سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:19

بابا، آءٌ ۽ منهنجا احساس

 

 

 

 

نيلوفر جويو

جڏهن کان مان هوش واري ٿيس، تڏهن کان مون پنهنجي بابا کي پڙهندي ۽ لکندي ڏٺو. جنهن ڳالهه مون کي لکڻ ڏانهن مائل ڪيو، اهو 1972ع جو هڪ واقعو آهي. هڪ رات اسر جو، منهنجي اک کُلي، ته ڏٺم بابا جي ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، بابا پنهنجي لکڻ ۾ محوَ هو ايترو ته لکڻ ۾ محو هو، جو کيس اها سڌ به نه هئي ته رات اچي گذرڻ تي بيٺي آهي. انهيءَ مهل مون دل ۾ عزم ڪيو ته مان به لکنديس. صبح ٿيو، ۽ مون پنهنجي ان عزم کي صحيح ڪري ڏيکاريو. منهنجي پهرين ڪهاڻي ”۽ چنڊ اجهامي ويو“، جيڪا مون پوءِ ٻن ڏينهن ۾ لکي پوري ڪئي هئي، ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ 72_1971ع ۾ ڇپي.

ان کان پوءِ مون ترت ئي ٻي ڪهاڻي ”ڪنديس آءٌ ڪڄاڙو“ لکي، جيڪا ٽه ماهي ”مهراڻ“ 73_1972ع ۾ ڇپي. اهڙيءَ طرح همت وڌندي رهي ۽ آءٌ لکندي رهيس. مون مضمون پڻ لکيا آهن، جيڪي مختلف موضوعن تي آهن. منهنجو پهريون مضمون ”فيشن ڇا آهي“ انهيءَ سال جي روزنامه ”هلال پاڪستان“
جي ”سگهڙين سٿ“ واري صفحي ۾ ڇپيو.

هڪ سٺي ليکڪ لاءِ يا هڪ سٺي استاد لاءِ، پڙهڻ ضروري آهي، انهيءَ سلسلي ۾ منهنجو مطالعو ڪو گهڻو ڪونهي- بنهه نالي ماتر چئجي ته صحيح ٿيندو،  پر مان به چاهيندي آهيان ته سٺا سٺا ڪتاب پڙهان ۽ انهن مان پرايان. ان لاءِ نيٺ به وقت گهرجي، ۽ موقعو به گهرجي- واندڪائيءَ جي خيال کان به، فڪرات کان آجائيءَ جي خيال کان به، ۽ هونءَ عمر جي خيال کان به. ۽ وقت ۽ موقعو ئي آهي، جو اسان کي ڪونه ٿو ملي- خاص اسان زالن کي. اسان جو ڪوبه وقت پنهنجو ڪونهي. اسين سدائين ڳهه ڳهان ۾ آهيون، پوءِ نوڪريءَ واريون هجون يا خالص گهريتڙيون هجون. مان هيءَ ڳالهه، اسان غريب ۽ پورهيت زالن جي ٿي ڪريان. پر وري به منهنجي پنهنجي اها عادت هوندي آهي ته ڪو ڪتاب هيڪر هٿ ايندو اٿم، ته ان کي چچڙ ٿي لڳندي آهيان ۽ يڪساهيءَ، يعني لڳاتار، مطلب ته ڏينهن رات (هڪ) ڪري، پڙهي پورو ڪندي آهيان، ۽ ان ڪتاب جو اثر ڪيترن ئي ڏينهن تائين دل تي رهندو اٿم.

مون جيڪي ڪجھ پرايو آهي، سو پنهنجي بابا کان پرايو آهي. بابا اڪثر منهنجي لاءِ سٺا سٺا ڪتاب آڻيندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪتاب تي ڪو دل ۾ گهر ڪرڻ جهڙو جملو به لکي ڇڏيندو آهي__”پنهنجي پياري حساس ڌيءَ لاءِ“__”پنهنجي چريءَ ڌيءَ لاءِ، جيڪا گهٽ پڙهي ٿي، سوچي گهڻو ٿي“…مان واقعي حساس آهيان، ۽ چري به آهيان. جڏهن زندگيءَ جا ڏک، پنهنجا ۽ ٻين جا، سهڻ کان مٿي ٿي ويندا آهن، تڏهن انهن سان پنهنجي منهن ڳالهائيندي آهيان، ۽ انهن کان پڇندي آهيان ته: ”اوهين ڇو آهيو ۽ ڇا آهيو؟“ پوءِ ڪڏهن (ڪڏهن) انهن کي سمجھڻ يا سمجھائڻ لاءِ اها ريجھ رهاڻ آءٌ ڪاغذ تي به آڻيندي آهيان. زندگي، جا آهي، انهيءَ ڪري اهي ڏک درد سهبا رهبا ۽ ڏسبا رهبا ۽ انهن سان دل جا حال اوربا به رهبا.

”سورن لڌو سجھ، پاڻهي پيهي آئيا،

ڪنهن کي ڏيان منجھ، مر تان چڻڪن چت ۾.“ 

(شاهه)

مون کي زندگيءَ جي يڪسانيت جو احساس ڏاڍو ڳرو لڳندو آهي. چاڪيءَ جي ڏاند ونگر ڳهبو رهجي، ڳهبو رهجي، ۽ ڪوبه ان جو نتيجو نه نڪري- جي ڪو نڪري به ته، ان تي پنهنجو ڪو وس نه هجي- واقعي، هيءَ زندگي پنهنجي وس ته نه ٿي،۽ ڏاڍي ڏکي زندگي ٿي! ان چاڪيءَ جي اکين ٻڌل ڏاند واري زندگيءَ جي احساس تي، منهنجي دل تي ڏاڍا چهڪ پوندا آهن ۽ چاهيندي آهيان من تي جنبش جهڙي ان ڳري احساس جي جاءِ تي زندگيءَ ۾ نواڻ جو احساس هجي، دم بدم تازگيءَ جو احساس هجي، خود خيالي هجي، منزل جو سڏ هجي، ڪا معنى ۽ موک هجي.

هيءَ گهڙي، هيءَ گهڙي آهي، پر ٻيءَ گهڙيءَ جي مٺ ۾ ڇا آهي؟ سڀاڻي جي تقدير ڪهڙي؟ پنهنجي دنيا اسان جي سامهون آهي__ ان ۾ ٿڌا ساهه کڻڻ لاءِ پيو سڪجي__ايتري هيڻائي، ايتري چيڀاٽ! پر مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ اها پيڙا اسان جي مائٽن به سٺي آهي، انهن کان اڳين، انهن کان اڳين ۽ انهن کان اڳين به سٺي هوندي، ۽ انهن مان سڀني اسان وانگر، سڀاڻي جي نواڻ لاءِ تانگهيو ۽ تاڻيو به هوندو. ۽ واقعي اڄ اها دنيا ڪانهي، جيڪا ڪالهه هئي، ويهه سال اڳ هئي، هڪ صدي اڳ هئي، ڏهه صديون اڳ هئي. پوءِ هيءَ ايڏي ۽ ايتري نواڻ ايندي ايندي محسوس ڇو نٿي ٿئي؟ جي گهڙيءَ گهڙيءَ جي راس پنهنجي آهي، ته ان جو سهائو اسان کان اوجھل ڇو ٿو رهي؟ دراصل، ڳالهه اڄ جي لڪل نواڻ جي ڳولڻ. ڏسڻ ۽ پڻ آڻڻ جي آهي.

ائين جيڪي اڄ ۾ سڀاڻي جا آثار ڏسن ٿا، پراڻي ۾ نئين کي لڪل ڏسن ٿا، ان جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا، بلڪ ان کي قبول ڪن ٿا، بلڪ ان جي اچڻ ۽ پڌري ٿيڻ جي عمل ۾ پنهنجن امنگن، پنهنجن خيالن ۽ پنهنجي سچي وجود سان شريڪ ٿين ٿا__اهي زندگيءَ جي گهاڻي ۾ وهندي ۽ ڳهندي به پاڻ کي چاڪيءَ جو اکين ٻڌل ڏاند تصور نٿا ڪن. بلڪ، هو زندگيءَ کي گهاڻو ئي نٿا سمجھن. هو وقت جي رٿ تي، جيڪو اڳتي ۽ نت اڳتي ويندڙ آهي، زندگيءَ کي پنهنجي دم بدم تازگيءَ ۽ نواڻ سان ۽ پوري پنهنجي حسن ۽ ڪمال سان براجمان ڏسن ٿا ۽ خود پاڻ کي به، ان رٿ تي پنهنجي پوري ” فرد حقيت“ سان ويٺل ڏسن ٿا، مان پاڻ کي به، پوريءَ نماڻائيءَ سان، زندگيءَ جي هن سدا آباد ميلي ۾، انهن ماڻهن سان شامل سمجھان ٿي__ انهيءَ ئي ساڳئي اٿاهه ۽ بي انت وقت جي اجھل رٿ تي ويٺل. انهيءَ ڪري زندگيءَ ۾ يڪسانيت آهي ئي ڪانه.

۽ انهيءَ ڪري منهنجيءَ دل ۾ ناڪاميءَ يا نامراديءَ جي گهٽ يا مايوسي بلڪل آهي ڪانهي. بلڪ، مان، پنهنجي بابا وانگر پهرين نگاهه ٻين جي دکن ۽ گهاون تي رکندي آهيان ۽ ائين پنهنجن دکن ۽ گهاون جي ايذاءَ ۽ شدت کان گهڻي گهڻي بچيل رهندي آهيان. ۽ اهڙيءَ طرح، زندگيءَ جي ساهه گهٽيندڙ ”يڪسانيت“ جي احساس جو شعور رکندي به، پاڻ جي شڪار نه ٿيندي آهيان. منهنجي من ۾ بهتر مستقبل جو ڏيئو سدائين ٽمڪندو رهندو آهي.

ڪوهه هماليه- محمد ابراهيم جويو!

   هلڪڙا    ماڻهو   بادلن   جيان    گجگوڙون    ڪن،

ڳورا ماڻهو ڪوهه هماليه وانگر سينو ساهي بيٺا آهن.

 

 

 

 

 

فهيم نوناري

 

مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر مانواري ڀيڻ ثمينه ميمڻ لينڊ لائين فون تي ٻڌايو ته هن سال مهراڻ سائين محمد ابراهيم جويو نمبر شايع ڪري رهيا آهيون، اوهان به لکو، اِهو هو شاهي حڪم.

تاثر، خط ۽ مضمون مون گهڻي ڀاڱي هڪ ئي نشست ۾ ملڪي ۽ عالمي شخصيت بابت لکيا آهن. ڪڏهن به ٻڏتر ۽ اگر مگر جو شڪار نه رهيو آهيان، ليڪن سائين محمد ابراهيم جويي لاءِ لکڻ وقت هڪ هزار سوال اخلاقي، علمي ۽ جذباتي نوعيت جا ڪر کڻي سامهون بيهي رهيا، هوند ڪوهه هماليه جيڏي شخصيت تي لکڻ وقت انصاف جون تقاضائون پوريون ڪري سگهندس. جواب مليو ته نه! ليڪن سوچ جي رنگ برنگي دائرن مان نه!! انڪار!! واري سوال منجهان جواب مليو ته اهو انڪار!! نه!! ۽ تضاد!! به انهن ڏاهن ۽ فلاسفرن اسان کي سمجهايو ته ها جي نسبت نه يعني تضاد اهم آهي ۽ زندگي جي علامت آهي، زندگيءَ جو بنياد تضاد آهي. ڪائنات جو سڄو مانڊاڻ تضاد جي بنياد تي بيٺل آهي، صبح آهي ته شام ٿئي ٿي، ڏينهن آهي ته رات آهي، گرمي آهي ته سردي آهي، اونداهه منڊل آهي ته ست رنگي انڊ لٺ جا رنگ آهن، خوشي آهي ته غمي آهي، زندگي آهي موت آهي، ڳوڙها آهن ته ٽهڪ آهن، اهڙي ريت زندگي جا سڀئي رنگين، حسين ۽ سنگين جلوا تضاد جي ٺِڪري تي بيٺل آهن. خيالن جو ٽڪراءُ خود هڪ نئين تازي خوبصورت خيال کي جنم ڏئي ٿو.

مون کي انهي خيالن جي کوري مان اهو تابناڪ تصور ڏسڻ ۾ آيو ته سنڌ جي ڏاهو (Genius)جنهن سنڌ جي نئين نسل کي جديد سائنٽيفڪ سوچ جا بنياد فراهم ڪيا، فڪري طور جويو صاحب سنڌ جي علم، ادب ۽ سماج لاءِ اهڙا سونهري خواب ۽ تصور اُڻيا جيڪي سنڌ جي سماج کي ترقيءَ جي معراج ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ عظيم شاهراهه ثابت ٿيا، هن جون فڪر انگيز لکڻيون، تقريرون، ڪتابن جا لکيل مهاڳ، عظيم (Noble) ترجما ۽ شاندار ڪتاب، مضمون، مقالا، شاعري ۽ زندگيءَ جو پورو علم و عمل سنڌ جي موجود ۽ ايندڙ نسلن لاءِ سنڌ ۽ جدوجهد تاريخ جا ايندڙ نقاد هن کي اڃا ڊسڪور پڌرو (Discover) ڪندا.

