ ضروري ڄاتي؟ بينظير صاحبه جي مواد کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، اها آهي جلاوطنيءَ واري نيم غلامانه زندگي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ محترمه تڙپندي نظر اچي ٿي، جيئن هو ابتدا ۾ ئي لکي ٿي:

”اچرج ۾ آهيان، آءٌ ڪڏهن آ جڪائي ماڻيندس، لاڙڪاڻي اُسهڻ لاءِ!؟“

آءٌ ڪڏهن پنهنجي مٺڙي ملوڪ ماڳ موٽنديس

هنن عرب سرزمينن کان!؟

ڪنهن سنيهي لاءِ آسائتي آهيان ننڊ ۾ توڻي جاڳ ۾،

ڪنهن نياپي آڻيندڙن لاءِ آسائتي آهيان ننڊ ۾ توڻي جاڳ ۾،“

ان دردمندانه شعر جي هوءَ پڄاڻي هن ريت ڪري ٿي:

”منهنجا ٻچڙئو!

ٿر جي هوا ۾ سمائيل سڏ ٻڌو.

اها سرگوشي پئي ڪري!

”يقين رکو!

اسين کٽنداسين،

اسين ضرور کٽنداسين.“

(جويو، 2010ع، ص 22)

جلاوطني واري انهي ڪرب ڀري زندگيءَ ۾ محترمه پاران لکيل ان نظم جويي صاحب کي ايترو ته متاثر ڪيو جو پاڻ ”اي سنڌ ڄائي“ نظم لکيو، جنهن ۾ هن سنڌ، سنڌي ٻوليءَ جي غلامانه ڪيفيت ۽ ٿيل ٻين وارداتن جي سموري ماجرا، سندس اڳيان بيان ڪري ڇڏي. ابتدا ۾ کيس مخاطب ٿيندي لکيو اٿس:

”اي سنڌ ڄائي!

هجيئي سڀ سڻائي،

ڪڏهن واءُ ڪوسو نه توکي لڳي،

ڪڏهن وقت اوکو نه توتي اچي

ٻين کي تون پڻ پياري هوندينءَ،

پر تنهنجيءَ اُڃ ۽ اُلڪي کي

جيئن هيءَ ڌرتي ڄاڻي،

ٻيو ڪو ڪيئن ڄاڻي!؟“

(جويو، 2010ع ص 25)

ان نظم جي جويو صاحب، پڄاڻي ڏاڍي عاليشان ڪري ٿو، جنهن ۾ هو بينظير کي خود هڪڙي قسم جو اُتساهيندڙ پيغام ٿو پهچائي، پاڻ لکي ٿو:

”آءُ سنڌ جو سچ قبول

۽ هيءَ مچ قبول

جيڪو ازلان ٻري رهيو آ!

تاريخ ۾ ڪيئي آنڌيون آيون،

آنڌيون ويئون،

پر اهو ڪڏهن ڪونه ٺريو آ.

آءُ، اَنهيءَ سچ جي ساک کڻي

تون به چئي ڏي

”جيئي سنڌ

جيئي سنڌ

جامِ محبت پيئي سنڌ.“

(جويو، 2010ع، ص 40)

اها هئي جويي صاحب پاران هن نظم ترجمو ڪرڻ ۽ پنهنجي پرمغز نظم لکڻ جي مدُعا!

بينظير صاحبه جيتوڻيڪ پاڻ سڌي طرح ’جيئي سنڌ، جام محبت پيئي سنڌ‘ چيو ڪونه، پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هوءَ سنڌ جي سڃاڻپ بنجي چڪي هئي ۽ حاڪم، محڪوم قوم واري هر سڃاڻپ کي مسمار ڪندا آيا آهن، اهوئي فاتحن جو دستور پئي رهيو آهي.

پوءِ جڏهن بينظير کي قتل ڪيو ويو ۽ اهي ٻئي نظم ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، تڏهن جويي صاحب ان ڪتاب جي اڳياڙي ۾ ”ڪهاڻي سنڌ ڄائي، سنڌ راڻي جي“ عنوان هيٺ لکيو:

] اي وطن! تنهنجي معصوم شهيد ڌيءَ

اسان سڀني جي ماءُ

پنهنجي شهيد پيءُ

پنهنجي هڪ شهيد ڀاءُ

ٻئي شهيد ڀاءُ

پنهنجيءَ مهر ڀريءَ ماءُ جي نازڪ صحت جا بارَ

راڄ راڄوڻپ، سياست، تاريخ

جا بارَ تن کان سواءِ

بَرسِر ڪري، وطن ويڳاڻيل

تو وٽ واپس آئي،

۽ ڏٺي وائِٺي سِرَ گهورَ ٿي وئي

هُن پنهنجي رتويل دل جي دانهن سان

انگريزيءَ ۾ تنهنجو هڪ بي مثل قصيدو لکيو

جو عالم آشڪار ٿيو، عام پڙهيو ويو،

اُن جي هيءُ سنڌي ترجمو جيڪو هتي في الحال

مختصر نموني ڏنو پيو وڃي.

مون پنهنجن ساٿين، حال ڀائين، جي قلمي مدد ۽ اُتساهه تي ڪيو آهي.

ته سنڌ جا عوام به اُهو پڙهن پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾

هنئين سان هنڊائن-

اي اسان جي اَملهه سدا حيات سنڌ جي راڻي!

هُو تنهنجو کين سونپيل اعليٰ مقصدِ حيات-

آزاد فضا ۾ زندهه رهڻ جو

عالم حيات ۾ برابريءَ جي معزز درجي ماڻڻ جو-

۽ اُن لاءِ هو اُٿي بيهن

اڳتي وڌن- سِرَ- گهورَ ٿين[“ (جويو، 2010ع، ص 5)

اها آهي رقت انگيز درد ڀري ڪهاڻي، جنهن ۾ هي ڪتاب سرجيو ۽ اهو 2010ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد شايع ڪيو.

(33) سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه؟ (ترجمو):

 

سنڌي ٻوليءَ جي اهميت، افاديت ۽ وسعت واري حوالي سان جويي صاحب جو بنهه واضع ۽ چٽو موقف پئي رهيو آهي. پاڻ ڪنهن به سهڻي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي بگاڙ ۽ استعمال جي سلسلي ۾ پوندڙ رڪاوٽن جو مخالف آهي. اهوئي سبب آهي جنهنڪري جڏهن به سنڌي الفابيٽ جي ڪن لفظن کي مرج ڪرڻ يا رومن رسم الخط اختيار ڪرڻ يا ذريعه تعليم طور سنڌيءَ جي ناقص هئڻ وارا حوالا ڏيئي، سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڌڪڻ واريون ڪوششون ٿيون آهن، ته جويي صاحب اهڙين ڪوششن جي واضح طور تي مخالفت پئي ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته سندس خيال آهي ته: ”اسان جو جيڪو موجوده رسم الخط آهي، سو اسان لاءِ بلڪل پورو ۽ ڪافي آهي ۽ ان ۾ ردوبدل جي ضرورت نه آهي. بلڪ اسان جي ان رسم الخط ۾ ايڏيون ته خوبيون آهن، جيڪي تمام ٿورن رسم الخطن ۾ ٿي سگهن ٿيون، 
رسم الخط ۾ جيڪي سهوليتن جا امڪانات هجڻ کپن، انهن کي ڏسي ۽ سمجهي ڪري، وڏيءَ ذميواريءَ سان، مان چوان ٿو ته اسان جو جيڪو رسم الخط آهي، جنهن کي سنڌي عربي رسم الخط چئجي ٿو، ان ۾ جيڪي لکڻ جي آسانيءَ جون سهوليتون ۽ حسن آفرينيءَ جا ممڪنات موجود آهن، سي شايد دنيا جي اڪثر رسم الخطن ۾ به نه هجن ۽ هاڻي ته ان مسئلي تي بحث آهي ئي ڪونه.“ (جويو، 2003ع ص 136)

سنڌي ٻوليءَ کي پوئتي ڌِڪڻ، نااهل ناڪاره ثابت ڪرڻ جي سلسلي ۾ 1947ع کان پوءِ هڪ خاص حڪمت عمليءَ سان پرچارڪ مهم شروع ڪئي ويئي، جنهن جي دفاعي جنگ ڪيترن ئي سڄاڻ ماڻهن وڙهي.

