پهاڙ جيڏو حوصلو
ڏيندڙ
نياز پنهور
سائين محمد ابراهيم جويو، سنڌ جي سماجي ۽ قومي
شعور جو اهو سج آهي، جنهن جي روشنيءَ جا ڪرڻا، هن
ڌرتي جي ڪنڊڪڙڇ کي منور ڪري چُڪا آهن، جديد سنڌ ۽
جديد سنڌي ادب جي تشڪيل ۽ تعمير جو تصور جويي صاحب
کان سواءِ سوچي ئي نٿو سگهجي، جويي صاحب سنڌ جي
جديد ادب جي صورتگري ڪئي آهي، جنهن جو اعتراف شيخ
اياز کان وٺي سراج، رسول بخش پليجي ۽ علي احمد
بروهيءَ تائين هرهڪ ڪيو آهي. شيخ اياز ته لکيو آهي
ته سندس شعر تي جڏهن جويو صاحب نظر وجهندو آهي ته
کيس پڪ ٿي ويندي آهي ته اُن کي امرتا ملي وئي آهي.
هن بزرگ دانشور سنڌ کي پنجاهه کان مٿي طبعزاد،
ترجمن ۽ ترتيب جي صورت ۾ فڪري ۽ سماجي شعور سان
ڀرپور ڪتاب ڏنا آهن، جن جو سنڌ جي ادبي ۽ فڪري
تاريخ ۾ وڏو ملهه ۽ ماڻ آهي. جويو صاحب اُهو
سٻاجهو شخص آهي، جنهن سنڌ جي پنجن ڇهن ادبي پيڙهين
جي تربيت ڪئي آهي، هن شخص جي عظمت اِها آهي ته هن
وٽ 16 سالن جي ڄمار جو اُسرندڙ نوجوان اديب به
اُها عزت ۽ اُتساهه حاصل ڪري ٿو، جيڪا هو همعصرن ۽
همعمرن کي ڏيندو آهي، مون ته جڏهن به جويي صاحب
سان ملاقات ڪئي آهي ته نه رڳو مون کي ادبي اُتساهه
مليو آهي، پر زندگيءَ ۾ نئون ويساهه ۽ سنڌ سان
نئين وابستگيءَ (Commitment) جو
حوصلو به مليو آهي. جويي صاحب نه رڳو تعليمي ميدان
۾ هڪ عظيم استاد واري حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا
ڪيو آهي، پر ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ پڻ مون جهڙن نون
سيکڙاٽن جي رهنمائي ۽ سرواڻي به ڪئي. ”ڪاوش“ اخبار
سان ته جويي صاحب جي ويجهڙائي ۽ قربت ڪمال جي رهي
آهي، هن اخبار کي هُو پنهنجي اخبار ۽ پنهنجي خوابن
جي ساڀيان سمجهندو آهي. اسان کي جڏهن به جويي صاحب
جو ڪو مضمون ڇپڻ لاءِ ملندو آهي ته نه رڳو علي
صاحب، نه رڳو آءٌ پر، مضمون کي ڪمپوز ڪندڙ ۽ پيسٽ
ڪندڙ نوجوان به اعزاز سمجهندا آهن. جويو صاحب
ادارا ساز شخصيت رهيو آهي، سنڌي ادبي بورڊ کان وٺي
سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت تائين جويي صاحب جو
ڪردار عالم آشڪار آهي. جويي صاحب جو رويو ۽ سڀاءُ
نم جي گهاٽي وڻ جهڙو ڇايه دار رهيو آهي، هن پنهنجي
ڇانوَ ۾ پرساهيندڙ پکين جهڙن نرم مزاج نوجوانن کي
زندگيءَ ۾ پهاڙن جهڙو حوصلو ڏنو آهي ۽ حوصلو حاصل
ڪرڻ بعد کين زندگيءَ جي هر وک تي ڪاميابي ملي آهي،
شال! جويي صاحب جي شفقت، محبت ۽ رهنمائيءَ جو سايو
اسان تي وڏي عرصي لاءِ سلامت رهي!
ٻولي ۽
ڌرتيءَ جي ڪشش ۾ ويڙهيل
محمد ابراهيم جويو
شبنم گل
سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بهتريءَ لاءِ مختلف
وقتن ۾ ڪم ٿيندو رهيو آهي، ڇو ته ٻولي، قوم جي
سڃاڻپ ۽ سگهه آهي، ٻوليءَ جي مڪمل ڄاڻ ۽ ويجهڙائي،
انسان ۾ لچڪ ۽ گهرائي عطا ڪري ٿي، ورثي جي به
ويجهو رهي سگهجي ٿو، ٻولي کي زمين جي اثر کان الڳ
نه ٿو ڪري سگهجي.
زمين تي رهڻ ۽ زمين کي سمجهڻ ٻه مختلف رويا آهن،
ٻئي طرف زميني حالتن ۽ تبديلين کي سمجهڻ بنا
ٻوليءَ جي تت کي نه ٿو محسوس ڪري سگهجي، ساڳيءَ
ريت فطرت ۽ زميني حالتن ۽ تبديلين جو انسان جي
مزاج تي اثر پوي ٿو. سنڌ جو ماحول ۽ موسم معتدل
آهن، هتي نه گهڻيون برساتيون پون ٿيون ۽ نه ئي
گهڻا طوفان اچن ٿا، سموريون موسمون ترتيب جي دائري
۾ هلن ٿيون، هتي دريائن جي گهڻائي آهي، انهن
دريائن جي ڪپن تي رنگا رنگ تهذيبون پروان چڙهن
ٿيون، جنهن جي ڪري ساوڪ ۽ خوشحالي پڻ نظر اچي ٿي.
سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ، معتدل موسم ۽ وسيلن جي
ڪري، سدائين ٻاهريان ماڻهو هن خطي ۾ ڪاهي پيا آهن،
جنهن جي ڪري مقامي ماڻهن جي اندر احساس محرومي،
مستقل ڪيفيت بڻجي وئي آهي.
سنڌ جي آب و هوا تخليقي صلاحيتن کي اُسرڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪري ٿي. سنڌ جا ڪيترا علائقا اهڙا آهن،
جن کي اسان انرجي سينٽر پليس (فطري توانائيءَ سان
ڀرپور علائقا) چئي سگهون ٿا، فينگ شوئي ۽ جيومينسي
زميني حالتن جو جائزو وٺندڙ علم آهن، جيڪي چين ۽
جپان جي قديم تهذيبن جي کوجنا جو نچوڙ آهن، جنهن
مطابق جيڪڏهن ماڻهوءَ جو ذهن پنهنجي زمين جي
توانائيءَ سان هم آهنگ نه آهي، ته هو مثبت سوچ کان
به پري هوندو، ماڻهوءَ کي ذهني ۽ روحاني طاقت زمين
جي ويجهڙائي عطا ڪري ٿي.
سنڌ جي مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي شخصيت ۾ به
ٻولي ۽ زمين جي محبت جي گهرائي محسوس ٿئي ٿي. ماءُ
جنهن زبان ۾ ٻار کي لولي ڏئي ٿي، اها ٻولي پنهنجي
اندر هڪ وڏي ڪشش رکي ٿي. انڪري اڪثر ماڻهن جو خيال
آهي ته ٻار کي ابتدائي تعليم مادري زبان ۾ ڏيڻ
گهرجي. هونئن ته چيو وڃي ٿو ته Bilingual يعني
ٻن زبانن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن ۾ وڌيڪ سياڻپ ۽
سمجهه جو ڏانءُ پيدا ٿئي ٿو، پر اهو ٻار پنهنجي
ثقافتي ورثي کان پري ٿئي ٿو، ڇو ته ٻوليءَ جو
ثقافت سان گهرو رابطو آهي. چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾
ستر کان وڌيڪ زبانون انگريزي جي اثر هيٺ ختم ٿي
چڪيون آهن، ائين ٻن ثقافتن جي ٽڪراءَ سان هڪ ٽيون
بناوٽي ڪلچر پيدا ٿئي ٿو، جيڪو کوکلو ۽ ناپائيدار
آهي، پر دنياوي ڪاميابيءَ جي ضمانت بڻجي ٿو. دنيا
جا ڪيترا ملڪ پنهنجي ثقافتي ورثي جي بي معنيٰ ٿيڻ
تي پريشان آهن، ائين ٻيهر تعليمي نظام کي مادري
زبان ۾ شروع ڪرڻ لاءِ سوچي رهيا آهن، جيئن بناوٽي
۽ ڪاغذي گلن جهڙي نسل مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي.
محسن جويو لکي ٿو ته هڪ ڀيري بابا (جويي صاحب)
امان کي چيو ته ”پاڻ محسن کي سينٽ بوناونچر اسڪول
مان ڪڍي ماڊل اسڪول ۾ داخل ڪريون ته جيئن هو سنڌي
۾ پڙهي سگهي، ائين ٻئي ڏينهن مون کي ماڊل اسڪول ۾
داخل ڪرايائون.“ ابراهيم جويي صاحب جي ڪتاب سان
محبت گهڻي پراڻي آهي، گهر ۾ به ٻارن کي ’ٽم ٽم
ٽانڊاڻا‘، ’گل ڦل‘ ۽ لوڪ ڪهاڻين جا ڪتاب ڏيندا
هئا.
ننڍپڻ ۾ ٻارن کي ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌايا وڃن ٿا، يا
اُهي ٻار پاڻ اهي لوڪ ڪهاڻيون پڙهن ٿا ته سندن
تصوراتي سگهه ۾ اضافو ٿئي ٿو، ٻار جي ذهني اوسر ۾
لوڪ ادب جو وڏو حصو رهيو آهي، سنڌ جي اُها نسل
ذهني طور تي سگهاري هئي، جن وڏڙن کان قصا ۽
ڪهاڻيون ٻڌيون. گڏجي ويهڻ ۽ ويچار ونڊڻ سان ثقافتي
ورثو ۽ ٻوليءَ جو نِج پڻو نسل در نسل منتقل ٿيندو
رهي ٿو. ٻي صورت ۾ اها اجتماعي طاقت جي منتقلي
آهي، جديد دؤر جو ٻار، ان ڪري ذهني طور تي منتشر
آهي، جو هن کي والدين جي قربت جا لمحا ميسر نه
آهن.
