سيڪشن: رسالا

 ڪتاب: 3-4/ 2014ع

باب:

صفحو:28

صديءَ جو سفر

(انٽرويو)

(سائين محمد ابراهيم جويو جو هيءُ تفصيلي انٽرويو 2012ع ۾ سافڪو سٿ پاران ڪيو ويو.(

زندگيءَ جو معمول

س: اسين ٿورائتا آهيون جو اوهان اسان کي وقت ڏنو. پنهنجي هن ڳالهه ٻولهه جي شروعات ان سوال سان ٿا ڪريون ته اوهان جي زندگيءَ جو معمول جيئن اڄڪلهه آهي، ائين ئي رهيو آهي يا ان ۾ فرق آيو آهي؟

ج: هن وقت آءٌ 97 ورهين جي عمر ۾ آهيان، 13 آگسٽ 2012ع تي عمر جي 98  ورهيه ۾ پير پائيندس. نوڪريون ڪافي ڪيون سين، ڪم ڪار اڪلي ويا، جواني گذري وئي. هن وهيءَ ۾ مون کي رڳو گهر ۾ ويهي دوستن سان ڪچهريون ڪرڻيون آهن (کلندي) ۽ ڪتاب پڙهڻا آهن. جيترو ٿي سگهي ٿو اوترو ڪمائتي انداز سان وقت گذاريان ٿو.

س: اوهان جي عمر وارن ماڻهن جو روزمره وارو وقت گذارڻ جو هڪ الڳ انداز رهيو آهي، ان حوالي سان اوهان جون مصروفيتون ڪيئن آهن؟

ج: جيئن ته مون کي وڌيڪ واندڪائي آهي، ٻيو ڪار آهي ڪونه، انڪري سمورو وقت پڙهڻ لکڻ کي ڏيندو آهيان.

س: اخبارون ڪهڙيون پڙهندا آهيو؟

ج: مون وٽ روزانو ٽي اخبارون اچن ٿيون، ڊان، عبرت ۽ جنگ. اهي ٽئي اخبارون باقاعدگيءَ سان پڙهندو آهيان. اخبارون پڙهڻ کان پوءِ آءٌ ڪونه ڪو ڪتاب کڻي پڙهندو آهيان.

س: روز جي معمول ۾ اوهان ملڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ به وقت ڪڍندا هوندؤ؟

ج: ملڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ناهي. مون وٽ جيڪو دوست جنهن مهل به ايندو آهي، ان سان ڪچهري ٿيندي آهي. ان لاءِ ڪو خاص وقت مقرر ناهي.

س: اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب اوهان جي مطالعي هيٺ آهي؟

ج: ڪجهه وقت کان آءٌ ساڌو واسواڻيءَ جي ڀاءُ درشن واسواڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ”آءِ.ايم.اي سنڌي“ پڙهان پيو.

س: ان ڪتاب جو ليکڪ ڇا ٿو چوڻ چاهي؟

ج: هن انهيءَ ۾ پنهنجي سنڌ وطن، سنڌي ٻولي، ادب ۽ جڏهن سنڌ مان هندن جي لڏ پلاڻ نه ٿي هئي، انهيءَ دور جون ڳالهيون ڪيون آهن. ان کان سواءِ، ان وقت جيڪي هندو انڊيا ويا، اتي هنن جو گذر سفر ڪيئن ٿو ٿئي، اهي سڀ ڳالهيون هن لکيون آهن.

 

سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا

س: اوهان هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ڌارين لفظن کي پنهنجن شرطن تي قبول ڪيو آهي، جڏهن ته مختلف اخبارون ۽ ٽي.وي چئنل سنڌيءَ ۾ ضم ٿيل انگريزي لفظن جو جمع ۾ استعمال سنڌيءَ بدران انگريزيءَ ۾ ئي ڪن ٿا. مثال طور: اسڪول جو جمع اسڪولس، بس جو بسز وغيره جي طريقي سان. ڇا اهو سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۾ صرف و نحوَ جي اصولن مطابق آهي؟ ڇا انهيءَ سان سنڌي ٻولي شاهوڪار ٿيندي يا اهو عمل ٻوليءَ جي بگاڙ جو سبب بڻجندو؟

ج: اوهان جي سوال جا جواب تمام گهڻا ٿي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن مختصر جواب ڏجي ته آءٌ اهو چوندس ته سنڌي  ٻولي ڪنهن به ڌاري ٻوليءَ جو ڪوبه لفظ تيستائين پنهنجي استعمال م نه آڻيندي آهي ۽ نه ئي قبول ڪندي آهي، جيستائين انهيءَ لفظ تي سنڌي گرامر جو قاعدو لاڳو نه ٿيندو آهي. مثلاً اسم جا جمع ۽ اسمن جو گردان، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿئي ٿو.

        سنڌي ٻولي عجيب قسم جي ٻولي آهي، جنهن جهڙي ٻولي آءٌ ڀانيان ٿو ته دنيا ۾ اتفاق سان ڪا هجي ته هجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سموري لفظن جا گردان ٿين ٿا. اسم جو عدد، جنس ۽ زمان ۾ به گردان ٿئي ٿو. ساڳيءَ طرح سان صفت جو، فعل جو ۽ ڪجهه ضميرن جو به گردان ٿئي ٿو. سنڌي ٻولي پنهنجي لفظن جي گردانن تي ڪم ڪري ٿي، ۽ گرامر ۾ گردانن جو اهڙو لاڳاپو رڳو سنڌيءَ ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ کي سادي سهڻي ۽ مٺي زبان چيو وڃي ٿو.

س: درستگيءَ لاءِ سوال ورجايون ٿا ته ”اسڪول“ جو جمع ”اسڪولن“ وڌيڪ بهتر آهي يا ”اسڪولز“؟

ج: اسڪول جو جمع اسڪولَ (لام تي زبر سان) ٿيندو. وري جيڪڏهن ان کي حالتن ۾ ڦيرائبو ته ”اسڪولن ۾“، ”اسڪول کان“ هلندو رهندو، لفظ ڦرندو رهندو. ٻي ٻوليءَ جا گهڻو ڪري فقط اسم وٺبا آهن. ڪنهن به ٻوليءَ جا فعل، صفتون يا ضمير نه وٺبا آهن.

س: سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا هن ريت بيان ڪري ٿي، ”مورو ۾ حادثو“، ”بٺورو ۾ هيئن ٿيو“ ڇا اهو درست آهي؟

ج: نه . قاعدو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪوبه اسم مذڪر هجي، مثال طور مورو، ته ان کي چئبو ته مورو نالو آهي هڪ شهر جو، آءٌ موري ويس، آءٌ موري مان پيو اچان، هي ماڻهو موري جو رهندڙ آهي. اهڙيءَ ريت لفظ ”مورو“ ۾ گرامر جي اصول مطابق ڦيرو ايندو رهندو. حرف جر جي صورت ۾، فعل جي صورت ۾، عدد جي صورت ۾. جيئن صفت عربي لفظ آهي پر ان کي جمع ۾ صفتون چونداسين. ان کي حالت ۾ بدلائبو ته چونداسين ته ادا هن ماڻهوءَ ۾ تمام گهڻيون صفتون آهن. هي وڌيڪ صفتن وارو ماڻهو آهي.

   ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو جيڪو به لفظ کڻبو ته ان کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ اسين انهيءَ ٻوليءَ جو گردان سنڌي ٻوليءَ جي گرامر مطابق ڪنداسين.

س: سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ترقي ٿي آهي ۽ ڪيترن ئي سوالن جا جواب به اچي ويا آهن، مثال طور جيئن چيو ويندو هو ته ”سنڌي ٻولي مارڪيٽ جي ٻولي ڪانهي.“ جنهن جي جواب ۾ سنڌي ٻوليءَ اهڙا اصطلاح ڏنا، جيڪي مارڪيٽ جا ٿي ويا. سنڌي ٻولي جديد طريقن سان ڪمپيوٽر جي ٻولي به ٿي وئي، پر هاڻي اوهين ڇا ٿا سمجهو ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪي داخلي خطرا يا للڪارون درپيش نه آهن؟

ج: ٻوليءَ جي استعمال بابت جڏهن ڳالهه ڪريون ٿا ته ان جو مطلب آهي ته اها ٻولي جنهن قوم جي آهي، جنهن ملڪ جي آهي، جنهن سماج ۾ (ٻولي) هلي چلي ٿي، اتي ان ٻوليءَ جو استعمال، ڪم يا ڪارج ڪيتري قدر ٿئي ٿو. سنڌي ٻولي انگريزن جي دؤر ۾ به انگريزيءَ جي محتاج ڪانه هئي. تڏهن به سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، بازارن ۽ مارڪيٽ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ درسگاهن ۾ پڙهائي ويندي هئي. پهرئين درجي پرائمري کان ويندي بي.اي ۽ ايم.اي تائين به سنڌي ٻولي پڙهائي ويندي هئي.

   جيڪڏهن ڪا ڌاري ٻولي پڙهڻي يا سکڻي هجي، جيڪڏهن ان جي ضرورت هجي ته پوءِ اها خاص انداز سان سيکاري وڃي، ڇاڪاڻ ته هر ٻولي پنهنجي وطن ۾، سڄي ڪارج ۾ ڪم اچي ٿي.

س: ٻوليءَ جي حوالي سان اها ڳالهه به بحث هيٺ ايندي رهي ٿي ته جيڪي ٻوليون سڄي پاسي لکيون وڃن ٿيون، اهي اڄڪلهه وڏي دٻاءَ هيٺ آهن. جهڙيءَ ريت ماضي قريب ۾ بحث هليو هو ته ”سنڌي رومن طريقي سان لکي وڃي يا نه؟“ انهيءَ صورتحال جو اوهان کي ڪهڙو حل يا مستقبل نظر اچي ٿو؟

ج: سنڌي ٻولي اهڙي جبر يا مجبوريءَ ۾ ڪڏهن به نه آئي آهي. ڪا به ٻولي جيڪڏهن ڳالهائجي ٿي ته اها پنهنجي انداز سان ڳالهائجي ٿي. مادري ٻولي به پنهنجي انداز سان ڳالهائبي رهجي ٿي. ائين آهي ئي نه ته ڪو سنڌي ٻولي ڪنهن ٻوليءَ جي محتاج آهي. انگريزيءَ جي محتاج ڪانه ٿي، عربي ۽ فارسيءَ جو محتاج ڪانه ٿي. جڏهن ته اهي ٽيئي ٻوليون سنڌ ۾ مختلف وقتن تي  حڪمرانيءَ جي انداز ۾ موجود هيون. سنڌ ۾، سنڌي ٻولي شروعات کان وٺي هيستائين ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي محتاج نه رهي آهي.

س: سنڌي ٻوليءَ لاءِ چون ٿا ته ڪمپيوٽر جي ٻولي بنجي چڪي آهي، اي- ميل ۽ چئٽنگ سميت گهڻا ڪم سنڌيءَ ۾ ڪري سگهجن ٿا، پر عملي طور اسان جا ماڻهو ان جو استعمال نٿا ڪن، ان بابت ڇا چوندؤ؟

ج: سنڌي ٻوليءَ کي ان مان ڪوبه نقصان نه ٿيندو. اسين ڪڏهن به نه چاهينداسين ته پنهنجي رسم الخط يا اسڪرپٽ تان هٿ کڻي، انگريزي اسڪرپٽ يا ڪو ٻيو رسم الخط استعمال ڪيون. سنڌي ٻولي جيئن لکجي ٿي، ساڄي کان کاٻي پاسي، تيئن ئي لکبي رهجندي. جيڪڏهن انگريزي ٻولي کاٻي کان ساڄي پاسي لکجندي رهي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ کي ساڄي پاسي کان لکجندي هڪ سؤ سال گذرڻ باوجود ڪوبه نقصان نه پهتو آهي، ۽ نه ئي کاٻي ۽ ساڄي جو ڪو تصور پيدا ٿيو آهي.

س: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڀلائيءَ لاءِ اسٽيجن تي ڳالهائيندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جا ٻار اردو ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، ڇا اهو ٻٽو معيار ناهي؟

ج: اها عام ڳالهه آهي. هر ٻوليءَ جي لاءِ احساس هجڻ گهرجي پر ڌاريءَ ٻوليءَ جي استعمال ۾ ماڻهو اهڙو نه ڦاسي جو پنهنجي ٻوليءَ جو استعمال وسري وڃي.

   اسان کي ڳڻتي ان ڳالهه تي ٿيڻ گهرجي ته سنڌي اسڪولن ۾ هاڻي جيڪا انگريزي ٻولي زوريءَ مڙهي وئي آهي، اها ڪيترو نقصان پهچائيندي يا اردو ٻولي اسان کي ڪيترو نقصان پهچائيندي، سنڌي ٻوليءَ کي نه انگريزيءَ مان ۽ نه اردوءَ مان ڊپ آهي. جيڪڏهن اوهان جا اسڪول سنڌي ٻولي پڙهائيندا ته اها پڙهبي رهبي. ايم.اي تائين سنڌي پڙهجي ٿي. جيڪڏهن ڪابه حڪومت، چاهي اها پ پ يا مسلم ليگ يا ڪنهن ٻي جماعت جي هجي، انهيءَ جي دل ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نقصان پهچائڻ جي نيت پيدا ٿي پوي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پهرئين درجي کان ختم ڪري، اعلان ڪري ته فقط انگريزي پڙهو، ته پوءِ اها نقصان ڪار ڳالهه آهي، جنهن تي سموري قوم اٿي کڙي ٿيندي، ۽ جيڪي اهڙو حڪم جاري ڪندا، انهن جي حڪمرانيءَ کي ڪير مڃيندو ئي ڪونه. حڪومت جي هٿ ۾ رڳو اها ڳالهه آهي ته اها پنهنجي ٻوليءَ کي يا پرائي ٻوليءَ کي تعليمي سرشتي ۾ ڪيتري قدر اهميت ڏئي ٿي. جڏهن ته پرائي ٻوليءَ کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي.

س: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ سنڌ ۾ جيڪي ٻه ادارا سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ مان اوهان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

ج: آءٌ انهن جي ڪم مان بلڪل خوش آهيان. هو پنهنجي وس آهر سنڌي ٻوليءَ جي ڀلائي ۽ ترقيءَ لاءِ تسلي بخش طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن.

س: سنڌ حڪومت چيني ٻولي پڙهائڻ جي حوالي سان جيڪو اعلان ڪيو آهي، اهو ڪيتري قدر اسان جي فائدي ۾ آهي؟

ج: چيني ٻولي واري معاملي کي ماڻهن چرچي طور ورتو آهي. ڪنهن سرڪاري وزير يا صاحبِ اقتدار جي ذهن ۾ ڳالهه اچي وئي ته انهيءَ کي کڻي اٿاريو ويو ته هاڻي چيني ٻولي به سنڌي اسڪولن ۾ سيکاري ويندي. هو ته ڳالهه ڪري چڪو، پر ڳالهه ڪرڻ ۽ انهيءَ تي عمل ٿيڻ ۾ وڏو فرق هوندو آهي. اهي سياسي ماڻهو ڳالهيون ڪندا رهندا آهن. جيڪي قومي اهميت وارا معاملا هوندا آهن، انهن بابت اهي بغير ذميواريءَ جي ڳالهه کي اڇلايو ڇڏين ٿا. اهڙيءَ طرح هيءَ به سنڌ جي وزيراعليٰ جي (چيني سيکارڻ واري) هڪڙي ڳالهه هئي، جنهن جو سنڌ جي ماڻهن نوٽيس ورتو آهي. جيڪڏهن ٻين ٻولين سان گڏ چيني ٻولي به اوهان کي سيکارڻي آهي اهڙو بندوبست به ڪرڻو پوندو. فقط ان طريقي سان ئي اها عمل ۾ ايندي ۽ سيکاري ويندي. سنڌي ٻوليءَ کي ان مان نقصان ڪهڙو؟ اها (چيني) به سکي پونداسين يا ڪي ماڻهو سکي پوندا. سڀئي ماڻهو ته ڪونه سکندا ۽ نه ئي ڪنهن کي ضرورت آهي. اردو ٻولي سڀني ماڻهن ڪا سکي يا پڙهي آهي ڇا پر ڳالهائين ٿا، سنڌي ٻولي به ڳالهائين ٿا. ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ٻوليون هندستان جون آهن. انگريزي ٻولي سڀئي ماڻهو ڪونه ٿا ڳالهائين. فارسي جڏهن حڪمرانن جي ٻولي هئي، تڏهن اها فقط حڪمرانن وٽ لکپڙهه جي ٻولي (فارسي) هئي. باقي ڳالهائڻ ۽ روزمرهه جي استعمال ۾ سنڌي هئي.

س: ڪابه ٻولي، ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو استحصال ڪري ٿي يا ان کي مدد ۽ ترقي ڏياري ٿي؟

ج: ٻولي ڪنهن ٻوليءَ جو استحصال نٿي ڪري. ٻولي ڳالهائڻ وارا جيڪڏهن نئين ٻولي استعمال ۾ آڻين ٿا يا ضرورت محسوس ڪن ٿا ته ان جو مدار ان ڳالهه تي آهي ته اهي ڪيتري حد تائين سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي روزمرهه جي گفتگوءَ يا استعمال ۾ آڻين ٿا. جيڪڏهن ٻي ٻولي/ ڌاري ٻولي گهڻي ڳالهائبي، گهڻي ڳالهائڻ جو مطلب آهي ته اڪثريت ۾ ڳالهائبي يا ڪو ماڻهو سڄي زندگي انگريزي پڙهي ته رڳو انگريزي پيو ڳالهائيندو، ائين ڪڏهن ٿيو ئي ناهي. تنهنڪري ڪابه ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو استحصال نٿي ڪري، پر ٻي ٻوليءَ جي پاڻ مددگار ٿئي ٿي، لفظ ۽ محاورا ڏئي ٿي. انهن جي معنيٰ ۽ فڪر کي ڪڏهن ڪڏهن قبولڻو پوي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جو فڪر، محاورا ۽ ڳالهيون ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻيون پون ٿيون. اهڙي طرح ٻوليون هڪ ٻئي کي مدد ڪن ٿيون.

س: ڇا ٻوليءَ جي حوالي سان ڪو اهڙو عالمي ادارو به آهي، جيڪو ڪنهن ٻوليءَ کي محدود، گم يا ختم ٿيڻ جي صورت ۾، ان جي بچاءَ يا تحفظ لاءِ ڪم ڪري؟

ج: عالمي سطح تي اهڙو ادارو، گڏيل قومن جو ادارو يونيسڪو آهي. اها جماعت ٻولين جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪري ٿي. آءٌ ڀانيان ٿو ته ٻي ڪنهن قوم جي جماعت يا ادارو اسان جي ٻوليءَ ۾ ايتري دلچسپي ڇو رکندو جو اسان جي ٻوليءَ جي باري ۾ سوچيندو!

*

سنڌي ڪلچر جو عالمگير ڪردار

س: ڪلچر جي حوالي سان اوهان کان سوال ڪنداسين ته سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ڪلچر“ ۾ لکيو آهي ته سنڌي ڪلچر ۾ اهڙا سگهارا عنصر موجود آهن، جيڪي دنيا ۾ هاڻي اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ڪلچر دنيا جو نهايت شاهوڪار ڪلچر آهي. ڇا اوهان ان خيال سان متفق آهيو؟

ج: ها. زنده قوم جو ڪلچر هميشه زندهه رهي ٿو ۽ هميشه زندهه اهو ڪلچر رهندو، جيڪو ترقي ڏانهن وڌندو رهندو. جيڪڏهن ڪوبه ادب توڙي ڪلچر ترقي نٿو ڪري ۽ پنهنجي قدامت واري سلسلي ۾ رڪجي وڃي ٿو ته اهو جٽاءُ نه ڪري سگهندو. اها حقيقت آهي ته جيترو سنڌي ڪلچر شاهوڪار آهي،  ائين تمام ٿورڙيون قومون آهن جن جو ڪلچر اوچائي تي پهتل آهي. شعر و شاعري توڙي نثر نويسيءَ ۾، ۽ ڪتابي دنيا ۾ به سنڌي ڪلچر اوچائي تي پهتل آهي.

آءٌ اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته انگريزن جي زماني ۾، صحافتي ادب جي ترقيءَ لاءِ به اسان قدم کنيا. جيڪا سنڌي ٽائيپ استعمال ۾ رهي، اها منهنجي ٺهرايل هئي. اڳي انهيءَ جي شڪل ئي ڪجهه ٻي هئي، جڏهن ته الف ب ساڳي هئي. هي جديد فارسي واري شڪل کي نستعلق نه پر نسخ چئجي ٿو، ۽ جديد کان جديد نسخ جي ٽائيپ مون ٺهرائي هئي. ادبي بورڊ ۾ جيڪي ٽائيپ ٺهرائڻ وارا هئا، مون انهن وٽ وڃي اهو ڪم ڪيو.

مون هڪ تجربو پڻ ڪيو هو ۽ اهو هيءُ ته هر اکر جون جيڪي ٽي صورتون ٿيون- شروعات، وچ ۽ آخر، انهن مان جند ڇٽي وڃي، ۽ جيئن انگريزيءَ ۾ هڪ ئي قسم آهي، جنهن کي يونيٽري اسڪرپٽ چئجي ٿو، اهڙيءَ طرح سان الف کي قائم ڪجي. مون اهو هن ريت ٺاهيو هو. مثال طور، ”ب“ آهي، جيڪو آخر وچ توڙي شروع ۾ ساڳي صورت اچي ۽ هڪ ٻئي کان الڳ الڳ هجي جيئن انگريزي ٽائيپ آهي. سنڌي ٽائيپ رائيٽر به مون ٺهرايو هو. سنڌي ٽائيپ رائيٽر پراڻو ٺهيل هو جيڪو به تڏهن گم ٿي ويو هو. نئون (سنڌي ٽائيپ رائيٽر) ٺهرائڻ لاءِ آءٌ لاهور ويس ۽ ٽائيپ رائيٽر جي ڪارخاني ۾ ويهي اسان ڪم ڪيو. ٽائيپ ٺهرائڻ بعد مون ان تي هڪ پمفليٽ ڪڍيو ۽ ماڻهن کان راءِ به ورتي، پر پوءِ اها ڳالهه مون کي پاڻ نه وڻي، ۽ پوءِ اصلوڪي لکت تي نئين ٽائيپ ٺهي. اردوءَ واري ٽائيپ به مون ٺهرائي.

س: اردوءَ واري ٽائيپ اوهان ڪڏهن ٺهرائي؟

ج: آءٌ جڏهن ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ اسپيشل ڊيوٽي آفيسر هئس ته مون اهو فيصلو ڪرايو هو ته اردوءَ جو رسم الخط به نسخ ۾ ٿئي. ان ۾ پڻ ڪتاب ڇپيو هو، تنهن کان پوءِ نسخ وارا زور ٿي ويا.

س: اوهان سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جا باني رهيا آهيو، ان جو قيام جو ٿورو پس منظر ٻڌائيندا؟

ج: آءٌ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو باني آهيان ۽ اٺ ڏهه سال ان جو سيڪريٽري ۽ چيئرمين به رهيو آهيان. بورڊ جي اها عمارت پڻ مون ٺهرائي هئي. جيئن ته ون يونٽ جي زماني ۾، اولهه پاڪستان جو ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جيڪو لاهور ۾ هو، اتي سنڌ حڪومت مون کي پنهنجو اسپيشل ڊيوٽي آفيسر ڪري ڇڏيو. اهو ”بلوچستان“ لفظ مون هنن کي شامل ڪرايو ته بلوچي ٻولي به شروعات کان پڙهائي وڃي جيئن سنڌ ۾ سنڌي ٻولي شروعات کان پڙهائي وڃي ٿي. بلوچستان ۾ بلوچي ۽ پختونخواه ۾ پشتو ٻولي پڙهائي وڃي. پڇاڙيءَ جو آءٌ پرنسپال ٿي ويو هئس. مون کي سيڪريٽريءَ مان بدلي ڪري جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ڪيائون. وري مون سان ڪاوڙيا ته اتان بدلي ڪري لاهور رکيائون. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو مون تي ٺپو لڳل هو. انهيءَ ڪري هنن مون کي آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي فار سنڌ رکيو. پوءِ هتي آيس ۽ جڏهن ون يونٽ ٽُٽو ته مون سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ٺهرايو. مون باقاعديءَ سان خط و ڪتابت ڪري سنڌ حڪومت کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي قيام واري ڳالهه قبول ڪرائي. انهيءَ زماني ۾ غلام مصطفيٰ شاهه منهنجو دوست هو، جنهن منهنجي مدد ڪئي. اسين ٻئي ڄڻا گڏجي وزير اعليٰ رسول بخش ٽالپر وٽ وياسين، جنهنڪري اسان کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ لاءِ پئسا مليا، جن مان مون اها بلڊنگ ٺهرائي ۽ آءٌ ئي سيڪريٽري ٿيس.

س: اوهان سان ڇو ڪاوڙيا جو اوهان کي سيڪريٽريءَ مان هيڊ ماستر ڪري ڇڏيائون؟

ج: 1947ع ۾، مون ’سَيوِ سنڌ سَيوِ دي ڪانٽِينَٽ‘ ڪتاب لکيو هو، جنهنڪري ڪاوڙيل هئا.

س: اوهان جيڪڏهن سائين جي.ايم.سيد جي ان راءِ سان متفق آهيو ته اسان جو ڪلچر انتهائي سگهارو آهي ته پوءِ ڪهڙا ڪارڻ آهن جو اسان سنڌي پوئتي رهجي ويا آهيون؟

ج: اسان پوئتي سياست جي ڪري رهجي ويا آهيون. اسان جي سياست حڪمران طبقي کي هٿ اچي وئي آهي. درحقيقت، سياست قوم جي بهتريءَ جي ضمانت هوندي آهي. سياسي ماڻهو قوم جي ترقيءَ جا ضامن هوندا آهن. اسان وٽ مسلم ليگي سياست غلط، مذهب زده ۽ رجعت پسنديءَ واري سياست رهي آهي، ترقي پسند سياست پاڪستان کي اڃا ملي ئي ناهي. سياست سڌرندي ته قوم جي تقدير بدلجندي. اسان وٽ سياست پراڻي ۽ پراڻن (خيالن وارن) ماڻهن جي هٿن ۾ آهي. حاڪم طبقو، سياست جو وارث بڻيو ويٺو آهي. حڪمرانُ، سنڌ ۾ توڙي ٻئي هنڌ زميندار طبقو آهي. حڪمرانَ اسان کي پوئتي رکڻ جا ذميوار آهن. اهي چاهين ٿا ته اسين جتي آهيون، اتي ئي هجون بلڪه اڃا به پوئتي هجون ته چڱو. اهي ننڍي هوندي ڳالهه تي پنهنجن پروگرامن ۾ مذهب کي ۽ پراڻين ڳالهين کي آڻين ٿا. هر هنڌ مذهب مذهب ڪن ٿا، جنهن اسان کي اچي ڳچيءَ مان ورتو آهي. رجعت پسند طالبان کي ڏسو، جيڪي ماڻهن کي مارين ٿا ۽ ڇوڪرين جي تعليم ختم ڪرڻ چاهين ٿا. چوڻ جو مقصد ته اسان جي پوئتي رهڻ جي ذميوار سياست آهي. جنهن قوم جي سياست جيتري انقلابي، ترقي پسندي ۽ سجاڳيءَ واري هوندي، اها قوم اوترو اڳتي وڌندي.