مٿي ذڪر ڪيل مقصد جي مدِنظر سنڌ جي مرڪزي شهر ڪراچيءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ وارو ڪم، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ معرفت 1956ع ۾ ڪرايو ويو، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي اهميت افاديت ۽ وسعت واري حوالي سان ناڪاره ڏيکاري، ڪراچي، جيڪو پاڪستان جو مرڪزي شهر بنجي چڪو هو، ان مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان عمل کي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم واري وسيع تناظر ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 1957ع ۾ هڪ ڪتابڙو Shall Sindhi Language Stay in Karachi or not? لکي ورهايو. اهو مايدار، شاندار ڪتابڙو ڊگهي عرصي تائين انگريزيءَ ۾ ئي رهيو. ان کي پوءِ 2010ع ۾ جويي صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو پهريان اخبارن ۾ شايع ٿيو، بعد ۾ ساڳي سال باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي اڪيڊمي حيدرآباد اهو ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو.

(34) On Sindh       ترتيب

 

جويي صاحب ۽ جي.ايم محڪري صاحب جي تعلقات ۽ علمي ڪمن جو ڪجهه ذڪر اڳ ٿي آيو آهي، جي.ايم محڪري اهو سنڌدوست انسان هو، جنهن جي سوچ سمجهه ۽ عمل جي سنڌ جي روشن مستقبل سان هڪجهڙي هم آهنگي هئي. ان سنڌ سان عشق واري جذبي هيٺ هن سنڌ ۽ سنڌين بابت انگريزيءَ ۾ ڪيتيريون ئي لکڻيون لکيون، جن مان ڪن کي پوءِ جويي صاحب سنڌيءَ ۾ به شايع ڪرايو، ان ڳالهه تي محڪري صاحب ڏاڍو خوش ٿيو هو، اهو انڪري جو هن اهو ڄاتو پئي ته سنڌ جون ڳالهيون، سنڌ بابت ڳالهيون، سنڌ جي اڪثريتي عوام لاءِ ئي آهن، انڪري انهن جو سنڌيءَ ۾ شايع ٿيڻ سٺو سؤڻ آهي. جيئن ته پاڻ سنڌي ڪونه ڄاڻندو هو. انڪري اهو جيڪو سندس خيالن کي ٿورو ٿڪو سنڌيءَ ۾ آڻڻ وارو ڪم ٿيو، اهو به سندس دوست محمد ابراهيم جويي ئي سرانجام ڏنو، جيتوڻيڪ ان مواد جي علمي اهميت جي مدِنظر، جويي صاحب پهريان اهو انگريزيءَ ۾ پڻ شايع ڪرايو هو. ان ساڳي سلسلي جي ٻي ڪڙيءَ طور  محڪري صاحب جي لکڻين جو هي مجموعو تيار ڪيو ويو. جنهن کي سڌي طرح On Sindh نالو ڏنو ويو آهي، البت ان جي وضاحت ''Collection of Essays and articles'' طور ڪئي ويئي آهي.

مواد جي اهميت ۽ افاديت هيٺين ذڪر ڪيل ڪجھ عنوانن مان ئي نمايان نظر اچي ٿي.

-         Culture that is Sindh

-         Conscious creation of Sindh Culture- A task for Sindhi youth and Warning to the Sindhi Intellectuals

-         The Power of awakend Sindh

-         The Roses of Sindh

هي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي شايع ڪيو.

 (35)My Dear Joyo ji :

 

هنديءَ ٻوليءَ مان کنيل لفظ ’جي‘ سنڌيءَ لاءِ ڪو اوپرو يا اڻوڻندڙ لفظ ڪونهي، ان جا بنيادي طور ٻه سبب آهن، سنڌي ۽ سنسڪرت جو پنهنجو پاڻ ۾ سنٻنڌ هئڻ ڪري، سنڌ جي شاعريءَ تي هنديءَ جو نمايان اثر آهي، ويجهڙائيءَ واري دور ۾ گجرات جي مهاتما گانڌي ان لفظ کي پنهنجي نالي جو اٽوٽ حصو بنائي ڇڏيو هو. اهڙي ريت ’گانڌي جي‘ واري حوالي سان  به اهو لفظ اسان لاءِ غير مانوس ڪونهي ساڳي وقت هن ڪتاب جي مواد (خطن) جو لکندڙ، جي.ايم محڪري به اسان جو پنهنجو هو، ان پنهنجائپ واري سڳي ئي کيس سائين محمد ابراهيم جويي کي اهڙي پياري لفظ سان مخاطب ڪرايو. هي ڪتاب جيڪو محڪري صاحب پاران جويي صاحب ڏانهن لکيل خطن جو مجموعو آهي، ان ۾ جويي صاحب جا صرف چار خط آيل آهن جڏهن ته جي.ايم محڪري صاحب جي خطن ۽ خيالن جي گهڻائي آهي، انڪري ئي جنهن انداز ۾ محڪري صاحب مخاطب ٿيو آهي، اهوئي ڪتاب تي نالو رکيو ويو آهي، ٻنهي بزرگن جي وچ ۾ سنڌ سڀ کان وڏي سڃاڻپ ۽ پنهنجائپ وارو اهڃاڻ هو، انڪري خط پڻ ذاتي کان وڌيڪ ان پسمنظر ۾ لکيل آهن، جويي صاحب، خطن جو هي مجموعو دوست سنگرام جي صلاح سان تيار ڪيو، جيڪو 2012ع ۾ سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي حيدرآباد شايع ڪيو.

(ب) تخليقي ڪم

محترم محمد ابراهيم جويي صاحب جو ڪيل گهڻو ڪم ته ترجمي واريءَ صورت ۾ آهي، جنهن جو مٿي تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ پاڻ وقت به وقت مختلف موضوعن تي مضمون ۽ مقالا پڻ تخليق ڪندو رهيو آهي. جن منجهان ڪجهه مواد ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي ۽ باقي ٻئي مواد کي ڪتابي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، پر سندس پهريون تخليقي ڪم (Save Sindh Save the continent) نالي انگريزيءَ ۾ لکيل اهو ڪتاب آهي، جنهن کيس آزمائش هيٺ آندو. ڏک ڏولاوا ڏيکاريا، جنهنڪري سندس قلم ۾ وڌيڪ قوت پيدا ٿي.

 

(36) Save Sindh Save the continent

محترم محمد ابراهيم جويي صاحب، هيءُ ڪتاب ورهاڱي ٿيڻ واري اُٿل پٿل جي دور ۾، جون 1947ع ۾ لکيو. هي اهو دور هئو جنهن دوران انگريز، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس واري ٽرائيڪا وچ ۾ برصغير جي قومن جي مستقبل بابت غور ويچار هلي رهيا هئا. مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي ڌرين کانسواءِ، مختلف گروپن ۽ فردن پاران برصغير جي مستقبل بابت پنهنجا پنهنجا فارمولا پيش ٿي رهيا هئا. هيءُ ڪتاب پڻ اهڙي ئي قسم جي هڪ فارمولي طور لکيو ويو هو، جنهن جو اظهار ڪتاب جي مهاڳ وارين پهرين سٽن ۾ هن ريت ڪيو ويو آهي ته ”مون هنن صفحن ۾، پنهنجن سنڌ واسي ڀائرن، مسلمان توڙي هندن، جي سوچ ۽ مناسب عمل لاءِ، ڪي نُڪتا، پنهنجا ڪي خيال ۽ ويچار، پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اڄ اسين هڪ صديءَ جي طويل غلاميءَ جي ٻاٽ اونداهيءَ رات منجهان سجاڳ ٿي، آزاديءَ جي ڦُٽندڙ باک کي ويجها ٿينداسون، يا وري نئين سر پاڻ لاءِ نسلن تائين، پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي بالادستي ۽ اقتصادي غلامي قبول ڪري ويهنداسون.“( جويو، 2000ع، ص 15)

