سيوِ سنڌ سيوِ دي ڪانٽينينٽ
نوٽ: هيءَ لکڻي سائين محمد ابراهيم جويي جي اُن
تاريخي دستاويز جو مهاڳ آهي، جنهن کي اسين ’سيو
سنڌ سيو دي ڪانٽينينٽ 1946ع‘ جي
نالي سان سڃاڻون ٿا. هيءَ لکڻي هڪ مهان ڏاهي جي
گڏيل هندستان جي ورهاڱي تي
پنهنجي وزندار راءِ آهي، ته انهيءَ سان سنڌ جي
پاڪستان ۾ شموليت جي فيصلي مهل، سندس من ۾ اُڀرندڙ
ڪيترن ئي خدشن ۽ انديشن جو آئينو به آهي، اهي خدشا
۽ انديشا، عقلي اڳڪٿين جي صورت ۾ گهڻو وقت
نه رهيا، پر، هوريان هوريان حقيقتن جي روپ ۾
سامهون آيا ۽ سنڌ جي حصي پتي ۾ اهي سوايا سور آيا،
جن کان جويي صاحب سنڌ جي ڪرتن ڌرين
۽ عوام کي واقفيت ڏني هئي).
مون
هنن، صفحن ۾، پنهنجن سنڌ واسي ڀائرن، مسلمانن توڻي
هندن، جي سوچ ۽ مناسب عمل لاءِ، ڪي نُڪتا،
ڪي پنهنجا خيال ۽ ويچار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اڄ اسين سنڌ واسي اتهاس جي هڪ اهڙي ٻه واٽي تي
بيٺا آهيون، جتان اسين هڪ صديءَ جيڊگهي
غلاميءَ واري اونداهيءَ رات
منجهان جند آجي ڪري، آزاديءَ جي نئين باک کي ويجهوٿينداسين،
يا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي لاءِ، ڪيترن ئي پيڙهين
تائين، پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي بالادستي ۽
اقتصادي غلامي قبول ڪري ويهنداسين. اڄ جي رٿيل
پاڪستان توڻي هندستان ۾، اسين پنجيتاليهه (45) لکن
کان وڌيڪ ماڻهو آهيون، رڳو اهو واعدو ڪيو پيو وڃي
ته اسان مان هر ڪنهن فرد کي مڃيو ويندو. پر اسان
جي گڏيل ۽ هڪ وحدت ۾ سموهيل وجود کي بحيثيت هڪ قوم
قبولڻ جو واعدو نٿو ڪيو وڃي.
هن معاملي جو تت هيءُ آهي ته ٻنهين صورتن ۾، اسين
عددي اڪثريت هيٺ پوريءَ طرح لُٽيا ۽ لتاڙيا
وينداسين. حالتون اهو ئي اشارو ڪري رهيون آهن ته
اسان جي مڙني
اقتصادي وسيلن ۽ اسان جي حڪومتي نظام جي سڀني جاين
تي ڌارين جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي.
ڇا اسين پنهنجن ماڻهن جي فلاح بهبود ۽ پنهنجي
سياسي ۽ اقتصادي حق جي، هن طرح زور زبردستيءَ ۽ هڪ
پاسائين نموني، ڦرجڻ کي ماٺ ميٺ ۾ قبولي ويهي
رهون؟ يا اسان کي باخبر ٿي، اٿي بيهڻ کپي ۽ هڪ قوم
طور پنهنجيءَ انفراديت کي مڃائڻ کپي ۽ پنهنجيءَ
آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کي موٽائي پنهنجي هٿ وس
ڪرڻ کپي، جيڪا هڪ صدي اڳ اسان انگريزن هٿان وڃائي
هئي. اهي اسان لاءِ اهم ۽ بنيادي سوال آهن، جيڪي
مون هن ننڍڙي ڪتاب ۾ اٿاريا آهن ۽ انهن جي حوالن
ڏيڻ جي به وس آهر ڪوشش ڪئي آهي.
انڊين نيشنل ڪانگريس جي سوچ ۽ پڻ آل انڊيا مسلم
ليگ جي سوچ مان ائين لڳي ٿو، ته
اسين سنڌي ماڻهو ڪي مال متاع جا اسم آهيون، جن کي
رڳو هم گير هندستان يا هم گير پاڪستان ۾ واڙي ڇڏڻو
آهي. پوئين اسيمبلي جي چونڊن وارن نتيجن کي ٻن
تجويز ڪيل رياستن جي حق ۾ اسان جي هڪ فيصلي طور
ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن
۾ 70 ۽ 30 سيڪڙو تناسب رهيو. اسيمبليءَ لاءِ
چونڊيل نمائندن وسيلي مليل 70 سيڪڙو لاءِ اِهو چيو
پيو وڃي ته انهن پاڪستان جي چونڊ ڪئي آهي ۽ ساڳئي
نموني 30 سيڪڙو لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته اُهي
هندستان ۾ وڃڻ جي گُهر ڪري رهيا آهن. هتي سوال
اِهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ڪٿي آهي!؟ 70 سيڪڙو ۽ نه
ئي 30 سيڪڙو انهيءَ سوال تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي.
وڏي هوشياريءَ سان
انهيءَ معاملي کي هڪ پاسي ڪيو
ويو آهي. جيڪڏهن اهو معاملو ماڻهن اڳيان رکيو به
ويو ته رڳو 15 سيڪڙو ماڻهن جي اڳيان رکيو ويو.
انهيءَ 15 سيڪڙو منجهان به وڌ ۾ وڌ، اڌ
چونڊن ۾ حصو ورتو.
ڪانگريس ۽ ليگ جي سياڻن ۽ سياسي ڊاڪٽرن پنهنجن
واسطيدار مريضن کان سندن مرض جي پڇا ڪرڻ کان سواءِ
انهن کي اِهو مشورو ڏنو ته اوهين بيمار آهيو ڇا
اوهين ٺيڪ
ٿيڻ چاهيو ٿا؟
اِها هئي مرض جي تشخيص ۽ اِها هئي انهن جي درد جي
دوا!. مرض کي بلڪل به نه ڄاتو ويو ۽ مرض جي تشخيص
جيڪڏهن ڪئي وئي هئي ته انهيءَ جي وضاحت بلڪل نه
ڪئي وئي ۽ جيڪا دوا لکي ڏني وئي اُها نه ته ڪڏهن
ٺهي هئي ۽ نه ئي مختلف مرڪب ملائي تيار ٿي هئي.
ووٽرن کي ٻين بنهه هاڃيڪار نسخن منجهان هڪ چونڊڻ
جو اختيار ڏنو ويو. پاڪستان/ هندستان اِهي نسخا
سندن اٻوجهه ذهين اڳيان اڪسير طور لهرايا ويا.
اهڙي ريت چونڊ ڪئي وئي پر رڳو ئي رڳو ٻن لفظن
منجهان. انهن لفظن کي نه ته ڪنهن ڄاتو ٿي نه ئي
انهن جي سمجهاڻي انهن کي ٻڌائي وئي هئي. اُهي
ماڻهن لاءِ ڳجهارت بڻيل هئا پر حقيقت اها آهي ته
جن انهن ٻنهي لفظن جي چونڊ ڪئي، چونڊيندڙن لاءِ
سياسي ۽ معاشي غلامي هئي.
زميندارن شاهوڪارن ۽ ڪامورن انهن اٻوجهه ڪوبه شڪ
نه ڪندڙ بي يارو مدد گار ووٽرن کي ڌوڪي دٻاءُ ۽
هيسائڻ جي هٿڪنڊن وسيلي، ٻنهين لفظن منجهان هڪ لفظ
چونڊڻ لاءِ اڪسايو. فاشي انداز واري گذاريل چونڊن
جا چيمپيئن هاڻي پنهنجي پوک کي ڀرپور نموني لڻي
رهيا آهن ۽ اُنهن کي پگهارن ۾ غير معمولي واڌاري
جي روپ ۾ بي انداز مراعتون ملي رهيو آهن ۽ انهن کي
۽ سندن اقتدار ۾ آڻڻ واري ٽولي کي ڦرلٽ ڪرڻ منافي
ڪمائڻ ۽ رشوتون وٺڻ جي پوري پوري آزادي ڏني وئي
آهي.
انهيءَ سياسي جي اڍنگائپ جي بنياد تي اسان جا 45
لک ماڻهو جيڪي هندستان جي مختلف عددي اڪثريت رکندڙ
قومن ۽ انهن جي حڪمران طبقي جي ملڪيت هئا اُهي
هاڻي، پاڪستان ۾ پنجاب ۽ اتان جي ٽوانن، نونن،
دولتانن، ممدوتن جي ملڪيت ۾ ڏنا پيا وڃن.
پاڪستان ۽ هندستان ٻئي سهڻا لفظ هوندا ۽ جڏهن
ٻنهين لفظن منجهان ڪنهن هڪ جي چونڊ جو سوال اڀري
ته اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو ٻنهي مان هڪ جي چونڊ
نه ڪري توڻي جو هڪ لفظ جي چونڊ ئي ڇو نه هجي پر
هتي سوال ڪا شيءِ چونڊڻ
جو نه پر قوم جي حيثيت ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ وارو آهي.
مون هن ڪتاب ۾ جيڪي نقطا، خاص طرح، شامل ڪيا آهن،
اُهي هي ٽي آهن:
(1) ته
اسان سنڌي قوم کي پنهنجيءَ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ
جو درجو واپس ملڻ کپي، ۽ جيڪڏهن رٿيل هندستان يا
پاڪستان جي حدبندين اندر،اسان جي شموليت گهربل آهي
ته اسان کي حڪومتي نظام جي هر آئيني اداري- قانون
ساز اداري توڻي ڪابينا وغيرهه ۾، تاريخي، سماجي ۽
سياسي لحاظ کان،هر ڪنهن شامل ٿيندڙ اڪائيءَ جي
برابر درجو ملڻ کپي، اهو اسان جو جنمي حق آهي،
(2) ته
اسان سنڌ واسين جو پنهنجن قدرتي اقتصادي وسيلن تي
حق مڃيل هئڻ کپي، ۽ اسان جو پنهنجي وطن، سنڌ اندر
پنهنجي حڪومتي نظام جي هر وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان
ننڍي پُرزي تي پورو اختيار هئڻ گهرجي: ۽
(3) ته
هاڻي وقت آيو آهي، جڏهن آزاديءَ جي ميوي جي صورت
۾، اسان جي سموري قوم کي، هر قسم جي سوڙهه، جهالت
۽ ڊپ کان آجي زندگي ماڻڻ جا موقعا ملڻ گهرجن.
هن وقت، هڪ اهم ڳالهه،خاص طرح، منهنجي اڳيان آيل
آهي، آءٌ جنهن
کي واضح ڪرڻ گهران ٿو. تازو، پنهنجي موقف سان
دلچسپي ۽ ساڳئي وقت
ان بابت اڻپوري ڄاڻ رکندڙَ ڪن بين الاقواميت پسندن
مون کان هڪ سوال پڇيو: ”ڇا، تون سنڌي قوم پرستيءَ
جو پرچارڪ آهين؟“ .ان جي جواب ۾، آءٌ اهو
چوڻ ٿو چاهيان ته، قوم پرستي، جيئن اها حقيقت ۾
آهي، ننڍي کنڊ ۾ رائج مذهب توڻي انهن مخالف
فرقيوار ڌڙن کان گهڻي ڀاڱي چڱي آهي، جن اسان سڀني
کي ماڻهوءَ مان ڦيرائي جانور بڻائي ڇڏيو آهي.
اهي سوال پڇندڙ ماڻهو اُهي آهن، جن هندستان ۽
پاڪستان جي نالن جي آڙ ۾ ٻه جادو ئي پيتيون تيار
ڪري ورتيون آهن، اُهي، گهرج پوڻ تي، انهن مان هڪ
نه ٻي ڀُلائيندڙ شيءِ ٻاهر آڻينديون رهن ٿيون (۽
اڳتي به آڻينديون رهنديون) ۽ هڪڙن اَٻوجهه ماڻهن
هٿان ٻين اَٻوجهه ماڻهن کي رتوڇاڻ ڪرائينديون رهن
ٿيون.جيڪڏهن سندن قومپرستي اها آهي ته هڪڙن ماڻهن
هٿان ٻين کي مارائجي ته پوءِ آءٌ اهڙي
قوم پرستيءَ جو پرچارڪ ناهيان.
قوم پرستيءَ جي اهڙي تصور جو، جديد ۽ ترقي پسند
قوم پرستيءَ سان ڪوبه واسطو نه آهي. ان سان گڏ، ان
کي اعليٰ تهذيب رکندڙ، امن ۽ سلامتيءَ جي اصلوڪي
مذهب اسلام به چڱي نظر سان نه ڏٺو آهي. ان جا ٻه
سبب آهن. هڪ سبب هيءُ آهي ته ان قسم جي قوم پرستي
قومن جي وچ ۾ جنگين پيدا ڪرڻ کي اڻٽر بڻائيندي
آهي؛ ٻيو سبب هيءُ آهي ته، اها قوم پنهنجي اندر به
ٿورن جي گهڻن مٿان تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي
بالادستيءَ ۽ استحصال جي بنياد تي وڌي ويجهي ٿي.
اهڙي قوم پرستيءَ جو وڌيڪ موزون ۽ علمي اصطلاح يا
نالو، بهرحال
”فسطائيت“ آهي.
فسطائيت کي تحرڪ ڏيندڙ ٻه مک يا بنيادي خيال آهن:
پهريون خيال هيءُ آهي ته جيڪي ڪجهه به پنهنجي قوم
جي مفاد ۽ سهولت ۾ آهي، اُهوئي صحيح آهي ۽ اهوئي
عمل ۾ آڻجي، پوءِ ايئن ڪرڻ سان ڀلي ٻي ڪا قوم يا
ٻيون ڪي قومون غلام بڻائڻيون پون يا مرڳو ئي ختم
به ڪرڻيون پون، ۽
ٻيو: بنهه ماٺ ميٺ ۾ اهو مڃيو ويو آهي ته مراعت
يافتا ۽ سُکيا طبقا ئي قوم جو اڪيلو ۽خاص شان آهن،
۽ انهيءَ ڪري، انهن ٿورائيءَ واري طبقي جي دولت،
سُک ۽ وڏائي، سڄيءَ قوم جي دولت، سُک ۽ وڏائي ڳڻي
۽ سمجهي وڃي.
پهرئين خيال جو پورو اظهار ٻن آمريڪي سياسي
فلسفين-- اسٽيفن ڊيڪارٽر(Stephen
Decatur) ۽
جان جي ڪرٽينڊن (John
J. Crittendon) ڪيو
آهي، جيڪو لفظن جي صورت ۾، اسان وٽ موجود آهي.
منجهائن پهرئين جو چوڻ آهي: ”اسان جو مُلڪ! ڌارين
قومن سان پنهنجن لاڳاپن ۾ شال سدائين صحيح هجي؛ پر
اهو صحيح هجي يا غلط، وري به آهي اسان جو ملڪ!“.
ٻئي جو چوڻ آهي: ”منهنجي خواهش آهي ته منهنجو ملڪ
سچ تي هجي، پر اهو سچ تي يا ڪوڙ تي، آءٌ پنهنجي
ملڪ جي پاسي آهيان.“ ٻنهي خيالن جون پاڙون اونداهي
دور جي جاگيرداراڻي سلطنت شاهيءَ ۾ کُتل آهن، جڏهن
عام ماڻهو، هاريءَ يا نوڪر جي حيثيت ۾، پنهنجي جان
توڻي پورهئي
سميت، امن ۽ جنگ ٻنهي حالتن ۾، پنهنجن آقائن ۽
مالڪن جي ماڻهوءَ طور ئي ڳڻيو ويندو هو. ساڳيي
خيال جي بنياد تي، هندستان جو، عام طرح، هر عام
ماڻهو شهنشاهه شاهجهان جي محبت جي يادگار تاج محل
تي فخر ڪري سگهي ٿو ۽ اُن بابت اهڙي نموني ڳالهائي
سگهي ٿو،جهڙوڪ، اُهو سندس ذاتي ملڪيت هجي. اهڙيءَ
ريت، ساڳي سوچ هيٺ، ڪنهن ملڪ جي ٿورڙن جاگيردارن،
زميندارن ۽ صنعتڪارن جي ملڪيتن ۾ واڌاري کي، اُن
سموري ملڪ جي قومي سرمايي ۾ واڌارو سمجهيو ٿو وڃي.
قوم پرستيءَ جو اهو ئي پاسو هو، جنهن جاپان جي
ڏتڙيل غلام هارين جي انبوهن کي، پنهنجي شهنشاهه ۽
سندس ٿورڙن ويجھن اميرن ڪبيرن واسطي، گذريل
مهاڀاري ويڙهه ۾ دشمن توبن جي منهن ۾ وڃڻ ۽ خوشيءَ
سان، انهن جو کاڄ ٿيڻ کي پاڻ لاءِ وڏي فخر جو عمل
ٿي سمجهيو.
انهن ٻنهي بنيادي ڳالهين کان سواءِ، قوم پرستيءَ
۾، بهرحال، ٻي ڪابه ڳالهه ناهي، جيڪا ان کي ڌڪار
لائق يا اڻ وڻندڙ بنائي. انهن ٻن هٿ ٺوڪين ۽ اڍنگن
اضافن کان آجي قوم پرستيءَ ۾ فسطائيت نه هوندي
آهي.
فسطائيت هونءَ به هڪ عالمي مصيبت توڻي قومن اندر
هڪ وڏي اذيت ئي ثابت ٿيندي رهي آهي. قوم پرستي
قومي توڻي عالمي سطح تي، ڀائيچاري ۽ امن ڀري هوندي
آهي. اُها ٻن اعليٰ ترين انساني چڱاين جي بنياد تي
بيٺل هوندي آهي: هڪ، پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن
سان محبت ۽ ٻيو، دنيا سان ۽ وسيع انسانذات سان
محبت، يعني حب الوطني ۽ انسان دوستي. انهيءَ ڪري،
جيڪي بين الاقواميت، ڀائيچاري يا لڳ لاڳاپن جي
نالي ۾، ڪن ٻين ماڻهن مٿان پنهنجي بالادستي قائم
ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي، حقيقت ۾،
انسانذات جا بدترين دشمن آهن. ڌڪار جوڳي ۽ اڻوڻندڙ
قوم پرستي يا ان ۾ فسطائي لاڙي جا الزام، پوريءَ
طرح بلڪ جائز نموني، اُنهن تاڪ ۾ رهندڙ ۽ هٻڇ
رکندڙ قومن تي رکڻ کپن، ۽ نه اُن قوم يا انهن قومن
تي، جيڪي پاڻ کي دغاباز قومن توڻي ماڻهن جي جارحيت
توڻي بين الاقواميت جي دعويدارن ۽ پرستارن جي
ارڏاين کان، پنهنجيءَ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جو
بچاءُ ڪري رهيون هجن.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو، پنهنجي دائري ۾، هڪ الڳ ۽ نياري
سماجي، سياسي ۽ معاشي اڪائيءَ جا ڌڻي آهن، ته اُها
سندن ڪا خطا ته نه ٿي پئي.
اِها هڪ فطري ڳالهه آهي ته اهي، ان ئي بنياد تي،
ٻين ماڻهن سان پنهنجا لاڳاپا وڌائيندا رهن. سماج ۾
لاڳاپا جو هڪ سلسلي جي صورت ۾ هوندا آهن. ماڻهوءَ
کي هڪ خاندان يا ڪٽنب، هڪ ذات، هڪ قبيلي، هڪ قوم ۽
پڇاڙيءَ ۾ سڀني قومن جي گڏيل ڀائيچاري يا انسان
ذات جي صورت وٺڻ تائين سفر ڪرڻو هوندو آهي. انساني
برادريءَ جي هن پکڙيل ۽ وڏي ميل ميلاپ يا ڀائيچاري
مان، ان جي ڪنهن به، هڪ ننڍي ميل ميلاپ يا
ڀائيچاري سان، وفاداري ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه ٿي
نٿي سگهي، جيستائين اهو ڀائيچارو يا وفاداري ڪن
ٻين کي نقصان پهچائي فائدي کڻڻ تائين محدود نه
آهي، يا سڄيءَ انسانذات جي گڏيل وسيع مفادن جي
مخالفت ۾ نه آهي. ايئن آهي ته پوءِ، ان کي نندي
سگهجي ٿو.
بهرحال، اهڙي ڪا محدود وفاداري يا وابستگي به ڪن
ناڪاري سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي، جيئن، ڊپ ۽
هٻڇ. انهن منجھان به اهي هٻڇ رکندڙ ئي سڄيءَ
انسانذات لاءِ وڏو خطرو سمجهيا ويندا آهن، جيڪي
اها نيت رکندا آهن ته پنهنجن قومي مفادن ماڻڻ
لاءِ، پنهنجي عددي گهڻائيءَ وسيلي، ڪنهن گهٽ تعداد
واريءَ قوم کي، پنهنجو غلام ۽ ماتحت بنائي رکجي.
ان طرح، اهڙي رويي وارا ماڻهو، سڄيءَ دنيا جي طرفان ننديا
۽ ڦٽڪاريا ويندا. طاقت جي انڌ ۾ ورتل، هٻڇ ۾ غرق،
اڳرائي ڪندڙ پنهنجن خود غرض ارادن کي لڪائڻ لاءِ
بيحد چمڪندڙ ۽ سهڻن لفظن ۾ ڍڪيندا آهن ۽ گمراهيءَ
ڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ انهن سهڻن لفظن جي آڙ ۾،
پنهنجي بالادستيءَ جي قائم ڪرڻ چاهيندا آهن.