نانگن ٻڌي نينهن جي ڪڇين ڪاڇوٽي،

جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،

تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

(شاهه)

جامي چانڊيي چواڻي: ”اهڙن ماڻهن جي عظمت جون بلنديون تڏهن ظاهر ٿينديون جڏهن جهالتن، غلامين ۽ اونداهين جا ڌنڌ لهندا ۽ آزادي، شعور ۽ روشنين جا پورب پڌرا ٿيندا. (ص 7 ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا)

عظيم شاعر رسول حمزه توف چيو آهي ته: ”اديب ۽ شاعر باهه جا رکوالا آهن“ اهو سچ آهي ته جيڪڏهن سچ جو ٻرندڙ مچ ٿڌو ٿيو ته سوچ، سمجهه ۽ تخليق جو چنگاريون ۽ شعلا ڪٿان اٿندا؟ اديب ۽ شاعر قومن ۽ انسان ذات جا ترجمان ۽ سونهان هوندا آهن، تنهن لاءِ هو باهه جي مچ کي سلامت رکندا آهن ۽ جيڪي ترقي، عزت، آزادي، آجپي، خوشحالي ۽ انساني وقار جي عظمت ۽ سربلندي جون واٽون گهڙيندا آهن. محمد ابراهيم جويو جيڪو ڪڏهن به ٿڪيو نه آهي، هُن هميشه انساني فتح، نيڪي، ڪاميابي، ڪامراني، برابري، شادابيءَ لاءِ رنگ و نسل کان بالاتر ٿي سدا سهڻا ملوڪ خواب ۽ عمل جي واٽ ڏانهن ويندڙ رستا گهڙيا آهن، هو ڪڏ هن ورچي ويٺو نه آهي، ٿڪو نه آهي، هُن جو پنڌ سدا بُلنديءَ ڏانهن آهي.

وڍيو آهين ته ويهه، نه ته واٽ وؤن تون.

****

ڏکن پٺيان سُک سگها ٿيندئي سيئي،

ڏورج پاسي ڏک ته ٻاجهه پوي ٻروچ کي،

جي پهڻ پٻ، ته لِڱ منهنجا لوهه.

(شاهه)

برازيل ۾ جنم وٺندڙ جڳ مشهور ڏاهي پائلو فراري جو ڪتاب ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘ جوئي صاحب ترجمو ڪري، اسان جي پوري نسل کي روشن راهه ڏَسي آهي ته ڇوٽڪاري جي واٽ ڪهڙي آهي، ان کان سواءِ ’وحشي جيوت جا نشان‘ سنڌي ادب ۾ شامل ڪري هُن انساني تاريخ جو آئينو اسان جي هٿن ۾ ڏنو آهي. ائين سوچ ۽ فڪر جا ٺوس سائنسي بنياد رکي ڄڻڪ سنڌي سماج جي شعور جي سفر جو پنڌ سولو بڻايو آهي.

ڀاڳوند آهن اُهي قومون جن ۾ جوئي صاحب جهڙا هيرا جنم وٺن ٿا، تاريخ اهو ڀاڳ سنڌي قوم جي جهولي ۾ وڌو، جو هو جتان به گذريو اُتي مشڪ ۽ عنبر جو کٿوريون پکيڙي ڇڏيائين.

سنڌ جي خمير مان ڦٽي نڪتل جويو صاحب اهو ياقوت آهي جنهنجو ملهه اڻ ڪٿيو آهي، سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ جاڳرتا واري تحريڪ ۾ هُن جا هيٺيان بي مثال ڪارناما (Land Mark Events) آهن.

(1) هند ۽ سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي ميلاپ واري پُل (Bridge) طور ڪم ڪيو.

(2) ڏيهه اندر ڏاتار بڻجي پرڏيهي ادب مرزا قليچ بيگ کان پوءِ جويي صاحبُ ئي واحد شخصيت آهي، جنهن انگريزي، فرينچ، روسي، جرمن ۽ ٻين روشن خيال قومن جو قيمتي سرمايو سنڌ کي ترجمو ڪري ڏنو.

(3) ادب کي سماج جي سڀني واهڙن ڏانهن ذميواري جو احساس ڏياريو ته ادب رڳو داد رنگ برنگي خواب ۽ دلبريءَ وارو آسرو نه آهي بلڪ خلقِ خدا جو رهبر سونهون ٿي، انسان ۽ انسانيت کي جرڪائي روشن راهه تي گامزن ڪري ٿو.

(4) سنڌ جي سماج ۽ ادب ۾ اخلاقيات (Code of ethics) کي روشناس ڪرائڻ ۽ ان جو عملي مثال (Model)  ٿيڻ.

(5) همعصر (Contemporary) ۽ اُسرندڙ نوجوان ادبي لڏي کي اُتساهه ڏيارڻ، ساراهڻ ۽ سونهون ٿي سخاوت، اعليٰ ظرافت ۽ وضعداريءَ سان رهبري ڪرڻ.  

(6) ادب ۽ سياست ۾ سهپ، بردباري، هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ، سنڌ ۽ انسان ذات جي ڀلائي واري جدوجهد ۾ دائمي جدوجهد ڪرڻ.

(7) بي شمار ترجما ۽ ڪتاب ڏيڻ.

(8) ماڻهن جي تربيت ۽ تعليم لاءِ جاکوڙ ڪرڻ.

(9) ماڻهوءَ کي ٺاهڻ نئين راهه راست تي آڻڻ لاءِ جتن ڪرڻ.

(10) هيٺئين ۽ وچولي ڪلاس مان نوان ڪردار ڳولي لهڻ ۽ انهن کي سماج ڏانهن جوابدار بنائڻ لاءِ انهن جي علم، ادب ۽ ڪتاب وسيلي مسلسل رهبري ۽ رهنمائي ڪرڻ.

(11) سنڌ جي علمي ادبي ادارن توڻي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي حصه بندي، تربيت، تعليم لاءِ جاکوڙڻ ۽ انهن ادارن کي تنبيهه سان پنهنجو فرض ياد ڏيارڻ، ۽ ڪي رهنما ڪُنجيون، مضمون ۽ ٻين حوالن سان انهن کي مهيا ڪرڻ.

(12) هن منتشر ادبي صنفن ۽ اديبن کي خوابن جي دنيا مان ورائي ڌرتي تي رهي، مسڪين مارن لاءِ لوچڙڻ ۽ سوچڻ جو سنيهو ڏنو.

جکرو جس کرو.... ٻيا مڙيئي مير...

                           (شاهه)

محمد ابراهيم جويي جون صورتخطيءَ جي

سلسلي ۾ ڪيل خدمتن جو مختصر تحقيقي جائزو

 

 

 

 

 

 

الطاف حسين جوکيو

 

سنڌ جي اهڙن شخصن جن اداري جي صورت ۾ ڪم ڪيو هجي، اهڙن نالن جو تعداد ڪو گھڻو ڪونه ٿو ٿئي. علم و ادب جي کيتر ۾، شاهه لطيف ۽ سچل پنهنجي دؤر جا ادارا هئا، جن پنهنجي ٻوليءَ کي تحفظ ڏيڻ سان گڏوگڏ هڪ فڪري حلقو پيدا ڪيو ۽ مذهبي ڪٽرپڻيءَ جي شدت کي گھٽائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو. انگريزن جي دور ۾ عربي- سنڌي رسم الخط جي اجراء بعد نئين رسم الخط موجب ڪتابن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ  لاءِ مرزا قليچ بيگ اندازاً 450 ڪتاب لکي هڪ اداري جو ڪم ڪيو. سائين جي.ايم.سيد سماجي، سياسي ۽ اقتصادي  طور سنڌ جي حيثيت کي مڃائڻ خاطر هڪ اداري جو ڪم ڪيو ۽ بمبئيءَ کان آزاديءَ بعد نئين سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ  اداري جي صورت ۾ ڪم ڪيو. شيخ اياز شاعريءَ ۾ هڪ اداري طور ڪم ڪيو؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مختلف موضوعن تي ڪم ڪري هڪ اداري جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو. اهڙي هڪ سلسلي جي ڪڙي محمد ابراهيم جويو پڻ آهي، جنهن سنڌ جي عشق ۾ Save Sindh, Save the Continent from Feudal  Lords, Capitalists and their Communalists ڪتاب کان وٺي سنڌي علم ۽ ادب جي هر رخ تي ڪم ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي قيام کان وٺي سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم لاءِ اهڙي ڏکئي وقت ۾ پاڻ پتوڙيو، جنهن دؤر ۾ سنڌي ٻولي جي حيثيت گھٽائڻ ۾ سرڪاري ڪوششون ٿي رهيون هيون. جويو صاحب نئينءَ سنڌ جي، قيادت لاءِ پيدا ٿيو هو. غلام رباني آگري صاحب لکيو آهي ته: ”پير حسام الدين راشديءَ، ڳالهين ڪندي، هڪ ڏينهن مون کي چيو هو ته اسان کي سنڌ سان محبت جو سبق جويي صاحب ڏنو،“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي ته: ”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنـﻫـن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي لڏو محمد ابراهيم جويي جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به ناهي.“ان کان وڌيڪ جويي صاحب جي سڃاڻپ ڪـﻫـڙي ٿي سگهي ٿي!

جوئي صاحب جي زندگيءَ تي سنڌ جي ٻن مفڪرن سائين جي.ايم.سيد ۽ ايم.اين.راءِ جو وڏو اثر رهيو آهي. جنهن سبب ايم.اين.راءِ جي ڪتاب Historical Role of Islam جو سنڌي ترجمواسلام- جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. امڪان آهي ته ترجمي جي لحاظ کان اها سندس پهرئين ڪاوش آهي، ان بعد ترجمي جي فن ۾ جيڪا حيثيت صاحب موصوف جي آهي، تنهن تي ڪوبه رسي نه سگھيو آهي؛ ڇوته اها ڳالهه مسلّم آهي ته ترجمي جو ڪم طبعزاد ادب کان وڌيڪ  ڏکيو آهي. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪريآبياري ڪئي آهي

ڪتابن تي مـﻫـاڳ جو فن به هڪ الڳ حيثيت جو حامل آهي، صاحب موصوف جا ڪافي علمي ڪتابن تي مقدمه سندس هر علم  تي مَلڪي جي  ساک ڀرين ٿا. ٻوليءَ جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج الحق جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“(1964ع) جي مـﻫـاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مـﻫـاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مـﻫـاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو ۽ ان جي لکيل مـﻫـاڳ سبب ڪنـﻫـن به ڪتاب جي حيثيت هڪ سندَ واري ٿيو پوي.

جديد ادب جي سرپرستي جي حوالي سان جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز- جي ڪافي ڪتابن جا مـﻫـاڳ لکيا.بيشڪ سائين محمد ابراهيم جويو، بمبئي جي آزاديءَ کان پوءِ نئين سنڌ جي نئين سري سان سنوار ۾ سائين  جيئيم سيد ۽ علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ وانگر پيش پيش رهيو. منـﻫـنجي والد مرحوم محبوب علي جوکئي جو روحاني استاد رهيو ۽ ان کي تعليمي ۽ ادبي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جا گس ڏَسيا. بابا سائين اڪثر ساڻس ملندو هو ۽ مان پڻ گڏ هوندو هيس، ان وقت هن فقير منش جي شفقت کي شدت سان محسوس ڪندو هيس.

سائين جوئي صاحب جي شخصيت ۽ خدمتن تي لکڻ منـﻫـنجي وس ۾ ناهي جو هن بزرگ جي حيثيت گھڻ پاسائين تسليم ٿيل آهي. ليڪن پوءِ به يوسفؑ جي  خريدارن ۾ پاڻ ڳڻائڻ خاطر ڪجهه لکڻ تي دل گھري ٿي.

غلام رباني آگري صاحب لکيو آهي ته:

”جويي صاحب جي شخصيت گهڻين ئي خوبين جي حامل آهي. ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته سنڌ ۾ صحيح سنڌي صورتخطيءَ جو جويي صاحب کان وڏو ماهر ٻيو ڪونهي. پنڪچوئيشن يعني بيهڪ جي نشانين، اکرن تي  زير زبر ڏيڻ جو فن مٿس ختم ٿيو. ڪتابن جي ڇپائيءَ تي سندس قول سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿو.“

مقصد ته محمد ابراهيم جويي جي شخصيت بيشڪ گھڻ پاسائين آهي ۽  هڪ اداري جي حيثيت سان سامهون اچي ٿي. هتي علمي حوالي سان سندس صورتخطيءَ سان سلهاڙيل جزن تي ڪيل خدمتن مان ڪن نڪتن جو انتهائي مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

1.      بيهـڪ جي نشانين جي صوتي(Phonemic)  حيثيت ۽ اهميت :

صورتخطيءَ ۾ بيهڪ جي نشانين جي وڏي اهميت آهي. ان لاءِ ته بيهڪ جون نشانيون معنوي فرق پيدا ڪنديون آهن. پروفيسر علي نواز جتوئي جملي جي ڍار سببان بيـﮨـڪ جي نشانين کي صوتيو (Phoneme)ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:

”جملن کي جدا جدا ڍنگ سان ادا ڪبو آهي. عام طرح سان جملن جا ٽي قسم آهن: بياني، سوالي ۽ تعجبي. اهي ٽيئي الڳ الڳ ڍنگ سان ادا ڪبا آهن، اگرچ انهن جا لفظ ساڳيا هوندا آهن، مثلاً:

1)                 تون وڃين ٿو.

2)                تون وڃين ٿو؟

3)                تون وڃين ٿو!