س: ڪلچر کي صحيح معنيٰ ۾ ترقي ڪيئن ڏياري سگهجي ٿي؟

ج: ڪلچر جي ترقيءَ ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ يا ٻوليءَ جي ادب جي ترقي، تعليم ۽ تدريس جي ترقي، اشاعت جي جدت ۽ اطلاعات جي ذريعن جي ترقي، ٻوليءَ کي مليل نيون راهون ۽ انهن مان فائدو وٺڻ جي اهليت، تخليقي ادب ۽ ترقي پسنديءَ واري تعليم شامل آهن. درحقيقت حڪمران طبقو نٿو چاهي ته اسين ترقي ڪريون، انڪري هو قدامت پسنديءَ کي هٿي ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته محنت ڪندڙ طبقي جو فائدو ادب ۽ تعليم جي واڌاري، نواڻ ۽ تبديليءَ ۾ آهي. تبديليءَ کي پسند ڪندڙن جو تعداد وڌندو ته تبديلي ايندي. جيڪڏهن قدامت پسند قائم رهندا ته ماڻهو اتي بيٺو هوندو. اهوئي سبب آهي جو تعليم ۽ سياست ۾ اسان جو واڌارو ڪو نٿو ٿئي. اسان جي ڪلچر کي ايترو واڌارو ڪو نٿو ملي جيترو ملڻ گهرجي. باغي يا اختلاف رکندڙ ماڻهو پنهنجي اختلاف ۽ ترقي پسنديءَ جي زور تي جيڪو نئون نئون ڪم ڪندا رهن ٿا، ان جي بنياد تي ادب وڌي ٿو.

س: ڇا ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سان ثقافت کي هٿي ملي ٿي؟

ج: سنڌي ڪلچر جي باري ۾ جيترا گهڻا سٺا ڏهاڙا ملهائبا، ڪلچر کي اوتري هٿي ملندي، ڇاڪاڻ ته جنهن ڳالهه لاءِ ڏينهن ملهائجي ٿو، انهيءَ عمل سان پابندي پيدا ٿئي ٿي، ۽ ترقي، واڌارو ۽ سڌارو اچي ٿو.

 *

سنڌي شاعريءَ ۽ ادب جو معيار

س: ورهاڱي کان پوءِ جيڪا سنڌي شاعري سرجي آهي، ان کي معيار جي حوالي سان ڪهڙي سطح تي بيهاري سگهجي ٿو؟

ج: ڪنهن به زندهه ٻوليءَ جي شاعري ڪڏهن به ختم ٿيڻي ڪانهي. جيستائين ٻولي زندهه آهي تيستائين ان جي شاعري ۽ ادب قائم رهڻو آهي. ان جي معيار واري سوال تي آءٌ اهو چوندس ته هر دؤر جي شاعري پنهنجي دؤر جي ترجمانيءَ طور سرجي ٿي ۽ ادب چئبو ئي انهيءَ کي آهي. هڪڙو ادب قديم ادب، ڪلاسيڪل ادب ۽ ٻيو جديد ادب آهي. جيئن جيئن دؤر گذرندو ويندو تيئن تيئن نئين نئين قسم جو ادب شايع ٿيندو رهندو.

س: شيخ اياز کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جي ڪهڙي صورتحال آهي؟

ج: شيخ اياز پنهنجي دؤر جو يڪتا شاعر هو، جنهن کي Unique Poet چئي سگهجي ٿو. تنهن جي معنيٰ اها ناهي ته شيخ اياز جي دؤر ۾ جيڪي ٻيا شاعر هئا سي شاعر ئي نه هئا يا بهتر شاعر نه هئا يا بهترين شاعر نه هئا، پر اياز پنهنجو خاص درجو رکندڙ شاعر هو. انهيءَ دؤر ۾، انهيءَ درجي کي ٻيا شاعر پهتل نه هئا، تنهنڪري شيخ اياز جي تدفين اتي (ڀٽ شاهه ۾) انهيءَ لحاظ سان ڪرائي وئي هئي.

س: ابراهيم منشي، نياز همايوني، محمد خان مجيدي ۽ ٻيا جيڪي شيخ اياز جا همعصر شاعر هئا، انهن کي هاڻي آهستي آهستي وساريو پيو وڃي. جڏهن ته پنهنجي دؤر ۾ انهن جو وڏو پڙاڏو هوندو هو. انهيءَ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

ج: سنڌ ۾ اسڪولن کان وٺي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح تائين جيڪو تدريسي ڪم ٿيندو رهي ٿو، انهن (ذميوار اختيارين) جو ڪم آهي ته پنهنجن سنڌي شاعريءَ جي سبجيڪٽ وارن درسي ڪتابن ۾ قديم ۽ جديد شاعرن جو ڪلام ڏين. هاڻي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ايتري وسيع ۽ اثرائتي نه رهي آهي ۽ فقط پهرئين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين ڏني وڃي ٿي. اڳي ستين درجي تائين سنڌيءَ جي جيڪا تعليم هلندي هئي. هاڻي اها ڪٿي به نٿي هلي. ڪٿي به ستن درجن وارو ڪو سنڌي اسڪول ناهي! جڏهن ته اسان جي زماني ۾ سنڌي ست درجا هئا. ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارن کي درسي ڪتابن ۾ ٻين شاعرن بابت سبق ڏيڻ کان روڪڻ وارو ڪير به ناهي.

س: اوهان پنهنجي دؤر جي اعليٰ شاعريءَ کي ايڊٽ ڪيو آهي. ٽِماهي ”مهراڻ“ رسالي جا ايڊيٽر ۽ شيخ اياز جا شارح رهيا آهيو، سندس شاعريءَ جا مهاڳ لکيا اَٿَو. شاعريءَ سان اوهان جو ايترو گهرو تعلق رهيو آهي، ته ڇا اوهان پاڻ ڪڏهن شاعري ڪئي؟

ج: جڏهن آءٌ مئٽرڪ جو امتحان ڏئي ڳوٺ ويو هيس ته ديري تي جهار هڪليندا هئاسين. اتي مون کي شاعري ڪرڻ جو موقعو مليو. منهنجا ٻه ٽي شعر پهرئين درجي واري سنڌي ڪتاب ۾ ڇپيا به هئا، پر پوءِ مون شاعري ڇڏي ڏني.

س: اوهان شاعري ڇو ڇڏي؟

ج: شاعري ان ڪري ڇڏيم جو اياز منهنجو دوست هو. مون سوچيو ته سنڌي ٻوليءَ کي وڏو شاعر ملڻ گهرجي، تنهنڪري مون هن کي همٿايو.

س: سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان هن وقت ڇا صورتحال آهي؟ ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين اهڙو ناول نه ڇپيو آهي، جنهن کي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهجي يا حوالو ڏئي سگهجي. اوهان ڇا چوندؤ ان بابت؟

ج: مرزا قليچ بيگ جي دؤر ۾ ناول شروع ٿيا ۽ مختصر ڪهاڻيون به تڏهن شروع ٿيون.

س: ترجمو ٿيون يا لکجڻ شروع ٿيون؟

ج: لکجڻ شروع ٿيون. تنهن کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ان سلسلي کي اڳتي وڌايو ۽ اڃا سنڌي به ناول لکجن پيا پر ”زينت“ پهريون پهريون ناول شمار ڪيو وڃي ٿو.

س: پڙهڻ جو لکڻ سان ڪيترو تعلق آهي؟ ائين ته ناهي ته سنڌي اديبن ۾ مطالعي جو رجحان گهٽ آهي، انڪري ڪو معياري ڪم سامهون نه اچي سگهيو آهي؟

ج: مون کي معاف ڪيو وڃي جو آءٌ انهيءَ راءِ سان متفق نه آهيان ته ڪو هن وقت معياري سنڌي ادب ڪو نه ٿو ڇپجي. بلڪه سنڌي ادب جيئن پوءِ تيئن وڌندو وڃي ٿو ۽ ان ۾ بهتري ايندي وڃي ٿي. ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا رنڊڪ نه آهي. ٻولي جيڪڏهن جيئري آهي ۽ پڙهائي وڃي ٿي ۽ ان جي تعليم کي عام ڪيو وڃي ٿو ته اها انهيءَ معيار جي آهي جو اعليٰ درجي تائين ان ٻوليءَ ۾ تعليم ڏئي سگهجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو ادب انهيءَ لائق آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اعليٰ کان اعليٰ تعليم جي حد تائين مضمون طور قائم رکيو وڃي.

    حسام الدي راشدي، پير علي محمد راشدي، جي.ايم.سيد ۽ مون مسڪين گڏجي سنڌي ادبي بورڊ کي قائم ڪرايو ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۽ واڌاري لاءِ ڪوشش ڪئي، ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي تعليم واري صورت ۾ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو.

*

اياز جي شاعريءَ جي ڪٿَ، وصيت ۽ سيد سان رسامي وارو معاملو

س: اوهان ان راءِ بابت ڇا چوندا ته شيخ اياز جي اردو شاعري فيض احمد فيض جي شاعريءَ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي؟

ج: اردو ٻوليءَ کي آءٌ ايترو ڄاڻان ئي نٿو، جنهن جي باري ۾ ڪا راءِ رکان، ۽ نه ئي مون اردوءَ جا ترجما پڙهيا آهن. ترجمي جي باري ۾ منهنجي راءِ ئي جدا آهي ته اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جو ترجمو ٻي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ جو دل ۾ ارمان، دک ۽ شوق ڇو ٿو پيدا ٿئي. جيڪڏهن اسان جي ٻوليءَ جو ترجمو ڪنهن کي وڻي ٿو ته پنهنجي انهيءَ ٻوليءَ ۾ پاڻ ڪن. غلام ٻولي يا هڪ ننڍڙي ٻولي ڳالهائڻ وارا پاڻ کي ننڍڙو قد و قامت وارو سمجهي، پاڻُ وڻائڻ لاءِ پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ جو ترجمو ڪندا آهن. جڏهن ته دنيا ۾ ڪيتري به ڪا مشهور ٻولي هجي، ان جي ڳالهائڻ وارن پاڻ ڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جو ترجمو ڪري، ٻي ٻوليءَ ۾ ڏنو هجي، اهڙو ڪو مثال نٿو ملي.

اسان کي پنهنجي ادب جي ترجمي جي سلسلي ۾ اها پريشاني غلاميءَ واري ڪمزوريءَ جي ڪري آهي. هر ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جا درجا هوندا آهن ۽ لاڳاپيل قوم پنهنجي ٻوليءَ واري پنهنجي ادب کي درجو بَه درجو ڏيندي اهي. انگريزن ڪڏهن به ائين ناهي چيو ته شيڪسپيئر کي جرمنيءَ وارن وڌيڪ ترجمو ڪيو يا پسند ڪيو آهي.

س: شيخ اياز کي سنڌ کان ٻاهر گهربل پذيرائي نه ملڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟

ج: حڪمرانن کي محڪوم ماڻهن جي ٻوليءَ سان ڪهڙي دلچسپي ته انهن جي ٻوليءَ جو واڌارو ٿئي، هو ته چاهيندا، ته محروم ۽ محڪوم ماڻهو جيڪي اسان جا هونئن ئي غلام آهن، وڌيڪ غلام ٿين.

س: شيخ اياز تي تاجل بيوس، آدرش ۽ ٻين تنقيد ڪئي ۽ هڪ وڏو تنقيدي دؤر هليو. اها تنقيد اوهان سمجهو ٿا ته ڪيتري قدر جائز ۽ ڪيتري قدر اجائي هئي؟

ج: ٿورو دلجمعيءَ سان سوچيو ته دنيا ۾ ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن جي ڳالهائڻ وارا، پنهنجي ادب دنيا ۾ هڪ ٻئي سان ڪو اختلاف نٿا رکن ۽ پنهنجو پاڻ ۾ تنقيد ۽ ڀيٽا ڀيٽي نٿا ڪن. اسان جي سنڌي  ٻوليءَ ۾ لطيف، سچل ۽ سامي پنهنجي جاءِ تي قابلِ قبول آهن. باقي پنهنجي دؤر ۾ پيدا ٿيندڙ جديد شاعرن تي سندن دؤر جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي راءِ رکن ٿا. جيئرا جاڳندا ماڻهو پنهنجي دؤر جي زندهه شاعرن بابت راءِ رکن ٿا ته اهو انهن جو حق آهي ته ڪهڙي شاعر کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ ڪهڙي شاعر کي نٿا پسند ڪن. تنهنڪري ائين نه ٿيڻ گهرجي ته جيڪي پسند ڪن، انهن کي اکين تي رکون، ۽ جيڪڏهن ڪو وڏي شاعر جي باري ۾ ڪا ڳالهه ڪري ته هيسجي ۽ سُسي وڃون.

س: جيئن ته اوهان پنهنجي دؤر جي ٻن وڏين شخصيتن سائين جي.ايم.سيد ۽ شيخ اياز جي گهڻو ويجها رهيا آهيو. انهن ٻنهي شخصيتن جي وچ ۾ جڏهن رسامو ٿيو ته اوهان ڪنهن کي حق بجانب سمجهيو ٿي؟

ج: ڳالهه سنئين سڌي پئي آهي ته شيخ اياز شاعر هو، جي.ايم.سيد شاعر نه هو. جي.ايم.سيد سياست جي ميدان ۾ اڀريو، جنهن ۾ هن جي مهارت هئي. انهيءَ ميدان ۾ سنڌي ماڻهن کي رهبري ملي. جڏهن ته شيخ اياز جي شاعر ۽ ادبي ماڻهو هئڻ مان ماڻهن کي فائدو مليو آهي، انڪري ٻنهي جي ڀيٽ ته ٿي ڪانه ٿي سگهي. اهو به اسان جي لاءِ اکين جو نور هو ته هو به اسان جي لاءِ اکين جو نور هو. ٻئي اسان کي قبول قبول آهن بشرطيڪ اسان ٻنهي کي هڪجهڙو سمجهون، پر هڪجهڙائيءَ لاءِ ماڻهن جي وچ ۾ ڀيٽا ڀيٽي ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. اهو سوال ئي ابتو ٿِي ٿو وڃي ته آءٌ ٻن، ٽن يا اٺ، ڏهه پندرنهن دوستن وچ ۾ ويهي فيصلو ڪرڻ لاءِ پريشان ٿيان ته هڪ ٻئي جي باري ۾ منهنجا دوست ڇا ٿا سوچين، ڇا ٿا سمجهن. اهڙي صورت ۾ منهنجي دوستي انهن سان ڪيئن بحال رهندي ۽ ڪيئن قدر واري چئي سگهبي.

س: سائين جي.ايم.سيد ۽ شيخ اياز ۾ اختلاف ڪو ذاتي نه پر سياسي نُڪتي تي ٿيو هو. اياز جي هڪ بيان تي سيد اعتراض ڪيو هو ۽ سندس لکيل تراني جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان حوالي سان اوهان جي ڪا راءِ آهي؟

ج: خير، وري به آءٌ عرض ٿو ڪريان ته جي.ايم.سيد سياسي اڳواڻ هو ۽ هن جي سياست سنڌ جي فائدي ۾ هئي. سندن شيخ اياز سان حجت هئي ته هي به شاعر ماڻهو آهي، پر جيڪڏهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا غلط فهمي ٿي پوي ٿي ته انهيءَ خيال کي انهيءَ سطح تي رکبو جنهن سطح تي اهو (اختلاف) ٿيل آهي. انهيءَ جي باري ۾ وڌيڪ ڪٿ ڪرڻ، جنهن سان غلطان رهجي وڃي، غير مفيد شيءِ آهي.

س: ڪجهه ماڻهن جو اڃا تائين اهو خيال آهي ته شيخ اياز کي پنهنجي ابدي آرام لاءِ ڀٽ شاهه بدران ڪراچيءَ ۾ سمنڊ ڪناري يا سنڌ يونيورسٽي جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ها. ڇا اوهان اياز جي وصيت واري فيصلي سان سهمت هئا؟

ج: شيخ اياز جو مقبرو ڀٽ شاهه ۾ ضرور آهي، پر شاهه عبداللطيف جو مقبرو پنهنجي جڳهه تي قائم دائم آهي. جيڪو ماڻهو گذاري وڃي ٿو، هڪ ته انهيءَ جي پسند ناپسند جيڪڏهن ڪا ظاهر ٿيل آهي ته ان کي اهميت ڏبي. جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ ۾ هن انهيءَ جو اظهار نه ڪيو آهي ته پوءِ ”مئو ٿيو جيئرن جي وس“. جيئرن ڪٿي به دفن کڻي ڪيو ته اهي پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن. انهيءَ ۾ ويهي ڪهڙا فيصلا ڪجن ته هِتي هجي ها يا هُتي نه هجي ها.

س: ڇا اياز جي وصيت هئي سهي؟ ڇو ته شيخ اياز پنهنجن شعرن ۾ مختلف هنڌن تي ڏَس ڏنو آهي ته ”جتي نم جو وڻ هجي ۽ پکي لات لنوي“، اتي مون کي پورجو، ته ڇا شيخ اياز وصيت ڪئي هئي، جنهن مطابق ڀٽ شاهه ۾ سندس تدفين ڪئي وئي؟

ج: هن ڪا به وصيت نه ڪئي هئي. هن جڏهن وفات ڪئي، آءٌ پاڻ اتي ويو هيس. هو شڪارپور جو رهاڪو هو، پر شڪارپور کي ڇڏي ڪي سال ٿيا هيس، پر سموري سنڌ هن جو وطن هو. شيخ اياز پنهنجي تدفين بابت ڪڏهن خيال ظاهر نه ڪيو هو، پر مون سان هن ذڪر ضرور ڪيو هو. جڏهن فوت ٿيو ته مون اها ڳالهه اتي ئي ڪئي هئي ته هن مون سان ڀٽ شاهه ۾ تدفين جو ذڪر ڪيو هو. هن پنهنجي گهرواريءَ سان به ذڪر ڪيو هو ته ”آءٌ گذاري وڃان ته منهنجو مدفون شاهه جي احاطي ۾ ٿيڻ گهرجي.“ چوڻ جو مطلب ته شيخ اياز جي گهرواري ۽ آءٌ، اسان ٻئي ان لاءِ ذميوار هئاسين. ٻنهي کي خبر هئي ته هن اها ڳالهه اسان سان ڪئي هئي. پوءِ اهو سوال پيدا ٿيو ته کيس شاهه جي ميدان تي دفن ڪيو وڃي يا ڪنهن ٻئي هنڌ؟ هڪڙن ماڻهن چيو ته شاهه لطيف جي احاطي ۾ دفن ٿئي. تڏهن ثقافت کاتي جي سيڪريٽري حميد آخوند اسان جي فيصلي کي وڌيڪ پختگي ڏني ته شاهه جي ڀٽ تي جيڪڏهن تدفين ٿئي ته پوءِ ڪراڙ جي ٻئي ڪناري مهمانن جي آمد واري جاءِ تي ٿئي، جتي جلسا وغيره ٿيندا آهن. حميد آخوند جي صلاح سان اسان سڀ متفق ۽ خوش ٿياسين.

   هاڻي به جيڪڏهن ڪو شاعر پنهنجي تدفين شاهه جي مقبري جي آس پاس يا شيخ اياز جي ڀر ۾ ڪرائڻ بابت ڪو اظهار ڪري ۽ هو گذاري وڃي ته سندس پونيرن کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.

*

شاهه لطيف جو ڪلام ۽ اڳڀرايون

س: ڇا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ٻيهر شرح لکڻ جي ضرورت آهي؟

ج: اسڪولن اندر تعليمي سرشتي ۾ مادري ٻولي سيکاري وڃي ٿي. مادري ٻولي تعليم جو ذريعو آهي ۽ تعليم واري ذريعي جو مطلب آهي ته انهيءَ ٻوليءَ جي شاعري ۽ ادب، نصاب ۾ پڙهايو وڃي. شاعري هر دور ۾ نئين نئين قسم جي ٿئي ٿي، جنهن ۾ ضرورت مطابق وقت جي ترجماني ٿيل هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم کي خطرا پيدا ٿين ٿا ته انهن خطرن جي بچاءَ لاءِ شاعريءَ ۾ پنهنجن خيالن کي ٻين تائين پهچائبو آهي.

س: ڇا شاهه جي ڪلام تي گهربل تنقيد ٿي آهي يا مورڳو عقيدت سبب ٿي ئي نه سگهي آهي؟

ج: تنقيد لفظن جون ٻه معنائون آهن. هڪ معنيٰ اها آهي ته ڪنهن ادب يا ٻوليءَ جون ڪمزوريون ڪڍي ظاهر ڪجن ۽ ٻي معنيٰ اها آهي ته ٻوليءَ جون خوبيون ۽ فڪري قدر نڪري ٻاهر ٿين. سنڌي ٻوليءَ ۾ تنقيد جو ڪم شروع کان وٺي جاري آهي. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري، لطيف، سچل، سامي روحل ۽ ٻين اهڙن شاعرن جو ڪلام قديم ڪلاسيڪل شاعري آهي. جڏهن ته جديد شاعري جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پيدا ٿئي ٿي، جيڪا پڻ اڳتي وڌندي رهي ٿي. شاعريءَ جو قدر ڪبو ۽ هڪ ٻئي کي سمجهاڻي ڏبي رهبي ته بهتر ٿيندو. شاهه جو شعر ادب جو تمام اونهو اظهار آهي. هر ٻوليءَ جو ڪو نه ڪو ڪلاسيڪل ادب ان لائق هوندو آهي ته انهيءَ کي قائم رکيو وڃي ته جيئن انهيءَ کي هميشه پڙهبو ۽ سمجهبو رهجي. جيڪڏهن شاهه جي شاعريءَ کي سمجهڻ جي لاءِ ڪير ان بابت ڳالهائي ٻولهائي ٿو، ته ان کي خاميون ڪڍڻ واري معنيٰ ۾ تنقيد نه پر شعر جي فڪر ۽ رهبريءَ کي پڙهندڙن لاءِ اجاگر ڪرڻ چئبو، ۽ اهو عمل جاري رهندو.

س: شاهه جي رسالي ۾ موجود ڪجهه سُرن جهڙوڪ ڪيڏارو وغيره بابت متضاد رايا آهن. هڪڙن جو چوڻ آهي ته اهو (ڪيڏارو) شاهه صاحب جو ناهي. اوهان جي ان حوالي سان ڪهڙي راءِ آهي؟

ج: شاهه جو رسالو اڄ به ميدان ۾ آهي، جنهن جا ڪيترائي ڇاپا ۽ ايڊيشن شايع ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. ڪنهن ڇاپي ۾ ڪيڏارو موجود آهي ۽ ڪنهن ۾ ناهي، ائين شروع کان وٺي آهي. ڪيڏارو فقط ڪربلا جي شهيدن جي باري ۾ آهي. اهو وري مذهبي سوال ٿيو ٿو وڃي سو انهيءَ انداز سان اها ڳالهه شروع کان ئي رهي آهي. شاهه جي رسالي ۾ سر ڪيڏارو شروعات واري دؤر ۾ شايع ناهي ٿيو. اڳتي هلي پوءِ ڪنِ ڪنِ مرتبن ان ۾ ٿورو گهڻو شعر شامل ڪيو آهي، ته شاهه جو ڪيڏارو آهي. هن وقت به شاهه جا جيڪي رسالا آهن، انهن مان ڪنهن ايڊيشن ۾ سر ڪيڏارو آهي ته اهو تمام ٿورو آهي، پر اهو قائم دائم آهي. انهيءَ کان ڪير انڪار ڪري ئي نٿو سگهي. اهو (ڪيڏارو) موجود آهي ته سٺي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن موجود ناهي ته ٻيا به سُر آهن، سسئي پنهون، مومل راڻو، عمر مارئي ۽ ٻيا، جن لاءِ ڇا ڪڏهن ڪنهن ائين چيو آهي ته رسالي ۾ فلاڻو (سُر) موجود هجي يا نه هجي. جيڪڏهن ڪيڏارو شاهه جو چيل آهي ته اهو ڇپجڻ ۽ پڙهڻ سٺي ڳالهه آهي.

س: شاهه جو ڪلام ڪيترن ئي مرتبن ترتيب ڏنو آهي. انهن مان ڪنهن جو ترتيب ڏنل رسالو وڌيڪ معياري ۽ مستند سمجهو ٿا؟

ج: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو معياري ۽ مستند آهي. ان کان پوءِ شاهه جا ٻيا به مجموعا آيا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اٺن ڏهن جلدن ۾ شاهه جي رسالي جي تشريح ۽ اشاعت ڪئي آهي، پر شاهه جو رسالو بذات خود هڪڙي ئي ڪتاب ۾ موجود آهي ۽ عام طرح سان اهو ئي پڙهيو وڃي ٿو. باقي شاهه جي ٻولي قدامت واري هئڻ ڪري هر رسالي ۾ معنيٰ ڏنل آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو اهو پڙهي سگهي ٿو.

س: شاهه جي رسالي تي انگريزيءَ ۾ مشتاق علي شاهه جو ڪيل ڪم اوهان جي نظر مان گذريو آهي؟

ج: ادب بابت منهنجو سدائين رايو رهيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب جو ترجمو جيڪڏهن ٿئي ته ترجمو ڪندڙ شخص اها ٻولي ڄاڻندڙ هجي، بلڪه مادري زبان ان جي هجي. سنڌي ماڻهو جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ کي فارسي، عربي يا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندا ته انهيءَ جو ايترو قدر نه ٿيندو ۽ نه ئي ان کي مستند سمجهيو ويندو، پر مستند سَنَدِي تڏهن ٿيندو، جڏن ادب جو ترجمو جنهن ٻوليءَ ۾ ٿئي، انهيءَ (ٻوليءَ) جو ڳالهائيندڙ ترجمو پاڻ ڪري. انگريزي ٻوليءَ جي ادب جو، ڪنهن به انگريز فرينچ ٻوليءَ ۾ ترجمو نه ڪيو آهي. فرينچ ٻوليءَ جي ڪتاب جو ترجمو ڪنهن فرينچ نه ڪيو آهي. هي ته پنهنجي غلاميءَ جي ڪمزوري آهي جو اسين ماڻهو ڌاري ٻوليءَ کي ايتري اهميت ڏيون ٿا جو چئون ٿا ته ان جو ترجمو به اسين پاڻ ڪريون. جيئن شاهه عبداللطيف جي ڪلام جو اردو ترجمو شيخ اياز ڪيو هو، جيڪو ڏاڍي محنت سان ۽ ڏاڍو سهڻي نموني ڪيو هئائين، پر تڏهن به انهيءَ جو ايترو گهڻو استعمال نه رهيو آهي، جيترو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن شاهه جي رسالي جو ترجمو اردوءَ وارا ڪندا ته پوءِ انهيءَ جو قدر به اهي ئي ڄاڻندا. ساڳيءَ طرح فارسيءَ ۾ شاهه جي ڪلام جو ترجمو فارسي ڳالهائيندڙ ترجمو ڪندا ته پوءِ انهيءَ جو قدر سمجهيو ويندو. تنهنڪري اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جو ترجمو ٻي ٻوليءَ ۾ ڪري، ڪو ڪتاب پيش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.

