سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:13

محمد ابراهيم جويو: سنڌ جو تن، من ۽ ڌن

 

 

عبدالغفور الستي

اُن روح پنهنجي خاڪي جسم ۾ 91 سال سنڌ جي سرزمين تي گذاريا آهن. هِن 13- آگسٽ تي سندس 92 هون سال شروع ٿيندو، جيڪو محمد ابراهيم جويي جو، 13- آگسٽ 1915ع تي ڳوٺ آباد ضلع دادوءَ ۾ ڄمڻ جو ڏينهن آهي. اچو ته سڀ سنڌ دوست، انسان دوست، خدا دوست کيس گڏجي هن ”ڄمڻ جي ڏينهن“ تي مبارڪون ڏيون، هُو پنهنجي لاءِ ڪونه جيئي، پر سڀني انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ٿو جيئي. ان جو ثبوت هيٺ ڏنل هڪ ڦوٽو آهي. ان ۾ مون گهڻن کي سڏ ڏنو پر هُو اڪيلي سر سنڌ ۽ پاڪستان جي سڀني سڄاڻ ماڻهن مان هيروشيما تي ڪيرايل ائٽم بم جي ڏهاڙي 6 آگسٽ تي، مون سان ۽ ٻين غريب سنڌي مردن عورتن ۽ ٻارن سان امن مارچ ۾ اچي شريڪ ٿيو. هيءُ امن مارچ آءٌ گذريل 20 سالن کان، ڀٽ شاهه موري (هالا روڊ) کان وٺي ڀٽ شاهه شهر تائين پنهنجي (Society of World Peace) يا SOW PEACE طرفان هر سال ڪندو آهيان. سائين جويو صاحب اڳي به هڪ دفعو ان مارچ ۾ اچي شريڪ ٿيو.

وري جڏهن پاڪستان ۽ هندوستان وٽ ائٽم بمن اچڻ ڪري دنيا ۾ ائٽمي جنگ جو خطرو وڌي ويو آهي ته 2004ع وري اچي شريڪ ٿيو. سندن عمر جو به هيءُ نوي سال پورو ٿيڻو هو، تنهنڪري پنهنجي شرڪت سان اسان سڀني سنڌين ۽ ٻين کان اهو پيغام ٿي پهچائڻ چاهيائين ته انسان ذات جي هن اولين خير ۽ ڀلائيءَ جي ڪم ۾ ته دنيا تان ائٽمي هٿيارن ۾ ٻيا خطرناڪ هٿيار ختم ٿين، ڀرپور حصو وٺي ۽ پوئتي نه پئو. پاڻ اسان سان 3 ميل گڏ رهيو ۽ آخر ۾ لطيف سائينءَ جي درگاهه تي امن محبت ۽ انساني برادريءَ لاءِ دعا ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ حيدرآباد واپس وريو.

هيءُ به اُن رهنما روح جو هڪ طريقو هو سڀني انسانن تائين سندس پيغام پهچائڻ جو، پر اسان سنڌين جي ته رهنمائي هوُ سڄي ۽ سموري شعوري زندگي ڪندو آيو آهي. ڇاڪاڻ ته هو هتي پيدا ٿيو هو. رب تعاليٰ هُن کي سنڌي قوم جي رهنمائي لاءِ سنڌ ۾ پيدا ڪيو هو جيئن ٻين اهڙن رهنما روحن کي ٻين هنڌن تي.

شيخ اياز هن رهنما روح لاءِ جويي صاحب جي انساني صورت ۾ هيئن لکيو آهي:

”...... جڏهين سنڌڙيءَ لائون لڌيون تڏهين ڪير چوندو ته اُن جو سارو لباس هُن جي آڏاڻي ۾ اُڻيل آهي. هُو اَدِي جڳادي الوپ ماڻهو آهي جو نؤورنيءَ جي سينڌ ۾ ستارا سجائي گم ٿي ويندو آهي...“ (حميد سنڌيءَ کي اياز جي لکيل خط تان)

رسول بخش پليجي، جويي صاحب لاءِ هيئن لکيو آهي جنهن زماني ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پاڻ هڪڙو شاگرد هو، ٻيو استاد هو:

”....استاد هجڻ لاءِ جيڪي خوبيون کپن سي منجهس حد درجي جون موجود هُيون، پر لڳو ٿي ته هُن لاءِ رڳو بهترين استاد ٿيڻ ڪافي نه هو. هُن جي سوچ جي دنيا اُن کان وڌيڪ پر اُسرار، وڌيڪ ڪشادي، وڌيڪ دلڪش ۽ نرالي ٿي لڳي. هن جيڪي ڳالهيون ٿي ڪيون، سي اسان مان (شاگردن مان) ڪنهن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هُيون:

ڪا جا آندي ڪيچين وڻڪاران وائي

سُڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وِهه ٿي

(شاهه)

آءٌ به اهڙو خوش قسمت شاگرد هُئس جويي صاحب جو، پر مون تي ته سندن Extra- Curriculum(نصابي ڪتاب کان الڳ) تقريرن اهڙو اثر ڪيو جو، مون سنڌ مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندي، هاسٽل ۾ رهندڙ سڀني شاگردن لاءِ هڪ هٿ سان لکيل ماهوار اخبار ڪڍي، جنهن جو نالو رکيم ”جمهور“ ۽ اُها سڀني کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو هوس.

مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هڪ ڏينهن جيئن اسڪول مان موڪل ملي ته مون ڊوڙي وڃي هاسٽل جي ڪمري مان پنهنجي اخبار جو پهريون پرچو کنيو ۽ جيئن جويو صاحب اسڪول جي ميدان تي آيو ٻاهر وڃڻ لاءِ، ته اچي اُها اخبار کيس ڏيکاريم. پاڻ پوءِ ڪلاڪ کن اُتي بيهي رهيو. سڄي اخبار جا چار صفحا هٿ جي لکت ۾ لفظ به لفظ ڪري پڙهيائين. ٻيا شاگرد به گڏ ٿي ويا هُئا، انهن کي به پڙهي ٻڌائيندو ويو ۽ پوءِ مون کي ڀاڪر وجهي، اهڙي وٺي منهنجي تعريف ڪيائين جو آءٌ پاڻ هڪ ٻڪو ٿي ويس. مون ته رڳو ”جمهور“ جو نالو اخبار کي ڏيئي اُن ۾ ڪي غير جمهوري ڳالهيون به لکي ڇڏيون هُيون. هڪڙو مئٽرڪ جو شاگرد پنهنجي سمجهه آهر ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. پر هُن اسان کي ٻڌايو ته جمهور معنيٰ عوام، جمهوريت معنيٰ عام يا گهڻن ماڻهن جي راءِ مطابق، عام ماڻهن جي حڪومت، عام ماڻهن لاءِ حڪومت، عام ماڻهن جي پاران حڪومت. هيءُ ابراهيم لنڪن جو قول هو جيڪو کولي اسان کي سمجهايائينGovernment of the people, for the people by the people اُها ئي انصاف جي حڪومت ٿي سگهي ٿي. غريبن جي حڪومت، پورهيتن جي حڪومت جيڪي گهڻائيءَ ۾ آهن ۽ نه انهن جي جيڪي عام ماڻهن کي غريب ۽ جاهل رکي انهن جو پورهيو کائن ٿا ۽ انهن تي حڪومت ڪن ٿا.

جهالت ئي غربت ۽ غلاميءَ جو اصل سبب آهي، تنهنڪري پنهنجي قوم کي جهالت مان ڪڍو ته پاڻهي پوءِ پنهنجا انساني ۽ ملڪي حق وٺندي، پر اُن سان گڏ اهڙا اديب به پيدا ڪريو، جيڪي وري پڙهيل ماڻهن کي دنيا جي جديد ادب جي روشنيءَ ۾ جديد يا نئين سنڌ جو شعور ڏين جيڪا بنيادي طرح انساني آزادي، انساني ڀائپيءَ ۽ انساني برابريءَ جي راهه آهي.

اهي خيال جويي صاحب جا اُن وقت، 1947ع ڌاري هُئا جيڪي پوءِ پاڻ (Save Sindh Save the continent). ۾ به لکيائين جيڪي ساڳيا خيال، پوءِ پڪا پختا ٿي سندس ڪتاب” هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“
 (1985ع) ۾ شايع ڪيائين، جلد پهرينءَ جي لکيل سندس مهاڳ تان هتي هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو:

”علم ۽ ادب جي دائري ۾ منهنجي سڄي ڪم ۽ ڪردار جي وٿ يا ڪارج جي اوهان کي (اسان کي) جيڪڏهن ڪٿ ڪرڻي آهي ته اُن سَڀ ۾ منهنجي آڏو جيڪو مقصد رهيو آهي اُن جي مان ۾ اوهان کي (اسان کي) اهڙي ڪٿ ڪرڻ گهرجي. اُن مقصد جو شعور پهريائين هلڪو ۽ فطري طرح جو ۽ پوءِ تجربي ۽ ڄاڻ جي وڌڻ سان جيئن پوءِ تيئن رچندو پڪو ۽ پختو ٿيندو ويو ۽ اڄ اهو راس ٿيل منهنجي ذهن ۾ موجود آهي. اهو آهي زندگيءَ سان Commitment سِر سِيتائِي - سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي اُن سان Commitment ته اُن ۾ پورهيت جو لوڪ راڄ قائم ٿئي، جنهن ۾ اُن جا لازمي توسيعي قدر- آزادي، اخوت (انساني ڀائپي) ۽ مساوات (انساني برابري)عمل ۾ هجن.“

هن مهاڳ ۾ هاڻي پاڻ خود ئي واضح ڪري ڇڏيو اٿس، ته اهو سندس زندگيءَ جو مقصد ته سنڌ ۾ پورهيت جو راڄ قائم ٿئي ۽ اُن راڄ ۾ انساني آزادي، ڀائپي ۽ برابري جا بنيادي اصول عمل ۾ هجن، اهو سندن مقصد فطري هو يعني ته قدرت جي طرفان يا خدا جي طرفان هو، جيڪو سندن زندگيءَ جي اوائلي دور ۾ هلڪو شعوري هو ۽ پوءِ وڌيڪ تجربي ۽ (خدائي) ڄاڻ جي ڪري پڪو ۽ پختو ٿي ويو. هن سندن ئي ڏنل معلومات کان پوءِ هاڻ ان ڳالهه جي ڪابه گنجائش ڪو نه ٿي رهي ته هو اُهو ناهي جيڪو آهي، پر اُهو آهي جيڪو آهي 'I am what I am'  يعني خدا تعاليٰ جي طرفان آيل اهو رهنما روح، جيئن مون پهريان اوهان کي ٻڌايو ته هن عظيم ۽ قديم قوم جي رهنمائي ڪري جيڪا اڳيان هلي دنيا ئي مسئلن ۾ جڪڙجي ويندي ۽ دنيا کي امن محبت ۽ انساني برادريءَ جو پيغام ڏيئي نه سگهندي، جيڪو اصل هن قوم جو خدائي ڪارج آهي. خدا کي هر علم آهي، ماضيءَ جو مستقبل جو، تنهنڪري هُن هِن روح کي انساني صورت ۾ 91 سال اڳ ۾ موڪليو ته ڳوٺ آباد، سنڌ ۾ وڃي جنم وٺي ۽ اُتان اُٿي پوءِ سنڌ جي سڄي اجڙيل گلشن جي روحاني آبياري ڪري.