ان وقت واري ماحول ۾ جيئن نظر اچي ٿو ته وڏيرا، جاگيردار، نواب ۽ سيٺيون پنهنجي پنهنجي مستقل مفادن کي نظر ۾ رکندي برصغير جي ورهاست بابت فارمولا ڏئي رهيا هئا ۽ ان ورهاست وارن لالچي تصورن سبب، قوم، قوميت ۽ بين الاقواميت، فيڊريشن ۽ ڪنفيڊريشن واري حوالي سان مخصوص گروهي مفادن واريون تاويلون پيش ڪري رهيا هئا. اهڙي وقت ۾ جويي صاحب وقت جي اهميت ۽ ضرورت کي پروڙيندي هي بنيادي نوعيت وارو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هڪ هنڌ لکيائين: ”اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر ڀائيچاري جي قيام لاءِ سڀ کان اڳ ان ڀائيچاري ۾ شامل اڪائين وچ ۾ آزادگيءَ ۽ برابريءَ جي درجي جي صورت جو هجڻ لازمي آهي. اهائي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور اندروني ڀائيچاري لاءِ به اوتري ضروري آهي جيتري قومن جي وچ ۾ بين الاقوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن لاءِ، اهڙا ڀائيچارا جيڪي پنهنجي عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽ پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومن، بين الاقوامي ۽ انساني ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا پاسدار آهن ۽ اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽ آزادگيءَ جي فضا قائم رکن ٿا ۽ مروت ۽ پرامن بين الاقوامي ۽ انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽ ان لاءِ تيار آهن. اهي ئي هندستان جي وچ ۾ وسيع برصغير جي قومن جي نجات جا ۽ پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي قومن جي خير ۽ بهتريءَ جي ضمانت جا حامل ٿي سگهن ٿا.“(جويو، 2000ع، ص 21)

قومي ۽ بين الاقوامي مقصد رکندڙ هي اعليٰ نوعيت وارو هي ڪتاب 1947ع ۾ (Sindh Renaissance Association Karachi) پاران شايع ڪيو ويو، جنهن جو 2000ع ۾ Sindh Democratic Party, Sindh طرفان ٻيو ڇاپو شايع ٿيو، ڪتاب جي سنڌيءَ ۾ ترجمي واري ضرورت محسوس ڪندي تازو پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچي محترم امان الله شيخ جو ترجمو پڌرو ڪيو آهي. جڏهن ته روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان مصنف پاران تيار ڪيل سنڌي ترجمو آيو آهي، اهي ٻئي ڪتاب 2014ع ۾ شايع ٿيا آهن.

 (37) شاهه، سچل، سامي:

 

شاهه، سچل ۽ سامي سنڌي سماج جا اهڙا روشن ستارا، رهبر ۽ رهنما آهن، جن جي ڏسيل واٽ وٺي اسين ڪيترائي ڏکيا رستا پار ڪري سگهون ٿا. جويي صاحب جي لفظن ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي هيءُ ٽه مورتي ائين آهي، ”جيئن زمين جي اندر ان جي تهه بتهه پيٽ ۾ املهه ۽ جرڪندڙ هيرا.“ (جويو، 1990ع، ص 9) اهڙن املهه هيرن کان عوام کي واقف ڪرائڻ واري خيال سان جويي صاحب سنڌي شاعرن جي هن ٽه مورتي، شاهه، سچل، ساميءَ جي ڪلام ”شاهه جو رسالو“، ”رسالو سچل سرمست“ ۽ ”ساميءَ جا سلوڪ“ جي ٽن جلدن (Trilogy) جي باڪس ۾ بند هڪ گڏيل خصوصي اشاعت شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪيو. ان سلسلي ۾ جويي صاحب اهو ضروري سمجهيو هو ته هنن ٽنهي رسالن جي هن يڪجا اشاعت سان گڏ، سنڌ جي سماج تي گهرو ۽ ديرپا اثر ڇڏيندڙ هنن ٽنهي شاعرن جي شاعريءَ واري پسمنظر جي حوالي سان، ”انهن جي سدا روشن فڪر ۽ پيغامن جو ۽ سنڌي سماج لاءِ ان جي معنيٰ ۽ بنيادي اهميت جو جائزو“ پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي پسمنظر جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ تهذيبي اُٿل پُٿل جو جائزو پيش ڪيو وڃي، اهڙي مواد ڏيڻ سان پڙهندڙن کي هنن ٽنهي شاعرن جي شاعريءَ واري مقصد کي پرکڻ ۽ پروڙڻ ۾ آساني ٿيندي. ان سلسلي ۾ جويو صاحب لکي ٿو: ”مون هن مضمون ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي دور جو هڪ مطالعو پيش ڪيو آهي. ان ۾ مون ان دور سان گڏ، اجمالي طرح، خود ان دور جي پسمنظر طور سنڌي سماج جي تقريباً سڄي تاريخي دور جي سياسي، مذهبي ۽ تهذيبي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. سنڌ جي تاريخ جو اهو هڪ وسيع سماجي پسمنظر آهي جنهن جي روشنيءَ ۾ شاهه سچل ۽ سامي جي شعر جي جامع مقصد ۽ ان جي اهميت کي سمجهي سگهجي ٿو.“(جويو، 1990ع، ص 9)

شاهه، سچل، ساميءَ واري ان ٽمورتيءَ جي اها خصوصي اشاعت جيئن ته 1978ع ۾ شايع ٿي رهي هئي. ان کان اڳ 1977ع ۾ ملڪ سان مارشل لا لڳي چڪي هئي ۽ ان مارشل لا وارين محرڪ قوتن 1976ع ۾ سرڪار هٿان سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ هڪ سؤ ڪتاب ۽ رسالن مٿان بندش وجهرائڻ وارو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو. ان پسمنظر کي خيال ۾ رکندي جويي صاحب جي ”دوستن جو انديشو هو ته اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن هن مهاڳ سان اهو ٽن جلدن وارو ايڊيشن شايع ٿيو ته پڪ ئي پڪ اهو به ضبط ٿي ويندو. انهيءَ خيال سان، پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته ان خصوصي ايڊيشن لاءِ الڳ هڪ سڌو سادو ۽ ننڍو مهاڳ لکيو وڃي ۽ هي مضمون جدا ”ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي.“ اهڙيءَ ريت شاهه، سچل، سامي نالي سان لکيل هن مضمون کي پوءِ الڳ ڪتابي صورت ڏيئي 1978ع ۾ ئي سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت پاران شايع ڪيو ويو، جنهن کي ايتري عوامي موٽ ملي جو، هڪ ئي مهيني ۾ ان جون ٻئي ڇاپي طور ٽي هزار ڪاپيون شايع ڪرايون ويون ۽ هن وقت تائين ان جا ست ڇاپا نڪري چڪا آهن. ڪنهن به سنڌي ڪتاب جي هن وقت تائين اها رڪارڊ ٽوڙ اشاعت آهي، ان کانسواءِ 1997ع ۾ فڪشن هائوس لاهور وارن هن ڪتاب جو اردو ڇاپو ”سندهه کــﻶ شاعر“ عنوان سان پڌرو ڪيو. 2009ع ۾ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ سنڌ هن ڪتاب جو انگريزي  ڇاپو پڻ شايع ڪيو آهي.

(38) ماڻهوءَ جو ڀاڳ:

 

محترم محمد ابراهيم جويو صاحب، مختلف موضوعن ۽ مختلف مضمونن تي وقت بوقت لکندو رهيو آهي. مٿئين عنوان وارو ڪتاب سندس ڪن آڳاٽن تحريرن جو مجموعو آهي، جن ۾ ٻه ننڍا ناٽڪ (آزاديءَ ڏانهن… ۽ هاري ۽ تعليم) پنج ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ اٺ لوڪ ڪهاڻيون ۽ هڪ تاثر کانسواءِ ٻه غزل پڻ شامل آهن.

لوڪ ڪهاڻيون سي به نئين انداز ۾ لکڻ، اهو خود هڪ فن آهي، جنهن ۾ لوڪ جون ڳالهيون، لوڪ جي ٻوليءَ ۽ انداز ۾ لوڪ جي لاءِ ئي لکيون وينديون آهن، جن جي عام ٻولي ۽ انداز ۾ ڪي اهم ۽ خاص ڳالهيون تمثيلي انداز سان ڪيون وينديون آهن. جويي صاحب پڻ ون يونٽ واري گُهٽ ٻُوسٽ جي ماحول ۾ پنهنجي قلم کان اهڙوئي ڪم وٺندي، ڪجهه لوڪ ڪهاڻيون لکيون جيڪي ملڪ جي عام ماڻهوءَ ۽ ٿوري پڙهيل ماڻهوءَ لاءِ افسانن جي انداز ۾ لکيون ويون آهن.“(جويو، 1980ع، ص 3)

اهڙي ئي قسم جون ڳالهيون سندس پاران لکيل ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ (پنج عدد) واري مواد منجهان پڻ ملن ٿيون. هن ڪتاب ۾ شامل 1955ع ۾ ”او سنڌ“ نالي لکيل تاثر منجهان سندس سنڌ سان محبت ۽ اُڪير جو هڪ انمول تاثر ملي ٿو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ کي ماءُ لفظ سان مخاطب ٿيندي، ان جي وڻن ٽڻن، پکي پکڻ، وستي واهڻ جو ذڪر ڪندي، آخر ۾ سوال ڪري ٿو ته:

”تڏهن ٿو آءٌ توکان پڇان!