س: جيئن اوهان شيخ اياز جي ڳالهه ڪئي ته هن ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو اردوءَ ۾ نهايت سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي. فهميده رياض يا ڪنهن ٻئي اديب چيو آهي ته ”اياز اردوءَ جو به وڏو شاعر آهي.“ ان حوالي سان اسين پڇڻ چاهيون ٿا ته اياز جو ترجمو ڪيل ڀٽائيءَ جو ڪلام ڇا تعصب جي ڪري گهڻو استعمال ۾ نه آندو ويو آهي ته اهو هڪ سنڌيءَ ترجمو ڪيو آهي؟

ج: ترجمو استعمال ۾ آيو آهي يا نه آيو آهي، ان تي اسان کي ڪهڙو لاچار پيو آهي جو اسان ويهي پاڻ کي پريشان ڪريون.

*

مکيه ڪتاب ۽ سنڌي ڪتابن جو معيار

س: اوهان پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ ايم.اين.راءِ جي ڪتاب ”هسٽاريڪل رول آف اسلام“ جو ترجمو ڪيو ۽ بقول اوهان جي ته ان جو مسودو گم ٿي ويو هو. اهو ٻيهر مليو ۽ شايع ٿيو يا نه؟

ج: مون اهو ترجمو ڪري اي.ڪي بروهيءَ کي ڏنو هو. اي.ڪي بروهي مدرسي ۾ مون سان گڏ پڙهندو هو ۽ مون کان ٻه سال مٿي هو. مون کان ٻه سال اڳ مئٽرڪ پاس ڪري ويو هو. پوءِ وڪيل وڃي ٿيو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏي ترقي ڪيائين. منهنجو دوست هو، انڪري مون کيس ايم.اين.راءِ جو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ لاءِ ڏنو پر ان کي هو ڇپائي نه سگهيو ۽ نه وري ان جو ترجمو مون کي موٽائي ڏنائين. انهيءَ ڪري اهو ترجمو منهنجي هٿان هليو ويو، جنهن جو مون کي تمام گهڻو ڏک آهي. ان ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پوءِ ٻين ڪيو، جيڪو ڇپيو به.

س: اوهان جو ڪتاب ’سيوِ سنڌ- سيو دي ڪانٽيننٽ‘ 1967ع ۾ شايع ٿيو هو. ڇا ان وقت به سنڌ کي بچائڻ جو سوال هو؟

ج: ’سيوِ سنڌ- سيوِ دي ڪانٽيننٽ‘ ”ڪانٽيننٽ“ مان منهنجو مطلب رڳو انڊين سب ڪانٽيننٽ نه پر ايشيا جو سمورو کنڊ هو، جنهن ۾ سوويت يونين به شامل هئي، جنهن جو يورپ سان به واسطو هو. مطلب ته خود يورپ ۾ به اوهان سنڌي ٻوليءَ کي بچائيندؤ ته اوهان ڄڻ کنڊ کي بچايو يعني اوهان سوشلزم جي سرشتي جو تحفظ ڪيو. اهو ڪتاب (سيو سنڌ- سيو دي ڪانٽيننٽ) مون ننڍي کنڊ جي ورهاڱي خلاف لکيو هو. آءٌ هندستان جي ورهاڱي جو سخت مخالف هيس، ۽ 1947ع ۾، مسلم ليگ قائم ٿيڻ کان وٺي ان جي نعري خلاف هيس.

   دراصل، پاڪستان ۽ هندستان جون حڪومتون گڏجي به سگهن ٿيون ۽ فيڊريشن به قائم ٿي سگهي ٿي. ’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ‘ ڪتاب به انهيءَ خيال کان لکيل آهي، جيڪو هاڻي وري ڇپجي رهيو آهي. اميد آهي ته منهنجي جنم ڏهاڙي تي اهو انگريزيءَ ۾، ۽ سنڌي ترجمي ۾ شايع ٿيندو.

س: ڀلا اهو ٻڌايو ته ’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ‘ ڪتاب لکڻ جا اصل محرڪ ڪهڙا هئا؟

ج: آءٌ ورهاڱي جي خلاف هيس.  ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته ائين ٿيڻ سان سنڌي ٻولي، سنڌ جي تعليم کي ۽ سنڌي قوم کي نقصان پهچندو. انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي مون اهو ڪتاب لکيو هو ته اوهان پاڪستان ٺاهيو ئي انڪري آهي ته سوويت يونين کي ختم ڪرائجي. انگريزن چاهيو پئي ته پاڪستان ٺهي وڃي ۽ سوويت يونين جي هتي اچڻ کي روڪي. ڊاڪٽر اقبال پنهنجين تقريرن ۾ چيو آهي ته ”پاڪستان اسان کي انهيءَ ڪري گهرجي جو افغانستان جي طرف کان سوويت يونين کان اسان تي جيڪا فڪري ڪاهه ٿيڻي آهي، ان کي روڪي سگهون. اسين سوويت يونين جي ڪاهه خلاف پاڪستان ۽ ڀارت جو دفاع ڪنداسين ۽ پاڪستان کي سوشلزم کان بچائينداسين.“ اقبال جون اهي تقريرون لکت ۾ موجود آهن. انهن ڳالهين جي ڪري مون لکيو هو، ”سيو سنڌ- سيو دي ڪانٽيننٽ“، جنهن تي سرڪار نارض ٿي مون کي سنڌ مدرسي مان ڪڍيو. اهو ڪم پير الاهي بخش ڪيو، جيڪو انهيءَ زماني ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جي بورڊ جو صدر هو ۽ گڏوگڏ هو  تعليم جو وزير هو، جيڪو گشت تي انڊيا ويل هو. حيدرآباد دکن پهچي، هن اتي بيان ڏنو ته ”آءٌ سنڌ ۾ وڃي اتي اردو شروع ڪندس. اسين اردوءَ کي متعارف ڪرائينداسين“ جڏهن هو واپس آيو ته مون اهو ڪتاب ’سيو سنڌ- سيو دي ڪانٽيننٽ‘ لکيو، جنهن ۾ مون لکيو ته اسان جا ماڻهو ڪانوَ وانگر ”ڪان ڪان“ ڪن ٿا! هيٺان جيڪو ٻلو آهي سو چوي ٿو ته ”اي ڪانوَ! ڪيڏي نه سٺي ڪان ڪان ٿو ڪرين“، ته ڪانءُ خوشامد ۾ اچي، چهنب کڻي کولي ٿو ته ان ۾ جيڪو کاڌو هجي ٿو سو هيٺ ڪري ٿو پوي، ۽ ٻلي جو ڪم آهي اهو کڻي ڀڄڻ.

   اها ڳالهه پير الاهي بخش لاءِ هئي. کيس انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙ آئي ۽ مون کي سنڌ مدرسي مان ڪڍي ڇڏيائين.

س: اهو ڪهڙو زمانو هو؟

ج: اهو 1946ع-1947ع جو زمانو هو.

س: اوهان سوير جيڪا ڳالهه ڪئي، اها اقبال احمد خان جي ڪئي يا علامه اقبال جي؟

ج: علامه اقبال جي. پٽنا ۾، هن مسلم ليگ جي سيشن جو صدر ٿيڻ واري موقعي تي خطبو ڏنو هو. علامه اقبال مسلم ليگ جو ميمبر نه هو پر هن کي وڏو ماڻهو سمجهي، مسلم ليگ وارن صدر ڪري بيهاريو هو. پهرئين خطاب ۾ هن اهي ڳالهيون چيون هيون، جيڪا ڳالهه مون ’سيو سنڌ- سيو دي ڪانٽيننٽ‘ ۾ ڪئي آهي.

س: هڪ طرف اوهان جو اهو ڪتاب هو ته ٻئي طرف علي محمد راشديءَ به ”فريادِ سنڌ“ ڪتاب لکيو هو. ان جي باوجود اوهان ٻنهي جي ڳالهه نه ٻُڌي وئي، ان جو ڪهڙو سبب هو؟

ج: علي محمد شاهه راشديءَ جڏهن ’فريادِ سنڌ‘ لکيو هو، تڏهن هُو مسلم ليگي نه هو. انهي زماني ۾ هو جي.ايم.سيد سان گڏ هو. 46-1945ع ۾، جڏهن جي.ايم.سيد کي مسلم ليگ مان ڪڍيائون ته هي (علي محمد) جي.ايم.سيد کي ڇڏي وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. جڏهن هو مسلم ليگ جي خلاف هو تڏهن ’فريادِ سنڌ‘ لکيائين. هن اهو (فريادِ سنڌ) منهنجي ڪتاب کان پوءِ لکيو هو.

س: ڇا پاڪستان جو نالو علامه اقبال جي زندگيءَ ۾ ئي طئه ٿيو هو يا نالو کڻڻ کان سواءِ ئي هن چيو هو ته جيڪو اسان جو ملڪ ٺهندو، اهو سوويت يونين ۽ سوشلزم کي روڪيندو؟

ج: مسلم ليگ ته ورهاڱي لاءِ هئي نه. ان جو نظريو هو ته هندستان ۾ ٻه قومون آهن- هڪ هندو قوم ۽ ٻي مسلمان قوم. آءٌ ذاتي طور انهيءَ ڳالهه جي سخت خلاف هيس ته ڪو مذهب جي بنياد تي قومون ٺهنديون آهن. پنهنجي ڪتاب ۾، مون ڳالهه ئي اها ڪئي ته مذهب قوم نه ٺاهيندو آهي. جيڪڏهن مذهب جي بنياد تي قومون ٺهن ها ته عرب قوم هجي ئي ڪانه ها. بنگالي، مصري، ترڪي ۽ ٻيون قومون هجن ئي نه ها، پر مسلم ليگ ورهاڱي لاءِ به اسلام جو نالو استعمال ڪري، هڪڙو نعرو هڻڻ کڻي شروع ڪيو هو.

س: اوهان تقريباً فڪري ڪتابن تي ڪم ڪيو آهي، ڪڏهن افسانوي ادب تي طبع آزمائي ڪئي؟

ج: آءٌ سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهيس، اهو به ته ادبي ڪم هو نه.

س: هن وقت سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي معيار بابت ڇا چوندا؟

ج: مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا، جن ۾ ڪي معيار جا آهن ته ڪي غير معياري آهن. تمام اوچي معيار جو ادب تخليق ٿي رهيو آهي ته گڏوگڏ جهڙو تهڙو ادب پڻ سرجي رهيو آهي.

س: اهڙو ڪو ڪتاب، جنهن اوهان تي گهرو اثر ڇڏيو هجي؟

ج: جيترو ”هسٽاريڪل رول آف اسلام“، مون تي اثر ڪيو، ايترو ڪنهن به نه ڪيو. ايم.اين.راءِ جا سمورا ڪتاب اڃا به مون وٽ پيل آهن، جيڪي سڀئي پڙهيا اٿم.

س: نوجوان نسل کي ڪهڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن؟

ج: نوجوان نسل کي ترقي پسند ادب پڙهڻ گهرجي، ڇو ته قدامت زده ۽ رجعت پسند ادب، جيڪو ردِ عمل ۾ لکيل (Reactionary) ادب آهي، اهو نئين زماني ۾ قابلِ قبول نه آهي.

س: ٽِه ماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان اسان کي ڪجهه ٻڌائيندا؟

ج: ادب لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي خيال کان ”مهراڻ“ رسالو ڪڍيو ويو هو. پوءِ سوال پيدا ٿيو ته ڪير شايع ڪري. مون چيو ته اها ذميواري آءٌ پنهنجي سر تي کڻان ٿو. پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي خلاف وڏو گوڙ ٿيو ته هي فقط سيڪريٽري آهي، ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ڇو ٿئي؟ ان وقت، ”مهراڻ“ پاڪستان کان به اڳ جو شايع ٿيل هو پر وچ ۾ بند ٿي ويو هو. تنهن کانپوءِ مون اچي اهو نئين سر شروع ڪيو. ان جي پهرين اشاعت ۾ پيش لفظ مون ساڳيا ڏنا، جيڪي شروعات واري ”مهراڻ“ لاءِ علامه دائود پوٽي لکيا هئا.

س: اوهان ڪا ڪهاڻي يا ناول وغيره لکيو؟

ج: اوهان کي عجب لڳندو ته ”مهراڻ“ رسالي جي پهرين پهرين آکاڻي مون لکي هئي. جنهن کان پوءِ ان کي ڏسي ٻين به لکڻ شروع ڪيون. ان کان پوءِ اسان شارٽ اسٽوريز ۽ ناولن تي انعام ڏيڻ شروع ڪيا. اهڙي طريقي سان اسان سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ وطن جي حب ۾ ظاهر ڪرڻ واري تحريڪ هلائي. انهي تحريڪ جي اڳواڻي، شرڪت يا پيشقدمي گهڻي قدر منهنجي هئي پر حسام الدين راشدي، دائودپوٽو ۽ ٻيا به مون سان گڏ هئا.

س: اوهان ڪنهن اخبار ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان ملازمت ڪئي؟

ج: ايڊيٽر جي حيثيت سان ٽِه ماهي ”مهراڻ“ کان سواءِ مون ڪٿي ڪم نه ڪيو.

س: ”مهراڻ“ هن وقت هڪ بحران جي وَر چڙهيل آهي. هڪ ته وڏي پگهار تي ٻاهريان ماڻهو رکن ٿا، جنهن سان بجيٽ جو نقصان ٿئي پيو، ٻيو ته ان کي ايڊيٽر ڪونه پيو ملي. ان مسئلي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

ج: جيتوڻيڪ معياري رسالا شروعات ۾ هڪڙي بهتر انداز ۾ نڪرن ٿا پر وچ ۾ وري ڪمزوريون اچي وڃن ٿيون. جيڪڏهن انهن کي ڪو چڱو ايڊيٽر ملي ٿو وڃي ته سڌرن به ٿا يا وري ختم به ٿيو وڃن. سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ سان پڻ ساڳي صورتحال آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ان ۾ هندو به ليک لکندا هئا. ”مهراڻ“ ڪافي وقت پنهنجي معيار تي قائم رهيو. ايڊيٽر بدلجي ٿو ته ظاهر آهي ته فرق پوي ٿو. هن وقت جيڪو تازو ”مهراڻ“ نڪتو آهي، مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. ”مهراڻ“ رسالي جو معيار تمام ٿوري وقت لاءِ گهٽيو ضرور هو، پر ان ۾ سڌارو ايندو رهيو آهي.

س: ٽِه ماهي ”مهراڻ“ جو ڪهڙو دؤر ۽ ڪهڙو ايڊيٽر اوهان کي پسند آهي؟

ج: (کلندي) پسند جو جيڪو مسئلو آهي، جيئن چئجي ته شروعات ۾، پهرين مون کي ايڊيٽر نٿي ڪيائون. علامه دائود پوٽي چيو ته آءٌ ٿو ٿيان، اسان قبول ڪيو. سائينءَ (دائودپوٽي) هڪ پرچي جو ايڊيٽوريل لکيو، باقي ايڊيٽنگ ۽ مواد مون پاڻ گڏ ڪيو. عثمان علي انصاري، جيڪو ڊائريڪٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن هو، انهيءَ به همت ڪئي ته آءٌ ٿو ايڊيٽر ٿيان. پوءِ انهيءَ به هڪ دفعو هڪ شمارو ڪڍيو. شروعات کان وٺي 10 سال جيستائين اتي هيس، آءٌ ايڊيٽر رهيس، رسالي پنهنجو معيار قائم رکيو. ان کان پوءِ، نفيس احمد ناشاد واري دور ۾ به رسالي سٺو معيار قائم رکيو.

س: ”مهراڻ“ جا ڪي اهڙا شمارا آهن، جيڪي اوهان جي هٿان نڪتا هجن ۽ نوجوان نسل کي ضرور پڙهڻ گهرجن؟

ج: خاص نمبر نڪتا هئا. وڌ ۾ وڌ جيڪو سٺو ڪم ٿيو، مولوي صاحب جي دؤر ۾ ٿيو، جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي. هو منهنجو اسسٽنٽ مقرر ٿيو هو.

*

سياست، اردو ڳالهائيندڙ، الڳ صوبي جي ڳالهه ۽ هندن جي لڏپلاڻ

س: اوهين سائين جي.ايم.سيد سان ويجها رهيا ۽ رسول بخش پليجو به اوهان جو شاگرد رهيو. پوءِ ڪهڙا سبب هئا جو اوهان جو سياست ڏانهن لاڙو نه ٿيو؟

ج: هڪ ته ترقي پسنديءَ جو سوداءُ شل نه اچِي ڪنهن جي دل ۾ گهر ڪري ويهي، پوءِ اهو وٺُ ئي ڪونه ڏيندو، ٽڪڻ ئي ڪونه ڏيندو. اهو پروگريسِوِ ازم منهنجي دل ۾ به پيدا ٿيو. ورهاڱي جي مون جيڪا مخالفت ڪئي هئي، انهي منهنجي دل ۾ بغاوت ۽ تبديلي پسندي پيدا ڪئي، جيڪا اڃا تائين آهي ۽ هلندي رهي ٿي. تبديليءَ جو شوق ۽ ذوق، ۽ ان جو فائدو شل نه ڪنهن جي دماغ ۾ اچي، پوءِ هو پاڻ کي، جتي آهي اتي چپ ڪري ويهڻ نه ڏيندو. هو پاڻ کي تبديل ڪندو، نوان نوان خيال قبول ڪندو، ڦير گهير، سڌاري ۽ ترقيءَ جون نيون نيون تجويزون رٿيندو رهندو. جيڪي آهي سو آهي، تي هو راضي نه رهندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسٽيٽسڪو ۾ ناهي ته پوءِ اهو پنهنجن پيرن جا سنگهر ٽوڙي اڳتي وڌڻ لاءِ اٿندو ۽ پنڌ ڪرڻ کان سواءِ رهندو ئي ڪونه. قومون به ائين ئي ڪنديون آهن ته جيستائين قومي سڌارو نه اچي ۽ طاقت جو نشو نه چڙهي، اهي تبديلي به آڻينديون ۽ اڳتي به وڌنديون. جڏهن ته قدامت پسند قوم جو حڪمران طبقو انهيءَ ارادي ۾ پڪو هوندو آهي ته ماڻهن ۾ تبديلي نه اچي، رڳو اسان جي حڪمراني ۽ استعمالِ غرضي ۽ استحصاليءَ وارو ڪنهن قوم جي حڪمران طبقي ۾ پيدا ٿيل آهي ته اهو ترقي دشمن ٿي پوندو ۽ پوءِ انهيءَ مان جند ڇڏائڻي پوندي.

س: سنڌ ۾ ٿلهي ليکي ٽي ڪئمپون آهن. هڪ سائين جي.ايم.سيد جي ڪئمپ، جنهن جو بنياد قومپرستي آهي. ٻئي طرف سوشلسٽ ڪئمپ هئي، جنهن جو اثر سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ گهٽجي ويو، ۽ ٽين ڪئمپ جمهوريت جي نعري واري رهي، جنهن جي اڳواڻي ڀُٽو خاندان ڪئي. اوهان ڇا ٿا سمجهو ته سنڌ جي ڀلائي ڪهڙي ڌر جي فڪر ۾ آهي؟ ڇا سنڌ، پيپلز پارٽي جي وفاقي نظام واري سياسي تصور ۾ رهي ترقي ڪري سگهي ٿي يا سائين جي.ايم.سيد جي فڪر تحت مڪمل خود اختياري ملڻ سان ترقي ڪندي؟

ج: پاڪستان ۾ اڪثريت واري قوم چاهي ٿي ته ان جو اقتدار ۽ اختيار قائم رهي. جڏهن ته مظلوم قومن مان ڪي ماڻهو نجات چاهين ٿا ۽ تبديلي گهرن ٿا. سنڌ بابت هڪڙا ماڻهو چاهين ٿا ته سڀ ڪجهه جيئن جو تيئن رهي. اسين جتي آهيون، اتي خوش آهيون ۽ ٻيا پنهنجي حالت مان خوش ناهن، ناراض آهن، مطمئن ناهن، ۽ اهي چاهين ٿا ته اسين پنهنجي حالت سڌاريون. جيستائين اهي ٻه حالتون يعني تبديليءَ کي روڪڻ ۽ تبديليءَ کي چاهڻ، موجود آهن ته پوءِ تبديليءَ جو عمل رڪبو يا هلندو، يا ٻئي ڳالهيون گڏ به هلنديون.

   ڪا تبديلي آهستگيءَ سان ٿيندي آهي ته ڪا انقلابي انداز سان وڌيڪ تڪڙي ۽ بنيادي ٿيندي آهي. ڪي چاهيندا آهن ته تبديلي ڀلي اچي پر آهستگيءَ سان، مرحليوار نموني اچي. جڏهن ته آهستگيءَ سان مرحليوار تبديلي ۽ ترقي پسنديءَ واري اوچتي تبديليءَ ۾ وڏو ٽڪر آهي. ترقي پسنديءَ واري اوچتي تبديليءَ کي چاهڻ وارا غريب آهن. محروم ۽ مظلوم طبقي وارا آهن. ڳالهه جتي هجي، ان کي اتي قائم رکڻ جي عمل ۾ زميندار ۽ شاهوڪار ۽ پير مريد شامل آهن. جيئن آءٌ وڏيرپ، سڳورپ ۽ ڪامورپ وارا اصطلاح استعمال ڪندو آهيان. وڏيرو پنهنجي طبقاتي برتريءَ جو قائل آهي، سڳورپ يعني پيري مريدي، مُلو، مولوي اهي سڳورا آهن ۽ وڏيرپ جا مددگار آهن. ٻيا ڪامورا پگهاردار آهن، جيڪي پگهار ئي انهيءَ (وڏيري) جي هٿان کڻن ٿا. اهي ٽيئي گروهه، صورتحال ۾ تبديلي نٿا چاهين، جڏهن ته باقي ماڻهو انهن ٽنهي ڳالهين کان ڌار آهن. پوءِ ائين ٿيندو آهي ته دنيا ۾ جڏهن به ڪا تبديلي ايندي آهي ته حاڪم طبقي، وچولي طبقي ۽ عام ماڻهن منجهان ڪي ماڻهو پيدا ٿي اڳيان ايندا آهن. حاڪم طبقي منجهان ٿورڙا، وچولي طبقي مان ان کان وڌيڪ بهتر ۽ عوام مان اڪثريت. اهڙيءَ طرح طبقاتي برتري ۽ طبقاتي برتريءَ کان نجات جو پاڻ ۾ ٽڪر آهي. چوندا آهن ته ”جنڊ ڪڍندي سسئي“ سو هاڻي سسئيءَ کي جيڪڏهن جنڊ ڪاهڻو پيو آهي ته ڀلي پئي ڪاهي. باقي جيڪڏهن انهيءَ کان بچي سگهي ته پوءِ اٿي ٿي ۽ پنهنجا حق گهري ٿي، پنهنجي مقصد جي لاءِ پاڻ ڪوشش ڪري ٿي، پنهل لاءِ ڊوڙي ٿي، پوءِ لطيف جي چواڻي:

پيرين پيم پرڪڻا، رهه ۾ رت رنوم،

پاراتو پرينءَ کي، تپي تان نه ڏنوم،

چُڪي ٿي چيوم، سو اهَرُو سڄڻين.

س: الڳ صوبي واري مطالبي جي پويان بنيادي مقصد ڪهڙو آهي؟ ڪا سنجيده رٿابندي آهي يا حڪمرانن جي ڪا چال آهي يا ٻي ڳالهه آهي؟

ج: انهيءَ ۾ ڏسڻو اهو آهي ته نئين صوبي جي سلسلي ۾ چاهت ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي. باقي جيڪي ماڻهو ان ۾ ملوث آهن سي ته پنهنجي بچاءَ ۾ ڪهڙيون به ڳالهيون ڪن. پر اسان کي ڏسڻو آهي ته سنڌ ۾ اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجو مفاد الڳ صوبو قائم ڪرڻ ۾ سمجهن ٿا، ۽ ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي انهن جي خلاف ٿي سگهن ٿا. ظاهر آهي ته اردو ڳالهائيندڙ طبقو، جيڪو زورا زوري قبضاگير ٿيو ويٺو آهي، تنهن جو مفادُ خاص طرح شهرن ۾ آهي. هو چاهين ٿا ته سندن اهو اثر ۽ سندن ٻولي قائم رهي. معنيٰ ٻي ٻولي ختم ٿئي. جيڪڏهن ٻي ٻوليءَ کي قبول ڪرڻ ۽ برداشت ڪرڻ جو مادو هجين ته ٽڪر ٿئي ئي ڪونه. هنن کي کپي ”آزادي“ جيڪا هو وٺي چڪا آهن. شهرن جا اردو آباديءَ وارا ماڻهو جيتري قدر اڄ آزاد ۽ خوشحال آهن، ايتري قدر سنڌي خوش ۽ آزاد ناهن. هو (اردو طبقي وارا) تنهن هوندي به وڌيڪ حڪمراني قائم رکڻ گهرن ٿا. انڪري اهو ٻن طبقن جي وچ ۾ ٽڪر آهي. اهي سڄي سنڌ تي قابض ٿيڻ گهرن ٿا، پر انڪري مجبور آهن جو اڪثريت سنڌين جي آهي. جيستائين اڪثريت ۽ اقليت جي ڳالهه آهي ته اها اقليت چاهي ٿي ته اڪثريت جو زور ختم ٿئي، تنهنڪري اقليت اردو دان طبقي وارا چاهين ٿا ته سنڌ تي سندن قبضو هجي. هي سمورو معاملو غلاميءَ ۽ حاڪميت جي وچ ۾ ٽڪر جو معاملو آهي.