هي ٽيئي مختلف جملا آهن، اگرچ سندن لفظ ساڳيا آهن. انهن ٽنهي جملن جي پڇاڙي مختلف ڍار سان ختم ٿئي ٿي. پـﮨـرئين جملي جي پڇاڙي هموار ڍار سان ٿئي ٿي ٻئي جي اڀرندڙ ڍار سان ٿئي ٿي ۽ ٽئين جي لـﻫـندڙ ٿئي ٿي. ڍار جي بدلجڻ سان ڇاڪاڻ ته مطلب ڦري وڃي ٿو، تنـﮨـنڪري انهيءَ کي صوتيتي اهميت آهي. انهيءَ لحاظ کان لسانيات جي عالمن دم / ./ ، اڌ دم / ؛/ ، ٿورو دم / ،/ سوال جي نشاني /؟ / ۽ عجب جي نشاني/ !/  کي صوتئي جو درجو ڏنو آهي.“   (جتوئي، 1996: 80- 81)

بيـﻫـڪ جي نشانين (رموز اوقاف) واري درست استعمال تي ڪافي عالمن/ استادن پنـﻫـنجا رايا رکيا آهن ۽ ان جي استعمال تي زور ڏيندا آهن؛ ليڪن پوءِ به ڪن حالتن ۾ هڪ منجھيل سُٽ محسوس ٿيندو آهي. حقيقت ۾ هيءُ عنوان ايترو نظر انداز ڪرڻ جـﻫـڙو ڪونهي، جيترو اسان ان کي ڀانيون ويٺا آهيون.

ڪن عالمن جو رايو آهي ته انگريزيءَ ۾ ابتدائي بيـﮨـڪ جي نشانين جو بنياد، عربي اکرن مان ورتل آهي، جيئن، ’ڪاما‘ جي نشاني ’و‘ مان ورتل آهي؛ عجب جي نشاني ’الف‘ مان ورتل آهي؛ ليڪن ان جو استعمال انگريزي ٻوليءَ ۾ پنـﮨـنجي گرامر موجب ڪيل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو ٻوليءَ جي بيـﮨـڪ جي نشانين ۾ ڪافي فرق آهي. ان جو اهم سبب اهو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ بيـﮨـڪ جي نشانين جو استعمال هوبـﻫـو انگريزيءَ تان ورتل آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڏانوَ وٽان آهي. ان بابت سنڌ جو ڏاهو ۽ استاد محمد ابراهيم جويو صاحب هڪ انٽرويوءَ ۾ ’بيـﮨـڪ جي نشانين‘ متعلق ويچار ونڊيندي ڄاڻائي ٿو ته:

”توهان کي عجب لڳندو ته اِها پنڪچوئيشن (Punctuation) انگريزيءَ ۾ گرامر جي جن اصولن موجب ڪم اچي ٿي، انهن ساڳين ئي اصولن تي سنڌيءَ ۾ به ڪم اچي ٿي. سنڌيءَ ۾ ساڳيءَ طرح مرڪب جملا ۽ مرتب جملا به ٿين ٿا، ته پنڪچوئيشن جا اهي ئي اصول ۽ قاعدا قانون آڻڻ ضروري هئا ۽ آندا ويا، جن لاءِ انگريزي ٻوليءَ کي ڏسي ڪري اسان کي خيال آيو ته ان جي پوئواري ڪجي.“    (ابراهيم، 2006: 11- 19)

جويو صاحب ڪافي ڪتابن جي  تصحيح يا پروف ريڊنگ پاڻ ڪندو رهيو آهي، انهن ڪتابن ۾ سڀ کان پـ هريائين صاحب موصوف جو مرڪز بيـ هڪ جي نشانين تي هوندو آهي. شيخ اياز جي ڪتابن تي مـﻫـاڳ لکڻ سان گڏ انهن جي پروف ريڊنگ پڻ  پاڻ ڪيائين؛ جنهن ۾ بيـهڪ جي نشانين جي درست استعمال مان سندس مزاج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. اڄڪلهه، اهڙن ماهرن/ استادن جي ڪافي کوٽ آهي جيڪي ’بي ـ هڪ جي نشانين‘ تي توجهه ڏيندا هجن.

2.     رسم الخط جي حوالي سان اکرن جي صورتن جو اڀياس:

رسم الخط جو تعلق اکرن جي خطاطيءَ سان ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪي اکر متّصِل (ڳنڍيندڙ) ته ڪي وري منفصل (اڻ- ڳنڍيندڙ) ٿين ٿا. عربي- سنڌي رسم الخط ۾ عام طور اکرن جون چار صورتون سامهون اچن ٿيون؛ البته، ڪن اکرن جون صورتون چئن کان گھٽ به ٿين ٿيون.

محمد ابراهيم جويي صاحب اکرن جي صورتن تي علمي ڪم ڪيو آهي جيڪو منشي آنند رام جي The Sindhi Instructor جي مـﻫـاڳ جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. صاحب موصوف جيڪو ڪم ڪيو آهي سو ٻين عالمن کان هٽي ڪري ڪيو آهي، جنهن مان سندس علمي لياقت ظاهر ٿئي ٿي. هتي چند عالمن جون ڄاڻايل اکري صورتون، تقابلي طور پيش ڪجن ٿيون:

ڪافي عالمن اکرن جي صورتون ڄاڻايون آهن، خاص طور مرزا قليچ بيگ(2006: 163)، محمد ابراهيم جوئي (Ibrahim, 2007: 9)، ڊاڪٽر غلام علي الانا(1993: 106)، واحد بخش شيخ(1986: 9) جا نالا سامهون اچن ٿا؛ البته، ابراهيم جوئي جون ڄاڻايل صورتون نرالي انداز سان آهن:

‘The Sindhi Instructor’ (1905) Sindhi Alphabet Chart:

Combined Form

English

Detected Form

Name

 

Initial

Medial

Final

ا

-

ـا

a

ا

Alif

-

-

ـد

d

د

Dal

-

-

ـڌ

dh

ڌ

Dhal

-

-

ـڏ

d

ڏ

Day

-

-

ـڊ

d

ڊ

Dal

-

-

ـڍ

Dh

ڍ

Dhal

-

-

ـذ

z

ذ

Zal

-

-

ـر

r

ر

Ray

-

-

ـڙ

r

ڙ

Ray

-

-

ـز

z

ز

Zay

-

-

ـو

v

و

Vav

هه

ـهـ

ـهه

h

هه

Hay

ئـ

ـئـ

-

a

ء

Hamzo

(Ibrahim, 2007: 9-12)

عربي خط، بنيادي طور تي آرامي خط مان ورتل آهي، جيڪو عربن ۾ يمن جي سبا قوم رائج ڪيو، جن جي زبان حميري ڪوٺجي ٿي، هيءَ ٻولي، عربيءَ جي وڏي ڀيڻ تصور ڪئي ويندي آهي. انهن آرامي 22حرفي ابجد ۾ 6 حرفن جو اضافو ڪري موجوده 28حرفي ابجد بيـﮨـارٖي جـﮨـڙوڪر ابجد ۾ نوَن حرفن بيـﮨـارڻ جو هڪ رستو کولي وڌو. ٻيو اهم قدم نبطي قوم جي ليکي ۾ اچي ٿو، جن ’‘ جو اضافو ڪيو؛ پر اڃا به جيڪو قدم وڌيڪ اهميت جو حامل آهي، سو آهي اکرن کي گڏي مرڪب شڪل ۾ لکڻ! انهن ئي، اکرن جي ترڪيب جي ذريعي موصول (ڳنڍجندڙ) ۽ غير موصول اکرن جي ڄاڻ ڏني. جنـﮨـن سبب لکڻ هڪ اهم فن جي حيثيت وٺي چڪو.    (سليم، 1981: 25- 26)

عام طور عربي رسم الخط جي اکرن توڻي ان مان اخذ ڪيل مختلف ٻولين لاءِ  رسم الخطَ جي اکرن جون تقريباً چار چار صورتون ٿين ٿيون: ابتدائي (Initial)، وچين (medial)، آخري (final) ۽ سالم (independent)؛ جن جو مدار لفظ ۾ ڀر واري اکر سان ڳنڍجڻ يا نه ڳنڍجڻ تي آهي.   ( الانا، 2003: 105)

ڊاڪٽر الانا صاحب، منفصِل (اڻ ڳنڍيندڙ) اکرن جي وچين صورت ۾ ٻين عالمن کان اختلاف رکي ٿو، جنـﮨـن جو جواز ڄاڻائي ٿو ته: ا، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز ۽ و ڪنـﮨـن به لفظ ۾ پوئين حرف سان ملايا نه ويندا آهن، اهي حرف، اڳئين حرف سان ڳنڍجي سگھجن ٿا، بشرطيڪ اڳيون حرف به ڳنڍيندڙ هجي. مثال طور:

اُڀِ     الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.

اُس     الف پوئين حرف سان مليل نه آهي.

پاسو   ايضاً  

رات    ’ر‘ ۽ ’ا‘ پـﻫـرئين يا پوئين حرف سان مليل نه آهن.

رَسَڻ   ’ر‘ پوئين حرف سان مليل نه آهي.

ڪرڻ   ’ر‘ ايضاً

دري    ’د‘ ۽ ’ر‘ اڳئين ۽ پوئين حرف سان مليل نه آهن.

رُڌَلَ    ’ر‘ ۽ ’ڌ‘ ايضاً

ٻُڌ      ’ڌ‘ پـﻫـرئين حرف سان مليل آهي.

چوڻ    ’و‘ پوئين حرف سان مليل نه آهي.

هيٺ ڏنل لفظن ۾ حرف، ڪنـﮨـن به روپ ۾، هڪٻئي سان به ڳنڍجي نه ٿا سگھن، مثلاً:

                واڍو                    ڍور

                دوا                     رِڍ

                ڌار                     اَڌ

                واڙ                     زور.“           (الانا، 1993: 107- 108)

2.1.       عالمن پاران ڄاڻايل اکرن جي صورتن جو مختصر جائزو:

ڊاڪٽر الانا منفصل اکر ڄاڻايا آهن: ا، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز ۽ و، تن لاءِ صاحب موصوف ڄاڻائي ٿو ته اهي اهڙا اکر آهن جن جي پڇاڙيءَ ۾ ٻيا اکر نه ٿا ڳنڍي سگهجن. صاحب موصوف موجب اهڙي صورت ۾ انهن اکرن جون مڪمل صورتون ناهن. اڀياس موجب ڄاڻايل اکرن ۾ ’ء‘ (همزي) جو به شمار ٿئي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته خطاطيءَ موجب همزي جون صورتون به مڪمل ڪونه ٿيون بيـ هن، ان صورت ۾ اکرن جي بيـ هڪ هن ريت بيـ هندي:

ا، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، و ۽ ء

مذڪوره اکرن ۾ خطاطيءَ جي لحاظ کان پنج بنيادي اکر:’ا، د، ر، و ۽ ء‘آهن، باقي ٻين تي ٽٻڪن جو استعمال ٿيل آهي؛ ان کان علاوه سنڌي صورتخطيءَ جي لحاظ کان ’هه‘ جون چئن کان وڌيڪ صورتون سامهون اچن ٿيون، ان لاءِ مذڪوره اکرن آهر عالمن جي ڄاڻايل صورتن جو تقابلي اڀياس ڏنو ويندو.

2.1.1.           مرزا قليچ بيگ پاران ڄاڻايل صورتون:

مرزا قليچ بيگ صاحب الف- بي جي 51 حرفن جون صورتون ڏنيون آهن، همزي جو حرف يا ان جون صورتون نه ڏيڻ جي ڪا وضاحت ڪانه ڪئي اٿائين؛ سندس ڏنل اکرن جي صورتن مان اعتراض جوڳيون صورتون هن ريت ڏجن ٿيون:

نالو

اکر

منڍ

وچ

پڇاڙي

الف

ا

ا

ـا

ـا

دال

د

د

ـد

ـد

ري

ر

ر

ـر

ـر

واو

و

و

ـو

        ـو

هي

هه

هـ

ـهـ

ـهه

مرزا مرحوم همزي جون صورتون ڪونه ڄاڻايون آهن.

                                                                  (قليچ، 2006: 163 ۽ 164)

مرزا صاحب جو دؤر ڪافي پراڻو هو، ان صورت ۾ هن بزرگ اڳيان ڪو ڇنڊ ڇاڻ وارو مواد ڪونه هوندو يا ڪي مضبوط معيار نه هوندا، يا وري اصل مواد ۾ ڪي ٻيون صورتون ممڪن هجن ۽ ڇاپي صورت ۾ عملي وارن جي لاپرواهي هجي؛ بـﮨـرحال، انهن صورتن ۾ دؤر جديد موجب چُڪون محسوس ٿين ٿيون. مبادا مرزا صاحب جي نظر منفصل توڻي متّصِل جي گڏيل حالت ۾، ڪنـﮨـن لفظ جي منڍ، وچ يا پڇاڙيءَ جي استعمال تي هجي! ان صورت ۾ ان کي غلط به نه چئي سگھبو. پر جيئن ته هي معاملو خطاطيءَ سان واسطو رکي ٿو، ان حالت ۾ ڪنـﮨـن اکر جي جدا جدا صورتن تي نظر ڌرڻ لاءِ هي صورتون جاچيون وينديون آهن ته ڪنـﮨـن لفظ جي ڳنڍيل صورت ۾ ڪـﻫـڙو اکر ڪـﻫـڙي صورت اختيار ڪري ٿو.