جيڪڏهن بين الاقواميت يا ڀائيچاري جو مطلب اهو آهي
ته هر قوم کي هر ٻيءَ قوم جو الهه تلهه ميڙي کڻڻ
جو حق آهي ته پوءِ سڀ کان چڱي ڳالهه اها ٿيندي ته
ڪميونزم اختيار ڪيو وڃي! ۽ جيڪڏهن قومن يا ماڻهن
جي سلسلي ۾، انهيءَ قسم جي ڪميونزم تي صلاح بيهي
ٿي يا ان جي حق ۾ ڳالهه رکي وڃي ٿي، ته پوءِ ڇو نه
اهڙي شروعات هر قوم جي اندران ٿيڻ کپي.
اچو ته پوءِ اهو اصول قبول ڪريون ته هر فرد کي،
جائز نموني، ٻئي فرد جي ملڪيت تي حق حاصل آهي! پر
ان حالت ۾ ڏک جي ڳالهه وري به هيءَ ٿيندي ته اُهو
نه ته سوشلزم هوندو ۽ نه ڪميونزم، ۽ اسلام ۾ ته
اُهو هرگز قابل قبول نه هوندو. اها ته سياسي
نراجيت، اقتصادي لٽ مار ۽ سماجي تباهي ئي هوندي ۽
جيڪڏهن ننڍي کنڊ هندستان ۾ اهائي فتني واري
صورتحال برقرار رهي ٿي ته پوءِ اچو ته پاڻ سڀ اُن
جي نتيجن سهڻ لاءِ به تيار رهون!
انهيءَ ڪري اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر
ڀائيچاري جي قيام لاءِ، سڀ کان اڳ، اُن ڀائيچاري ۾
شامل اِڪاين جي وچ ۾ آزادي ۽ برابري ضروري آهي.
اهائي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور اندروني ڀائيچاري
لاءِ به اوتري ضروري آهي، جيتري قومن جي وچ ۾ بين
الاقوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن لاءِ ۽ پڻ وسيع تر
سڄي نوع انسانيءَ لاءِ هڪ انساني ڀائيچاري لاءِ.
اهڙا ڀائيچارا، جيڪي پنهنجي عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽
پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومي، بين الاقوامي ۽ انساني
ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا پاسدار آهن، ۽
اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽ آزاديءَ جي فضا
قائم رکن ٿا ۽ بامروت ۽ پرامن بين الاقوامي ۽
انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽ اُن لاءِ
تيار آهن، اُهي ئي هندستان جي قومن جي نجات جا ۽
پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي قومن جي خير ۽ بهتريءَ
جا ضامن ٿي سگھن ٿا.
ان جي ابتڙ ڪانگريس ۽ ليگ جا سرمائيدار، جاگيردار
۽ زميندار، انهيءَ پنهنجي سوچيل مفروضي تي عمل ڪري
رهيا آهن ته ”هندستان رڳو هندن لاءِ ۽ پاڪستان رڳو
مسلمانن لاءِ فائديمند ٿيندو“.
اُتيئي ٻيءَ گهڙيءَ اهڙي ئي پاڻ هُرتڙي دعويٰ ڪن
ٿا ته اهو ئي ”ننڍي کنڊ جي هندو ــ مسلم مسئلي جو
حل آهي!“ جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته اهو سندن ذاتي
مسئلن جو حل ٿي سگهي ٿو، جو اِن طرح انهن ٻنهين
ڌرين مان هر هڪ کي، ڪنهن جهل پل کان سواءِ، پنهنجن
پنهنجن ماڻهن جي ڦرلٽ ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو؛ پر
اهو هندو مسلم مسئلي جو الڳ الڳ يا گڏيل مسئلن جو
حل نه هوندو. البت ان سان هڪڙو هر گهڙيءَ تيار ۽
ڪامياب هٿيار انهن ٻن مخالف مٿين طبقن جي هٿن ۾
اچي ويندو؛ ۽ جڏهن به اهي ڏسندا ته ماڻهو سندن
ظالماڻي ۽ پيڙهيندڙ ڏاڍ کان تنگ ٿي، بغاوت لاءِ
تيار ٿي رهيا آهن ته آسانيءَ سان پنهنجو اهڙو
هٿيار ــ انسان ۽ انسان جي نفرت جو ــ هٿ ۾ کڻي،
پوريءَ انتقامي مهارت سان استعمال ڪري سگهندا؛ ته
جيئن سندن خلاف گڏ ٿيل ڪاوڙ دٻجي وڃي ۽ عام ماڻهو
اُها ڪاوڙ هڪٻئي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏين ۽
هڪڙا معصوم ماڻهو پاڻ جهڙن ٻين معصوم ماڻهن کي
مارڻ ۾ لڳي وڃن، ۽ اُهو سڀڪجهه رڳو هڪ خدا جي ٻن
مقدس نالن ۾، ۽ هِن مذهب يا هُن مذهب خاطر!
اها دعوا ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن خاص برادريءَ لاءِ
خصوصي فائدن ۽ رعايتن جا نتيجا بهتر ۽ مڪمل طرح
سمجهه ڀريا نڪرندا، پر اصل ۾ ان جو مطلب، سياسي
لغت جي لحاظ کان، مٿئين طبقي جا پنهنجا فائدا ۽
رعايتون آهن. هي جيڪي صاحب لوڪ، هر ڪنهن کي،
پنهنجي ڏاڍ کان سواءِ، باقي هر شيءِ کان، آزاد
ڪرائڻ ٿا گھرن، لڳي ايئن رهيو آهي ته اهي ان اصول
تي ڪم ڪري رهيا آهن ته سندن طريقا ڪهڙا به هجن، پر
نتيجا سٺا هوندا. سندن اهڙيءَ سوچ جي ڪري ئي ڏسي
سگھبو ته خاص نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ طريقي جي
چونڊ يا ايستائين جو انهن نتيجن تان لڳاتار ڦرڻ جي
ڏس ۾ پڇتاءُ يا ندامت جو احساس اڻلڀ هوندو.
اهي هيءَ ڳالهه وساري ٿا ڇڏين ته خراب طريقن وسيلي
ڪنهن چڱي نتيجي تائين نه ٿو پهچي سگهجي، ۽ انسان
ذات جي تاريخ ۾، خراب طريقن جا نتيجا خراب ئي نڪتا
آهن.
سچ هيءُ آهي ته، نه ته نتيجي لاءِ طريقن جو عذر
پيش ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ئي وري طريقن کي نتيجي جي
جواز طور پيش ڪري سگھجي ٿو. ٻنهي مان هر هڪ پنهنجو
جواز پاڻ بڻجڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪير به چئي نه
ٿو سگهي ته ڪٿان هڪ
جو دائرو پورو ٿئي ٿو ۽ ڪٿان ٻئي جو شروع ٿو ٿئي.
طريقا ۽ نتيجا ايترا ته هڪٻئي ۾ ڳتيل هوندا آهن،
جو اُهي سولائيءَ سانه هڪٻئي کان الڳ نه ٿا سڃاپجي
سگهجن. ان طرح، انساني عمل جو سڀ کان وڌ خطرناڪ
نيم اهو آهي، جنهن انسانذات مٿان، بيان ڪرڻ کان
مٿي، مصيبتون آنديون آهن. انهيءَ ڪري ئي اصلوڪي
اسلام ۾، ڪنهن مصلحت کان سواءِ، انساني مشوري ۽
عمل جي دائري مان هيءَ نيم پوريءَ طرح خارج ٿيل
شمارجي ٿو. مطلب ته نيڪ طريقا ئي رڳو نيڪ نتيجن
ڏانهن نيئي سگهن ٿا. انڪري طريقا به اوترائي اهم
آهن، جيترا نتيجا. انساني زندگيءَ جو سرچشمو نرمل
۽ پوتر رهي ئي نه ٿو سگهي، جيڪڏهن اُن جو منڍ
ٿوريءَ حد تائين به، بيٺل ۽ گندن تلائن مان نڪرندڙ
۽ انهن تي آڌاري هوندو.
انهيءَ حقيقت جي مدنظر، آءٌ مٿئين
طبقن جي سياست بدران عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان
ٿو، جيڪا سياست مٿئين طبقن جي پارٽين هٿان نه، پر
عوام جي پارٽيءَ هٿان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، ته جيئن
مٿين طبقن جي اقتدار بدران عوام جو اقتدار قائم ٿي
سگهي
جڏهن سماج صورت اها وڃي بيهي ته ڪوڙ انعام کڻندو
هجي ۽ بدي فائدا ماڻيندي هجي، تڏهن سچ ۽ نيڪي
لازمي طور اڻلڀ ٿيندا ويندا ۽ ڪوڙ جي وڌڻ ويجھڻ ۽
بديءَ جي پکڙجڻ لاءِ ميدان صاف ٿي ويندو. اهڙي
سماج وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ بدخيالين ۽ ڏيکارڻ لاءِ
بداعمالين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي.
اهڙن وقتن ۾ نئينءَ سياست، مٿين طبقن جي سياست کان
بنهه الڳ قسم جي سياست جي گھڻي گھرج هوندي آهي، ته
جيئن بديءَ ۽ بي انصافيءَ جو ڳٽ سماج جي ڳچيءَ ۾
لهي سگهي، ۽ اُن جي جاءِ تي نيڪيءَ ۽ انصاف جي
پوري بالادستي قائم ٿي سگهي. اُن لاءِ آئون اهڙي
عوامي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا عوام جي ئي
هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ هجي.
رڳو ۽ رڳو اهڙي ئي هڪ عوام دوست پارٽي سنڌ ۾ عوام
جي آزاد ۽ خودمختيار رياست يا اقتدار قائم ڪري
سگهي ٿي ۽ اُن جو بچاءُ ڪري سگهي ٿي.
اڄ، اسان جي هاڻوڪي سياسي ليڊرن، مسلمانن ۽ هندن،
کي پنهنجن ماڻهن لاءِ قومي فرض پوري ڪرڻ جو، گھٽ ۾
گھٽ، جو موقعو مليو آهي، پر ڏسڻ ۾ ايئن اهو ٿو اچي
ته هنن هن وقت پنهنجن عقل تي ڳرا تالا هڻي ڇڏيا
آهن، ۽ سوچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي؛ يا شايد، هو فقط
پنهنجن خسيس فائدن لاءِ ئي سوچن ۾ ورتل آهن، ۽
ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي سمجهڻ جي کين فرصت ڪانهي! ائين
به ٿي سگهي ٿو ته اهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فائدي
کان سواءِ، ٻيءَ هر شيءِ بابت سوچڻ ۾ مصروف آهن ـ
۽ بنهه گھڻا مصروف آهن.
پر اسان جا اڄوڪا ليڊر ڇا به سوچيندا رهن يا ڪندا
رهن، اسان کي پورهئي
۾ ڳهندڙ ۽ اونداهيءَ ۾ گهاريندڙ پنهنجي عوام جي
ڇوٽڪاري لاءِ پڇاڙڪي پُڪار جو وقت آهي، جنهن جو
ادراڪ اسان جي اڄوڪن ليڊرن کي نه آهي، پر ان جي
ابتڙ، اهڙو ادراڪ انهن محب وطن، سچيت ۽ باشعور
پُٽن ۽ ڌيئرن، شاگردن ۽ وچئين طبقي جي دانشورن کي
آهي. انهن اڳيان اڄوڪين حالتن ۾، چونڊ لاءِ ٻه
رستا کليل آهن، يعني، يا ته اهي مٿئين طبقي جي
ظالمن جي خدمت، زرخريد خدمت گذارن وانگي ڪندا رهن،
انهن جي وڪالت بچاءَ جي شاهدن طور ڪندا رهن، ۽ پاڻ
لاءِ انهن کان رضا جي بيک پنندا رهن، ۽ جو ڪجهه
ڦرلٽ جو مال سندن انهن آقائن وٽ ظلم ۽ استحصال سان
جمع ٿئي ٿو، ان ۾، ۽ اُنهن جي رحم ۽ ڪرم تي،
ٽڪريلن جيئن، پنهنجي ننڍي ڀائيواري جاري رکندا
رهن؛ يا اهي پنهنجن ويڳاڻن ۽ وسيلن کان آجن عام
ماڻهن جا دوست ۽ راهه ڏيکاريندڙ ٿي رهڻ قبول ڪن.
انهن کي ئي، درحقيقت، اسين چئي سگهون ٿا:
”اوهان جي سڄي سمجهه اوهان جي ڪهڙي ڪم جي، اوهان
جا اوچا ۽ پاڪ خيال، اوهان جي نبار زندگي ۽ اُن جا
آدرش اوهان جي ڪهڙي فائدي جا، جيڪڏهن اوهين انهن
جي ڪا واهر نه ٿا ڪريو، جيڪي سدائين ڏک ۾ رهن ٿا.
جيڪي اوندهه ۾ آهن ۽ ڀُليل آهن ۽ مونجهاري ۾ ورتل
آهن!“
ڪير آهي، جنهن کي اها خبر نه آهي ته اسان جا
ماڻهو، ڪنهن ڏوهه کان سواءِ ۽ پنهنجن ڀائرن جي
بهترين خدمت، وس آهر، بجا آڻڻ کان پوءِ به، پاڻ
ڏاڍي ڏکي ۽ اهنجن ڀري زندگي گذارين ٿا، ۽ اخلاقي ۽
روحاني محرومين جا شڪار آهن. انهن جي اڳيان زندگي،
ٻاٽ اونداهيءَ، عدم تحفظ، بيمارين ۽ خوارين ۽ دوزخ
جي اَسَهه عذابن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو پيو ڏسجي.
جڏهن هُنن جي انهن دل ڏاريندڙ حالتن تي ماڻهوءَ جي
نگاهه پوي ٿي، ته قدرتي طور، ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ ۾، ۽
اميدن ۾ ڀريل دل سان، آسمان تائين رسندڙ هڪ دانهن
نڪريو ٿي وڃي:
”ڪڏهن،
اهو ڪڏهن، تون ماڻهن جو بچاءُ ڪندين؟
اي ٻاجهارا ڌڻي، ڪڏهن؟
ماڻهو، جڳ جا مالڪ، ماڻهو،
تخت، تاج نه، پر ماڻهو!
يا خدا، ماڻهن جو بچاءُ ڪر: اِهي تنهنجا آهن.
تنهنجا ٻالڪ، تنهنجن سهڻن ملائڪن جهڙا،
بديءَ کان، ظلم کان ۽ مايوسيءَ کان
يا خدا، ماڻهو بچاءِ!“
ٻوليءَ جو بچاءُ
سڌريل ۽ سجاڳ قومون هميشه پنهنجي ٻوليءَ کي صاف،
سليس ۽ صحيح صورت ۾ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.
ڪا به اهڙي قوم دنيا ۾ ڪا نه ٿي رهي، جيڪا پنهنجي
ٻوليءَ جي صورتخطيءَ، گرامر يا محاوري جي ڪنهن غلط
يا مناسب استعمال کي قبولي سگهي يا سهي سگهي. ڪابه
اهڙي قوم ڪٿي ڪانه لڀندي، جيڪا پنهنجي ٻوليءَ جي
ڪنهن سهڻي ۽ سولي لفظ کي ڇڏي، ان جي جاءِ تي ٻيءَ
ڪنهن ٻوليءَ جي لفظ کي ڪم آڻڻ ۾ خوش ٿئي يا فخر
ڪري. علمي ۽ فني ضرورتن جي خيالن کان، ٻين ٻولين
جا لفظ پنهنجا ڪرڻا پون ٿا، پر اهڙا لفظ هر ڪا
ٻولي پنهنجي گرامر جي اصولن موجب بنهه پنهنجا
بڻائي پوءِ پاڻ وٽ رکي ٿي.
سنڌي قوم پڻ گهڻي وقت کان پنهنجي وطن جي آزاديءَ،
سالميت ۽ خوشحاليءَ جي جدوجهد سان گڏوگڏ پنهنجي
ٻوليءَ کي انهيءَ ريت صاف، سليس ۽ صحتمند رکڻ لاءِ
پنهنجي وس آهر ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل رهي آهي. سنڌي
ٻولي گذريل ڪيترين صدين کان هڪ نه ٻيءَ حڪمران
ٻوليءَ جي تهذيبي دٻاءَ هيٺ رهندي پئي آئي آهي ۽
هن وقت پڻ ساڳيءَ طرح اهڙي ئي هڪ دٻاءَ هيٺ آيل
آهي. عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جي تهذيبي
آڪرائيءَ جا اثر، سنڌيءَ ۾ اڄ به گهڻيءَ حد تائين
موجود ڏسي سگهجن ٿا. اڙدوءَ جو حڪمراني درجو پڻ
ساڳيءَ ريت بلڪ وڌيڪ اُگريءَ حد تائين، اڄ سنڌيءَ
تي پنهنجو اثر ڏيکاري رهيو آهي. اڙدو پريس، ريڊيو،
ٽيليويزن، سئنيما، اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم ۽ عام
ڪتاب ۽ انهن سان گڏ اڙدوءَ جي قومي درجي جو تاب ۽
زور سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿي رهيا
آهن. اهو سنڌيءَ جي اديبن، شاعرن، صحافين، استادن
۽ ٻين عام پڙهيل ماڻهن جو فرض آهي ته هو پنهنجي
ٻوليءَ جو بچاءُ ڪن ۽ ان جي ڍال بنجي، ان جي صحت،
سادگيءَ، اصليت ۽ افاديت کي قائم رکن.
وڏي ڏک جي ڳالهه آهي، جو اڄ اسان جي ٻولي اسان جن
پنهنجن ئي هٿن سان بگڙي ۽ ڪمزور ٿي رهي آهي. هن
ڳالهه ۾ اسان کي خود اڙدوءَ جي تاريخ مان سبق وٺڻ
گهرجي. اڙدو ٻولي اصل ۾ ته هندي ٻولي ئي آهي، پر
ان ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي لفظن جي ايتري ته ڀرتي ڪئي
وئي، جو هوءَ پنهنجي اصلوڪي صورت وڃائي، ٻولي ئي
ٻي ٿي پيئي. ايتري تائين، جو اُها عام جي سمجهه
کان نڪري ۽ کانئن بنهه الڳ ٿي، رڳو ٿورن اميرن جي
محلن ۽ حاڪمن جي درٻارين جي ٻولي بنجي ويئي.
پنهنجي اصليت ۽ شانُ وڃائڻ کان پوءِ اها ساڳي ٻولي
هاڻي منهن مٿي پٽڻ، جهيڙي ڪرڻ ۽ وات هڻڻ ۾ ئي پوري
آهي. اها سڄي ويڌن هن ٻوليءَ سان ڪيئن ٿي؟ رڳو هن
طرح، جو ان ۾ بنهه ٿورا ڪي اصلوڪا لفظ (ضمير، فعل
۽ حرف جر) جيئن جا تيئن ڇڏي، اسم، صفتون، ظرف، حرف
جملا وغيره عربيءَ ۽ فارسيءَ جا ايترا ته گهڻا
آندا ويا، جو هوءَ سڃاڻپ کان ئي چڙهي ويئي ۽ بدلجي
بنهه هڪ نئين ٻولي ٿي پئي. اڄ ڪيترين سنڌي اخبارن،
رسالن ۽ ڪتابن ۾ اڙدوءَ جي اثر ۾ ورتل لکيتن کي
ڏسي، ۽ ريڊيو تان توڙي جلسن ۾ شهري ۽ عام پڙهيل
ماڻهن جون اهڙي ئي نوع واريون تقريرون ٻڌندي،
پنهنجي ٻوليءَ سان پڻ اهڙي ئي ڪنهن حشر ٿيڻ جو ڊپ
وٺي وڃي ٿو.
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم هڪ ڀيري سنڌيءَ ۽ اڙدوءَ
کي ڀيٽيندي، ڏاڍي ڀروسي سان چيو هو ته ”اڙدوءَ ۾
”دل“ مذڪر ۽ ”ڪتاب“ مونث آهي، جنهن جو ڪو به منطق
ڪونهي، ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي ابتڙ ”دل“ مونث ۽ ”ڪتاب“
مذڪر آهي، پر افسوس، جو تازو مون هڪ نامياريءَ
روزانيءَ سنڌي اخبار ۾ اڙدوءَ وانگر
”ڪتاب“ کي مونث ۽ ”دل“ کي مذڪر جي صيغي ۾ ڪم آندل
پڙهيو! اهڙيءَ ريت ”توجُههُ“، ”دليلُ“،
”تاڪيدُ“، ”اُمنگُ“، ”نظمُ“، ”فرياُ“، ”داد“ ۽ ٻيا
ڪيئي لفظ، جي پڌري پٽ اسان وٽ مذڪر آهن، پر اڄ
اسان جي ڪن اخبارن ۽ رسالن وغيره ۾ مونث وانگر پيا
لکجن، ۽ هوڏانهن، مثال طور، لفظ ”ستيا“
کي مذڪر وانگر ڪم آندو پيو وڃي. ”ستيا ناس ٿي
ويو!“ ۽ ائين، اڙدوءَ جي اثر هيٺ، ڪيترائي اسان جا
لفظ مذڪر بدران مونث ۽ مونث بدران مذڪر ۾ ڪم ايندا
رهن ٿا ۽ اسان جي ٻوليءَ کي بنيادي ڌڪ لڳندو رهي
ٿو.