ٻوليءَ جي اثر کي قائم رکڻ جو اهم ذريعو ڪتاب به
آهي، انگريزي زبان ۾ دنيا جي مختلف تهذيبن جي لوڪ
ادب جو ترجمو ملي ٿو، پر اسان وٽ والدين جي
لاپرواهيءَ جي ڪري سنڌي ٻار سان وڏي زيادتي ٿي رهي
آهي. سنڌي ٻار لوڪ ادب کي پڙهڻ کان محروم آهي.
اهوئي سبب آهي ته محمد ابراهيم جويي صاحب سدائين
سنڌي ٻوليءَ کي هر زبان تي فوقيت ڏني، ان ڳالهه جو
ذڪر شيخ اياز به پنهنجي ڪتاب ’ساهيوال جي ڊائريءَ‘
۾ ڪيو آهي. جڏهن سندس اردو نظم ٻڌي کيس جويي صاحب
چيو ته ”اياز، توکي مان وري به چوان ٿو ته تون
پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين، تون پنهنجيءَ
ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌي زبان ۾ پهچائي
سگهين ٿو.“ مون ابراهيم جويي کي ڏک مان ڏسي چيو هو
”پر توکان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير
آهي؟“ ان تي ابراهيم جويي سختيءَ سان چيو هو ”اسان
ٻه ڪافي آهيون، اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي
سگهون ٿا.“
جيئن ماضيءَ ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن اردو، فارسي ۽
عربيءَ ۾ شعر چيا آهن. حضرت سچل سرمسترحه مختلف
زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي، انڪري خيال مختلف زبانن ۾
ورهائجي ويو آهي. پر ساڳئي وقت شاهه عبداللطيف
ڀٽائيرحه فقط
شاعري سنڌي زبان ۾ ڪئي. زبان جي وحدت سندس خيال کي
لازوال سونهن بخشي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻي
وسعت آهي، لفظن جو اڻ کٽ خزانو فڪر کي خيال جي
گهرائي ۽ معنيٰ جا مختلف رنگ عطا ڪري ٿو. خوبصورت
ٻولي، لاشعور جي تسلسل جو اظهار ٿئي ٿي. خيال جي
بلندي اظهار کي دائمي احساس عطا ڪري ٿي. جذبي جو
اُتم هجڻ، اظهار جي اصلي سگهه آهي.
جويي صاحب پنهنجي زندگي سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ
پاڻ پتوڙيندي گذاري. سندس راءِ مطابق ”سنڌي، پشتو،
بلوچي ۽ پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي پرائمري
تعليم، سندن مادري ٻولين ۾ ڏيڻ گهرجي. اولهه
پاڪستان ۾ خاص ڪري سنڌي ٻولي اڳ ۾ سؤ سالن کان به
مٿي، پنهنجي ايراضيءَ ۾ سرڪاري ٻولي رهي آهي، ان
ڪري ان کي سنڌ ۾ سرڪاري زبان جو رُتبو ڏيئي، ملڪ
جي دستور ۾ تسليم ڪيو وڃي“، پر اڄ ڏينهن تائين اهو
خواب تعبير نه ماڻي سگهيو آهي.
اردو قومي زبان آهي، جڏهن ته انگريزي سرڪاري طور
تي لکپڙهه لاءِ استعمال ٿئي ٿي، انڪري سنڌيءَ کي
ٻنهي زبانن کان خطرو آهي. شهر جو سنڌي ٻار،
انگريزي ميڊيم ۾ تعليم حاصل ڪري ٿو. انگريزي ميڊيم
اسڪولن ۾ انگريزي کان پوءِ، اردو زبان کي اهميت
حاصل آهي، انڪري سنڌي ٻار به اردو ۾ ڳالهائين ٿا.
خانگي اسڪولن مان نڪرندڙ سنڌي آفيسر انگريزي ۽
اردو ڳالهائين ٿا. جڏهن ته سنڌ جا اڪثر ٻهراڙي
توڙي شهرن جا غريب ۽ لوئر مڊل ڪلاس ٻار، سرڪاري
اسڪولن ۾ تعليم پرائين ٿا، جنهن جي ڪري سماج ٻٽي
روين ۽ طبقاتي اوچ نيچ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اهوئي
سبب آهي ته معاشرتي معيار جو توازن برقرار رکڻ
لاءِ جويو صاحب مادري زبان کي ٻين زبانن تي فوقيت
ڏئي ٿو، جيئن سماج م اجتماعي هڪجهڙائي قائم رهي.
ائين عام ماڻهو ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي حوالي سان پنهنجي
فرض کان غافل نه ٿي سگهي.
سنڌي ٻوليءَ کي سدائين مسئلا درپيش رهيا آهن، هڪ
ته ٻوليءَ جي بقا جو مسئلو آهي، ٻيو ٻوليءَ جو
صحيح استعمال ڪرڻ آهي. ادبي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه
لاءِ به محمد ابراهيم جويي صاحب وڏي جاکوڙ ڪئي
آهي. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا
سيڪريٽري رهيا آهن. مهراڻ رسالي کي سنڀالڻ دوران،
هن سنڌ جا ڪيترا ڪهاڻيڪار ۽ اديب متعارف ڪرايا.
مهراڻ ڇپيل سندس ايڊيٽوريل به ٻولي ۽ موضوع جي
اعتبار سان بهترين هوندا هئا. جهڙي نموني جويي
صاحب مهراڻ ۾ ڇپجندڙ تحريرن جي ٻولي ايڊٽ ڪندا
هئا، ان سان ٻولي جي بيهڪ، گهاڙيٽي ۽ نواڻ ۾ وڏي
پيش رفت ٿي. ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وڏي
محنت ڪرڻي پوي ٿي.
اڄڪلهه اديب ٻوليءَ تي محنت نه ٿا ڪن، لکت ۾ ايندڙ
ٻوليءَ جو گرامر، جملي جي بيهڪ ۽ خيال جي گهرائي
وڏي معنيٰ رکن ٿا، جيڪا ٻولي اسان ڳالهايون ٿا،
اُها تحرير ۾ ڪتب ايندڙ ٻوليءَ کان مختلف ٿئي ٿي.
گفتگو ۾ وڌاءُ به ٿئي ٿو ۽ خيالن ۾ تسلسل پڻ مشڪل
سان قائم رکي سگهي ٿو، پوءِ اها ساڳي ڪيفيت لکڻين
۾ به ظاهر ٿئي ٿي. گفتگو ۾ اختصار ۽ ڪامليت آهي،
ته تحرير ۾ به اهو اثر نمايان نظر ايندو. گفتگو يا
تحرير ٻنهي کي مشق جي ضرورت ٿئي ٿي. جويي صاحب کي
ٻنهي ۾ مهارت حاصل آهي. ڪابه مهارت جدوجهد ۽ جاکوڙ
کان سواءِ حاصل نه ٿي ٿئي. انسان پنهنجي مقصد ۾
سچو ۽ واضح آهي ته هو مهانتا حاصل ڪري ٿو، اعليٰ
رتبو تڏهن ملي ٿو، جڏهن انسان ذاتي مفاد کان
بالاتر ٿي، پنهنجي قوم جي فلاح و بهبود لاءِ
پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي ٿو.
ٻولي، اظهار جو مؤثر ذريعو ٿئي ٿي، گفتگوءَ جو
معيار ئي زندگيءَ جو معيار بلند ڪري ٿو. ساڳيءَ
ريت لکڻيءَ جو معيار، سماج ۾ وڏي تبديلي آڻي ٿو.
جويي صاحب ٻولي ۽ سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ مسلسل
سالن کان لکندا رهيا آهن. اهي لکڻيون ذاتي مشاهدي
جي بنياد تي منطقي دليلن سان ڀرپور آهن. حقيقت
پسندي، ذاتي تجزيو ۽ منطقي سوچ، تحرير جي تاثر کي
ڀرپور بڻائي ٿي، پاڻ انگريزي ادب جا ڪتاب سنڌي ۾
ترجمو ڪري، سنڌي پڙهندڙن کي ٻاهرين دنيا کان
روشناس ڪرايو آهي. ان حوالي سان سندن مطالعو بيحد
وسيع آهي، جنهن جو اثر سندن تحريرن ۾ جابجاءِ
محسوس ٿئي ٿو. تخليقي سفر ۾ مطالعي جي تمام گهڻي
اهميت ٿئي ٿي. مطالعي جي وسعت ليکڪ جي ٻوليءَ تي
به اثرانداز ٿئي ٿي. ائين ٻوليءَ ۾ سونهن ۽ نواڻ
پيدا ٿئي ٿي.
شيخ اياز جي ٻولي منفرد ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ انڪري
آهي، جو هن تخليق کي وهندڙ پاڻيءَ جيان محسوس ڪيو
آهي. تخليق جو اهو وهڪرو ڪٿي به يڪسانيت جو شڪار
نه ٿو ٿئي. ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي وسيع مطالعي پڻ
شيخ اياز جي ٻوليءَ جي خيال کي نواڻ عطا ڪئي آهي.
ان تسلسل ۾ پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، سراج الحق ميمڻ، علامه آءِ.آءِ. قاضيءَ جو
نمايان ڪم ٿيل آهي، 1938ع ۾ سنڌ مدرسي جو استاد
مقرر ٿين بعد جويي صاحب شاگردن جي فڪري، شعوري ۽
تخليقي اوسر ڪرڻ شروع ڪئي. هن شاگردن جي ٻوليءَ کي
اجارڻ لاءِ کين تمام گهڻو اُتساهيو، ڇو ته کيس خبر
هئي ته ٻولي سماج ۾ رهندڙ مختلف طبقن جي ترجمان
آهي، جيڪا سماجي رابطي جو ذريعو پڻ آهي.