2.1.2.     محترم محمد ابراهيم جوئي جون ڄاڻايل صورتون:

واجب العزت جناب محمد ابراهيم جوئي صاحب ’منشي آنند رام‘ ۽ ’ڊولامل بولچند‘ جٖي اهم ڪتابن کي تصحيح ڪري ڇپرايا. ’منشي آنندرام‘ جي ڪتاب ‘The Sindhi Instructor’ جي ٽي دفعا تصحيح ڪيائين. هتي ڄاڻايل ڪتاب جو  چوٿون ڇاپو (2007ع) سامهون آهي، جنـﮨـن جي ’پيش لفظ‘ ۾ اکرن جون تصحيح شده صورتون بيـﮨـاريون ويون آهن؛ جڏهن ته ڪتاب جي ڀيٽ ۾ ’منشي آنند رام‘ جي ڄاڻايل صورتن ۾ ڪافي ڪميون آهن. هيٺ جوئي صاحب جي ڄاڻايل صورتن مان مونجھاري هيٺ آيل بنيادي منفصِل اکرن ’ا، د، ر ۽  و‘ ۽ متصِل اکر ’هه‘ جون صورتون خيال خاطر رکجن ٿيون:

Combined Form

 

English

 

Detached

Form

 

Name

Initial

Medial

Final

ا

ـا

a

ا

Aliph

ـد

d

د

Dal

ـر

r

ر

Ray

ـو

v

و

Vav

هـ

ـهـ

ـهه

h

هه

Hay

ئـ

ـئـ

a

ء

Hamzo

’منشي آنند رام‘ جي تصحيح ڪيل چارٽ مان اهو پتو پوي ٿو ته محترم جوئي صاحب هن معاملي کي چڱيان جاچيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڻ لکن ٿا ته:

“In this fourth edition (the third of the revised one), I have replaced the first two pages of the book regarding the Alphabet. These original two pages, reproducing herein below to save them for posterity, as may be seen, sought to present the 52 letters of Sindhi Alphabet with their variant forms as the same appeared holding their position in the calligraphic format of the word.”  (Ibrahim, 2007: 9)

محترم جوئي صاحب جي خيال ۽ صورتن مان پتو پوي ٿو ته صاحب موصوف اکرن جي صورتن کي خطاطيءَ جي اصولن پٽاندر ئي ڏٺو آهي؛ ان اصول پٽاندر ڏٺو وڃي ته صاحب موصوف جي ڄاڻايل ’الف‘ جي صورتن ۾ ڪمي آهي، جڏهن ته ’هه‘ لاءِ مروّج صورتن تي ئي ڀاڙيو ويو آهي.

واضح رهي ته: ’الف‘ جي شروعاتي صورت ٿيندي ئي ناهي؛ ڪنـﮨـن لفظ يا لفظ جي جوڙ واري منڍ ۾، خطاطيءَ جي اصولن آهر، ’الف‘ سالم صورت ۾ ئي ايندو آهي؛ جيئن:

o           شروعات ۾: اک، انب، اوير، اسرار، انوار، ابرار، الف؛ آخر، آسرو وغيره.

o      وچ ۾: قرآن (ٻيو ڪو لفظ نه ٿو ملي جيڪو وچ ۾ سالم صورت ۾ آيو هجي.)

2.1.3.     ڊاڪٽر غلام علي  الانا پاران ڄاڻايل صورتون:

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، عربي- سنڌي آئيويٽا جي 28 حرفن جون صورتون ڏنيون آهن، 52 مان 28 حرفن جي صورتن جي چونڊ ڪـﻫـڙي بنياد تي ڪئي وئي (حرف جي بنيادي گھر يا ٽٻڪن وار)؟ ان جي ڪا وضاحت ڏنل ڪانهي ۽ نه وري اهڙي ڪا ورڇ ڪيل آهي؛ البته، صاحب موصوف ان نڪتي تي واضح آهي ته: ”سڀني حرفن جا ڌار ڌار چار روپ آهن… جن جو مدار لفظ ۾ ڀر واري حرف سان ڳنڍجڻ يا نه ڳنڍجڻ تي آهي“. (الانا، 1993: 105- 106)سندس ڄاڻايل صورتن مان مونجھاري هيٺ آيل صورتون رکجن ٿيون:

سالم

شروعاتي

وچين

آخري

ا

ا

-------

ــا

د

د

-------

ــد

ر

ر

-------

ـر

هه

هـ

ـهـ

ـهه

’و‘ جون صورتون ڏنل ناهن ليڪن ان کي ’د‘ ۽ ’ر‘ سان شامل ڪيو ويو آهي.

’همزي‘ جون صورتون ڄاڻايل ناهن ۽ نه وري ڪا وضاحت ملي ٿي.

                                                                  (الانا، 1993: 106 ۽ 107)

ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻايل 28 حرفن جي صورتن مان چئن حرفن جون صورتون ته منفصل آهن، باقي ’هه‘ وينجني توڙي وسرڳيءَ جون صورتون گڏائي ڏنيون ويون آهن؛ جن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪتاب جي لکڻ يا نئين ڇاپي تائين ڊاڪٽر صاحب جي خيال ۾ اها ڳالهه نه اچي سگھي ته وينجن ’هه‘ ۽ وسرڳي ’ﮩـ‘ جي صورتخطي الڳ الڳ هجڻ کپي! ’هه‘ حرف جي الڳ الڳ صورتخطيءَ بابت باضابطه طور تي 1999ع تي ڊاڪٽر جيٽلي صاحب لکيو(جيٽلي، 1999: 190)؛ حقيقت ۾ اهڙو سَنڌو پراڻا پرائمري استاد رکندا هئا. بـﻫـرحال، ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻايل ’ا، د، ۽ ر‘ جي وچين صورتن نه ڏيڻ مان اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته صاحب موصوف ان مسئلي بابت ڪنـﻫـن حد تائين واضح ضرور آهي، ليڪن واضح هجڻ جي حالت 50% آهي.

2.1.4.     واحد بخش شيخ پاران ڄاڻايل صورتون:

واحد بخش شيخ صاحب ’الف، ب جي حرفن جون جدا جدا صورتون‘ جي عنوان سان 52 حرفن جون صورتون ڏنيون آهن، سي به گھڻي قدر مرزا قليچ بيگ جي ڄاڻايل صورتن جي تتبع تي ٻڌل آهن، سواءِ هڪ- اڌ اضافي جي! تن مان اعتراض هيٺ آيل صورتون هت ڏجن ٿيون:

جدا ٿيل

ابتدائي صورت

متوسط صورت

انتـﮨـائي صورت

نالو

ا

ا

ـا

ـا

الف

د

د

ـد

ـد

دال

ر

ر

ـر

ـر

ري

و

و

ـو

ـو

واو

هه- ه

هـ

ـهـ

ـهه - ه

هي

ء

ئـ

ء

ء

الف همزه

                                                                  (شيخ، 1986: 9، 10 ۽ 11)

شيخ صاحب جي ڏسيل صورتن ۾ پنج ته منفصل اکرن جون آهن، باقي وينجني ’هه‘ ۽ وسرڳي ’ﮩـ‘ جون صورتون گھڻي قدر رواج موجب ڏنيون آهن؛ تنهن ۾ به شيخ صاحب جي ڏنل آخري صورت ۾ ’مختفي ه‘ جو اضافو ڪيل آهي، جنـﮨـن لاءِ ڪا خاص وضاحت ڄاڻايل ڪانهي؛ ايترو ضرور آهي ته شيخ صاحب جي نظر ڪنـﮨـن لفظ جي آخري منفصل اکر سان ايندڙ ’مختفي ه‘ تي بيشڪ هئي، جنـﮨـن لاءِ اهو ڄاڻائڻ بـﮨـتر ڄاتائين.

2.2.       چئني عالمن جي ڄاڻايل صورتن جي ڇنڊڇاڻ:

هيٺ تقابلي چئني عالمن جون ڏنل منفصِل اکرن جون صورتون ڇنڊ ڇاڻ لاءِ رکجن ٿيون:

«                                   

مرزا قليچ بيگ

محمدابراهيم جويو

ڊاڪٽر الانا

واحد بخش شيخ

سالم صورت

ا

د

ر

و

 

ا

د

ر

و

 

ا

د

ر

 

ا

د

ر

و

 

شروعاتي صورت

ا

د

ر

و

 

ا

--

--

--

 

ا

د

ر

 

ا

د

ر

و

 

وچين صورت

ـا

ـد

ـر

ـو

 

--

--

--

--

 

--

--

--

 

ـا

ـد

ـر

ـو

 

آخري صورت

ـا

ـد

ـر

ـو

 

ـا

ـد

ـر

ـو

 

ـا

ـد

ـر

 

ـا

ـد

ـر

ـو

 

مٿي ڄاڻايل گڏيل صورتن جي ڇنڊڇاڻ هيٺينءَ ريت بيـﮨـي ٿي:

·        سالم صورتن ۾ چئني عالمن جي راءِ ساڳي آهي.

·        شروعاتي صورتن ۾ به جوئي صاحب جون ڄاڻايل صورتون مختلف آهن ۽ درست رخ ۾ آهن، باقي ٻين جو خيال ساڳيو آهي.

·        وچيُن صورتن ۾ ٻن عالمن: مرزا قليچ بيگ ۽ واحد بخش جي راءِ ساڳي آهي.البته، ٻن عالمن: جوئي صاحب ۽ الانا صاحب جو خيال مختلف آهي.

·        آخري صورت ۾ چئني عالمن جي راءِ برابر آهي.

الانا صاحب جي راءِ مرزا قليچ بيگ ۽ واحد بخش شيخ کان نرالي بجا آهي؛ سندس ڏنل مثالن مان ٻه نتيجا اخذ ٿين ٿا: هڪ ته، ’الف‘ يا ’ر‘ جي شروعاتي صورت ڪانه ٿي ٿئي، جنـﮨـن لاءِ پاڻ لکيو اٿس ته ’اُڀِ ۾ الف پوئين حرف سان مليل نه آهي‘ يعني شروعاتي الف جي صورت اڻ- ڳنڍجندڙ آهي. جڏهن ته سندس ڄاڻايل مثالن آڌار ’اڀ‘ ۽ ’اس‘ جي جوڙجڪ تي بنا غور ڪرڻ جي مٿي 28 حرفن جي صورتن ۾ ’الف‘ جي شروعاتي صورت به ڄاڻائي اٿائين!

لفظ ’پاسو‘ ۽ ’رات‘ جي وضاحت ۾ لکيو اٿائين ته ’پاسو ۾ الف پوئين حرف سان مليل نه آهي ۽ رات ۾ الف پـﻫـرئين يا پوئين حرف سان مليل نه آهي‘، جي بنياد تي درست راءِ رکي اٿائين ته ’الف‘ جي وچين صورت ڪانه ٿيندي!

ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڏنل مثالن مان اهو خيال مضبوطيءَ سان اخذ ٿئي ٿو ته ڪنـﮨـن اکر جي صورت متّصِل (ڳنڍيندڙ) ۽ منفصل (اڻ- ڳنڍيندڙ) واري اصول تي رکڻ گھرجي. ڊاڪٽر الانا صاحب جو منفصل اکرن جي وچين صورت نه ڏيڻ مان مراد اها آهي ته ڊاڪٽر الانا صاحب هن مسئلي کي ڄاتو درست آهي، ليڪن پنهنجي ڏنل 28 اکرن جي صورتن ۾ منفصل اکرن جي صورتن ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪئي اٿس. سندس ئي ڏنل مثالن آڌار ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته منفصل اکرن: ’الف، دال، ري ۽ واؤ‘ جون شروعاتي توڙي وچيون صورتون ڪونه ٿينديون.

محترم ابراهيم جوئي صاحب جو اکرن جي صورتن بابت خيال، الانا صاحب کان به وڌيڪ مضبوط آهي؛ صاحب موصوف منفصل اکرن ’دال، ري ۽ واؤ‘ جون شروعاتي توڻي وچيون صورتون نه ڏنيون آهن. البته، ’الف‘ جي شروعاتي صورت تي غور نه ڪيو ويو آهي، جنـﮨـن کي اخذ ڪيل اصولن پٽاندر مناسب نه ٿو قرار ڏئي سگهجي.

ٻئي پاسي مرزا قليچ بيگ ۽ واحد بخش شيخ صاحب جون ڄاڻايل منفصل اکرن جون شروعاتي ۽ وچيون صورتون ردّ ٿيڻ جوڳيون آهن.

2.2.1.     الف ۽ همزي جي صورتن جي ڇنڊڇاڻ:

’همزي‘ جي صورتن سان جناب محمد ابراهيم جوئي ۽ واحد بخش شيخ صاحب هٿ ڳنڍيو آهي؛ باقي، مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب ’همزي‘ جون صورتون نه ڄاڻايون آهن. واضح رهي ته هيءُ ’صوتيات‘ کان وڌيڪ ’صورتخطيءَ‘ جو معاملو آهي، ان صورت ۾ ’همزي‘ جون صورتون به ساڳي حيثيت رکن ٿيون. سائين ابراهيم جوئي صاحب ’همزي‘ جون جيڪي صورتون ڄاڻايون آهن، سي خطاطيءَ جي اصولن مطابق بلڪل درست آهن.