سنڌ، منهنجي پنهنجي سنڌ!

منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!

ٻڌاءِ……

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇاٿي طلبين؟“

(جويو، 1980ع، ص 206)

هن ڪتاب ۾ شامل هڪ لوڪ ڪهاڻيءَ ”ماڻهوءَ ۽ ماڻهو جو ڀاڳ“ تان ڪتاب جو نالو ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘، رکيو ويو آهي. جنهن جو مرڪزي ڪردار (ماڻهو) هڪ هاري آهي، جيڪو پنهنجي ڀاڳ جو ڳولائو ڏيکاريل آهي ۽ اهو ست سمنڊ پار وڃڻ کان پوءِ به ان نتيجي تي پهچي ٿو ته، ”ڀاڳ مڙس جي هٿن ۾ آهي“ پر اهو هٿن وارو پورهيو به ڪن مخصوص حالتن ۾، ڪنهن لاءِ ڪيترو لاڀائتو ٿئي ٿو. ان ڳالهه کان پڻ آکاڻيءَ جو مصنف پوريءَ ريت واقف آهي ۽ خاص طور تي سنڌ وارين طبقاتي حالتن جي روشنيءَ ۾، ان جي هو ڀلي ڀت پروڙ رکي ٿو. انڪري هو سمجهي ٿو ته ”سنڌ جي غريب جو ڀاڳ هن جي هٿ ۾ هوندي به هن جو ڪونهي.“(جويو، 1980ع، ص 96)

هي ڪتاب سسئي پبليڪيشن سلطان آباد پاران 1980ع ۾ شايع ڪيو ويو.

(39) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي:

 

محترم محمد ابراهيم جويي صاحب پنهنجي ورهين واري ڪيل پورهئي کي ميڙي چونڊي، هڪ سلسلي هيٺ آڻي، پڙهندڙن لاءِ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري پيش ڪرڻ وارو جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو، هيءُ ڪتاب ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي. ان وقت ئي سندس خيال هئو ته ايترو مواد ٽڙيو پکڙيو پيو آهي، جو اهڙيءَ نوعيت وارا چار جلد جڙي سگهن ٿا.

هي ڪتاب مکيه چئن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جو پهريون حصو نيم سياسي نوعيت واري مواد تي مشتمل آهي، ٻئي حصي ۾ انساني برابري، امن ۽ مساوات واري حوالي سان مواد آيل آهي، ٽئين حصي ۾ ادب، خاص طور تي سنڌي ادب، سنڌي صحافت ۽ سماج بابت مواد ملي ٿو. چوٿين حصي ۾ انساني شعور کي بيدار ڪندڙ مشترڪه مواد ڏنل آهي، جيڪو سمورو ترجمي واريءَ شڪل ۾ مختلف جاين تان ترجمو ڪيو ويو هو. هن حصي جي شروعات ۾ جويي صاحب پاران هيٺيون ڏنل ڪئپشن، سندس ڪيل سڄي محنت جو مقصد ۽ نچوڙ معلوم ٿئي ٿو، ”سياست، علم، عقل ۽ سڄو ادب(All Literature) انسان لاءِ آهن، انسان انهن لاءِ نه آهي. انسان جو سمورو فڪر ۽ عمل انسان جي تربيت ۽ ڀلائيءَ لاءِ آهي. انسان جيڪو ٻئي جو ڏک پنهنجو سمجهي ۽ ان لاءِ پنهنجي سک جي قرباني ڏئي.“ (جويو، 1995ع، ص 354)

هيءُ ٽڙيل پکڙيل مواد جنهن جي سهيڙ، چونڊ ۽ ترتيب هادي بخش ڀٽ جي ڪيل آهي، اهو 1995ع ۾ نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي.

(40) ادب ٻولي تعليم

 

محترم محمد ابراهيم جويي طرفان سندس سالن جي ڪيل پورهئي کي يڪجا ڪري، پڙهندڙن تائين پهچائڻ واري ڪوشش، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“ سلسلي جي هيءَ ٻي ڪڙي آهي، جنهن ۾ جويي صاحب پاران ادب ٻولي ۽ تعليم واري حوالي سان ڪي لکيل ايڊيٽوريل، تبصرا، مضمون ۽ مختلف موقعن تي ڪيل تقريرون، جاري ڪيل پڌرناما، پيغام، مطالعا ۽ ڪجهه چيل شعر شامل ڪيا ويا آهن. هيءُ ڪتاب ڇهن ڀاڱن تي مشتمل آهي، ان جي پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ لاءِ لکيل ادارين ۽ ڪجهه ادبي خطن کي شامل ڪيو ويو آهي. ٻيو ڀاڱو ادب بابت آهي. ”جنهن ۾ سنڌي ادبي انجمن حيدرآباد سنڌ، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي جا ۽ ڪي ٻيا جويي صاحب پاران لکيل ادبي پڌرناما، مختلف ادبي ڪانفرنسن ۽ اجتماعن جي موقعي تي پڙهيل صدارتي خطاب ۽ ادب بابت متفرقه مضمون ڏنا ويا آهن.“(جويو، 1998ع، ص 19) ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ ”ٻولي ۽ تعليم“ بابت مواد ڏنل آهي، جنهن ۾ ٻولي ۽ تعليم بابت جويي صاحب جا مختلف مضمون، ادبي محفلن ۾ پڙهيل خطبا، ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻيون لاڳاپيل موضوعن بابت متفرقه لکڻيون شامل ڪيون ويون آهن.“(جويو، 1998ع، ص 19) ”مطالبا ۽ تبصرا“ عنوان واري چوٿين حصي ۾ جويي صاحب پاران مختلف ڪتابن جا لکيل تنقيدي مضمون، مهاڳ ۽ ڪيل ڪي تبصرا شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جو پنجون حصو ”پيغام ۽ شعر“ عنوان هيٺ آهي، جنهن ۾ جويي صاحب جا مختلف تعليمي، علمي تنظيمن ۽ ادبي انجمن ڏانهن موڪليل پيغام ۽ سنت فرئنسز، شيلي، جي.ايم محڪري، سروجني ديوي ۽ نري ورما جي نظمن جي تخليقي سنڌي ترجمن ۽ سندن پنهنجو هڪ طبعزاد اصلوڪو نظم ”او سنڌ!“ آيل آهي. ڪتاب جي ڇهين حصي ۾ جويي صاحب جا ٻه انٽرويو ڏنا ويا آهن.

ڪتاب جي شاعريءَ واري حصي ۾ ”او سنڌ!“ عنوان سان پيش ڪيل شعر هن کان اڳ جويي صاحب جي ڪتاب ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ ۾ پڻ آيل آهي، پر ان جي بنيادي اهميت ۽ افاديت جي مدِنظر هن ڪتاب ۾ اهو شعر ٻيهر ڏنو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد پاران 1998ع ۾ شايع ڪيو ويو.

(41) ڳالهيون ڪتابن جون (جلد پهريون)

 

هيءُ ڪتاب 1947ع کان 1992ع تائين  جويي صاحب پاران مختلف ليکڪن جي لکيل ڪتابن جي مهاڳن تي مشتمل آهي، جيڪي جويي صاحب وقت بوقت پنهنجي لکيل، ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن کانسواءِ، شيخ اياز جي ڪتابن تي لکيا آهن.

ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ شيخ اياز جي نون(9) ڪتابن جا مهاڳ آيل آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ جويي صاحب جي پندرهن ڪتابن جا مهاڳ ڏنا ويا آهن. سنڌي ادب ۾ هن نموني جو هي پهريون تجربو آهي جنهن لاءِ مختلف ماڻهن جا مختلف رايا آهن. هن مواد ۾ جتي جويي صاحب جي ڪتابي خيالن کي يڪجا ڪري هڪ سٺو ڪم ڪيو ويو آهي، اتي اهو پڻ محسوس ٿئي ٿو ته ٻئي ڀاڱي طور ليکڪ جي پنهنجي ئي ڪتابن ۾ (مهاڳ طور) آيل مواد جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اهو مواد ليکڪ جي شايع ٿيل (طبعزاد/ترجمو/ترتيب) ڪتابن جو اڳ ئي حصو آهي، ان راءِ جي به پنهنجي جاءِ تي ڪجهه اهميت آهي، پر ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ پهرئين نمبر تي ”دانهن“ عنوان سان جيڪو مصنف جي ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘ جي مهاڳ ۾ ڏنو ويو آهي، اهو ته سندن ميڙي چونڊي جي چار جلدي اسڪيم جي پهرئين جلد ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ ۾ پڻ پهرئين مضمون طور ڏنو ويو آهي. اهو ورجاءُ ٿي سگهي ٿو ته، ان مهاڳ جي اهميت ۽ افاديت جي مدِنظر ڪيو ويو هجي. بهرحال اهو لڳي عجيب ٿو.

هيءُ ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد پاران 2000ع ۾ شايع ڪيو ويو.

(42) ڳالهيون ڪتابن جون (جلد ٻيو)

 

’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ سلسلي جو هي چوٿون ڪتاب آهي، هن جلد ۾ پڻ پهرين جلد وانگر جويي پاران مختلف اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي لکيل مهاڳن ۽ ڪجهه مضمونن (جيڪي ذڪر ڪيل ڪتابن جي مضمون بابت لکيل/ ترجمو ڪيل آهن). تي مشتمل آهن 358 صفحن تي مشتمل هن جلد 2003-1961ع ۾ جملي 38 ڪتابن بابت لکيل مواد شامل آهي، جنهن کي سنگرام سهيڙي ”سرڳ روپي سنڌ جي سپني جي ساڀيان لاءِ جاکوڙيندڙ مانجهي مرد“ عنوان سان ان جو عاليشان مهاڳ لکي تيار ڪيو آهي.

هن ڀاڱي ۾ شامل ڪتابن جو تعلق جيئن ته علم ادب کانسواءِ فلسفي، تاريخ ۽ انقلابي سرگرمين ۽ آزاديءَ وارين اُمنگن سان آهي، انڪري جويي صاحب پاران انهن جا لکيل هي مهاڳ، صرف رواجي تعارف ڪرائيندڙ ۽ مختصر معلومات ڏيندڙ ڪونه آهن، پر انهن ۾ جويي صاحب وڏي دانائيءَ سان پنهنجي پاران ڪيئي ڏاهپ جا ڏس ڏنا آهن، انڪري هي مواد تعارفيءَ کان وڌيڪ فڪري تخليق وارو درجو رکي ٿو، جيڪو اصل مواد کي وڏو مايدار بنائي ٿو ڇڏي، مثال طور 
محترم يوسف بلوچ پاران لکيل آپ بيتي ”جنم قيدي“ هڪ عام رواجي قيديءَ جي ڪهاڻي آهي، پر جڏهن جويو صاحب ان جو مهاڳ لکي ٿو، تڏهن قيد ۽ آزاديءَ واري فلسفي جي اهميت کي مختصر پر مايدار انداز ۾ شاندار سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو:

”زندگيءَ جي فطرت آهي ته جيستائين به ڪو جاندار ڪنهن بند کي بند سمجهي ٿو، تيستائين ان کي هو ڀڃڻ جي ۽ پاڻ کي اُتان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ان ڪوشش ۾ ڪو ڪامياب ٿئي ٿو يا نه ٿو ٿئي، ان جو زندگيءَ جي انهيءَ فطري عمل يا ردعمل سان واسطو ڪونهي، بند ۽ روڪ جهڙي به آهي، جتي به آهي، ان جي خلاف جُهد زندگيءَ جي تقاضا بلڪ ان جو لازمي شرط آهي، بند ڀڃي آزاد ٿيڻ ۾ ئي زندگي، زندگيءَ جو مرتبو ماڻي ٿي ۽ پنهنجي ميوي ۽ معنيٰ تائين پهچي ٿي.“ (جويو، 2003ع، ص 64)

جويي صاحب پاران اهو بند (غلامي) کي بند سمجهڻ وارو اشارو وڏو وزندار آهي، ڇاڪاڻ ته نامور قوم پرست سياستدان چاچو حفيظ قريشي سنڌي قوم جي ناسمجهي ۽ سنڌ جي غلاميءَ واري صورتحال بابت وڏي ذهني تڪليف وچان دانهن ڪري چوندو هو، ”اسين ويٺا سنڌ جي آزادي جي ڳالهه ڪريون، پر ستم ظريفي ته اها آهي سنڌي ماڻهو اڃا پاڻ کي غلام ئي ڪونه سمجهيو آهي.“

جويي صاحب جي هن مواد ۾ آزادي ۽ غلامي، سجاڳي ۽ انقلاب واري حوالي سان اهڙا ڪيئي نُڪتا نمايان نظر اچن ٿا، جن کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڀاءُ سنگرام پنهنجي لکيل مهاڳ ۾ دنيا اندر سجاڳي آڻيندڙ ۽ انساني ذهن کي بيدار ڪندڙ ڪيترن ئي شاندار ڪتابن جو ذڪر ڪري، اسان کي ان حوالي سان وڏي معلومات ڏني آهي.

هي ڪتاب 2003ع ۾ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت شايع ڪيو هو.

(43) The Betrayal, Sindh Bides, The day for Freedom, vol-I

 

هي ڪتاب جويي صاحب جي اهڙي پورهيي (ليک، خط، ترجما) تي مشتمل آهي، جيڪو پاڻ 1942ع کان وٺي انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪندو پئي رهيو آهي، هي پهريون حصو 1942ع کان 2005ع تائين وارين لکڻين تي مشتمل آهي، جن جو تعلق سنڌ جي سياسي سماجي ۽ فڪري معاملن سان آهي، هن ڀاڱي جو مهاڳ سراج صاحب جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي سنڌي ادبي بورڊ ۾ آڻڻ ۽ سندس هر محاذ تي رهبري ۽ رهنمائي ڪرڻ واري ڄاڻ ڏيڻ کان پوءِ جويي صاحب جي اعليٰ علمي معيار، سنڌ بابت محبت جي ورکا، شيخ اياز کي جديد سنڌ جو اعليٰ ترين شاعر ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ سائين جي.ايم.سيد سان سندس لاڳاپن ظاهر ڪرڻ ۽ انهن جي سهاري، سنڌي ادبي بورڊ جي ميدان تان سنڌي ادب ۽ تايخ جي ميدان ۾ شاندار ڪارناما سرانجام ڏيڻ جو بهترين انداز ۾ اظهار ڪيو آهي البت سراج صاحب جي لکيل مهاڳ ۾ جويي صاحب جي سائين جي.ايم.سيد سان تعلقات جي سلسلي ۾ استعمال ٿيل هيٺين سٽ غور طلب آهي لکي ٿو:

''He (Joyo) has been his (Sayeeds) Speech writer in his Political career''.

سراج صاحب اها سٽ جيڪڏهن سيد جو مواد ترجمو ڪرڻ واري ڳالهه ذهن ۾ رکي لکي آهي ته ٻي ڳالهه آهي، وَرنه اهو سمجهڻ يا تاثر ڏيڻ ته سيد کي جويو صاحب سياسي تقريرون لکي ڏيندو هو، يا سيد کي سندس سياسي تقريرن لاءِ جويو صاحب مواد ڏيندو هو، ته اها ڳالهه صحيح ڪونهي، مون سوڌو، ان ڳالهه جا ڪيترائي ماڻهو گواهه آهن ۽ اهڙو رڪارڊ به سيد جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد صاحب جيڪو مواد تيار ڪندو هو، اهو پڙهڻ يا شايع ڪرائڻ کان اڳ ان جون ٻه ٽي پڙهيون ڪرائي ان ۾ درستيون ڪندو رهندو هو، البت اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته سائين جي.ايم.سيد جي ڪتابن جو جويو صاحب ٺاهه ٺوهه ڪري، شايع ڪرائڻ وارو ڪٺن ڪم سرانجام ڏيندو پئي رهيو آهي.

جويي صاحب جو هي ڪتاب 2005ع ۾ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد شايع ڪيو.