س: ڇا ذوالفقار آباد رٿا به ان سلسلي جي ڪڙي آهي؟

ج: اوهان ڪراچيءَ کان نڪرندؤ ته مين روڊ (سپر هاءِ وي) تي ”ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي“ جا بورڊ لڳل نظر ايندا يا وري اهڙي طرح بحريه ٽائون به آهي. انهيءَ کي چئبو آهي لينڊ مافيا ذوالفقار آباد به انهن جي آهي. جيڪي سنڌي ماڻهن جا حاڪم ٿيو ويٺا آهن سي اصل ۾ دشمن آهن. پيپلز پارٽيءَ جهڙو دشمن سنڌي قوم جو نه اڳي ڪڏهن ٿيو، نه وري ڪو ٿيندو. اهي دشمن لينڊ مافيا ۾ شامل آهن. لينڊ مافيا جو اصول آهي ته زمين ڪيئن ڦٻائجي، زمين سستي هٿ ڪري، ان کي ترقي ڏئي، ڏهين روپئي بدران ٻن هزار روپين ۾ وڪڻجي. ساڳي طرح ذوالفقار آباد به هڪ وڏو منصوبو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي هٻڇي ۽ بکي قيادت، جن کي ڪروڙين روپيا هجن ته به چوندا اربين روپيا هجن، انهن جي سنڌ جي زمينن تي اک آهي. هنن انهيءَ منصوبي جو نالو ”ذوالفقار آباد“ رکيو آهي. پهريان شروع ڪيائون بينظير آباد، انهي ۾ خواري ٿين ۽ ڪجهه نه ڪري سگهيا. اهي سڀئي انهيءَ لينڊ مافيا جا ماڻهو آهن، جيڪي ذوالفقار آباد جي نالي ۾ پندرهن ويهه لک ايڪڙ زمين هٿ ڪري، ان کي بهتر ڪري، پنهنجو وڏو حصو رکي، پوءِ ڏهن روپين بدران ڏهن هزارن ۾ وڪڻڻ گهرن ٿا. ذوالفقار آباد دراصل لينڊ مافيا جو منصوبو آهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته دنيا جو ڪهڙو ملڪ آهي، جيڪو ڌارئي ملڪ جي ماڻهن کي چوي ته اچي ڪالوني ٺاهيو. ڇو چين اچي؟ چين ڇاجي لاءِ اسان جو دوست ٿي پيو؟ جيڪو چين سوشلزم جي ڳالهه ڪري سا اوهان کي قبول ناهي، باقي هونئن اسان جو دوست آهي!

هر ڪنن ڏٺو هوندو ته زرداري جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ان وقت هن ذوالفقار آباد جي ڳالهه ڪئي. پوءِ هن اها ڳالهه بند ڪري، پنهنجا ماڻهو هٿ ڪيا، جن مان هُن هڪڙي کي ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي ٻين عهدن تي مقرر ڪيو. ٽن سالن کان پوءِ هاڻي جڏهن لهڻ وارو ٿيو آهي ته ذوالفقار آباد منظور ڪرائڻ ۽ انهيءَ ۾ چين جو نالو شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر چين هنن کي کنگهي به ڪونه. چين وارا چوندا ته ”هي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي زمين اسان کي ٿا آڇين! هي اسان وٽ اچن ته کين ڊوڙائي ڪڍون. اجايو اسان جو نالو ٿا بدنام ڪن.“ سو هي منصوبو حڪمران طبقي پنهنجي مفاد لاءِ جوڙيو آهي.

س: اوهان ڪجهه دير اڳ جيئن چيو ته ٻنهي پاسي حڪمران ٽولا آهن، جن جا مفاد آهن. اسان جو سوال اردو آباديءَ جي حوالي سان آهي، جيڪا سنڌ جي مستقل آبادي ٿي وئي آهي. ڇا اها انهن منصوبن تي اثر انداز نه ٿي آهي؟

ج:  انهن جا ماڻهو آهن، حڪمران ٽولي ۾، پيپلز پارٽي اردوءَ واري ٽولي جي ساٿاري آهي. ماحول اهڙو رکيو اٿن ته ”طاقت ۾ اسين هجون ۽ خوشفهمي فقط سنڌين کي هجي.“

س: ٻنهي پاسي عام ماڻهن جو ڪهڙو رايو آهي؟

ج: عام خلق، ٻنهي پاسي هنن جي ناهي.

س: سائين، اتر سنڌ مان هندو وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪري انڊيا وڃي رهيا آهن. ان عمل کي روڪڻ لاءِ حڪومت جوڳا قدم کڻندي نظر نٿي اچي. هاڻي ڇا ٿيڻ گهرجي؟

ج: مخالف ڌر جون پارٽيون مثال طور جلال محمود شاهه وارا، هندن جي لڏپلاڻ ۾ خوش ناهن، بلڪه انهن کي روڪڻ گهرن ٿا. اها لڏپلاڻ به هڪ جنگ جو حصو آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي هڪڙي پاسي آهي، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر کان وٺي اسان جي مفاد ۾ ناهي. ڇو ته اها قومپرست نه پر وفاق پرست پارٽي آهي پر سنڌي ماڻهن کي پنهنجي نعريبازيءَ ۽ ڏيک ويک ۾ جڪڙي وئي آهي. اهو ڏيک ويک اڃا زرداريءَ کي ڪم اچي پيو. ياد رکڻ گهرجي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ وڏيرن جو زور آهي ۽ وڏيرو اسان جي ماڻهن تي اڃا ظلم ڪيو ويٺو آهي. اهي (وڏيرا) عام ماڻهن کان زوريءَ ووٽ وٺي، پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪن ٿا.

س: انهن وڏيرن مان جان ڪيئن ڇٽندي؟

ج: جڏهن انقلاب ايندو.

س: انقلاب ڪير آڻيندو؟

ج: انقلاب هاري آڻين، عوام آڻي، عوامي جماعتون ماڻهن وٽ وڃن، خلق خدا وٽ وڃن. اهي سڀ جا سڀ وڏيرن وٽ وڪاڻيل ناهن. وڏيرن وٽ غلام (موجود) آهن، وٽن پوليس آهي، ۽ عام سنڌي ماڻهن پوليس ۽ وڏيرن کان ڊڄي ٿو. تنهنڪري جيڪڏهن چونڊ کٽڻي آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍو. جيستائين اها موجود آهي تيستائين سنڌ جا مفاد متاثر ٿيندا رهندا.

*

تازي صورتحال، چونڊون ۽ قومپرستن جو ڪردار

س: هن وقت صورتحال ۾ تبديلي اچي رهي آهي جو هتان جا قومپرست مسلم ليگ ڏانهن وڃي رهيا آهن؟

ج: اسي چاهيون ٿا ته ايندڙ چونڊن ۾ نالائق پ پ ناڪام ٿئي.

س: جيڪڏهن نواز شريف آيو ته پوءِ؟

ج: جيڪڏهن نواز شريف هنن نالائقن سان گڏ نٿو بيهي ته پوءِ اسان کي قبول آهي. حال في الحال ته اسان هنن کي سندن حيثيت ته ڏيکاريون. ذاتي طور آءٌ سمجهان ٿو ته اهو ڪو صحيح رستو ناهي. سياسي لحاظ سان به اهو غلط طريقو آهي پر ماڻهو اهڙو قدم کڻڻ لاءِ به مجبور ٿي پون ٿا.

س: قومپرستن جي پارلياماني سياست کان پري رهڻ ۾ سنڌ کي فائدو پهتو آهي يا نقصان؟

ج: ظاهر آهي نقصان پهتو آهي، ڪو فائدو نه پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته هنن جارحاڻي سياست ڪئي آهي. ايگريسوِ پاليٽڪس معنيٰ ايڪٽوِ پاليٽڪس. جي.ايم.سيد جو پاڻ اهو خيال هو ته ”مون کي ڪير ٻڌي ڪونه ٿو، تنهنڪري آءٌ اهو رستو اختيار ٿو ڪريان.“ انهيءَ دؤر ۾، اهو هڪڙو طريقي ڪار هو. هاڻي اهو زمانو گذري ويو پر جي.ايم.سيد جا پوئلڳ اڃا تائين چوندا رهن ٿا ته ”اسين ڊفينس ۾ رهنداسين، چونڊن ۾ نه بيهنداسين. ماڻهن ڏانهن (ووٽ لاءِ) نه وينداسين.“ اڙي! اوهان ماڻهن وٽ وڃو ته سهي. زميندارن کي پنهنجي ڳالهه تي بيهاريو، سندن ڪمدارن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪريو، سياست ڪريو. ڪوشش ڪريو ته پيپلز پارٽي ناڪام ٿئي ۽ ان کان نجات ملي. باقي گهر ويٺي ڳالهيون ڪرڻ سان ڪم نه ٿيندو. جي.ايم.سيد جي سياست هاڻي ناڪام آهي، اسان کي قبول ناهي پر ان جو مقصد اسان کي قبول آهي. جي.ايم.سيد جنهن مقصد جي ڳالهه ڪئي آهي، اهو قبول آهي. سندس طريقي ڪار ۽ حڪمت، جيڪا ان وقت مطابق هئي، هاڻي قومپرستن کي اها بدلائڻ گهرجي. هيءُ موقعو آهي ته هو هڪدم ميدان ۾ نڪري پون ۽ پيپلز پارٽيءَ کي ڪيرائي وجهن. ان لاءِ هو ماڻهن وٽ وڃن ۽ پ پ مخالف زميندار طبقي کي پنهنجو ڪن. ڇاڪاڻ ته هيءَ جنگ آهي، جيڪا کين کٽڻي آهي يا هارائڻي آهي.

س: ٻوڏ ۽ ٻين سببن جي ڪري شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌي آهي. ڇا قومپرست پارٽين ۾ ايتري صلاحيت آهي جو اهي ماڻهن کي منظم ڪن ۽ کانئن ووٽ وٺن؟

ج: وڏا شهر ته حيدرآباد ۽ ڪراچي آهن. جيڪڏهن اوهان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ووٽ تي اثر انداز ٿي سگهو ٿا ته اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪريو. جيڪي ماڻهو اچي شهرن ۾ ويٺا آهن، انهن کي پنهنجو ڪريو ته چونڊن ۾ وڌيڪ تڪ اوهان جي پاسي اچن. پنهنجا وڌ ۾ وڌ ميمبر شهرن مان آڻيو.

س: پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هيءَ جيڪا بي چئني ذڪر هيٺ آئي آهي، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته ان کي عام ماڻهو به محسوس ڪري ٿو ۽ ڇا ان جا چونڊ تي اثر پوندا؟

ج: پوڻ گهرجن، ڇو ته پيپلز پارٽيءَ پاڻ کي گهڻو وائکو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال باوجود سنڌي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏين ٿا ته کين حيف هجي، صد حيف هجي! پر هو (حڪمران) زميندار طبقي تي ڀاڙين ٿا. کين پتو آهي ته ووٽ وڏيرن جا آهن ۽ وڏيرا سندن قبضي ۾ آهن. پ پ وارا سمجهن ٿا ته هو وري به سنڌي ماڻهن جا حق ماري، سنڌي قوم کي ختم ڪري، سنڌي قوم جي بنيادي مفادن کي تين وال ڪري، ڪامياب ٿيندا ۽ بچي ويندا.

*

سنڌ جو آئيندو

س: اوهان کي سنڌ جو مستقبل ڪيئن ٿو نظر اچي؟

ج: سنڌ جي مستقبل ۾ جيڪڏهن مون کي ايمان نه هجي ته آءٌ جيئان ڇو؟ سنڌ جو مستقبل تمام روشن آهي ۽ اهو سنڌ جي عوام ۽ محنت ڪندڙ طبقي، هاري ۽ مزدور طبقي تي مدار رکي ٿو.

س: اوهان سموري ويهين صديءَ کي اکين سان ڏٺو آهي. هاڻي اوهان جون خواهشون ڪهڙيون آهن؟ سنڌ کي ڪيئن ڏسڻ چاهيو ٿا؟ سنڌ جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خواب آهي؟

ج:  پهرين پهرين ڳالهه ته آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجو وطن آزاد ٿئي. معنيٰ سنڌي قوم جي آزادي. سنڌ ۾ جيڪي رهڻ وارا آهن ۽ پاڻ کي دليان جانيان سنڌي سمجهن ٿا ته آءٌ به انهن کي دليان جانيان سنڌي سمجهان ٿو. جيڪڏهن اتفاق سان ڪو ماڻهو انهيءَ ۾ خدشا رکي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ڪجهه گهٽ وڌايون ڪري ٿو ته آءٌ چاهيندس ته هو گهٽ وڌايون ڀلي ڪري پر جيستائين هو اسان جا آهن، اوستائين اسان کي کين پنهنجو ڪرڻ گهرجي. جيڪي به ماڻهو سنڌ ۾ رهن ٿا، پاڻ کي سنڌي سڏرائين ٿا، انهن کي سنڌي سمجهجي. اوهان کي عجب لڳندو ته آءٌ پهريون سنڌي ماڻهو آهيان، جنهن جي جيون ڪٿا هڪ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سيد مظهر جميل اردوءَ ۾ لکي آهي. ان جي معنيٰ تي اردو ڳالهائڻ وارا سڀئي هڪجهڙا نه آهن. جيڪڏهن کين دوست سمجهبو ته فائدو پوندو.

ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ جي ڪنڊ تي هڪ ميڊيڪل هال آهي، جتي اسان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ڏيڍ ٻه سال گڏجاڻيون ڪيون ۽ پوءِ گڏيل پيغام ٺاهيوسين، جيڪو اردو، سنڌي ۽ بنگاليءَ ۾ ڇپيو. جنهن جو مقصد باهمي تعاون هو. ان ۾ ايم.ڪيو.ايم وارا به گڏ هئا. اوهان کي ٻڌي عجب لڳندو ته ايم.ڪيو.ايم جو نالو اسان تبديل ڪرايو. اسان چيو ته اوهان مهاجر قومي موومينٽ کي بدلائي عوامي موومينٽ يا متحده يا ڪو ٻيو نالو رکو. پوءِ هنن اسان جي چوڻ تي نالو تبديل ڪيو.

*

سنڌ ۽ قدرتي آفتون

س: سنڌ ۾ ڪجهه سالن کان ٻوڏون، برساتون، سوڪهڙو، ڏڪار وغيره جهڙيون قدرتي آفتون آيون آهن ۽ مستقبل ۾ اڃا به اهڙين آفتن جون اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن. اهڙي حالت کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان سنڌي ماڻهن ۾ ڪيتري سگهه آهي؟

ج: سنڌي معاشرو به اسان جي سڄي آسري جو بنياد آهي، پر گهڻو دارومدار سياسي جماعتن تي آهي، جن ۾ آءٌ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ کي سنڌي قوم جو دشمن نمبر- ون پارٽيون سمجهان ٿو. آءٌ ڪڏهن به مسلم ليگ ۾ شامل نه ٿيس. مون مسلم ليگ خلاف ’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ‘ ڪتاب لکيو. منهنجو اهو ڪتاب هاڻي انگريزيءَ ۾ ۽ سنڌي ترجمي سان گڏ ڇپجندو، جيڪو ضرور پڙهجو. مون کي مسلم ليگ کان نفرت آهي.ا ن کي نفرت ته نه پر سياسي اختلاف چئجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. سائين جي.ايم.سيد واري عادت مون ۾ به پئي آهي (کلندي) ڪڏهن ڪڏهن ٻٽيهي گڏ ڪري، ڏند پِيهي ڳالهائڻ، پيپلز پارٽي اسان جي پهريون نمبر دشمن آهي، جنهن شروعات کان وٺي سمورا ڪم سنڌ جي خلاف ڪيا آهن. هن وقت جيڪڏهن ڪا سياسي پارٽي مون کي وڻي ٿي ته اها جلال محمود شاهه جي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي آهي. اوهان کي اهو ٻڌي عجب لڳندو ته جي.ايم.سيد پهرين پهرين جيڪا پارٽي ٺاهي، ان جو نالو ”سنڌ يونائٽيڊ پارٽي“ هو. اڄ انهيءَ جي پوٽي جلال محمود شاهه ان جو نالو رکيو آهي.

س: اوهان ڳالهه پئي ڪئي ته اهو سياسي پارٽين جي سگهه تي دارومدار ٿو رکي ته اهي بحرانن جي ور چڙهيل سنڌي معاشري جي ڪيئن قيادت ڪن ٿيون؟

ج: ها، پر بدقسمتيءَ سان پارٽيون فقط مٿئين طبقي جي ماڻهن جون آهن. هر پارٽيءَ جا خالق شاهوڪار، زميندار ۽ پئسي وارا ماڻهو آهن، جنهنڪري اهي قوم جون نمائنده پارٽيون نه پر حڪمران طبقي جون پارٽيون آهن. پيپلز پارٽي سنڌ جي زميندارن جي پارٽي آهي ۽ زميندار طبقي کان جيڪڏهن سنڌي قوم کي نجات ملندي ته ان جو هڪ قدم انساني سڌاري جي ڏاڪڻ تي اڳتي وڌندو. ان کان سواءِ شاهوڪار سرمائيدار آهن. منهنجو سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان، ۽ پوءِ سائين جي.ايم.سيد مسلم ليگ کان پوءِ جيڪا ”سنڌ پيپلز پارٽي“ ٺاهي هئي، انهيءَ سان واسطو رهيو. ان پارٽيءَ جو نالو پوءِ ذوالفقار علي ڀُٽي کي هٿ آيو. ان جو نالو ته پيپلز پارٽي آهي پر حقيقت ۾ اها اينٽي پيپلز پارٽي آهي. ڀُٽي جي ڌيءُ پنهنجي زندگيءَ جي مختصر عرصي ۽ عوام ڏانهن رخ رکيو پر ان کي موقعو نه مليو.

*

وڌندڙ بنياد پرستي

س: سنڌ اندر وڌندڙ مذهبي عنصر ترقيءَ جي عمل ۾ ڪيتري قدر رنڊڪ بڻجي رهيو آهي؟

ج: مذهب ترقيءَ جي آڏو اڄ وڏي ۾ وڏي رنڊڪ آهي. سياست ۽ مذهب جيستائين پاڻ ۾ گڏ آهن، تيستائين ترقي رڪيل ۽ بيٺل آهي. سياست کي مذهب کان ڌار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وقت سياست مذهب سان گڏ هلي رهي آهي. يورپُ، فرينچ انقلاب کان پوءِ رڳو انڪري سڌريو ۽ تبديل ٿيو جو هن (يورپ) انهيءَ ڳالهه مان سبق پِرائي ورتو ته مذهب کي سياست کان ڌار ڪيو وڃي، ۽ پوپ يا پاپائيت جي حڪمرانَ واري درجي کي ڌڪ لڳي ۽ ماڻهو انهيءَ جي بندش کان آزاد ٿي سياست ۾ اڳتي وڌن.

قومپرستي يورپ جي پيداوار آهي. فرينچ انقلاب کان پوءِ هر ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙ پاڻ کي قوم سمجهيو. ان کان اڳ ۾ جرمن، پولش، فرينچ، رشين، اسپينش ۽ پورچوگال قومون نه هيون، شهنشاهتون هيون، جن ۾ قومن کي غلام رکيو ويو. شهنشاهت ختم ٿيڻ بعد قومپرستي شروع ٿي، ۽ پوءِ جمهوريت آئي، جيڪا قومپرستيءَ جي پيداوار آهي. حڪمران طبقي کان جيترو بچجي ايترو چڱو آهي. جيڪڏهن اهو (حڪمران طبقو) اوهان تي قابض رهيو ته اوهان جي ترقيءَ آڏو رنڊڪ بڻيل رهندو. انڪري حڪمران طبقي جي جاءِ پورهيت ۽ وچولي طبقي کي وٺڻ گهرجي. انهيءَ جي لاءِ وڏي ۾ وڏو مثال سوويت يونين جي، خلاف سمورو آمريڪا اٿي بيٺو، ۽ سرمائيداري نظام وارا، انگلينڊ ۽ فرانس وارا، اٿي بيٺا. اڄ دنيا جي قومن ۾ ترقي نه اچڻ جو ذمو آمريڪا کنيو بيٺي آهي. جمهوريت وارا ئي جمهوريت جو قتل ڪن ٿا. شاهوڪار طبقو ووٽ وٺي طاقت ۾ اچي ٿو. جيستائين وچولو ۽ محنت ڪندڙ طبقو اڳتي وڌي، حڪمرانيءَ جو درجو حاصل نه ڪندو، تيستائين قوم نه سڌرندي.

س: سنڌ ۾ مذهبي رواداري ۽ عدم فرقيواريت وارو ڪلچر رهيو آهي پر هاڻي مذهبي شدت وڌي رهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هندو نارين کي زوريءَ مسلمان ڪيو ٿو وڃي. سکر ڊويزن مان هندن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي. اهڙين تڪليفن مان جان ڪيئن ڇڏائي سگهجي ٿي؟

ج: جيئن مون ٻڌايو ته منهنجي ڪتاب جو سڄو نالو ئي ’سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ فرامدي فيوڊل لارڊس، ڪيپيٽلسٽس اينڊ ديئر ڪميونزلمس‘
آهي. سنڌ کي زميندارن، سرمائيدارن ۽ سندن فرقيواريت کان بچايو. هي جيڪو هندستان کي ورهايو ويو، اهو به انهيءَ لاءِ پنهنجي سماج کي سوشلزم ۽ پروگريسوِ ازم کان ڪيئن بچايون، پر سماج جتي هو، اتي ئي بيٺو آهي. شاهوڪار شاهوڪاريءَ ۾، غريب غربت ۾، ۽ مسڪين مسڪينيءَ ۾ رهي ٿو، بکيو بکيو رهي ٿو، پيٽ ڍائو پيٽ ڍائو رهي ٿو، بلڪه اوڳرايون ڏئي ۽ الٽيون ڪري ٿو! انسان ذات ۾ ان حد تائين اڻ برابري قائم آهي. اهو فقط انڪري آهي جو حڪمرانُ طبقو شاهوڪار آهي. اسان وٽ زمينداري اڃا به قائم آهي. يورپ ۾ فرينچ انقلاب آيو ئي انهي ڪري هو ته جاگيرداري نظام ختم ٿئي. جاگيرداري نظام کان پوءِ هنن سرمائيدارن نظام کي هٿي ڏني. هاڻي سرمائيداري نظام يورپ ۾ ته قائم آهي، جتي جاگيرداري ختم ڪري ڇڏيائون، پر اها (سرمائيداري) اسان ڪمزور قومن جي لاءِ مصيبتن جو سبب بڻي بيٺي آهي. آمريڪا نٿو چاهي ته پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ ڪو انقلاب اچي ۽ هتي حڪمران جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو تبديل ٿئي ۽ عوامي حڪومت قائم ٿئي. هو تبديليءَ جون ڳالهيون ڪندا پر عملي طرح سان جاگيردارن جي مدد ڪندا. هندستان ۾ هڪ طرح سان نيشنل ڪانگريس جي حڪومت اڌوگابري ترقي پسنديءَ ۽ جدت پسنديءَ ۾ ويساهه رکي ٿي، پر اسان جي حڪومت چاهي ٿي ته جتي اڳي هئاسون، اتي ئي هجون، ۽ ان مقصد لاءِ مذهب کي به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪوبه مذهب جيستائين سڌاري ڏانهن مائل هوندو، تيستائين قابل قبول هوندو آهي. هر مذهب سڌاري جو دؤر مڪمل ڪري ٿو. جيڪو به سماجي سرشتو پنهنجي ترقي ڪرڻ واري قوت وڃائي ويهندو، انهيءَ ڄڻ ته پنهنجو دؤر ختم ڪيو. مفاد پرست ماڻهو مدي خارج ٿي ويل سماجي سرشتي کي قائم رکڻ گهرندو آهي ته جيئن ان جا مفاد قائم رهن. شاهوڪار پنهنجي شاهوڪاري، زميندار، زمينداري ۽ جاگيردار جاگيرداريءَ کي قائم رکڻ گهري ٿو. جڏهن ته هاري گهري ٿو ته مون کي گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته زمين ڏيو جو آءٌ پاڻ کيڙيان ۽ کاوان، ته کيس جواب ڏنو ويندو ته ”مذهب ۾ زمينداري ختم ڪرڻ جائز ناهي.“ دراصل، مذهب جيڪو ڪارج ادا ڪري رهيو آهي سو آهي ته جيڪو جتي آهي، اهو اتي ئي هجي، جنهن کي اسٽيٽسڪو يعني ”موجود سدا موجود“ چئجي ٿو. هو چوندا ته الله کي به سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ائين ڪندؤ ته معنيٰ اوهان جو الله ۾ ايمان گهٽجي ويو. جڏهن ته الله جي باري ۾ ماڻهن کي اختيار حاصل آهي ته ويچار ڪن ته قدرت ڪيئن ٿي هلي. جيڪڏهن نيچر کي قدرت چئو ٿا ته اسان جي اکين تي، باقي جيڪڏهن ائين چئو ته نيچر چُپ آهي، وڻ وڻ آهي، پکي پکي آهي ۽ جيئن پکي اڏامن ٿا تيئن اوهان ڊوڙندا رهو موٽر پيدا نه ڪريون، هوائي جهاز پيدا نه ڪريون، مٿي اڏامڻ جي ڪوشش نه ڪريون، ته پوءِ اها ڳالهه اسان کي قبول نه آهي. اهي چاهين ٿا ته ترقي پسندي ختم ۽ رجعت پسندي قائم ٿئي. اسلام کان سواءِ ٻين مذهبن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي مذهب لاءِ ڪو نٿا ڪڙهن جيترو مسلمان ڪڙهن ٿا. اسين اصولن جي ڳالهه ڪنداسين ته چوندا ته اهو زمانو ٻيو هو ۽ هي زمانو ٻيو آهي. هزار دليل ڪڍي وٺندا. جيڪڏهن اسلام جي نالي ۾ ڪا تبديلي گهرندؤ ته اها به قابلِ قبول نه آهي. اسلام اهو مڃيندا جيڪو مُلان ٿا چون. جيڪي پاڻ عمل نٿا ڪن، پر ٻين تي زور ڀريندا رهن ٿا. ملان اسلام جا ٺيڪيدار ۽ محافظ آهن! اڙي، اسلام کي وَڌايو ۽ ان جي بهتري اجاگر ڪريو. اسلام خود به تبديلي گهري ٿو، ماڻهن جي تبديلي گهري ٿو. سماج جا رسم ۽ رواج بدلايو، نوان آڻيو، پاڻ کي تبديل ڪريو.

*

سنڌي ميڊيا جو ڪردار

س: اوهان سنڌي ميڊيا جي ڪردار تي ڪهڙو تبصرو ڪندا؟

ج: اوهان کي عجب لڳندو ته آءٌ خواب لهندو هيس ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ”ڊان“ يا ”جنگ“ اخبار جي معيار جهڙيون اخبارون نڪرن ٿيون. ان زماني ۾ ”الوحيد“ هوندي هئي سا بند ٿي وئي. ان کان سواءِ ”سنسار سماچار“ ۽ ”هندو اخبار“ پڻ هوندي هئي. ”الوحيد“ ۾ تڏهن مون اڪائونٽس ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، ڇو ته آءٌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو هيس ۽ مون کي پئسن جي ضرورت هئي.