«                   

محمد ابراهيم جويو

واحد بخش شيخ

سالم صورت

P                                                   ء

P                                                                                      ء

شروعاتي صورت

ü               ئـ

P                                                                                      ئـ

وچين صورت

P                                                                                      ـئـ

Π                                                                                     ء

آخري صورت

P                                                                                      

Π                                                                                     ء

2.2.1.1.        سنڌي صورتخطيءَ ۾ الف ۽ همزي جون خاصيتون:

·       الف جون صرف ٻه صورتون ’سالم ۽ آخري‘ ڪم آنديون ويندون آهن، شروعاتي ۽ وچولي صورت آهي ئي ڪونه؛ جڏهن ته همزي جون ٽي صورتون ڪم آنديون وينديون آهن، هن جي ’آخري صورت‘  آهي ئي ڪونه!

·       الف ۽ همزو هڪٻئي جا ڀَن ڀريندڙ آهن؛ جتي الف جي صورت ممڪن ناهي اتي همزي (ء) کان ڪم ورتو ويندو آهي. ان مان اهو ئي خيال جڙي ٿو ته الف ۽ همزو ساڳئي نوعيت جا اسم آهن جن جا اکر/ روپ الڳ الڳ آهن.

·       سنڌي صورتخطيءَ ۾ پڻ، ٿورڙي فرق سان، عربيءَ جيان متحرڪ الف لاءِ همزو (لفظ جي وچ ۽ آخر ۾) ۽ ڊگھي سر لاءِ الف ڪم آندو ويندو آهي؛

·       سنڌي ۽ عربي صورتخطيِءَ ۾ ٿورڙو فرق اهو آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾، لفظ جي منڍ واري متحرڪ همزي جي جڳـﮨـه تي الف ڪم آندو ويندو آهي.

مٿيون الف جون صورتون رکڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي ته الف جون صرف ٻه صورتون ’سالم ۽ آخري‘ ممڪن ٿي سگھن ٿيون؛ ٻيون ’ٻه صورتون‘ عربي توڻي عربيءَ مان جڙيل ڪنـﮨـن به صورتخطيءَ ۾ ڪونهن.

·       شروعاتي صورت مان مراد ڪنـﻫـن لفظ ۾ متّصل اکرن سان، ڳنڍيل جوڙ جو منڍ.

·       آخري صورت مان مراد ڪنـﻫـن لفظ ۾ متّصل اکرن سان، ڳنڍيل جوڙ جي پڇاڙي.

2.2.1.2.       سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’الف ۽ همزي‘ جون صورتون:

خاص طور الف ۽ همزي ۾ معاملو سامهون اچي ٿو، ان لاءِ مذڪوره اکرن جو اڀياس ڏجي ٿو. سنڌي آئيويٽا جي ٻنهي ڇيڙن کان هي اکر، الڳ الڳ پڙهايا ويندا آهن؛ جن جون هيٺيون صورتون ڪم آنديون وينديون آهن:

·       الف جون چار اکري صورتون:

سالم

شروعاتي

وچين

آخري

ا

ڪونهي

ڪونهي

ـا

خطاطيءَ جي اصول پٽاندر، الف جون اکري صورتون ڪل ٻه: سالم ۽ آخري ٿين ٿيون، جڏهن ته الف جي شروعاتي توڻي وچين صورت ڪونه ٿي ٿئي.

·       همزي جون چار اکري صورتون:

سالم

شروعاتي

وچين

آخري

ء

ئـ

ـئـ

ڪونهي

خطاطيءَ جي اصول پٽاندر، همزي جون ٽي صورتون ٿين ٿيون، جڏهن ته آخري صورت ڪونه ٿيندي آهي. همزي جي صورتن ۾ جويي صاحب جون ڄاڻايل صورتون خطاطيءَ جي اصولن موجب آهن، باقي 
واحد بخش شيخ صاحب جي ڄاڻايل صورتن ۾ صرف ٻه ئي درست آهن.

2.3.             هيٺ تقابلي چئني عالمن جون ڏنل ’هه‘ اکر جون متصّل صورتون ڇنڊ ڇاڻ لاءِ رکجن ٿيون:

«                                   

مرزا قليچ بيگ

محمد ابراهيم جويو

ڊاڪٽر غلام علي الانا

واحد بخش شيخ

سالم صورت

هه

هه

هه

هه، ه

شروعاتي صورت

هـ

هـ

هـ

هـ

وچين صورت

ـهـ

ـهـ

ـهـ

ـهـ

آخري صورت

ـهه

ـهه

ـهه

ـهه- ه

’هه‘ اکر جي صورتن ۾ گھڻي قدر چئي عالمن جو رايو ساڳيو آهي، البته واحد بخش شيخ صاحب ’مختفي ه‘ جو اضافو ڪيو آهي، جنـﮨـن جون پڻ سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪل ٽي صورتون ڪم آنديون وينديون آهن، جنـﮨـن لاءِ کيس الڳ وضاحت ڪرڻ کپندي هئي.

مٿين صورتن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته ’هه‘ اکر جي صورتن ۾ عالمن بغير ڪنـﮨـن ويچار جي ’هه‘ وينجن ۽ ’ﮩـ‘ وسرڳي جون صورتون ملائي رکيون آهن؛ جيئن ته ’ﮩـ‘ وسرڳيءَ جون صورتون صرف ٻه (وچين ۽ آخري) ٿين ٿيون، جنـﮨـن سبب اسان جي عالمن کي ’هه‘ اکر جي صورتن ڏيڻ ۾ مغالطو ٿيو. واضح هجڻ گھرجي ته ’هه‘ خود هڪ اکر آهي ۽ ان جون ٽي ٻيون صورتون به ٿي سگھن ٿيون ان صورت ۾ ’اکين واري ﮩـ‘ کي شامل ڪرڻ جو ڪـﮨـڙو ضرور؟ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي به ’هه‘ وينجن ۽ ’ﮩـ‘ وسرڳيءَ بابت وضاحت تز ۽ وقتائتي آهي، ليڪن ان ۾ به منفصل اکرن سان ’وسرڳي ﮩـه‘ جي ڪـﮨـڙي صورت هجڻ کپي، تنهن بابت وضاحت ڪانهي؛ ان کان سواءِ ’مختفي ه‘ جي ڪنـﮨـن به روپن ڏانـﻫـن سندس ڌيان ئي نه ويو آهي، جيڪي ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ متّصِل ۽ منفصل صورتن ۾ ڌار ڌار حالتن پٽاندر استعمال ٿيندا آهن: جيئن:

’ـہ‘ مختفي (آخري متّصِل اکرن سان): الله، هميشہ، فاطمہ وغيره.

’ه‘ مختفي (آخري منفصل اکرن سان): موجوده، ماه، فـﻫـميده وغيره.

مٿي محترم محمد ابراهيم جوئي صاحب کان سواءِ، ٽنهي عالمن جي ڏسيل صورتن مان منفصل صورتن تي خيال اهو ٿو ٿئي ته عالمن جو ڌيان لفظن جي شروع، وچ يا آخر جي استعمال تي رهيو آهي؛ جڏهن ته هن جو تعلق خطاطيءَ موجب ڪنـﮨـن اکر جي مختلف صورتن سان آهي؛ جيڪي ٻئي اکر سان ڳنڍجڻ واري حالت ۾ صورت مٽائن ٿا.

3.     صورتخطيءَ جي لحاظ کان چند صورتن جو اڀياس:

4 نومبر 2008ع تي سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ’سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا ۽ انهن جو حل‘ جي موضوع تي سنڌ جي استادن ۽ عالمن جو هڪ مذاڪرو ڪوٺايو ويو، جنـﻫـن ۾ ڪافي لفظ ترجيحي صورتن لاءِ عالمن آڏو رکيا ويا؛ ان لسٽ ۾ اهي لفظ به شامل ڪيا ويا جيڪي 1913ع تي درست صورت ۾، مخزن ’اخبار تعليم‘ ۾ شايع ڪيا ويا هئا. شايد ان معاملي جي حتمي صورت ڪارڻ ڪا ڪميٽي به مقرر ڪئي وئي، ليڪن اهو معاملو اڄ سوڌو سڌو نه ٿيو.ابراهيم جوئي صاحب پڻ لفظن جي مناسب ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکي؛ اصل ۾ هي معاملو ٻوليءَ جي علم سان گڏوگڏ سماجي رواج سان پڻ سلهاڙيل آهي، ان ڪارڻ هن معاملي ۾ هڪ لچڪ رهي ئي رهي ٿي. ڪافي لفظن جي معاملي ۾، چند عالمن ۽ استادن کان علاوه ابراهيم جويي صاحب جي راءِ ۾ لچڪ سامهون اچي ٿي، جنهن مان مراد ته اهڙن لفظن جي صورتخطي سماج ۾ لکجي ٿي، ان لاءِ ڪا حتمي راءِ رکڻ پنهنجو خيال مسلط ڪرڻ آهي، ان ڪارڻ ڪو تحقيقي/ اڀياسي ڪم ٿيڻ گهرجي. هيٺ چند لفظن جون صورتون خيال خاطر رکجن ٿيون:

ترجيحي صورت لاءِ رکيل لفظ

ابراهيم جوئي طرفان ڏنل ترجيحي صورت

ٻيون/ ٻيو/ ٻئو

ٻئو/ ٻيو

توڻي/ توڙي

توڻي/ توڙي

ٺل/ ٺُلهه

ٺل/ ٺُلهه

پليد/ پليت

پليد/ پليت

درياهه/ درياءُ

درياهه/ درياءُ

دنبورو/ طنبورا

دنبورو/ طنبورو

رنگ/ رنڱ

رنگ/ رنڱ (ٻئي)

ڪسر/ ڪثر

ڪسر/ ڪثر (معنوي فرق)

ماروي/ مارئي

ماروي/ مارئي

محل/ مهل

محل/ مهل (معنوي فرق)

مکه/ مکيه

مکه/ مکيه

وابستا/ وابسته

وابستا/ وابسته

وڃين/ وڃي

وڃين/ وڃي (فرق)

کڻين/ کڻي

کڻين/ کڻي (الڳ استعمال)

ويهڻ/ وهڻ

ويهڻ/ وهڻ

ڪاليج/ ڪاليجز/ ڪاليجن

ڪاليج/ ڪاليجن

ڪميٽي/ ڪاميٽي

ڪميٽي/ ڪاميٽي (ٻئي)

مذڪوره ترجيحي صورتن جو تفصيل سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ کان، فائيل جي صورت ۾، حاصل ٿيل آهي.

ان مذاڪري ۾ تقريباً 112 لفظ چونڊيا ويا هيا جن بابت مختلف عالمن پنهنجا رايا رکيا. ظاهر آهي ته ابراهيم جويي صاحب مڙني جي ترجيحي صورتن بابت راءِ رکي آهي. هتي صرف اهي لفظ ڄاڻايا ويا آهن جن ۾ حتمي راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي ۽ معنوي فرق  هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. حقيقت ۾ علمي لحاظ کان حتمي راءِ نه رکڻ ۽ معنوي فرق ڄاڻائڻ جي سببن معلوم ڪرڻ تي تحقيقي ڪم ٿيڻ گهرجي. هتي صرف ٻن نڪتن جو تحقيقي اڀياس پيش ڪجي ٿو:

3.1. توڻي/ توڙي جي ترجيحي صورت جو اڀياس:

ابراهيم جويي صاحب جو سنڌي صورتخطيءَ ۾ هڪ نرالو مقام آهي، مون ڪافي لفظن ۾ سندس نراليون ۽ تُز صورتون ڏٺيون آهن. هڪ پيش  لفظ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪتاب جا ٻه دفعا پروفَ جوئي صاحب پاڻ پڙهيا آهن. هت سندس پيش لفظ مان هڪ جملو ڏجي ٿو:”بني نوع انسان، انفرادي ۽ پڻ اجتماعي طور زندگيءَ جي هر تبديل ۽ عدم تبديل لاءِ جيڪا به رٿا رٿي ٿو يا مصلحت سوچي ٿو ۽ عمل ۾ آڻي ٿو- نفعي جي توڻي نقصان جي- ائين هو پاڻ ٿو ڪري، ۽ ان لاءِ ذميوار به پاڻ آهي.“ (ابراهيم، 2008:xi -xii)

حقيقت ۾ لفظ ’جيتوڻيڪ‘ جو بنياد ’توڻي‘ مان آهي، نه ڪي ’توڙي‘ مان! جيڪڏهن ان لفظ جو بنياد ’توڙي‘ مان آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪابه اهڙي لکت ڪانهي جنـﻫـن ۾ لفظ ’جيتوڙيڪ‘ڪم آيو هجي. جڏهن ته ’توڻي‘ جو لفظ عام صورت ۾ نه هجڻ باوجود پرنٽ ميڊيا ۾ به ڪم آندو وڃي ٿو. ان کان علاوه راقم جي هڪ پيپر ۾ اهڙي صورت ڪم اچي چڪي آهي، جيڪا جملي سوڌي سامهون رکجي ٿي:

”الڳ لکڻ جي سببن ۾: ٻن لفظن جي جوڙ جي وچ ۾ معروف توڻي مجـﮬـول ’ڊگھن سُرن، ڊگھن گھُڻن سُرن‘ ۽ ’مختفي ه‘ سبب به الڳ لکيا ٿا وڃن، جيئن: ڌڻي ڌوڪي…“  (جوکيو، 2011: 48- 88)

”متصّل اکرن سبب به گڏي لکيا ٿا وڃن، توڻي جو هم معنى، متضاد يا لاڳاپو رکندڙ هجن، جيئن: چڱڀلائي، کٽمٺڙو…“  (جوکيو، 2011: 48- 88)

”الف- بي جو شمار هڪ اصطلاح توڻي مخفّف جي هڪ قسم ۾ ٿئي ٿو…“ (جوکيو، 2011: 48- 88)

3.1.1.     گُهُڻي وينجن ’ڻ‘ جو ’ڙ‘ ۾ تبادل:

ڏٺو اهو ويو آهي ته معياري ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظن ۾ گُهڻي وينجن ’ڻ‘ کي ٻين لـﻫـجن خاص ڪري لاڙي/ حيدرآبادي لـﻫـجي موجب ’ڙ‘ ۾ تبديل ڪندا آهن. ليڪن وچولي جي اثر ڪري ڪافي لفظن جي صورتخطيءَ ۾ سڌارو آندو ويو ليڪن اصولي طور تي ان تي توجهه ڪونه ڏنو ويو. چند مثال سامهون رکجن ٿا:

وچولو

حيدرآبادي (وچولي جو اثر)

لاڙي

ماڻهو/ ماڻهون

ماڻهو

ماڙو

جيتوڻيڪ

جيتوڻيڪ

جيتوڙيڪ

توڻي

توڙي

توڙي

ڄاڻايل لفظن ۾ اها ڳالهه ٻيـ هر جاچڻي آهي ته صورتخطيءَ جي حوالي سان ’توڙي‘ جو لفظ بـهتر آهي يا ’توڻي‘! اصل ۾ اهڙن ننڍن مسئلن کي به ٻوليءَ جي ڪنـﻫـن اصول/ اڀياس آڌار جاچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. عبدالغفار صديقي ۽ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري به هن معاملي ۾ ان خيال جا آهن ته ’توڻي‘ جي صورتخطي مناسب آهي.