جويي صاحب جي اٽڪل 70 سالن جي 
بي لوث ۽ اڻٿڪ تعليمي، علمي، ادبي ۽ صوفياڻي جدوجهد، ڇا اسان جي هن اجڙيل گلشن جي آبياري ڪونه هُئي؟ هن پنهنجي روح جو آب حيات پياري لکن سڪل وڻن کي سائو ڪيو ۽ هزارن ساون وڻن کي ميوي دار بنايو، جن جي سايي ۾ اڄ سنڌ جا ٿڪل مسافر اچيو ساهه کڻن ۽ سندن ميوا کائن. ڇا انهن ۾ تمام وڏا سايه دار ۽ ميوي دار اهڙا وڻ به ڪونهن جن کي جويي صاحب پنهنجين اکين جو نُور نچوئي ايڏو وڏو ۽ ڦلدائڪ بنايو جو اُهي هاڻي ڪڏهن به پنن، گلن، ميون کان خالي نه رهندا ۽ هميشه هميشه لاءِ سنڌ جي سر زمين تي قائم دائم رهندا.

جتي سدائين سنڌ جا مسافر ٿڪ ڀڃي انهن جا ميوا کائي وري سنڌ جي سفر تي روانا ٿيندا. جن ۾ شيخ اياز، رسول بخش پليجو، سراج الحق، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا جيڪي سون جي تعداد ۾ سندن اکين جي امرت سان پليا وڏا ٿيا. مون کي هتي غلام رباني آگري جي اها ڳالهه ياد آئي آهي، جنهن ۾ هُن ٻڌايو ته پاڻ ۽ جويو صاحب هڪ دفعي گڏجي ڀٽ شاهه تي ويا، اُتي جويي صاحب جي اکين مان ڳوڙها وهي اُٿي هليا جڏهن راڳي فقيرن شاهه جي هيءَ سٽ پنهنجي راڳ دوران امالڪ وٺي ڳائي (اُها سانجهيءَ ويل به هُئي)

آءٌ نه گڏيِ پرينءَ کي تون ٿو لهين سڄ!

شايد لطيف سائينءَ گهرايو ئي کيس درگاهه تي، ان ڪري هو، ته کيس اها سٽ ٻڌرائي، انهيءَ ويل ٻڌرائي. هُن کي ياد ڏياري ته اهو روح انهيءَ بدن ۾ ڇا جي ڪري سنڌ ۾ موڪليو ويو آهي. متان بدن جواب ڏي ۽ روح سکڻو موٽي وري پنهنجي مالڪ ڏانهن اچي.

جويي صاحب جا اُهي لڙڪ پوءِ سنڌ جي گلشن جي وڌيڪ آبياري ڪندا رهيا. اڄ سنڌ جي هزارن لکن پڙهيلن مان ڪوبه هڪڙو ڪونهي، جنهن جي جويي صاحب سڌي يا اڻ سڌي طرح تعليمي، ادبي، سياسي ۽ صوفياڻي مَد ۾ رهنمائي نه ڪئي هجي. اٽڪل مُني صديءَ جي طويل ۽ سرگرم جدوجهد ۾ هُن شعوري طور به ائين ڪيو ۽ پنهنجو خدائي فرض سمجهي به ائين ڪيو، پنهنجو ڄمڻ جو مقصد به سمجهي ائين ڪيو. وري وڏي محبت سان ئي ڪيو، وڏي نهٺائيءَ سان ائين ڪيو، جو ڪنهن کي احساس نه ٿئي ته هو هُن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي يا هُن کان برتر آهي. سوين هزارين ذاتي ملاقاتون، اجتماعي ملاقاتون، جلسا، سيمينار، سندن اڪيچار تحريرون، تقريرون سڀ انهيءَ ڳالهه جون شاهد آهن ته هو هڪ اوتار آتما آهي، رهنما روح آهي، جنهن اونداهيءَ مان سنڌين کي ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو آهي ۽ انهن کي نئين سنڌ جي راهه ڏيکاري آهي. ”پورهيت جو راڄ جيڪو انساني آزادي، ڀائپي ۽ برابريءَ تي ٻڌل هجي.“

مون کي هاڻي ڪا به هٻڪ ڪانهي جو هيءُ بيت سندس لاءِ ئي چوان:

بُرو هو ڀنڀورِ، جو آرياڻيءَ اُجاريو،
لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙهي ڌڻيءَ هورِ،
چوريون هُرڻ سکيون، پُنهون ڪيائون پورِ،
آيو سو اَتورِ، جنهن ڏکيون ڏِکَ وهاريون.

 (شاهه)

نئين سنڌ لاءِ مستقبل جو نقشو جيڪو هُن اَتور (اَملهه) ماڻهوءَ اسان کي ڏکن مان ڪڍڻ لاءِ ڏنو. فرق اهو آهي ته جويي صاحب ان نظرئي کي چٽو ڪري بيان ڪيو آهي. پهريائين هڪڙي سٽ ڀٽائيءَ جي جنهن ۾ هُن رب تعاليٰ کان دعا گهري آهي.

پورهيو پورهيت جو والي ڪيِمَ وِڃاءِ.

پوءِ هيءُ آسماني نظريو، سنڌ لاءِ دنيا جي سر زمين تي:

نڪو جهلَ نه پَلَ نه ڪو رائر ڏيهه ۾
اَڻيو وجهن اَهرين روڙيو رفتا گلَ
ماڻهو پاڻ اَمُلَهه، مليرونِ مُرڪڻو.
                             (سُر مارئي)

يعني سنڌ جي خطي تي مثالي خدا جي بادشاهي جيڪا سوين صديون اڳ ۾ موهن جي دڙي ۾ هُئي. موهن معنيٰ سهڻو، يعني سهُڻي خدا جي بادشاهي هُئي. يعني سونهن، سچ ۽ سٺائيءَ جي بادشاهي. پاڪستاني  آثار قديمه وارن سنڌ ۾ خدا کي به ماري ڇڏيو آهي. اُن کي ”موئن جي دڙي“ ۾ يعني ”مُئلن جي دڙي“ ۾ سمهاري ڇڏيو آهي!

هيستائين مون اوهان کي جويي صاحب جي انساني مشن متعلق ٻڌايو ته ڪيئن هو لکين سنڌين جي اندر ئي اندر نئين سنڌ لاءِ رهنمائي ڪندو رهيو، پر سندس، سنڌ مدرسي جي شاگردن تي گهڻي مهرباني هُئي. انهن مان رسول بخش پليجو، شمشيرالحيدري، آءٌ ۽ ٻيا ڪئين سوين هزارين سڄي سنڌ مان هُئا جيڪي مدرسي ۾ پڙهندا هُئا ته ان جي هاسٽلن ۾ رهندا به هُئا. ٻين وانگي مون ۾ به اهڙو سنڌ سان، سنڌين سان محبت جو سوداءِ وڌائين جو مدرسي مان نڪرڻ کان پوءِ (1947ع ۾) آءٌ سڄي عمر پنهنجي وِت ۽ سمجهه آهر سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪندو رهيو آهيان، ڪڏهن به ان ڳالهه کان غافل نه رهيو آهيان. ساڻن به وقتن بوقتن ملندو ۽ سندن رهنمائي وٺندو رهيو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن سندن رهنمائي جي خلاف به هلندو رهيو آهيان پر وڏائي کاڌا اٿم. هاڻي گهڻن تجربن کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جويو صاحب هڪ خدائي ماڻهو آهي، اُهو هن کان پوءِ مون کي جيڪا به راهه ڏيندو، ان تي ئي هلندو رهندس، اُن ۾ ئي منهنجي ۽ سڀني سنڌين جي نجات آهي ڀلائي، اُها ئي خدا راهه آهي.

تنهنڪري اچو ته سڀ سنڌي هاڻي سڀ ويڇا وساري سندن رهنمائي حاصل ڪريون، ۽ ان تي هلون. اسان کي هاڻي هڪ وڏو موقعو به آهي جو 13- آگسٽ تي سندن 91 هون جنم ڏينهن آهي، اُن تي هڪ قوم ٿي کيس مبارڪون ڏيون، پاڻ کي مبارڪون ڏيون ته رب تعاليٰ پنهنجي مهر سان اهڙو رهنما روح خدائي انسان جي خاڪي جسم ۾ موڪليو، جنهن اسان کي نئون شعور ڏنو ته نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ڪريون، سنڌ ۾ وري خدا جي بادشاهي سونهن، سچ ۽ سٺائيءَ جي بادشاهي قائم ڪريون، اچو ته سندس مانَ ۾ هر شهر ڳوٺ واهڻ م جلسا ڪريون، جلوس ڪڍون، خوشيون ملهايون، جهمريون پايون، گيت ڳايون، اسان وٽ اچڻ تي

ڀلي آئين ڀلا پرين اسان جا تَنَ مَنَ ڌنَ!
سموري سنڌ جا محسن، سموري سنڌ جا محسنَ!

۽ اهڙا جلسا هاڻ روزانو سنڌ ۾ هر هنڌ ڪندا رهون، جيسين پاڻ اسان وٽ حياتي آهن دنيا ۾.

ويا جي وڻڪارَ ته ڪومَ ملندءِ ڪاپڙي!

انهن جلسن ۾ کانئن هن عظيم روح کان جيئن ٻارڙا پنهنجي ڪنهن محبوب ماڻهو کانAutograph (سندس هٿ سانَ لکيل ٻه چار لفظ) وٺندا آهن، تيئن سِندس اڳيان نوٽبڪ جهلي کانئن پنهنجي لاءِ سڄي قوم نصيحتون وصيتون وٺو. اهي آٽوگراف، سندن هٿ سان لکيل لفظ اڳيان هلي اسان جي ذاتي ۽ اجتماعي زندگيءَ لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا. لطيف سائينءَ جي چوڻ موجب:

لکين ڪيا لسان سين لاهوتين لوڙا
گَهوڙا ڙي گهوڙا آءٌ، نه جيئندي اُن ري.

جويي صاحب اسان جي زبان جا لفظ هزارين صفحن ۾ اسان لاءِ لکي ڏيئي ڇڏيا آهن، اهي اسان جو جيئدان آهن، پر اهي ذاتي ورتل لکيتون به، آٽوگراف به اسان کي ذاتي طرح ۽ اجتماعي طرح جياريندا. اهي سندن آخري عمر جون اسان سڀني لاءِ وصيتون هونديون. اسان جو قومي سرمايون هونديون.