محمد ابراهيم جويي صاحب جي خاص ڳالهه اها آهي ته
هو تعميري سوچ رکندڙ ماڻهوءَ کي تمام گهڻو ساراهي
ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هو نون لکندڙن جي
نالن ۽ ڪم کان بخوبي واقف آهي. سنڌي نثر، شاعريءَ
جي ماضي ۽ حال تي سندس گهري نظر آهي. سندس عمر جي
نوانوي سالن جي پڄاڻي جي موقعي تي، سنڌ جا مهان
اديب سندس گهر تي گڏ ٿيا. مون ان وقت هڪ صديءَ جي
طاقت ۽ مثبت ڌارا کي انهن لمحن ۾ محسوس ڪيو. چيو
وڃي ٿو ته وقت هڪ پُرفريب خيال آهي، وقت جي حقيقت
تيزيءَ سان بدلجي ٿي. وقت ساڳئي ريت انساني
زندگيءَ جو رقيب پڻ آهي، ڇو ته مستقل تبديل ٿيندو
رهي ٿو. انسان جي زندگيءَ جون خوبصورت ساعتون به
پاڻ سان گڏ کڻي وڃي ٿو.
جويي صاحب جي سالگرهه جي موقعي تي ان وقت مون کي
اهو احساس ٿيو ته وقت سان فقط اهو ماڻهو دوستي ڪري
سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي زمين جي ڪشش کي دل جي
گهرائيءَ سان محسوس ڪري ٿو. پوءِ وقت به کيس مايوس
نه ٿو ڪري. وقت سان ويجهڙائي ان ماڻهوءَ کي نصيب
ٿئي ٿي، جنهن جو ذهن سانتيڪو، پُرسڪون ۽ وقت جي
اهميت کي سمجهي ٿو. وقت جي بدلجندڙ تقاضا کي محسوس
ڪري، ان مطابق هلڻ ڪامياب سوچ آهي. هونئن گهڻو ڪري
ائين ٿيندو آهي ته وقت گهڻو اڳتي نڪري ويندو آهي،
پر زندگي ۽ نظريا وقت سان ساٿ ڏيئي نه سگهندا آهن.
جنهن جي ڪري ماحول ۾ تڪڙي تبديلي نه اچي سگهندي
آهي. وقت سان گڏ نه هلڻ ڪري ٻٽا رويا جنم وٺن ٿا.
جويي صاحب اهڙن روين جي خلاف لکيو آهي. حقيقت اها
آهي ته اهڙن ماڻهن جي در تي وقت به سلامي ٿئي ٿو،
جيڪي پنهنجي مقصد ۽ ڌرتيءَ سان سدائين سچا آهن.
مان ۽ اشتياق انصاري پنهنجي ٻارن- عرصم ۽ عرين کي
جويي صاحب سان ملائڻ لاءِ سندن گهر وٺي ويندا
آهيون. ڇو ته اسان کي پنهنجي نسلن کي انهن ڏات
ڌڻين جي باري ۾ ٻڌائڻ گهرجي، جن سنڌ جي نه ڄاڻ ته
ڪيترن نسلن جي ذهنن کي اُجاريو آهي.
هُو نقش پا-
مان خاڪِ پا
( 1 )
نصير مرزا
آءُ ڀانئيان ته، محمد ابراهيم جويو صاحب،
سنڌ جو هڪ رِشي ۽ آدرشي انسان آهي.
۽ هيڏانهن آئون!؟
پنهنجيءَ ٺاهيل يُوٽوپيا ۾ رهندڙ، بي خيال
۽ بي ڌيان: ’شاعر‘ ۽ ’نثرنگار‘!
يعني هُو مفڪر، آءُ بي فڪر. هُو منظم، آءُ
ڇڙو ڇر. هُو استاد ، آءُ بي استاد. سوچَ ۽ عمل ۾
هُو بيباڪ، آءُ روماني ۽ غمناڪ. هُو صاحبِ حال ۽
آءُ مُنڌل ۽ بيحال. هُو قلم ڪار، غير معمولي، آءُ
ليکڪ معمولي. هُو عالم، آءُ بي علم؛ هُو باخبر،
آءُ بي خبر؛ هُو نقشِ پا ، ۽ آءُ خاڪِ پا !
اِجهو اهڙي ’مهان انسان‘ سان، منهنجي
مُحبت به رهي آهي ۽ صحبت به!
۽ ڪيترائي ادبي سفر به ، مون هُن سان گڏ
جي ڪيا آهن، ۽ ڪيترين ئي مِيٽنگن ۾، مون کي هُن
سان گڏ اُٿڻ ويهڻ جو موقعو به ميسر ٿيو آهي. (۽
اِهي منهنجا ڀاڳ.)
جويو صاحب ڏسڻ ۾ نفيس انسان ۽ سڀاوَ ۾
بظاهر نرم... گهٽ ڳالهائڻ ۽ گهڻو ٻُڌڻ اورو.... پر
ڪنهن اختلافي مسئلي تي ڳالهائڻ وقت خبر پوندي آهي،
ساڻس اختلاف رکڻ ، سولو ڪم ڪونهي.
ڪيترين ئي ميٽنگن ۾، چاهيندو به آهيان ته،
ساڻس اختلاف ڪريان، پر همٿ ئي نه ڪري سگهندو
آهيان. هُن جي دهشت مون تي ايتري ته آهي، جو هُن
جي آڏو چَپَ ، گهٽ ئي چوري سگهندو آهيان.
ڪڏهن همٿ ڪري ڳالهائيندو به آهيان، ته
لڳندو اٿم: شايد غلط پيو ڳالهايان.
ننڍي وڏي کي، عاقلَ جاهل کي غور سان ٻُڌڻ
جويي صاحب جي عادت آهي. هُن سان جيڪو به، ۽ جيترو
به ڳالهائيندو آهي، اُن کي هُو ڌيان سان ٻُڌندو
رهندو آهي. وچ وچ ۾، گفتگوءَ جي دوران، ڪنهن ڪنهن
وقت، مُرڪ سان موٽ ڀي پيو ڏيندو آهي.
ڊگهي گفتگوءَ ڪرڻ دوران، هُو جڏهن وچ وچ
۾ خاص ڪري منهنجي ڳالهه ٻولهه دوران مُرڪي موٽ
ڏيندو اٿم، تڏهن لڳندو اٿم، هُو منهنجي
’بي عقليءَ‘ تي Smile پيو
ڏئي.
حاضر دَور جي آءُ ڪيترن ئي هاڪارن ليکڪن ۽
دانشورن کي ذاتي طرح سان سڃاڻان. اسٽيج تي بيهي
ڳالهائيندا آهن، ته لڳندو اٿم رڳو ڳالهائين پيا،
سوچين ڪونه پيا. اُن جي اُبتڙ.... باوجود اِن جي،
جو جويو صاحب اَسي Cross ڪري
چُڪو آهي، اسٽيج تي يا روبرو ڳالهه ڪرڻ وقت، هُن
جوموقف واضح، لهجو چِٽو ۽ مقصد to
the point هوندو
آهي.
غالباً جويو صاحب اٺاسي ورهين جو ٿي چُڪو
آهي، پر اٺاسي ورهيه ته، هُن جي صرف جنم کي ٿيا
آهن يا هن جي جسم تي ايترا سورج لٿا چڙهيا آهن. ۽
هُن جو روح، هُن جي همٿ، هن جا جذبا ته.... اڄ به
جوان آهن بلڪه نوجوان
هن سان گڏ يا هُن جي آسپاس پيدا ٿيل وڻ،
برابر ته ، پوڙها ٿي، جُهڪي جُهور ٿي چُڪا هوندا،
پر جنهن ڌرتيءَ تي هُن جنم ورتو آهي، اُن جي Cause (مقصد)
۽ خوشحاليءَ ڀريي خواب جي ساڀيا جي حاصلات تائين،
هي شخص: محمد ابراهيم جويو ، جنهن جو نالو آهي،
’نه جُهڪڻو آهي ۽ نه مَرڻو!‘
جنهن جي لاءِ، هي ’سنڌ‘ يعني ڌرتي....
سندس هي جنم ڀومي.... ’ڪاشِي‘ به آهي، ته
’مٿرا‘به...
دين به ، ته ڌرم به عشق به، ته ايمان به...
اسان جو لطيفُ ، جي سنڌ آهي ته شيخ
اياز، وري اُن سنڌ جي ’جند‘ آهي، ۽ اُنهن ٻنهي سان
محبت جو سبق ، جويي صاحب ئي اسان کي ڏنو آهي.
ڪو مڃي يا نه...! اِهو هتي آءُ ٿو
چوان.... ته قليچ جي ’نثر‘، اياز جي ’شعر‘ ۽ جويي
صاحب جي ’فڪر‘ کي، چند گهڙين جي لاءِ ، سنڌي ادب
کان ڌار ڪري ڏسو....
’چؤ طرف رڳوڪاريءَ وارا ڪکَ اڏامندي نظر ايندا.‘
نٿو ڄاڻان.... لطيف سرڪار ڪهڙيءَ عظيم
شخصيت جي ’شبيهه مبارڪ‘ ڏسڻ وقت هيءَ امر سِٽ چپن
۾ چئي هوندي.... آءُ ته بهرحال جويي صاحب لاءِ ئي
هتي اُها لکندس:
’مون سي ڏٺا ماءِ ، جنين ڏٺو پرينءَ کي!‘
ڊگهي عبادت ۽ سجده ريزيءَ جو نشان،
عبادت گذار جي پيشانيءَ تي چٽو نظر ايندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي، ادب- نراڙ تي، روشن خياليءَ ۽
جويي صاحب جو فِڪري رياضت جي ’ڇاپ‘ ڪنهن کي ڏسڻي
هجي ، ته ويهين صديءَ جي پوئين اڌ کان پوءَ لکجندڙ
سنڌي ادب کي هُو مُلاحظه ڪري سگهي ٿو.
سنڌي مرثيي جو محترم شاعر مير حسن علي خان
فرمائيندو هو:
آءُ عبادت ڪندو آهيان: ڇهه وقت!