عام طور تي لاڙي لـﻫـجي ۾ ’ڻ‘ جو بدل آواز ’ڙ‘ عام آهي، خاص طور ’ماڻهو‘ لفظ جو لاڙي اچار ’ماڙو‘ ڪيو ويندو آهي. توڻي/ توڙي ٻنهي جو استعمال حيدرآبادي لـﻫـجي ۾ موجود آهي؛ ذاتي خيال موجب حيدرآبادي لـﻫـجي تي اهو اثر لاڙي نمايان آهي، هونئن به حيدرآبادي لـﻫـجي کي لاڙي لـﻫـجي کان الڳ نه ٿو سمجھي سگھجي؛ ان کان علاوه حيدرآبادي لـﻫـجي تي ٻاهرين برادرين جي اچ وڃ، مٽي مائٽي، وڻج واپار يا ملازمت سبب وچولي جو اثر به يقيناً آهي.

3.2. وڃين/ وڃي (فرق) جو تحقيقي اڀياس:

ابراهيم جوئي صاحب ترجيحي صورت ۾ ڄاڻايو آهي ته: وڃين/ وڃي ۽ کڻين/ کڻي وارن لفظن ۾ فرق آهي ۽ انهن جو استعمال الڳ آهي. اهڙي راءِ جي درستگي واري سطح معلوم ڪرڻ لاءِ اڀياس لازمي آهي:

’گھُڻن وينجنن سبب پيدا ٿيندڙ گھُڻائپ جي سطح معلوم ڪرڻ‘ وارو معاملو انتـﮬـائي پيچيده معاملو آهي. هن معاملي بابت علمي طور تي ٻن عالمن: ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ڪم
 سامـ هون اچي ٿو. اصل ۾ نون وينجن متحرڪ ۽ ساڪن ۽ نون گھُڻي سُر تي علمي طور تي ڪم ٿي نه سگھيو آهي؛ جيڪڏهن ٿيو آهي ته ان تي علمي نموني تنقيدي ڪم ٿي ڪونه سگهيو آهي، ان جا ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا.

ڊاڪٽر غلام علي الانا ان خيال جو آهي ته گُهڻن وينجنن بعد پيدا ٿيندڙ گھُڻائپ، صاف سرَ جو گھُڻائپ ۾ تبديل ٿيڻ آهي، جنـﮬـن کي صورتخطيءَ ۾ ظاهر نه ڪجي. ڊاڪٽر الانا اهڙنNasalized vowels بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”Nasal vowels کان سواءِ، سنڌي صوتيات ۾ ڪي صاف سرَ، جڏهن ڪن گُهڻن وينجنن جي اثر کان متاثر ٿي، اچار ۾ گُهڻا سرَ ٿي ويندا آهن، تڏهن اهڙن گھڻن سرَن کي، انوسوار يعني گُهڻائڻ وارا سر (Nasalized vowels) چئبو آهي. مثال طور ’اڃا‘، ’اما‘ ۽ ’ماڻهو‘ وغيره لفظن جي آخر ۾ آيل سُر [آ ۽ اوُ] جيڪي اصل ۾ صاف سرَ هئا، پر گُهڻن وينجنن [ڃ، م ۽ ڻهه] جي اثر ڪري [آ ۽ اوُ] بدلجي ’گُهڻا سرَ‘ [آن ۽ اوُن] اچاربا آهن. اهوئي سبب آهي جو اهڙن ڪيترن ئي لفظن جي صورتخطين ۾، گھڻائڻ کان متاثر ٿيل سرَ جي پويان ’ن‘ حرف لکيو ويندو آهي اهڙن لفظن جون جدا جدا صورتون ڏيئي، انهن جي هڪ صورت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪجي ٿي: اڃا، اما، آنو، ٻانهو … “ (الانا، 2005: 224)

گھُڻن وينجن سبب پيدا ٿيندڙ گھُڻائپ جو جيڪڏهن پورو ڳلو گھُٽيو ويندو ته پوءِ لفظ ’امان > اما‘ ۽ لفظ ’مان (آءٌ/ منجھان) > ما‘ لکڻو پوندو ۽ ان جي صورتخطي هيٺين ريت بيـﮬـندي:

û      ما اسڪول وڃا ٿو.

û      هو ڪٻٽ ما ڪتاب کڻدو.

ساڳئي نموني ڪافي لفظن جي صورتخطيءَ ۾ گھُڻن وينجنن بعد ايندڙ گھُڻائپ کي رد ڪرڻو پوندو؛ جيئن: نَنگ، نانگ، ننـﮬـن، وڻندو، منڌ، مانـﮬـن جي دال، منگل، مينـﮬـن، مونجھ وغيره. اهڙي عمل بعد لفظن ۾ معنوي فرق جا امڪان به رد ڪري نه ٿا سگھجن:

لفظ

معنوي فرق

مان (آءٌ)

ما (سواءِ)

ننگ (اوگھڙ، عزت)

نَگ (منڊيءَ جي ٽڪ)

ڊاڪٽر الانا جي پوري پورهئي ۾ ڪٿي به ڪو سَنڌو ڄاڻايل ڪونهي ته ڪـﮬـڙن اصولن هيٺ گھُڻن وينجنن بعد گھُڻائپ ڄاڻائبي ۽ گھُڻائپ کي گھٽبو!

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ان مسئلي جي ڇند ڇاڻ ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ” ’اڃا‘ لفظ ۾ آخر ۾ ’ن‘ لکڻ جي ضرورت ناهي. اچارن جي عادت موجب ’ڃ‘ جي اڳيان ۽ پٺيان ايندڙ سرُ ’اَ ۽ آ‘ ٻيئي پاڻمرادو گُهڻي اچار وارا ٿي ويندا آهن. پر ’وڃان‘ ۽ ’مڃان‘ ۾ آخر ۾ / ن/ لکڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو زمان مضارع، متڪلم، عدد واحد جي پڇاڙيءَ جو حصو آهي. ساڳيءَ طرح ’هو وڻي ٿو‘، هتي ’وڻي‘ جي آخر ۾ / ن/ نه لکبو، پر ’تون وڻين ٿو‘ جملي ۾ ’وڻين‘ فعل ۾ / ن/ لکڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ’اين‘ پڇاڙي (Suffix) جو حصو آهي (وڻ + اين = وڻين). انهن مثالن مان ظاهر آهي ته اسان کي لفظن جي صورتخطي يا املا جا قاعدا ٺاهڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيـﻫـڪ جو به گھڻو خيال رکڻ گھرجي.“ (جيٽلي، 1999: 195)

ڊاڪٽر جيٽلي جي راءِ ۾ لچڪ آهي ۽ ساڳئي وقت اهو به اصول ڄاڻايو اٿائين ته اهڙن معاملن کي جاچڻ لاءِ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي گردانن جو ئي سـﮬـارو وٺڻ گھرجي!

ڊاڪٽر جيٽلي جي ڏسيل ڏس موجب، ’وڃين‘ يا ’وڃي‘ جي صورتن مان ڪا هڪ صورت مقرر ڪرڻ به پنهنجي جڳـﻫـه تي مونجھارو پيدا ڪري سگھي ٿي؛ مثلاً: زمان حال مطلق جي گردان ۾ ضمير واحد غائب جي جملي موجب لکبو/ چئبو ته ’هو وڃي ٿو‘ پر جيڪڏهن ساڳئي فعل ۽ زمان سان ضمير واحد حاضر جو جملو لکبو/ چئبو: ’تون وڃين ٿو‘. فعل جي اهڙي گردان ۾ جتي ’وڃي‘ سان ’نون گُهڻو‘ نه لڳندو، ته اتي ٻئي هنڌ ’وڃين‘ ۾ لازماً نون گُهڻو ڪم آڻڻو پوندو.

ڊاڪٽر الانا جي مقرر ڪيل دائري ۾ گنجائش ڪانهي، جڏهن ته ڊاڪٽر جيٽلي جي دائري ۾ گنجائش سان گڏوگڏ وزن پڻ آهي. مثالن آڌار، ان ڳالهه کان ڪوبه لسانيات جو عالم انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته ’گُهڻي وينجن‘ سبب گھڻائپ نه ٿي جڙي؛ ليڪن ايترو ضرور آهي ته ان جون به ڪي صورتون هجڻ گھرجن.

        راقم جي سوچ مطابق ’گُهڻن وينجنن‘ واري گُهڻائپ جو گھڻو زور اڳيان هوندو آهي، پويان واري گُهڻائپ اڻ لَکي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو موجوده سنڌي صورتخطيءَ موجب: ڪنـﮨـن به ’گُهڻي وينجن‘ جي اڳيان ’نون گُهڻو‘ نه ٿو لکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو ان ۾ ضم ٿي گُهڻو وينجن بڻجي وڃي ٿو؛ جڏهن ته ڪن لفظن جي پويان، ڪن سببن آهر، سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’گُهڻائپ‘ وارو ’نون‘ لکڻ انتـﻫـائي ضروري ڄاتو ويو آهي. جنـﮨـن جا مثال مٿي اچي چڪا آهن.

عام طور تي لفظ ’ننڍو‘ ۾ ٻيو نون، ’گُهڻو‘ ڄاتو ويندو آهي، جڏهن ته اهو ’نون ساڪن‘ آهي؛ يا ٻئي لفظ ’نانگ/ نَنگ‘ ۾ آواز توڻي سنڌي صورتخطيءَ مطابق ’گُهڻي وينجن‘ بعد ’گُهڻائپ جو تصور آهي.  هنن لفظن مان اهو واضح طور تي معلوم ٿئي ٿو ته ’گُهڻي وينجن‘ بعد گُهڻائپ يا ٻئي گُهڻي وينجن جو اچڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ممڪن آهي.

جيڪڏهن ’گھڻن وينجنن‘ بعد گُهڻائپ وارو دائرو محدود ڪري ڇڏبو ته پوءِ ٻي صورت ۾ ’ننڍو جي نڍو‘، ’نانگ جي ناگ‘ ۽ ’نَنگ جي نَگ‘ واريون صورتون رائج ٿي وينديون.

ڊاڪٽر جيٽلي جي ڄاڻايل مثالن مان به اهو خيال اخذ ٿئي ٿو ته ’گُهڻي وينجن‘ جي گُهڻائپ جو زور ڪنـﮨـن ’گُهڻي وينجن‘ جي اڳيان ٿئي ٿو، جنـﮨـن ڪري پنـﮨـنجي اڳيان ٻيو ’نون گُهڻوبرداشت نه ٿو ڪري؛ پويان اڻ- لَکو ٿئي ٿو. اهوئي سبب آهي جو مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپَ جيڪي آئيويٽائون ترتيب ڏنيون، تنـﮨـن ۾ ’گُهڻن وينجنن‘ لاءِ هڪ اصول رکي ڪري، ڪنـﮨـن قريب آوازي اکر اڳيان ’ن‘ جو اضافو ڪيو؛ جيئن:

o     مخدوم ابوالحسن موجب:     نج، نگ، ---

o     ڊاڪٽر ٽرمپ موجب: نڄ، نڱ، ن(ٻه اڀا ٽٻڪا)

(ٽرمپ، 1985: xxx)

مذڪوره حوالن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته گُهڻن وينجنن بعدگُھڻن سُرن جي گُهڻائپ جو ماڳـﻫـين گلو گھُٽڻ ڪا عقلمندي ڪانهي. البته ضرورت آهر اهڙي گھڻائپ کي صورتخطيءَ مان ختم ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي، بلڪه ضروري آهي- سو به ان صورت ۾ جڏهن اصولي طور تي معنوي فرق يا مونجھارو ظاهر ٿئي، جيئن ڊاڪٽر مرليڌر جي ڄاڻايل ٻن مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو: ’هو وڻي ٿو‘ ۽ ’تون وڻين ٿو‘.ان ڏِس ۾ ٻوليءَ جي گردان تي غور ڪري ڪي اصول جاچي سگھجن ٿا.