پاڻ ڪيترا دفعا ٺٽي ضلع جي ٻهراڙي ۾ هلندڙ منهنجي تنظيم الست طرفان نياڻين جي اسڪولن تي به ويا آهن. ٻهراڙين جي نياڻين کي پوري سنڌي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پڙهندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا آهن. هميشه اتي وزٽ بوڪ تي نوٽ به لکندا رهيا آهن ۽ زباني به چوندا رهيا آهن:

”الستي! ٻهراڙيءَ جي سنڌي ماءَ جيڪڏهين پڙهي پئي، ته هن قوم جي تقدير جلدي بدلائي ڇڏيندي. ڇاڪاڻ ته ٻين مائن کان وڌيڪ سٻاجهي، ساڃهه وند ۽ سگهاري آهي. ٻين سک ڏٺا آهن، هن اڻ پڙهيل ۽ غريب عورت رڳو ڏک ڏٺا آهن. ٻين ٿوريون ناانصافيون سٺيون آهن، هنن رڳو ظلم سَٺا آهن. علم جڏهين انهن جي عقل کي روشن ڪندو ته پوءِ هُوءَ ظلم جا ڪوٽ سڀ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندي، تنهنڪري پڙهاءِ پڙهاءِ  سنڌي ماءَ کي شهرن ۾ پڙهاءِ، ٻهراڙين ۾ پڙهاءِ....“

۽ اڃان تائين پنهنجي وس آهر پڙهايان پيو. گهڻي ۾ گهڻي خدائي طاقت يا روحاني طاقت توهان کي ڏسڻي آهي ته شاهه جو رسالو کڻي پڙهو يا محمد ابراهيم جويي صاحب جي ڪنهن مضمون يا ڪتاب کي. هڪڙو توهان جو ”من وڃي پريان سندي پار ڏانهن لائيندو“ جيڪو پار تمام پري آهي، ٻيو اوهان جو من وڃي اهڙيءَ پار سان ملائيندو جيڪو بنهه ويجهي کان ويجهو آهي، اوهان جو پنهنجو وطن، پنهنجي سر زمين سنڌ. پر ٻنهي ۾ خدا جي پار ۾، ۽ سنڌ جي پار ۾ ڪهڙي ڳالهه ساڳي آهي جيڪا شاهه جي ٻوليءَ ۽ جويي جي ٻوليءَ ۾ هڪ ازغيبي طاقت پيدا ڪريو ڇڏي ”محبت، والهانه محبت، هڪڙي روح جي ازلي وطن لاءِ ٻي روح جا دنيا ئي وطن لاءِ ٻنهي وطنن کي محبت جي روحاني ڌاڳي ۾ ڳنڍڻو هو. مادر وطن مان ئي روحاني وطن جي راهه ٿي ويئي. تنهنڪري شاهه کي به خاڪي وطن سان بي انتها محبت هُئي ته جويي صاحب کي به سنڌ جي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت آهي. وري جيئن شاهه کي دنيا ئي وطن مان روحاني وطن جي ياد آئي. اُن جي ڄاڻ ملي. تڏهن اَلست بربکم جڏهن ڪن پيوم.... ته چئي اٿيو.

ڪِي ڌرتيءَ ماءِ، ڪي جَرَ سندي سڄڻين
هِلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾.

ڌرتيءَ سان به محبت ڪر، پر اُن اصلي روحاني دنيا جي مالڪ سان به محبت ڪر، جنهن توکي هتي پنهنجي بادشاهيءَ لاءِ موڪليو آهي. سچ، سونهن ۽ سٺائيءَ جي بادشاهي لاءِ، ۽ پنهنجي ڌرتيءَ تي اُها قائم ڪر، اُن لاءِ جدوجهد ڪر. تڏهن ته جويو صاحب پنهنجي هر لکت ۾ اها ئي نشاندهي ڪري ٿو ته سنڌ ۾ حق ۽ انصاف جي حڪومت قائم ٿئي. سنڌي پورهيت جي حڪومت قائم ٿئي، جيڪا انساني آزادي، ڀائپي ۽ برابريءَ تي ٻڌل هجي. اُن ڪري ٻنهي جي ٻولي، شاهه ۽ جويي جي ٻوليءَ ۾، صداقت آهي سچائي آهي، جيڪا هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي پنهنجو ڪريو ڇڏي، اُن تي روحاني طرح اثرانداز ٿئي ٿي.

مون حقير پر تقصير جي نظر ۾ جيڪڏهن شاهه کان پوءِ سنڌ جي بقا، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو ڪو ضامن هوندو ته اُهو محمد ابراهيم جويي ۽ اُن جون لکڻيون هونديون ۽ اُن جيڪي لکين شاگردن، اديبن، شاعرن، سياسي ۽ سماجي ورڪرن جون کيپون پيدا ڪيون آهن ۽ ٿينديون رهنديون، انهن مان ئي ڪي هوندا ۽ ٻيا نه!

هاڻي آءٌ پڇاڙيءَ ۾ سندن خدمت ۾ ڪي گل رکي سگهان ٿو ته اُهو جلسو آهي جيڪو مون ڪجهه سال اڳ ۾ عالمي عورتن جي ڏينهن تي مڪليءَ تي ڪوٺايو هو ۽ اُن ۾ سوين ٻهراڙين جون ننڍڙيون نياڻيون جيڪي منهنجن اسڪولن ۾ پڙهنديون هُيون، گهرايون هُيون. جويي صاحب جي استقبال لاءِ، جيڪو اُن جلسي جو مهمان خاص هو. انهن ڇوڪرين مان ڪيترين کين اسڪول ۾ وزٽ ڪندي کين ڏٺو هو اُهي خوشيءَ مان سندس چوڌاري جهمريون پائڻ ۽ سنڌي گيتن جي ڌنن تي نچڻ لڳيون هيون، جيڪو منظر اڃان تائين مون کان وسري ڪونه ٿو ۽ نه وسرندو. ڇاڪاڻ ته مون جويي صاحب کي ڪڏهن به اهڙو خوش ٿيندي ڪونه ڏٺو هو. هو سندن پڙهڻ تي، خوشيون ڪرڻ تي، خوش ٿي رهيو هو. اُهو منظر اڄ وري سندن خدمت ۾ عقيدت جي گلن طور پيش ڪريان ٿو.

اهڙا سوين هزارين منظر سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ سنڌ جي هن عظيم محسن جي آمد تي هاڻي عام ٿيڻ گهرجن، جن ۾ سڀ مرد زالون ننڍا وڏا پوڙها ٻار هُن جي چوڌاري نچن جهمريون پائن، گهور وڃن، خوشيون ڪن، هُن کي اهو احساس ڏيارين ته هُن جو ستر سالن جو ڏينهن رات جو پورهيو پنهنجي قوم لاءِ اجايو نه ويو آهي، جنهن ۾ هُن پاڻ کي پوئتي رکي، سنڌي قوم کي اڳتي وڌايو آهي، اُها هاڻي جيئندي، جيئندي ۽ ضرور جيئندي....

اچو ته سڀ ائين ڪريون جيسين هو جسم خاڪيءَ ۾ اسان وٽ آهي. ههڙو رهنما روح، لطيف سائينءَ کان پوءِ اسان وٽ ٻيو ڪوبه ڪونه آيو آهي. هي خاڪي جسم ڇڏڻ کان پوءِ به هُو اسان وٽ جيئرو رهندو، اسان کي سندس لکيل لفظن ذريعي روحاني طاقت بخشيندو رهندو. اسان کي زندهه قومن ۾ نه فقط زندهه رکندو، پر انهن ۾ عزت جو مقام به وٺي ڏيندو پر اسين به ته پنهنجي زندگيءَ جو ثبوت ڏيون.

وَٽن ويٺي آهيان، ڏسيو ڪينَ ڏِسانِ
جنهن جهوئِي ناه ڪِي، سا ڪا سُونهن سنديانِ
پسيو ڪيِنَ پسانِ، آءٌ نه جيئندي اُن ري.

 (شاهه)

نئين سنڌ ۾ روشن خياليءَ جو فڪري امام

 

 

 

 

 

 

ادل سومرو

 

20- ڊسمبر 2013ع تي هيري ٺڪر، تاج جويي ۽ جگديش لڇاڻيءَ جن سان جهوڪ شريف هلڻ جو پروگرام ٺهيو. مدد علي سنڌي ۽ شوڪت شورو ۽ مٺو ڪهيري به ڄام شوري ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. شاهه عنايت شهيد جي عُرس جون تقريبون به شروع ٿي چُڪيون هيون. مهمانن خيال ڏيکاريو ته جهوڪ شريف هلڻ کان پهرئين سائين جويي صاحب جي حاضري ڀرجي. تاج جويي فون ڪري ٽائيم ورتو ۽ اسان سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي جاءِ تي صحافي ڪالوني حيدرآباد پهچي وياسين. جسماني ڪمزوريءَ جي باوجود جويي صاحب اسان سڀني جو پُرجوش نموني ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو. روايتي مسڪراهٽ سندس چهري تي نمايان هئي. جگديش لڇاڻي حيرت ۾ ٻڏي ويو، جڏهن جويي صاحب سندس نالو وٺي، خير عافيت معلوم ڪئي. ڪافي سال اڳ ممبئي ۾ ٿيل ملاقات جويي صاحب کي ياد هئي. مهمانن تمام گهڻي دلي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هيءَ اسان لاءِ سعادت آهي جو هڪ عظيم شخص جو درشن نصيب ٿيو آهي. جويي صاحب سان ڪچهري ٿي ۽ ڦوٽو به ساڻس ڇڪراياسين. تاج جويو، جويي صاحب جي لائبرريءَ جا ڪتاب اُٿلائڻ پٿلائڻ لڳو. جويي صاحب جي هڪ ڪتاب جون کيس ٻه ڪاپيون نظر آيون. ان مان هڪ هُن جگديش لڇاڻيءَ کي ڏني. جويي صاحب جي ڪتابن تي نظر هجي، سو تاج کي هوشيار ڪيائين ته ائين نه ٿئي جو ڪتاب جي هڪڙي ڪاپي هجي ۽ اُها ڏئي ڇڏين. جيستائين تاج جويو ڪتابن جي المارين ڏانهن پئي ڦريو، تيسين جويي صاحب جو ڌيان اُن طرف ئي رهيو. اسان جويي صاحب کان موڪلائڻ لڳاسين ته پنهنجي روايت مطابق اسان کي دروازي تي ڇڏڻ آيو. اسان ڄام شوري روانا ٿي وياسين، جتي شوڪت شوري مهمانن جو مانجهاندو پنهنجي گهر ۾ ڪيو هو. جنهن ۾ مهمانن سميت مدد علي سنڌي، مٺو ڪهيري، تاج جويو، ڊاڪٽر انورفگار هڪڙو، اسحاق سميجو ۽ مان شريڪ ٿياسين.

سائين محمد ابراهيم جويي جي شخصيت ۾ رويي، مزاج ۽ ملڻ جلڻ جي اهڙي ڪشش آهي، جو هر ڪنهن جي دل ساڻس ملڻ چاهيندي آهي. جنهن انداز سان سائينءَ پنهنجي ذات کي زماني جي گدلاڻ کان بچائيندي، عزت ۽ مان سان حياتيءَ جو سفر ڪيو آهي، اهو مثالي ۽ نهايت شاندار آهي. هر ماڻهوءَ سان نهايت پنهنجائپ سان پيش اچڻ ۽ انهن جي سمجهه ۽ ذهني پهچ مطابق گفتگو ڪرڻ ۽ اهڙا ڪيترائي اعليٰ گُڻ سندس کاتي ۾ اچي وڃن ٿا.

اسان جڏهن لکڻ شروع ڪيوسين ۽ ڪجهه لکڻيون شايع به ٿيون ته اياز گل، مختيار ملڪ ۽ مان وقت بوقت جويي صاحب وٽ حاضري ڀريندا رهندا هئاسين. سائين سدائين شفقت واري انداز ۾ اسان جي رهنمائي ڪندو هو. اسان ڪڏهن ڪُمهلا منجهند جو سندس ننڊ جي ٽائيم به وٽس ويندا هئاسين ته ڪڏهن به چهري تي ناراضگيءَ وارو تاثر نه ڏيندو هو. نئين ٽهيءَ جي رهنمائي ڪرڻ ۾ جويو صاحب اَڄُ به سرهائي محسوس ڪندو آهي.

مون سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي ٻارن جي رسالي ماهوار ”گُل ڦُل“ رسالي ۾ ”نئين دؤر جا نوان سبق“ لکڻ شروع ڪيا. ڪجهه سبق شايع ٿيا ته رسالي جي ايڊيٽر انور هالائيءَ صاحب جو خط پهتو، جنهن ۾ لکيل هو ته منهنجن اِنهن سبقن کي 
محمد ابراهيم جويي صاحب گهڻو پسند ڪيو آهي ۽ چيو اٿائين ته ادل سومرو جڏهن به حيدرآباد اچي ته ساڻس ضرور ملي.