س: تڏهن ان جو ايڊيٽر ڪير هو؟

ج: دين محمد وفائي.

س: پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران جن مسئلن جو ذڪر ڪري آيا آهيو، انهن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سنڌي ميڊيا جو ڪردار ڪيتري قدر رهيو آهي؟

ج: سنڌي اخباري دنيا اسان جي فائدي ۾ آهي. ”عبرت“، ”ڪاوش“، ”عوامي آواز“ ۽ ٻيون سنڌي اخبارون سنڌ جي عوام جي فائدي ۾ آهن. اخبارن جو ايڊيٽوريل اسٽاف يا اخبارن جا مالڪ سنڌ جي مفاد ۾ ڪم ڪن ٿا.

س: ڇا سنڌي ميڊيا اسان جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان گهربل ڪردار ادا ڪري رهي آهي؟

ج: سنڌي ميڊيا سنڌ جي ڀلائيءَ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهو ڪافي فائدو وارو ۽ خوشي ڏيندڙ آهي. ڪابه اخبار سنڌي قوم جي نقصان ۾ نه آهي.

*

شخصيتن جا اثر

س: اوهان تي ڪهڙين شخصيتن جا اثر آهن؟

ج: منهنجو پهريون استاد ٽيڪن مل هو، پوءِ سائين محمد صالح ٻگهيو ۽ سائين پرسرام، هيڊ ماستر سن اسڪول. اتي ٻيا الاهي ماستر هئا، جهڙوڪ: حسين فيض احمد ۽ سندس ٻيو ڀاءُ حامد احمد، جيڪو سائين جي.ايم.سيد جو استاد هو. ڪاليج ۾ منهنجا استاد هئا ايم.يو ملڪاڻي، جي.ايم جهانگياڻي، ايس.ايم اجواڻي ۽ ايم.بي ڀوتاڻي، جن سڀني مون تي وڏا اثر ڇڏيا.

س: ادب، سياست ۽ قومرپستيءَ ۾ ڪهڙين شخصيتن کان متاثر رهيا آهيو؟

ج: منهنجو وڏي ۾ وڏو استاد جي.ايم.سيد هو، جنهن کي آءٌ پنهنجو روحاني پير سمجهندو ۽ مڃيندو آهيان. سائين مون تي وڏو مهربان رهيو. هڪ ڀيري، منهنجو ڏاڏو سن ويو، جتي اسان جا عزيز دوست جي.ايم.سيد جي پاسي ۾ رهندا هئا. سائين جي.ايم.سيد منهنجي ڏاڏي کي منهنجي داخلا لاءِ چيو هو. جنهن کان پوءِ آءٌ سن جي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين ان کان اڳ منهنجو واقف ڪونه هو.

س: ايم.اين.راءِ کان به اوهان متاثر رهيا؟

ج: منهنجو پهريون استاد ٿيو سائين جي.ايم.سيد، جنهن کان پوءِ ايم.اين.راءِ منهنجو استاد ٿيو. ايم.اين.راءِ سان رڳو هڪ ڀيرو مليس. اها هڪ ملاقات ئي ڪافي هئي. ٻيو منهنجو استاد ٻڌراڻي هو، جيڪو سنڌي هو ۽ بمبئيءَ ۾ رهندو هو ۽ بمبئي ۾ منهنجي استادياڻي پروفيسر پنن ديڪر جي شخصيتن به مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.

س: سائين جي.ايم.سيد سڄي عمر اڇي رنگ جا ڪپڙا پاتا. بقول سيد جي ته اها عادت کيس مهاتما گانڌيءَ کان پئي هئي. اوهان ڪڏهن کان اڇا ڪپڙا پهرڻ شروع ڪيا ۽ ان حوالي اوهان تي ڪنهن جو اثر پئي رهيو آهي؟

ج: خبر ناهي ڇو، پر آءٌ جڏهن مدرسي ۾ ماستر هيس ته اسان کي سوٽ بوٽ پائڻو پوندو هو. تڏهن مون جيڪي پتلونون ٺهرايون هيون سي به اڇي رنگ جون هيون. ها مون کي ياد آيو ته منهنجو دوست استاد ٽيڪن مل سدائين اڇا ڪپڙا پائيندو هو ۽ آءٌ به ان کان متاثر ٿي، اڇا ڪپڙا پائڻ لڳس. ننڍي هوندي کان وٺي، مون کي ياد به ناهي ته مون ڪڏهن ڪا رنگين قميص به پاتي هجي، هميشه اڇي شلوار، اڇي قميص.

*

شوق ۽ دلچسپيون

س: اوهان کي گهمڻ ڦرڻ جو شوق رهيو؟

ج: آءٌ پنڌ جو تمام گهڻو شوقين رهيو آهيان. ڳوٺ آباد ۾ اسڪول هوندو هو، جنهن کان پوءِ درياءَ پائي ويو. ان کان پوءِ اسين شاگرد باقاعده ٽي ميل پري لَڪيءَ واري اسڪول داخل ٿياسين. روز صبح جو پنڌ ئي پنڌ ويندا هئاسين. ماني پڻ کڻي ويندا هئاسين، ڪو بصر هڙ ۾ ٻڌي هلندو هو ته ڪو ٻيو ڪجهه کڻي هلندو هو. اتي اسان جو استاد هو محمد صالح ٻگهيو. سائين ٽيڪن مل منهنجو پهريون استاد هو، جنهن آباد ۾ چارئي سال مون کي پڙهايو هو. هو اسان کان ويهه ميل پري آراضيءَ جو ويٺل هو. ان زماني ۾ جيڪڏهن ڪو استاد، ڪنهن اسڪول ۾ ٺهي ويندو هو ته سڄي عمر ان اسڪول کي ڏئي ڇڏيندو هو. ساڳيءَ طرح سان محمد صالح ٻگهيو بوبڪن ڀرسان شاهه مسڻ جو ويٺل هو، جتي هن هڪڙي ئي اسڪول ۾ سترهن ارڙهن سال نوڪري ڪئي. اسين آباد جا ڇوڪرا پنڌ ئي پنڌ اتي پڙهڻ ويندا هئاسين. ٻه سال آءٌ پنڌ ڪري اسڪول ويندو رهيس. پنجون ۽ ڇهون درجو به مون اتي ئي پڙهيا.

س: پنڌ کان سواءِ ٻين ڪهڙين شين ۾ دلچسپي رهي؟

ج: راند مون گهڻي ڪانه ڪئي. ڪڏهن ڪڏهن رڳو بورڊنگ هائوس جي ميدان تي ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين. مون کي راند کيڏڻ کان وڌيڪ ڏسڻ جو شوق هوندو هو. اسان جي، سنڌ مدرسي جي ڪرڪيٽ ٽيم هوندي هئي، جيڪا ڪراچيءَ جي اسڪولن سان ٽورنامينٽ کيڏندي هئي، ۽ اسين سدائين پهريون نمبر ايندا هئاسين.

س: اوهان ڪرڪيٽ جي ڪهڙي شعبي ۾ بهتر راند کيڏندا هئا، بيٽنگ ۾ يا بالنگ ۾؟

ج: آءٌ ماهر ڪنهن ۾ ڪونه هئس.

س: مطلب پنڌ ڪرڻ ۽ هلچل ئي اوهان جي صحت جو راز آهي؟

ج: ها، اها ڳالهه صحيح آهي. جڏهن اسان هي گهر (حيدرآباد وارو) ٺهرايو ته آءٌ حيدرآباد جي ڪنهن به حصي ۾، ڪڏهن به سواريءَ تي نه پر پيادل ويندو هيس ۽ پيادل ايندو هيس. آءٌ جڏهن سنڌ مدرسي ۾ ماستر هيس ته پهرين سعيد منزل ۾ رهندو هيس، جتان ڏيڍ ميل پنڌ ايندو ويندو هيس. شوق ڪري مون سائيڪل ورتي هئي. نئين نئين سکي هئي سو هڪ ڀيري هڪ مائيءَ کي وڃي لڳس، جيڪا وڃي ڪري. اهو ڏينهن آخري ڏينهن ٿيو ۽ سائيڪل ڇڏي ڏنم. پوءِ وري سولجر بازار ڀرسان سنڌي ڪالونيءَ ۾ رهيس، جتان پڻ مدرسي ۾ پنڌ ايندو ويندو هيس.

*

موسيقيءَ سان لڳاءُ

س: موسيقيءَ سان اوهان کي ڪيترو لڳاءُ آهي؟

ج: موسيقيءَ سان مون کي عشق آهي. سچ پڇو ته مون تمام گهڻو موسيقي ٻڌي  آهي ۽ تمام گهڻي ڳاتي آهي. هر ماڻهو باٿ روم سنگر آهي، پر آءٌ باقاعده سنگر رهيو آهيان. ننڍي هوندي مون ڪافيون ڳايون ۽ ٻڌيون. ڪافين کي نقل ڪندو هيس. آءٌ سنڌي نه پر علائقائي بلڪه هندستاني ڪلاسيڪي راڳ جو عاشق رهيو آهيان.

س: اڃا تائين ٻڌو ٿا؟

ج: ها اڃا تائين. هي جيڪي آهن نه (آڊيو ڪيسٽن جي قطار ڏانهن اشارو ڪندي)، سڀ ڪلاسيڪي راڳ جون آهن، پر هاڻي مون کي پنهنجن ڪتابن ۾ ايڏو مزو ٿو اچي جو آءٌ سمجهان ٿو ته راڳ رڳو ذاتي مفاد ۽ ذاتي خوشيءَ لاءِ ٻڌي وقت وڃايان ٿو.

س: موسيقيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙو مڪتبه فڪر، ڪهڙا ڳائڻا ۽ گَوَيا پسند رهيا آهن؟

ج: مون تي ڪلاسيڪي موسيقي جو اثر پئي رهيو آهي. مون کي انڊيا جي سموري ڪلاسيڪي موسيقي وڻي ٿي. انهيءَ موسيقي جي ڌنن تي اسان جون ڪافيون ٻڌل آهن، جنهن کي اسان علائقائي راڳ چئون ٿا، جهڙوڪ گجراتي، مرهٽي، سنڌي ۽ پنجابي علائقائي راڳ.

س: نوجوانيءَ واري دور ۾ اوهان کي ڪهڙو راڳ وڻندو هو؟

ج: پڪو راڳ. مون کي علائقائي راڳ وڻندا هئا،  مثلاً پنجاب جو علائقائي راڳ، گجرات جو علائقائي راڳ ۽ سنڌ جو علائقائي راڳ. جاگرافيائي طور تي گڏ هئڻ ڪري سنڌ ۽ پنجاب جي ريجنل ميوزم ۾ گهڻي مشابهت آهي. سنڌيءَ جون ڪافيون اڄ به سنڌي بزرگن جي درگاهن تي ڳايون وڃن ٿيون. مون ثقافت کاتي وارن کي ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو آهي ته لطيف جون جيڪي 110 وايون آهن، مهرباني ڪري اهي رڪارڊ ڪيون وڃن. هر وائيءَ جو سُر  پنهنجو آهي. استاد امير علي منهنجو دوست آهي. مون کيس چئي چئي ايترو ته ان ۾ محوَ ڪري ڇڏيو جو اسان هڪ اسڪيم ٺاهي ثقافت کاتي کي موڪلي، جنهن آڌار ثقافت کاتي ”سر يمن ڪلياڻ“ جون ارڙهن اڻويهه وايون رڪارڊ ڪيون. هر ڪنهن سُر جي وائيءَ جو راڳ لاڳاپيل سُر سان ٻڌل آهي. مون سسئي پليجو کي به چيو آهي، جنهن سان منهنجي تمام گهڻي ڀائپي آهي. ائين سمجهو ته هن سان منهنجي مٽي مائٽي آهي. ڇو ته (کلندي) پليجو منهنجو مائٽ آهي. مون کيس ٻانهون ٻڌي چيو آهي ته بابا، مهرباني ڪري شاهه جون سموريون وايون هن ماڻهوءَ (استاد امير علي) کان رڪارڊ ڪرايو، ۽ جيڪي درگاهن تي دفن ٿيل درويشن جون ڪافيون ڳائجن ٿيون، اهي به رڪارڊ ڪرايو. سُر کي قائم رکڻ لاءِ ۽ پنهنجي وطن کي قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته هر درگاهه جون سموريون ڪافيون رڪارڊ ڪرايون وڃن.

س: راڳ جي ڳالهه نڪتي آهي ته اوهان کان سوال ڪنداسين ته اوهين ڇا ٿا سمجهو ته اها صحيح ڳالهه آهي يا وڌاءُ آهي جو چوندا آهن ته تان سين ڳائيندو هو ته باهه لڳي ويندي هئي؟

ج: (کلندي) اهو وڌاءُ انسان جي فطرت جي نشاني آهي. انسان جيڪا شيءِ پسند ڪندو آهي، انهيءَ بابت وڌاءَ ڪندو آهي. هو ڀائيندو آهي ته اها وڌيڪ سٺي ٿئي ۽ ٻيا به ان کي پسند ڪن. اهڙي طرح هر ڳالهه جيڪا پيار ۾ اچي ٿي، انهي کي عشق چئجي ٿو.

*

پيار ۽ فطرت جي حسناڪي

س: هاڻي اوهان کان ڪجهه ذاتي نوعيت جا سوال ڪنداسين. اسان جو پهريون سوال آهي ته اوهان وٽ پيار جو تصور ڪيئن رهيو آهي؟

ج: هڪ ته انسان جي حيثيت ۾، مون کي انسانذات سان پيار آهي. قوم جي لحاظ کان سنڌي قوم سان پيار آهي. ذاتي طرح سان دوست آهن، مِٽ مائٽ آهن. دوست ۽ مٽ مائٽ منهنجي عزت ۽ همت افزائي ڪندا رهيا آهن. آءٌ سندن عزت ڪريان ٿو ۽ خوش آهيان ته مون کي تمام سٺا سٺا دوست مليا آهن. سندن هم خيالي منهنجي مدد ۽ فائدي ۾ رهي آهي. ان حوالي سان آءٌ به انهن جي فائدي ۾ رهيو آهيا.ن هم خيال دوستيءَ کي آءٌ حقيقي پيار سمجهان ٿو. پوءِ وري مٽي مائٽي آهي. ڀائر، چاچا، ماما، ڏهٽا، ڀائٽيا آهن. منهنجو هڪ وڏو خاندان آهي، جنهن جا سڀ فرد مون کي ڏاڍا پيارا آهن ۽ هو به مون کي پيار ڪن ٿا. آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جو دشمن نٿو سمجهان، نڪو هو مون کي پنهنجو بدخواهه سمجهن ٿا. اسين هڪ ٻئي جا هڏ ڏوکي ۽ گهڻ گهرا آهيون. اها گهڻ گهرائي منهنجي دل ۾ پيار جي نشاني آهي. پيار جو مطلب ئي هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ، هڪ ٻئي کي ڀائڻ، هڪ ٻئي جي سک کي چاهڻ، هڪ ٻئي جي ڏک کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي.

س: پيار جو زندگيءَ سان ڪيتري قدر ڳانڍاپو آهي؟

ج: پيار کان سواءِ زندگي هلي ئي نه سگهندي. زندگيءَ جو دارومدار آهي ئي پيار تي، انسان پيار کان سواءِ گذارو ڪري ئي نٿو سگهي. جڏهن ماڻهو ڄمي ٿو ته پهرين پهرين هن کي ماءُ پيءُ ۽ گهر جي ڀاتين جو پيار ملي ٿو. ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي انهيءَ پيار ۾ محوَ آهي، انهيءَ کان ٻاهر نڪري ئي ڪو نٿو. پوءِ جڏهن ٿورو سمجهدار ٿو ٿئي ته هو پنهنجن مٽڻ مائٽن کان ٻاهر وارن لاڳاپن سان ويجهو ٿئي ٿو، تجربا ڪري ٿو، مطالعو ڪري ٿو، هڪ ٻئي جي مدد ڪري ٿو. ڪيتري تائين کيس باهمي سهڪار ملي ٿو، پاڻ ڪيتري حد تائين پنهنجن سان سهڪار ڪرڻ ۾ فائدو حاصل ڪري ٿو، اهي سڀئي آزمودا ۽ تجربا آهن، جيڪي ماڻهوءَ کي سيکارين ٿا. تنهنڪري آءٌ چوان ٿو ته سڄي زندگيءَ جو لب و لباب يا جوهر پيار آهي.

س: ڀلا اوهان کي راند روند سان ڪو لڳاءُ رهيو؟

ج: ڏسڻ ۾ توڙي کيڏڻ ۾، مون کي وڌ ۾ وڌ ڪرڪيٽ وڻندي هئي. فٽ بال توڙي ٻين راندين سان ڪو لڳاءُ نه رهيو. اسان سنڌ مدرسي جي جنهن گرائونڊ تي ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين، ان جي هڪ حصي ۾ هاڪي به کيڏي ويندي هئي، اتي ڪوٽڙيءَ جو ڇوڪرو هو عبدالقدير، جنهن جي هاڪي راند دوران اي.ڪي بروهيءَ جي اک ۾ لڳي هئي.

س: اڇا! اي.ڪي بروهيءَ جي اک تڏهن ضايع ٿي هئي؟

ج: ها. هو (اي.ڪي بروهي) پڙهائيءَ ۾ اسان کان ٻه سال مٿي هوندو هو.

س: فطرت جا رنگارنگي ۽ حسن اوهان لاءِ ڪيتري قدر پُرڪشش پئي رهيا آهن؟

ج: فطرت ۽ انسان حسين آهن. جانورن جي زندگي خوبصورت  آهي. هي جيڪي جيت جڻيا آهن، هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي سونهن آهي. رڳو سوچ جي ڳالهه آهي، ڪوبه جيت سُري ٿو ته ان کي ڏسو ته ڪيئن ٿو چرپر ڪري! اوهان ان جي چرپر ۾ ايترو ته محوَ ٿي ويندؤ جو چوندؤ ته سمورو طلسم آهي ئي انهن ڪِيليُن، ماڪوڙن، جيتن، پکين، حيوانن ۽ ماڻهن ۾!

*

اداسي ۽ اطمينان

س: توهان پنهنجي زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

ج: (مرڪندي) هن وهيءَ ۾، ڪچهري ڪندي پاڻ گهڻو وقت ويٺا آهيون؟ شايد اڍائي ٽي ڪلاڪ، انهيءَ دوران اوهان مون کي ٿڪل محسوس ڪيو؟

   نه سائين.

   زندگيءَ ۾ مون جڏهن به ڪو ڪم هٿن ۾ کنيو آهي ته انهيءَ انداز سان اهو ڪري پورو ڪيو آهي. ڪڏهن به ڪم مان آءٌ ٿڪو نه آهيان. جيڪڏهن وقت سر ڪرڻو آهي ته ان کي رهائيندو ناهيان. سڀاڻي جو ڪم سڀاڻي سان.

س: ڪو پڇتاءُ، ڪو افسوس جيڪو اڄ به هانءَ ۾ هُرندو هجي؟ ڪجهه حاصل نه ٿيڻ جو ارمان؟

ج: مون پنهنجي خوشيءَ لاءِ خواهش تي سدائين ضابطو پئي رکيو آهي. انهيءَ ڳالهه لاءِ خواهش رکجي، جيڪا حاصل ٿيڻ جهڙي هجي. اها ڳالهه جيڪا مون کي وڻي ٿي پر منهنجي حاصل ڪرڻ کان مٿي آهي، مون اها پنهنجي يادگيريءَ تان ئي لاهي ڇڏڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙي اميد ۽ تفريح حاصل ڪرڻ نه چاهي آهي، جيڪا مون لاءِ ناممڪن هجي.

س: اوهان جي سڀاءَ ۾ اداسي، ۽ چهري تي سنجيدگي ۽ نماڻائيءَ پويان ڪهڙو راز آهي؟

ج: ٻه ڳالهيون آهن، هڪ ته آءٌ زندگيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو هيس. منهنجو پيءُ، منهنجي ڏٺي کان اڳ ۾ گذاري ويو. منهنجي ماءُ مون کي ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏيو، جو منهنجي ڏاڏي ان جي ٻي شادي ڪرائي ڇڏي. منهنجو ڏاڏو ٿورو مُلي قسم جو ماڻهو هو. مطلب ته مون کي نه منهنجي ماءُ گهڻو پاليو ۽ نه پيءُ گهڻو پاليو. منهنجي پرورش ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ ڪئي. ڏاڏو هميشه منهنجي ڀلائيءَ ۾ رهندو هو. ڪراچيءَ ۾ اسڪول تائين مون کي گڏ وٺي هليو هو، سن به ڏاڏو ئي وٺي هليو هو، جتي هن مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جڏهن ته منهنجو نانو رانجهو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو هو، پر مون هن کي ڏٺو. ناني سعيدان، مامو سليمان، مامو دائود اهي منهنجا ناناڻا هئا. اسان جوين جو جيڪو پاڙو هو، ان ۾ اسان جو ڏاڏو هڪڙو ئي هوندو هو. آءٌ ڏاڏو چوندو هيس فقط ڏاڏي محبوب کي، مون ڪنهن ٻئي کي ڏاڏو نه چيو. ٻيا سڀ نانا ۽ ماما نانو بادل، نانو فقيرو، نانو رزاق، نانو جميل، نانو مريد علي، نانو فلاڻو ائين مون کوڙ نانا ڪيا. مون ڏاڏو ۽ چاچو ڪنهن ٻِئي ماڻهوءَ کي ڪڏهن نه چيو. منهنجو هڪڙو چاچو هوندو هو. چاچو اسماعيل، جيڪو اڪيلو هو. ڏاڏو ۽ چاچا ٻنيءَ تي پورهيو ڪندا هئا. آءٌ جڏهن اسڪول کان پڙهي ايندو هيس ته ديري يا کري تي ڳاهه ڳاهڻ يا جهار هڪلڻ ۾ انهن سان شامل ٿيندو هيس. اسان ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻاجهري ڪاهيندا هئاسين.

س: جيئن اوهان چيو ته ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي اوهان ڏاڏو يا چاچو نه چيو، ان جو سبب ڏاڏي ۽ چاچي سان محبت هئي يا ٻيو ڪارڻ هو؟

پيءُ ڪونه هو نه، ان ڪري چاچي ۽ ڏاڏي جي جاءِ تي ٻئي ڪنهن کي چاچو ۽ ڏاڏو نه چئي سگهيس.

چراغِ سحريءَ جا احساس ۽ ڏکن جا سبق

س: ڪوبه ماڻهو جڏهن عمر جي چراغ سحريءَ ۾ هوندو آهي ته ان جا احساس ڪهڙا هوندا آهن؟ شين کي ڪيئن ڏسندو آهي؟ ۽ ڪهڙي شيءِ کي گهڻي اهميت ڏيندو آهي؟

ج: اهو عمر تي مدار آهي. جيترن جيترن ماڻهن سان ويجهڙائپ آهي، ماڻهو اوترن سان پنهنجائپ قائم ڪري ٿو.

س: سوال هن ريت آهي ته ڪو ماڻهو جيڪڏهن عمر جي آخري حصي ۾ آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته کيس هاڻي وڃڻو آهي ته انهي ماڻهوءَ جا احساس ڪهڙا هوندا آهن؟ هو رشتن ناتن سميت هر شيءِ کي ڪيئن ڏسندو آهي؟

ج: جيئن ته اوهان مون کان سوال ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي حوالي سان ڳالهه ڪريان ته حقيقت هيءَ آهي ته ننڍي هوندي کان وٺي مون ماڻهن جو پيار ماڻيو آهي، ۽ ماڻهن کي پيار ڪيو آهي. مون ڪنهن سان نفرت يا دشمني نه ڪئي آهي. مون سڀني کي پنهنجو پئي سمجهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون سان اڍنگو هليو آهي، تڏهن به آءٌ هن سان اڍنگو نه هليو آهيان، ۽ نه منهنجي دل ۾ اها ڳالهه رهي آهي ته هن ماڻهوءَ مون کي هي نقصان پهچايو آهي، تنهنڪري آءٌ به هن کي هي نقصان پهچايان. اهو انتقام ۽ بدلو منهنجي ذهن ۾ ڪڏهن به نه آيو آهي. منهنجو جيڪو نيپاج آهي، ۽ ننڍپڻ کان وٺي هيستائين اهڙي قسم جو تجربو ٿيو آهي، جنهن ۾ مون محسوس ڪيو آهي ته پنهنجائپ ۾ فائدو آهي ۽ پنهنجائپ کي ڇڏڻ ۽ پنهنجن ماڻهن کان پري ٿيڻ ۾ نقصان آهي. آخر تائين آءٌ انهيءَ اصول تي بيٺل آهيان ته هر انسان ٻين انسانن جي آڌار تي جيئي ٿو. ڪوبه انسان ٻين انسانن جي آڌار کان سواءِ نٿو جيئي، ۽ ٻيا به هر انسان جو آڌر چاهين ٿا. اوهان ٻين لاءِ جيئو ۽ ٻيا اوهان لاءِ جيئن جيئو ۽ جيئڻ ڏيو، نه فقط جيئڻ ڏيو، پر جيئڻ ۾ مدد ڪريو. جيتري اها ڏي وٺ هڪ ٻئي سان قائم رهندي ۽ تازي تواني رهندي، ايترو فائدو ئي فائدو رهندو.

س: ڏک زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي ۽ فنونِ لطيفه ۾ ان جي احساس کي بنيادي حيثيت مليل آهي. اوهان ان کي ڪيئن پئي محسوس ڪيو آهي؟

ج: ڏک ماڻهوءَ جو وڏو استاد آهي. ماڻهوءَ کي ڏک جي استاديءَ ۾ جيڪي سبق ملن ٿا، ڏک جيڪو ڪجهه سيکاري ٿو، اهو سک به ڪو نٿو سيکاري. سک ۾ گهڻيون ڳالهيون وسري وڃن ٿيون. ڏک ۾ جيڪا ڳالهه سامهون اچي ٿي، اها اوهان وٽ قائم رهي ٿي. ڏک جو سبق اوهان کي هميشه ياد رهندو. ماڻهو تعليم پرائي يا ڪجهه سکي ٿو، تنهن لاءِ به ڪا نه ڪا سزا ڀوڳڻي پوي ٿي. ڏک به ائين آهي.ا هو عظيم استاد آهي، جيڪو زندگيءَ جا هيڪاندا سبق سيکاري ٿو. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اوهان کي ڏک آهي ته ٻين کي به ڏک آهي نه. جيستائين اوهان ٻئي جي ڏک جو احساس نه ڪندؤ ۽ پنهنجي ئي ڏک جي احساس ۾ گم رهندؤ ته انهيءَ مان اوهان ڪجهه نه سکندؤ، سواءِ خود غرضيءَ ۽ لالچ جي. جڏهن ته ٻين جي ڏک کي پنهنجي سامهون رکندؤ ته اوهان بي لوث ٿي سگهو ٿا، تنهنڪري ٻين سان سهڪار ڪرڻ سکو- باهمي سهڪار.