پنج وقت، ڌڻي تعاليٰ جي ۽ ڇهين وقت: ’اهلِ
بيت اطهار جي‘
’سنڌ دوست‘ محمد ابراهيم جويي صاحب جي
عبادت جا ڇهه ئي وقت، ’سنڌ پرستيءَ‘... لاءِ وقف
آهن. گويا، هن جي لاءِ
اِها سنڌ ڪعبو به، ڪاشِي به آ،
چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن،
اِنهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا،
اِنهيءَ سان اسان جو انوکو وچن.
(اياز)
سنڌ کي ڪعبو ۽ ڪاشي ڄاڻندڙ جويو صاحب، هن
ملڪ ۾ انقلابي سوچ رکندڙ کاٻي ڌر جو دانشور ليکبو
آهي، ۽ اِن حوالي سان ، پنهنجي فڪري تحريرن ذريعي،
هن سدائين لال گُلال شعلن تي ئي پئي پير رکيا آهن.
ايوب آمريت خلاف احتجاج، ون يونٽ مخالفت،
ايم.آر.ڊي جي حمايت.... ڪالا باغ ڊيم ۽
ٿل ڪئنال خلاف احتجاج ۽ اهڙن سڀني زمانن ۾، جويي
صاحب سدائين ’اناالحق‘ جو نعرو پئي بلند ڪيو آهي ۽
سدائين شعلن ۾ ئي پئي هٿ وڌا آهن. موٽ ۾ هن جي
فڪري ۽ نظر ياتي مخالفن، سدائين هُن لاءِ... ڪيئي
آڙاهه به پئي تيار ڪرايا هوندا، پر جويو صاحب اهڙن
آڙاهن مان سدائين گل و گلزار ٿي پئي لنگهي ويو
هوندو.
اِهو ٻيو ڪجهه هجي يا نه! حضرت ابراهيم جي
نالي پويان، سندس نالي محمد ابراهيم هجڻ سبب ئي
ٿيو آهي.
سوچيان ٿو ته، حيران ٿو ٿيان.... 1978ع ۾
اڃا ڪو مون کي سڃاڻندو به ڪونه هو ۽ آءَ هڪڙو
نوجوان ڇوڪرو ۽ اُڀرندڙ شاعر هئس، ۽ ڪابه ذاتي
واقفيت نه هجڻ جي باوجود ، جويي صاحب مون تي وڏا
وڙ ڪري ڇڏيا، ۽ اهڙا ٿورا، جيڪي ڳائي ته سگهان ٿو
، البت لاهي ڪڏهن نٿو سگهان.
۽ اِها ڳالهه جيڪا هتي ڪرڻ چاهيان ٿو، 1978ع
جي آهي، جنهن وقت شيخ اياز صاحبُ، سنڌ يونيورسٽيءَ
جو وائيس چانسلر هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ’صحافت‘
جو شعبو نئون نئون کُليو هو. پنهنجي محترم سائين
ءَ نثار حسينيءَ جي صلاح سان، مون به اُن ۾ داخلا
وٺڻ ٿي چاهي، ۽ آءُ! جيڪو سدا جو سُست، اڄ نه
سڀاڻي جو قائل.... جنهن ڏينهن، يونيورسٽيءَ ۾
داخلا لاءِ اُتي پهتس، خبر پئي، ايڊميشنس فِنشڊ.
هاڻي ڇاڪريان !؟
لامحاله شيخ اياز جي بهترين دوستَ، محمد
ابراهيم جويي صاحب جو در وڃي کڙ ڪايم.
جويو صاحب، نه فقط S.E.II گڏجي
مون سان هليو ، پر بنا ليٽ فيءَ جي داخلا به وٺي
ڏنائين ، ۽ اڄ هي اِن ئي ايم.اي جو نتيجو آهي، جو
مون کي ’صحافت‘ جي شعبي وارن، نه فقط فرسٽ پوزيشن
ڏني، پر بعد ۾ اِن ئي ڊگريءَ آڌار، ريديو ۾ آءٌ
پروڊيوسر ٿيس ۽ هن وقت پروگرام مئنيجر بڻيو ويٺو
آهيان:
محمد ابراهيم جويي صاحب، ۽ برٽرينڊر سل
سان گڏ، اردو دنيا جو منفرد دانشور پروفيسر ڪرار
حسين صاحب (جيڪو پنهنجيءَ ذات ۾ ڪنهن وقت خاڪسار،
ڪنهن وقت ڪميونسٽ، ڪنهن وقت صُوفي ۽ شيعو رهيو)
منهنجا آئيڊيل پئي رهيا آهن. جويي صاحب جو آئيڊيل
وري ايم. اين راءِ آهي. پروفيسر ڪرار صاحب چوندو
هيو: ’هڪ انتها ڪميونسٽ آهي ۽ ٻي انتها صوفي‘ ۽
آءُ اُنهن ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.‘
محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي مسلڪ ۾ Clear آهي،
۽ ڳالهه صاف آهي ته ، هُو صوفي منش دانشور ڪونهي.
ها سنڌ جي ڪِن انقلابي صوفين لاءِ مون هُن جي دل ۽
تحريرن ۾ ، نرم گوشو البته ضرور ڏٺو آهي. جويو
صاحب ، سنڌ پرست ، قوم پرست ۽ ادب ۾ روشن خيال فڪر
جو علمبردار آهي، جنهن وٽ فڪر ۽ قلم جي اهميت
’عَلم‘ واري آهي. جويو صاحب رڳو خواب ڏيکاريندڙ
رهبر ڪونهي، آجپي ۽ خواب جي تعبير لاءِ جدوجهد ،
هن جو واضح مسلڪ آهي.
نٿو ڀانئيان ته، هُن حڪمت عملي جوڙڻ بنا،
ڪڏهن ڪو ڪم ڪيو هوندو. ادبي بورڊ.... سائين جي.
ايم. سيد جو خواب هو ۽ وقت گواهه آهي ته، اِن خواب
کي ساڀيا ڏيندڙ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اڏيندڙ، صرف ۽
صرف محمد ابراهيم جويو آهي.
اڄ پنهنجن پروان جا ڏنل ڏُک، هُن کي ضرور
جهوريندا هوندا، پر ڀانيان ٿو ته، کيس ڪجهه نه
هوندو ته: ’فقط ڪو داغِ ندامت‘!
سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، تعليم ۽ سنڌ جي حقن جي
حاصلات لاءِ، هڪ واضح ۽ چِٽو مؤقف رکڻ سبب جويو
صاحب، خاص طرح سان، ڪن باغي نوجوان ڪالم نگارن جي
تنقيد جو نشانو به رهندو پيو اچي.
۽ ڀانيان ٿو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي
چنبي ۾ اچي، ’پاڻ کي‘ ناراض نسل سمجهندڙن ۾ ،
شخصيت جي احترام، ڪمٽمينٽ جي اهميت ۽ رهبرن کي
آئيڊيالائيذ ڪرڻ جو ادراڪ رهيو ئي ڪونهي!
پراڻي ۽ ’ماسٽر مائنڊ‘ نسل وٽ، سنڌ جي
مستقبل جي لاءِ ،ڪهڙا ’تحفظات‘ آهن، ڪهڙيون ڳڻتيون
۽ اونا آهن. نئون نسل ، نه اُن کان آگاهه ٿيڻ چاهي
ٿو ۽ نه ان جو قائل بنجڻ چاهي ٿو.
پرنٽ ميڊيا، خاص ڪري سنڌي پريس اڄڪلهه
’اکر وڪڻندڙ‘ انڊسٽري بنجندي پيئي وڃي. جڏهن ته
محمد ابراهيم جويي ۽ سندس همعصر ٽهيءَ جاچار سڄڻ،
اکر جي حُرمت، اهميت ۽ پرنٽنگ پريس کي قوم،
ٻوليءَ، ۽ ڪلچر جي محافظ طور، نه فقط هٿيار طور
استعمال پئي ڪيو آهي، پر اڃا به ڪرڻ جي جدوجهد ۾
رڌُل آهي.
جويي صاحب جو خيال آهي، ته سماج ۾ اديب جو
هڪ رول لازمي آهي ۽ جي هي سماج جسم آهي، ته ادب کي
اُن جو روح هجڻ گهرجي.
جويي صاحب جون تحريرون بلاشبه روح جي رڙ
وانگر آهن. هُن جي سوچ انقلابي، پر اظهار مفڪرانه،
ڪنهن استاد ۽ سُونهين وارو آهي. هلڪي هلڪي ٻارڻ کي
جهڙو ’تاءُ‘ هوندو آهي، جويي صاحب جي نثري اسلوب
کي، اهڙوئي تاثر آهي.
جويي صاحب کي ڌڻي تعاليٰ وڏي حياتي ڏئي.
پر گوتم چيو هو: ’اِها ڪيڏي نه وڏي ٽرئجڊي آهي، ته
آخرڪار اسان کي مرڻو به آهي.‘
ڇا هن وقت محمد ابراهيم جويي صاحب جهڙو ڪو
ٻيو مخلص سنڌي بزرگ، مفڪر ۽ دانشور سنڌ ۾ موجود
آهي؟
جواب آهي ته: ’نه‘
جويو صاحب پنهنجي انداز جو هن وقت سنڌ ۾
اڪيلو دانشور آهي ، ۽ برابر ته هن جا فڪري شاگرد
هن جي آسپاس موجود آهن، پر جويي صاحب جهڙي خُوءَ ۽
خوشبوءِ انهن ۾ ڪٿي!؟ ڪو زمانو هو جو.... سائين
جي.ايم.سيد، حيدر بخش جتوئي، غلام مصطفيٰ شاهه،
پير حسام الدين شاهه راشدي، شيخ اياز.... ۽ محمد
ابراهيم جويو صاحب انهن سڀني جي ’سونهن سٽاوَ‘ ۾،
پنهنجي هڪ ڌار روشنيءَ سان مَرڪيو پيو مرڪندو هو.
پر هاڻي؟ حاضر دور ۾، ڪڏهن ڪڏهن جويي صاحب
کي ڏسي، لڳندو اٿم: هُو ’Isolate‘
آهي، اڪيلو بنجي ويو آهي، پر باوجود اِن جي ، مون
هن عظيم انسان کي نااُميد ڪڏهن به ناهي ڏٺو.