ڪيترائي فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظ آهن، جيڪي اسان
پنهنجي ٻوليءَ ۾ بنهه ٻيءَ معنيٰ ۾ قبوليا آهن
جيئن لفظ ”تمام“ آهي. هيءُ لفظ اڙدو ۾ ”سڀ، سڀئي
يا سڀني“ جي معنيٰ ۾ صفت طور، ڪم اچي ٿو ۽ اسان وٽ
سنڌيءَ ۾ ظرف طور، ان جي معنيٰ ”ڏاڍو، ڏاڍا“ جيئن
”تمام چڱو، تمام سٺا“ وغيره آهي. پر اڄ اسان جا
ڪيئي لکندڙ ۽ تقرير ڪندڙ صاحب پنهنجا سٺا ۽ سولا
صفاتي لفظ ”سڀ، سمورا، مڙيئي، هڙئي“ ۽ انهن جو سڌو
سنواٽو استعمال ڇڏي، لکندا ۽ چوندا وتن: ”تمام
پئسا خرچ ٿي ويا! تمام مڇر مري ويا! تمام هو هيئن
ٿي ويو ۽ تمام هيءُ هونئن ٿي ويو! انهيءَ نموني جو
هڪ لفظ
”منصوبو“ به آهي، جيڪو سنڌيءَ ۾ ”سازش“ جي مطلب
سان ڪم اچي ٿو. پر ان کي اسان جا اڙدوءَ جي وٽ ۾
آيل ڪيترائي ليکڪ ”رٿ“ يا ”رٿا“ جي معنيٰ ۾ ڪم
آڻيندا رهن ٿا. ساڳئي حالت ٻين ڪيترن اهڙن لفظن،
جيئن ته ”هلاڪ يا هلاک“ ۽ ”اتفاق“ جي آهي. ”هلاڪ“
سنڌيءَ ۾ ”ڪڪ، تنگ يا بيزار“ جي معنيٰ ۾، ”اتفاق“،
”حادثي يا واقعي“ جي معنيٰ ۾، ڪم اچن ٿا. پر
اردوءَ جي پيروي ڪندي، اڄ اسان جا ڪيترائي ليکڪ
هنن لفظن کي ”مرڻ“ ۽ ”ٻڌيءَ“ جي معنيٰ ۾ پيا لکن
جيئن: ”هڪ ڌڪ سان ست مکيون هلاڪ ٿي ويون! اتفاق
سان سڀ ڪجهه ٿئي ٿو!“ هاڻي، جي انهن جملن ۾ ”هلاڪ
ٿي ويون“ بدران لکجي ”مري ويون“ ۽ ”اتفاق“
بدران ”ٻڌي“ لکجي، ته اهي ڪيڏا نه سمجهه ڀريا ۽
وڻندڙ جملا ٿي پون!
سنڌيءَ ۾ حرف جملي يا ظرف جا لفظ اهڙا ته سهڻا ۽
سٺا موجود آهن، جو انهن کي ڇڏي فارسيءَ يا عربيءَ
جا ساڳيءَ معنيٰ جا لفظ ڪم آڻڻ نه رڳو ضروري نه
آهن، پر پاڻ سان ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان وڏي جُٺ ڪرڻي
آهي: مثال
جي، جيڪڏهن بدران اگر ۽ جيتوڻيڪ بدران اگرچه
پر بدران ليڪن يا مگر
تنهن، ان، اُن- ڪري بدران لهذا
تنهن، اَن، اُن- کان سواءِ بدران ازان سواءِ
تنهن، اُنِ، اُن- وچ ۾ بدران درين
ان هوندي به بدران باوجود يڪ
ڇا به هجي، هر حال ۾ بدران بهر صورت، بهرحال سچ پچ
يا سچي پچي بدران في الحقيقت، حقيقتاً، في الواقع
ابتڙ بدران برعڪس، خلاف
ڌار ڌار، الڳ الڳ، جدا جدا بدران مختلف
تان جو بدران حتيٰ ڪه
متان بدران مبادا
تنهن، اِن، اُن- هوندي به بدران به اين هم
اُنهيءَ ڪري بدران بنا برين، چنانچه
ڇاڪاڻ ته بدران چونڪه
نه ته بدران ورنه
ٻيءَ صورت ۾ بدران به صورت ديگر
الڳ، ڌار بدران علحده
ڌار بدران علاوه
پوءِ بدران بعد
هيٺ بدران زير، تحت
ڀيٽ بدران مقابلو
رڳو بدران محض، صرف
گهمرو، ڀيرو بدران دفعو
ته به، تڏهن به بدران تاهم
حيدرآباد جي ريڊئي تان، هر روز ”جمهوري جو آواز“
ٻڌايو وڃي ٿو. اُن پروگرام ۾ ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي هڪ
چڱي مڙس جي ڪردار طور، ”عارف خان“
پنهنجي اوطاق ۾ ڪچهريءَ جو سرواڻ ٿي ويهندو آهي.
هن پروگرام ۾ هڪڙي ڏينهن ”عارف خان“ جي واتان سندس
ٺيٺ ٻهراڙيءَ جي ڍنگ ۾ ٻڌم ”ادوڙي! اچو ته اتحاد
ڪيون، اتحاد سان سڀ مسئلا حل ٿيندا.“ هاڻي، اسان
جا عام ٻڌڻ وارا، جن لاءِ هيءُ پروگرام ٿئي ٿو، سا
ڇا سمجهندا ”اتحاد“ کي ۽ ڪيئن سمجهندا ”مسئلن جو
حل ٿيڻ!“ ان جي بدران ”عارف خان“ هيئن به چئي ٿي
سگهيو ته ”ادوڙي! اچو ته ٻڌي ڪيون، ٻڌيءَ سان سڀ
ڳالهيون نبري وينديون.“ 17 جولاءِ 1972ع تي ٻئي هڪ
پروگرام ۾ ريڊئي تان هيٺيان لفظ ڪم ايندي ٻڌم،
جيڪي سڀ جا سڀ ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجي ٻوليءَ تي
بار بنجڻ کان سواءِ ٻئي ڪهڙي ڪم جا ٿي ٿئي سگهيا!
انهن جي جاءِ تي اسان جي ٻوليءَ ۾ اڳي ئي ڏاڍا سٺا
۽ سلوڻا لفظ پيا آهن، ڇو نه اُهي اسين ڪم آڻيون،
ته جيئن ٻڌڻ وارا ٻڌن ته سمجهي به سگهن! هيٺ انهن
لفظن جي لسٽ ڏجي ٿي:
باشندا= رهواسي،
بخوبي آگاهه ٿيا= چڱيءَ
ريت يا پوريءَ طرح واقف ٿيا، معيار زندگي=زندگيءَ
جو معيار يا پد، فلاحي مملڪت= عام
ڀلي جي حڪومت، باهمي تعلقات= هڪٻئي
جا لاڳاپا، احترام= عزت،
تعمير= اڏاوت
(تعمير ڪرڻ= اڏڻ)،
ذي هوش، ذي فهم= هوش
وارو فهم وارو، ڏاهو، خبردار، جيب خرچي= کيسي
جي خرچي، تعاون= سهڪار، ترقي
يافته= ترقي
ڪيل، ايجاد ڪيون آهن= ٺاهيون
آهن، خبرن تي مشتمل پروگرام= خبرن
تي ٻڌل پروگرام. فرصت جا اوقات= واندڪائيءَ
جون گهڙيون، تعليم جي فروغ= تعليم
جو واڌارو، اعتماد= ڀروسو،
ضروريات= گهرجون،
تعلق رکن ٿا= لاڳاپو
رکن ٿا، سرمايو= موڙي،
دشواري= تڪليف،
ڏکيائي، يڪجهتي= ٻڌي،
جذبهءِ قرباني= قرباني
جو جذبو، جذبهءِ خدمت= خدمت
جو جذبو، خيالات=خيال،
حاضر خدمت= خدمت
۾ حاضر، ترويج= واهپو،
استحڪام= جٽاءُ،
وقفو= ساهي،
مهلت، وڇوٽي، نفاذ رهيو= لاڳو
رهيو، نافذ= لاڳو،
وغيره وغيره.
هڪڙي مشهور ادبي رسالي جي ايڊيٽر صاحب هڪ ڀيري
پڙاڏي بدران ”صد اي باز گشت“ جي فارسي ترڪيب ڪم
آندي! ڏاڍيءَ نوڙت سان چيومانس ته ”ڀاءُ، جيڪڏهن
لفظ ”پڙاڏو“ اسان جي ٻوليءَ مان ائين نڪري ويو ته
”پڙاڏو سو سڏ، ورُ ورائيءَ جو جي لهين!“ وارو شاهه
صاحب جو املهه بيت ڪيئن ڪير سمجهي سگهندو!“ ايڊيٽر
ڳالهه کي سمجهيو ۽ مڃيو، پر عمل اڃا به هن نڪتي تي
گهڻو گهٽ ٿئيس ٿو!
اسان جا ڪيترائي
عربيءَ جي اثر ۾ ورتل ليکڪ وڏي شوق سان عربي اسمن
جا عربي جمع پنهنجن مضمونن ۽ لکڻين ۾ ڪم آڻين ٿا.
سنڌيءَ ٻولي جو لاڳاپو عربيءَ سان گذريل 1300
ورهين کان به گهڻي عرصي جو آهي. ايتري ڊگهي لاڳاپي
کان پوءِ به اسان جي ٻولي بنهه ڳاڻ ڳڻين عربي اسمن
جا ئي عربي جمع قبوليا آهن. جيئن ته احوال، افعال،
اخبار وغيره، پر اُهي به هوءَ پاڻ وٽ واحد جي صيغي
۾ ڪم آڻي ٿي. ان جي ابتڙ سنڌيءَ جي مٿي ذڪر ڪيل
نامياري ادبي رسالي جي هڪ مهتممي نوٽ ۾ ئي مون
هيٺيان 12 عربي جمع ڪم آندل ڏٺا: جذبات، احساسات،
خيالات، تصنيفات، تاليفات، ڪمالات، تعلقات،
واقعات، معاملات، تخليقات، امڪانات، اختيارات!
جيڪڏهن ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهه، اڙدوءَ کي سندس اصل
اکرن ۽ پڻ عام ماڻهن کان ڪٽي الڳ ڪري بيهاريو ۽
بنهه هڪ ڌاري صورت ڏئي ڇڏي، ته اُها اِها ئي عربي
جمع جي صيغن جي اُن ۾ بيجا ۽ اڻ مَئي ڀرمار هئي.
انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ٻوليءَ کي
بنيادي طرح سندس اصل صورت ۾ قائم رکڻو آهي ته جيئن
ڊاڪٽر دائودپوٽو مرحوم فارسيءَ جي معاملي ۾ ان
لاءِ چئي ويو ته ان کي فارسيءَ جي زير اضافت جي
ترڪيب کان پاڪ ۽ صاف رکيو وڃي، تيئن عربيءَ جي
معاملي ۾ وري ان کي هن عربي جمع جي صيغي جي
استعمال کان بچائڻ گهرجي. اهي سمورا عربي اسم اسان
کي پنهنجي سنڌي جمع جي صورت ۾ پاڻ وٽ ڪم آڻڻ کپن ۽
نه سندن اصلي عربي جمع جي صورت ۾.
ضمير مبهم جا لفظ ڪو، ڪا، ڪي ۽ ڪِي ۽ انهن سان گڏ
ظرف جا انڪاري لفظ ڪو نه، ڪا نه، ڪين ۽ ڪِين، اسان
جا ڪيترائي ليکڪ اهڙيءَ طرح ڪم آڻين ٿا، ڄڻ سنڌي
سندن مادري ٻولي ئي ڪانهي. هڪ ته ”ڪو“ مذڪر لاءِ ۽
”ڪا“ مونث لاءِ، ”ڪي“
مذڪر مونث ٻنهي لاءِ جمع ۾، ۽ ”ڪي“ ڪنهن بيجان
شيءِ لاءِ ”ڪجهه“ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندڙ لفظ آهن.
ٻيو ته انڪاري لفظ ”ڪونه“ ساڳيءَ طرح مذڪر واحد
لاءِ ”ڪا نه“ مونث جي لاءِ، ”ڪين“ جمع جي صيغي ۾
مذڪر ۽ مونث ٻنهي لاءِ ۽ ”ڪِين“ رڳو ”ڪِي“ ضمير
سان (بيجان شين لاءِ) ڪم اچي سگهن ٿا. جيئن ته:
ڪو ڪونه ايندو.
ڪا نه ڪا ايندي
ڪي ڪين ايندا/ اينديون
ڪي ڪين ٿيندو/ گهرجي.
اسان جا ڪيترائي ليکڪ اڄ لفظ ”ڪونه“ مذڪر ۽ مونث
ٻنهي لاءِ ڪم آڻيندا رهن ٿا. جيئن چون: (ڪو ڇوڪرو
ڪونه آهي/ ڪونهي ۽ وري هيئن به چون: (ڪا) ڇوڪري
ڪونه آهي/ ڪونهي! ظاهر آهي ته ”ڇوڪريءَ“ لاءِ
”ڪونه آهي“ يا ”ڪونهي“ چئي ڪين سگهبو، مونث، واحد
جي ان صيغي ۾ لفظ ”ڪا“ ”ڪانه“ ئي ڪم آڻڻ صحيح ٿي
سگهن ٿا.
اسان جي پڙهيل ڀينرن ۾ وري هڪ عجيب خيال پيدا ٿيل
ڏسڻ ۾ آيو آهي ته هو هڪٻئي سان يا سندن زيردست
ڀينرون يا سندن مرد ڀائر ساڻن جيڪڏهن مونث جمع جي
صيغي ۾ ڳالهائيندا جيئن ته ”اوهين ڇا پيون ڪريو:
اوهين ڪڏهن آيون آهيو؟ اوهين هاڻي ڪيڏانهن
وينديون؟“، وغيره وغيره، ته اها سندن بي عزتي آهي
يا سندن شان ۾ گستاخي چئجي! تنهن ڪري هنن سان
ڳالهائبو، ته چئبو: اوهين ڇا پيا ڪريو؟ اوهين ڪڏهن
آيا آهيو؟ اوهين هاڻي ڪيڏانهن ويندا“ وغيره،
وغيره. ڄڻ هو مرد آهن ۽ عورتون نه آهن! هيءُ خيال
اهڙو هڪ کل جهڙو، غلط ۽ هاڃيڪار خيال آهي ۽ ٻوليءَ
جو هيءُ هڪ اهڙو اڻ گهڙيو ۽ بد زيبو استعمال آهي،
جنهن کي جيترو جلد ڇڏي سگهجي، اوترو سٺو آهي.
سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ، اسم ۽ صفتون، فارسيءَ
۽ عربيءَ مان آيل آهن، جن جي پڇاڙي ننڍيءَ هه سان
ٿئي ٿي، جيئن نقشه، ضلعه، ديوانه، دروازه وغيره.
هاڻي، سنڌيءَ جي هڪ خصوصيت هيءَ آهي ته ان جي ڪنهن
به لفظ جو پويون پد ساڪن نٿو ٿئي، تنهنڪري سنڌيءَ
۾ ايندي ئي اهي لفظ ڦري نقشو (واحد، حالت فاعلي)،
ضلعو، ديوانو، دروازو وغيره ٿي پيا ۽ پوءِ عدد ۽
حالت پٽاندر انهن جو گردان لازمي بنجي پيو. جيئن
نقشا (جمع، حالت فاعلي)، نقشي (واحد، حالت جري ۽
اضافت)، ضلعا، ضلعي، ديوانا، ديواني، دروازا،
دروازي وغيره. بجاءِ ان جي، جو ههڙن فارسي ۽
عربيءَ جي لفظن جي سانچي ۾ وجهي، انهن جي صيغن
پٽاندر گردان ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي! جيئن! چنو، چنا،
چني بدران چون ۽ لکن، چنه. ڀٽو، ڀٽا، ڀُٽي بدران
رڳو ڀٽه. ٽنڊو، ٽنڊا، ٽنڊي بدران رڳو لکن ٽنڊه.
ٿاڻو، ٿاڻا، ٿاڻي بدران رڳو ٿاڻه! هيءُ سنڌي
صورتخطيءَ جي توڙي سنڌي صرف جي هڪ اهڙي غلطي آهي،
جو ان مان ٻوليءَ جو، ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾، ڏاڍو
دکدائڪ بگاڙو ٿي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ تمام
ضروري آهي.
اڄڪلهه دڪانن، آفيسن، بسن ۽ لارين، رستن جي پٿرن ۽
ريلوي اسٽيشن وغيره تي سنڌيءَ ۾ نالا ۽ پار پتا
لکايا پيا وڃن، پر جتي جتي لکڻ وارا غير سنڌي آهن،
اُتي هنن بورڊن تي اهي سنڌي لفظ ۽ عبارتون غلط
ٻوليءَ ۽ غلط صورتخطيءَ ۾ لکيون پيون وڃن. جيئن ته
هڪ سرڪاري اسپتال ۾ ڏٺم،
”شعبو ڪان، ناڪ، حلق“، ”شعبو امراض زنانو“، ”اوقات
مريض سان ملاقات“، ٻئي هنڌ ڏٺم،
”ديرپا قوت“، ٽئين هنڌ هڪ بس تي لکيل ڏٺم:
”اوٻاوڙو جي لاءِ“ اُن بدران هئڻ گهرجي ها
”اوٻاوڙي لاءِ“. جتي جتي، جنهن جنهن سنڌيءَ جي
گهڻگهري، پوڙهي توڙي جوان، جو وس پُڄي ته هن کي
گهرجي ته پڌري پٽ اهڙيون لکيل چُڪون، پيار ۽
سهڪاري اُمنگ هيٺ، درست ڪرائي ڇڏي. ته جيئن ”شعبو
ڪان، ناڪ، حلق بدران ”ڪن، نڪ، ڳلي جو شعبو“ وغيره
وغيره.
سنڌي ٻولي، گرامر جي خيال کان، گهڻيءَ حد تائين،
هڪ پوري قاعدي واري ٻولي آهي. ان جا اسم، ضمير،
صفتون، ظرف ۽ فعل هميشه عدد، جنس ۽ حالت سان گڏ
پنهنجي صورت بدلائين ٿا. لفظن جو هيءُ ڦيرو يا
گردان سڀني ٻولين ۾ سندن پنهنجي پنهنجي گرامر جي
قانونن هيٺ ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ هيءُ گردان
لازمي طرح ڪرڻو پوي ٿو. افسوس، جو اسان جا ڪي
ليکڪ، ٻين ٻولين جي اثر هيٺ، پنهنجي ٻوليءَ جي ان
بنيادي ڳالهه کان بيخبر يا لاپرواهه بڻجي ويل ڏسجن
ٿا. هتي رڳو هڪ اخبار جي ٽن لاڳيتن پرچن منجهان هن
قسم جي لاپرواهيءَ جا مثال ڏجن ٿا، جن مان سمجهي
سگهبو ته اسان جي ٻوليءَ ۾ ڪيتريءَ حد تائين
پنهنجن جي ئي هٿان بگاڙو اچي چڪو آهي ۽ اچي رهيو
آهي:
تاريخ 7-3-1973ع جي پرچي مان
(1) سٺو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي شروع.
(2) رستو بند ٿيڻ سبب مل بند.
(3) گورنر کي ٿر جو دورو ڪرڻ جي اپيل.
(4) ريڊيو ٻڌڻ تان جهيڙو.
(5) پنجن ڏينهن جو دورو ڪرڻ بعد رپورٽ.
تاريخ 8-3-1973ع جي پرچي مان
(6) سنڌ ۾ ڪاغذ جا چار ڪارخانا قائم ڪرڻ جون
رٿائون زير غور.
(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جو پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم.
(8) سپاهي مسافرن جو قيمتي سامان ڦرڻ جي الزام ۾
گرفتار.
(9) نوڪرين لاءِ درخواستون ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو.
تاريخ 9-3-1973ع جي پرچي مان
(10) حڪام طرفان مري ويلن جو تعداد ظاهر ڪرڻ کان
انڪار.
(11) هارين کان قبضو ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي.
(12) مولانا... بنا معاوضي زمينون حاصل ڪرڻ تي
اعتراض ڪيو.
(13) زرعي پيداوار جي وڪري جو بندوبست ڪرڻ لاءِ
زرعي ادارا قائم.
(14) تعلقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ تي غور.
حالت جريءَ يا اضافت جي حالت ۾ سنڌيءَ جي اسمن ۽
صفتن جا لفظ هيٺينءَ ريت ڦرندا آهن:
(الف) واحد جي صيغي ۾، اَ، اِ ۽ آ پڇاڙين جي صورت
۾ ڪو به پيرو ڪو نه ٿيندو، جيئن: کَٽَ تي، ڀِت تي،
ادا کي، وغيره.
(ب) واحد جي صيغي ۾، اُ پڇاڙيءَ جي صورت ۾ اُ ڦري
آ جي صورت وٺندو، جيئن: گلُ تي، پَٽَ تي.
(ج) واحد جي صيغي ۾ او پڇاڙيءَ جي صورت او ڦري اي
جي صورت وٺندو، جيئن دلي تي، کٽولي تي.
(د) واحد جي صيغي ۾، اِي، اُو ۽ اُون پڇاڙيءَ جي
صورت ۾ لفظ جي آخر ۾ ”ءَ“ آواز وڌائبو، جيئن:
ماکيءَ کي، مٺوءَ کي، مرونءَ کي، وغيره.
(هه) جمع جي صيغي ۾ ئون، يون، اون، اِي، اَ، آ،
اُو جون پڇاڙيون ڦري ئن، ين، ن جي صورت وٺنديون.
جيئن ته بلائون، ڀتيون، کٽون، ڌوٻي، بلائن کي،
ڀتين تي، کٽن تي، ڌوٻين کي، گُل، دلا، مٺُو گلن
تي، دلن تي، مٺن کي... مٿي جيڪي 14 مثال ڏنا ويا
آهن، انهن ۾ پاڻ، رستو، دورو، ريڊيو، ڪارخانا،
پيپر، سامان، درخواستون، تعداد، قبضو، زمينون،
بندوبست ۽ مسئلا سڀ اسم آهن، جيڪي حالت اضافت ۾
آهن ۽ انهن مان هر هڪ جي پٺيان حرف جر يا حرف
اضافت ”جي“، ڳجهو بيٺل آهي.
انهيءَ ڪري اُهي پنهنجي صفتن ۽ انهن جي اڳيان آيل
حرف اضافت جي لفظن سميت پنهنجي صورت ڦيرائيندا
جيئن:
(1) سٺي پاڻيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ کوٽائي.
(2) رستي بند ٿيڻ سبب مل بند
(3) گورنر کي ٿر جي دوري ڪرڻ جي اپيل.
(4) ريڊئي ٻڌڻ تان جهيڙو.
(5) پنجن ڏينهن جي دوري ڪرڻ بعد رپورٽ.