(44) The Betrayal Sindh Bides the day for freedom, vol-II

 

 

هي ڪتاب اڳ ذڪر ڪيل ڀاڱي وانگر مختلف مضمونن، رِويُو، سرڪاري خط و ڪتابت ۽ ٻي خانگي لکپڙهه تي مشتمل ٻيو ڀاڱو آهي، جنهن ۾ 1948ع کان 2005ع تائين جويي صاحب جو انگريزيءَ ۾ لکيل مواد شامل آهي، گويا ڪه هن حصي ۾ جويي صاحب جو سنڌي ادبي بورڊ، تعليم کاتو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ ملازمت واري دور جو رڪارڊ پڻ آيل آهي، جيڪو سندس عملي زندگيءَ جو بنيادي حصو آهي، اهڙي مواد سان گڏ سندس پاران ڪن ڪتابن تي ڪيل رِوِيو ۽ دوستن سان ڪيل لکپڙهه پڻ گڏ ٿيل آهي.

هن ڀاڱي جو مهاڳ جويي صاحب جي هڪ ٻئي ساٿي نورالدين سرڪيءَ لکيو آهي. هي ڪتاب 2005ع ۾ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي حيدرآباد شايع ڪيو.

(45) سنڌ منهنجي خوابن جي

هر غور فڪر ڪندڙ شخص وٽ، پنهنجو پاڻ، پنهنجي ڪٽنب ۽ قوم جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪانه ڪا سوچ ويچار ۽ تعميري تصور هوندا آهن، جن کي روشن مستقبل جا خواب چئجي ٿو. جويو صاحب جيڪو سڄي زندگي سنڌ جي علمي ادبي ۽ ڪنهن حد تائين سياسي تعمير لاءِ پنهنجو فرض پورو ڪندو رهيو آهي، ان وٽ پنهنجي مادرِ وطن سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ ڪي سونهري خواب آهن، جن جي هو پنهنجي لکڻين ۾ جابجا جهلڪ ظاهر ڪندو پئي رهيو آهي.

هي ڪتاب جويي صاحب پاران وقت بوقت لکيل اهڙن علمي، سياسي توڙي سماجي فڪري مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جي ماضيءَ وارن واقعن جي روشنيءَ ۾، ان جي روشن مستقبل جا سونهري خواب نمايان ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪيترن ئي واقعن واري حوالي سان سنڌ جي ڪيس کي سمجهڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا، پر انهن ۾ اوڻائي اها آهي ته اُهي جنهن دور ۾ لکيا ويا، انهن جي نشاندهي ڪانه ڪئي ويئي آهي، ته اهي ڪڏهن جا لکيل آهن، انڪري اڳتي هلي تحقيق ڪندڙن لاءِ تڪليف جو باعث بنجي سگهندا. ٻي ڳالهه اها ته هن ڪتاب ۾ شامل ٽي سياسي مضمون اهڙا آهن، جيڪي جويي صاحب جي ڪتاب ’سڏ پڙاڏو‘ ۾ اڳ ئي آيل آهن، ]اتي انهن جي دورن جي نشاندهي ٿيل آهي[، انهن جو هتي ورجاءُ شايد سنڌ جي سياسي ڪيس کي مضبوط ڪرڻ واري حوالي سان ڪيو ويو هجي.

هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ مواد جي باري ۾ مصنف پاران ڪجهه به لکيل ڪونه آهي، نه وري پبلشر ڪي ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهيا آهن، ڪتاب جو مواد سڀڪجهه پنهنجو پاڻ آهي، هي ڪتاب روشن خيال تعليمي ڪتابي سلسلي هيٺ اداري سي.پي.سي.ايس حيدرآباد 2008ع ۾ شايع ڪيو.

(46) سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

والٽيئر واري ڪتاب ’ڪئنڊيڊ‘ شايع ڪرائڻ واري حوالي سان ان ڳالهه جو ذڪر ٿي آيو آهي ته والٽيئر سان جويي صاحب جي فڪري هم آهنگي هئي، خيالن جي ان هڪجهڙائيءَ سبب جويي صاحب ان کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ ضروري سمجهيو. ان فڪري هڪ جهڙائيءَ جو بنياد، خيالي ۽ تصوراتي سوچن بجاءِ، عقليت پسنديءَ وارن ويچارن کي اهميت ڏيڻ هو. اهي ئي عقليت پسنديءَ وارا ويچار آهن، جن جي پکيڙڻ لاءِ جويو صاحب مختلف حوالن سان ڪوششون ڪندو پئي رهيو آهي، 1984ع ۾ پائلو فريري جي شايع ٿيل ڪتاب ۾ سندس لکيل هيٺيان جملا ڏسو ته ان حوالي سان ڪيڏا ته جاندار ۽ ذهن کي جنجهوڙيندڙ آهي. لکي ٿو:

 

”هر انساني مسئلي، هر تاريخي ۽ هر ڪائناتي ڳالهه لاءِ رڳو ائين چوڻ ته قدرت جو اهو عمل آهي ۽ قدرت ئي پنهنجي مصلحت ڄاڻي ٿي، يا هِن يا هُن ڪنهن ڪتاب ۾ هر انهيءَ ڳالهه يا مسئلي جي سمجهاڻي يا ڏس موجود آهي، ۽ قدرت جي حوالي سان اُن جي اُها سمجهاڻي ۽ اهو ڏس حرف آخر سمجهي، خوش پسندي ۽ خوشدل ٿي ويهڻ، ان کان وڌيڪ غبار آلود، واچوڙائي ۽ هولناڪ شيءِ انساني دنيا لاءِ ٻي ٿي نٿي سگهي.“ (جويو، 1984ع، ص 12)

روشن خياليءَ وارو مٿي ذڪر ڪيل انداز سڄي دنيا ۾ مذهبي انتها پسندن ۽ بنياد پرستن جي ٽڪراءَ ۾ پئي رهيو آهي. جويو صاحب جيڪو سنڌ ۾ اهڙن رجحانن کي پکيڙڻ جو وڏو محرڪ آهي، ان سان پڻ هتان جي مذهب پرستن جو ٽڪراءُ ٿيڻ لازمي هو، ڇاڪاڻ ته اهڙي لاڙي جي مخالفت ڪرڻ ڄڻ هڪ قسم جو مذهبي فريضو تصور ڪيو ويندو آهي. خاص طور تي سنڌ اندر ته اهڙي لاڙي ۽ روشن خياليءَ واري مارڪسي فلسفي خلاف ڪم ڪرڻ ضروري فريضو ظاهر ڪيو پئي ويو آهي، ۽ جويو صاحب جديد سنڌ ۾ مارڪسي فڪر جو وڏو شارح تصور ڪيو پيو وڃي، جنهن مختلف حوالن سان روشن خيالي، سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي لاءِ مارڪسي تصور هيٺ پئي جاکوڙيو آهي، ان حوالي سان پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو:

”مارڪسي فلسفو تقدير پرستي تصوراتي، ڳالهين، مايوس ڪندڙ ويچارن، انسان کي غلام بڻائيندڙ اٽڪلن ۽ اٺسٺن کي بلڪل رد ڪري ٿو، مارڪسي فلسفو ماڻهوءَ جي خوشي، سندس انساني وجود ۾ آزاديءَ کي پنهنجي توجهه جو مرڪز بڻائي ٿو.“ (جويو، 2007ع، ص 44)

مٿي ذڪر ڪيل تصور لاءِ جاکوڙڻ سبب ئي جويي صاحب اهڙي رجحان جي مخالف قوتن جي نشاني تي رهندو پئي آيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو تصوراتي خيالن خلاف آهي ۽ تصوراتي خيال ئي مذهبي ماڻهن جي پٺڀرائي ڪن ٿا، انهن کي سهارو ڏيئي، اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا، انڪري جويي صاحب جو خيال آهي ته:

”جيڪڏهن اسين شاهوڪاريءَ ۽ غربت جي حقيقتن لاءِ تصوراتي (مذهبي) سمجهاڻي قبوليون ٿا ته ان لاءِ اسين فقط اهوئي ڪري سگهون ٿا ته موجوده صورتحال کي تسليم ڪريون، خاص طرح پنهنجي بهتر حالت يا درجي تي خوش ٿيون ۽ ٿورو ڪجهه صدقي، خيرات ۽ زڪوات جي صورت ۾ ڪڍي ٻين ڪن کي ڏيون ۽ وڌيڪ خوش ٿيون.“ (جويو، 2007ع ص 49)

جويي صاحب جون مٿي ذڪر ڪيل ڳالهيون وقت جي ملا کي ڪٿي ٿيون پسند اچن اهڙي صورتحال ۾، جويي صاحب تي به اهڙائي الزام لڳڻا هئا، جهڙا ٻين سچارن تي لڳندا پئي رهيا آهن، اهڙن الزامن کي گڏائي سڏائي محمد موسيٰ ڀٽو هن ريت بيان ڪري ٿو:

”سنڌي سماج ۾ ڏڦيڙ، مارا ماري، ڦُرلٽ اغوا ۽ ٻين اهڙن رجحانن جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ، جويي صاحب واري فڪر جي ڦهلاءَ سبب ٿيو آهي.“

اهڙي نوعيت جي پرچار محمد موسيٰ ڀٽو ۽ ٻيا اهڙا ملا مولوي جويي صاحب خلاف وقت بوقت ڪندا پئي رهيا. آخرڪار جويي صاحب اهڙن مڙني الزامن کي نظر ۾ رکندي ”سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي“ نالي ڪتاب لکي ورتو، جيڪو سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي حيدرآباد پاران 2007ع ۾ شايع ٿيو.