منهنجي لاءِ اِها خوشيءَ ۽ همت افزائيءَ جي ڳالهه هئي جو جويي صاحب جن هڪ نئين ليکڪ جي تحرير کي پسند ڪيو هو. پوءِ جڏهن حيدرآباد وڃڻ ٿيو ته جويي صاحب وٽ حاضر ٿيس. سائينءَ مون کي گهڻو همٿايو ۽ اِهي 52 ئي سبق لکي مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو. پوءِ وقت بوقت سائينءَ سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. 81-1980ع ۾ ڪراچي ۾ نوڪريءَ دوران، مون کي سِگا مرڪز پاران مرڪزي انفرميشن ۽ پبليڪيشن سيڪريٽريءَ جون ذميواريون سونپيون ويون ته حيدرآباد اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو، ۽ اهڙي طرح جويي صاحب وٽ حاضري ڀرڻ جو موقعو ملندو هو.

پهرئين آڪٽوبر 1981ع تي مان، هالا جي ڀرسان، گورنمينٽ بوائز ڪاليج منصوره ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس. ڪجهه مهينن بعد مون ڄام شوري/ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان دوران جويي صاحب سان ڪيترا ڀيرا ڪچهريءَ جو موقعو مليو. سِگا مرڪز پاران اعجاز قريشيءَ ۽ مون کي چيو ويو ته جويي صاحب جي رهنمائيءَ ۾ سگا جي روشن تارا اسڪولن لاءِ ٻارڙن جا سنڌي گيت ۽ نظم ترتيب  ڏنا وڃن. اعجاز صاحب ۽ مون جويي صاحب سان اهڙو ذڪر ڪيو. جويي صاحب ان قسم جي ڪتاب جي ترتيب تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

سنڌي ٻولي ۽ تعليم جي مامري ۾ جويي صاحب جو رويو هميشه جذباتي ۽ عاشقيءَ وارو رهيو آهي، جنهن تي هن ڪڏهن به مصلحت کان ڪم نه ورتو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ٻه رايا رکيا آهن. ٻارن لاءِ ڪتاب ’روشن تارا گيت‘ تيار ٿي ويو، جنهن ۾ جويي صاحب ڀيرومل، ڪشنچند بيوس کان وٺي جديد دؤر جي شاعرن جا گيت ۽ نظم شامل ڪيا هئا. ڪتاب جي مرتب واري جاءِ تي جويي صاحب اعجاز قريشي ۽ منهنجو نالو به شامل ڪري ڇڏيو هو. اسان چيو ته سائين صرف اوهان جو نالو ئي ڪافي آهي، ته جواب ڏنائين ته اوهان منهنجا ٻانهن ٻيلي رهيا آهيو، انڪري اوهان جو نالو به ضروري آهي. ٻين کي اهميت ڏيڻ، جويي صاحب جي اعليٰ گڻن مان هڪ اهم گُڻ آهي.

ڪتاب ’روشن تارا گيت‘ نه صرف سِگا جي روشن تارا اسڪولن ۾، پر عام طرح به مقبول ٿيو. بعد ۾ سنڌي ڪتابن جي هڪ مشهور پبلشر، ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيل پنهنجي اداري طرفان اُهو ساڳيو ئي ڪتاب ڇپرايو. ساڳيائي گيت ۽ نظم، ساڳئي ترتيب سان ڪتاب ۾ شامل هئا، پر مرتبن ۾ محمد ابراهيم جويي، اعجاز قريشي ۽ ادل سومري جي نالن جي جاءِ تي ٻيو نالو ڇپيل هو. ان قسم جي ادبي بي ايماني (Pirecy) اسان جي ملڪ ۾ عام جام آهي. ڪو پڇڻ وارو نه آهي ۽ نه ئي ڪو قانون آهي. ڊڪشنرين ۽ گرامر جي ڪتابن جا شروعاتي صفحا تبديل ڪري، ڪوڙن ليکڪن ۽ پبلشرن جي نالن تي ڇپيل ڪتاب، مارڪيٽ ۾ عام جام موجود آهن. چوري پنجن روپين جي هجي يا پنجن هزارن جي، چوري ته چوري ئي ليکبي!

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ پاران عابده پروين کي راڳ جي راڻيءَ جو خطاب ۽ گولڊ ميڊل ڏيڻ جو اعلان ٿيو هو. ان لاءِ هاليڊي اِن (هوٽل) ڪراچيءَ ۾ هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو. منهنجي اِها خوش قسمتي هئي جو انهيءَ ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سائين جويي صاحب سان گڏجي ڪراچيءَ وڃڻو پيو. 18- فيبروري 1982ع تي جويو صاحب ۽ مان چئين وڳي ڌاري حيدرآباد مان ڪراچيءَ لاءِ بس ۾ روانا ٿياسين. حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين ڪچهري جو هڪ بهترين موقعو مليو هو. جويي صاحب جهڙي ڏاهي انسان جي هڪڙي سٽ به بي معنيٰ ۽ فڪر کان خالي نه هئي. اِهو سفر منهنجي اُتساهه ۽ سرشاريءَ جو سبب بڻيو. ڪراچيءَ ۾ سِگا جي ساٿين سان ملاقات ٿي، پوءِ ”هاليڊي اِن“ پهتاسين. انهيءَ دؤر ۾ عابده پروين جهڙي ڪلاڪارا لاءِ اُهو پروگرام هڪ اعزاز هو. وڏو اعزاز عابده پروين لاءِ اِهو به هو ته انهيءَ پروگرام ۾ سائين تنوير عباسيءَ هن بابت هڪ بهترين مقالو، انگريزيءَ ۾ پڙهيو هو. پروگرام شروع ٿيڻ کان ٿورو پهريان، مان لابيءَ ۾ آيس ته اُتي گل محمد جکراڻي مليو، جيڪو ان وقت روپوشيءَ جا ڏينهن گذاري رهيو هو. هُن ٻڌايو ته ڪارڊ نه هئڻ ڪري کيس پروگرام واري هالَ ۾ نٿا ڇڏين. مون گل محمد کي پاڻ سان وٺي وڃي هالَ ۾ ويهاريو ۽ ولي محمد روشن سان پڻ ملايو. اِهو پروگرام جويي صاحب جي نسبت سان منهنجن يادگيرين جو اهم حصو آهي. اِن موقعي تي جويي صاحب ۽ عابده پروين سان گڏ نڪتل تصوير به يادگار تصوير هئي، جيڪا اخبار ۾ به ڇپي هئي.

1985ع تائين سڪرنڊ ۽ نوابشاهه ۾ رهڻ دوران، حيدرآباد سان رابطو رهندو آيو، پر جڏهن ممتاز ڪاليج خيرپور بدلي ٿي ويئي، ته پوءِ ڪم ڪار يا ڪنهن پروگرام جي نسبت سان حيدرآباد جو چڪر ٿيندو هو.

1986ع کان پوءِ شيخ اياز صاحب سان ويجهڙائپ قائم ٿي. هڪ معاون دوست جي حيثيت ۾ ڏهاڙي وٽس ويندو هئس. ڪچهرين ۾ وقت بوقت جويي صاحب جو ذڪر نڪرندو هو. هڪڙي شام اياز صاحب ٻڌايو ته سُڀاڻي جويو صاحب، بليو لائينز ڪوچ ذريعي سکر پهچندو، پوءِ مون کي چيائين ته مان کيس ڪوچ اسٽيند تان وٺي اچان، متان جويي صاحب کي پُراڻي سکر پهچڻ تائين ڏکيائي ٿئي. ٻئي ڏينهن تي مون جويي صاحب جي ڪوچ اسٽينڊ تي آجيان ڪئي. جويي صاحب چيو ته پهريان رشيد ڀٽيءَ جي تربت تي حاضري ڀربي، پوءِ ٿا شيخ اياز ڏي هلون. اسان ڪار ۾ گوليمار واري رستي کان قبرستان آياسين، جتي رشيد ڀٽيءَ کي سلام ڪري، اچي پراڻي سکر جنات بلڊنگ پهتاسي. مانجهاندي جي مهل ٿي وئي هئي، اياز صاحب، اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو. رسمي خير عافيت بعد گڏجي ماني کاڌيسين. مون ٻنهي ڏاهن جي ڪچهريءَ مان گهڻو ڪجهه پرايو.

جويو صاحب پنهنجي رويّي ۾ ايترو ٻاجهارو آهي، جو هر سطح جو  ماڻهو، ساڻس گڏجڻ ۾ ڪڏهن به گهٽتائي جي احساس ۾ مبتلا نه ٿيندو ۽ ائين محسوس ڪندو ته هُو سندس دوست آهي. سوکڙي طور ڏنل ڪتابن تي سندس لکيل سٽون، تمام گهڻي پنهنجائپ ۽ خلوص جو تاثر ڏينديون آهن.

موبائيل فون، هڪٻئي ڏانهن خط لکڻ ۽ ڪارڊ موڪلڻ واري سُٺي روايت جي گهڻي قدر خاتمو آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي اسان جو رڪارڊ ۾ پُراڻا خط، عيد ڪارڊ ۽ نئين سال جا ڪارڊ وڃي بچيا آهن. مان سائين جويي صاحب کي نئين سال ۽ سندس جنم ڏينهن جو ڪارڊ ضرور موڪليندو هوس. سال 2000ع ۾ نئين سال جي ڪارڊ ۾ مون هڪ نظم لکيو هو، اُن نظم جي شروعات هن طرح هئي:

زندگيءَ جو ساز ساڳيو ٿو وڄي،

سالَ گذري ٿا وڃن

۽ اکين ديس مان

خواب اُڏري ٿا وڃن.

اُهو نظم، جويي صاحب کي پسند آيو هو ۽ انهيءَ احساس تحت هُن به هڪ نظم لکيو هو ۽ اُهو ڇپرائي ورهايو هو. مون ڏانهن به سائينءَ اهو نظم اُماڻيو هو:

زندگيءَ جو ساز ٻُرندو ٿو رهي

زندگيءَ جو راز کُلندو ٿو رهي

ڏينهن، مهينا، سالَ، صديون

وقت آهي، جو گذرندو ٿو رهي

۽ دل جي اُميدن جا مختصر ۽ اَمُل سج

ائين ئي هُو اُڀاريندو، نيندو ٿو رهي

۽ اوهان ۽ اسان کي ۽ سڀن کي

ڪم، ڪم ۽ ڪم جا سڏ ڏيندو ٿو رهي.

هي نئون سالُ اُن جو ۽ اُن جي ايڪيهين صدي

جا آهِه صدين جي نقيب-

وقت جو لقاءِ ازل ۽ سيلِ ڪائنات

شال آڻي ۽ آڻيندي رهي

اسان لئه، اوهان لئه ۽ نوعِ انسان لئه

آزاديون ۽ محبتون

روشنيون ۽ خوشيون

پنهنجي انهيءَ نظم جي آخر ۾ جويي صاحب هي هٿ اکر لکيا هئا:

مٿيون نظم

عزيز دوست ادل سومري لاءِ،

سندن ئي موڪليل، نئين سال لاءِ نظم جي تضمين طور جوڙيل.

صحي

محمد ابراهيم جويو

21-2-2000ع

19- مارچ 2001ع تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ شيخ اياز چيئر جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ جويو صاحب شريڪ ٿيو هو. گڏجاڻيءَ بعد سائينءَ سان ڪچهري ٿي، بعد ۾ شام ڌاري، اياز گل ۽ مان جويي صاحب ۽ تاج جويي کي روهڙي اسٽيشن تي ڇڏڻ وياسين، جتان هو ريل ذريعي حيدرآباد روانا ٿي ويا هئا.