(6) سنڌ ۾ چئن ڪاغذ جي ڪارخانن قائم ڪرڻ جون
رٿائون زير غور.
(7) سنڌي زبان ۽ ثقافت جي پيپر شامل ڪرڻ جو حڪم.
(8) نوڪريءَ لاءِ درخواستن ڏيڻ کان پوءِ انٽرويو.
(9) حڪام طرفان مري ويلن جي تعداد ظاهر ڪرڻ کان
انڪار.
(10) هارين کان قبضي ڇڏائڻ لاءِ پوليس پهتي.
(11) مولانا... بنا معاوضي زمينن حاصل ڪرڻ تي...
(12) زرعي پيداوار جي وڪري جي بندوبست ڪرڻ لاءِ...
(13) تعلقي جي بنيادي مسئلن جي حل ڪرڻ تي غور ٻولي
قومن جي طبيعت جو آئينو ٿئي ٿي. مثال طور اڙدو هڪ
واتراڌي ۽ گهڻ ڳالهائو ٻولي آهي ۽ سنڌي هڪ ماٺيڻي
۽ ٿورَ ڳالهائو ٻولي آهي.
هڪ جو خاص گڻ زبان درازي ۽ اڀ ۾ تراريون هڻڻ آهي،
۽ ٻيءَ جو خاص گڻ نماڻائي ۽ نرم ٻولڻ آهي. تنهنڪري
سنڌي جيڪڏهن اڙدوءَ جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ته
نه رڳو پنهنجو شان وڃائيندي، پر اڙدوءَ سان ان جي
لفاظيءَ ۽ نقاليءَ ۾ مٽ به پئجي ڪا نه سگهندي ۽
الٽو انهيءَ ڪوشش ۾ پاڻ کي ڏٺو ڪندي. ڏاڍي گهڻي ڏک
جي ڳالهه آهي، جو اسان جي ڪي هرک هارڻا دوست
اڙدوءَ جي انهيءَ ڏيک ۽ ماڙيچاڻي مَک چک ۾ ڪڏهن
ڪڏهن ايترا ته وٺجي ٿا وڃن جو، مثال طور، حيدرآباد
ريڊئي جي اُنهيءَ ساڳئي مٿي ڄاڻايل ”جمهور جي
پروگرام“ ۾ مون پنهنجن ڪنن سان اهڙن دوستن کي
چوندي ٻڌو: ”ادا عارب خان بجا ٿا فرمايو!“ (”سچ ٿا
چئو!“ نه)، ”ادا، هاڻي ٻڌاءِ خَبَرون! (خَبرون
نه)، ”تَيار“ ٿيو (”تِيار“ نه) خَيال ڪريو“
(”خِيال“ نه)،؟ ”اُمِيد آهي...“) (”اُميد“ نه-
”درميان“ (نون غُني سان)، (”درميان“ به نه) ۽ ”وچ
۾“ به نه) - - بنهه ايتري تائين، جو ”عارف خان“
چوي ته ”ادوڙي، خوش آهين! چڱو ڀلو، جوڙ، متارو! ته
هن کي جواب ڏين: ”عارف خان، عنايتون، ڪرم فرمايون،
ذره نوازيون!“ سنڌيءَ ۾ خبرن پڙهندي، جيڪو سر ۽
آواز منجهانئن ڪي اختيار ڪن ٿا، سو سڄيءَ سنڌ جا
ماڻهو ٻڌي پنهنجن ريڊين کي جيڪي سڌيون سڻائين ٿا،
سي ريڊئي وارا پاڻ ته ڪونه ٿا ٻڌن، پر هن مضمون جا
پڙهندڙ چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا. اسان جي هنن دوستن کي
ياد رکڻ گهرجي ته ٻولي لکجڻ ۽ پڙهجڻ کان گهڻو وڌيڪ
ڳالهائجي ٿي.
هر ٻولي پنهنجي خاص ڍنگ ۽ لهجي ۾ ڳالهائبي آهي.
ڳالهائڻ به هڪ لطيف فن آهي. شاندار، وڏو تمام
ڏکيو. ان جي ترنم ۽ لئي کي هڪڙو گهرو آواز، هڪڙو
اڻ سهائيندڙ اُچار به ڏکوئي ۽ ختم ڪري سگهي ٿو.
عربي ۽ فارسي لفظ کڻي، اسين انهن جي اصلوڪن اُچارن
کي پاڻ وٽ قائم رکڻ لاءِ ٻڌل نه آهيون، جيئن اڙدو
سمجهي ٿي ته هوءَ ٻڌل آهي. مون، خاص طرح، اسڪولن ۽
ڪاليجن جي جلسن ۾ پنهنجن ڪيترن ڏاهن ۽ اتساهي
جوانن کي ڏٺو آهي ته ميڙ ۾ ڳالهائيندي، هو عربي ۽
فارسي لفظن جي ڳولا ۾ ۽ اُنهن کي هرو ڀرو سندن
”صحيح“ اچارن سان ڪم آڻڻ جي ڪوشش ۾ ايترا ته
مُنجهي پون ٿا، جو بنهه رواجي خيال به پنهنجا ظاهر
ڪري نٿا سگهن. هيءَ ڪيتري نه ارمان ۽ عجب جي ڳالهه
آهي، جو ڌارين ٻولين جي ڏک ۽ اُنهن جو تاب اسان کي
پنهنجي ٻوليءَ جو پورو فائدو به وٺڻ نه ڏئي! جڏهن
سنڌ جو امر شاعر لفظ ”بغير“ کي ”بگر“ ڪري ڪم آڻي
سگهي ٿو. ”ڪونهي ڪميڻيءَ کي بگرتو بلو“، ته اسين
خَبَر...، اُميد، تِيارُ، خِيالُ، سُوالُ، ختَمَ،
وغيره، وغيرهه ڇو نه چئون؟ اسين سنڌي برابر ماٺيڻا
۽ ٿورَ ڳالهائو آهيون، پر ائين به ٿيڻ نه کپي ته
پنهنجن چپن تي اڙدوءَ جي نقالي ڪندي، عربي ۽ فارسي
لفظن ۽ انهن جي اُچارن جون مهرون هڻي، بنهه گونگا
بڻجي ويهي رهون. يا شهري يا علمي بنجڻ جي شوق ۾
پنهنجي ٻوليءَ کي ايترو بگاڙي ڇڏيون، جو ٻولي ته
ٻولي پر خود پنهنجي عوام کان ئي ڪٽجي الڳ ٿي وڃون!
اڄ جي نئين دور ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي بچاءَ ۽ واڌاري
جو وڏي ۾ وڏو ۽ ڪامياب ۾ ڪامياب وسيلو، ان ٻوليءَ
جي پڙهائي آهي، جيڪا اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين
۾ ٿئي ٿي. تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي، جو اڄ
اسان جي پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين
سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب جي پڙهائيءَ تي پورو ۽
مناسب ڌيان ڪو نه ٿو ڏنو وڃي. اُن جا سبب کڻي
ڪيترا به هجن ۽ ڪهڙا به هجن، انهيءَ حالت کي هڪدم
بدلجڻ گهرجي ۽ اسان جي تعليمي مرڪزن ۾ اسان جي
مادري ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي ايتري ئي اوليت ۽
اهميت ڏيڻ ۽ ڏيارڻ گهرجي، جيتري ڪنهن آزاد ۽ سڌريل
ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ان جي مادري ٻوليءَ جي
پڙهائيءَ کي ملي ٿي ۽ ان ۾ ڪو به ٻيو نصابي ڪم،
جيئن حساب، انگريزي، سائنس وغيره. سنڌيءَ تي آڪرو
ٿيڻ نه گهرجي.
سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائيءَ کي هيئن اسان جي تعليم ۾
پهرين جڳهه ملي، ان لاءِ وڏي ۾ وڏو فرض اسان جي
سنڌي استادن جو آهي، جيڪي اسڪولن ڪاليجن ۽
يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي پاڙهڻ تي مقرر ٿيل آهن. هڪ ته
هو پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي پوريءَ طرح پڙهن ۽ سمجهن ۽
ان جي ادبي ۽ علمي خزاني کان وڌ ۾ وڌ واقف ٿين،
ٻيو ته پنهنجن شاگردن کي ان جي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ڪم
آڻڻ لاءِ پنهنجي وس آهر وڌ ۾ وڌ تيار ڪن. اُن لاءِ
نصاب ۾ به ڪجهه ڦيرو اچڻ گهرجي، پر سڀ کان وڏو دلي
چاههُ ۽ ڀرپور پورهيو ئي کين توڙي سندن شاگردن کي
پنهنجي مادري ٻوليءَ ڏانهن پنهنجن فرضن ۽ ذميدارين
جي پوري ڪرڻ لاءِ تيار ڪري سگهندو.
سنڌي ٻولي جنهن خطري هيٺ آهي، اُهو ان مان ئي پڌرو
آهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي صوبائي ٻولي بنجي، اُن
لاءِ سنڌ اسيمبليءَ کي بل پاس ڪرڻو پيو! ۽ پوءِ
اُن گناهه لاءِ اٻوجهه ۽ صلح پسند عوام کي ڪيترائي
ڪونڌر ڪهائڻا پيا، ۽ ان جي ”پنهنجي“
سرڪار کي ڇا ڇا نه سهڻو پيو ۽ ڇا ڇا نه مڃڻو پيو!
هاڻي، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جيڪو بورڊ ۽
ائڪيڊميون ٺهڻيون آهن، جڏهن اهي ٺهن، ۽ ٻن سالن ۾
يا ٻارهن سالن ۾ جڏهن ٻوليءَ ۾ اُهو ڪجهه واڌارو
ٿئي، جيڪو هڪ آبرومند قومي ٻوليءَ ۾ سچ پچ ٿيڻ
گهرجي. ان لاءِ ڪي ڀرپور تجويزون جُڙن ۽ انهن تي
عمل ٿئي، سوين هزارين ڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب لکجن،
ترجما ٿين، ڇپجن ۽ پڌرا ٿين، سنڌ جا سڀ رهواسي
سنڌي سکن، سنڌي پڙهن ۽ لکن. تڏهن چئي سگهبو ته سنڌ
۾ سنڌي ٻولي پنهنجي پوري ۽ حقي درجي تي پهتي ۽ ان
لاءِ اسان جي وڏن جون ۽ اسان جون سڀ قربانيون،
جيڪي ڏنيون سين ۽ اڳتي ڏينداسين. ۽ سڀ محنتون جيڪي
ڪيون سين ۽ اڳتي ڪنداسين، سڀ سوليون ۽ سجايون
ٿيون.
ڪنهن ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي لفظن کي قبولڻ ۽ قائم
رکڻ جو سوال رڳو ايترو آهي ته ٻين ٻولين جا لفظ
کڻبا وڃن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا ساڳيءَ معنيٰ وارا
لفظ بلڪه وڌيڪ سچيت ۽ سهڻا، ڇڏبا وڃن، ائين هرگز
هرگز نه ٿيڻ کپي. ائين ڪرڻ سان ٻولي پنهنجو بنياد
بچائي ته نه سگهندي، پر پنهنجي بنياد سان پنهنجو
سڀيتائي لاڳاپو به بحال رکي نه سگهندي. جڏهن ڪنهن
ٻوليءَ جي ڳالهه وڃي اهڙيءَ حد تي پهچي، تڏهن اُن
ٻوليءَ کي عمل، جنهن ۾ ڌاريا ۽ فاسد لفظ ڪوشش ڪري
ڪڍڻا پون ۽ پنهنجا بيگناهه نڪتل لفظ واپس آڻڻا
پون، دنيا جي سڀني سڌريل ۽ سجاڳ قومن کي، پنهنجي
قوم، سجاڳيءَ جي پهرينءَ منزل تي، پنهنجي پنهنجي
قومي ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ لازمي طرح
اختيار ڪرڻو ئي پيو آهي. ساڳيءَ ريت، سنڌي ٻوليءَ
جي اها واڌ به ڪڏهن واڌ ڪا نه چئي سگهبي، جنهن
مان، مثال طور، شاهه جي ٻوليءَ جا لفظ گم ٿيندا
ٿيندا بنهه گم ٿي وڃن، ايتري تائين، جو ڪو سنڌي
ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ شاهه جو رسالو پڙهي، ته
پڙهي نه سگهي ۽ ٻڌي ته سمجهي نه سگهي. ايتريءَ
قيمت تي ڪنهن ٻولي جي ”ترقيءَ ۽ سڌاري“ کي ڪهڙي
حساب ۾ ترقي ۽ سڌارو چئي سگهبو! هر خيال کان، اڄ
اسان تي واجب به آهي ۽ بنهه جائز پڻ، ته پنهنجي
”اسڪولي“ ۽ ”علمي“ ٻوليءَ جي ڪجهه ڇانگ ڪريون، ته
جيئن ان ۾ اوتري قدر، بلڪه ڪجهه وڌيڪ، تازو ڦوٽهڙو
ٿئي. ٻوليءَ جي هيءَ ضروري ڇانگ هر ڪو اسان جي
لائق اديب ۽ شاعر پنهنجي سچيتائيءَ ۽ فني پختائيءَ
سان پنهنجي منهن به ڪري سگهي ٿو، ۽ پنهنجي پياريءَ
ٻوليءَ لاءِ آب حيات مثل هيءُ بنهه ضروري عمل،
ڪنهن رٿائتي ۽ سلسليوار طريقي سان، اسان جا سڄاڻ ۽
مقبول عام علمي ۽ ادبي ادارا پڻ هٿ ۾ کڻي سگهن ٿا.
(ملير ڊائجسٽ ۾ شايع ٿيل ٻوليءَ بابت مضمونن جي
مجموعي ”سنڌي ٻوليءَ جي للڪار“ ٻئي ڇاپي (1987ع)
تان کنيل).
ڪلچر جي بقا، ٻولي ۽ ڌرتي
'ثقافت' (Culture) ۽
’قوم‘ (Nation) ظاهري
طرح ٻه لفظ آهن، پر اهي لفظ پاڻ ۾ بنهه وڏيون
وسعتون رکن ٿا. انهن ٻنهي لفظن کي سمجهڻ ۽ وهڃائڻ
جي اسان کي گهرج به آهي. هونءَ ته هر ڪنهن زماني ۾
انهن ٻنهي لفظن تي ويچاريو پئي ويو آهي، پر هاڻوڪي
زماني ۾ انهن جي ٻيهر تشريح ۽ سمجهاڻيءَ جي گهرج
به وڌي آهي.
’قوم‘ اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. اسان جي سنڌي
ٻوليءَ ۾ ان لاءِ ڪو به لفظ موجود نه آهي. هاڻ اهو
گهڻو لفظ گهڻي حد تائين واهپي هيٺ به اچي ويو آهي.
انڪري پاڻ انهيءَ لفظ تي هري ويا آهيون. لفظ ’قوم‘
سان مسئلو اهو آهي ته اهو گهڻين معنائن ۾ ڪتب آندو
ويو آهي. انهيءَ لفظ جي هڪڙي عام معنيٰ آهي ۽ ٻي
خاص معنيٰ آهي. انگريزيءَ ۾ ان لاءِ بنهه چٽو ۽
طئه ٿيل لفظ آهي “Nation”.
انهيءَ لفظ جي خاص معنيٰ مان ڪي نقصان نه پهتا
آهن، پر انهيءَ جي عام معنيٰ ڪيترائي فساد ۽ جهيڙا
بکيڙا پيدا پئي ڪيا آهن. ڇاڪاڻ ته عام معنيٰ سان،
سماجي سطح تي، ڪيترائي غلط تصور موجود آهن، جيڪي
پنهنجي حتمي نتيجي ۾، عام ماڻهن ۾ نفاق ۽ دوريون
پيدا ڪن ٿا. ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جو دشمن بڻائين
ٿا، نفرتن جا ٻج ڇٽين ٿا، پر انهيءَ لفظ جي خاص
معنيٰ ماڻهن ۾ ايڪتا پيدا ڪري ٿي، انهن ۾ پيار ۽
محبت کي جنم ڏئي ٿي ۽ انهن کي هڪٻئي سان سلهاڙي
ڇڏي ٿي.
يورپ ۾ انهيءَ لفظ يعني “Nation” بابت
ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ بنهه واضح راءِ قائم
ڪئي ويئي ۽ ان ۾ هڪ خاص تصور کي جائتو ڪيو ويو.
قوم جي تصور جا معيار ۽ ماپا مقرر ڪيا ويا. اسان
وٽ هتي ’قوم‘ جي استعمال تان وڏا وڏا اختلاف پيدا
ٿيندا رهيا آهن. مثال طور پاڪستان ۾ هڪ مخصوص مفاد
کي سامهون رکندي، انهيءَ لفظ جو استعمال ڪيو پئي
ويو آهي. انهيءَ لفظ جي علمي ۽ طئه ٿيل معنيٰ کي
ڇڏي، ان جون هٿ ٺوڪيون معنائون ظاهر ڪيون پئي ويون
آهن ۽ عام خلق مٿان مڙهيون ويون آهن. انهيءَ هڪ
لفظ جي غلط استعمال، هن ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائي
ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ هڪ لفظ جي غلط واهپي ڪرڻ وسيلي،
هتي ڪيترن ئي قومن کي قيد ڪيو ويو آهي. اِتان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته انهيءَ رڳو هڪڙي لفظ جو
غلط استعمال ڪيترا وڏا نقصان، اهنج ۽ آزار کڻي آيو
آهي.
اڳ ئي اها ڳالهه اچي چڪي ته اهو لفظ – ’قوم‘
اصل ۾ عربيءَ سان تعلق رکي ٿو. پاڻ عربيءَ ۾ ان
جون گهڻيون ۽ ڌار ڌار معنائون آهن، يعني هڪ کان
وڌيڪ آهن. اسين جيئن ته علمي نوعيت جي ڳالهه پيا
ڪريون، انڪري ’قوم‘ لفظ کي انگريزيءَ جي لفظ “Nation” واري
خاص معنيٰ طور ڏسنداسين، جيڪا سمجهه ۾ ايندڙ آهي ۽
جديد علمي بنيادن تي بيهاريل آهي. اهو واقعو، جيئن
مٿي ڄاڻايو ويو، ارڙهين صديءَ عيسويءَ جي پڇاڙيءَ
جو آهي. ان جو مطلب آهي ته يورپ ۾، اهو لفظُ،
انهيءَ واقعي کان اڳ، پنهنجي خاص معنيٰ ۾ ڪتب نه
ايندو هو، انڪري ان لفظ جي معنيٰ ۽ مطلب کي طئه
ڪرڻو پيو، ته جيئن نفاق ۽ انتشار جي ڪا به گنجائش
باقي نه رهي، پر اهو لفظُ اسان وٽ رياستي سطح تي ۽
پڻ پنهنجي سنڌي اندر، پنهنجي خاص معنيٰ ۾ طئه ڪيو
وڃڻو آهي، جنهن لاءِ پاڻ هيترا جتن پيا ڪريون.
انسان گڏجي ڪيئن ۽ ڪڏهن قوم ٿين ٿا، ان لاءِ اسان
کي تاريخ کي ڏسڻو پوندو.عام طرح چيو پئي ويو آهي
ته انسان هڪ سماجي جانور آهي، سا ڳالهه درست آهي.
انسان جو حيوانن سان گهڻو واسطو رهيو آهي. اهو
حيواني زندگيءَ مان ترقي ڪري انساني صورت ۾ آيو ۽
گڏجي گذارو ڪرڻ لڳو. هُو سماج ٺاهي، جانورن کان
الڳ ٿيو. شروع ۾ گهرڙو يا اجهو اڏيائين. پوءِ ڪٽنب (family)،
پوءِ خاندان گڏجي قبيلا ٿيا. انسان کي پنهنجي
اوائلي زماني ۾ ايترو ساز و سامان ۽ سهولتون موجود
نه هيون، جيتريون اڄ اسان کي ميسر آهن. شروع ۾
انسان گروهن ۽ ٽولن ۾ پيو ڦرندو هو، رلندو ۽
ڀٽڪندو ۽ شڪار ڪندو هو. ان کان پوءِ گڏجي رهڻ،
طبعي ناسازگار حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل
رٿابندي، پوکي ڪرڻ، ڪاٺي ۽ پٿر جي اوزارن جي
استعمال ڪرڻ وسيلي نيم سڌريل سماج ۾ داخل ٿيو.
شڪار کان پوءِ انهيءَ مڇي مارڻ ۽ مال ڌارڻ جي ڪرت
به سکي ورتي. هتي هيءَ شيءِ به چٽي هجي، ته
قبيلائي سرشتي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ انسان غير طبقاتي
سماج ۾ زندگي گذاريندو هو. ان وقت تائين ڏاڍي ۽
هيڻي جا تصور اڃا نه اُسريا هئا. ڪنهن کي به ڦري
يا ڇني کائڻ جي عادت اڃا نه پئي هئي. هر ڪنهن
برادريءَ جا سڀ ماڻهو گڏجي پورهيو ڪندا هئا،
پنهنجي گذاري ۽ جيئڻ جو سامان پيدا ڪندا هئا ۽
اهڙو سامان ۽ وسيلا سڄي برادريءَ جي ملڪيت هوندا
هئا. اهو اوائلي اشتراڪي سماج هو. جڏهن ننڍيون
ننڍيون برادريون يا ماڻهن جا گروهه، وڏن گروهن
يعني قبيلن ۾ تبديل ٿيا ته ڏاڍن قبيلن هيڻن قبيلن
کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ائين
غلاميءَ جو وجود پيو. اهو غلاميءَ جو دؤر گهڻي وقت
تائين جاري رهيو. سگهارا قبيلا هيڻن کي غلام بنائي
وٺندا هئا ۽ قبيلي جو سردار به ان کي چونڊيو ويندو
هو، جيڪو جسماني طرح وڌيڪ سگهارو هجي، بهادر هجي.
ائين اتان سورهيائيءَ جو تصور اڀريو.