(47) مون ڏات انوکي آندي آ

محمد ابراهيم جويي صاحب ۽ شيخ اياز جا علمي فڪري حوالي سان تعلقات عالم آشڪار آهن. ايتريقدر جو اها ڳالهه پڻ نمايان آهي، ته شيخ اياز کي اردو شاعريءَ کان پري ڪري سنڌيءَ جو وڏو شاعر ظاهر ڪرڻ واري ڊگهي سفر ۾، جنهن ۾ اياز مٿان ڪيئي علمي فڪري حملا پڻ ٿيندا رهيا، اهڙي ماحول ۾ جويو صاحب نه رڳو سندس هم سفر ساٿي رهيو، پر سندس مڙني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ به جويو صاحب وارين قلمي ڪوششن جو وڏو ڪردار آهي.

جويي صاحب جي هن ڪتاب ۾ اهو سمورو مواد موجود آهي، جيڪو شيخ اياز جي مختلف ڪتابن ۾ مهاڳن ۽ سندس حوالي سان مختلف جاين تي ڪيل تقريرن وغيره جي شڪل ۾ شايع ٿيو آهي.

 

جويي صاحب شيخ اياز جي حوالي سان لکيل هن مواد ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي مختلف رنگن بابت جنهن نموني اعليٰ پايي جو اظهار ڪيو آهي ان مان ذڪر ڪيل دور جي علمي توڙي سياسي ماحول جي نمايان طور عڪاسي ٿئي ٿي. ان ڳالهه جي اهميت طرف اشارو ڪندي، ڪتاب جو سهيڙيندڙ، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي هيٺ ذڪر ڪيل راءِ وزندار معلوم ٿئي ٿي، مانجهي صاحب لکي ٿو:

”هن ڪتاب ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جا شيخ اياز جي مختلف ڪتابن تي لکيل مهاڳ، مضمون ۽ تقريرون شامل آهن… سچ پچ اُهي سمورا شاهڪار مهاڳ آهن، اُهي مهاڳ شيخ اياز جي فڪري ۽ فني تشريح به آهن ته تاريخي رڪارڊ به، هنن مهاڳن پڙهڻ سان اياز جي شاعري وڌيڪ نکري ۽ واضح ٿي بيهي ٿي ۽ شاعريءَ جو پس منظر واضح ٿئي ٿو.“ (مانجھي، 2012ع،  ص 12)

شيخ اياز جي باري ۾ لکيل جويي صاحب جي لکڻين تي مشتمل هي ڪتاب کيس 98هين سالگره جي موقعي تي تحفي طور پيش ڪيو ويو، جيڪو ثقافت کاتي جي، ان وقت واري ملازم ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي محنت جو نتيجو آهي، هڪ عالم جي جنم ڏينهن تي پيش ٿيندڙ اهڙي علمي تحفي طرف اشارو ڪندي ثقافت کاتي جي ان وقت وزير محترمه سسئي پليجو لکيو:

”اسان سوچيو ته سندس ]جويي جي[ 98 هين سالگره (13- آگسٽ 2012ع) تي هن ڀيري کيس سکڻيون جنم واڌايون ڏيڻ ۽ گلدستا پيش ڪرڻ بدران ڪا اهڙي ڀيٽا پيش ڪريون جيڪا مختلف هجي سو اسان بهتر سمجهيو ته هن ڀيري سائين ابراهيم جويي صاحب جو ڪتاب شايع ڪري کيس خراج تحسين پيش ڪريون.“ (مانجھي، 2011ع، ص 8)

شيخ اياز بابت جويي صاحب جو لکيل ۽ يڪجا ڪيل، هي ڪتاب اياز جي شاعراڻي اوسر، فڪري ارتقا ۽ انقلابي جاڳرتا جي سلسلي ۾ ڪيل جدوجھد بابت هڪ شاهڪار آهي، هي ڪتاب 2012ع ۾ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ شايع ڪيو.

(48) سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي:

 

خواب باشعور، باذوق ۽ بيدار ذهن جي پيداوار آهي، هر انسان وٽ زندگيءَ جي حوالي پنهنجو پنهنجو آدرش هجي ٿو، اهو ان ئي آدرش بابت سوچي ويچاري ۽ حال سارو جاکوڙيندو رهي ٿو، سندس اها ذهني ولوڙ ئي آهي جيڪا کيس اُتساهي اڳتي وڌائڻ لاءِ همت پيدا ڪرائي ٿي، راتين جي خوابن جي تعبير ڪرڻ وارن جو به اهو خيال آهي ته، جڏهن جيڪو تصور ذهن تي وڌيڪ سوار ٿي وڃي ٿو ته اهو ننڊ ۾ خواب جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو هڪ قسم جو سراپ ئي آهي، تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

جي خواب هجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي.

سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي محبِ وطنن وانگر جويو صاحب سنڌ جي سنوار سڌار ۽ روشن مستقبل بابت سوچيندي ويچاريندي ڪيئي سُندر سپنا پئي ڏنا آهن. هڪ سڄاڻ عالم واري حيثيت ۾ جويي صاحب پنهنجي انهن سپنن جي ساڀيان ٿيڻ واري واٽ جي سنوار واري مقصد جي مدِنظر، وقت بوقت تقريرن ۽ تحريرن وسيلي پڙهندڙن سان پئي ويچار ونڊيا آهن، سندس هي ڪتاب ”سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي“ اهڙن ئي خيالن جو مجموعو آهي جنهن ۾ سنڌ جي سياست، سماجيات ۽ علم و ادب واري حوالي سان ويچار ونڊيل آهن. سُندر سپنا، جيئن ته انسان زندگيءَ جي مختلف دورن ۾ ڏسندو رهندو آهي، انڪري هن مجموعي ۾ به جويي صاحب جو ڪيتروئي اهڙو مواد اهي جيڪو اڳ مختلف وقتن تي سندس ئي ٻين ڪتابن ۾ آيل آهي.

جيتوڻيڪ اها ڳالهه اسان کي عجيب لڳي ٿي، پر هن ڪتاب جي سهيڙ ڪندڙ محسن علي جويو (سندس ڏوهٽو) جيڪو هن آخري عمر ۾ سندس نه رڳو علمي معاملي جو مددگار، پر نگهداشت واري حوالي سان پڻ ڪوشان رهندو آهي، جويي صاحب سان سندس اهڙي ويجهڙائپ ۽ قربت جي مدنظر ائين ٿو محسوس ٿئي ته مسٽر محسن هي مواد جويي جي اڳ لکيل مواد مان چونڊ ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏ ڪجهه تازو اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مواد پڻ شامل ڪيو ويو آهي، پر گهڻائي اڳ مختلف ڪتابن ۾ آيل مواد جي نظر اچي ٿي.

ڪتاب ۾ ورجاءُ ٿيل مواد جا ڪجهه مثال هن ريت آهن:

- برطانوي راڄ هيٺ 1937ع کان 1947ع تائين سنڌ کي مليل خودمختياريءَ تي هڪ نظر (۾) سڏ پڙاڏو سنڌ منهنجي خوابن

- پاڪستان جو ٺهراءُ، جيئن اُهو 3- مارچ 1943ع تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آيو (۾) سڏ پڙاڏو -1854 ۾ هڪ ريڊ انڊين قبيلي سياٽل جي سردار جو آمريڪي صدر جي نالي هڪ خطاب (۾) سڏ پڙاڏو

تِر جي گٿي سنڌ (۾) سڏ پڙاڏو.