جويو صاحب مختلف تاريخن تي شيخ اياز چيئر پاران ڪوٺايل ٻن ڪانفرنسن ۾ پڻ شريڪ ٿيو هو. چيئر پاران کيس شيخ اياز اوارڊ به پيش ڪيو ويو هو. سندس شخصيت انهن اوارڊن ۽ صدارتن کان مٿانهين آهي، پر دوست جي نالي جو اوارڊ وصول ڪندي کين سرهائي ٿي هئي. جويو صاحب انهن ڪانفرنسن ۾ پنهنجي وقار ۽ مانَ سان شريڪ ٿيو هو ۽ پنهنجي مقالي توڙي تقرير ۾ ڪٿي به پنهنجي خودداريءَ ۽ شخصي تقدس کي هيٺ جهُڪڻ نه ڏنو هو. جڏهن ته ناليوارن عالمن جون ڪيسٽون رڪارڊ تي موجود آهن، جن ڪانفرنسن جي موضوع تي گهٽ، پر وقتي وائيس چانسيلرن جي واکاڻ ۾ وڌيڪ لفظ وڃائيا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو مکڻ جون پيڪ ٿيل ٽِڪيون کيسن ۾ کنيو گهمندا وتن. ان کان سواءِ جويي صاحب انهن پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ ڪڏهن به اڳواٽ ڪي فرمائشون نه ڪيون. ٻه سالَ اڳ هڪ پروفيسر ڊاڪٽر خاتون کي مون ڪانفرنس (جيڪا نه ٿي سگهي) جو دعوت نامو اُماڻيو، ته هُن جواب ۾ لکي موڪليوته هوائي جهاز جي ٽڪيٽ اُماڻيندا ته پوءِ شريڪ ٿينديس. جڏهن ته اُن خاتون جي ڪا ايتري ادبي حيثيت به ڪانه آهي.

23- مارچ 2001ع، تي مان سائين جويي صاحب وٽ حاضر ٿيس ۽ کيس 24- مارچ تي ٿيندڙ پاڻيءَ کوٽ خلاف مظاهري جي اڳواڻي ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جيڪا هنن قبول ڪئي. مظاهري جا ڪارڊ اسان اڳواٽ ورهائي چُڪا هئاسين. 24- مارچ 2001ع تي پريس ڪلب حيدرآباد آڏو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف مظاهرو ٿيو، جنهن جي اڳواڻي سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڪئي. حاضري رجسٽر تي مرڪزي عهديدارن- ادل سومري، گل ڪونڌر، آزاد انور ڪانڌڙي ۽ اسد سولنگيءَ سميت 133 اديبن، شاعرن ۽ سُڄاڻ ماڻهن جون صحيون موجود آهن، جيڪي اُنهيءَ مظاهري ۾ شريڪ ٿيا هئا، جن مان ڪجهه نالا هي آهن: محمد خان مجيدي، ڄام ساقي، اعجاز قريشي، تاج جويو، مريم مجيدي، اياز گل، نثار حسيني، انعام شيخ، نور الهديٰ شاهه، زيب سنڌي، احمد خان مدهوش، غلام نبي مغل، يوسف سنڌي، لياقت عزيز، رخسانه پريت چنڙ، زيب نظاماڻي، بختاور ڄام، امداد قاضي، سردار شاهه، ادريس جتوئي ۽ ٻيا.

سائين جويي صاحب سان گڏ ڪوهستان  وڃڻ به منهنجي حياتيءَ جو هڪ يادگار سفر آهي. 12- جولاءِ 2011ع، تي سائين جويي صاحب سان تاج جويو، زاهد اوٺو ۽ مان، گڏجي ڪوهستان وياسين، جتي سائين جي.ايم.سيد ۽ جويي صاحب جو گڏيل ساٿي ملهه خان پالاري انتقال ڪري ويو هو. ملهه خان پالاري هڪ سخي مرد ۽ پنهنجي راڄ جو چڱو مڙس هو. سندس ٽيجهي تي هزارين ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. سندس فرزند در محمد خان پالاري به اسان کي هڪ مخلص ۽ مهمان نواز محسوس ٿيو. جنهن اسان کي تمام گهڻو مانُ ڏنو. خاص طور تي جويي صاحب جي اچڻ تي هن کي گهڻي سَرهائي ٿي هئي. اسان سندس والد جي ساڻس تعزيت ڪئي. علم ادب سان چاهه رکندڙ ۽ اديبن شاعرن کي مان ڏيندڙ در محمد خان پالاريءَ جي هڪ شاندار ذاتي لائبرري به آهي. تڏي تي آيل پنهنجي راڄ جي ماڻهن سان هُو سندن نالا وٺي ٿي مليو، جنهن مان پنهنجن ماڻهن سان سندس ويجهڙائپ ۽ تعلق جي خبر ٿي پئي. ڪوهستان ويندي ۽ اُتان واپس ورندي جويي صاحب ڪچهريءَ دوران پنهنجن ساروڻين جا ورق ورايا ۽ ادب ۽ تاريخ جي نسبت سان ڪيتري نئين ڄاڻ ڏني. ڪنهن ڏاهي سان سفر ڪرڻ ۾ مشاهدي سان گڏ علم ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. ٿاڻي بولا خان ۽ آسپاس جا خوبصورت منظر ۽ جويي صاحب جو ساٿ، سُونهن ۽ ساڃاهه جي گڏيل حاصلات ٿي.

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس لاءِ، قاسم آباد حيدرآباد ۾ اياز گل جي دؤر ۾ پلاٽ خريد ڪيو ويو هو. اسان ان پلاٽ تي آفيس تعمير ڪرائڻ لاءِ ڪافي ڊُڪ ڊوڙ ڪئي. هڪ سِرَ جو چندو سؤ روپيا رکيوسين. ان حساب سان پنج سرون ورتيون. جيڪي پئسا گڏ ٿيا، انهن مان آفيس جو بنياد کڻايوسين ۽ ڊي پي سيءَ تائين، ڀت کي مٿڀرو ڪرايوسين. سنگت جي فيصلي مطابق گوبند مالهي لائبرري ۽ آفيس جي پيڙهه جي پٿر رکڻ لاءِ جويي صاحب کي گذارش ڪئي ويئي، ان موقعي تي سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. جنهن لاءِ 13 اپريل 2003ع تاريخ مقرر ڪئي ويئي.

مون جويي صاحب سان ملاقات ڪري کين گذارش ڪي. لائبرريءَ جو نالو گوبند مالهيءَ رکڻ تي هُنن خوشيءَ جو اظهار ڪيو. اسان پروگرام جا ڪارڊ ڇپرايا ۽ سهڪار لاءِ مختلف ماڻهن سان رابطا شروع ڪيا. علي احمد بروهيءَ صاحب 93-1992ع دوران، جڏهن مان سنگت جو سيڪريٽري جنرل هئس، اسان جي رهنمائي ۽ مدد ڪئي هئي. مان وقت بوقت وٽس ويندو رهندو هئس. مان دعوت نامو کڻي بروهي صاحب وٽ ڪراچيءَ ويس. چانهه پيئندي حال احوال ٿيا. پوءِ بروهي صاحب، حميد آخوند صاحب کي فون ڪئي، جيڪو اُن وقت ثقافت کاتي جو سيڪريٽري هو. بروهي صاحب، حميد آخوند کي هي لفظ چيا:

”ابا حميد! ادبي لڏو تو مان سدائين ناخوش رهيو آهي. نوڪري اَڄُ آهي، سڀاڻي ناهي. دوست سنگت جي آفيس ٺهرائڻ چاهن ٿا، انهن جي مدد ڪندين، ته ٿي سگهي ٿو، اديبن، شاعرن وٽ تولاءِ نرم گوشو پيدا ٿئي. ان سلسلي ۾ ادل سومرو تو وٽ اچي رهيو آهي.“

مان بروهي صاحب جي فليٽ پرنس ڪامپليڪس ڪلفٽن مان سڌو تغلق هائوس، سنڌ سيڪريٽريٽ پهتس. حميد آخوند صاحب سان ملاقات ٿي. جنهن منهنجا خيال ٻڌڻ کان پوءِ موٽ ۾ هي لفظ چيا:

”ادا، مون کي خبر آهي، اديب ۽ شاعر مسڪين ماڻهو آهن... هڪ سؤ روپئي سر مان آفيسون ڪونه ٺهنديون آهن، مان توهان کي سنگت جي آفيس لاءِ ويهه لک روپيا ڏيان ٿو. انهيءَ جو اعلان، سنڌ جو وڏو وزير علي محمد مهر صاحب توهان جي پروگرام ۾ اچي ڪندو. اِهو صرف اعلان نه هوندو پر ويهه لک روپيا توهان مون کان وٺجو، اِهو واعدو آهي.“

 ’پر اسان ته ڪارڊ ڇپرائي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ جويي صاحب جي صدارت لکيل آهي، ڪارڊ ورهائجي ويا آهن، پروگرام ۾ وڏي وزير کي آڻڻ ڏکيو ٿي پوندو.‘ مون کيس وراڻيو.

”توهان وري به سوچيو ۽ سنگت سان صلاح ڪريو، پوءِ مون کي ٻڌائجو.“

حميد آخوند مون سان هٿ ملائيندي چيو. مان سيڪريٽريٽ مان ٻاهر نڪري ٻڏتر ۾ پئجي ويس. اوچتو سائين تنوير عباسي جا لفظ ذهن تي تري آيا:

”صحين واري مهم هلائڻ دوران، اسان ڪراچي هوٽل حيدرآباد ۾ اوڌر تي ماني کائيندا هئاسين. ان وقت ڪلارڪ جي پگهار پنجاهه روپيا ماهوار هئي. سنڌ جو هڪ وڏو سياستدان پنجن هزارن جو چيڪ سنڌي ادبي سنگت کي ڏيڻ آيو هو. سنگت جي سيڪريٽري مقبول ڀٽيءَ کيس چيڪ واپس ڪندي چيو هو ته اسان چيڪ وٺي توهان سياستدانن جي هٿان استعمال نه ٿينداسين. سائين تنوير عباسيءَ جي لفظن منهنجي رهنمائي ڪري ڇڏي. مون سوچيو ته هي سياستدان ۽ حڪمران اسان سان غير مشروط سهڪار ڇو نه ٿا ڪن.

مون حيدرآباد اچي دوستن سان صلاح ڪئي، جن کي ڳالهه نه وڻي ۽ انهن چيو ته جيڪڏهن غير مشروط مدد ڪن ٿا ته ٺيڪ آهي، ٻيءَ صورت ۾ اسان ايئن ئي چڱا آهيون. پنهنجي مدد سان آفيس ٺهرائينداسين. مون جويي صاحب سان سان ملاقات ڪري، کيس سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سائينءَ چيو ته ڀلي وڏو وزير پروگرام ۾ اچي، گهٽ ۾ گهٽ ۾ سنگت جي مرڪزي آفيس تي ٺهي ويندي. اِها جويي صاحب جي فراخدلي هئي جو انهن اهڙي گنجائش ڪڍي، نه ته اسان کي ته پنهنجن اديبن ۽ شاعرن جي خبر هئي ته اُهي انهيءَ واقعي کي هڪ اهم قومي مسئلي طور اُٿارين ها. بهرحال اسان سنگت جي قيام کان وٺي هيلتائين، اُن جي خودداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوَ کان پري رهڻ واري روايت کي برقرار رکيو.