هيءَ جيڪا پاڻ حياتي آهي، انهن بابت به ڏاهن ماڻهن
سوچيو آهي، ڳالهايو ۽ لکيو آهي. ڪم جون ڳالهيون
ڪيون آهن، عالم چون ٿا ته شروع شروع ۾ ساهوارين
شيون اٽڪل 100 ڪروڙ ورهيه اڳي ڌرتيءَ تي وجود ۾
آيون. اهي ساهواريون شيون ننڍڙيون، ڪنئريون ۽
ساديون هيون. اها حيات هڪ جيوگهرڙي (Single
Cell) جي
ٺهيل هئي، ۽ اها پاڻيءَ ۾ پئي ترندي هئي. وقت
گذريو انهيءَ حيات اوڀڙ ورتي، ٿورا وڏا ٻوٽا ۽ ٻيا
ساهوارا اسريا ۽ اڳي کان بهتر ٿيا. انهن مان ڪن
ٻاهر ڌرتيءَ تي اچڻ شروع ڪيو. تنهن
کان پوءِ ڀانت ڀانت شڪلين ۽ صورتن جا انيڪ ۽ اڻ
ڳڻيا جيت، مڇيون، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿيا.
اهڙيءَ ريت ساهوارن جي ارتقا اڳتي وڌي ۽ ڪي ڏهه
ڪروڙ ورهيه اڳي ڊائنوسار پيدا ٿيا، جيڪي غيرمعمولي
وڏا جانور هئا. انهن مان ڪي ته سئو سئو فٽ ڊگها
هئا، اهي هوريان هوريان گم ٿيا، سندن جاءِ گرم رت
وارن جانورن ورتي، جن کي پاڻ ”کير پياريندڙ
ساهوارا“
چئون ٿا. پوءِ اٽڪل ڏهه لک ورهيه اڳي پهريون سچو
پچو انسان نمودار ٿيو. 70 لک ورهين کان 40 لک
ورهين تائين ڀولڙي سان مشابهت رکندڙ جانور ترقي
ڪري، پاڻ جهڙن ٻين جانورن کان اڳتي نڪري آيو. ان
کي ’چپنزي‘ چيو وڃي ٿو، اهو ئي اڳتي هلي انسان ۾
تبديل ٿيو.
اهڙيءَ ريت، ارتقا جوجيڪو سلسلو شروع ٿيو هو – هڪ
گهرڙي واري ساهواري کان، اهو ٻن گهرڙن، پوءِ گهڻن
گهرڙن وارن جاندارن تائين وڌي هليو. نيٺ اهڙن
جانورن منجهان چمپنزي (هڪ خاص قسم جو ڀولڙو) پيدا
ٿيو. جنهن کي انساني شبيهه نما ٿيڻ ۾ 30 لک سال
لڳا. ارتقا جون اهڙيون ڪڙيون ڳوليون ويون آهن،
مختلف علائقن ۾ ڪي ڍانچا هٿ ڪيا ويا آهن. ان ۾ هڪ
ڍانچو چين مان لڌو ويو آهي، جنهن کي ”پيڪنگ مئن“
ڪري چون ٿا. ساڳئي نموني هڪ ڍانچو ڏکڻ آفريڪا مان
لڌو ويو آهي. يورپ مان به اهڙو ڍانچو مليو آهي.
چين جي گاديءَ واري هنڌ ڀرسان هڪ غار مان اهڙو
انساني ڍانچو هٿ آيو آهي، ان جي ڄمار جو عرصو ستن
لکن ورهين کان ٻن لکن ورهين تائين ڄاڻايو ويو آهي.
پر ٻه لک سال اڳ وارو اهو ڍانچو به اهو ثبوت نٿو
ڏئي ته ڪو اهو اسان جهڙو پورو انسان هو. اهو به
اڃا حيوان هو، پر ماڻهوءَ جهڙو به برابر هو.
اهڙيءَ ريت پٿر جي زماني کان نئين پٿر جي زماني
تائين ۽ ان جي مختلف دورن ۾ سماجي ارتقائي آهي،
جنهن سان انساني ارتقا به ڳنڍيل آهي. اهو عرصو 10
لک ورهين کان هڪ لک ورهيه قبل مسيح ۽ پوءِ هڪ لک
ورهين کان 40 هزار ورهيه قبل مسيح، 40 هزار ورهين
کان 10 هزار ورهين تائين پکڙيل آهي. انساني سڀيتا
وارو زمانو 10 هزارن ورهين کان هيٺ لهندي 5 هزار
ورهين تائين چيو وڃي ٿو. انهيءَ ڏس ۾ منهنجي سڄڻ،
پياري دوست ۽ عالم محمد حسين پنهور هڪ گهڻو
پيرائتو مضمون ''Man
in Sindh-Stoneage to neolithic" (ايم.ايڇ.پنهور)
لکيو آهي،جيڪي پڙهڻ وٽان آهي. ان ڄاڻايو آهي ته 50
لک ورهين کان هڪ لک 20 هزار ورهيه ق.م تائين ڏاکڻو
باندر نما انسان
(Australopithecus) موجود
هو، جيڪو اوائلي پٿر جا اوزار ڪم آڻيندو هو. جڏهن
ته پيرن تي بيٺل اڀو انسان نما باندر (Home
Erectus) 12لک
ق.م ورهين کان 10 لک ورهيه اڳ تائين موجود هو.
انهيءَ اڀي انسان نما باندر جون مختلف ارتقا ئي
شڪليون رهيون آهن. جن مان هڪ جو ذڪر مٿي ٿي چڪو،
جنهن کي پيڪنگ وارو انسان (Paking
man) چيو
وڃي ٿو، اهو 4 لک 50 هزار ق.م ورهين کان 4 لک ق.م
ورهين تائين موجود هو. ان کان اڳ جاوا ماڻهو (Java
man) 5
لک 15 هزار ق.م ورهين کان 3 لک 50 هزار ق.م ورهين
تائين موجود هو. ان کان پوءِ ماريطانيا
جو ماڻهو (Mauritanicus
man) ۽
هينڊلبرگ ماڻهو
(Hiendelburg
man) وغيره
موجود هئا. تنهن کان پوءِ اسان جو جديد ماڻهو هومو
سيپيئنس (homo
Sapiens) نمودار
ٿيو ان قسم جو ماڻهو نيدر لئنڊ، روڊيشيا ۽
ڪروميگنن ۾ موجود هو.
انسان سماج کان اڳ توڻي پوءِ واري زماني ۾ قدرت
سان لڳاتار رابطي ۾ رهيو. سماج کان اڳ وڌيڪ فطرت
جي ويجهو هو؛ ۽ سماج کان پوءِ ڪجهه گهٽ، ڇاڪاڻ ته
ان جي سماج اندر ڪمن ۽ ذميوارين ۾ واڌارو اچي ويو
هو، پر ان هوندي به فطري نظارن، تبديلين ۽ ان جي
آفتن توڻي رحمتن تي هن غور ويچار پئي ڪيو هو؛ ۽ اڄ
به ڪري پيو. اوائلي انسانن منجهان ڪن ۾ سمجهه جي
قوت گهٽ هوندي هئي ۽ ڪي وري وڌيڪ ڏاها هوندا هئا؛
جيڪي پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي فطرت يا قدرت جي رمزن
کي سمجهه جي سلسلي ۾ مدد ڪندا هئا. مثال طور ڌرتي
ڇو ٿي ڌڏي، مينهن ڇو ٿا پون، اوچتو ئي باهه ڇو ٿي
لڳي وڃي وغيره. وڌيڪ سمجهه رکندڙ انسان يا انسان
پنهنجي طور تي ڌُڪا هڻندو هو/هڻندا هئا، ۽ قدرتي
لقائن، آفتن ۽ تبديلين کي انسان کان وڌيڪ سگهاريون
قوتون قرار ڏيندا هئا ۽ دعوا ڪندا هئا، ته انهن
قوتن سان سندن ويجهڙائي آهي. اهڙيءَ ريت انسان ۾
وهم، وسواس يا وسوسن جي ور چڙهيو ۽ پاڻ کان پري،
پنهنجي وس کان ٻاهر ۽ غالب قدرتي لقائن، تبديلين ۽
آفتن کي پوڄڻ شروع ڪيو. انهيءَ مختلف ديوتا ٺاهيا،
مثال طور ڌرتيءَ کي ڌوڏيندڙ ديوتا، مينهن وسائيندڙ
ديوتا، باهه لڳائيندڙ ديوتا ۽ ائين ٻيا انيڪ
ديوتا. مٿي سورهيائپ جو ذڪر ٿيو ۽ ان کان پوءِ ڏاهپ
جي اهميت کي به انسان سمجهيو ۽ مڃيو، پوءِ اها
انهيءَ زماني ۾ ڪهڙي به روپ ۾ هئي، خام ئي سهي،
ڪچي ئي سهي، اڄ جي مقابلي ۾ لکها ڀيرا گهٽ
ئي سهي، پر وهمن، وسوسن يا وسواسن جي صورت ۾ ئي
سهي، پر سورهيائيءَ سان گڏ ان اڀري سڀري ڏاهپ به
اوائلي انساني رهڻي ڪهڻيءَ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي
هئي، ڇاڪاڻ ته انسان سان، ان زماني ۾، رڳو ويڙهه
جو مسئلو لاڳو نٿي ٿيو، جو
رڳو جسماني طور سگهاري انسان جي گهرج کين پوي، پر
ٻيا به گهڻا روحاني، نفسياتي يا ذهني مسئلا ۽ سوال
هئا، جن جو هن جواب ٿي گهريو؛ ان لاءِ ان کي قبيلي
جي سڀ کان سمجهو ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي گهرج ٿي پئي،
اهڙا ماڻهو به هئا. هڪڙن پنهنجي جهڙي تهڙي سمجهه
وسيلي مسئلن جو ٿي ٻڌايو، ته ٻين ماڻهن جي
اٻوجهائپ جو فائدو پئي ورتو، انڪري انسانن کي وهمن
۽ وسوسن جي ور چاڙهي، کين استعمال ڪرڻ جو به رواج
پيو. اسين ڏسون ٿا ته اڄ به انسان انهن وهمن ۽
وسوسن ۾ گذاري ٿو، اڄ به ٽوڻا ڦيڻا ٿين ٿا، اڄ به
ماڻهن کي بيوقوف بڻايو وڃي ٿو. اڄ به غيب جا ڪرشما
ڏيکاريندڙ موجود آهن، جيڪي ڪجهه پڙهي شوڪاري مٿي
جو سور لاهڻ کان وٺي مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ ۽
مختلف انساني مسئلن کي، اتي جو اتي حل ڪرڻ جي دعوا
ڪن ٿا. اهڙي دعوا ڪري پاڻ کي ٻين مٿان مڙهي ڇڏين
ٿا يا حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پاڻ کي اڪابر ۽ ٻين
کي جاهل سمجهن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جي ڇپايل ڪتاب ”جادو ۽ سائنس“ ۾ ان قسم جو گهڻو
پيرائتو احوال آيل آهي.
بهرحال سورهيائي ۽ ڏاهپ سان گڏ ڌرم به پيدا ٿيو.
ڌرم معنيٰ غيب جي قوتن کي مڃڻ، انهن ۾ يقين رکڻ.
اهڙو ڪم ڪن خاص ڀوپي قسم جي انسانن ڪيو، ته جيئن
سندن رعب ۽ دٻدٻو ٻين مٿان ويهجي وڃي ۽ انسانن ۾
سندن وهوا قائم ٿئي. اهڙي وهوا کي ختم ڪرڻ ۾ يا ان
جي اثر کي گهٽ ڪرڻ ۾ سؤ سال نه، هزار سال نه، لک
سال نه، لکن جا لک سان لڳا آهن. بيماري ان زماني ۾
به هوندي هئي. انسان وحشي جانورن کان ڊڄندو هو،
انهن کان بچڻ به چاهيندو هو. ڪئين ڊپ ڊاءَ، خوف
خطرا هوندا هئا. ڊپ ڊاءَ سان گڏ بچاءَ جون اميدون
به هونديون هيون. شڪاري دؤر ۾ جڏهن انسان ٽولن جي
صورت ۾ شڪار ڪرڻ ويندا هئا ۽ طئه ڪندا هئا ته اڄ
هِن پاسي ٿا هلون. شڪار گهڻو ملندو. تڏهن ڪو کين
اچي چوندو هو ته اسين ٿا اوهان کي سمجهايون ته هن
پاسي ويندؤ ته شڪار هٿ اچي ويندو، پر جي ان کي
ڇڏي، هُن پاسي ويندؤ ته شڪار هٿ اچي نه سگهندوَ.
اهو انهيءَ ماڻهوءَ جو، ان زماني جي عقل ۽ سمجهه
پٽاندر هڪ اندازو هوندو هو. جڏهن اهڙو ڌڪو يا
اندازو صحيح نڪرندو هو ته ماڻهو دنگ رهجي ويندا
هئا ته کيس اها پروڙ ڪيئن پئي ته ڪو شڪار هن پاسي
نه، پر هُن پاسي آهي، پڪ سان انهيءَ وٽ غيب جو علم
آهي. اهڙيءَ ريت، اهڙن ڪن ماڻهن انساني عقل تي
ڌاڙي هڻڻ، ان تي قبضي ڪرڻ يا ان تي تسلط قائم ڪرڻ
جو هڪ سلسلو شروع ڪيو. پنهنجيون دعوائون قائم ڪيون
ته غيب جون قوتون اسان وٽ آهن، مينهن به اسين
آڻينداسون، باهه به اسين ٻارينداسون ۽
وسائينداسون، اوهان کي زمين کي ڌڏڻ کان به اسين
بچائينداسون وغيره. اهڙي سلسلي اڳتي هلي ڌرم جي
صورت ورتي، ۽ انهيءَ جي بنياد تي دعوائون قائم
ٿيون. پهريون ڀيرو ڌرم باقاعدي اداري جي شڪل ۾
اسرائيل جي ڌرتي تي قائم ٿيو، ان منجهان ٻيا به
ڌرم نڪتا، عيسائي ڌرم به ان جو ئي تسلسل آهي. ان
کان سواءِ قرآن شريف ۾ به اسرائيلي مذهبي ڪتاب ۾
بيان ٿيل پيغمبرن جو احوال آيل آهي. ان کان سواءِ
ٻيو مذهبي ادارو آرين قائم ڪيو، ان مان به ٻيون
مذهبي شاخون نڪتيون، جن مان برهميت يا هندو مت اهم
آهي، هندو مت مان وري ٻيون ڇاڙهون نڪتيون، جين ٻڌ
مت يا جيئن مت وغيره. جڏهن ته چين ۾ ڪنفيوشس جي
نالي ۾ مذهبي ادارو جڙيو ۽ ايران ۾ زردشتي مذهبي
ادارو ٺهيو. انهيءَ اداري ۾ ويساهه رکندڙ کي اسين
مجوسي يا باهه پرست سڏيون ٿا. اهڙيءَ ريت جاپان ۾
ٽي چار مذهبي ادارا قائم ٿيا.
انهن ڌرمي ادارن وري مختلف ڌرمي برادرين
(Religious brotherhoods) کي
جنم ڏنو.
اهڙين برادرين جي قيام کان پوءِ انسان ڌرمي سڳي
ڌاڳي ۽ عقيدي جي فرمانبرداريءَ جي دائري ۾ اچي
ويو. انهن ڌرمي برادرين کي مضبوط رکڻ ۽ انهن کي
وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ طاقت جي گهرج هئي. ڇاڪاڻ ته
هاڻي جادو ۽ منڊ، ٽوڻي ۽ ڦيڻي کان ڳالهه گهڻي وڌي
ويئي هئي. رڳو ڪرشمن ۽ معجزن جي بنياد تي، انهن
برادرين کي هلائڻ ۽ انهن ۾ عقيدي ۽ ايمان جي
پختگيءَ کي برقرار رکڻ هڪ ڏکيو مامرو هو. چوندا
آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. انهيءَ مصداق
اهڙين مذهبي برادرين کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ هڪ قوت
اڀري نروار ٿي، جنهن کي ”حاڪم“ چئجي ٿو يا جنهن کي
”شهنشاهه“ چئجي ٿو. انهيءَ حاڪم يا شهنشاهه اهڙين
ڌرمي برادرين کي پنهنجي سگهه وسيلي پاڻ کي زمين تي
”آسمان“ يا غيبي قوتن جو نائب سڏرايو- ان اهڙي
دعوا ڪئي به ۽ مڃرائي به. گهڻا ته انهيءَ دعوا کان
به گهڻو اڳتي نڪري ويا.
انهن حاڪمن يا شهنشاهن، پنهنجيون شهنشاهتون (Empires) قائم
ڪيون. مثال طور يونان منجهان سڪندر (ذوالقرنين)
پيدا ٿيو. جنهن کي سڪندر اعظم جي نالي سان سڏين
ٿا. عيسوي سن کان ٽي چار سئو ورهيه اڳي، جنهن
پنهنجين فتحن جو سلسلو شروع ڪيو. هن سڄيءَ دنيا کي
فتح ڪرڻ جو خواب ٿي ڏٺو ۽ اهڙو وڏو خيال ٿي پاليو.
ان کان سواءِ يهودي مذهب ۽ ان جي ٻين شاخن مان به
حاڪم ۽ شهنشاهه پيدا ٿيا. انهن حاڪمن ۽ شهنشاهن کي
پنهنجي حاڪميت ۽ شهنشاهيت کي برقرار رکڻ لاءِ مذهب
جي گهرج پئي، ٻئي پاسي مذهبي دعويدارن کي مذهبي
برادرين کي پنهنجي فرمانبرداريءَ ۾ رکڻ لاءِ طاقت
جي گهرج هئي، اها گهرج حاڪم يا شهنشاهه پوري پئي
ڪئي. اهڙيءَ ريت شهنشاهيت ۽ /يا حاڪميت جو ڌرمي
اداري سان سٻنڌ يا مستقل مفاد جڙيو. انهن ٻنهي ملي
ماڻهن کي عقيدي يا فرمانبرداريءَ ۽ سگهه وسيلي
قبضي ۾ رکيو. اڳتي هلي ڌرم ۽ شهنشاهيت ملي شهنشاهي
گهراڻن (Dynasties) کي
جنم ڏنو. مثال طور هندستان ۾ مغل شهنشاهي گهراڻو
پيدا ٿيو، انهيءَ گهراڻي ڪي اٺ يا ساڍا اٺ سئو سال
هندستان تي حڪومت ڪئي. يورپ ۾ رومن شهنشاهيت پيدا
ٿي. مصر ۾ فرعون جي شهنشاهيت پيدا ٿي.ائين ٻيون به
گهڻيون شهنشاهتون پيدا ٿيون، جن کي ڪنهن هڪ خاندان
جي فردن لڳاتار –هڪٻئي
پٺيان سنڀاليو. انهيءَ زماني کي، سماجي ارتقا جي
خيال کان، شهنشاهي گهراڻن جو زمانو چيو وڃي ٿو. ان
۾ اسلام جا شهنشاهي گهراڻا به اچي ويا وڃن. اشوڪا
شهنشاهي گهراڻو، رومن شهنشاهي گهراڻو، (جڏهن پوپ
سڄي ملڪ جو والي وارث هوندو هو)، زردشتي ڌرم جي
بنياد تي ايراني شهنشاهي گهراڻو وغيره، ان سلسلي
جا ڪجهه مثال آهن.
هاڻي ڳالهه اتي اچي بيٺي ته شروع ۾ انسانن جا رولو
۽ شڪاري ٽولا بڻيا، اتان اهي ڪٽنب جي تنظيم ۾ آيا،
پوءِ قبيلي جي تنظيم ۾، تنهن کان پوءِ انسانن جا
اهي انبوهه غلامداري نظام هيٺ آيا، انهن جو هڪ آقا
مقرر ٿيو. ڌرم اسريا، ڌرمي برادريون پيدا ٿيون.
مذهبن پنهنجي بقا لاءِ شهنشاهتون يا حاڪميتون پيدا
ڪيون. اُتان وري شهنشاهي گهراڻا پيدا ٿيا.
تيستائين ايندي ايندي انسان گهڻو ڪجهه سکيو ۽
پرايو. مثال طور انهن گهر ٺاهيو، اڳي کان بهتر ۽
سهوليتن ڀريا اجها ٺاهيا، انهن کاڌي پيتي جي سلسلي
۾ به سڌارو آندو ۽ رڌ پچاءَ جو ڪم شروع ڪيو، ان
پوشاڪ ٺاهي، پهرڻ شروع ڪئي. انڪري انسان هاڻي نه
ته وحشي رهيو ۽ نه وحشي نما، پر سماج ۾ ان پنهنجي
جاءِ جوڙي، فطري وايي منڊل هوندي، پنهنجي الڳ
حيثيتَ، شعور ۽ ارادي جي بنياد تي، جوڙي ورتي.
انهن مٿين مڙني شين کان مٿي هيءَ ڳالهه آهي ته
انسان ٻولي به گهڙي ۽ ٺاهي ورتي، جتي جتي به،
انسان رهيو پئي، انهي ايراضيءَ جي الڳ ٻولي. اها
ٻولي به انساني پورهيي جي هڪ شڪل آهي، جيڪا هن
پاڻ، پنهنجي گهرج پٽاندر، ٺاهِي، گهڙِي ۽ وقت
هلندي، ان ۾ تبديليون ۽ واڌارا سڌارا آڻي، ان کي
وڌيڪ بهتر بنايو. انهيءَ سڄي عرصي ۾، انسان ٻوليءَ
وارو پورهيو ئي نه ڪيو، ان ٻيا به پورهيا ڪيا، ۽
پاڻ کي بهتر کان بهتر سماجي حالتن ۾ آڻڻ جي ڪوشش
ڪئي. ٻوليءَ کان سواءِ انسان سماجي پورهيا هئا:
ذهني پورهيو، جسماني پورهيو ۽ سماجي پورهيو.