س: اوهان به ته ڏک ڏٺا هوندا؟

ج: ڏک جي ڳالهه نڪتي آهي ته اوهان کي ٻڌايان ته زندگيءَ کي گهڻو سڌاريو آهي، پر زندگيءَ جي ڏک مون کي ڀاڙي اصل ڪونه ڪيو. (کلندي) ڏکن کان آءٌ پاسو ڪندو رهندو هيس پر ڏک ۽ سور اگر آيو ته قبول ڪيو ۽ ان کي سَٺو. اوهان منهنجي جيون ڪٿا پڙهي ڏسندؤ ته اوهان کي (ڏکن بابت پڙهي) ڏک لڳندو. جيڪي ماڻهو پڙهندا آهن، سي چوندا آهن ته اسان جي اکين مان ڳوڙها وهي ٿا اچن.

موت جي حقيقت ۽ وصيت

س: جيئن ته موت برحق آهي ۽ هر ڪنهن کي هلڻو آهي. عمر جي هن حصي ۾ موت جي حوالي سان اوهان جا ڪهڙا احساس آهن؟

ج: آءٌ موت کان پوءِ واري زندگيءَ واري تصور ۾ يقين نٿو رکان. موت اٽل آهي، هر ڪنهن کي مرڻو آهي پر موت کان پوءِ زندگي ناهي. هيءَ قبوليت مون رڳو اوهان سان ڪئي آهي. آءٌ موت کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ يقين نٿو رکان. ماڻهو جيڪو آهي سو آهي، جيئن زندگي مسلسل آهي تيئن موت به مسلسل آهي. ٻنهي جو ڪار وهنوار روان دوان آهي. جيڪو ماڻهو جيئرو آهي، ان کي زندگيءَ جو موقعو آهي. زندگي عظيم سبق آهي، عظيم نعمت آهي.

س: ڪجهه ماڻهو ته موت جي خوف ۾ اچي ويندا آهن؟

ج: موت کي خوف ئي ڪونهي. آءٌ موت کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ يقين ئي نٿو رکان. موت ضرور ٿيندو، پر موت کان پوءِ ٻي زندگي ڪانهي، نڪا آخرت آهي.

س: جيئن ته دنيا جا وڏا توڙي عام ماڻهو به وصيت ڪندا آهن ته موت کان پوءِ سندن ابدي بستر فلاڻي هنڌ وڇايو وڃي. ان حوالي سان اوهان جي به ڪا اهڙي خواهش آهي.

ج: منهنجي ڌيءَ نيلوفر گذاري وئي ۽ ٻي ڌيءَ نرگس حالِ حيات آهي. مون کي سڳو ڀاءُ نه ٿيو، نه ئي ڀيڻ. منهنجي ماءُ جڏهن ٻي شادي ڪئي ته انهيءَ کي پٽ ڄائو حُسين. اهو وڏو ٿيو. انهيءَ کي نوڪري به مون وٺي ڏني. هو ڳالهائڻ جو ايڏو هوشيار هو جو سنڌي آکاڻين وارو جيڪو پهريون ڪتاب هو، ان ۾ شامل سڀئي آکاڻيون مون کي هن (حسين) ٻڌايون هيون، ۽ جنهن لاءِ مون لکيو آهي ته ”منهنجو حُسين ڀاءُ، ڳالهين جو ڳهير“.

منهنجي وصيت جي حوالي سان منهنجي پٽ مظفر به مون کان ائين پڇيو آهي ۽ مون کيس وصيت ڪئي آهي ته جڏهن موت ٿئي ته نيلوفر جي قبر ڀرسان منهنجي قبر ٺهي.

س: توهان جي ان نياڻيءَ جي قبر ڪٿي آهي؟ جنهن ڀرسان اوهان تدفين جي خواهش ظاهر ڪئي آهي؟

ج: منهنجي ڌيءُ نيلوفر جي قبر سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ آهي. باقي ٻين گهڻن مون کي چيو آهي، بلڪه (کلندي) دهمان ڪيو اٿن، ڪنهن چيو ته ”مري ڏس ته خبر پوَئي.“ مون چيو ته مرڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها ڪهڙي ڪم ايندي. مون کان تڏهن ٿو پڇين جو آءٌ جيئرو ويٺو آهيان، ته آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو ته آءٌ پنهنجي ڌيءُ نيلوفر جي ڀرسان...

س: ان ڌيءَ سان گهڻي انسيت جي ڪري؟

ج: ها، انسيت جي ڪري، ڀاءُ حسين هو، پر ٻئي گهر جو ماڻهو هو. آخر ڌيئر ڏاڍيون پياريون آهن. نيلوفر مان محسن (جويو) ٿيو، جيڪو منهنجي سڄي سنڀار پڻ ڪندو آهي.

(ڪتاب: ’صديءَ جو سفر‘ تان ورتل)

انٽرويو وٺندڙ: نياز پنهور

]سائين محمد ابراهيم جويو هڪ سؤ سال جو بنهه بزرگ هئڻ باوجود اسان جي اڄ جي جديد سنڌ جو اهو رهبر ۽ رهنما آهي، جنهن جي تربيت ۽ سکيا ۾ ايندڙ هر نوجوان پاڻ کي خوشنصيب سمجهي ٿو، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجي جهڙين عالمي مڃتا رکندڙ شخصيتن جي استاد جي حيثيت رکندڙ محمد ابراهيم جويو پنهنجي ذات ۾ علم جو اٿاهه سمنڊ هئڻ باوجود انتهائي سادو، سٻاجهو، محبت ڪندڙ هر ماڻهوءَ جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندڙ ۽ هر تحرير پوري سنجيدگيءَ سان پڙهندڙ شخصيت رهيو آهي.محمد ابراهيم جويو هڪ آهي، پر ساڻس محبت ڪندڙ هزارين ۽ لکين ماڻهو آهن، اهي جڏهن به چاهين ٿا تڏهن جوئي صاحب جو در کڙڪائي ساڻس ملاقات لاءِ پهچي وڃن ٿا. پوءِ صبح هجي، منجهند هجي يا شام، جويو صاحب ڪجهه لکندو هجي يا پڙهندو هجي يا آرامي هجي، جوئي صاحب سدائين انهن کي دل ۾ جايون ڏنيون آهن. منهنجي اها خوشنصيبي رهي آهي ته آءٌ جوئي صاحب جي انهن عقيدتمندن ۾ شامل آهيان، جنهن لاءِ جوئي صاحب  جون ٻانهون ۽ دروازا سدائين کليل رهيا آهن. هن سدائين منهنجي سکيا ۽ رهنمائي پئي ڪيئي آهي. جوئي صاحب سان هيءُ انٽرويو ان ڏينهن ۾ ورتو ويو هو جڏهن ڪافي سردي هئي، جوئي صاحب جي طبعيت به صحيح نه هئي پر پاڻ مون سان ڪيل واعدي مطابق ڪي.ٽي.اين جي اسٽوڊيوز تائين هلي آيا ۽ ساڻس تاريخي ڪيل ڳالهه ٻولهه منهنجي رهيل زندگيءَ لاءِ هڪ اعزاز رهندو.[

سنڌ جي ناليواري دانشور ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويي چيو آهي ته اها ڳالهه حقيقت آهي ته سنڌوءَ جي تهذيب، قديم تهذيب آهي، جنهن جو ثبوت موهن جو دڙو آهي، دنيا جي قديم تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن تي لکيو ويو آهي. قومون ۽ تهذيبون تاريخ جي دائري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏکيائين ۾ اينديون آهن، اسين هن وقت پاڪستان جو حصو آهيون. پاڪستان جنهن طريقي سان وجود ۾ آيو، انهيءَ کان پاڻ سڀ واقف آهيون. 1940ع واري ٺهراءَ ۾ مسلمانن لاءِ ٺهندڙ الڳ رياست (رياستن) جي الحاق ۾ ايندڙ اڪاين سان آزادي ۽ خودمختياريءَ جو واعدو ڪيو ويو هو، اهو سبب هو جو 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ، انهيءَ ٺهراءَ جي توثيق ڪئي. بهرحال، انهيءَ جو مطلب اهو هو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي مڪمل سياسي آزادي، اقتصادي خوشحالي ۽ ثقافتي ترقيءَ جا سڀ موقعا بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ کان سواءِ فراهم ڪيا ويندا پر افسوس جو اسان جن اميدن تحت پاڪستان ۾ شامل ٿياسين، اهي پوريون نه ٿيون. هن چيو ته قومون پنهنجي تهذيبي سفر ۾ لاهن چاڙهن مان گذرنديون آهن، جڏهن ڪنهن قوم تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن. انهن مان نڪرڻ لاءِ ان قوم جي داخلي سگهه وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي. اها سگهه ان کي هڪ قوم طور ورتاءَ اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي ۽ انهيءَ سان گڏ، ان قوم جا ڪي خاص ۽ غير معمولي فرد پڻ، انهيءَ قوم کي انهن ڏکين ڏينهن مان ڪڍڻ جا جتن ڪندا آهن. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته سنڌ هڪ قوم طور ورتاءَ رکڻ يا رد عمل ڏيکارڻ جي حالت ۾ ان ڪري نه اچي سگهي، جو ان کي واضح طرح ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو. سنڌي هندو جيڪي سنڌ جي تعليم، ترقي ۽ خاص طرح سنڌ جي معيشيت کي سنڀاليو پئي آيا، انهن کي هتان لڏايو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي جيڪي ماڻهو هتي آيا، انهن سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي چٿرون ڪيون ۽ انهي سان نفرت ۽ ڌڪار جو اظهار ڪيو ۽ اسان جي سنڌي وڏيرن جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ نوابن به گهٽ ڪانه ڪئي ۽ ڌارين جا پُرزا ۽ ڀرجهلا ٿي بيٺا، اهڙيءَ ريت سنڌ هڪ قوم طور اڀري نه سگهي. اسين پاڻ به گهڻو ڪجهه نه ڪري سگهياسين. ان موقعي تي هن قرآن شريف جي هڪ آيت ٻڌائڻ بعد ترجمو ڪري ٻڌايو ته ”ڪنهن به قوم جي حالت ايستائين نٿي بدلجي سگهجي، جيستائين اها پاڻ بدلجڻ جي ڪوشش نٿي ڪري“. ”ڪاوش عوام آڏو“ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ۽ مختلف سوالن جا جواب ڏيندي محمد ابراهيم جويي صاحب وڌيڪ چيو ته: قوم جي فردن کي مذهبي ۽ تهذيبي هدايتون مليل آهن، پر جنهن طريقي سان گذريل 65 سالن جي تاريخ ۾ مذهبي سوچ مڙهي وئي آهي، انهيءَ ۾ ڇا ٿيو آهي، انهيءَ تي هاڻ سوچڻ کپي ۽ اسين ڪيتري جدوجهد ڪريون ٿا، اهو هڪ اهم سوال آهي. هن چيو ته قومن جي ڀلائي انهن جي سجاڳيءَ تي انحصار ڪري ٿي، سجاڳيءَ لاءِ تعليم بنياد آهي، تعليم لاءِ ٻولي ضروري آهي، منهنجن ڪتابن ۾ ادب، سياست ۽ ٻولي جي باري ۾ ڪافي ڳالهيون مون ڪوشش ڪري پڙهيل لکيل طبقي جي سامهون رکيون آهن جن جي ضرورت هئي، انهيءَ لاءِ منهنجو هڪ ڪتاب ’هو جا ٽمڪي باهڙي‘  جو پهريون جلد پڙهڻ کپي. هن چيو ته سياست ، تعليم ۽ ادب لاءِ ٻولي ضروري آهي، جيترو ٻولي ۾ سڌارو ايندو اوترو ئي قسمت ۾ سڌارو ايندو ۽ پنهنجي قومي عمل سان ڪوشش ڪري پنهنجي قوم جي قسمت حاصل ڪري سگهبي آهي. حيدرآباد مان نامياري ڪمپيئر ۽ شاعر بخشڻ مهراڻوي فون ذريعي سوال پڇيو ته هڪڙو دور هو، جڏهن ادبي ۽ سياسي تحريڪن جون محفلون ٿينديون هيون ۽ تعليمي ادارن ۾ پڻ اهڙيون سرگرميون ٿينديون هيون ۽ انهن ۾ قومي شعور بابت ڳالهيون ٿينديون هيون جيڪي اسان تائين ته منتقل ٿيون آهن، پر اهي ڳالهيون هاڻي نٿيون ٿين. اسان جو ايندڙ نسل قومي شعور کان ڪٽجي رهيو آهي، انهن تائين اهو شعور ڪيئن منتقل ڪجي؟ محمد ابراهيم جويي صاحب چيو ته  تعليمي ادارن جي باري ۾ ماڻهن کي ڪو گهڻو اعتماد ناهي رهيو، پر ان هوندي به ادارا پنهنجو ڪم ڪن پيا ۽ ڪتاب نڪرندا رهن ٿا. مون وٽ روزاني ٻه ٽي ڪتاب اچن ٿا ۽ ڪجهه ڪتاب پڙهي ان جي معيار کي ڏسي اطمينان ٿئي ٿو. اسان کي رڳو ماضي تي اطمينان نه ڪرڻ گهرجي، حال تي به نظر رکڻ کپي، حال تي نظر نه رکڻ اسان جي ڪمزوري آهي. هر دور جو پنهنجو پنهنجو رنگ هوندو آهي، اڳي ادبي ۽ سياسي معاملن تي رٿابندي ڪئي ويندي هئي، ۽ ڪو لائحه عمل تيار ڪري عوام تائين پهچائبو هو. ان وقت عوام تائين رسائي جا وسيلا هڪڙا هئا ۽ ٿورا هئا. اڳي اخبار ۽ ٽي.وي چئنل موجود نه هئا، ان کان سواءِ ڪمپيوٽر ذريعي ماڻهو اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب پڻ روزاني شايع ٿي رهيا آهن، انهن کي پڙهڻ گهرجي، اسان کي حال کي ڏسي مستقبل ڏانهن وڌڻ گهرجي. پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ پروفيسر اعجاز قريشي سوال پڇيو ته: ورهاڱي بعد سنڌ مان وڏي تعداد ۾ هندو ڀارت لڏپلاڻ ڪري ويا، پر هن وقت تائين ڇا اهڙو ڪو ڪتاب آيو آهي، جنهن ۾ ورهاڱي بعد لڏپلاڻ ڪري ويلن بابت ڪي انگ اکر هجن ته ڪيترا ماڻهو ايندا ۽ ڪيترا ماڻهو هتان کان لڏي ڀارت ويندا. محمد ابراهيم جويو چيو ته  اهڙو ڪوبه ڪتاب هن وقت تائين موجود ناهي، پر ڌار ڌار پيرائتا مضمون ۽ مقالا ڇپيل ۽ موجود آهن، جن ۾ انهيءَ ورهاڱي بابت ڪافي ڳالهيون آيل آهن. هن چيو ته سندس هاڻي ايندڙ ڪتاب ’اوريم ڪي احوال‘ ۾ جيڪي به مضمون آهن، اهي انهيءَ سوال جي روشني ۾ ئي آهن. نامياري اديب حميد سنڌي سوال پڇيو ته ڇا موجوده حال ۾ سنڌ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ سماجي تبديلي آئي آهي؟ محمد ابراهيم جويي جواب ڏيندي چيو ته: 65 سالن ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال اعتماد جوڳي ناهي رهي. هن وقت جي سياست کان خاص طرح پاڪستان ۾ شامل ٿيل قومون يا وطن جن ۾ خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سخت ناراضگي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي وفاق جي نئين سر جوڙ جڪ عمل ۾ اچڻ گهرجي ۽ اڪائين سان نئون سماجي معاهدو ئي سمورن مسئلن جو حل آهي. هُن چيو ته هِن وقت افغانستان اندر ڇڪتاڻ طالبانائيزيشن ۽ دهشتگردي ملڪ جا ننڍڙا مسئلا ناهن، انهن کي به اڄوڪي سياست منهن ڏئي رهي آهي، باقي اسان وٽ شروعات کان سياست ۾ فيصلاڪن همت ناهي رهي، جيڪا اڄ به موجود ناهي، اسان جي ملڪ کي انهيءَ حد تائين پهچائڻ جي ذميوار مسلم ليگ آهي، باقي جيڪي عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ وفاقي جماعتون آهن، اهي پنهنجن قومي مفادن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. نذير ميمڻ سوال ڪندي پڇيو ته توهان پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘  (Save Sindh Save the Continent)  ڪتاب لکي اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ سان انصاف نه ٿيندو ۽  اسان کي 23 سالن بعد اها حقيقت معلوم ٿي وئي هئي، ڇا توهان هن وقت ڪا اهڙي اڳڪٿي ڪري سگهو ٿا ته هن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ محمد ابراهيم جويي چيو ته  اڳڪٿيون ذميواريون گهرن ٿيون، اهي گهٽ ڪجن ته بهتر آهي. هن چيو ته منهنجن ڪتابن ۽ سائين جي.ايم.سيد جي ڪتابن ۽ گذريل حالتن کي نظر ۾ رکو، هن وقت ڪابه بهتريءَ جي اميد ناهي، انهيءَ جو حل هڪڙو ئي آهي، قوم جي نجات، تهذيب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جيڪو پُڄي، اهو نئين فڪر ۽ نئين خيال سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پراڻي فڪر سان مسئلا پيدا ٿيا آهن، جديد فڪر ۽ سيڪيولر فڪر جي ضرورت آهي. مذهب کي سياست کان الڳ ۽ سياست کي مذهب کان الڳ ڪيو وڃي. جيڪي چون ٿا ته اسان کي اهو قبول ناهي تن کي اڻڄاڻائي تي مذهب ۾ سياست ۽ سياست ۾ مذهب مبارڪ هجي. هن چيو ته هن وقت سڄي دنيا سيڪيولر آهي، دنيا کي سڌارڻ ۽ زندهه ماڻهن جي خدمت انسانيت، نيڪي، سچائي ۽ ڀائپي لاءِ دنيا ۾ اهو قابلِ قبول آهي ته رياستي معاملن ۾ مذهب جو ڪوبه دخل  نه هجي ۽ رياست پنهنجي مزاج ۾ سيڪيولر هئڻ کپي، نه ته اها پنهنجي شهرين سان انصاف نه ڪري سگهندي مذهب کي شهرين جو ذاتي مسئلو ڄاڻائي، انهن کي انفرادي سطح تي آزادي ڏني وڃي جيئن يورپ اهڙو مثال قائم ڪري ڏيکاريو آهي. مذهب کي سياست کان الڳ ڪرڻ سان مدرسا، مسجدون ۽ عبادتگاهون توڙي مذهب قائم رهندا، پر اهي ٽنگ نه اڙائين، مذهب جي آڙ ۾ سياست جي ڪري اڄ ڏينهن تائين اسين ڀوڳي رهيا آهيون. پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ سوال ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليم ۾ سنڌي ٻوليءَ جو فقدان ڇو آهي؟ محمد ابراهيم جويي چيو ته  آءٌ انهيءَ ڳالهه سان سورنهن آنا سهمت آهيان. قوم جي تعليم تڏهن سڌرندي آهي جڏهن اها مادري ٻوليءَ ۾ پڙهائي وڃي، اسان جي تعليم جيڪا تباهه ٿي آهي انهيءَ ۾ اردو جو اسان مٿان قومي ٻولي طور نازل ٿيڻ ۽ انگريزي کي دل ۾ عالمي ٻولي جو درجو ڏيندي پڙهائڻ اهم سبب آهن. هن چيو ته اردو کي جيڪا برتري ملي، انهيءَ سڄي سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو، جيستائين سنڌي ٻولي کي برتري نه ملندي ۽ ٻولي ذريعي تعليم جي آزادي جو حق نه ملندو، پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين، سنڌي ٻولي نه ترجيحي نموني پڙهائي ويندي، تيستائين تعليم بهتر نه ٿيندي. هن چيو ته اسان جو انگريزي سان ڪوبه عذر ڪونهي، پر انگريزي، انگريزن جي دور جيان پڙهائي وڃي، اردو کي لنڪ لئنگويج طور پڙهايو وڃي. هن چيو ته انگريزن جي دور ۾ انگريزي اسان تي ايتري زوريءَ نه مڙهي وئي هئي جيتري هاڻي زوريءَ مڙهي پئي وڃي. هن چيو ته انگلينڊ، آسٽريليا، ڪئناڊا ۽ ٻيا ملڪ پئسا آڇي رهيا آهن، ته انگريزي وڌ کان وڌ پڙهايو، جيستائين انگريزي ۽ اردو اسان جي تعليمي سرشتي تي حاوي رهنديون، تيستائين تعليمي سرشتو سڌرڻ جو امڪان ناهي. محمد علي ڏيپلائي سوال ڪندي پڇيو ته 1937ع ۾ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان هڪڙو ئي ملڪ هو تڏهن سروجني نائيڊو زور ڀريو هو ته سڀني کي هندي ٻولي سکڻ گهرجي ته ڇا جيڪڏهن پاڪستان نه ٺهي ها ته اڄ تائين سنڌي ٻولي جي شڪل موجود هجي ها؟ محمد ابراهيم جويو چيو ته:  هن اها ڳالهه ڪئي به يا نه، اها اوهان ٿا ڪيو، اوهان جو سوال مفروضي تي ٻڌل هجي، پر جيڪڏهن ائين مڃجي به ته سروجني نائيڊو جي اها ڳالهه بلڪل غلط هئي، انهيءَ وقت به سندس اهڙو فيصلو قبول نه هو. ان وقت سنڌي ڳالهائيندڙ خود هندو به انهيءَ سان گڏ نه هئا، هاڻي گڏيل هندوستان نه رهيو آهي جو ان تي ويهي مٿي ڪُٽ ڪجي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ دفتري ٻوليءَ جو درجو پاڻ انگريزن ڏنو هو، سنڌي هندن سنڌي ٻولي ۽ تعليم سان تمام گهڻو پيار ڪيو، اهو اوهان سڀني جي سامهون آهي، سنڌي ٻولي هاڻوڪي شڪل ۾ هجي ها يا نه يا هندو اڪثريت ان کي اوسرڻ نه ڏي ها، پر اڄوڪي پاڪستاني تناظر ۾ پنهنجي ئي صوبي ۾ ورهائي پئي آهي ۽ اردو هن وقت قومي ٻولي آهي، اها سنڌي ٻولي سان ويڌن گهٽ آهي جو ويهي مفروضن تي ڳالهائجي، ان موقعي تي هن شاهه ڀٽائي جون هيءُ سٽون پڙهي ٻڌايون:

مُون مُونهين ۾ سِپجي، مون کي مون جُڳاءِ،

مُونهينءَ مان مون کي ٿئي، مُونهينءَ جي ساڃاهه،

ڪُڇڻَ ڪانهي جاءِ، ڪيڏانهن ڪيان پنڌڙو.

 هن چيو ته خود اعتمادي فرد توڙي قوم لاءِ ضروري آهي. سنڌي ٻولي اٿارٽي جي سيڪريٽري تاج جويي محمد ابراهيم جويي کي 96 سالن جو نوجوان سڏيندي ساڻس مخاطب ٿيندي پڇيو ته: سندس هٿ ۾ 1946ع ڌاري ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘ جو جهنڊو هو، جيڪو اڄ تائين توهان جي هٿن ۾ آهي، ايترا ڏينهن ڪيئن محفوظ رهيو؟ محمد ابراهيم جويي چيو ته: سندس ڏاڏو ڪنهن مسجد جو پيش امام ڪونه هو، پر هُو  فجر جو اٿي ذڪر ڪندو هو ۽ الله تعاليٰ کان دعائون ڪندو هو، نعتون پڙهندو هو جيڪي مون کي وڻنديون هيون ۽ دل ۾ چوندو هئس ته منهنجي ڏاڏي کي ڪنهن ايترا ڏک ڏنا آهن جو هو اهڙيون دانهون ڪندو آهي ۽ آءٌ دل ۾ سوچيندو هئس ته وڏو ٿي انهن سان وڙهندس جنهن ڏاڏي کي ڏک ڏنا آهن، اهو ارادو منهنجو ننڍي  هوندي کان دل ۾ سمايل هو. هن چيو ته آءٌ جڏهن به پڙهڻ ويندو هيس ۽ امتحانن مان پاس ٿيڻ بعد واپس موٽندو هيس ته ڏاڏو مون کي پير نظر محمد کان دعا وٺڻ لاءِ گڏ وٺي ويندو هيو، آءٌ دل ۾ سوچيندو هيس ته محنت آءٌ ڪريان ۽ پڙهائين ماستر، دعا وري پير کان، اهو ڪيئن؟ پر ڏاڏي سان گڏ نه چاهيندي به ويندو هيس، هن چيو ته سندس اهڙي سوچ ڪا بي ادبي نه هئي، پر جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي بي ادبي محسوس ڪري ٿو ته آءٌ انهن کان معافي گهران ٿو. هن چيو ته مون ڪتاب تمام گهڻا پڙهيا، مدرسي ۾ نوڪري ملڻ بعد ٽيچرس لائبريري ۾ ڪتاب پڙهندو هيس، ان کان سواءِ بمبئي ۾ بي.ٽي دوران ٿنڪرس لائبريريءَ جا ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا جن منهنجي فڪري رهنمائي ڪئي. هن چيو ته علم دوست ماڻهن لاءِ ڪتاب کان وڌيڪ ڪوبه بهتر دوست نه آهي. نامياري مترجم ۽ اديب ولي رام ولڀ سوال ڪندي پڇيو ته: توهان سنڌ لوَر، بڪ لوَر، هيومن لوَر ۽ مختلف هاڪاري شين جا لوَر رهيا آهيو؟ توهان جيڪي يورپ جي فلسفي بابت ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ ٻيا ڪتاب ترجمو ڪرائڻ لاءِ شيخ اياز جي.وي.سي شپ واري دور ۾ ٽرانسليشن بيورو ٺاهيو هو انهيءَ جو ڇا ٿيو، موجوده وقت سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپيل ڪتابن تي تنقيد کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جواب ۾ هن چيو ته آءٌ اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيان ته سنڌي ادبي بورڊ سميت سنڌ جي علمي ادارن ۾ بيورو آف ٽرانسليشن قائم ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ مان وقت به وقت حڪومت سان واسطو رکندڙ ڌُرين کي رٿائون موڪليندو رهيو آهيان ۽ افسوس جي ڳالهه آهي جو جيڪو تنقيد طور لکجي ٿو واقعي ائين ٿئي پيو. هن چيو ته مون ڊاڪٽر ايني بئسنت جو هڪڙو مضمون هاڻي ترجمو ڪرايو آهي، جنهن جو ٽائيٽل آهي ”پبلڪ اسپرٽ/ عوامي جذبو“، جنهن ۾ هن هندستان جي ماڻهن کي عوام جي ڀلائي جي تلقين ڪئي آهي. ڪنهن به سڌريل سماج ۾ انفرادي طرح هر فرد جو سڌرڻ لازمي آهي ۽ ان فرد تي ڪي ذميواريون عائد ٿين ٿيون جن جو ذڪر انهيءَ مضمون ۾ ٿيل آهي. هن چيو ته ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان جي وڏيرن ۽ سڳورائپ وارن توڙي ليڊرن ۾ عوامي خدمت جو جذبو ناهي. ان موقعي تي هن شاهه جو شعر پڙهيو:

آءٌ اَسين، تون تَوهين، چارئي چِتان لاهِه، سندي دوزخ باهِه، تو اوڏيائي نه اچي.