جويي صاحب گوبند مالهي لائبرري ۽ سنگت جي مرڪزي آفيس جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اديبن، شاعرن ۽ سڄاڻ دوستن جي هڪ چڱي تعداد پنهنجن هٿن سان سِرون رکيون. ان بعد جويي صاحب سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ ۾ سنگت جي سنڌي ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. امداد حسيني، حميد سنڌي، 
انور پيرزادو، ڊاڪٽر شمس عرساڻي، ڊاڪٽر هدايت پريم، تاج جويو، غلام حسين رنگريز، شمس سومرو، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، انعام شيخ، تاجل بيوس خاص مهمان هئا. ان موقعي تي جويي صاحب جو لکيل ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن موجب پرائمري ۾ انگريزي نه شامل ڪرڻ جي گهُر ڪئي ويئي هئي، ڇو ته پرائمري تعليم مادري ٻوليءَ ۾ حاصل ڪرڻ هر ٻار جو حق آهي.

جويي صاحب جو سنڌي ٻوليءَ سان عاشقيءَ ۽ جُنون جي حد تائين پيار آهي. هو ان لاءِ سدائين فڪرمند رهيو آهي. ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ جي غلط استعمال تي به کيس گهڻو اُلڪو رهندو آهي. تعليمي ادارن جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لکي ٿو:

”اڄُ جي نئين دور ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري جو وڏي ۾ وڏو ۽ ڪامياب ۾ ڪامياب وسيلو اُن ٻوليءَ جي پڙهائي آهي جيڪا اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿي. تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي پرائمي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي پڙهائيءَ تي پُورو ۽ مناسب ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي.“

(ماهوار نئين زندگي، جنوري 2002ع صفحو 17)

جويو صاحب هن صديءَ ۾ جديد سنڌ جي فڪري ۽ روشن خياليءَ واري تحريڪ جو سرواڻ آهي. ’گليلو‘، ’فڪر جي آزادي‘، ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘، ۽ ’علم تدريس مظلومن لاءِ‘، جهڙا فڪر انگيز ڪتاب ترجمو ڪري هُن نوجوانن جي ذهني اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. کين ڏاهپ واري گس تي آڻيندي، مظلوم قومن جي حقن جو شعور ڏنو آهي.

’شاهه، سچل، سامي‘، ’ماڻهوءَ جو ڀاڳُ‘ ۽ ’سنڌ بچايو کنڊُ بچايو‘، جهڙا شاهڪار ڪتاب، سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اَمُلهه سرمايو آهن.

سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ حقيقي علمي ادبي، تحقيقي ۽ عوام دوست روشن خياليءَ جو فڪري مرڪز بڻائڻ وارو محمد ابراهيم جويو صاحب آهي. جنهن پنهنجي وقت جي اڪابرن ۽ ڏاهن- سائين جي.ايم.سيد، مرزا قليچ بيگ، حيدر بخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، محمدعثمان ڏيپلائي، نارائڻداس بولچند ۽ ٻين ساٿين جي رهنمائي مان حاصل ڪيل علم کي اڳتي منتقل ڪيو. هُن غلام محمد گرامي ۽ غلام رباني آگري جي تربيت ڪئي ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ مضبوط بنياد تي بيهاريو. جيئن شاهه جي ڪلام کي گُربخشاڻي مليو، تيئن شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سمايل فڪري جوهر کي، جويي صاحب پنهنجي ڏاهپ وسيلي متعارف ڪرائي، شيخ اياز کي هڪ عظيم شاعر جي رُوپ ۾ سُڃاڻپ ڏيارائي.

پنهنجي شخصي ڪردار کان وٺي، هڪ اُستاد، دانشور ۽ اديب جي روپ تائين، سائين جويو صاحب هڪ روشن خيال، انسان دوست، وطن پرست ۽ آدرشي رهنما آهي. زندگيءَ جي انهيءَ جدوجهد ۾ هُو اَڄُ به ٿڪو ناهي. زندگيءَ جا سؤ دروازا پار ڪندي اَڄُ به سندس چهري تي ساڳي مُرڪ آهي، جيڪا هر ايندڙ مهمان جي آجيان ڪري ٿي. سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ به پنهنجي هن آدرشي اڳواڻ ۽ فڪري امام لاءِ محبت، عقيدت ۽ احترام جا گُل سدائين ٻهڪندا ۽ ٽڙندا رهن ٿا، جيڪي ڪڏهن به مرجهائجي نٿا سگهن.

هڪ صديءَ جو پڙاڏو: محمد ابراهيم جويو

 

 

 

 

 

شرميلا فاروقي

13- آگسٽ 2014ع تي، سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب جيئرو جاڳندو داستاني ڪردار سائين محمد ابراهيم جويو، 100 سالن ۾ پير پائي رهيو آهي. اها هڪ تاريخ ساز گهڙي به آهي ته سنڌي ادب ۾ هڪ انقلاب به.

سائين ابراهيم جويو گذريل 80 سالن کان سنڌ جي ڏتڙيل ۽ پيڙهيل عوام ۾ سياسي ۽ سماجي جاڳرتا آڻڻ لاءِ پنهنجي زبان ۽ قلم وسيلي، بنا ڪنهن ڊپ ۽ ڊاءَ جي، پنهنجي جاکوڙ جاري رکندو پيو اچي.

پاڻ 1938ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۾ اسسٽنٽ ماستر جي حيثيت ۾ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ اڄ تائين هو پنهنجي زندگيءَ مان ان استاد جي ڪردار کان آجپو حاصل ڪري نه سگهيو آهي. اسڪولي ٻارن کي تعليم ڏيندي ڏيندي، پاڻ عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي رهنمائي ڪندو رهيو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پاڻ ڪيترائي شاعر، عالم ۽ اديب پيدا ڪيا اٿس، جيڪڏهن سندس رهنمائي نه هجي ها ته جيڪا منزل هنن ماڻي آهي، ان منزل تي نه پهچي سگهن ها، يا وري هُو ان شعبي يا ادبي ميدان مان ئي نڪري وڃن ها. ٻئي پاسي جويو صاحب، صحافين، سياسي ڪارڪنن بلڪه اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سياستدانن جو پڻ رهبر رهيو آهي ۽ کين سياسي شعور ۽ فهم بابت ڄاڻ ۽ رهنمائي مهيا ڪندو رهيو آهي. سندس اها رهنمائي اڄ به هلندڙ ۽ جاري، ساري آهي.

جويي صاحب جي شخصيت جو جيڪڏهن اڀياس وٺجي ته اها گهڻ رُخي شخصيت آهي، جنهن جو هر رخ جاندار، اثرائتو ۽ جٽادار آهي. پاڻ هر رخ ۾ لڳاتار جاکوڙيندو رهيو آهي ۽ سندس جاکوڙڻ جو انداز به پنهنجي همعصرن کان بلڪل منفرد ۽ بي ڊپو آهي.

محمد ابراهيم جويو صاحب جيئن ته پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪئي، تنهنڪري کيس تعليم جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جو سڀ کان وڌيڪ اونو رهندو اچي ٿو، پاڻ ان ڏس ۾ ڪيترن ئي اهم ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پڙهندڙن کي پيش ڪيائين، جن ۾ خاص طور روسو جي ڪتاب Emial or Education جو ايميلي عرف تعليم جي نالي سان ۽ پلو ٽارچ جي ڪتاب Education of Child جو ٻارن جي تعليم جي نالي سان ترجمو ڪري پيش ڪيائين. جڏهن ته پائلو فراريءَ جي ڪتاب Pedagogy of the Oppressed جو ترجمو ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ جي نالي سان ڪيائين.

اهي ٽيئي ڪتاب سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ استادن ۽ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل عملي توڙي عملدارن کي تعليمي رمزن، اسرارن ۽ فن بابت ڄاڻ ڏين ٿا.

آزاديءَ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ترجمي جو فن ڏاڍي اوج تي هو، پر آزاديءَ کان پوءِ ترجمي جي اهميت جيڪڏهن ڪنهن محسوس ڪئي ۽ ڪرائي ته اهو محمد ابراهيم جويو هو. کيس پاڻ به ترجمي جي فن کي ايترو مٿانهين معيار تي کڻي ويو، جو سندس ترجما اصلوڪا ۽ طبع زاد محسوس ٿيندا آهن. ان جو بنيادي سبب اسلوب، ٻولي جي سلاست ۽ فصاحت هو.

جويو صاحب نه فقط پاڻ ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن ۾ نظرياتي، سياسي انقلابن بابت ڪتاب به شامل هئا، پر پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ترجمن جي هڪ رٿا منظور ڪرائي ٻين به عالمن ۽ اديبن کان ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪرايا. جن سان سنڌي ادب مالا مال ٿيو.

جويي صاحب جي هڪ اهم ادبي خدمت ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ جي ڪلام کي ٽن ڌار ڌار جلدن ۾ هڪ Trilogy جي صورت ۾ آهي. هڪ خاص اشاعت جي مهاڳ طور لکيل تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ’شاهه، سچل ۽ سامي‘ هڪ مطالعو ۽ هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا، جنهن ۾ ٽنهي شاعرن جي شاعريءَ جي مختلف رخن تي عالماڻي انداز ۾ پيرائتو بحث ڪيو ويو آهي. ڪنهن عالم يا اديب انهن ٽنهي شاعرن جي ڪلام تي هڪ وقت ڇنڊ ڇاڻ يا تحقيق نه ڪئي آهي. پر سائين جويو صاحب اهو ڪارنامو به سرانجام ڏنو آهي.

ان کان  سواءِ مختلف اديبن ۽ عالمن جي لکيل ڪتابن جا مهاڳ، جنهن ۾ خاص طور تي شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪتابن جا مهاڳ ذڪر جوڳا آهن، جيڪي سنڌي ادب جا بهترين ادب پارا آهن، جن انهن ادبن کي پڻ ادب ۾ مانائتي جاءِ والارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙي ريت ڏسجي ته محمد ابراهيم جويي صاحب جا ادبي ڪارناما هڪ الف ليلوي داستان واري حيثيت رکن ٿا.

سنڌ جو محافظ محمد ابراهيم جويو

 

 

 

 

 

نظر محمد ڳاهو

جويي صاحب جي شخصيت پنهنجي دور ۾ ائين روشن ۽ منور آهي جيئن آسمان تي تارن ۾ چنڊ! سندس جدوجهد جا بي مثال حوالا آهن. جويي صاحب جي زندگيءَ ۾ سنڌ هن جي ”جند“ رهي آهي. انڪري هن سنڌ جي مٽي، سنڌ جي ماڻهن، سنڌ جي معدنيات کان وٺي سنڌوءَ جي پاڻي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ ڪيو آهي. انڪري کيس سنڌ جو محافظ چئجي، ته وڌاءُ نه ٿيندو.