شمشيرالحيدريءَ جي پهرئين شعري مجموعي
’لاٽ‘ تي تبصرو ڪندي، هُن 1961ع ۾ لکيو هو:
’اُهو وقت پري ڪونهي ، جڏهن اسان جي ادب جو
سج! پنهنجي سموري آب ۽ تاب ، جاهه ۽ جلال سان
اُڀري مٿي ايندو.‘
۽ شيخ اياز صاحب، هُن جي اهڙي ئي ’پُراميد‘ آواز
سان، آواز ملائيندي اجهو هيٺين جيڪا امر سٽ لکي
هئي؛
اهڙو ڏينهن به ايندو.....
جويو صاحب جي فڪري جدوجهد ۽ سنڌ جي آجپي لاءِ ڪيل
جاکوڙ جي پس منظر ۾، انهن ٻنهي مهان انسانن جي
اهڙن پُراُميد آوازن سان، اسان جو آواز به اڄ هر
حالت ۾ گڏءِ، شامل سمجهو وڃي ته:
اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي،
اهڙو ڏينهن به ايندو!
* * *
(2)
Save Sindh… Save Sindh
مقصد ۽ نظريو- جويي صاحب جي وجود جا ٻه روشن مينار
آهن، ’لائيٽ هائوسز‘. نظريو رکڻ هر ماڻهو جو حق
آهي (۽ ڪو جي بي نظريه آهي ته اهو به ڄڻ ان شخص
جو نظريو ئي سمجهڻ گهرجي) پنهنجي مقصد ۽ نظريي
آڌار، جويو صاحب، نئين سوچ جو نقيب آهي، هڪ سماج
(سنڌ) سڌار... ۽ ’باغي‘ انسان. پر... هجومن ۾ بيهي
تلوار ڪڍي نعرا هڻندڙ باغي نه پر علم، عقل، عمل،
ڏاهپ ۽ قلم ذريعي صدا بلند ڪرڻ ئي هن جو شعار ۽
سدائين کان اسٽائيل رهيو آهي. لڳي ٿو تنوير عباسي
صاحب پنهنجو هي شعر جويي صاحب جي ئي حسبِ حال لکيو
هو:
اسان جو قلم هڪ علم آ
اسان جو قلم محترم آ
اسان کي قلم جو قسم آ
جويي صاحب کي مون پهريون ڀيرو سٺ يا ستر واري
ڏهاڪي ۾، پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي اندر منعقد ٿيندڙ
’قليچ ڊي‘ تقريبات ۾ ڏٺو. پاڻ ان وقت به اهڙا ئي
ساڳيا هئا، جهڙا اڄ تائين آهن، سٻاجها، مرڪندڙ،
مهڪندڙ، اڇا اجرا ۽ خدا جي نيڪ و پاڪيزه ٻانهن ۽
فرشتن جهڙا (چون ٿا اوَتار... اولياء... ۽ پُهتل
بزرگ به اهڙا ئي ته هوندا هئا) هاڻي هي اجهو...
ستر واري ڏهاڪي ۾ قدرت مون کي حاجي ماڻڪ ڀٽي هاءِ
اسڪول ۾ سائين نثار حسينيءَ جو شاگرد بنائي ڇڏيو.
خبر پئي، سندن آئيڊيل هستيءَ جو نالو آهي- ’محمد
ابراهيم جويو‘. (ته بس ان نسبت ۾ جويو صاحب وري
نهايت جلد ايندڙ زمانن ۾ منهنجي سائينءَ وانگر
منهنجو به بڻجي پيو ”بابا سائين.. آئيڊيل.. ۽
استاد محترم“). هاڻي مون کي سائين نثار حسينيءَ جي
ساٿ ۾ تلڪ چاڙهيءَ لڳ جبيس هوٽل جي مٿان لسَي پٿر
جي ڏاڪڻ واري گهر ۾ سائين جويي صاحب کي روبرو ۽
ويجهو کان ڏسڻ ۽ ملڻ جو به وجهه ملڻ شروع ٿي ويو.
تڏهن سندن مٺي گفتار ۽ ڳالهه ڳالهه تي سندن...
’ادا... ادا... ڀاءُ... ڀاءُ .. مٺا ڀاءُ ۽ سچ
پچ‘... جهڙن هيرن موتين نما لفظن مون کي ڏاڍو ئي
ته هانٽ ڪيو... ۽ ياالله! ڇا ته سڪ، محبت ۽
پنهنجائپ پئي محسوس ٿيندي هئي سندن ڳالهايل اهڙي
گفتي گفتي ۾.
ياد پيو اچيم ته هي منهنجي ادب ۾ داخل
ٿيڻ جا بلڪل ئي ابتدائي ڏينهن هئا ۽ قومپرست سياست
۽ وطن پرستيءَ جي مفهوم جي اڃان مون کي ڪا خبر ئي
ڪانه هئي. تڏهن سائين نثار حسيني ۽ جويي صاحب جي
سياسي ڳالهين مان اندازو ٿيڻ لڳم ته پاڻ صرف سنڌ
جا ئي باغي مرد نه، پر هڪڙي پوري باغي نسل جا امام
پڻ آهن“. هونئن هتي هڪڙي وضاحت ٻي به ڪندو هلان، ۽
اها هيءَ ته مون سان هڪڙي وڏي خانداني ويڌن به
آهي، ته اسين ٽنڊي ٺوڙهي وارا مرزا گهڻو تڻو غير
سياسي ئي رهندا اچون، پر مذهبي ۽ ’ياحسين يا حسين‘
جا قائل، پينگهن ۾ لڏڻ جا شائق.... ۽ آرام پسند
البت گهڻا ئي آهيون... Even خود
ڏاڏو قليچ بيگ به... عملي سياست ۾ بهرو وٺڻ بدران
هميشه پس منظر ۾ رهي يا ڄمار اصلاح پسنديءَ جي
تحريڪ جو بلاشڪ ته متحرڪ ترين قلمڪار رهيو... ۽
ڪڏهن به سياسي سرگرمين ۾ ڀلجي به حصو نه ورتائين.
خير ڳالهه هتي مون جويي صاحب جي پئي ڪئي
ته هن جهڙي سياسي مدبر مفڪر سان منهنجي ان ئي دور
کان وٺي نه صرف سڪ ٿي، پر بي انتها عقيدت ۽ محبت
به شروع ٿي وئي. هاڻي تلڪ چاڙهيءَ واري انهيءَ
رهائشگاهه کان پوءِ جويو صاحب ’صحافي ڪالوني‘ ۾
رهائش اختيار ڪئي، ته هڪ ڀيرو مون کي سڏائي شيخ
اياز صاحب سان نويڪلائيءَ ۾ ملاقات به ڪرائي آءٌ ۽
اهو ڏينهن منهنجي ادبي زندگيءَ جو يادگار ڏينهن
هو. جنهن جو تذڪرو مون بار بار پنهنجين تحريرن ۾
هنڌ هنڌ تي ڪيو آهي... (۽ جنهن لاءِ ڏسو مٿن
منهنجو مضمون: ”هُو نقش پا ۽ مان خاڪ پا“).
بهرڪيف... جويي صاحب سان اٿ ويهه دوران
سندن ٻين مداحن وانگر، مون به نهايت جلد ڄاتو ته
پاڻ Clear
Headed مفڪر
آهن، ”سندن سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طئي شده
آهن. سنڌ، سنڌ، سنڌ. آجپو، آجپو، آجپو... سندن
زندگيءَ جو مکيه ميني فيسٽو آهي... ته بس ايئن
سمجهو ته اهڙي ئي ميني فيسٽو رکندڙ جويي صاحب جو
اڄ آءٌ مداح ئي نه پر کين پنهنجي مٿان ڇپر ڇانو به
تصور ڪندو آهيان.
هاڻي هي اجهو، سال 15-2014ع کي منهنجي هن
ڇپر ڇانوَ جويي صاحب جي سالگرهه- نسبت سان ملهائڻ
جو سلسلو جو شروع ٿيو ته آءٌ وري تازو بڙ ۽ پپر جا
سؤ سؤ کن ٻج خريد ڪري جويي صاحب جي خدمت ۾ کڻي وڃي
حاضر ٿيس. چيومانِ، انهن تي هٿ ڦيري ڏيو، جو اهي
ٻج، آءٌ سنڌ جي مختلف ادارن ۽ درسگاهن ۾ وڃي
پنهنجي هٿ سان پوکرائيندس. اهو منهنجو عجب جهڙو ۽
انوکو شوق هو، جنهن کي آءٌ پايهء تڪميل تائين
پهچائڻ وارو آهيان. اڇا! هتي هي به ياد پيم ته
مون پنج کن سال اڳ، ريڊيو حيدرآباد جي باغ ۾ به
کانئن سنڌڙي انب جو هڪڙو ٻوٽو پوکرايو هو ۽ هن سال
ان وڻ ۾ سنڌڙي انب جون انبڙيون جڏهن نمودار ٿيون
ته انهن ڏانهن نينهن ڀري نهار وجهندي ۽ ايندي
ويندي ته ڳائيندو به رهندو هوس ته:
سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او
يار
نيٺ وڍيندڙ وڍجي ويندا، ڪنبي نيٺ ڪٽار اور يار
۽ ان ئي سنڌڙي انب جي وڻ کي هاڻي هوا ۾
جڏهن جڏهن به آءٌ جهومندي ڏسندو آهيان ته لڳندو
اٿم... شيخ اياز جي وائيءَ جي اها پوئين سٽ آءٌ يا
اِهو انب جو وڻ نه، پر ڄڻ خود جويو صاحب پاڻ پيا
جهونگارين.... ۽ سچ پڇو ته ان ڏس ۾ منهنجو هي به
ويساهه آهي ته ٻيا ٻار ڄمڻ سان الائجي ته ڪهڙا
ڪهڙا آواز پيا الائيندا آهن، پر هتي پوري پڪ
اٿم... ته جويي صاحب جن ڄمڻ سان جيڪي لفظ چيا يا
اُچاريا هوندا، اُهي ضرور ته هي هوندا:
”سنڌڙي جندڙي... جندڙي سنڌڙي“
۽... انهن ئي مٿين لفظن جي خالق اسان جي محبوب
شاعر شيخ اياز صاحب... ڪنهن هنڌ لکيو هو ته:
”مان جڏهن به نئون شعر لکندو آهيان ته چاهيندو
آهيان ته ان تي پهرئين نظر، سنڌ جي هن ئي عظيم
دانشور جي پوي.“
۽ ايئن جويي صاحب جي محبت ۽ صحبت ۾ اچڻ بعد 1944ع
کان پوءِ اياز صاحب هي جيڪو ٻرندڙ جبل جهڙو نظم
لکيو هو ’او باغي او راڄ دروهي‘...سندن بقول
ته... اِن نظم ۾ ڪم آندل ٻولي ’ابراهيم جويي جي
صحبت مان ئي حاصل ڪئي هئم‘. وڌيڪ لکيو اٿن.