3.2.1.     گُهڻي وينجن سبب ظاهر ٿيندڙ گُهڻائپ کي لکڻ يا نه لکڻ جوجائزو:

سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق سنڌي صورتخطيءَ ۾ گھُڻن وينجنن سبب ٻن قسمن جي گھُڻائپ اچي ٿي:

هڪ: اها جيڪا گھُڻن وينجنن سبب ظاهر ٿئي ٿي؛

ٻي: اها جيڪا جملي جي نحوي بناوت سبب بعد ۾ لازمي ڏيکارڻي پوي ٿي.

ٻوليءَ جي گردان پٽاندر، جن فعلن ۾ گُهڻي وينجن سبب ’نون گُهڻي‘ جو جنسي اضافو ڪيو وڃي ٿو يا خارج ڪرڻو پوي ٿو،تن جو جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو:

3.2.1.1.                    گهُڻن وينجنن سبب ظاهر ٿيندڙ يا نه ٿيندڙ گھُڻائپ جو جائزو:

مثال: مان مڃان ٿو.

ضميري گردان موجب

 فعل جي نوعيت

مان مڃان ٿو.

اسين مڃُون/ مڃئُون ٿا.

تون مڃِين ٿو.

توهان مڃو ٿا.

هو مڃي ٿو.

هوءَ مڃي ٿي.

اهي مڃن ٿا.

 

فعل متعدي مجهول

فعل متعدي مجهول

فعل متعدي مجهول

فعل متعدي مجهول

فعل متعدي مجهول

فعل متعدي مجهول

فعل متعدي مجهول

 

مٿئين گردان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ’مڃڻ‘ فعل ۾ گُهڻي وينجن سبب ’آن‘، ’اُون‘ ۽ ’اِين‘ ڊگھن گُهڻن سرن ۾ صاف سُرن جو امڪان نه ٿو رهي.

وضاحت: لفظ ’مڃون يا مڃئون‘ ٻوليءَ جي لـﮨـجاتي فرق سبب استعمال ٿيندو آهي.

مثال: مان وڃان ٿو.

ضميري گردان موجب

 فعل جي نوعيت

مان وڃان ٿو.

اسين وڃُون/ وڃئون ٿا.

تون وڃِين ٿو.

توهان وڃو ٿا.

هو وڃي ٿو.

هوءَ وڃي ٿي.

اهي وڃن ٿا

 

فعل لازمي

فعل لازمي

فعل لازمي

فعل لازمي

فعل لازمي

فعل لازمي

فعل لازمي

 

مٿئين گردان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ’وڃڻ‘ فعل ۾ گُهڻي وينجن سبب ’آن‘، ’اُون‘ ۽ ’اِين‘ ڊگھن گُهڻن سرن ۾ صاف سُرن جو امڪان نه ٿو رهي.

وضاحت: لفظ ’وڃون يا وڃئون‘ ٻوليءَ جي لـﮨـجاتي فرق سبب استعمال ٿيندو آهي.

3.2.1.2.           سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ (نون ساڪن جي صورت ۾) اضافي گھڻائپ:

سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ’زمان مستقبل‘ ۽ ’اسم حاليه‘ جي نحوي بناوت سبب (نون ساڪن جي صورت ۾) اضافي گھڻائپ اچي ٿي، جتي ’گُهڻن وينجنن سبب گُهڻائپ وارو اصول‘ ڏئي منجھي بيـﻫـي ٿو. هيءَ اضافي گُهڻائپ گھڻي قدر ’ڏندوين آوازن‘ سبب نه رڳو ظاهر ٿئي ٿي، ليڪن صورتخطيءَ ۾ باقاعده ڄاڻائڻي پوي ٿي؛ هيٺ اهڙا مثال جائزي طور پيش ڪجن ٿا:

ٻوليءَ جي نحوي نزاڪت موجب صاف وينجن سان عام مثال:

مثال: مان لکان ٿو:

ضميري گردان موجب

 فعل جي نوعيت

مان لکان ٿو.

فعل متعدي مجـﻫـول

اسين لکون ٿا.

فعل متعدي مجـﻫـول

تون لکين ٿو.

فعل متعدي مجـﻫـول

توهان لکو ٿا.

فعل متعدي مجـﻫـول

هو لکي ٿو.

فعل متعدي مجـﻫـول

هوءَ لکي ٿي.

فعل متعدي مجـﻫـول

اهي لکن ٿا.

فعل متعدي مجـﻫـول

 

لکجندڙ/ ڳالهائجندڙ ٻوليءَ مطابق جيڪي گردان رکيا ويا تن جي ڇنڊ ڇاڻ مان جيڪا اهم ڳالهه سامهون آئي آهي، سا آهي ’گُهڻن وينجن توڻي صاف وينجنن سبب ظاهر ٿيندڙ ڊگھن گُهڻن /آن/، /اِين/ ۽ /اُون/ واري گُهڻائپ، جيڪا ’ن‘ گُهڻي سان لکت ۾ آڻڻ لازمي ٿي پوي ٿي‘. مٿئين گردان جي بنياد تي گُهڻن وينجنن سبب پيدا ٿيندڙ گُهڻائپ کي صورتخطيءَ ۾لکڻ يا خارج ڪرڻ وارا هيٺيان اصول سامهون رکجن ٿا:

·       سنڌي ٻوليءَ جي نحوي نزاڪت پٽاندر گُهڻن وينجنن توڻي صاف وينجنن سبب ظاهر ٿيندڙ ڊگھن گُهڻن /آن/، /اِين/ ۽ /اُون/ واري گُهڻائپ کي ’ن‘ گُهڻي سان لکڻ لازمي آهي.

·       گُهڻن وينجنن توڻي صاف وينجنن سبب ظاهر ٿيندڙ /اَن/، /اِن/، /اُن/، /اين/، /اَين/، /اون/، /اَون/ واري گُهڻائپ کي خارج ڪرڻ روا آهي.

هيٺين گھڻن وينجنن جي مثالن کي جملن جي نزاڪت موجب جاچي سگھجي ٿو.

1.      گھڻي وينجن ’ڃ‘ جو مثال: مان مڃان/ مڃيان ٿو.

2.     گھڻي وينجن ’ڱ‘ جو مثال: مان رڱان/ رڱيان ٿو.

3.     گھڻي وينجن ’ڻ‘ جو مثال: مان کڻان ٿو/ مان وڻان ٿو.

4.     گھڻي وينجن ’م‘ جو مثال: مان گھمان ٿو.

5.     گھڻي وينجن ’ن‘ جو مثال: مان ڇنان ٿو.

3.2.1.2.1.             زمان مستقبل ۽ اسم حاليه جي مثالن ۾ (نون ساڪن جي  صورت ۾)  اضافي گُهڻائپ:

·       گھڻي وينجن [ڃ] سبب (نون ساڪن جي صورت ۾) گھڻائپ :

فعلي مصدر

زمان مستقبل

اسم حاليه

 

 

ڀڃڻ

 

مان لٺ ڀڃندس.

مان لٺ ڀڃندو، ٻنيءَ تي ويس.

اسان لٺ ڀڃنداسين.

اسان لٺ ڀڃندا ٻنيءَ تي وياسين.

تون لٺ ڀڃندين.

تون لٺ ڀڃندي، ٻنيءَ تي وئين.

توهان لٺ ڀڃندؤ.

توهان لٺ ڀڃندي،ٻنيءَ تي ويئو.

هو لٺ ڀڃندو.

هو لٺ ڀڃندو، ٻنيءَ تي ويو.

هوءَ لٺ ڀڃندِي.

هوءَ لٺ ڀڃندٖي، ٻنيءَ تي وئي.

اهي لٺ ڀڃندا.

اهي لٺ ڀڃندٖي، ٻنيءَ تي ويا.

·                               گُھڻي وينجن [ڱ] سبب گھڻائپ :

فعلي مصدر

زمان مستقبل

اسم حاليه

 

 

رڱڻ

 

مان ڪپڙا رڱيندس.

مان ڪپڙا رڱيندو، بازار ويس.

اسان ڪپڙا رڱينداسين.

اسان ڪپڙا رڱيندا، بازار وياسين.

تون ڪپڙا رڱيندين.

تون ڪپڙا رڱيندو، بازار وئين.

توهان ڪپڙا رڱيندؤ.

توهان ڪپڙا رڱيندي، بازار ويئو.

هو ڪپڙا رڱيندو.

هو  ڪپڙا رڱيندو، بازار ويو.

هوءَ ڪپڙا رڱيندي.

هوءَ ڪپڙا رڱيندي، بازار وئي.

اهي ڪپڙا رڱيندا.

اهي ڪپڙا رڱيندي، بازار ويا.

·                               گھڻي وينجن [ڻ] سبب (نون ساڪن جي صورت ۾) گھڻائپ :

فعلي مصدر

زمان مستقبل

اسم حاليه

 

 

کڻڻ

 

مان ڪتاب کڻندس.

مان ڪتاب کڻندو، اسڪول ويس.

اسان ڪتاب کڻنداسين.

اسان ڪتابَ کڻندا، اسڪول وياسين.

تون ڪتاب کڻندين.

تون ڪتاب کڻندو، اسڪول وئين.

توهان ڪتاب کڻندؤ.

توهان ڪتاب کڻندي، اسڪول ويَئو.

هو ڪتاب کڻندو.

هو  ڪتاب کڻندٖي، اسڪول ويو.

هوءَ ڪتاب کڻندِي.

هوءَ ڪتاب کڻندٖي، اسڪول وئي.

اهي ڪتاب کڻندا.

اهي ڪتاب کڻندٖي، اسڪول ويا.

·                               گُھڻي وينجن [م] سبب (نون ساڪن جي صورت ۾) گھڻائپ :

فعلي مصدر

زمان مستقبل

اسم حاليه

 

 

گھمڻ

 

مان گھمندس.

مان گھمندو، گھر ويس.

اسان گھمنداسين.

اسان گھمندا، گھر وياسين.

تون گھمندين.

تون گھمندو، گھر وئين.

توهان گھمندؤ.

توهان گھمندا، گھر ويَئو.                    

هو گھمندو.

هو  گھمندو، گھر ويو.

هوءَ گھمندي.

هوءَ گھمندي، گھر وئي.

اهي گھمندا.

اهي گھمندا، گھر ويا.

·                               گُھڻي وينجن [ن] سبب (نون ساڪن جي صورت ۾) گھڻائپ :

فعلي مصدر

زمان مستقبل

اسم حاليه

 

 

پنڻ

 

مان دعائون پنندس.

مان دعائون پنندو، گھر ويس.

اسان دعائون پننداسين.

اسان دعائون پنندا، گھر وياسين.

تون دعائون پنندين.

تون دعائون پنندو، گھر وئين.

توهان دعائون پنندؤ.

توهان دعائون پنندا، گھر ويَئو.              

هو دعائون پنندو.

هو  دعائون پنندو، گھر ويو.

هوءَ دعائون پنندي.

هوءَ دعائون پنندي، گھر وئي.

اهي دعائون پنندا.

اهي دعائون پنندا، گھر ويا.

جڙندڙ راءِ: واضح رهي ته ڏندوين (ڏندائين) آوازن جي اڳيان ايندڙ ’نون گھڻو‘ قريب مخرج سبب ’نون ساڪن‘ جي صورت ۾ بدلجي ويندو آهي. ’ڀڃندس‘ ۾ ’ڃ‘ گھُڻي وينجن تي ڇوٽن سُرن سبب ايندڙ گھُڻائپ ’نون ساڪن‘ ۾ تبديل ٿئي ٿي جڏهن ته ڊگھن سُرن سان اها گھڻائپ يا ساڪن صورت ڪونه ٿي بيـﮬـي؛ جيئن: ’ڀڃائيندس‘، جنـﮬـن سبب ڏندوين آواز ’د‘ کان اڳ ايندڙ گھڻائپ (نون ساڪن جي صورت ۾) کي اضافي گھُڻائپ ڪوٺجي ٿو، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ شامل آهي.

3.2.1.2.2.            ضمير واحد غائب جي جملن ۾ صاف وينجنن سان گھڻائپ:

فعلي مصدر

وياڪرڻي اصطلاح

جملو

پڙهڻ

 

زمان مستقبل

هو ڪتاب پڙهندو.

اسم حاليه

هو ڪتاب پڙهندو، گھر آيو.

مارڻ

زمان مستقبل

هو نانگ ماريندو.

اسم حاليه

هو نانگ ماريندو، ٻنيءَ تي ويو.

لکڻ

زمان مستقبل

هو سبق لکندو.

اسم حاليه

هو سبق لکندو، راند تي ويو.

کيڏڻ

زمان مستقبل

هو راند کيڏندو.

اسم حاليه

هو راند کيڏندو، گھر ويو.

کائڻ

زمان مستقبل

هو ماني کائيندو.

 

اسم حاليه

هو ماني کائيندو، ڪم تي ويو.