جويي صاحب جي وطن پرستيءَ کي ڏسي سائين جي. ايم. سيد لکيو آهي ته:

”سندس صلاحيت جو اندازو مون کي تڏهن پيو هو جڏهن هن نوجوانيءَ ۾ ’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ‘
ڇپائي پڌرو ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ لاءِ جڏهن ڳولا ڪئي ويئي، ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ جويي جا نالا بورڊ جي سامهون آيا. ڊاڪٽر بلوچ، پگهار جي گهٽ هئڻ ڪري نه آيو ۽ قرع فال وڃي هن تي پيئي. هن اميدن کان وڌيڪ ڪاميابي ڏيکاري. بورڊ ۾ هِن پگهاردار جي حيثيت ۾ ڪم نه ڪيو آهي، بلڪ سنڌي زبان جي مشنريءَ ۽ هڪ قوم پرست سنڌي خادم طور ڪم ڪيو آهي. سندس علمي معيار پنهنجي لکيل ئي ڪتابن تي پرکڻ، بي انصافي ٿيندي. سندس فڪري اوسر انهن کان مٿانهين آهي. هن سنڌي زبان ۽ ادب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ نهايت محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو آهي. سندس خامي حد کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي، جنهن جي ڪري سندس خانگي زندگي به متاثر رهي. پاڻ کي حسد جو نشانو بڻائيندي سدائين مخالفن جي تنقيدي شدت هيٺ رهيو. رجعت پسند ۽ ڪٽر فرقه پرست گروهه، سندس شديد مخالف رهيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب بلڪ منهنجا ڪيترائي لکيل ڪتاب سندس قلم جا ممنون منت آهن.“

اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته جويي صاحب پنهنجي سموري حياتي سنڌ کي ارپي ڇڏي آهي. جويي صاحب سدائين سنڌ کي ڏنو آهي. نوجوان نسل ۾ فڪري جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ محبت ۽ اتساهه پيدا ڪرڻ جو ڪريڊٽ به جويي صاحب ڏانهن وڃي ٿو. هي جيڪا اڄ سنڌي ٻولي سُهڻي انداز ۽ اسلوب ۾ لکي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي، انهيءَ لاءِ سڄي سنڌ جويي صاحب جي احسانمند آهي. پاڻ ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ اڄ تائين جهيڙيندو پيو اچي. سنڌ ۽ سنڌوءَ تي جڏهن به ڪا ميري اک کڄي ٿي، ته جويو صاحب هميشه ان جي بچاءَ ۾ سينو ساهي بيٺو آهي. جويي صاحب بابت شيخ اياز لکي ٿو ته:

”ابراهيم جويي مون لاءِ هڪ نئين دنيا جا تاڪ کولي ڇڏيا هئا ۽ پراڻيءَ دنيا  جا سارا ٿوڻيون، ٿنڀا ڊهي ڍير ٿي پيا هئا ۽ مون لاءِ ماضيءَ جي هر زنجير کي ڇني اڳتي وڌڻ لاءِ دڳ کلي پيو هو. منهنجي ۽ هن جي دوستي رومي ۽ شمس تبريز واري هئي، شمس، روميءَ جي ڪتابن تي نگاهه وڌي هئي ته انهن ۾ باهه لڳي وئي هئي.“

ابراهيم جويي صاحب جي جدوجهد جي هڪ تاريخ آهي، سنڌ ۽ سنڌين کي سنوارڻ جي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته جويي صاحب جي شخصيت جو ڇانورو هميشه سنڌ تي سلامت رهي!

 

سوشلسٽ مفڪر

 

 

 

 

 

سيّد مظهر جميل

سنڌيڪار: عبدالمجيد پنهور

سائين محمد ابراهيم جويي جي شخصيت مون لاءِ هميشه ڪشش جو باعث رهي آهي. حالانڪ ماضيءَ ۾ مون کي سائين جويي صاحب سان نه ته ذاتي قرب جا ڪي خاص موقعا ميسر ٿيا هئا ۽ نه سندس تحريرن کي وڏي چاهه سان مطالعي جي توفيق ٿي هئي، پر گذريل ڪجهه سالن دوران سنڌ جي معاشرتي تاريخ جي حوالي سان، سندس چونڊ تحريرن کي پڙهڻ جو موقعو مليو، ته سڀ کان پهرين تاثر اهو ئي پيدا ٿيو ته جويي صاحب جا تصور، فڪري رجحان ۽ عملي جدوجهد جي ڪجهه اهم پهلوئن کي اردو زبان ۾ به آڻڻ گهرجي، ته جيئن ان جي تفهيم جي باب ۾ جيڪي ڪجهه غلط فهميون شعوري طور پيدا ڪريون آهن، ان جو خاتمو ٿي سگهي. سندس زندگي مسلسل جهدوجهد، غير مشروط لگن ۽ حوصله مندي جي هڪ ڀرپور ڪهاڻي آهي.

اصل اها ڳالهه هئي، جنهن بعد مون جويو صاحب جي سوانح عمري مرتب ڪرڻ جو ارادو ڪيو، ڇوته انهي آئيني ۾ مون کي سنڌي معاشرت جا سڀاويڪ عنصر متحرڪ نظر اچي رهيا هئا. ظاهر آهي ته اهو مشڪل مرحلو جويي صاحب جي تعاون ۽ حوصلي افزائيءَ بنا مڪمل ڪرڻ ممڪن نه هو.

شروع شروع ۾ منهنجي گذارشن تي پاڻ ڪو خاص توجهه نه ڏنو ۽ ٽاريندو رهيو بلڪ هڪ دفعي ته مون کان پڇيائين ته: ”مون تي ڪتاب لکڻ جو توکي ڇو خيال آيو آهي؟“ مون مختصر طور وضاحت ڪندي چيو: ”مان توهان کي سوشلسٽ مفڪر ۽ عوام دوست تبديلين جو هڪ وڏو ترجمان سمجهان ٿو. پاڪستان ۾ جمهوري قدرن، معاشي انصاف، ۽ غير استحصالي نُڪتهء نظر کي عملي طور ڪامياب ۽ مستحڪم ڏسڻ وارن ماڻهن ۾ توهان به سر فهرست شامل آهيو ۽ وفاقي پاڪستان کي جن خطرن کان توهان 1945ع/ 1946ع ۾ پنهنجي ڪتاب Save Sindh Save the Continent  ۾ آگاهه ڪيو آهي ۽ جن خطرن، وسوسن ۽ واقعن جي پيش گوئي توهان ڪئي هئي، انهن مان اڪثر لفظ به لفظ سچ ثابت ٿي آهي، توهان سنڌي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ جن خيالن جو اظهار ڪريو ٿا، اهو پاڪستان ۾ موجود سمورين ٻولين، قوميتن لاءِ برابريءَ جي بنياد تي تحفظ فراهم ڪري ٿو، پر طبقاتي مقصد ۽ قومي مقصد رکڻ وارن مختلف طبقن کي اهڙيون صفايون ۽ تجويزون نه ته ڪالهه پسند هيون ۽ نه اڄ قبول آهن. تنهنڪري هنن، وفاق پسند ۽ قومپرستن خلاف سخت ڪلاميءَ جو سلسلو پهرين ڏينهن کان ئي جاري رکيو آهي. 

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي زبان ۽ ادب سميت هر ترقي پسند، روشن خيال، انسان دوست، جمهوريت نواز ۽ سيڪيولر خيالن ۽ تصورن جي وڪالت ۾ توهان اڪيلي سر جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهي اڄ به اسان جي تاريخ جا چمڪندڙ نقش آهن.

منهنجي خيالن سان ڪجهه قدر مطمئن ٿي، مون کي اڌ درجن کان وڌيڪ ملاقاتن جو شرف بخشيو، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ انهن ملاقاتن ۾ جويي صاحب پنهنجي زندگيءَ جي اڪثر لڪل گوشن کي واضح ڪيو.

(ڪتاب ”محمد ابراهيم جويو- ايک صدي کي آواز“ تان کنيل)

 

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا

 

 

 

 

 

اشتياق انصاري

 

مون جڏهن ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘ جو ٻيو حصو لکي پورو ڪيو ته دوستن جي صلاح اها بيٺي ته ان ڪتاب جا پيش لفظ سائين ابراهيم جويي کان لکرايا وڃن. ساڳئي وقت، ان تحقيق دوران ڪيل رولاڪن کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ ان جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي گذارش ڪجي.

ان کان اڳ جيڪي به منهنجون هيڻي قلم سان لکتون شايع ٿيون هيون، ان مان اڪثر لکڻين تي مهاڳ لکيل نه آهي، مون اهي قلمي پورهيا به گهڻو ڪري پنهنجي گهر ڀاتين ڏي منسوب ڪيا آهن. جن جو به علم و ادب سان گهرو واسطو رهيو آهي، جيئن بابا انيس انصاري، امان عائشہ انصاري، ڀائر، ڀينرون ۽ جيون ساٿي شبنم گل وغيره. ساڳيءَ طرح انهن جا بيڪ ٽائيٽل به والد، ڀائرن ۽ قريبي رفيقن تحرير ڪيا آهن

بهرحال ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا-2‘ جي پيش لفظن جي سلسلي ۾ سائين ابراهيم جويي سان ملڻ جي خواهش دل ۾ کڻي، سنجها ڌاري اچي سائين جي در جو ڪڙو کڙڪايو، جويو صاحب پاڻ اچي در کوليو، مون جڏهن کيس پنهنجو تعارف ڪرايو ته سائين يڪدم اتي بيٺي ئي منهنجو هٿ پڪڙي ان کي چُمي ڏني. سچ پڇو ته هڪ مهان هستيءَ جو مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ کي ان انداز سان مانُ ڏيڻ، ڪنهن نوبل پرائز کان گهٽ نه هو، يقين ڪيو ته ان وقت منهنجي اکين مان خوشي ۽ عقيدت منجهان ڳوڙها ڳڙي آيا، سوچان پيو ته سنڌ جو هڪ مها ڏاهو پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ڪيڏو نه پيار ڪري ٿو.

جويو صاحب سان روُح رهاڻ دوران کيس پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو، هن جڏهن ڪمال مهربانيءَ سان ٻه اکر لکڻ جي حامي ڀري تڏهن مان پنهنجا ڇپيل ڪجهه پستڪ ۽ نئون قلمي نسخو سندن آڏو رکيو. جويي صاحب هڪ هفتي بعد ڪاغذ کڻي وڃڻ لاءِ چيو. اتفاق سان اهو سارو عرصو نوڪريءَ جي هڻ وٺ ڪري حيدرآباد کان ٻاهر گشت تي رهيس، ان دوران مون کي محسن جويو ۽ موهن مدهوش جون ميارون ملڻ لڳيون ته ”جويو صاحب وٽان اچي پنهنجا ڪاغذ کڻي وڃو، سائين واعدي مطابق مهاڳ لکي، ان کي ڪمپوز ڪرائي رکيو آهي.“ اها ٿيندي آهي لفظن جي پاسخاطري ۽ واعدي وفائي.

مان ڪجهه ڏينهن بعد سائين وٽ حاضر ٿيس ته محترم جويو صاحب لکيل ٻن اکرن سان گڏ نئين منهنجي مسودي جي باري ۾ ڪجهه هدايتون ڏنيون، سائين تقريباً هڪ باب جا پروف به پنهنجي هٿن اکرن سان سڌاريا ۽ سنواريا هئا.

اهڙي طرح ابراهيم جويي کان پيش لفظ ملڻ بعد مون وري سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنڌ ڪيا، پر بلوچ صاحب واعدو ڪري به الائي ڇو ٻه سٽون لکي نه ڏنيون. بهرحال ان بهاني بلوچ صاحب سان ڪچهريءَ جو خوب موقعو مليو. ان مان ثابت ٿيو ته بلوچ صاحب وٽ پسند ناپسند جا پنهنجا پيمانا هئا، پر ان جي بنسبت هن سادي، سٻاجهڙي ۽ نرم مزاج جويو صاحب وٽ ”ڪونه پُڇندو ذات، جي آيا سي اگهيا“ هن جا در هر سنڌ واسيءَ لاءِ کليل آهن.