هي ڪتاب 2012ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو.

محمد جويي صاحب جي ڪتاب ”ڳالهيون ڪتابن جون“ جي تعارف ۾ جويي صاحب جي زندگي ۾ ڪيل پورهئي جو ذڪر ڪندي جامي چانڊئي لکيو آهي: ”سائين محمد ابراهيم جويو بنيادي طور تي هڪ آدرشي ۽ ترقي پسند اسڪالر ۽ ڪميٽيڊ اديب آهي. هو انهن قلم ڌڻين منجهان آهي، جن سدائين پنهنجي عوام، قوم ۽ مجموعي طور انسانذات لاءِ سوچيو ۽ لوچيو آهي.“ (جويو، 2000ع، ص 4) مون پنهنجي پاران جويي صاحب جن جي ان همه گير سوچ ۽ لوچ واريءَ شخصيت جي هڪ پهلوءَ تي، هيءَ مختصر ڪوشش ڪئي آهي.

ببليوگرافي

(1)          آزاد قاضي، سمنڊ سوجهيائون (مرتب) ڇاپو پهريون، 2004ع جي.ايم.سيد فائونڊيشن ڪراچي.

(2)         آزاد قاضي، لامون تنهن وڻ سنديون، ڇاپو ٽيون، 2003ع، جي.ايم.سيد فائونڊيشن ڪراچي.

(3)         آزاد قاضي، سڏ پڙاڏو، ڇاپو پهريون، 2004ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(4)         ادارو، سنڌي زبان جي بنيادي لغت، 1976ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

(5)         بريخت برٽالٽ، گليلو، مترجم محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون، 1977ع، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ حيدرآباد.

(6)         بلائٽن اينڊ، ٻارن جو مسيح، مترجم محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون 1980ع سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ حيدرآباد.

(7)         پليو ٽارچ، ٻارن جي تعليم، مترجم محمد ابراهيم جويو 1972ع، .............................

(8)         پنهور، ايم.ايڇ، آپ بيتي جڳ بيتي، نظرثاني، محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون، 2008ع، فينڪس بوڪس حيدرآباد.

(9)         پوليزر جارج، فلسفي جو ابتدائي ڪورس، مترجم محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون، 1984ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

(10)     جتوئي، حيدربخش، سنڌي ٻولي ڪراچيءَ ۾ رهندي يا نه؟ مترجم محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون 2010ع باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي اڪيڊمي حيدرآباد.

(11)      جويو، تاج، سٻاجهو ساڃانهوند، محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون 1900ع، ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد

(12)     جويو، محمد ابراهيم، اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم، ڇاپو پهريون، 1985ع، سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد.

(13)     جويو، محمد ابراهيم، املهه هيرو ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، ڇاپو پهريون، 2004ع، نيوفيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد.

(14)     جويو، محمد ابراهيم، ٻولي ادب تعليم، ڇاپو پهريون، 1998ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(15)     جويو، محمد ابراهيم، ٻه لفظ صلاح جا، استادن لاءِ، 1984ع.

(16)     جويو، محمد ابراهيم، پيار، نِبارُ ۽ اُٿاهه، ڇاپو پهريون، 2008ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.

(17)     جويو، محمد ابراهيم، ساميءَ جا سلوڪ، ڇاپو پهريون، 1992ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(18)     جويو، محمد ابراهيم، سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي، ڇاپو پهريون، 2012ع، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.

(19)     جويو، محمد ابراهيم، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري، پهريون ڇاپو، 2007ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.

(20)    جويو، محمد ابراهيم، سنڌ منهنجي خوابن جي، ڇاپو پهريون 2008ع، ادارو سينٽر فار پيس حيدرآباد.

(21)     جويو، محمد ابراهيم، سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي، 2007ع، سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي حيدرآباد.

(22)    جويو، محمد ابراهيم، ماڻهوءَ جو ڀاڳ، ڇاپو پهريون 1980ع سسئي پبليڪيشن سلطان آباد.

(23)    جويو، محمد ابراهيم، شاهه سچل سامي، 1990ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد،

(24)    جويو، محمد ابراهيم، عورتازاد، ڇاپو پهريون، 1983ع، سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد.

(25)    جويو، محمد ابراهيم، ڳالهيون ڪتابن جون، جلد پهريون، ڇاپو پهريون 2000ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(26)    جويو، محمد ابراهيم، ڳالهيون ڪتابن جون، جلد ٻيو، ڇاپو پهريون 2003ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(27)    جويو، محمد ابراهيم، مارئي، مارُو ۽ ملير، ڇاپو پهريون، 2010ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

(28)    جويو، محمد ابراهيم، مُٺ مُٺ موتين جي، ڇاپو پهريون، 1992ع، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.

(29)    جويو، محمد ابراهيم، مون ڏات انوکي آندي آ، ڇاپو پهريون، 2012ع سنڌ ثقافت کاتو سنڌ..

(30)    جويو، محمد ابراهيم، محڪريءَ جا مضمون، ڇاپو پهريون، 1985ع، عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد.

(31)     جويو، محمد ابراهيم، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، ڇاپو پهريون، 1995ع، نئين سنڌ اڪيڊمي ڪراچي.

(32)    چانڊيو، جامي، خط ٻن اديبن جا، ڇاپو پهريون، 1999ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(33)    سنگرام، خط ٻن استادن جا، ڇاپو پهريون، 2002ع، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

(34)    شاهه، غلام مصطفيٰ سيد، پاڪستان جو تعليمي نظام، مترجم محمد ابراهيم جويو/ حبيب الله صديقي، ڇاپو پهريون، 1990ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

(35)    روسو، جي.جي.ايملي عرف تعليم، مترجم محمد ابراهيم جويو، 1950ع، آزاد بڪ ڊيپو حيدرآباد.

(36)    زويگ، اسٽيفن، فڪر جي آزادي، مترجم محمد ابراهيم جويو، 1977ع، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ حيدرآباد.

(37)    فريري پائلو، علم تدريس مظلومن لاءِ، مترجم محمد ابراهيم جويو، 1984ع، عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد.

(38)    گورڪي، آتم ڪهاڻي، مترجم اياز قادري، تصحيح محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون، 1977ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

(39)    لاشاري، ف.م، ادبي گڏجاڻي، ڇاپو پهريون 1982ع سنڌي ادبي سنگت ڪراچي.

(40)    لاکو، غلام محمد، ڳالهيون منهنجي سنڌ جون، 1997ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

(41)     موئر هاورڊ، وحشي جيوت جا نشان، مترجم محمد ابراهيم جويو، 1976ع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

(42)    والٽيئر، ڪئنڊيڊ، مترجم الهرکيو پريو، شمشيرالحيدري، نظرثاني ڇاپو پهريون 1977ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

(43)    هوگارٿ، سي.جي، فرينچ انقلاب، مترجم محمد ابراهيم جويو، ڇاپو پهريون، 1990ع، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.

(44)    نٽشي، بقول زرتشت، مترجم عبدالعزيز قنڌاري، ڇاپو پهريون، 2007ع، روشني پبليڪيشن ڪنديارو.

(45)    Joyo, Mohammad Ibrahim, Save Sindh, Save the Continent Edition Second new Creative, Camunication, Hyderabad.

(46)    Joyo, Mohammad Ibrahim, The Betrayal, Sindh, Bides, The day for Freedom, vol-I, 2005, Sindhi Adiban je co, Apretive Society Hyderabad.

(47)    Joyo, Mohammad Ibrahimm, The Betrayal, Sindh, Bides, The day for Freedom, vol-II, 2005, Sindhi Adiban je co, Apretive Society Hyderabad.

(48)    Mehkri, G.M, On Sindh, Compiled by: Mohammad Ibrahim joyo, 2012, Cultur Depratment Sindh.

(49)    Mehkri, G.M, Sorrows of Sindh Compiled by: Mohammad Ibrahim joyo, 1987, Sindh Friends Circle Hyderabad.

(50)    Mehkri, My Dear joyo ji, Compiled by: M. Ibrahim joyo.

(51)     Sayed, G.M, Sindhu Desh the Case yet to Settle Translated by: Mohammad Ibrahim Joyo, 2010, Indus Acadamy Karachi.

(52)    Sayed, G.M, National Unity, Translated by: Mohammad ibrahim joyo, 1978, Sayed and Sayed Sons, Karachi.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org