ٻوليءَ واري پورهيي مان هن پنهنجي زبان وسيلي،
پنهنجي ذهن جي خيالن، راين، سهمت پڻي، اختلاف،
خواهشن ۽ خوابن کي اظهارڻ سکيو. ڏک سک ونڊڻ سکيو.
جسماني پورهيي مان هن شيون ٺاهيون ــ گهڻيون ۽
انيڪ، ذهني پورهيي وسيلي شعور ڳولي هٿ ڪيو ۽ شعور
کي مختلف شڪليون ڏنيون ۽ سماجي پورهيي مان سماج
تخليق ڪيو ۽ ان کي بهتر ۽ رهڻ جوڳو
(Livable) بنايو،
پر سماج کان پوءِ، ٻئي نمبر تي، ٻولي ئي سندس عظيم
تخليق طور ڳڻي ويئي آهي.
هاڻ اچون ٿا وري انهيءَ ڳالهه تي. شهنشاهي گهراڻا
مذهبي برادريءَ جي بنياد تي، پنهنجي پنهنجي
ايراضيءَ تي دعويٰ قائم ڪرڻ لڳا. انهن پنهنجو
پنهنجو الڳ جاگرافيائي دائرو ٺاهيو. دعوائون ٿيون
ته هيءَ ايراضي مسلمانن جي آهي. هيءَ ايراضي آريا
مذهب سان تعلق رکندڙن جي آهي. هيءَ عيسائي مذهب
وارن جي ايراضي آهي. اهڙيءَ ريت سماج ۾ هڪ تنظيم،
مذهبي برادرين جي بنياد تي پيدا ٿي. هر ڪنهن
پنهنجي پنهنجي زمين جي دعوا داخل ڪئي. ساڳئي وقت
شهنشاهتن ۽ شهنشاهي گهراڻن جي حڪومتن اندر داخلي
ڀڃ ڊاهه جو سلسلو به شروع ٿيو. نه رڳو ايترو پر
بادشاهتن، حاڪميتن ۽ شهنشاهتن جو، پاڻ ۾ ٽَڪر به
ٿيو. چٽاڀيٽي ۽ مقابلي واري صورتحال پيدا ٿي. ان
ڏس ۾ مغل شهنشاهت جو مثال اسان وٽ موجود آهي. جڏهن
ڪنهن بادشاهه جي ڄمار جا ڏينهن پورا ٿيندا هئا ۽
هو بادشاهي يا حڪمراني ڪرڻ لائق نه رهندو يا
مرڳوئي مري ويندو هو ته پوئتان سندس اولاد پاڻ ۾،
حڪمرانيءَ جي دعوا يا حڪمرانيءَ جي حصي تان وڙهي
پوندو هو. پوءِ فيصلو ڪيو ويندو هو: بنگال وارو
حصو تنهنجو، سنڌ وارو پرڳڻو تون کڻ، افغانستان ۾
وڃيِ تون راڄ ڪر. اهڙيءَ ريت شهنشاهي گهراڻن
واريون ايراضيون ورهائجنديون ويون ۽ ننڍيون ننڍيون
ايراضيون وجود ۾ آيون.
ايراضين جي اهڙي ورهاست جڏهن ڪڏهن جاري رهندي پئي
آئي، جڏهن غلاميءَ وارو دور هو، تڏهن به انسان
ڪنهن نه ڪنهن جوءِ ۾ رهندو هو، ڪنهن نه ڪنهن
ايراضيءَ ۾ رهندو هو ۽ ايراضيءَ ۾ ورهاڱو به جاري
رهندو هو. ڌرمي برادرين واري دؤر ۾ به اهو سلسلو
جاري رهندو آيو.
بهرحال، سلطان شاهيءَ جي دؤر ۾ سلطان پنهنجي پاڻ ۾
وڙهڻ جهڳڙڻ لڳا، پنهنجيون سلطنتون ڌار قائم ڪرڻ
لڳا. ٺيڪ انهيءَ موقعي تي يورپ ۾ هڪ نئين ڳالهه
پيدا ٿي، جتي اڳي شهنشاهي راڄ هئا، غلام داريءَ
هيٺ برادريون هيون يا جيڪا مضبوط جاگيرداري هئي يا
جيڪي ڌرمي برادريون هيون، انهن هروڀرو نه سنئين
ليڪ تي سفر نٿي ڪيو. اهڙن سماجن ۾ داخلي تضاد
موجود هئا، ڪي حق کان محروم هئا، ڪي امير ٿي پوندا
هئا ته وري ڪي مفلس. مطلب سکيا ۽ ڏکيا، ٻنهي قسمن
جا ماڻهو انهن راڄن توڻي سماجن ۾ رهندا هئا. جيئن
اڄڪلهه سماجي اڻبرابري آهي، سا تڏهن به هوندي هئي.
هيڻا ظلم ۽ ڏاڍ خلاف بغاوتون برپا ڪندا هئا.
غلاميءَ واري دؤر ۾ ته مذهبي برادرين واري دؤر ۾
به. ٻئي پاسي ڏاڍا ماڻهو انهيءَ ڪوشش ۾ هوندا هئا
ته هيڻا بغاوتون نه ڪن، فرمانبردار رهن. اسان جيڪي
ڳالهه ڪريون ٿا، اها هيڻا ماٺ ميٺ ۾ مڃين. اسان جي
چئي آکئي ۾ هجن، پر انسانن ۾ - هيڻن انسانن ۾
آزادي، حقن ۽ مفادن جي ٿوري يا گهڻي سمجهه هئي،
جيڪا کين بغاوتن ۽ شورشن تي اُڪسائيندي هئي.
اهڙيءَ ريت شهنشاهن ۽ بادشاهن خلاف بغاوتون ٿيون،
سندن اميرن ۽ گماشتن خلاف بغاوتون ٿيون. جيئن اسان
وٽ آهن، تيئن ڪي نواب، اميرزادا، سردار، ڪي
زميندار ۽ جاگيردار يورپ ۾ پڻ هئا. پاڻ پنهنجي ملڪ – مملڪت
خدادا پاڪستان ۾ ڏسون ته به هيڻي ڏاڍي وارو فرق
موجود آهي. ڏاڍا ماڻهو يا حاڪم ماڻهو پنهنجا حواري
۽ گماشتا رکن ٿا، جيڪي سڄو وقت وتندا حاڪمن جا ڳڻ
ڳائيندا عام ماڻهن کي وتندا ڀلائيندا ۽ ڀٽڪائيندا
ته جيئن اهي فرمانبردار رهن، ڪابه بغاوت يا شورش
برپا نه ڪن.
هيڻن ماڻهن جي ڏاڍن ماڻهن سان مهاڏي اٽڪائڻ جو هر
دور ۾ امڪان رهيو آهي، اڄ به آهي. پر هيڻا ماڻهو
پاڻ اڪيلي سر وڙهي نه سگهندا آهن. انهن کي هر
زماني ۾ ڪنهن قيادت، ڪنهن تنظيم جي گهرج هوندي
آهي. هيڻن ماڻهن جا مفاد پنهنجي ئي طبقي سان جڙيل
هوندا آهن. انهن مفادن جي هڪجهڙائيءَ جي ڪري، اهي
هڪٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن. مثال طور: غلام داري
دور ۾ جهڙيءَ ريت هر ڪنهن آقا جي هلت چلت ۽ غلامن
ڏانهن اختيار ڪيل رويي ۾ هڪجهڙائي هئي، ٻئي پاسي
غلامن مٿان ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ۽ ان جي ٿيندڙ استحصال
سبب، انهن جي مسئلي ۾ هڪجهڙائي هئي. انهيءَ مسئلي
جي هڪجهڙائيءَ سبب اهي يڪ مشت هئا. مذهبي برادرين
واري دؤر ۾ مذهب جي معاملي تي ماڻهو يڪ مشت هئا.
بادشاهتن ۾ عام ماڻهو، رعيت جي حيثيت ۾، يڪ مشت
هئا. اها هيڻن، ڪمزورن، محروم، مظلوم ۽ غلام ماڻهن
جي مفادن جي هڪجهڙائي ئي هئي، جنهن انهن ۾ يڪ مشتي
(مِڙي مٺ ٿيڻ واري حالت) پيدا ڪئي. انهيءَ بنياد
تي اهي پنهنجن آقائن، جاگيردارن، بادشاهن، حاڪمن
سان وڙهيا.بغاوتون ۽ شورشون برپا ڪيائون. اها يڪ
مشتي ئي انهن جي سگهه هئي/آهي. ان ۾ ئي سندن نجات
۽ ڇوٽڪارو هو/آهي.
ائين اهي معاملا وڌندا رهيا. دؤر اڳتي وڌندا آيا،
هيڻي ۽ ڏاڍي ۾ مقابلو به رهندو آيو، هيڻن پنهنجيءَ
تنظيم تي زور ڏنو، ڏاڍن ان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
دؤر مٽيا، عام خلق جو ذهن مٽيو. انهن جي سوچ مٽي،
هڪ ايراضيءَ ۾ رهندي انهن پنهنجي پاڻ کي ٿانيڪو
ڪيو ۽ اتيئي ئي رهندي، پنهنجي طبقاتي ۽ انساني حقن
لاءِ ميدان ٺاهيائون، کٽڻ جا امڪان ۽ سامان پيدا
ڪيائون. تنهن هوندي به ان کي هڪ گڏيل بنيادي سڃاڻپ
جي گهرج محسوس ٿي، ته جيئن اهي پنهنجي انفراديت کي
مڃرائي سگهن. وٽن ايراضي ته نه هئي، پر ان کان
نياري ڪا شيءِ اڃا به کين گهربل هئي، جيڪا سندن
سماجي تنظيم کي پورڻتا سان نوازي، اها کوٽ نيٺ
انسان پوري ڪئي ۽ اهي ٻوليءَ جي بنياد تي سهمت
ٿيا. ٻولي سندن انفراديت کي پورڻتا بخشي، ان بنياد
تي ڪنهن ايراضيءَ ۾ رهندڙ انسانن- هيڻن توڻي ڏاڍن-
۾ اتفاق ٿيو. ٻوليءَ جي معاملي تي اهڙي اتفاق
وسيلي سماج ۾ ماڻهن جي تنظيم جو هڪ وڏو مرحلو طئه
ٿي ويو.
ارڙهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾، يورپ ۾ بادشاهن خلاف
بغاوت جو سلسلو شروع ٿيو. ان وقت تائين ملڪ ٺهي
راس ٿي چڪا هئا، جاگرافيائي حدبندين جو پڻ تعين ٿي
چڪو هو. اهڙيءَ ريت يورپ ۾ 1789ع ۾ فرينچ انقلاب
جنم ورتو. انهيءَ کان اڳ انگريزن خلاف آمريڪا ۾
بغاوت ٿي چڪي هئي. انهيءَ بغاوت جو بنياد ٻه شيون
هيون- ٻولي ۽ ايراضي. انهيءَ بنياد تي آمريڪين پاڻ
کي قوم تصور ٿي ڪيو ۽ اُهي انگريزن جي حڪمرانيءَ ۽
عملداريءَ خلاف اٿي کڙا ٿيا، جنهن ۾ سوڀارا ٿيا.
فرينچ انقلاب يورپ مان جاگيرداريءَ جي پاڙ اکوڙي
ڇڏي، هيڻن پنهنجي سگهه، همت ۽ حوصلي سان ظالمن
سان، ڏاڍن سان ويڙهه ڪئي ۽ ڪامياب ٿيا. فرينچ
انقلاب جا به بنيادي محرڪ ٻولي ۽ ايراضي رهيا.
انهيءَ انقلاب وسيلي يورپ، هڪ نئين دور ۾ داخل
ٿيو، اتي جديد نمائندگي يا عيوضائپ واري جمهوريت
جا بنياد پيا ۽ اها انساني ارتقا جي تاريخ ۾ ۽ پڻ
انسان جي فڪر جي اوسر جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏي
ڪاميابي ۽ سوڀ هئي. هيڻن پهريون ڀيرو پنهنجي حقيقي
انساني ۽ سماجي حيثيت مڃائي. انهيءَ انقلاب کان
پوءِ قومي رياستن (Nation
States) جو
تصور پيدا ٿيو ۽ قوم جي ترڪيبي جزن ۾ ٻولي ۽
ايراضيءَ کي بنيادي ۽ لازمي حيثيت ڏني ويئي، ان
کان سواءِ ڪي ثانوي ترڪيبي جزا به هئا. پر قومي
رياستن ۽ قومن جي بناوت مان ڌرم جي عنصر کي ٻاهر
رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ تفرقا پيدا پئي ڪيا،
انهيءَ ڏس ۾ يورپي ماڻهن کي ڪليسا جي ڏاڍ ۽ جبر جو
هڪ وسيع تجربو پڻ هو. بهرحال واقعو هيئن ٿيو ته
بادشاهتن ۽ سلطنتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو ۽ عام خلق
پنهنجو عوامي راڄ قائم ڪيو. يعني جمهوريت جو دؤر
آيو. يعني بادشاهي ۽ جاگيرداري دؤر کي ڊاهي، ختم
ڪري، ڪنهن ايراضي ۾ رهندڙ ماڻهن، ”هڪ وطن“ جي
حيثيت ۾، ”هڪ ٻولي“ جي ڳالهائيندڙن جي حيثيت ۾، گڏ
ٿي، ڌرم کي قومي دائري کان ڪڍي، ان کي شخصي آزادين
جي خاني ۾ رکي، پنهنجو راڄ، ”پنهنجي مرضيءَ“ سان
لاڳو ڪيو. انهيءَ انقلاب کان پوءِ ڌرم جي انساني
اتحاد، برابري ۽ برادريءَ ۾ ڪا گهڻي گهرج محسوس نه
ڪئي ويئي. جيئن مٿي بيان ٿي چڪو ته ڌرم هاڻي تفرقا
پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي پيو هو. شروعات ۾ اهو،
تاريخ هڪ جي هڪ زماني ۾، انساني تنظيم جو هڪ وسيلو
ٿي رهيو هو، پر پوءِ ان پنهنجي اهڙي حيثيت وڃائي
ڇڏي، يورپ ۾ عيسائيت جيڪي ظلم ڪيا، انهن کي اڄ به
اونداهو دؤر (Dark
ages) سڏيو
وڃي ٿو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ هزار سالن تائين جاري رهيو،
جنهن مان نڪرڻ ۽ روشنيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ يورپي
ماڻهن کي وڏو جُهد ڪرڻو پيو ۽ انهن گهڻيون ئي
قربانيون ڏنيون.
يورپ ۾ هونءَ ڪيترائي ڏاها ۽ مفڪر پيدا ٿيا آهن،
جن پنهنجن پنهنجن زمانن تي گهرا ۽ اثر ڇڏيا. جن جي
ڪم، عمل ۽ ڪردار هيڻن کي فائدو ڏنو، جن انساني
شعور کي وڌڻ ويجهڻ لاءِ نوان ڏس ۽ گس ڏنا. اهڙآ
ڏاها، عقلمند ۽ عالم ماڻهو غلاميءَ واري دؤر ۾ به
پيدا ٿيا، مذهبي برادرين واري دور ۾ به پيدا ٿيا.
مختلف تحريڪن، تبديلين جي زماني ۾ به پيدا ٿيا ۽
انهن کان پوءِ به پيدا ٿيندا رهيا آهن، پر هتي آءٌ
خاص طرح ٽن ماڻهن جا ذڪر ڪرڻ گهران ٿو.
انهن ٽنهي مان پهريون آهي ميٿيو آرنلڊ (1822ع کان
1888ع) ٻيو آهي جان رسڪن (1819ع کان 1900ع) ٽيون
آهي ٿامس ڪارلائل (1785ع کان 1881ع) انهن ٽنهي کي
علمي دنيا ۾ سماجي نقادن (Social
Critics) جي
حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هونءَ ته علم جا اڪابر
هئا، ڪيترن ئي علمن ۾ ڀڙ هئا، پر سندن سماجي نقاد
واري حيثيت کي وڌيڪ مڃيو ۽ تسليم ڪيو ويو آهي.
انهن ٽنهي ڏاهن کي سماجي نقاد انڪري قرار ڏنو ويو
آهي، جو انهن سماجي ارتقا جي بنيادي سوالن کي
پنهنجي بحث جو موضوع بنايو، جهڙوڪ سماج ڇا آهي؟
سماج جي بناوت ڪيئن ٿيندي آهي؟ انسان سماجي ترقيءَ
جا ڪهڙا ڪهڙا ڏاڪا طئه ڪيا آهن؟ اڳتي ان کي ترقي
ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟ فرد ۽ سماج جو رشتو ڪهڙو آهي؟
سماجي تبديليون ڇا آهن ۽ ڪيئن ۽ ڇو اينديون آهن؟ ۽
ٻيا اهڙا انيڪ سوال جن سان انهن ٽنهي ليکڪن معاملو
رکيو آهي. انهن سماج جي ترقي ڪري رياست تائين پهچڻ
۽ رياستي عملي اظهار-حڪومت جي طريقيڪار تي به بحث
ڪيو آهي ته ان سان گڏ، انهن سوالن تي به ويچاريو
آهي ته بادشاهي راڄ کي ختم ڪرڻ جي خواهش ڇو پيدا
ٿئي ٿي. انسان جيڪي پنهنجي طور تي حڪومتون قائم
ڪيون آهن يا اڳتي به قائم ڪرڻ گهري ٿو، انهن کي
ڪيئن هلائجي. انهن ڏاهن سماج جي خوبين ۽ خامين تي
ڳالهايو. ان جون ڪمزوريون ڄاتيون، ڪمزوريون ڄاڻي
انهن جا علاج تجويز ڪيا.
ميٿيو آرنلڊ هڪ ڪتاب لکيو ”سماج ۽ انارڪي“. انساني
ارتقا ۽ ان جي قوم بنجڻ تائين ڳالهه ٿي چڪي. قوم
جي خاص ۾ خاص معنيٰ بابت ڳالهه چٽي ٿي. اهو ذڪر به
ٿي چڪو ته ڪيترا نه ڊگها زمانا انهيءَ ارتقا ۾ لڳا
۽ اها ارتقا ڪهڙيءَ ريت مختلف لاهن چاڙهن مان
گذري.
ميٿيو آرنلڊ پنهنجي ڪتاب ”ڪلچر ۽ انارڪي“ ۾ ٻنهي
موضوع تي ڀرپور لکيو آهي.
’انارڪي‘ جي معنيٰ آهي ’نراج‘ ”نه + راڄ“ جتي راڄ
نالي ڪا شيءِ نه هجي. اهو سياسي اصطلاح آهي، جنهن
جو مطلب آهي. اهڙي رياست، جتي قانون نالي ڪا به
شيءِ نه هجي. جيئن اسين سنڌ ۾ چوندا آهيون: ”ادا
قانون نالي ڪا به شيءِ نه آهي.“ ”ملڪ ۾ ڪو داد
فرياد ناهي.“ يا ”مُلڪ ۾ قانون آهي ڪونه.“ ان جو
مطلب آهي ته ملڪ ۾ ’نراج‘ آهي. قانون جي ڪابه
حڪمراني نه آهي. ميٿيو آرنلڊ جو نقطو آهي ته انسان
لاءِ مهذب (Cultured) ٿي
رهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اهو ائين نه ڪندو ته پوءِ
اهو جيڪو عمل ڪندو، اهو نراجيت جي کاتي ۾ ويندو.
سندس چوڻ آهي ته ماڻهوءَ کي سماج ۾ ڪن ضابطن ۽
اصولن سان رهڻو آهي. ميٿيو جيئن ته انهيءَ زماني ۾
موجود هو، جڏهن بادشاهيون ڊهيون پئي ۽ عوامي راڄ
قائم پئي ٿيا. انڪري هن عوامي راڄن جي مضبوطي ۽
انهن جي
برقرار رهڻ لاءِ ڪن بنيادي سوالن ۽ پنهنجي انهيءَ
دور جي حالتن پٽاندر ممڪن حل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي.
هن جي خيال ۾ شهنشاهيون يا بادشاهيون به هڪ قسم
جون نراجي حڪومتون هيون، جيڪي ماڻهوءَ کي ماري ڀاڻ
ڪنديون هيون، پنهنجيءَ مرضيءَ جا فيصلا ۽ پروانا
جاري ڪري رعيت مٿان مڙهينديون هيون. ڏوهيءَ کي
بيڏوهي ۽ بيڏوهيءَ کي ڏوهي قرار ڏيئي کين سخت ۽
سنگين سزائون ڏينديون هيون. انڪري رعيت، ڊپ ڊاءَ ۽
جان جي امان لاءِ بادشاهي حڪم جي پوئواري پئي ڪندي
هئي. اهو ساڳيو حال، رعيت جو، غلامداري دور۾ به
هو. انڪري ميٿيو جو خيال هو ته بادشاهن جي دؤر ۾
رعيت سان اختيار ڪيل غيرانساني، غيراخلاقي ۽ غير
منصفاڻن روايتن، رواجن ۽ قانونن جو انت اچڻ کپي ۽
عوامي راڄن کي انهن جي پوئواري بلڪل به نه ڪرڻ
گهرجي، ان لاءِ انهن کي ثقافت يا مهذب پڻي مان ڪم
وٺڻ گهرجي ته جيئن رعيت جا صدين جا ٿڪ لهي سگهن.
جيڪڏهن سڌريل سماجي رويي
(Culture) کان
ڪم نه ورتو ويو ته رعيت هڪ ڀيرو ٻيهر نراجيت تي
لهي ايندي.
ميٿيو پنهنجي وقت جي حالتن پٽاندر هڪ معقول ۽
مائيدار ڳالهه ڪري ٿو. هوُ نراج ۽ ڪلچر جي اصطلاحن
وسيلي ٻن زمانن ۾ فرق بيان ڪري ٿو. هو انهيءَ
ڳالهه جو وڪيل آهي ته اهي سڀ برايون، جيڪي پراڻي
بادشاهي نظام ۾ هيون، اهي عوامي راڄ ۾ نه هئڻ کپن.