ابراهيم جويي جي نوازش ۽ همت افزائي جي حوالي سان ياد آهي ته مون جڏهن پنهنجي سفرنامي ’خيما کاهوڙين‘ جي مهورت لاءِ بخشڻ مهراڻوي ۽ بشير ساريو جهڙن قربدارن سان حال اوريو، ته هنن ان سفرنامي جي مک درشن جو بندوبست اڇڙي ٿر جي ڀِٽن جي ڀاڪر ۾ ستل خوبصورت ڍنڍ ڪاڪاهو ڪناري ڪيو. جامي چانڊيي جي ٿورن سان سائين ابراهيم جويي تائين پروگرام جو دعوت نامو پهچايو ويو.

چانڊوڪي رات ۾ جنهن مهل ڪاڪاهو جون مستو مست لهرون ڪنهن ڪولهڻ جيان ڪاڪل ڇوڙي، مدهوش هوائن جو گهونگهٽ اوڙي رقص ڪري رهيون هيون، ته ان ويلي ائين پيو محسوس ٿي ڄڻ ٿر جون محنت ڪش ڪولهڻيون رَاسوڙي تي ڌيمان ڌيمان قدم کڻي جسم لوڏي رهيون آهن.

ان منفرد ميڙاڪي ۾ ساري سنڌ جا اهل علم و قلم موجود هئا. ان پرخمار محفل ۾ ڄاڻ جي کاڻ ابراهيم جويو، انعام شيخ، جامي چانڊيو، يوسف لغاري، مولابخش چانڊيو، نصير مرزا، سرفراز راڄڙ، طارق عالم ابڙو، نواز ڪنڀر، صادق فقير، ڊاڪٽر نذير شيخ، ذوالفقار هاليپوٽو، معشوق بلوچ، علي محمد شاهه لڪياري ۽ ٻين ڏات ڌڻين رت جڳي ڪئي هئي. ويتر محترم ابراهيم جويو ان اهلِ دانش جي گلدستي کي پنهنجي حڪمت آموز گفتار سان وڌيڪ معطر ڪري ڇڏيو هو.

هونئن به اسان جي گهر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ سٺو ڪتبخانو هئڻ ڪري هميشه لکائي پڙهائي وارو ماحول رهيو آهي، راند روند ۽ شيل شڪار جي جنون باوجود منهنجي به، قلم ڪاڳر سان رغبت رهندي آئي آهي. ڪنهن دور ۾ لاڙڪاڻي ۾ 
زيب سنڌي جو سڳنڌ ڪتاب گهر اتان جي نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چانڊڪا جي علم جي اُڃايلن کي ان هنڌان، اڪثر ذهن جهنجهوڙيندڙ مواد ملي ويندو هو، اسان کي سڳنڌ ڪتاب گهر مان روسي ۽ چائنيز ادب سان گڏ 
سبط حسن ’جا ماضي ڪي مزار‘، ’موسيٰ سي مارڪس تڪ‘، ’نويد فڪر‘ کان سواءِ عبدالله ملڪ ۽ رسول بخش پليجي جا ڪتاب هٿ اچي ويا هئا. خاص ڪري ابراهيم جويو جا ڪيل ترجما ’وحشي جيوت جا نشان‘، ’گليلو‘، ’فڪر جي آزادي‘ ۽ ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس‘ جهڙن ڪتابن جي مطالعي سان اسان جهڙن الهڙ رانديگرن جي پروگريسو سوچ کي اڃا به وسعت ملي. اڄ به اهي نيري ڳاڙهي مس سان حاشيه لکيل ڪتاب منهنجي لائبريري ۾ موجود آهن.

جويو صاحب ساري ڄمار سائنس ۽ ترقي پسند تحريڪن جو ڀرجهلو رهيو آهي. سندس جوانيءَ جي جولاني هجي يا پڇاڙيءَ ۾ پيري جو پنڌ، هو پنهنجي سڪيولر ۽ لبرل موقف تي پهرين ڏينهن کان کيرٿر جيان ثابت ۽ اڏول بيٺو آهي. ڪڏهن به لڏيو ۽ لميو نه آهي. هن  ڪنهن زماني ۾ وڏي ڀروسي سان سيني تي هٿ هڻي شيخ اياز کي آٿت ڏنو هو ته: ”اسان ٻه ماڻهو سنڌ لاءِ ڪافي آهيون، اسان به چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.“

اهو سچ آهي ته ڪنهن قوم جا سڄاڻ قلمڪار ان دور جا ڄڻ مسيحا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان قوم جي ڪمزورين، ڪوتاهين ۽ ڪاهلين جو درمان بڻيا آهن، هو پنهنجي قلم کي نشتر بڻائي، قوم جي ڦٽن ڦرڙن جي وڍ ڪٽ سان گڏ انهن تي آٿت جا پها پڻ رکندا آهن. جويو صاحب پنهنجي ديس واسين جي ڪيترين ڪمزورين جي نشاندهي ڪري نه صرف قلم جي قوت سان ان جو علاج ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت سنڌ دشمن مورچن سان اڄ تائين منهن مقابل ٿيندو پيو اچي.

اها پڻ حقيقت آهي ته ڪي ڪردار پنهنجي قوم جي تاريخ جا ڄڻ باب هوندا آهن، انهن ماڻهن جي ذڪر سان تاريخ جي ان دور جو سارو عڪس سامهون ڦري ايندو آهي. ابراهيم جويي جي سؤ ساله گهاريل زندگيءَ تي نظر وجهون ٿا، ته اسان کي سنڌ جي تاريخ جي پوري هڪ صديءَ جا ڏک ڏولاوا، اهنج ايذاءَ، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون سامهون اچي وڃن ٿيون.

مطلب ته جويو صاحب سنڌ جي تاريخ جو اهو اَڻلڀ روح آهي، جنهن ورهاڱي بعد ڇڙوڇڙ، ٽاهه کاڌل ۽ پَر ڪٽيل قوم جو ويڄ بڻجي، ان ۾ اڏڻ جي سگهه پيدا ڪئي.

 

هڪ انسان ساز شخصيت

 

 

 

 

 

هدايت بلوچ

 

محمد ابراهيم جويي تي لکي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي، سراج ميمڻ لکي، شمشيرالحيدري لکي، ايم.ايڇ. پنهور لکي، حميد سنڌي لکي، غلام نبي آگرو يا انهيءَ حيثيت جا ليکڪ لکن، ته انصاف به ٿئي، باقي هدايت بلوچ جي ڪهڙي حيثيت!

جويو صاحب مون سان جڏهن به ملندو آهي ته وڏي قرب ۽ وڏي پاٻوهه سان ملندو آهي. سندس کِل ۽ مُرڪ مون کي ڏاڍي موهيندڙ ڀاسندي آهي، سٺي لڳندي آهي. کيس ڏسندو آهيان ته لڳندو اٿم هڪ بڙ آهي، جنهن جي ڇانوَ اڃا سنڌ واسين تي آهي. ڪنهن نه ڪنهن طرح سان جويي صاحب سان لڳ لاڳاپي ۾ رهيو آهيان.

ڪجهه ڏينهن اڳ ادي نور الهديٰ شاهه جي سالگرهه تي جڏهن ”عوامي آواز“ اخبارَ، ايڊيشن ڪڍيو هو ته منهنجو به هڪ مضمون ڇپيو هو، جنهن ۾ مون ”بورڊ بچايو تحريڪ“ جو حوالو ڏنو آهي، جنهن جي اڳواڻي ته ادي نورالهديٰ وٽ هئي، پر ابراهيم جويي صاحب جو ڪردار پڻ انهيءَ ۾ اهم هو. انهيءَ تحريڪ ۾ گهڻو تڻو حيدرآباد جا اديب شامل هئا، پر ڪراچيءَ منجهان مان گهڻو سرگرم هوس. انهن ملاقاتن ۾ به جويي صاحب سان ويجهڙائي رهي. وري جڏهن شايد 1993ع يا 1994ع ۾ نئون بورڊ ٺهيو ته ان ۾ عبدالجبار جوڻيجو صاحب به هو. اهڙيءَ طرح بورڊ وارا سال گڏ گذارڻ سبب مان نه فقط سندس علميت جو قائل ٿيس، پر سندس انتظامي لياقتن کان به گهڻو ئي متاثر ٿيس. نحيف ۽ نٻل، ليڪن جڏهن به ڪنهن ڪوتاهي يا غلطيءَ تي ناراض ٿيندو هو ته هڪ الله جي پناهه. سنڌيءَ، کان سواءِ انگريزيءَ تي به سندس عبور آهي ۽ اڪثر ڊان (Dawn) ۾ ”ليٽرس ٽو ايڊيٽر“ ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ اهم موضوعن تي سندس انگريزي خط ڇپجندا رهيا آهن.

جويو صاحب، علم پرست به آهي ته قوم پرست به آهي. هو سيڪيولر به آهي ته وحدت الوجودي صوفي به آهي. هُو رمز شناس آهي، سچو آهي، ڪميٽيڊ آهي ۽ دل جو صاف آهي.

جويو صاحب تقريباً 1951ع کان ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌي ادبي بورڊ سان وابسته رهيو آهي. 1951ع ۾ هُو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اڄ 2002ع آهي. اڌ صديءَ کان مٿي هن ”مهان“ انسان جون خدمتون، بورڊ کي ارپيل آهن. عام طور چيو ويندو آهي ته ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌ جو سڀ کان عظيم شاعر شيخ اياز، جويي صاحب جي تربيت جو نتيجو آهي. ڪٿي پڄون، مهانتا به ڪا مهانتا آهي!

تازو هن سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي، مهراڻ، نمبر 1 ۽ 2/2002ع ۾ سندس سهڻي تحرير به ڇپي آهي ۽ سندس استعيفا کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو آهي، سو به ”مهراڻ“ جي هن پرچي ۾ ڇپيو آهي. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو ٺهراءُ، جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو:

مسٽر محمد ابراهيم جويي جي خدمتن جو اعتراف

سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن، ڪراچيءَ ۾، فيڊرل گورنمينٽ جي قصر ناز ريسٽ هائوس جي ڪاميٽي روم ۾، تاريخ 16 مارچ 2002ع تي مسٽر محمد ابراهيم جويي، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ طرفان وڏي عمر، ڪمزور صحت ۽ گهريلو مسئلن جي ڪري ڏنل استعيفا تي هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪيو:

”سن 1951ع ۾، جويي صاحب، سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد رکيو هو، پر حقيقت اها آهي ته پاڻ سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح اُن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ سڄي عمر پاڻ پتوڙيندو رهيو. هينئر به پنهنجيءَ وڏي ڄمار، ڪمزور صحت ۽ ڪن ذاتي گهريلو مسئلن جي مجبوريءَ ڪري مستعفي ٿيڻ جو ارادو ظاهر ڪيو اٿن. البت پاڻ خاطري ڏني اٿن ته سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم ڪار ۾ صلاح مشوري لاءِ هميشه ۽ هر وقت مو جود هوندو. بورڊ سندن شڪريو ادا ڪري ٿو ۽ سندس خدمتن جي مڃتا ۽ تحسين طور هي ٺهراءُ پنهنجي رڪارڊ تي رکي ٿو. بورڊ جا سمورا ميمبر ۽ محترم محمد ابراهيم جويي کي وڏيءَ عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسن ٿا. ائين سمجهن ٿا ته توڻي جو پاڻ بورڊ جو سرڪاري طور چيئرمئن نه به رهي، پر هڪ دوست ۽ هڪ ساٿيءَ جي حيثيت ۾ هن اداري سان زندگيءَ ڀر سندس ساٿ رهندو.“

(روزاني عوامي آواز، ڪراچي، اڱارو 13- آگسٽ، 2002ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org