مٿين گھڻن وينجنن ۽ صاف وينجنن سان ڏنل جملن ۾ اهم ڳالهه اها نظر آئي ته صاف وينجن توڻي گُھڻي وينجن جي هوندي، زمان مستقبل توڙي اسم حاليه ۾ فعلي صورت واري بيـﻫـندڙ لفظ ۾ ’نون گُهڻي‘ جو اضافو ڪرڻو ٿو پوي، جيڪو [اَندو] يا [اِيندو] آواز جي پڇاڙي ڳنڍڻ سان بيـﻫـي ٿو.

ان صورت ۾ اها ڳالهه ته طئه ٿي چڪي ته لازمي ناهي ته هر جڳـﻫـه تي ’گُهڻي وينجن‘ سبب ان جي گھڻائپ ختم ڪئي وڃي!

ٻي ڳالهه اها واضح ٿي بيٺي ته اهڙن فعلي گردانن ۾ جتي [دو] يا [دا] جي پڇاڙي اچي ٿي، ته ڏندوين آواز [د] سبب ان کان اڳ ’نون گهُڻي‘- جيڪو قريب آواز سبب ’نون ساڪن‘ ۾ بدلجي وڃي ٿو- جو اچڻ يا لکڻ لازمي ٿي پوي ٿو؛ توڻي جو ان کان اڳ گُهڻو وينجن هجي يا صاف وينجن!

ان بحث جو نچوڙ اهو نڪتو ته فعلي گردان موجب [د] آواز جي اثر ڪري نون گُهڻي يا نون ساڪن جو اضافو ڪرڻو ٿو پوي.

ڪافي اهڙا لفظ آهن جن کي هڪ محدود اصول ۾ ڦاسائي انهن جي گھڻائپ کي صورتخطيءَ مان خارج ڪيو ويو آهي، جن جي وچولي لـﮨـجي موجب گُهڻائپ يقيني ظاهر ٿئي ٿي. فرض ڪريو ته ’ماڻهون‘ ۽ ’ڏاڙهون‘ ۾ آخري ڊگھو گُهڻو سُرُ ساڳيو آهي، ليڪن لکڻ ۾ صورت ساڳي نه ٿي رکي وڃي. پراڻن ڪتابن ۾ ’ماڻهونءَ‘ لفظ جي آخر ۾ ’نون گُهڻي‘ جو اضافو ڪيو ويندو هو، جيڪو آوازن جي بنيادن تي درست هو. ان جو اهم سبب، جيڪو مٿي اصولي طور تي اخذ ٿيو سو اهو آهي ته گُهڻن وينجنن جو آخري ڊگھو سرُ [اُو] آواز، گُهڻو ٿي سگھي ٿو. لفظ ’ماڻهو‘ (م + آ، ڻهه + اُو) جي درست آواز لاءِ آخري صاف ڊگھي سر لاءِ چپن کي گول ڪرڻو ٿو پوي، جيڪو صاف سُر سان ڏکيو ٿو رهي، ڇوته ڪنـﮨـن به ٻوليءَ ۾ ڳالهائندڙُ آسانيءَ سان ڳالهائڻ چاهيندو آهي. ڊاڪٽر الانا لفظ ’ماڙهو‘ کي ذهن ۾ رکي ’ماڻهو‘ جي صورت کي درست ڀانئي ٿو. ذاتي راءِ مطابق ٻوليءَ جي درست آوازن جي بنياد تي اهڙن گُهڻن وينجنن سبب  گُهڻن ڊگھن سرن ۾ نون لکڻ کپي.

درست گُهڻي ڊگھي سر نه ڪڍڻ سان وات جي کوپي ۽ چپن جي ڊول جي حالت ڏکيائي پيدا ڪندي، اها ٻي ڳالهه آهي ته لکڻ جي سـﻫـوليت خاطر اهڙي سفارش سولائي ڏانـﮨـن سٺو عمل هجي. ڇو ته لفظ ’ڏاڙهونءَ‘ ۾ ته آخري ڊگھي گُهڻي سر جو اضافو ڪيون ويٺا آهيون، باقي ’ماڻهونءَ‘ ۾ رڳو ’ڻ‘ جي گُهڻائپ ڪري آخري ڊگھي گُهڻي سر کي رد ڪيون، اها ڪا علمي راءِ ڪانهي، بلڪه سـﻫـل پسندي آهي.

ٻوليءَ جي گھرجن سبب اهڙن لفظن مان گُهڻائپ خارج ڪرڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي، فرض ڪريو ته ڪو عالم اها راءِ ڏئي ته انگريزيءَ وانگر واحد لاءِ ’ماڻهو‘ ڪم آڻجي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ جمع واري پڇاڙي (Suffix) ’اُون‘ ڳنڍڻ سان ’ماڻهون‘ ڪم آڻجي! ته پنـﮨـنجي جڳـﮨـه تي اهڙي گھرج کي مد ِنظر رکي اهڙي گُهڻائپ خارج ڪرڻ روا آهي.

مٿي ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ ضميري گردان موجب گُهڻن وينجنن سبب ظاهر ٿيندڙ ڊگھن گھڻن سرن سان ’نُون‘ جو اضافو ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو اصول ٻوليءَ جي نحوي بناوت سان به سلهاڙيل آهي. ان موجب لفظ ’ماڻهُون‘ ۾ ’ڻهه‘ گُهڻي وسرڳي وينجن سبب پيدا ٿيندڙ ڊگھي گُهڻي سر واري گھڻائپ صورتخطيءَ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪجي ٿي.

جيڪڏهن ٻوليءَ جي گھرج آهر واحد جمع واري فرق رکڻ لاءِ ’ماڻهون‘ مان ’ن گُهڻو‘ خارج ڪجي ته وڌيڪ بـﮨـتر!

3.2.2.  ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ترجيحي صورتن تي ٻيـﻫـر نظر:

سنڌي ٻوليءَ جي مزاج مطابق سنڌي صورتخطيءَ ۾ گھُڻن وينجنن سبب ٻن قسمن جي گھُڻائپ اچي ٿي:

هڪ:   اها جيڪا گھُڻن وينجنن سبب ظاهر ٿئي ٿي؛

ٻي:    اها جيڪا هم جنس لفظن ۾ صورتخطي/ معنوي فرق جو مونجھارو رکي ٿي؛ جيئن: امان (ماءُ) ۽ مان (آءٌ/ منجھان)

ٽي:    اها جيڪا جملي جي نحوي بناوت سبب لازمي ڏيکارڻي پوي ٿي.

ڊاڪٽر الانا جي هڪ صورت مقرر ڪرڻ واري سفارش جا لفظ ٻيـﻫـر جاچجن ٿا: ’اڃا، اما، آنو، ٻانهو، ڀاڱو، ٽاڻو، چڱو، راڻو، مامو.‘

ڊاڪٽر الانا جي ڏسيل

ڊگھو گھُڻو سُر

ترجيحي صورت

اما، اڃا

آنْ

امان، اڃان

 آنو، ٻانهو، ڀاڱو، ٽاڻو، چڱو، راڻو، مامو

اونْ

آنو، ٻانهو، ڀاڱو، ٽاڻو، چڱو، راڻو، مامو

ڊاڪٽر الانا جي سفارش ڪيل لفظن ۾ ٻه لفظ ’اڃا ۽ اما‘ گُهڻائپ جي اخذ ڪيل اصول موجب اڻ- ٺـﻫـڪندڙ آهن؛ ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ لفظ ’مان‘ (آئون) جي صورت تي به ٻيـﮬـر نظر ڌرڻي پوَندي. مذڪوره لفظ ڊگھن گُهڻن سرن واري اصول [آنْ، اُونْ ۽ اِينْ] سان اچن ٿا، جنـﻫـن ڪري ان ۾ ٿورو احتياط ڪرڻو پوي ٿو. 

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 19 ڊسمبر 1998ع تي درسي ڪتابن ۾ ’درست ٻوليءَ جي استعمال‘ بابت سڏايل ورڪشاپ ۾ گروپن جي صورت ۾ صورتخطيءَ جي حوالي سان ڪي سفارشون پيش ڪيون ويون. ان ۾ گروپ ٻئين جي عالمن جي راءِ مطابق ’امان‘ جي صورتخطي متعيّن ڪئي وئي هئي:

”ڪجھ لفظن جي اِملا (صورتخطي) درست لکيل نه آهي يا ڪجھ لفظ گڏي نه لکيا ويا آهن، انهن جي املا/ صورتخطي درست ڪئي وڃي، جهڙوڪ:

                اما     =      امان    (صحيح)“.   (جويو، 1999 الف: 71- 73)

بـﻫـرحال، ’اڃا ۽ اما‘ جي درست صورتخطيءَ لاءِ ’اڃان ۽ امان‘ جي سفارش ڪجي ٿي. ٻي صورت ۾ [اُونْ ۽ اِينْ] وارن ڊگھن گُهڻن سرن واري گُهڻائپ کي صورتخطيءَ ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ زوردار سفارش ڪجي ٿي. هيٺ اهڙا لفظ ڏجن ٿا:

 اخذ ٿيل اصول موجب هيٺ اهڙن لفظن جي درست صورتخطيءَ لاءِ سفارش ڪجي ٿي:

’آن‘ ڊگھي سُر سبب:

موجوده صورتخطي

ڪم آندل ڊگھو گھڻو سُر

سفارش ڪيل

اما

آنْ ڊگھو سر

امانْ

اڃا

آنْ ڊگھو سر

اڃانْ

لڱا

آنْ ڊگھو سر

لڱانْ

چڻا

آنْ ڊگھو سر

چڻانْ

’اُون ڊگھي سُر سبب:

موجوده صورتخطي

ڪم آندل ڊگھو گھڻو سُر

سفارش ڪيل

ماڻُهو

اُونْ ڊگھو سر

ماڻُهونْ

مڃُو

اُونْ ڊگھو سر

مڃُونْ

ڌنُو

اُونْ ڊگھو سر

ڌنُونْ

رمُو

اُونْ ڊگھو سر

رمُونْ

رنُو/ رنُون

اُون ڊگھو سر

رنُون

’اِين‘ ڊگھي سُر سبب؛

موجوده صورتخطي

ڪم آندل ڊگھو گھڻو سُر

سفارش ڪيل

سڱِين

اِينْ ڊگھو سر

سڱِين (ساڳي)

نِينـﻫـن

اِينْ ڊگھو سر

نِينـﻫـن (ساڳي)

مِينـﻫـن

اِينْ ڊگھو سر

مِينـﻫـن (ساڳي)

وڻِين ٿو

اِينْ ڊگھو سر

وڻين ٿو. (ساڳي)

مٿئين مختصر اڀياس جو مدار محمد ابراهيم جوئي جي ڄاڻايل ترجيحي صورت: ’وڃين/ وڃي ۽ کڻين/ کڻي‘ بابت استعمالي فرق جي ڏنل راءِ تي آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته صاحب موصوف جو ڳالهائجندڙ ٻوليءَ تي گـﻫـري نظر آهي. ان بنياد تي علمي ادارن اڳيان نماڻو عرض رکجي ٿو ته اهڙن باريڪ مونجھارن ۽ گھُرجن کي حل ڪرڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ لاءِ، بجاءِ ڪنـﻫـن بند ڪمري ۾ چند عالمن کي مدعو ڪرڻ جــي، هر لـﻫـجي جي ماهرن ۽ پڙهائيندڙ ماهر استادن کي شامل ڪرڻ گھرجي ۽ اهڙن نڪتن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس ڪرايو وڃي.

حوالا/ ذريعا

×      الانا، غلام علي ڊاڪٽر (2005) سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس _ ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×      الانا،غلام علي، ڊاڪٽر (1993ع) سنڌي صورتخطي- حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.

×      جويو، محمد ابراهيم(2008ع) پيش لفظ. آپ بيتي- جڳ بيتي (ايم. ايڇ پنـﻫـور جي آتم ڪـﻫـاڻي) مترجم: حاڪم علي شاه بخاري.ص:xixii. حيدرآباد: فينڪس بوڪس ۽ ايم. ايڇ پنـﻫـور ٽرسٽ.

×      ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر (1985ع) شاهه جو رسالو _ ڀٽ شاهه: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.

×      جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996ع) علم لسان ۽ سنڌي زبان-  ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×      جوکيو، الطاف حسين (2011ع) سنڌي صورتخطيءَ ۾ لفظن جي مرڪب صورت جو معاملو. ايڊيٽر: تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، 4 (4)، 48- 88. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

×      جويو، تاج (1999ع) ايڊيٽر. درسي ڪتابن ۾ درست ٻوليءَ جي استعمال بابت سڏايل ورڪشاپ ۾ گروپن پاران پيش ٿيل سفارشون. سنڌي ٻولي: ڇماهي تحقيقي جرنل، 1 (1)، 71- 73. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

×      جويو، محمد ابراهيم (2006ع) اڄ وري مهراڻ آيو مؤج ۾ (سائين محمد ابراهيم جويي جو انٽريو) ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مهراڻ، گولڊن جوبلي نمبر. 56 (2 ۽ 3)، 11- 19. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

×      جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999ع) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، دهلي: اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه

×      سید محمد سلیم پروفیسر   (1981ع)۔ اردو رسم الخط ۔ مقتدرہ قومی زبان کراچی .

×      شيخ، واحد بخش (1986ع)- سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پـﻫـريون _ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

×      مرزا، قليچ بيگ (2006ع) سنڌي وياڪرڻ- ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

? Joyo, Muhammad Ibrahim [1905] 2007, forward to the fourth edition, The Sindhi Instructor, compiled by: Munshi Anandram. 9- 12. Jamshoro: Sindhi Adabi Board.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org