هو انهيءَ مسئلي جو حل ڪلچر ۾ ڏسي ٿو، ۽ ڪلچر ۾ ٻن
شين جي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. هڪ روشني (light) ۽
ٻيو ميٺاج
(Sweetness).
روشنيءَ مان مراد، اهڙي شيءِ آهي، جيڪا اونداهيءَ
جو وجود ختم ڪري سگهي. اها روشني جيڪڏهن اکين
اڳيان هوندي آهي ته هر شيءِ واضح ۽ چٽي هوندي آهي،
پر اها روشني ذهن ۾ هوندي ته اها انسان ۾ علم،
ادراڪ ۽ فهم پيدا ڪندي آهي. جڏهن ته ميٺاج کي به
ميٿيو هڪ شيءِ نه پر هڪ اعليٰ قدر طور ڪتب آڻي ٿو.
هو ميٺاج کي ماڻهپو قرار ڏئي ۽ هڪ انسان جي ٻئي
انسان سان بهتر رويي کي قرار ڏئي ٿو. هن جو دليل
آهي ته جڏهن سلطان ويا، نواب ويا، بادشاهه ويا، ته
هاڻي انسان آزاد آهي. انهن وٽ جمهوري راڄ آهي.
پنهنجي حڪومت آهي. اُن کي کيس پاڻ ئي سنڀالڻو آهي.
ان جي نگهباني ڪرڻي آهي؛ ۽ سڀ لاءِ وٽس رڳي اڪيلي
چونڊ آهي ۽ اهو آهي ڪلچر، جنهن ۾ روشني آهي ۽
ميٺاج آهي. ياد رهي ته روشني ۽ علم يا علم ۽
روشنيءَ جو پاڻ ۾ گهرو سٻنڌ آهي. ”روشني“ جو لفظُ
”علم“ جو ۽ ”علم“ جو ”روشني“ جو متبادل رهيو آهي.
اسان جي شاعر اياز به انهيءَ ڳالهه کي پرکي ورتو
هو، جنهن چيو:
”نه ديپ دونهاٽجي ڪڏهن هي، للاٽ جي لاٽ شل جرڪي.“
پرهه پري آ پتو نه آهي ته رات ڪيسين ڏهاڳ ڏيندي.
اتي ”ديپ“ جي معنيٰ آهي- دماغ. ”للاٽ جي لاٽ“ مان
مطلب آهي ”شعور“. ”پرهه“ مان مراد آهي، اها منزل
يا اها گهڙي جتي ”اونداهي“ يعني ”جهالت“ کٽي.
انڪري اسان جو شاعر چوي ٿو ته دماغ جو ديپ نه
وسامجي ۽ شعور جي وٽ ٻرندي رهي، تان ته ”رات“ جو
ڏهاڳ (آزار، اهنج) ختم ٿئي. اسان وٽ به پنهنجي
ٻوليءَ ۾ اهڙا اصطلاح موجود آهن، جيڪي روشنيءَ جي
معنيٰ چڱائي، علم يا نيڪي ڏيندا آهن. مثال طور:
چوندا آهن: ”هيءُ ڏِيا وارو ماڻهو آهي.“ ، ” چهري
۾ روشني اٿس.“ وغيره، علم کي ڏيئو به چوندا آهن.
هڪ ڪتاب ۾ ائين به آيل آهي ته “Knowledge
with Beauty” .
علم ته علم ٿيندو آهي، پر وري مسئلو اهو ٿو سامهون
اچي ته علم ڪهڙو؟ انسانذات لاءِ ڪهڙو علم چڱائيءَ
وارو ۽ قبولڻ جوڳو آهي. انهيءَ سوال جو جواب سونهن (Beauty) ڏئي
ٿي. وري سوال اهو ٿو اڀري ته سونهن يا حسن جي
سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي؟ ها، اها ئي سونهن چئجي، جنهن ۾
اڪثريت جو فائدو
هجي، هڪ حديث آهي ته: ڀلي ۾ ڀلو انسان اهو آهي،
جيڪو سڀني انسانن جو ڀلو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري يورپ
وارن به علم جي چڱائيءَ ۾ وڏي ۾ وڏي ڪسوٽي به اها
ئي بيهاري ته هڙو علم جنهن مان وڌ ۾ وڌ فائدو پوي
ٿو- انسان کي ۽ اهو انهيءَ علم مان سک، خوشي، سڪون
۽ آرام ڪيترو ماڻي ٿو. ميٿيو اسان سماج ۾ حقيقي
چڱائيءَ کي ڪلچر سان سلهاڙي ٿو، ۽ ڪلچر ۾ هو وري
هو ٻه شيون ڏسي ٿو. هڪ روشني يعني علم ۽ ٻي ميٺاج
يعني انسان جو انسان سان برابري ۽ برادريءَ وارو
رويو، نرم رويءَ واري روش. هو انهيءَ ڳالهه تي زور
ڏئي ٿو ته ڪنهن سماج ۾ ڪنهن تبديليءَ لاءِ ۽
جيڪڏهن تبديلي اچي چڪي آهي ته ان کي برقرار رکڻ
لاءِ ڪلچر ئي اصل وسيلو آهي.
هاڻ هلون ٿا، ٿامس ڪارلائل ڏانهن. اهو ڪم جي
اخلاقي قدر (Moral
Value of Work) تي
زور ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته اوهين بادشاهت مان ڇٽا
آهيو، غلاميءَ جو طوق ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪيو اٿوَ
۽ ڌرمي برادرين جي پنڊتن، پادرين، پيرن ۽ مُلن مان
جند ڇڏائي آزاد نڪتا هيو (پر
اسان-سنڌ وارا اڃا انهن طوقن مان آجا نه ٿيا
آهيون). هو چوي ٿو ته اوهان ڊگهي غلاميءَ مان
رهندي، ظلم ۽ ڏاڍ سهندي، اڄ هن منزل (عوامي راڄ)
تائين پهتا آهيو. پنهنجي پاڻ ۾ بالغ راءِ ٿيا آهيو
ته پوءِ اوهان کي ڪم ڪرڻ کپي. ان کان لنوائڻ يا
ڪيٻائڻ نه کپي. اخلاقي (Moral
work).
مان مراد آهي، اهڙي ڪم جي آهي، جيڪو سماج ۾ اخلاقي
قدرن کي هٿي ڏئي. اتي سهپ، رحم، همدردي، سهڪار ۽
درگذر جهڙا قدر اسري سگهن. پنهنجو فرض (Duty)نڀايو.
يعني اوهان جي حصي يا ذمي جيڪو به ڪم آهي، ان کي
اهڙي نموني ڪريو جو اهو هر طرح سان مڪمل لڳي ۽ ڪم
سان محبت ڪريو. ان کان ڊڄو نه، ان کان ڀڄو نه. ان
حساب سان ڪارلائل ڪم جي اخلاقي قدر ۽ فرض جي اهميت (Importance
of duty) تي
زور ڏئي ٿو. هو چوي ٿو ته پنهنجي فرض جي اهميت کي
سڃاڻو ۽ ڪم جي اخلاقي قيمت ڪٿيو. ائين نه ڪندؤ ته
پوءِ اوهان ارتقا جون منزلون طئه ڪري انسان ته ٿي
پيا آهيو، پر پاڻ ۾ انسان واريون خوبيون، ماڻهپو
پيدا نه ڪري سگهيا آهيو، ۽ ماڻهپو، انسان جي نئين
سر پيدا ٿيڻ (Rebirth) جو
نالو آهي. هونءَ به ڏاها سدائين اهو درس ڏيندا آيا
آهن ته انسان کي انسان ٿيڻ ۾ اڃا به وقت لڳندو.اها
ڳالهه انساني تهذيبي دور جي هر ڪنهن مرحلي تي چئي
ويئي آهي ۽ اڄ به چئي ۽ ورجائي پئي وڃي. ان جو
مطلب آهي ته ڪروڙن سالن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين
ماڻهو ماڻهپي ۾ نه اچي سگهيو آهي، ان ۾ ڪي کوٽون ۽
خاميون آهن، جيڪي ان جي مڪمل طرح ماڻهو ٿيڻ جي
راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اها ڳالهه
به چئي سگهجي ٿي ته ان اڃا پورهيي جي اخلاقي ملهه
۽ فرض جي اهميت کي نه سڃاتو آهي،
ڪارلائل چوي ٿو ڪم جي اخلاقيات (Work
ethics) هوندي
آهي. ڪم سٺو آهي يا برو، مسئلو اهو ناهي. اها شيءِ
پوءِ به ٿي طئه ٿي سگهي ٿي، پر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽
پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ڪا به ڪوتاهي نه
ڪرڻ کپي. ڪم جي اخلاقيات اسان کي سکڻ ۽ سمهجڻ کپي.
جيڪو اوهان ڪم جي اخلاقيات کي نه سمجهيو ۽ فرض جي
اهميت کي نه سمجهيو، ته پوءِ هينئر جيڪا اوهان
ڪاميابي ماڻي آهي، بادشاهيءَ کي ڊاهي، پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي اٿوَ ۽ پاڻ کي جمهوريت پسند پيا
سڏرايو ته پوءِ ڪم جي اخلاقيات کي سمجهو، فرض شناس
ٿيو، اهي عمل روحاني طرح اوهان ۾ روشني پيدا ڪندا،
نه ته حيوانيت اوهان مٿان حاوي ٿي ويندي. اوهين
هڪٻئي کي ڏک پهچائيندا، هٻڇ ۽ لوڀ جي ڌٻڻ ۾ وڃي
ڦاسندا، بي ايماني ڪندا، بداعماليءَ جي ور چڙهندا،
هڪٻئي جا حق ڦٻائيندا. انڪري ڪم جي اخلاقيات ۽ فرض
جي اهميت ٻه اهڙيون شيون آهن، جيڪي اوهان کي هنن
بدليل حالتن ۾ ڪم اينديون ۽ اوهان کي وڌ ۾ وڌ
ماڻهپي ڏانهن وٺي وينديون.
جان رسڪن ڪتاب لکيو آهي “Unto
this last” انهيءَ
جي معنيٰ آهي ته آءٌ پنهنجي پاران، پوءِ منهنجي
جيتري به سمجهه يا سمجهڻ جي قوت آهي، اوهان کي
”حرف آخر“ ڪري ٻڌايان ٿو ته اوهان جي نجات يا
ڀلائي ڇا ۾ آهي، انهيءَ ڪتاب جو ترجمو ٿيو آهي.
جڏهن ته ميٿيو آرنلڊ ۽ جان رسڪن جا ڪتاب اڃا ترجمو
نه ٿيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن علم دوست اهڙو ڪم
ڪيو هجي، پر اهو منهنجي ڄاڻ ۾ آيل نه آهي. اهو
ڪتاب ”آرٽ“ جي اهميت تي لکيل آهي. ڪنهن زماني ۾
’آرٽ‘ ڪم کي چوندا هئا. ايتري تائين جو آرٽِفيڪيٽ
جي معنيٰ شاعري ۽ ادب به ورتي ويندي هئي. هاڻي ان
کي آرٽ نٿا چون، پر ’لٽريچر‘ چون ٿا. انڪري جان
رسڪن آرٽ لفظ کي ڪم يا محنت يا پورهيي جي معنا ۾
ڪتب آندو آهي، جيئن لفظ آرٽيزن (Artisan) آهي
جنهن جي معنيٰ آهي، مستري، ڪنهن ڪم جو ڪندڙُ، ۽
آرٽسٽري (Artistry) لفظ
جي معنيٰ ”ڪاريگري“ آهي، ڪار معنيٰ ڪم يا ڪرت. ان
ڪري جان رسڪن به لفظ آرٽ کي ڪم جي معنيٰ ۾ ڪتب آڻي
ٿو. اهو ڪم هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي نموني ڪيو، ڪن
جسماني پورهيو ڪيو، ته ڪن ذهني. ڪن ماڻهن کي
اخلاقي سبق ڏنا، ڪن شاعري ڪئي، ڪن ڪتاب لکيا، ڪن
ايجادون ڪيون، ڪن انساني سهولتون پيدا ڪيون، جن
پنهنجي اولاد کي سڌاريو، ڪن پاڙي وارن جي سڌ لڌي،
ڪن قوم لاءِ ته ڪن دنيا لاءِ ڪم ڪيو، ڪن پاڻ ڀلو
ٿي ٻين کي پنهنجي پوئواري ڪرڻ لاءِ ڇڪيو. ان حساب
سان آرٽ يعني ڪم سان چڱائيءَ جو تصور به جڙيو ۽
آخرين طرح آرٽ لفظ جي معنيٰ وڃي بيٺي ڪم ۽ ڪم جي
عزت، ان جي عظمت، ان جي وڏائي.
جان رسڪن چوي ٿو ته پاڻ ڪم لازمي طرح سان اخلاق
آهي. محنت ۽ پورهيو اخلاق آهي. جيڪي ماڻهو
اپائڻهار (Producer) آهن
يعني پيداوار يا اپت ڪن ٿا، اهي چڱا ۽ سٺا ماڻهو
آهن، بااخلاق آهن. هاري پيداوار ڪري ٿو، مزدور
پيداوار ڪري ٿو، استاد پڙهائي ٿو، ٻارن کي تيار
ڪري ٿو، اهو به اپائڻهار (Producer) آهي.
اهڙيءَ ريت هيءُ آرٽ يعني ڪم يا محنت پاڻ اخلاق
آهي ۽ لازمي طرح اخلاقيات جي دائري ۾ اچي ٿو.
پورهيي کان وڏي ۽ بهتر ڪابه اخلاقيات ناهي.
مٿي ڪلچر جي باري ۾ ٽن عالمن ۽ ڏاهن جا خيال پيش
ڪيا ويا، جيڪي سماجي نقاد (Social
Critics) سڏجن
ٿا. اهڙيون ڳالهيون رڳو انهن ٽن ڄڻن به ناهن ڪيون،
پر سڀني مذهبن به اهڙي ڳالهه ڪئي آهي. قدر (Values) انساني
تهذيب سان گڏ پيدا ٿيا آهن. پورهيي وارو يا اخلاق
يا حسن اخلاق وارو قدر به اوائلي ۽ بنيادي قدر
آهي. پر انسان پنهنجي اخلاق کان ڪريل مفادن لاءِ
به ڪم ڪنداآهن. گڏ ٿيندا آهن، خاص طرح صاحب اقتدار
ماڻهن جو اهو رويو رهيو آهي ته عوام کي ڪِريل ۽
فضيلت کان نڪتل ڄاڻائيندا آهن. چوندا آهن ته ماڻهن
مان اخلاق هليو ويو آهي. ماڻهن خدا کي وساري ڇڏيو
آهي. سوَ عيب عوام مان پيا ڪڍندا، اهي جيڪي ڪم
ڪندا آهن، هر قسم جو ڪم ۽ سماج ۾ تهذيبي اوسر کي
هٿي وٺرائيندا آهن. پر اهي پوءِ به صاحب اقتدار
ماڻهن کي نه وڻندا آهن، ان ڪري جو انهن لاءِ ڪم
اهو آهي، جيڪو سندن فائدي ۽ خوشامد ۾ ڪيو ويو هجي.
ماڻهو پنهنجي سماجي حالتن ۾ جنهن ڪشمڪش مان گذري
ٿو ۽ پاڻ لاءِ ۽ پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن جا جيئڻ جا
سامان پيدا ڪري ٿو، اهو انهن کي ناهي وڻندو، اهي
چاهيندا آهن، ماڻهو سندن مفاد لاءِ مثال بڻجن، پر
اهي ماڻهو جي سماجي پورهيي جي مڃتا جو مثال پاڻ نه
بڻيا آهن. اهي ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، انساني پورهيي
کي نيچ ۽ ڪمتر ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ڪوڙ کي ور ور
ورجائيندا آهن. انڪري سچ جي پاسداري ڪندڙن تي به
اهو به لازم آهي ته اهي سچ کي بار بار ورجائين،
اها شيءِ جي ڪلچر ۽ اخلاق جي دائري ۾ اچي ٿي.
هاڻ اچون ٿا ان ڳالهه ڏانهن ته ڪلچر ڪيئن پيدا
ٿيو؟ ڪلچر انهن ئي شين مان اُپجي ٿو، جن جو پاڻ
مٿي ذڪر ڪري آياسين. يعني انسان کي سماج ۾ رهندي
پنهنجين ذميوارين جو احساس هجي، ان کي پنهنجا سڀ
انساني، اخلاقي ۽ سماجي فرض پورا ڪرڻ گهرجن. گڏيل
سماجي پورهيي مان ۽ هڪٻئي سان سهڪار سان هلڻ مان
ڪلچر پيدا ٿئي ٿو. ڪلچر ڪا آسماني شيءِ ناهي، اهو
زمين تي رهندڙ انسانن جي سماجي، ذهني ۽ جسماني
پورهيي جو نتيجو آهي، ڪلچر لفظ انگريزي لفظ “Cultivate” مان
نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اپائڻ، اهو ڪم، اهو
پورهيو، اهي رويا، تصور ۽ قدر جيڪي سماج کي اڳتي
وٺي وڃن، ان کي متحرڪ رکن، انساني اصل ڪمائي، اصل
موڙي ۽ اصل اپت اها آهي
هاڻي سوال ڪجي ته اهڙي اپت جي خيال انسان ۾ ڪيئن
واسو ڪيو؟ عالمن ۽ ڏاهن جو خيال آهي ته اهو سمورو
انساني مغز جو ڪمال آهي. ان لاءِ مغز يا دماغ جي
بناوت کي سمجهڻ لازمي آهي، مختصر نموني عرض ڪجي ٿو
ته دماغ يا مغن اها شيءِ آهي، جنهن چمپنزيءَ کان
انسان کي ڌار ڪيو. چمپنزيءَ جي ٻار جو ڄمڻ وقت مغز
350 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هوندو آهي، اهو وڌي وڌي وڃي
450 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر ٿيندو آهي. ان جو ميڄالو ان
کان ڪونه ٿو وڌي. ان جي ابتڙ انسان جو ڄمڻ وقت مغز
350 ڪيوبڪ سينٽي ميٽر هوندو آهي، انساني ٻار جو
مغز چئن مهينن ۾ ٽيڻ تي وڌي وڃي ٿو. يعني هزار
ڪيوبڪ سينٽي ميٽرن کان به وڌيڪ، ۽ ائين وڌي وڌي
اهو 1400 ڪيوبڪ سينٽي ميٽرن تائين پهچي ٿو.
حياتياتي لحاظ کان چمپنزيءَ جي انسان ۾ تبديل ٿيڻ
مهل اهو واقعو پيش آيو ۽ انسانُ، حيوان کان ڌار
ٿيو. نه ته چار عضوا حيوان توڻي انسان، ٻنهي کي
آهن. رت جو رشتو، هاضمي جوسرشتو، تنتي سرشتو ۽ ٻيا
سرشتا انسان ۽ حيوان ۾ ساڳيا ئي آهن. سندن بدني
ڍانچو ۽ ان جون خصوصيتون به ساڳيون آهن، جبلتون به
ساڳيون آهن – بک،
ننڊ، ميلاپ جي ڇڪ، بچاءَ لاءِ خبرداري وغيره. ان
حساب سان انسان ۽ حيوان ۾ فرق رڳو مغز جي ڪري آهي
۽ انهيءَ مغز جي بهتر استعمال وسيلي انسان شعور
پاتو ۽ شعور ان کي گڏ رهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي واٽ
ڏيکاري. ڪلچر انسان جي گڏجي رهڻ ۽ سندس گڏيل سماجي
پورهيي جو نتيجو آهي، ان کي ٺهڻ ۾ هڪ يا ٻه سال نه
پر هزارها ورهيه لڳا آهن.
هر اها ڳالهه، هر اهو ڪم، هر اها شيءِ، جيڪا انسان
پنهنجي گڏيل سماجي جياپي لاءِ، سک لاءِ ۽ خوشيءَ
لاءِ پيدا ڪئي آهي، ۽ قدرت جو جيڪو به سامان پيو
آهي، جيئن مٽي آهي، پاڻي آهي ۽ اهڙيون ٻيون شيون،
جن کي انسان سماجي بهتري ۽ فائدي لاءِ ڪتب آندو،
ائين ڪنهن به حيوان يا ٻئي ساهواري نه آندو آهي.
اهو سڀ ڪجهه انسان پنهنجي دماغ ۽ شعور وسيلي ڪري
ڏيکاريو آهي، اهائي شيءِ، اهوئي عمل ۽ اهڙي عمل جو
سلسلو به ڪلچر آهي. يعني قدرت جي پيل سامان مان
جيڪا به شيءِ انسان، پنهنجي شعور، پورهيي ۽ گهرج
جي نسبت ۾ کيڙي کنئي آهي ۽ جيڪا به شيءِ انسان
گهِڙي ٺاهِي آهي. اها ڪلچر آهي. پنهنجي دماغ جي
استعمال سان پنهنجيءَ ڀلائيءَ جي ڳالهه پيدا ڪرڻ
ڪلچر آهي. مثال طور اوهين جيڪا لکڻي پڙهيو پيا،
اها به پورهيي جي هڪ صورت آهي، اها لکڻي اوهان
تائين پورهيي جي مختلف منظم مرحلن کان پوءِ اوهان
تائين پهتي آهي. ٿوريءَ دير لاءِ، اوهين جنهن به
جاءِ تي آهيو، دفتر ۾ آهي، گهر ۾ آهيو، ٻنيءَ تي
آهيو، بزار ۾ آهيو، اسڪول ۾ آهيو، يونيورسٽيءَ ۾
آهيو، مل
يا ڪارخاني ۾ آهيو، اتي هڪ پل لاءِ پنهنجي چوڌاري
رڳو اک کڻي ڏسو، ڪيتريون ته گهڻيون شيون آهن، هر
پاسي پکڙيل ۽ پکڙيل، اصل ڳڻپ کان ٻاهر، اهي سڀ
شيون ۽ پڻ جنهن قلم ۽ ڪاڳر، جنهن کي آئون لکڻ لاءِ
استعمال پيو ڪريان، اهي به شيون انساني پورهيي ۽
ان جي وڏائيءَ جون گواهه آهن ۽ اهي سڀ شيون انسان
جي شعور جي پيداوار آهن. اهڙيءَ ريت هڪ قوم جي
ايڪتا وارو مسئلو پڻ انهيءَ پورهيي ۽ انهيءَ شعور
جهڙين عظيم وٿن سان ڳنڍيل آهي. ايڪتا جو بنياد
واقعي به ڪلچر ئي آهي، پر ڪلچر جن بنيادي شين-
پورهيي، شعور ۽ ارادي مان جنم وٺي ٿو، انهن ئي شين
مان، ڪلچر جي محابي، قومي ايڪتا پڻ جنم وٺي ٿي.