”ابراهيم جويي مون کي سنڌي شاعريءَ ڏانهن آڻي مون
تي هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا“.
جويي صاحب جي اهڙي صحبت ملڻ بعد شيخ صاحب
جيڪا شاعريءَ ۾ شعلا افشاني ڪئي، ان بابت پاڻ هڪ
ٻئي هنڌ تي وري هيئن به لکيو اٿن ته: ”منهنجي ۽ هن
جي دوستي رومي ۽ شمس تبريز واري هئي. جنهن روميءَ
جي ڪتابن تي نگاهه وڌي هئي ته انهن ۾ باهه لڳي وئي
هئي“.
ڪنهن هنڌ اياز صاحب هي به لکيو آهي ته:
منهنجي اردو شاعري پڙهي هڪ ڀيري جويي صاحب مون کي
چيو... ”اياز! سنڌيءَ ۾ شاعري ڪر“. تڏهن چيومانس،
’تو کان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟‘
ان تي پاڻ سختيءَ سان چيو هو؛ ”اياز...
اسين ٻه ڪافي آهيون ۽ اسان چاهيون ته سنڌ کي
بدلائي سگهون ٿا.“
نامياري شاعر شيخ عبدالرزاق راز به ڪنهن
هنڌ لکيو آهي ته ”هڪ رات ڪراچيءَ ۾ جويي صاحب سان
مون ۽ اياز، شاهه لطيفرحه تي
بحث مباحثو ڪيو هو، بعد ۾ ٻئي صبح جو اياز سان
ملاقات ٿي ته سندس چپن تي جويي صاحب جي صحبت سبب
هيءَ وائي هئي:
جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي ڪرندا ڪنڌ هزار
سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار
اڇا! جويي صاحب جي سلسلي ۾ اسين سڀ، هي
به ته ڄاڻون ٿا... ته ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسي واري
نوڪريءَ دوران ايشيا جِي وڏي سڏجندڙ ادبي تنظيم
’سنڌي ادبي سنگت‘ جي آبياري ڪندڙ ن ۾ سنڌ جو هيءُ
سچيت سپوت محمد ابراهيم جويو صاحب به ته پيش پيش
هوندو هو، ۽ اسين ان ڳالهه کان به ڀلي ڀت آگاهه
آهيون ته اسان جي مهراڻ ماٿري جُڳن کان هڪ شاداب
ماٿري هئي. پر اها ئي مهراڻ ماٿري 20هين صديءَ
دوران... جڏهن جويي صاحب جهڙي وطن پرست جي حصي ۾
آئي، تڏهن اها ئي ماٿري ميهار واري سهڻيءَ جي مثال
ڪچي گهڙي تي ٻُڏندي پئي نظر آئي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي
آبادڪاريءَ سبب ان جي ڄنگهه ڄَرڪي جي وات ۾ ۽
سِسيءَ کي سيسار وڪوڙي ويا هئا، مٿان سنڌ جا
فيوڊل لارڊس، جاگيردار، ميرَ پيرَ، وڏيرا... غدار
بڻجي سنڌ ڌرتيءَ جا دشمن ۽ مَٺَ گُهريا بڻجي
رهيا هئا، تڏهن وطن پرست ۽ باشعور جويو صاحب، ان
لاءِ تحرڪ ئي نه، هڪ فڪري تحريڪ ٿي اڀريو ۽ ان ڏس
۾ هُن ٻولي، ثقافت، تعليم، ادب، سياست، تاريخ
ڪلاسيڪل ورثي جي وارثي، سنڌ دوستن سان محبت ۽
ڌارين کان بيزاريءَ جِي تحريڪ شروع ڪري، خاص طرح
سان قلمڪار قبيلي ۾ روح ڦوڪڻ جو جيڪو عملي ڪم شروع
ڪيو ۽ پوءِ بلآخر پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اهڙن عملي
ڪمن جي حاصلات يا ڦل به حاصل ڪري ورتو. سندن اهڙين
صلاحيتن کي ڏسي سائين جي.ايم.سيد کين سنڌي زبان جي
مِشنري ۽ هڪ قومپرست سنڌيءَ طور ڄاتو، ۽ هي اِجهو
انهيءَ ڏس ۾ تاج جويي به ڪيڏو نه صحيح لکيو آهي
ته:
”هن سنڌ جي ڇڙ وڇڙ اديبن کي هوائن ۾ اڏامڻ بدران
ڌرتيءَ تي گڏ هلڻ سيکاريو. خاص ڪري ادبي بورڊ جي
آبياري... مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر شپ... شيخ اياز
جي ادبي تربيت... ڪو آپريٽو سوسائٽيءَ جو قيام ...
۽ ٻيا به اڪيچار ڪمَ جيڪي جويي صاحب سرانجام ڏنا ۽
جن جي حوالي سان تاريخ ۾ سندن نالو هاڻي سدائين
سونهري حرفن سان لکيل نظر ايندو“.
ان ڏس ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ جا ويچار به زبردست ته:
”جويي صاحب ابتدا کان ئي وٺي يعني جڏهن اڃان جوان
جماڻ ۽ ننڍو نيٽو هو، سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب
جي صحيح نموني منزلن جي نشاندهي ڪندو رهيو ۽ جڏهن
پيرسن ٿيو ته (به) ڪيترن ئي واٽهڙن کي دڳ لائڻ ڪاڻ
عملي طرح اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو اٿس جيڪو خود هڪ
منزل جي حيثيت رکي ٿو. جويي صاحب جا ڪئي همعصر...
آدرشي دوست... جن مان ڪيترا ئي وطن پرست پنهنجا
محراب مٽائي چڪا آهن پر محمد ابراهيم جويو صاحب،
اڄ به پنهنجي عزم، آئيڊيا ۽ آدرش تي مستحڪم
آهي...“
۽ جنهن جي سؤسالا مرڪندڙ چپن منجهان اڄ به اها ئي
وائي ۽ اها ئي صدا پئي ٻڌبي آهي ته بابا:
چڱا چَنڊ
چئيج، سنيها کي سڄڻين
علي آڪاش
تنهن ڏينهن 2008ع جي لهندڙ آخري سج کي الوداع ڪرڻ
لاءِ سنڌ جي اديبن، عالمن ۽ ڏاهن تي ٻڌل سڄاڻ سٿ،
ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ درياهه ۾ پهتو هو. هيءَ هڪ
رسم هئي، جيڪا هر ڪنهن سال پوري ڪئي ويندي آهي ته
ويندڙ ورهيه کان موڪلاڻي ڪجي ۽ ايندڙ سال جو آڌر
ڀاءُ ڪجي. اها رسم سڄيءَ دنيا ۾ ملهائي ويندي آهي،
سو سنڌي اديب ۽ ڏاها به اهڙي رسمي تقريب لاءِ گڏ
ٿيا هئا، انهن سنڌو درياهه کي ڏيئا ۽ گل ڀيٽ ٿي
ڪيا. مون کي سڌ ناهي ته انهن منجهان ڪيترا هئا، جن
درياهه جي دانهن تي ”ڪنسنٽريٽ“ پئي ڪيو، اهو
درياهه جنهن کي پنهنجي گجگوڙ ۽ دهشت جي ڪري شينهن
درياهه سڏيو ويو آهي، پر هينئر ڪنهن هارايل
شهنشاهه وانگي، ويل ڏينهن جي ساروڻن ۾ الوپ ٿي
ڏٺو. هن ۾ تنهن مهل، دهشت ۽ دم نه هو، پر هڪڙي
ننڍڙي ڍوري وانگي ٿي لڳو ۽ سُڪي ٻيلاٽيون ٿي ويل
ٿي ڏٺو، ۽ درياهه جي دم ۽ ڪرم تي پلجندڙ سنڌ جا
ازلي ۽ اصلي والي ۽ وارث ملاح درياهه ڪنڌيءَ تي
پکڙيل واريءَ تي ڪانڀ ڪڍيو ويٺا هئا ۽ سندن اکيون
ڍوري ۾ ڪٿي رهجي ويل مست الست درياهه جي ڇولين کي
ڳولي رهيون هيون. ان گهڙيءَ درياهه جي ڪنڌيءَ تي
هڪ ٻن ٻيڙين کي ڇڏي باقي ٻيڙيون اونڌيون ٿي ڏٺيون،
ائين جيئن ڪنهن پياري جي وڇوڙي مهل گهر جون کٽون
اونڌيون ڪري ڇڏبيون آهن. ملاحن جا ٻار اڌ اگهاڙا
نٻل ۽ نستا هر ايندڙ ماڻهوءَ اڳيان پنهنجو هٿ
ڊگهيڙي بيک مڱي رهيا هئا. درياهه ۽ درياهه جي سڌي،
ويجهي ۽ لڳاتار رابطي ۾ رهندڙ هن خلق جي هيءَ حالت
ڏسي مون گهڙيءَ لاءِ درياهه کي دانُ ڏيڻ جي رسم جي
پورائيءَ لاءِ آيل پنهنجي سڄي سڄاڻ سٿ ڏي نهاريو ۽
هڪ هڪ جي منهن ۾ چتايو، ڳولڻ ۽ ڄاڻڻ گهريم ته ڇا
انهن کي اهو احساس آهي. من جي اونهائين تائين، ته
اهي هڪ اجڙيل راڄ، هڪ اداس ڀن مٿان بيٺل آهن، ٿي
سگهي ٿو ته اتي موجود اسان جي سڄاڻ ساٿين سان ڪن
جي من ۾ به لوَا ۽ ليون ڦٽي آيون هجن، پر انهيءَ
وقت منهنجي نظر وڃي سنڌ جي صدين جي ڏاهي، حسن، سچ
۽ چڱائيءَ جي ازلي پرچارڪ، سنڌ جي ماضيءَ ۽ حال جي
رلمل، ڪجهه پور وڇوٽ ۽ ڪجهه هڪٻئي سان ٽڪرائجي الڳ
ٿي ويل حالتن، سنڌ جي ملوڪ مستقبل لاءِ اونداهين ۾
ڏاهپ جا ڏيئا ٻاريندڙ، سنڌ جي آجپي جي روشن صبح
لاءِ اکين ۾ پيرائتا احوال کڻي هلندڙ سائين محمد
ابراهيم جويي تي پئي:
جوڳيءَ ٿي جُڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو.