 هن چيو ته رڳو پنهنجي ذاتي دلچسپي وارن ڪمن يا پنهنجن کي نوازڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن. اسان جي ڪامورن ، اديبن ۽ سياستدانن ۾ پبلڪ اسپرٽ ناهي، چند ماڻهو هوندا آهن جن ۾ پبلڪ اسپرٽ موجود هوندو آهي. هن چيو ته جيترو پاڻ ۾ پبلڪ اسپرٽ پيدا ڪبو ايترو ئي وڌيڪ ڀلائي ملندي. ”ڪاوش عوام آڏو“ ۾ سنڌ جي نامياري دانشور غلام نبي مغل، حميد سنڌي، تاج جويو، نذير ميمڻ، ولي رام ولڀ، محمد علي ڏيپلائي، گل محمد عمراڻي، نور گهلو، پروفيسر اعجاز قريشي، محسن علي جويو، سيد محسن رضا شاهه، عثمان منگي، عثمان ميمڻ، نصير مرزا، ادريس جتوئي، سعيد خان اڄڻ، سليم چنا، تولا رام سوٽهڙ، نعيم احمد ٻٻر، سرور سهتو، غلام مصطفيٰ نانگراج، سنگرام، منظور ابڙو، روشن جويو، نثار ابڙو، سرور سميجو، صادق ڪٻر، ڪاشف، ثاقب، شفيع چانڊيو، علي اڪبر نوحاڻي، عمران علي شاهاڻي، پرويز اقبال، دليپ هميراڻي، نثار جوکيو، فوزيه جوکيو، پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ، شوڪت چاچڙ، صادق جويو، فقير عثمان پنهور۽ سيد وارث شاهه شرڪت ڪئي. جڏهن ته محمد ابراهيم جويي کان خيرپور مان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، حيدرآباد مان فيصل نذير قاسمي، پڪا چانگ مان وحيد قريشي، حيدرآباد مان بخشڻ مهراڻوي ٽيليفون ذريعي سوال پڇيا جڏهن ته آڊينس مان پروفيسر اعجاز قريشي، پاڻي ماهر نذير ميمڻ، پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ، سرور سميجو، گل محمد عمراڻي، محمد علي ڏيپلائي، تاج جويو، ولي رام ولڀ، نصير مرزا ۽ ٻين سوال پڇيا.

نامياري شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا، امداد حسيني جي سٽن ”توکي چاهيون ٿا، توکي چاهيون ٿا“ سان مخاطب ٿيندي محمد ابراهيم جويي صاحب کان پڇيو ته توهان اڪيلائي ۾ ڇا سوچيندا آهيو؟ محمد ابراهيم جويو چيو ته: عشق جو ڪو ملهه ئي ڪونهي، مون کي ڪتابن سان عشق آهي، جن سان روزاني ڪچهري ڪريان ٿو، ٻيو ته مون کي اطمينان آهي ته مونسان واسطي ۾ رهندڙ ماڻهو مخلص آهن، آءٌ انهن جي ڪم مان مطمئن آهيان، انهيءَ ڪري ٻي ڪابه سوچ پريشان ناهي ڪندي، مون کي صرف سنڌ جي بي زمين هارين، مزدورن ۽ پورهيت طبقي جي سوچ ستائيندي آهي ته انهن ۾ سڌارو ۽ انهن کي عزت ڪيئن ملي،  هـُن چيو ته هِن وقت ڪيڏي مهانگائي آهي، انهيءَ مهانگائي جي حالت ۾ اهي هڪ ويلي جي ماني لاءِ به پريشان آهن. جويي صاحب آخر ۾ گفتگو دوران شاهه جي هن بيت سان پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪئي.

جان تون ساقي آهيين، وَٽي وچ مَ وِجهُه،

جوُدُ تنهنجو جَکرا، آهي ثاني سِجُ،

نِيهَن پيالو نِجُ، کاس ڏج کُهيَن کي.

حيدرآباد مان فيصل نذير قاسمي سوال پڇيو ته: سنڌ جي ٻولي ۽ ادب سان لاڳاپيل ادارن جي ڪم مان ڪيترا مطمئن آهيو ۽ انهن جي سڌارن لاءِ ڪا تجويز ڏيڻ پسند ڪندا؟ محمد ابراهيم جويي جواب ڏنو ته: ڪنهن به اداري تي مڪمل اعتماد يا خوشيءَ جو اظهار مشڪل ڳالهه آهي پر چڱي کان پوءِ بهتر ۽ بهتر کان پوءِ بهترين جي گنجائش رهندي آهي، خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اڄڪلهه آڪسفورڊ وارا پڻ ”بيسٽ“
بجاءِ ”بيٽر“ لفظ جو استعمال ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته اسان جا ادارا سٺا ڪم ڪندا. پڪا چانگ مان وحيد قريشي سوال ڪندي پڇيو ته هن وقت سنڌي قومپرست تنظيمن جي ڪم مان ڪيترو مطمئن آهيو؟ جواب ۾ ابراهيم جويي چيو ته  اسان جون قومي جماعتون جيڪي پنهنجي وس ۽ وسيلن آهر ڪم ڪنديون آيون آهن، ڪن ميدانن ۾ ڪاميابيون به ماڻيون آهن. سنڌ جي مسئلن تي قومي جماعتن احتجاجن جي ميدانن ۾ چڱي اڳڀرائي ڪئي آهي پر اُن هوندي به اصلاح جي گنجائش بهرحال آهي. انهن جي تنظيمي پڌرن ۾ سڌارن جي گهُرج آهي ۽ کين عوام ۾ وڃي انهن ۾ پنهنجو نقطئه نظر پهچائڻ گهرجي، رڳو چوديواري ۾ ويهي ڳالهيون نه ڪجن، پريس رليز جاري ڪن ته ان ۾ پڻ دور انديشي، عقل ۽ ڏاهپ واريون ڳالهيون هجن، قومي جماعتون هجن يا وفاقي جماعتون هجن، اهي ڳالهيون سامهون رکن ته انهيءَ سان نه رڳو سنڌ پر پاڪستان جي ڀلائي آهي. 

سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل خيرپور مان فون ڪري محمد ابراهيم جويو کان سوال پڇيو ته سڄي دنيا ۾ علمي ۽ ادبي ادارا مضبوط نيٽ ورڪ طور ڪم ڪن پيا، اسان جا جيڪي ادارا آهن، انهن جي ڪارڪردگيءَ مان اوهان ڪيترو مطمئن آهيو ۽ سنڌ۾ سنڌي ڪتاب ڇپجن ٿا ته اهي گهٽ وڪرو ڇو ٿين ٿا؟ جواب ۾ محمد ابراهيم جويو چيو ته  اها اسان جي خوشقسمتي آهي ته اسان تڪليفن ۾ آهيون پر سنڌ ۾ سٺا ادارا موجود آهن. سنڌ حڪومت هڪ وڏو ادارو آهي، قوم جي سجاڳي ۽ تبديلي لاءِ اتي ثقافت کاتو پڻ موجود آهي، جيڪو پنهنجي وس آهر ڪم ۾ رڌل آهي. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي توڙي ٻيون يونيورسٽيون، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌالاجي ۽ ٻيا به ڪيترائي خانگي ادارا آهن جن پنهنجن ڪوشش مان گهٽايو ناهي، اهي پنهنجي وسيلن آهر ڪم ڪري رهيا آهن. ڪتاب سٺا به نڪرن ٿا ته رسالا به شايع ٿين ٿا پر اهو معاملو رڳو سنڌي سان لاڳو نٿو ٿئي، ٻين سڌريل ٻولين جا پڻ رسالا ۽ ڪتاب نڪرن ٿا، انهن ۾ به ڪي سٺا ته ڪي اڀرا هوندا آهن، هن چيو ته سنڌي ۾ روزانو هڪ ڪتاب نڪري ٿو، اسان جي ماڻهن کي فراخدليءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. تنقيد جو هر ڪنهن کي حق آهي پر هڪ ٻئي پٺيان نه پوڻ کپي. تنقيد مان پڙهندڙن کي عملي طور موقعو ملي ٿو. ڪتاب اهڙا به موجود آهن جن جا 8-8 ايڊيشن به شايع ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ڪتابن جو وڪرو نه هجي، ته اهي ڇپجڻ بند ٿي وڃن، تعليم جون اوڻايون گهڻيون آهن پر ان باوجود اخبارون، رسالا ۽ ٽي.وي چينلز به موجود آهن، اسان وٽ سياسي طور ڪيتريون به ڪمزوريون هجن، پر ثقافتي لحاظ کان اسان سجاڳ آهيون، جنهن تي اسان کي فخر آهي.

سرور سميجي سوال ڪندي پڇيو ته: ڇا اسان کي هن وقت تائين قوم تسليم ڪيو ويو آهي؟  محمد ابراهيم جويي چيو ته جيستائين اسان جي سنڌ جي سياست آزاد ناهي، قوم پسند ۽ عوام پسند سياست نه ايندي، تيستائين اسان کي موجوده صورتحال مان نجات نه ملندي. اسان جي ڪمزوري اها آهي جو اسين ٻن ڳالهين جا پابند آهيون، هڪ ته وڏيرائپ ۽ ٻيو سڳورائپ ۾ ڦاٿل آهيون. سڳورائپ چاهي ٿي ته اسين ماضي ۾ رهون ۽ وڏيرائپ چاهي ٿي ته اسين حال ۾ خوش رهون. اسان پاڻ ڪجهه به نه ڪريون جيڪو ڪري سو الله پاڪ ڪري. هن شاعرن جي سرتاج شاهه ڀٽائيرح جو شعر پڙهي ٻڌايو ته: لطيف چيو ته ”محبت نج هجي“.

جيستائين وڏيرائپ ۽ سڳورائپ مان آزاد نه ٿينداسين تيستائين سياست بي فائدهه بڻيل آهي ۽ اسين هرو ڀرو پنهنجو وقت وڃائي رهيا آهيون، اسان کي پنهنجي انهيءَ سوچ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. گل محمد عمراڻي پڇيو ته: توهان ايم.اين.راءِ کان سواءِ ٻيو ڪهڙي شخص کان متاثر آهيو ۽ ڪهڙو ڪتاب وڌ کان وڌ پڙهيو؟ محمد ابراهيم جويي چيو ته  آءٌ  ايم.اين.راءِ کان سواءِ سائين جي.ايم.سيد، سائين ٽيڪن مل ۽ پوءِ جيڪي به مون کي استاد مليا، انهن مان مطمئن آهيان. هن چيو ته مون کي جيڪي به استاد مليا، زندگيءَ ۾ انهن مون کي ڪڏهن به ڇڙٻ ڪانه ڏني، مون کي ڪيترائي هندو ۽ مسلمان استاد مليا، مون جڏهن بمبئي مان بي.ٽي پئي ڪئي، تڏهن سيد عبدالرسول شاهه منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. باقي ڪتابن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي. مون ٻين مذهبن جا مقدس ڪتاب ۽ صحيفا پڙهيا آهن. انهيءَ سان گڏ قرآن شريف به پڙهيو آهي. انهيءَ جو سنڌي ۾ ۽ انگريزي ۾ پڻ ترجمو پڙهيو آهي. انهيءَ کان پوءِ شاهه سائين جو رسالو پڻ مون کي سڳورو ڪتاب محسوس ٿيو آهي. هن چيو ته آءٌ سڳورائپ جي خلاف آهيان پر انهيءَ جي باوجود سڳورائپ هن وقت مضبوط بيٺل آهي ته انهي کي ٽوڙڻ لاءِ ثقافتي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. جڏهن ڪنهن سماج جي معاشي ۽ ثقافتي اوسر هموار ۽ متوازن هلندي، ته انهي کان پوءِ سڳورائپ ثقافت جي وسيع دائري جو هڪ ننڍڙو جُز بڻجي پوندي آهي، هن چيو ته جديد فلسفو، سيڪيولرزم ، اخلاقيات ۽ جماليات بابت انگريزي جا ڪتاب تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا. هن چيو ته يورپ کنڊ جي احتجاجي تحريڪ بابت ڪتاب آهي جيڪو چاهيان ٿو ته ترجمو ٿيڻ کپي، ان ۾ مارٽر لوٿر جي حياتي بابت لکيل آهي. هن وقت به اهڙي ئي تحريڪ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سيڪيولرزم مذهب جي خلاف ناهي، اهو اجايو قدامت جو ڳچيءَ ۾ نوڙ قائم رکڻ لاءِ غلط بياني ڪندي ٻڌايو پيو وڃي.

]سنڌ جي عظيم ڏاهي محترم محمد ابراهيم جوئي کان هيءُ انٽرويو سنڌي ٽي.وي چئنل ”ڪي.ٽي.اين نيوز“ جي مشهور پروگرام ”عوام آڏو“ لاءِ ورتو ويو، جيڪو تاريخ 20- نومبر 2012ع تي ٽيليڪاسٽ ٿيو.[

     هڪ دور سان رهاڻ

محمد ابراهيم جويي صاحب سان ڪچهري

 

 

 

 

 

نصير مرزا

س: ادب ۽ خاص طور سنڌي ادب جو ڪهڙو ڪارج آهي، اوهان جي نظر ۾؟

ج: جيڪڏهن ادب کي، ڪنهن به ادب کي، ڪو ڪارج ناهي ته آءٌ ان کي ادب مڃڻ لاءِ تيار نه آهيان، البت ادب جي جيڪا فني خصوصيت ۽ تقاضا آهي، اها پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿي ۽ هڪ اديب لاءِ اهو ضروري به آهي ته هُو ان جو پورو خيال رکي ۽ پوري تڪميل ڪري. باقي جيڪي ڪجهه به اديب ادب جي معرفت چوي ٿو، اهو يقيناً بامقصد آهي.

اديب سمجهي ٿو ته جيڪي ڪجهه هن چيو آهي، ان کي هن جا پڙهندڙ سمجهندا ۽ ائين هن جي ڳالهه ٻين تائين رسندي، اديب ان لاءِ ئي ته لکي ٿو. ان ڪري ادب جو ڪارج بهرحال موجود رهي ٿو، جنهن کي ”سماجي ڪارج“ به چئجي ٿو. دراصل انسان ۾ انفرادي توڙي اجتماعي طرح گهڻيون ڪمزوريون آهن. اصلاح لاءِ جيڪڏهن انهن ڪمزورين جي نشاندهي جذباتي نوع ۾ هجي، نصيحتن واري انداز يا واعظ وانگر، اهي ادب جي پيشڪش جا هڪڙا رُخ آهن، پوءِ چاهي اهڙو ڪو رُخ شاعريءَ جي صنف ۾ اختيار ڪيو ويو هجي، يا نثر ۾. خود مختلف صنفن کي پنهنجي لکت واريءَ طرز طور دفعن ۾ ورهايو ويو آهي، پوءِ اُنهن رُخن کي رومانوي چئو، اصلاحي چئو، اخلاقي چئو يا تاريخي چئو. اهي سڀ”علمي“
ڄاڻ جا مختلف ذريعا ۽ انداز آهن، جن کي استعمال ڪري اديب پنهنجي ڳالهه پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو.

اصل ۾ ادب ان کي ئي چئجي ٿو، جيڪي لکندڙ، قلم ذريعي، يا خود زباني طور ماڻهن تائين پهچائڻ گهري ٿو. سو ان ڪري اديب جي ادب جو ڪارج ضرور ٿئي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ هو چوي ڇو، لکي ڇو؟ ۽ ان طرح سنڌي اديب وٽ، سنڌي ادب وسيلي سنڌي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ قدردان کي سڌيءَ طرح ۽ پڻ ٻيءَ ڪنهن ٻوليءَ جي پڙهندڙ کي، ان جي ترجمي وسيلي گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ مواد موجود آهي.

س: توهين جڏهن ادب جي تشريح يا وضاحت ڪريو ٿا، ته شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ ڪلاسيڪل کان جديد ادب تائين جو سمورو دور توهان جي سامهون آهي، اوهين ڇا چوندو، ته اهو سڀ سنڌي سماج لاءِ ڪيتريءَ حد تائين ڪارگر ثابت ٿي سگهيو آهي؟

ج: جڏهن سنڌي تربيت ۽ تعليم جي تاريخ، اڻ لکيل يا لکيل ادب جي حوالي سان، اسان تائين يعني سنڌي ماڻهن تائين پهتي آهي، تڏهن کان ان سلسلي ۾ سنڌي سماج جي ڪهڙي ڪيفيت ۽ صورتحال رهي آهي، ان بابت ئي چئي سگهبو ته ان صورتحال جو خيال سنڌي اديبن ڪيو يا نه ڪيو. اهو ڏسڻ ضروري آهي ته اها تاريخ جي ڪهڙي نمايان صورتحال هئي، جيڪا ڪنهن سنڌي ڏاهي ماڻهوءَ، سوچيندڙ ماڻهوءَ، مفڪر يا حساس ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ضرور آئي هوندي، ۽ ان جو نوٽيس ورتو ويو هوندو. جڏهن ان سوال کي ذهن ۾ رکبو ته پوءِ ئي چئي سگهبو ته ان دور جي ليکڪن، اديبن پوءِ اهي شاعر هئا، سگهڙ هئا يا نثرنويس هئا، تن پنهنجو فرض نڀايو يا نه نڀايو يا جيڪا ڳالهه انهن ڪرڻ گهري ٿي، سا واقعي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي سماج جي فائدي، اصلاح، خدمت ۽ جاڳرتا ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي يا نه، مطلب ته پهرئين ان سلسلي جي مرحلي واري صورتحال کي واضح هجڻ گهرجي.

س: توهين پاڻ هينئر اسان جي جديد سنڌي ٻوليءَ جا سنواريندڙ سڌاريندڙ آهيون، ته ان سنواريندڙ ۽ سڌاريندڙ به ڪڏهن هٿ ۾ ڦرهي کنئي، ان کي ميٽ مکيو، ڪلڪ کنئي يا مس ڪپڙي کنئي مڪتب تائين ويو؟ ڇا اهو احوال ڏيندوَ؟

ج: ها، هئي ڦرهي، اسين ان کي ”پَٽي“
چوندا هئاسين، ميٽ به هوندو هو، اسين ٻئي يا ٽئين درجي ۾ هوندا هئاسين ته اسان کي استاد ڪاري مس ٺاهڻ به سيکاري. ڪانهن جي صاف تيلن تي چوندا هئا ته گهر ۾ ڏيئو ٻري ٿو، اُن جي ڪارٺ گڏ ڪيو. انهن ڏينهن ۾ عام ڏيئا ٻرندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ اسان وٽ تڏهن لالٽين ورلي هوندا هئا، ڏيئن جي وٽ جي لاٽ مان نڪرندڙ ڪارٺ گڏ ٿيندي هئي. ان ۾ ٿورو تيل ملائي، گهمائي گهاٽو ڪري، تيلن تي مکي، اُهي ڇانوَ ۾ سڪائي ۽ پوءِ ڄميل ڪارٺ کرڙي، لاهي، مس ڪُپڙيءَ ۾ ٿورو پاڻي ملائي مس ٺاهيندا هئاسين. اکر سڃاڻڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ پٽيءَ تان ۽ ٻاراڻي ڪتاب تان سکياسين. ظاهر آهي ته پٽيءَ تي ميٽ ملڻ ۽ اهو وري لاهڻ به سکياسين، پڙهڻ تي چاهه هو، استاد جو چوڻ مڃبو هو. ائين مس ٺاهڻ ڪجهه ڪاريگريءَ جو به ڪم هو. استاد اسان کي ٻيون سٺيون ڳالهيون سيکاريندو هو، جيئن ”هلجي چلجي ڪيئن، پاڻ ۾ نه وڙهجي، ڪوڙ نه ڳالهائجي، چغلي نه هڻجي، ڪنهن جي شيءِ بنا گهري وٺڻ جي نه کڻجي، مُنهن هٿ ڌوئي صاف رکجن، ننهن وڌن ته ماءُ کان يا ڪنهن وڏيءَ کان ڪترائي ڇڏجن، ماني کائي، گرڙيون ڪري، وات صاف ڪرڻ وغيره وغيره.

س: توهين سمجهون ٿا ته سنڌ جي ماڻهن توهان جي هن وقت تائين ڪيل پورهئي جو پورو قدر ڪيو آهي؟ يا توهان کي ڪا ڪسڪ يا روزرويشن آهي ته سنڌي قوم منهنجو قدر نه ڪيو؟

ج: سچ پڇو ته سڄي زندگيءَ ۾ انهي قدر ۽ ناقدريءَ جي خيال يا سوچ رکڻ ۽ ڌيان ڏيڻ کي مون اجايو سمجهيو آهي. ڳالهه رڳي اها آهي ته اُڌمو جاڳي ٿو، ڪنهن مسئلي جي سلسلي ۾ ته لکجي ٿو، ماڻهو پڙهن ٿا. جيڪڏهن منهنجي لکيل ڳالهه ۾ جان آهي، ان ۾ تاثر آهي، ته ظاهر آهي پڙهندڙ تي به اثر پوندو. باقي ڪي پڙهندڙ قدر ڪن ٿا يا نٿا ڪن، ان جو خيال دل ۾ رکي پوءِ ڪو ٻيو مضمون لکان، ائين ٽيون مضمون لکان، ته اهڙو خيال ڪڏهن به مون دل ۾ نه آندو آهي.

ها، باقي مان مطمئن آهيان ته منهنجي سڄيءَ تحريري ڪاوش جو قدر ڪافي ٿيو آهي، منهنجي عزت، مون سان محبت سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ جيڪا به آهي سا منهنجي ڪم جي طفيل ئي آهي. جيڪڏهن منهنجو ڪم قدر لائق ئي نه هجي، ته منهنجو قدر ٿيڻ به ڇو گهرجي؟ هي جيڪي مون کي زندگيءَ ۾ سهوليتون ۽ سک، رهڻ جا، کائڻ پيئڻ جا، جيئڻ جا، هيستائين مليا آهن، سي مون کي منهنجي ڪم کان سواءِ ئي ملڻ کپندا هئا ڇا! هينئر مان 87ورهين جو آهيان، هيتريءَ عمر تائين آخر مون کي ڪنهن ته پاليو، ڪنهن ته مون کي معاوضو ڏنو پنهنجي ڪم ڪار جو، پوءِ مالي صورت يا سماج ۾ عزت يا ڪنهن رتبي جي صورت ۾، اهو مون کي ڪافي مليو آهي. شايد موٽ ۾ منهنجي پيش ڪيل يا فرض طور ادا ڪيل ڪم کان وڌيڪ ئي مون کي مليو آهي، آءٌ بيحد شڪرگذار آهيان پنهنجي سماج جو، پنهنجي قوم جو، پنهنجي ملڪ جو، بلڪه سڄي بي پايان فطرتي مانڊاڻ جو، جت مون زندگي گذاري آهي ۽ جي رهيو آهيان ۽ ايڏي سک سانت ۾ جي رهيو آهيان.

س: توهان ٻڌايو ته توهان جو جيڪو سياسي شعور آهي، اُنهيءَ ۾ سائين جي.ايم.سيد جي مجلسن جو به حصو آهي، ايم.اين.راءِ کان به اوهين متاثر آهيو. پر اسين جڏهن توهان جي فڪري تحريرن کي ڏسون ٿا ته انهن جو ڊڪشن يورپين ۽ انگريزيءَ ۾ لکندڙ رائيٽرس کان انسپائر لڳو ٿا. اهي انگريزيءَ جا ڪهڙا رائيٽر آهن، جن کان اوهين متاثر آهيو، ڇو ته لڳي ٿو ته توهين لکڻ وقت انگريزيءَ ۾ سوچيو ٿا، ڇا اهو صحيح آهي؟

ج: جڏهن مان پڙهندو هوس تڏهن انگريزيءَ جي تعليم ۽ تدريس ڏاڍي اثرائتي هوندي هئي. پنجين درجي کان انگريزيءَ جي پڙهائي شروع ٿيندي هئي. ان دور ۾ انگريزي ٻوليءَ جي پڙهائيءَ تي خاص ڌيان هوندو هو. هڪ ئي ان جو سبب هو ته اها حاڪمن جي ٻولي هئي. اسان جي عادت هوندي هئي ته ڪتابن ۾ ڪو سٺو جملو آيو ٿي، ته استاد جي چوڻ تي يا اسان کي جيڪو وڻندو هو، سو نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏيندا هئاسون، جيئن ٻيو ڪو مضمون لکون ته اهو ان ۾ استعمال ڪريون. نئون ڪو اصطلاح هجي، ڪو پهاڪو هجي، ڪو ٻوليءَ جو خاص فقرو هجي، اهو اسين ياد به ڪري ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين.

ائين پوءِ مان بمبئي پڙهڻ ويس ته اتي به انگريزي ڪيئن پاڙهجي، ۽ فارسي ڪيئن پاڙهجي، انهن ٻنهي زبانن جي پڙهائڻ جي مون خاص تربيت ورتي. اُتي مون کي ايم.اين.راءِ جي پارٽيءَ وارن سان ملڻ جو موقعو مليو. انگريزي اخبار ”ٽائمس آف انڊيا“ ۾ ايم.اين.راءِ جا مضمون هلندڙ عالمي جنگ بابت ايندا هئا. اهي مان وري وري پڙهندو هوس. ائين انگريزي ٻوليءَ جي ادب جو ۽ ان جي شان ۽ شوڪت جو اثر اسان جي دماغ تي قائم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ به نوان خيال، نيون ڳالهيون، ۽ نيون ترڪيبون هجڻ کپن، اهو خيال اسان کي تڏهن ئي آيو. پوءِ سياست جون ڳالهيون، تاريخ جون، فلسفي جون، اعليٰ ادب جون، سائنس جون، انگريزيءَ ۾ آهن، سنڌيءَ ۾ به ڇو نه هجن! ڪميونزم، سوشلزم، مارڪسزم ۽ ٻين ڪيترن نون نظرين جون ڳالهيون انگريزيءَ ۾ اسان جي سامهون آيون. اسان اُهي پڙهيون ۽ ائين سمجهڻ تي آماده ٿياسون ته انگريزي ئي علمي ٻولي آهي.