قومي ايڪتا تائين رسائيءَ لاءِ ڪلچر بنيادي وسيلو
آهي.
ياد رکجي ته اسين گڏجي رهون ٿا، سماجي ڪم ڪار
ڪريون ٿا، پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ۽ فرض نڀايون
ٿا، هڪٻئي سان گڏجي رهڻ ۾ ڪس ڪسر کان ڪم وٺون ٿا،
سماجي رشتن ناتن جي فرمانبرداري ڪريون ٿا، هڪٻئي
جون سماجي گهرجون پوريون ڪريون ٿا. اهڙيءَ ريت
اسان جي هڪ گڏيل سماجي زندگي جنم وٺي ٿي، جنهن ۾
ڪم جي اخلاقيات جو احساس رکڻو پوي ٿو، ميٺاڄ ۽
محبت پيدا ڪرڻي پوي ٿي. اهي ۽ اهڙا ٻيا اڪيچار ڪم
اسين ڪريون ٿا، پوءِ به اسان کي پنهنجي ڪلچر جي
ڦهلاء لاءِ، ان جو شعوري اظهار لاءِ ڪنهن بنيادي ۽
اهم شيءِ جي گهرج بهرحال رهندي آهي. ڀلا اها شيءِ
ڪهڙي آهي؟ اها شيءِ آهي ٻولي. اها ٻولي ئي آهي،
جنهن وسيلي اسين هڪٻئي سان حالي احوالي ٿيون ٿا،
ويچار ونڊيون ٿا، هڪٻئي کان ڳالهه سمجهي ۽ سمجهائي
سگهون ٿا. اهائي ٻولي آهي، جيڪا اسان کي تعليم جي
سلسلي ۾ ڪم اچي ٿي، ادب جي سلسلي ۾ ڪم اچي ٿي،
هڪٻئي کان سکڻ ۽ سيکارڻ جي ڪم اچي ٿي. جيئن قومي
ايڪتا لاءِ ڪلچر جو بنياد آهي، تيئن ڪلچر جو وڏي ۾
وڏو مک نشان ٻولي آهي ۽ ٻولي به اسان جي پنهنجي
پيدا ڪيل آهي، انساني دماغ جي پيداوار آهي. هونءَ
مختلف آواز ۽ اوناڙون جانور به ڪن ٿا، پر آواز کي
باترتيب ۽ سنوت واري نموني بيهاري ٻوليءَ جو رنگ
ڏيڻ ۽ انهيءَ ٻوليءَ کي وري لکت ۾ آڻڻ، سچ پچ به
انساني دماغي صلاحيتن جو ڪمال آهي.
ٻوليءَ جي اوسر تي نظر وجهبي ته اها مختلف مرحلن
مان گذري آهي. مختصر نموني ڳالهه ڪجي ته اوائلي
پٿر واري زماني (10 لک کان هڪ لک ورهيه ق. م) ۾
انسان ڳالهائڻ سکيو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڳالهائڻ
جي عمل جي ارتقا بنهه آهستي آهستي ٿي آهي. ڪيترائي
جانور، ٻين جانورن کي خبردار ڪرڻ لاءِ مختلف آواز
ڪڍندا هئا، انسان به انهن جي نقل ڪرڻ لڳو هوندو.
شڪاري دور ۾ اهڙن مخصوص آوازن يا
سرن کي پنهنجي فائدي ۾ ڪتب آڻيندو هوندو. اهڙن ئي
آوازن ۽ سرن مان لفظ پيدا ٿيا ۽ نيٺ انسان روانيءَ
سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. اڄ اسان وٽ ٻوليءَ جون
مختلف صورتون موجود آهن، هڪڙيون ٻوليون رڳو
ڳالهايون وڃن ٿيون، جن کي ڳالهائجندڙ ٻوليون (Spoken
Languages)
چئجي، انهن کي پنهنجي ڪابه الفابيٽ ناهي هوندي، ان
ڪري اهي لکت ۾ آيل نه آهن. ان کان سواءِ ٻيون
ٻوليون لکتي ٻوليون (Script
Languages)
آهن، جيڪي ڳالهائجن به ٿيون ته انهن کي پنهنجي لپي
به آهي. جڏهن ته ٽيون ٻوليون لکتي ڇپجندڙ ٻوليون (Script
Print Languages)
آهن، جيڪي ڳالهائجن به پيون، لکجن به پيون ۽ ڇپجڻ
۾ به اچن ٿيون. اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي اهي ٽيئي
امتياز ۽ اعزاز حاصل آهن، يعني اها ڳالهائجي پئي،
لکجي به پئي ۽ ڇپجي به پئي.
مذهبي برادرين ۽ رومن شهنشاهت تائين توڻي زردشتي
مذهبي اڀار جي زماني تائين ٻولي لکجڻ ۾ اچي چڪي
هئي، پر اها پرنٽ نه ٿيندي هئي، ڇپائي ايجادن واري
زماني جي ڳالهه آهي ۽ تاريخ جي حساب سان ويجهڙ جي
ڳالهه آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻوليءَ جو استعمال
پرنٽ ميڊيا ۾ ٿيو ته ٻوليءَ جو سماجي ڪارج اڃا به
وڌيو. اخبارون اچڻ لڳيون. اسان وٽ به انگريزن جي
زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي تيار ٿيڻ کان
پوءِ اخبارون جاري ڪيون ويون ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو
سلسلو هلندو آيو آهي ۽ سنڌي پرنٽ ميڊيا گهڻي ترقي
به ڪئي آهي، ان وسيلي ٻوليءَ جي گهرج ۽ اهميت جو
دائرو اڃا به وڌيو آهي. اڄ معيار ۽ مقدار جي لحاظ
کان اسان جون اخبارون ملڪ جي ٻين، انگريزيءَ توڻي
اردوءَ ۾ ڇپجندڙ اخبارن کان گهٽ نه آهن. انهيءَ
پرنٽ ميڊيا اسان کي ڪيترائي فائدا به ڏنا آهن.
انهن وسيلي اسان جي قومي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويو
آهي، انهن وسيلي ماڻهن جا مسئلا پڻ عام ٿين ٿا، سنڌ
جي رهندڙن کي هڪٻئي جي حالن احوالن کان واقفيت ملي
ٿي ۽ اهي گهڻن مسئلن تي گڏجن به ٿا. اڄ اسان جي
پرنٽ ميڊيا اسان جي قومي، ثقافتي، سڀيتائي، سياسي
توڻي سماجي واقعن جو دستاويز آهي. اها پاڻ کي قوم
جي ڀلائي ۽ گهڻگهرائيءَ جو اثرائتو ۽ سگهارو وسيلو
ثابت ڪري رهي آهي. اسان پرنٽ ۽ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا
سنڌي قوم جي بي زبانيءَ ۽ بيوسيءَ لاءِ ڀرجهلو
ثابت پئي ٿئي. سو اها آهي ٻولي، جنهن جي اهميت
بابت ٻه چار ڳالهيون ٿيون، ۽ ٻيو آهي وطن. اهي ٻئي
شيون قوم جو اساس آهن.
انسان گهڻو ڏاهو آهي، اهو جيڪا به ڳالهه ڪري ٿو،
جيڪا به وک کڻي ٿو ۽ جيڪو به عمل ڪري ٿو، ان ۾
سمجهداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ان ڪري هن پنهنجي پاڻ
کي ٻولي ۽ علائقي جي بنياد تي مضبوط ڪيو ۽ گڏيل
سماجي رهڻي ڪهڻيءَ وسيلي، پنهنجي چڱائي ۽ فائدي
خاطر، ڪي خاص هڪجهڙايون پيدا ڪيون ۽ پنهنجي گڏيل
سماجي زندگيءَ جي حفاظت ۽ جٽاداريءَ لاءِ ڪي خاص ۽
گڏيل قدم کنيا ۽ انهن قدمن جو صدين تائين پيروڪار
رهيو، جنهن سبب ماڻهن جي مزاج ۾، هلت ۾، عمل ۾، رد
عمل ۾، رويي ۾، سوچڻ ۾ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪجهڙائي ۽
يڪسرائي پيدا ٿي، ان جو نانءُ ئي ڪلچر آهي ۽ اهوئي
ايڪتا جو اصل بنياد آهي.
جيستائين قوم هئڻ جو معاملو آهي ته اسين سنڌي دعوا
سان چئون ٿا ته اسين قوم آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ
پنهنجو علائقو آهي ۽ پنهنجي ٻولي آهي. اسان وٽ
تاريخي روايتون آهن، گڏيل سماجي قدر آهن ۽ مشترڪه
معاشي مفاد آهن، اسان کي پنهنجيون طئه ٿيل
جاگرافيائي حدون آهن، جيڪي مڃيل آهن، انهن حدن جي
معاملي تان اسين وڙهيا آهيون. وطن تي سر ڏيڻ ۽ ان
تان جان قربان ڪرڻ به فرض آهي ۽ لازمي فرض آهي.
شروع ۾ ڪم جي اخلاقيات (work
ethics)
جي ڳالهه ڪئي سون. وطن جي حفاظت
۽ بچاءُ به ڪم آهي، سنڌ اسان سنڌين جو گهر آهي.
پنهنجي گهر ۾ گهربل سامان آڻڻ به ڪم آهي، ان جي
ڇنڊ ڦوڪ، ان جي ترتيب ۽ انتظام به ڪم آهي. پنهنجي
گهر لاءِ کاڌو پيتو يا رزق پيدا ڪري، گڏجي کائڻ
پيئڻ به ڪم آهي، اڃا به لازمي ڪم يعني فرض آهي.
جيڪڏهن ڪوبه اسان جي انهيءَ گهر ۾ گهڙي اچي ته ان
کان اهو پڇڻ فرض آهي ته: تون ڪير آهين، ڇو آيو
آهين. جيڪڏهن گهر ۾ گهڙي ايندڙ جي نيت ۾ کوٽ يا
پليتائي آهي ته ان کي تڙي ڪڍڻ به اسان جو فرض آهي.
جيڪڏهن ڪابه طاقت اسان کي اهي فرض پورا ڪرڻ نٿي
ڏئي، ته اها اسان جي دشمن آهي. ان سان پنهنجي گهر
جي بچاءَ لاءِ مهاڏو اٽڪائڻو ئي آهي. نه ته اسان
پنهنجو وطن وڃائي ويهي رهنداسين. سڀ ڳالهيون وطن
جي هجڻ سان آهن. وطن پناهه آهي، اسان جي ڪلچر جي،
اسان جي ٻوليءَ جي، اسان جي تاريخي روايتن جي. سڀ
شيون علائقي جي هئڻ سان آهن ۽ جيڪڏهن اهو ويو ته
سڀ ويو. وطن جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ ڪنهن قوم جي مضبوط ارادي،
لڳاتار محنت، اڻکٽ جستجو، مقصد ۾ چٽائي ۽ عمل ۾
سچائي ۽ ڪردار ۾ سورهيائپ جو وڏو عمل دخل هوندو
آهي.
سڀ کان پهرين ڳالهه هيءَ آهي جو اسان ۾، هڪ قوم
طور، اهڙي وٿ موجود نه آهي. انهيءَ جو مطلب اهو
بلڪل به نه آهي ته اسين قوم نه آهيون. اسين قوم
بلڪل آهيون، پر ورهايل آهيون، ڇروڇڙ آهيون، ان ڪري
اسان هڪ قوم طور ورتاءُ نه پيا ڪريون، جنهن جي ڪري
اسان جو قومي ڪردار نه جڙي سگهيو آهي. انهيءَ
مامري تي، هونءَ گهڻو ئي لکيو ۽ بيان ڪيو ويو آهي،
پر مختصر نموني اهوئي چئجي ته گڏيل هندستان جي
ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام کان پوءِ، وڏيءَ
رٿابنديءَ سان اسان جي قوم تي حملو ڪيو ويو. اهو
حملو ٻن بنيادي شين کسڻ لاءِ ڪيو ويو. هڪ اسان جي
ايراضي ۽ ٻي اسان جي ٻولي. هڪ منظم سازش طور هتان
سنڌي هندن کي لڏايو ويو، ۽ هندستان مان لڏي آيل
مهاجرن کي، وڏي پئماني تي، اسان جي وڏن وڏن شهرن ۾
آباد ڪيو ويو ۽ اسان کي پنهنجي ايراضي ۽ علائقي،
جنهن تي صدين کان وٺي اسان جي دعوا قائم هئي، ۾ ئي
سوڙهي ڪرڻ ۽ اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي. انهيءَ ڏس ۾ پهرين وڏي ڪاهه طور، پاڪستان
جي قيام کان ٻه سال پوءِ، اسان کان اسان جي
راڄڌاني ڪراچي کسي، اها مرڪز جي حوالي ڪئي وئي.
جڏهن ته ٻيو وڏو حملو اسان جي ٻوليءَ تي ڪيو ويو.
1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان نيڪالي
ڏيئي، ان جي جاءِ تي ڪراچي يونيورسٽي قائم ڪري،
سنڌي ٻوليءَ کي يونيورسٽيءَ جي امتحانن ۾ جواب ڏيڻ
جي تسليم ٿيل ذريعي واري حيثيت ختم ڪئي ويئي، جنهن
کانپوءِ 1959ع ۾ قومي تعليمي ڪميشن رپورٽ ۾ سنڌي
ٻوليءَ کي پرائمريءَ جي پنجن درجن تائين محدود رکڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ اڳتي لاءِ مسلط ٿيل اردو قومي
ٻوليءَ ۾ سنڌي شاگردن کي تعليم پرائڻ جي سفارش ڪئي
ويئي. انهيءَ رپورٽ جي بنياد تي اردو ٻوليءَ کي
اسان جي ايراضيءَ جي عام مقبول ٻولي ٿيڻو هو.
انهيءَ رپورٽ خلاف سنڌ جي گهڻگهرن ۽ ساڃهوندن
مزاحمت ڪئي ۽ نيٺ 1962ع ۾ اهو فيصلو، سرڪاري سطح
تي، ڪيو ويو ته سنڌي ٻولي انٽرميڊئيٽ جي سطح تائين
تعليمي ذريعو رهندي، جيئن اها اڳ ۾، سنڌ ۾ رهندي
پئي آئي آهي. انهيءَ کان پوءِ به سنڌي ٻولي، سنڌ ۾
محفوظ نه رهي ۽ نيٺ سرڪار 1972ع ۾ سنڌ کي ٻه
ٻوليائي صوبو قرار ڏيندي، اردو ٻوليءَ کي سنڌي
ٻوليءَ جيتري برابري ۽ حيثيت ڏني.
چوڻ جو مطلب اهو آهي ته بنيادي مسئلي کي سمجهجي،
جن ماڻهن ايتري وڏي رٿابنديءَ سان، اسان جي ايراضي
۽ اسان جي ٻوليءَ تي حملا ڪيا، اهي ڪي بيوقوف نه
هئا، انهن
جي تاريخ تي نظر هئي ۽ انهن ڄاتو پئي ته سنڌ کي هڪ
قوم طور ختم ڪرڻو آهي ته ان جي بنيادن کي ختم ڪيو
وڃي. اڄ جي معروضي صورتحال هيءَ آهي ته سنڌ ۾،
سنڌي ٻوليءَ سان اردو ۽
انگريزي ٻولي
مهاڏو اٽڪايو بيٺي
آهي ۽ تعليمي سرشتي ۾ اها سنڌي ٻوليءَ سان برابر
جي شريڪ آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ جي وڏن شهرن تي
غيرسنڌين جو قبضو آهي. ان ڪري، جيڪڏهن حقيقت
پسنديءَ سان پنهنجي هاڻوڪي قومي حالت جو جائزو
وٺجي ته اسان جي مخالفن ڪاميابيءَ سان اڳڀرائي
ڪندي، ڪنهن حل تائين اسان جي ٻوليءَ ۽
ايراضيءَ کي نقصان رسائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. ان کان
سواءِ، ٻه ٻيون به ڳالهيون ٿيون
آهن. هڪ هيءَ ته سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ
لاءِ هتي تعليمي سرشتي کي پوريءَ طرح غيرفعال
بڻايو ويو آهي. وڏن شهرن کي ڇڏي، باقي بچيل سنڌ،
جنهن کي ڳوٺاڻي سنڌ جي ايذائيندڙ اصطلاح سان سڏيو
وڃي ٿو، ۾ اسڪولن جي صورتحال رحم جوڳي بڻائي ويئي
آهي. اها صورتحال به ڏاڍن پاران هيڻن مٿان حملي
ڪرڻ ۽ انهن کي پستيءَ ۾ رکڻ واري وسيع رٿابنديءَ
جو اهم حصو آهي. وقت جي واڳ ڌڻين ڪڏهن به نه چاهيو
آهي ته باقي بچيل سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائجي، ڇاڪاڻ
ته انهيءَ ڪنڊائتي ڪيل سنڌ جا ماڻهو پڙهي پيا،
انهن کي لکڻ ۽ پڙهڻ اچي ويو، ته اهي سوچڻ به شروع
ڪري ڏيندا ۽ ائين انهن جو استحصال
ڪرڻ ممڪن نه رهندو. ٻي شيءِ هيءَ آهي ته انهيءَ
باقي بچيل سنڌ جي نمائندگي هڪ خاص طبقي، جنهن ۾
سردار، نواب، جاگيردار ۽ وڏيرا وغيره شامل آهن، جي
هٿ ۾ ڏني ويئي آهي. اهي سنڌ جا ۽ سنڌي قوم جا
عيوضي آهن. اهي عيوضي به سنڌ مٿان مسلط ڪيا ويا
آهن. عيوضائپ واري جمهوريت جا ڪجهه بنيادي اصول
هوندا آهن، اهو طبقو انهن اصولن تي پورو نٿو لهي،
اهو سنڌ جي عيوضائپ بدران سنڌ مخالف ڌرين سان
ويهي، سنڌ جو سودو ڪري ٿو. هاڻي اسان اڳيان ٻي
تصوير چٽي ٿي بيٺي ته باقي بچيل ٻولي ۽ باقي بچيل
علائقي تي به سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مرضي نه ٿي هلي.
هيءَ هڪ مڪمل والار ۽ قبضي واري صورتحال آهي، جنهن
مان سنڌي قوم کي نڪرڻو آهي ۽ ان کي ان مان عقل ۽
سمجهداري، همت ۽ سورهيائپ، ارادي ۽ حڪمت عمليءَ
سان ٻاهر ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ايراضيءَ تي
پنهنجي پوري دعو ابحال ڪرڻي آهي.
انهيءَ سڄي صورتحال ۾ اسان جي ڪامياب اڳڀرائيءَ جو
سڄو دارومدار اسان جي قومي ايڪتا تي آهي ۽ قومي
ايڪتا انهن ئي ماڻهن کي يڪ مشت ڪرڻ وسيلي عمل ۾
ايندي، جيڪي انهيءَ باقي بچيل سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن
غريب، مسڪين، پٺتي رکيل، وهمن جي ور چاڙهيل، غلام
بڻايل، عوام کي جاڳائجي، خالص قومي جذبي جي بنياد
تي، ڀلي اها خلق غير خوانده يعني اڻپڙهيل ئي هجي،
پر ياد رکڻ کپي ته انهن وٽ هڪ شيءِ اڃا به محفوظ
آهي. انسان جي حيثيت ۾ انهن وٽ انساني سمجهه جو
هٿيار موجود آهي ۽ اهو گهڻو سگهارو هٿيار آهي.
خواندگيءَ يا لکڻ پڙهڻ جي منظم سلسلي، انساني
سمجهه کي پيدا نه ڪيو آهي، پر انساني سمجهه ئي
خواندگيءَ جي خالق آهي، نه رڳو ايترو، پر اها
انساني سمجهه (Human
Intelligence)
تهذيبن مٿان تهذيبن جي خلقڻهار رهي آهي، انهيءَ ئي
ٻوليءَ جي ايجاد ڪئي آهي، انهيءَ ئي سائنس ۽
ايجادون پيدا ڪيون آهن ۽ اها پنهنجي پاڻ انسان
جي جديد شعوري سرشتي جي خالق آهي. ان
ڪري مايوس نه ٿيڻ کپي ته هيءَ غيرخوانده ۽ پٺتي
پيل خلق ڇا ڪندي؟ اهائي سڀ ڪجهه ڪندي ۽ ڪري
ڏيکاري، رڳو ئي رڳو انساني سمجهه جي آڌار تي،
انهيءَ خلق کي هڪ قوم طور جاڳڻ ۽ هڪ قوم طور
ورتاءَ ڪرڻ لاءِ اتساهجي،
اهائي شيءِ انهن ۾ ايڪتا پيدا ڪندي ۽ انهن جي فخر
لائق قومي ڪردار کي پورڻتا.
مسافر اهو آهه منهنجو وطن
نه خسرو ڏٺو هو نه غالب ڏٺو
غزل در غزل آهه منهنجو چمن
اها سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ
چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن
انهيءَ تي اسان جي خدائي کٽي،
نه فردوس بهتر نه باغِ عدن
جڏهن سنڌ تي سرمئي راتڙيون
کسي ننڊ نيڻان اسان جي گگن
انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا
انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن
(شيخ اياز) |