هڪ ڀيري هڪ نويڪلي ڪچهريءَ ۾ جامي چانڊيي صاحب چيو
هو ته هن سڄي سنڌ گهمي گهتي ڏٺي آهي، هو پوري
پاڪستان جي ڏاهن سان مليو آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي
اسڪالرن ۽ علم ۽ ڏاهپ جي اهم نالن سان مليو آهي،
پر هن محمد ابراهيم جويي جهڙو روشن خيال، بصيرت
ڀريو ۽ نج نبار ڏاهو ڪٿي به نه ڏٺو آهي، هن جو
الميو آهي ته هن سنڌ جهڙي دنيا کان ڪٽيل ۽ پُٺتي
پيل پرڳڻي ۾ جنم ورتو. جامي صاحب جي اهڙي راءِ مون
لاءِ وڏي احترام واري هئي ۽ سچ به هئي، پر مون
ڪڏهن به سنڌ ۾ پنهنجي جنم تي سائين جويي صاحب کي
ارهو نه ڏٺو آهي:
بيگاريءَ کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪا جا انگ اڙي، جئن ڇٽا ڦٽ ڇڙي پيا.
(شاهه)
مون ڏٺو ته انهيءَ ميلي ۾ جويو صاحب اڪيلو هو، نه
هُو اڪيلو نه هو، هن سون ورنيءَ سنڌوءَ جي ساڻي
پيل سرير سان حال احوال ٿي ڪيا، من ئي من ۾، اڻ
لکي طرح هنن ٻنهي ڳالهيون ٿي ڪيون، مون کي لڳو هن
سڄي ويران پيل درياهه جي دک هو بنهه اُتم نموني
محسوس ڪري رهيو آهي. جويي صاحب سان پويان ڏهه
ورهيه آءٌ پاڇي جيان، رهيو آهيان ۽ سندس آخري
باقاعدي شاگردن منجهان آهيان. گذريل ورهيه ٻن کان
جويو صاحب بار بار ۽ لڳاتار انهيءَ خواهش جو اظهار
مون سان ڪندو آيو آهي ته آءٌ
”An
Ode to Sindhu“
(سنڌوءَ جو گيت) لکان. آءٌ اها ڪٿ ڪري سگهان ٿو ته
ان گهڙيءَ جڏهن جويي صاحب ۽ درياهه شاهه جي وچ تي
ڳجهه ڳوهه واري ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، تڏهن سنڌوءَ
سڳوري جويي صاحب کي اهو به ضرور چيو هوندو ته:
”جويا صاحب! مون کي تنهنجي گيت جو اوسيئڙو آهي.“
ان ڏينهن 2008ع جي آخري لهندڙ سج کان موڪلاڻيءَ
لاءِ آءٌ ڪجهه دير سان پهتو هوس. انهيءَ کان اڳ هڪ
اڀاڳو ۽ اڍنگو عمل ورجائجي چڪو هو، جنهن جويي صاحب
کي اڄ هن حال تائين رسايو آهي جو آغا خان اسپتال ۾
”اوپن هرٽ سرجري“ (باءِ پاس) لاءِ پهتل آهي. هونءَ
ته جويو صاحب 95 ورهين جي ڄمار جو آهي، پر هُو
سدائين جوانن کان جوان ڏٺو ويو آهي، ۽ اسان جو
علمي ادبي لڏو توڻي ٻيا ماڻهو به ساڻس ان ئي نموني
ورتاءُ ڪندا آيا آهن. 31- ڊسمبر 2008ع جي سنڌيا
مهل جڏهن المنظر تي هيءُ قافلو پهتو ته جويي صاحب
کي ڊائون اسٽريم پاسي وڏي ڊگهي ۽ وڏن ڊگهن ڏاڪن
واري ڏاڪڻ تان لاٿو ويو. جويي صاحب گهڻيئي انڪار
ڪيو، پر پوءِ کيس کڻي لاٿو ويو، جيڪڏهن درياهه جي
ڪن ڌيءَ تان ڦيرو ڏيئي کيس لاٿو وڃي ها ته شايد هو
هن وڏيءَ ڄمار ۾ هارٽ اٽئڪ جهڙي عذاب مان نه گذري
ها. ٻيلي ڪجهه ته احتياط ڪرڻ گهربو هو!! سنڌو
درياهه کي گل ۽ ڏيئا ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ واپسي مهل
منهنجو هٿ جويي صاحب جي هٿ ۾ هو. انهيءَ هٿ ۾ جنهن
سنڌ جي سک ۽ ڪلياڻ جا سپنا هزارن ڪاڳرن تي چٽيا
آهن. جويي صاحب، نظير ميمڻ صاحب کي چيو ته ڀٽ شاهه
تائين نه هلي سگهنداسين، بهتر آهي ته گهر واپس
هلجي، نظير ميمڻ صاحب هائوڪار ڪئي. انهيءَ کان
پوءِ رات جي اونداهيءَ ۾ هر ڪو پنهنجي راهه جو
راهي ٿيو، پر جويي صاحب لاءِ اها رات گذريل 95
ورهين ۾ سڀ کان ڳري ۽ اذيت ڀري رات هئي، ڪجهه
دوستن سان ڪچهري ڪري هُو گهر پهتو ۽ دل ۾
بيقراريءَ ڪارڻ هن اها پوري رات ڪجهه ننڊ ۽ ڪجهه
جاڳ ۾ گذاري ۽ پهرين جنوريءَ جي اڀاڳي صبح جو ڇهين
وڳي ڌاري کيس دل ۾ تڪليف ٿي، جنهن کان پوءِ کيس
حيدرآباد سول اسپتال دل واري شعبي عام مشهور
”ديوان مشتاق“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي جويي صاحب جي
پٽ مظفر جويي ۽ ڏوهٽي محسن جويي کان پوءِ اعجاز
قريشي ۽ آءٌ پهرين پهچڻ وارن مان هئاسين. سموري
واٽ دل وسوسن جا انبوهه هئا، پر جڏهن اسپتال پهچي
جويي صاحب تي نظر پئي ته ڪجهه اطمينان ٿيو،
جيتوڻيڪ پاڻ ٻه اڍائي ڪلاڪ هڪ وڏي ڇڪتاڻ ۽ لوڙ
ولوڙ مان گذريو هو، پر بنهه نارمل ٿي ڏٺو، هن جي
چهري تي ڪنهن به تڪليف جو ڪو ترورو نه هو. آءٌ هن
جي بيڊ جي ڀرواري ڪرسيءَ تي ويٺس ته هن بس ڳالهائڻ
شروع ڪيو. ڳالهيون سنڌ ۽ سنڌ وارن جون اٿاهه محبت
جون ۽ دل جي سموري سچائيءَ جون، ايئن معمول پٽاندر
مون سان ڪچهري ڪندو هو. سندس چوڻ هو ته جيئن
”پيپلز هسٽري آف انڊيا“ جا ڪتاب ڇپيا آهن، تيئن
”پيپلز هسٽري آف سنڌ“ به سهيڙڻ گهرجي ۽ ان لاءِ
ايم.ايڇ پنهور ۽ ٻيا موجود اتساهڪ پستڪ ڳچ مدد
ڏيئي سگهن ٿا. هن اهو به چيو ته سندس تازن مضمونن
تي ٻڌل ٻه ڪتاب اچي رهيا آهن، جن جي سهيڙ پوري ڪري
ڇڏي آهي، انهن مان پهرين جلد لاءِ مهاڳ آءٌ لکان.