مون کي خاص طرح ايم.اين.راءِ جي انگريزي تحرير ۾ زور، اثر ۽ پيشڪش جي علمي انداز گهڻو متاثر ڪيو. اتي ايس.ٽي ڪاليج ۾ هر مهيني اسان کي انگريزيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن علمي ۽ تعليمي موضوع تي مضمون لکڻو پوندو هو، جنهن لاءِ استاد اسان کي چئن پنجن ڪتابن جا نالا لکائيندا هئا. پنهنجي مليل مضمون لاءِ اسان کي اهي ڪتاب هر مهيني پڙهڻا پوندا هئا ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ اهو مضمون لکڻو پوندو هو. سو اوهان کي ڀلي منهنجي سنڌي لکڻي ۾ لڳندو هجي ته آءٌ انگريزيءَ ۾ سوچيان ٿو ۽ سنڌيءَ ۾ لکان ٿو: ترجمن جي حالت ۾ ته وڌيڪ ائين لڳندو ۽ مون گهڻي تعداد ۾ ته انگريزيءَ جا ڪتاب ئي ترجمو ڪيا آهن. علامہ آءِ.آءِ.قاضيءَ جو چوڻ هو ته: ”سنڌي ٻولي اوهين بچائي تڏهن سگهندا جڏهن ان کي معنيٰ ۽ فڪر جي قوت سان مضبوط ۽ سگهارو ڪندا.“ پر باوجود اوهان جي ان چوڻ يا سمجهڻ جي، لسانيات جي بنيادي حقائق کي سامهون رکندي، بهرحال، ائين ممڪن ئي ڪونهي ته ماڻهو سوچي هڪڙيءَ ٻوليءَ ۾ لکي ٻيءَ ٻوليءَ ۾! سچ هيءُ آهي ته انگريزي لکندڙ انگريزي ۾ ئي سوچي ٿو ۽ لکي ٿو، ۽ سنڌي لکڻ وارو سنڌيءَ ۾ ئي سوچي ٿو ۽ لکي ٿو. جنهن ٻوليءَ جا لفظ لکجن ٿا اُهي ئي لفظ لکندڙن جي سوچ ۾ هوندا آهن. ائين هرگز ممڪن نٿو ٿي سگهي ته ماڻهو سوچي"Apple" ۽ لکي ”صوف“ يا سوچي صوف ۽ لکي "Apple"!

س: پنهنجي زندگيءَ جو قابلِ فخر دوست ڪنهن کي سڏيندؤ؟

ج: (کِلندي) قابلِ فخر دوست (وچ ۾ نصير) جنهن تي توهان کي فخر هجي ته اوهان سان دوستيءَ ۾ هُن وفا ڪئي؟ مون سان وڏي وفا جمال صديقيءَ ڪئي، اياز به مون سان وفا ڪئي. اهي منهنجا جگري يار هئا. حسام الدين به وفا ڪئي. دراصل منهنجو ڪوبه دوست جنهن کي مان ائين شمار ڪيان، سچ پچ انهيءَ لاءِ چئي نه سگهندس ته ان مون سان وفا نه ڪئي. مون ڪٿي لکيو به آهي ته مان خوشقسمت آهيان، جو مون کي چڱن ماڻهن ۽ صاف دل ماڻهن سان دوستيءَ جو موقعو مليو آهي. جيڪي مون سان سدا وفادار رهيا ۽ جن جي دوستيءَ تي مون کي فخر هو ۽ آهي.

س: اسڪرپٽ جي سلسلي ۾ جيڪو هڪ خيال آهي ته موجوده رسم الخط ختم ڪري ان کي رومن ڪجي ته توهين ڇا چوندؤ؟

ج: آءٌ ته رومن اسڪرپٽ جي بلڪل خلاف آهيان. آءٌ شدت سان انهي ڳالهه جي حق ۾ آهيان ته اسان جو جيڪو موجوده رسم الخط آهي، سو اسان لاءِ بلڪل پورو ۽ ڪافي آهي ۽ ان ۾ ردوبدل جي ڪا ضرورت نه آهي. بلڪه اسان جي انهي رسم الخط ۾ ايڏيون ته خوبيون آهن، جيڪي تمام ٿورن 
رسم الخطن ۾ ٿي سگهن ٿيون، رسم الخط ۾ جيڪي سهوليتن جا امڪانات هجڻ کپن، انهن کي ڏسي ۽ سمجهي ڪري، وڏيءَ ذميداريءَ سان، مان چوان ٿو ته اسان جو جيڪو سنڌي رسم الخط آهي جنهن کي سنڌي عربي رسم الخط چئجي ٿو، ان ۾ جيڪي لکڻ جي آسانيءَ جون سهوليتون ۽ حسن آفرينيءَ جا ممڪنات موجود آهن، سي شايد دنيا جي اڪثر رسم الخطن ۾ نه هجن ۽ هاڻي ته انهي مسئلي تي بحث آهي به ڪونه.

س: ڀلا سنڌي ادب جي جيڪا لکيل تاريخ آهي، ان کان ڪيتريقدر مطمئن آهيو؟ اسان جي محققن يا تاريخدانن، تاريخ سان ڪيترو انصاف ڪيو آهي؟

ج: سنڌي شعر جي تاريخ جو جيڪو پهريون ڪتاب مون پڙهيو هو سو لطف الله بدويءَ جو هو. مان ان ڪتاب کان ڏاڍو متاثر ٿيس. تنهن کان پوءِ اسان جي ادب جون ڪيئي تاريخون لکيون ويون آهن، سي به مون پڙهيون آهن. سنڌي ادب جي تاريخ جنهن طريقي سان لکڻ گهرجي، سا منهنجي نظر ۾ اڃا نه لکي وئي آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي سان مون صلاح ڪئي هئي ته ڪو ادارو سنڌي ادب جي تاريخ جديد روپ ۽ رُخ واري انداز ۾ لکرائي، جيئن جيڪي ترقي يافته ٻوليون آهن جن جو سڪو هينئر دنيا ۾ هلي ٿو، جيئن انگريزي آهي، جرمن آهي يا فرينچ آهي، انهي انداز سان سنڌي ادب جي تاريخ لکي وڃي. ڊاڪٽر ٻوهئي جا ٻئي ڪتاب به مون ئي ڇپايا هئا- ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“، تنهن کان پوءِ منهنجي چوڻ تي ”تنقيدون“ لکيائين. افسوس، هن جي عمر بقا نه ڪئي. نه ته ارادو اهو ته سندن رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گڏجي سنڌي اديب جي تاريخ لکنداسون. سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ لاءِ منهنجو ڌيان ۽ سوچ آهي ۽ اها سنڌي قوم جي فڪر، ڪيئن سنڌي قوم باشعور ٿي، ان فڪر ۽ شعور جي خبر ان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ مان پوڻ کپي، ۽ اها تڏهن ئي لکي سگهبي، جڏهن سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ ان معياري انداز سان لکي وڃي.

 (ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد جنوري 2002ع تان ورتل- ادارو)

سنڌ جي ڏاهي اديب، دانشور ۽ مفڪر  

محمد ابراهيم جوئي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه

(پئنل انٽرويو)

س: صلاحڪاري بورڊ جو قيام ڪڏهن ٿيو ۽ ان جي قيام ٿيڻ جو پسمنظر ڇا هو؟

ج: 1940ع ۾ سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ صلاحڪاري بورڊ قائم ڪيو ويو، ان بورڊ جو پورو نالو هو. High power Executive Committee for Sindhi literature يعني ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪاري بورڊ“ ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ 1951ع ۾ جُڙيو ۽ مون کي ان بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. ۽ اها مقرري منهنجي گُهر مطابق سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي معرفت ڪئي وئي ڇو ته ان وقت صلاحڪاري بورڊ جي قيام جي سرپرستي سائين جي.ايم.سيد ڪري رهيو هو. هاڻي اچجي اوهان جي اصل سوال طرف. 1940ع وارو دور هن خطي ۾ عجيب ويڳاڻپ ۽ انتشار جو دور هو. 1939ع ۾ ٻي عالمي جنگ جا ڦٽ تازا هئا، هندستان ۾ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ جي گُهر سامهون آئي. ٻه قومي نظريو پيش ٿي چڪو هو، جيڪو خاص مذهب جي بنياد تي ٺاهيو ويو، جيڪو غلط هو. اُن جي اسان سخت مخالفت ڪئي، ان دور ۾ هڪ اهڙي پليٽفارم جي ضرورت هئي، جنهن ذريعي سنڌ ۾ سياسي ۽ ادبي شعور جي جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي. هن صلاحڪاري بورڊ جو قائم ٿيڻ جو اصل پسمنظر اهو ئي هو.

س:  بورڊ قائم ٿيڻ کان اڳ سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ صلاحڪاري بورڊ ڪهڙيون حاصلاتون ڪيون؟

ج: جيئن مون عرض ڪيو ته هن بورڊ سنڌ جي شعور کي گڏ ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. سنڌي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي بيهاريو ۽ سنڌي ادب ۾ نئين فڪري شعوري سجاڳي آئي ۽ اُن جو اثر ادب تي پيو صلاحڪاري بورڊ اڳتي هلي 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي جنم ڏنو. اها سندس وڏي حاصلات آهي.

س: هن ۾ بورڊ جي بنياد رکڻ ۾ ڪنهن ڪنهن جو هٿ هو؟

ج: سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ صلاحڪاري بورڊ قائم ڪرڻ ۾ سائين جي.ايم.سيد جو وڏو هٿ هو. ان وقت ٻيا به اسان جا معتبر بزرگ دوست ۽ سڄڻ اسان سان گڏ هئا. جن ۾ سيد ميران محمد شاهه جيڪو صلاحڪاري بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيو. ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽو هو، لعل چند امر ڏنومل هو. ڊاڪٽر هرومل سندارنگاڻي هو. دين محمد وفائي هو. عثمان علي انصاري، پيرحسام الدين راشدي، پيرعلي محمد راشدي وغيره دوست هئا.

س: جناب جي.ايم.سيد اوهان ۽ بورڊ لاءِ چيو هو ته بورڊ معنيٰ جويو صاحب، جويو معنيٰ بورڊ، اُن جي اصل حقيقت ڇا هئي؟

 ج: 1951ع ۽ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جُڙيو، تڏهن مون کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1955ع ۾ پير حسام الدين راشدي جي تحرڪ سان بورڊ کي چئن سالن لاءِ قومي تاريخ ۽ ادب جي فروغ جي اسڪيم لاءِ گرانٽ مليو، انهن ڏينهن ۾ مون هڪ اسڪيم ٺاهي ته بورڊ ۾ جيڪي سنڌ جي تاريخ تي فارسي ۽ عربيءَ ۾ لکيل نسخا آهن، تن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائجي، پر منهنجي هڪ محقق دوست کي اعتراض هو ته انهن کي اصلي حالت ۾ ڇپائجي، پر جيئن حسام الدين راشدي صاحب کي تاريخ سان بيحد دلچسپي هئي ۽ هو تاريخ جي سچ کي پنهنجو آدرش مڃيندا هئا ۽ منهنجي راءِ اها هئي ته هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ايڊٽ ٿي ترجمو ٿين، ڇو جو انهن جو لاڳاپو سنڌ جي ادب ۽ تاريخ سان هو، اها ڳالهه وڃي سائين جي.ايم.سيد تائين پهتي جيئن ته اسان هم خيال هئاسين، هن جو مون تي ڀروسو هو، اعتماد هو، تڏهن سائين اها ڳالهه چئي ته بورڊ معنيٰ جويو، جويو معنيٰ بورڊ، پوءِ ترجمن واري اسڪيم پير حسام الدين راشدي صاحب جي حوالي ڪئي وئي. آءٌ پير حسام الدين راشدي صاحب جو ٿورائتو آهيان، جو انهن فارسي ۽ عربي مخطوطات کي سنڌيءَ ۾ ايڊٽ ڪري ۽ ترجمو ڪيو آهي.

س: جن مقصدن لاءِ بورڊ جوڙيو ويو ڇا اُهي مقصد حاصل ٿيا؟

ج: ماڻهو ته پنهنجي ذهن ۾ تمام وڏا خواب ۽ خيال ٺاهيندو آهي، پوءِ اُن مان ڪي ساڀيان ٿيندا آهن ۽ ڪي نه به ٿيندا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جن مقصدن لاءِ جوڙيو ويو. انهن مان ڪافي حاصل ٿيا. مثال طور: سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻو هو. اهو ڪافي حد تائين ٿيو. لغت اسڪيم تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان ڪم ورتوسين. لوڪ ادب اسڪيم ٺهي، جنهن تي به سنڌ تي نامور اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ڪم ورتو ويو. جيڪو 40 جلدن تي سهيڙيو ويو. بورڊ کي پنهنجي عمارتون نه هيون، اهي حاصل ڪيون ويون. اڳتي هلي پريسون به پنهنجون خريد ڪيون ويون، . 1946ع ۾ برک رسالو ”مهراڻ“ جاري ٿيو. جيڪو پنهنجو آب وتاب سان اڄ به ڇپجي پيو. ٻارڙن جو رسالو ”گل ڦل“ ۽ عورتن جو رسالو ”سرتيون“ جو اڳتي هلي اجراء ٿيو. سڀ کان اهم جيڪو بهتر حاصلات ٿي آهي اُها هيءَ ته سنڌي ڪلچر ۾ واڌارو ٿيو. سنڌي ٻولي ذريعي سنڌي ادب جي مختلف موضوعن کي متعارف ڪرايو ويو. تخليقي ادب سان گڏوگڏ ترجمن ڏانهن پڻ ڌيان ڏنو ويو. سنڌي ادب بورڊ  جي قيام جو اصل مقصد قومي شعور کي اجاگر ڪرڻ هو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي قوم ۾ هڪ ويڳاپڻ جو دور شروع ٿي چڪو هو، ان ويڳاڻپ ۽ مايوسيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ هن اداري جو قيام عمل ۾ آندو ويو. جنهن سان علمي ادبي جاڳرتا وڌي آهي سوچ جي سطح وڌي آهي، قومي شعور به وڌيو آهي. اهو سمورو ڪريڊٽ سنڌي ادبي بورڊ ڏانهن وڃي ٿو.

س: مهراڻ رسالي تي ”مهراڻ“ نالو ڪنهن تجويز ڪيو؟

ج: اها تجويز، سنڌ جي نامور عالم ڊاڪٽر عمربن محمد دائود پوٽي ڏني هئي. پاڻ 31- آگسٽ 1945ع ۾ هڪ خط لکيو هئائون، جنهن ۾ لکيو هئائون ته: ”مهراڻ“ سنڌونديءَ جو قديم نالو آهي. اها پياري ندي جنهن جو لڙاٽيل پوتر پاڻي سنڌ جا سڀ رهواسي هندو خواه مسلمان پي پنهنجي اُڃ لاهي اندر ٿا ٺارين.“ تنهنڪري ادب جي اُڃ هن رسالي ذريعي لاهي سگهجي ٿي. جنهن کان پوءِ 1946ع ۾ ”مهراڻ“ رسالو جاري ٿيو.

س: اسان پڙهيو آهي ۽ ٻڌو آهي ته ٽماهي ”مهراڻ“ جا ٻه دور رهيا آهن، پهريون دور ورهاڱي کان 2/3 سال اڳ ۽ ٻيو دور ورهاڱي کان 2/3 سال پوءِ يعني 1955ع کان هاڻي تائين، اوهان جيئن ته مهراڻ جا باني رهيا آهيو، اوهان ئي صحيح ٻڌائي سگهو ٿا ته پهريون دور ڪڏهن کان شروع ٿيو ۽ ان ۾ مهراڻ جا ڪيترا شمارا ڇپجي پڌرا ٿيا ۽ ٻيو دور درست ڪهڙي سال کان شروع ٿيو ۽ انهن جا ابتدائي ايڊيٽر ڪير هئا؟

ج: ادا جيئن مون عرض ڪيو ته ”مهراڻ“
1946ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1947ع يعني ورهاڱي تائين ڇپيو، پر ان دوران  ڪي 10، 8 شمارا ڇپيا هوندا صحيح انگ ياد نه آهي. پوءِ ورهاڱي سبب ”مهراڻ“ بند ٿي ويو بلڪه صلاحڪاري بورڊ جون سرگرميون به ٿڌيون ٿي ويون، وري جڏهن پاڪستان جڙڻ کان پوءِ لڏپلاڻ وارو دور ويندي 52- 1950ع تائين اهو سمورو دور انتشار ۽ ويڳاڻپ وارو دور هو. نيٺ اسان 1951ع ۾ صلاحڪاري بورڊ کي ختم ڪري سنڌي ادبي بورڊ کي جوڙيوسين. ان دوران ”مهراڻ“ ڪونه نڪتو، 1955ع ۾ بورڊ جي سرگرمين تي ڌيان ڏنو ويو ۽ پهريون ڪم ”مهراڻ“ جو نئين سراجراءِ ڪيو ويو ۽ مون کي اُن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. گڏوگڏ مان بورڊ جو سيڪريٽري به هوس، ايڊيٽرشپ منهنجي اضافي چارج هئي. پهرئين دور ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي. جيڪا عثمان علي انصاري، دين محمد وفائي، لعل چند امرڏني مل ۽ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي تي مشتمل هئي. ڊاڪٽر هرومل ايڊيٽر هو. ٻئين دور ۾ مان ايڊيٽر هوس پوءِ دائود پوٽو به ٿيو. پير حسام الدين به ٿيو. عثمان علي انصاري ۽ غلام محمد گرامي به ايڊيٽر مقرر ٿيا، جيڪي ”مهراڻ“ کي عروج تي کڻي ويا.

س: اوهان کان پوءِ جي ايڊيٽرن ”مهراڻ“ کي سنڀاليو، انهن مان ڪهڙن ايڊيٽرن جي دور ۾ ”مهراڻ“
پنهنجو عروج ماڻيو؟

ج: سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ذميداريءَ سان ڪيو. پر هر دور جي پنهنجي گُهرج هوندي آهي. پوءِ اُها ڪنهن جي نصيب ۾ اچي منهنجي خيال ۾ گرامي صاحب ”مهراڻ“ کي عروج تي وٺي ويو ۽ هن تمام سٺا ليکڪ ”مهراڻ“ جي محاذ تان تيار ڪيا. ان کان پوءِ شمشيرالحيدريءَ، امداد حسينيءَ پڻ ”مهراڻ“ کي پنهنجي انهيءَ اوج تي رسايو ۽ ويجهڙائي ۾ منهنجي نظر مان ڪجهه ”مهراڻ“ جا خاص نمبر جن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شمشيرالحيدري نمبر، محمد عثمان ڏيپلائي نمبر گذريا آهن، جن ۾ ايڊيٽر جي محنت نظر اچي ٿي.

س: اوهان بورڊ يا ٻين ادارن ۾ ايڊيٽنگ اينڊ ٽرانسليشن بيورو جي ڳالهه ڪندا رهيا آهيو، اوهان وڏا ادارا کوليا، پوءِ ڪهڙيون رڪاوٽون هيون، جنهن سبب ٽرانسليشن بيورو قائم نه ٿي سگهيو؟

ج: بورڊ ۾ ان قسم جون ڪوششون ورتيون ويون هيون، پر اُهي ڪامياب نه ٿيون. ضروري ناهي ته سڀئي ڪم هڪ ئي وقت ۾ ٿي وڃن. هر ڪم جو پنهنجو وقت مقرر آهي. اسان به ان سلسلي ۾ جاکوڙيو. تازو سنڌي ادب جي برک ليکڪا ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جي توسط سان سنڌ اسيمبليءَ مان اهو بل پاس ڪرايو ويو آهي ته منهنجي نالي سان سنڌ ۾ بيورو آف ٽرانسليشن قائم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ مون وڌيڪ ٻڌو آهي ته هڪ سمري به مٿي اُماڻي ويئي آهي، جيڪڏهن اهڙو ادارو قائم ٿي وڃي ٿو ته اسان لاءِ چڱائي ٿيندي.

س: عام طور تي ٻڌندا آهيون: هيءُ ترقي پسند ادب آهي، هيءَ ترقي پسند سوچ آهي، هيءَ ترقي پسند تحريڪ آهي، هيءَ ترقي پسندي آهي. وغيره وغيره ته اسان، اوهان کان ترقي پسنديءَ جو مطلب ۽ معنيٰ معلوم ڪرڻ گهرون ٿا؟

ج: ڪنهن به رنگ، نسل، ذات، مذهب جي مت ڀيد کان بالاتر رهي ماڻهن ۽ انهن جي مسئلن کي اوليت ڏني ۽ انهن جو عقلي بنيادن تي حل ڳولڻ، ان کي ترقي پسندي چئجي ٿو. سياسي، سماجي ۽ معاشي طرح جامد خيالن کي رد ڪري ڪا نئين ڳالهه يا ڪو نئون خيال پيش ڪرڻ کي ترقي پسندي چئبو آهي. اها ترقي پسندي مثبت هجي، ماڻهن کي گذرندڙ وقت جي حالات سان هم آهنگ ڪري لاڀ ڏيئي. مطلب ته پوئين جي ڀيٽ ۾ اڳتي وک کي ترقي پسندي چئون ٿا.

س: آرٽ ۽ ٽيڪنڪ ٻه ڌار ڌار ٽرم استعمال ٿين ٿا، ڇا انهن جي معنيٰ ماحول ۽ پسمنظر ۾ فرق آهي؟

ج: آرٽ هڪ وسيع اصطلاح آهي، پر ٽيڪنڪ گهڻو ڪري ادبي اصطلاح آهي. ادب ۾ اظهار جا ذريعا مختلف ٿين ٿا. ۽ هر اظهار جو پنهنجو اندازِ بيان هوندو آهي. ڪهاڻي هجي يا شاعري جي ڪا صنف هجي. ان ۾ جيڪو اصطلاح استعمال ٿئي ٿو اهي ”ٽيڪنڪ“ جو لفظ آهي.

س: ادب ۾ فن جي ڪهڙي اهيمت آهي؟

ج: فن، ادب جو خوبصورت لباس آهي خالص ادب، فن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.

س: اوهان شروع ۾ شاعري به تخليق ڪئي ۽ ڪهاڻيءَ جي صنف تي به طبع آزمائي ڪئي، پر پوءِ اڳتي هلي، ان کي Continue نه ڪري سگهيا، ان جا ڇا سبب هئا؟

ج: بيشڪ شاعري ماڻهوءَ جي حواسن تي اثرانداز ٿئي ٿي. شاعريءَ جي سماجي، علمي ادبي اهميت کي نظر ۾ رکندي مون به شروع ۾ شاعري ڪئي ۽ شروع ۾ انگريزي شاعريءَ جا ڪجهه ترجما به ڪيا، پر منهنجو گهڻو ذهني لاڙو اُن وقت ترجمن ڏانهن هو، تنهنڪري، شاعريءَ کي ٽائيم نه ڏئي سگهيم ۽ شاعري گهڻو ٽائيم وٺندي آهي ۽ مون وٽ ان لاءِ ايترو ٽائيم نه هو، مون کي ٻيا به اهم ڪم ڪرڻا هئا، جنهن ڪري شاعريءَ کي Continue نه ڪيم.

س: افساني ۽ ڪهاڻيءَ ۾ ڪو فرق آهي يا اها هڪ ئي صنف آهي؟

ج: افساني ۽ ڪهاڻيءَ ۾ فرق آهي. هونءَ ته ڪهاڻي، افساني مان ڦُٽي آهي، اڳ افسانو، ’آکاڻي‘، ڳالهه يا ’ڪٿا‘ جي روپ ۾ موجود هو. پوءِ هُن شڪليون بدلايون ۽ پاڻ مان نيون سنفون پيدا ڪيون. اهڙي ڪهاڻي، جنهن ۾ ڪا غير معمولي صورتحال پيدا ڪئي وڃي، اها حقيقت کان پري هجي، انهيءَ مان پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان، زندگيءَ ۽ انساني سماج سان ڳنڍيل هجي، ان کي ’افسانو‘ چئجي. امرجليل جون لکيل ڪهاڻيون. Sachal in Trouble- most dangerous man in Pakistan ۽ جمال ابڙي جو ”پشو پاشا“ اهي اصل ۾ افسانا آهن ڪهاڻي ان کي چئجي جيڪا حالتن سان ٺهڪندڙ وارتائن تي لکي وڃي، ۽ ان جا موضوع ۽ ڪردار سماج مان کنيا وڃن.

س: رجعت پرستي ڇا آهي؟

ج: جيڪي خيال، نظريا، سوچون ۽ عمل ماڻهن کي زندگيءَ کان پوئتي وٺي وڃن، جن جو لاڙو سائنسي سوچ ڏانهن وڃڻ بجاءِ مدي خارج، جامد ۽ قدامت پرستيءَ جي بنيادن تي ٻڌل هجي، ان کي رجعت پرستي چئبو.

س: تنقيد جا معيار ڪهڙا هئڻ گهرجن؟

ج: تنقيد، ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ خاص اوزار (Tool) طور ڪم ڪري ٿي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان جي کوٽ ۾ اضافو ٿيو آهي. معياري توڻي مقداري ادب جي پرک ۾ تنقيد جو وڏو ڪردار ٿئي ٿو. تنقيد رڳو مثبت يا منفي پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ نه هوندو آهي. پر اُنهن ٻنهي پهلوئن تي غير جانبدارانه اک سان ڏسڻ ۽ ان تي غور ڪري پنهنجي اڻ ڌري راءِ ڏيڻ ضروري هوندو آهي. تنقيد ۾ ذاتي پسند يا ناپسند جو عنصر نه هوندو آهي. جيڪڏهن اُهي رويا ۽ قدر استعمال نه ڪيا ته صحتمند ۽ معياري ”تنقيد“ پيدا نه ٿيندي.

س: دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ علائقائي ٻولين جو ڪو تصور نه آهي، بلڪه اُتي ٻولين کي قومي حيثيت حاصل آهي، جڏهن ته اسان وٽ سنڌي ٻولي جي تاريخ هزارن سالن تي پکڙيل آهي پر پوءِ به اُن کي قومي حيثيت نه ملي سگهي آهي، سنڌيءَ کي پنهنجي جائز ۽ اصلي قومي حيثيت نه ملڻ جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن؟

ج: ”سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس“ منهنجو نئون ڪتاب، ڇپائيءَ هيٺ آهي، ان ۾ هن سوال جو تفصيلي جواب ڏنل آهي.

]هيءُ انٽرويو سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي گهر تي تاريخ 21- نومبر 2014ع تي رڪارڊ ڪيو ويو. - ادارو[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org