انهيءَ کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون ٿينديون
رهيون. آءٌ تڏهن گهڻي ٻڏتر ۾ هوس. ڇاڪاڻ ته هڪ ته
مون سندس ويجهو رهڻ ٿي گهريو ۽ ٻيو ته ڊاڪٽرن کيس
چيو هو ته هو ڳالهائي نه، ۽ آرام ڪري. منهنجي اتي
موجودگيءَ ۾ اهو ڏکيو هو ته جويو صاحب ڪجهه به نه
چوي ۽ ڪجهه به نه ڳالهائي. انهيءَ ڪري جو اسان
ٻنهي کي هڪٻئي سان گذريل ڪيترن ئي ورهين کان
ڊگهيون ڊگهيون ڪچهريون ڪرڻ جي عادت پيل آهي. نيٺ
لاچار مون کي اتان نڪري، در ٻاهران بيهڻو پيو. اهو
ڏينهن گذريو ۽ رات جو هڪ ٻيو حادثو پيش آيو، اهو
هيئن ته اسپتال جي عملي جي ڪوتاهيءَ سبب جويي صاحب
کي ٻانهن ۾ لڳايل ڪينولا نڪري ويئي، هن جو تمام
گهڻو رت اُڙهو، لڳ ڀڳ ڏيڍ بوتل، پر ڊاڪٽرن چيو ته
خير جهڙي ڳالهه آهي. ايڪوگرافي ۽ ٻيون گهربل
ٽيسٽون ٿيون، جن جي آڌار ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته
ڪابه ڳالهه ناهي، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. اهو ”سڀ ڪجهه
ٺيڪ آهي.“ ٻڌي اسان کي اطمينان ٿي ٿيو. پر انهيءَ
معاملي جي ڳنڍ تڏهن کلي جڏهن اسلام آباد منجهان
نامياري فزڪس جي نامياري استاد عيسيٰ دائودپوٽي
پنهنجي هڪ واقفڪار ۽ ملڪ جي نامياري ڊاڪٽر خالده
سومرو، ڊوو ميڊيڪل ڪاليج کي موڪليو. تنهن کان پوءِ
”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي“ وارو محاورو ختم ٿيو. هن رپورٽن
ڏسڻ کان پوءِ جويي صاحب جي دل کي پهتل نقصان جي
نشاندهي ڪئي ۽ چيو ته دل تائين رت پهچائيندڙ سڀ
نليون بند ٿي ويون آهن، انهيءَ ڪري کيس جلد کان
جلد ڪراچي منتقل ڪرڻ گهرجي، پر جويو صاحب ڪهن به
طور ڪراچي اسهڻ لاءِ تيار نه هو. تنهن گهڙي آءٌ
اسپتال ۾ موجود نه هئس.
ان کان پوءِ آءٌ اسپتال پهتس ته تڏهن ڊاڪٽر خالده
سومرو اڳيئي جويي صاحب کي راضي ڪري ورتو هو.
اهڙيءَ ريت 4 جنوري، آچر ڏينهن جويي صاحب کي ڪراچي
هڪ ايمبولينس ۾ نيو ويو. هن سان هڪ ڊاڪٽر ۽ سندس
ڏوهٽو محسن جويو گڏ هئا. محسن جويي پٽاندر جويي
صاحب ڄام شوري ٽول پلازا وٽ اسٽريچر تي ليٽڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هن پاڻ کي لڳل سڀ نليون لاهي ڦٽي
ڪري ڇڏيون ۽ ڊاڪٽر کي چيائين ته آءٌ تيار ناهيان ۽
اسٽريچر تي بلڪل به نه ليٽندس، مجبور
ٿي ڊاڪٽر کيس پنهنجي ڪرسي ڏني ۽ ڊاڪٽر اسٽريچر تي
ويٺو. محسن پٽاندر انهيءَ مهل رات وڳڙي جويي صاحب
گاڏي هلندي چنڊ ڏٺو ته هن جو رنج پل اپل پگهرجي
ويو ۽ هن چيو:
“How Beautiful”
مون کي پڪ آهي ته انهيءَ مهل جويي صاحب کي لطيف
سائينءَ جو سر کنڀات ياد آيو هوندو.
”چڱا چنڊ چئجي، سنيها کي سڄڻين“
انهيءَ رات کيس ملڪ جي نامياري دل جي ماهر اظهر
فاروقي کي چڪاسڻو هو، پر دير سان پهچڻ سبب ائين نه
ٿي سگهيو. جويي صاحب کي ڊاڪٽر فاروقيءَ جي ٽيم، جن
۾ ڊاڪٽر منصور ۽ ڊاڪٽر رابعا شامل هئا، اٽينڊ ڪيو.
جڏهن هنن کي حال احوال ڏنا ويا ته هنن کي سڀ کان
وڌيڪ ڳڻتي جويي صاحب جي رت اُڙهڻ تي ٿي. صبح جو
ڊاڪٽر فاروقي سندس چيڪ اپ ڪيو، ڊاڪٽر کي سڀ حال
احوال ڏنا ويا، جڏهن هن کي اهو ٻڌايو ويو ته
حيدرآباد اسپتال ۾ جويي صاحب جو رت اُڙهو هو ته هن
هڪدم رت جي ڳاڙهن جزن (هيموگلوبن) جي چڪاس جي
هدايت ڪئي، جڏهن رپورٽ سامهون آئي ته رت جا جزا
نارمل مقدار کان اڌ جيترا هئا، جنهن سبب جويي صاحب
کي هٿرادو رت جون بوتلون چاڙهيون ويون. هيءَ ڪيتري
نه وڏي ناداني هئي جنهن کي حيدرآباد جي ڊاڪٽرن
لڪايو ٿي ۽ بار بار چيو ٿي: ”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.“
ڊاڪٽرن علاج جا ٻه رستا چونڊيا. اينجيوپلاسٽي يا
اوپن هرٽ سرجري، انهيءَ معاملي تي ڪيترائي ڏينهن
ڊاڪٽرن ۾ صلاح مشورا ٿيندا رهيا. ڇاڪاڻ ته وڏي ۾
وڏو مسئلو جويي صاحب جي وڏي ڄمار وارو هو. هيءَ به
هڪ خوشنصيبي آهي، اسان سنڌ وارن جي، جو سندس اندر
جا ٻيا سمورا عضوا صحيح سلامت آهن، ۽ صحيح ”فنڪشن“
پيا ڪن. نيٺ ڊاڪٽر اهو طئه ڪيو ته سندس ”باءِ پاس“
ڪيو ويندو، جهن لاءِ هو آغا خان اسپتال ۾ موجود
آهي ۽ سندس سرجري ملڪ جي مشهور دل جي روڳن جي ماهر
ڊاڪٽر شاهد سميع کي ڪرڻي آهي.
هوڏانهن جڏهن جويي صاحب جي آپريشن جون تياريون آهن
ته هيڏانهن ڏڪندڙ هٿن ۽ ڀنل اکين سان هي لفظ لکي
رهيو آهيان. اڄ اسان جي سنڌ جو عظيم رهنما، پوتر ۽
بي عيب ڏاهو، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ۽ سنڌ جي هر
ڪنهن شيءِ سان وجود جي سمورين توانائين سان محبت
ڪندڙ املهه ۽ اورچ ڪردار زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي
تي بيٺل آهي ته اهڙي موقعي تي سنڌ وارن کي پنهنجي
هن عظيم محسن جي صحتيابيءَ لاءِ دعا لاءِ هٿ کڻڻ
جي اپيل ٿي ڪجي. اچو ته دعا ڪريون ته هن جي اڃا
وڏي ڄمار لاءِ هُو جنهن وٽان اسان کي آڇڻ لاءِ اڃا
به گهڻا موتي آهن؟ جن سان اسان پنهنجي قومي
زندگيءَ کي مالا مال ڪري سگهون ٿا، هُو جنهن وٽ
آهن اڃا به ڪئين رنگا رنگ سپنا، جن سان اسين سنڌ
واسي صدين جي غلاميءَ سان ويڙهه ڪري سگهون ٿا، هو
جيڪو اسان جو اُتساهه آهي، اڳتي وٺي ويندڙ راهه ۽
وسيلو آهي، هُو جيڪو اسان سڀني جو محبوب آهي، هو
جيڪو سنڌ جو سدورو پٽ ۽ سرويچ آهي، جنهن جو وجود
سنڌو درياهه جئن وهندڙ حرارت ڀريو ۽ مقدس آهي، هُو
جنهن اسان کي پنهنجن سپنن واري سنڌ ڏيکاري آهي، ۽
هو جنهن گذريل نون ڏهاڪن کان وڌيڪ گذاريل عرصي
دوران سدائين سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ بني نوع انسان
لاءِ خير، خوبي ۽ حُسن جا خيال پاليا آهن ۽ پالي
نپائي وڏا ڪيا آهن، سلام آهي هن جي عزم کي، حوصلي
کي، اورچتا ۽ ارپڻ کي:
تو لئه موت ته ڪا شيءِ ناهي
تون ڄاڻين ٿو
ساهن جي هيءَ مالهه ڪڏهن ڀي
ڦِرندي رڪجي ويندي آهي،
ان کان اڳ پر
هئه هئه ڪافر
رُسي ويل هن ”محبوبا“ جي
آس اويڙي
توسان پل پل جھيڙيو آهي
توکي سبيو اُکيڙيو آهي،
تون چاهين ٿو
هُن جا هيڪر اڱڻ اساري
پوڄا جهڙا پير ڏسين!
هوءَ ڪٿي آ اهو نه ڄاڻين
ها پر جڏهن به جيءَ جھروڪي
جھاتي پائين
ائن تون ڀانئين
بسنت رت جي برکا وانگي
تو ۾ ويرئون تار وسي ٿي
تون ته سراپا سار انهيءَ جي
هوءَ چڙي جئن آهي ۽ تون
لار انهيءَ جي
ڌار انهيءَ کان
توکي ڪوبه قرار نه سائين
ڏهه ڏهاڪا
هجر جي هن ڪاري رستي تي
وصل جي لال اميد جو گھوڙو
بنجي ڪو طوفان ڊُڪيو آ
ڪونه رُڪيو آ
تر ۾ سنبران
تو جئن ڪوبه سوار نه جھونا!
هن وهيءَ ۾ هيءُ ڪشالو
ڪٽڻ ڇڏين ها
تنهائيءَ ۾ جُھڳي اڏين ها
ڪير چوي ها
سندءِ ڪمائي
وئي اجائي
پر ڪجھ آهي، جنهن جي خاطر
ويهڻ جو نه وڙاءُ وٺين ٿو
وهم وِسُوڙل هن ڌرتيءَ سان
پنهنجو پورو وسُ واڳين ٿو
تون جاڳين ٿو
سارو لوڪ سُتو پيو آهي
جند ۾ توکي ڪنهن خنجر جو
ڇالئه پاند کُتو پيو آهي
وسريل آهي
سڀ کان ڳٽُ غلاميءَ وارو
پر ڏئي سٽَ ڇنڻ ٿو چاهين
ڏاها تنهنجو ڏڍ غضب جو
۽ هيءُ تنهنجو وڍُ به گهَرو
هن پيريءَ ۾
سونَ سريکي زنجيريءَ ۾
آزاديءَ جو پتلو چاهين
چئه تون ڇاهين!
|