سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:11 

    بـــــيـــــت

بيت

بِرهه ڪيو بائونڊُ- مونکي ڏينهن ميثاق جي

الست بربڪم جو- سائينءَ ڏئي ساؤنڊَ

ڏنئين نُوري نظر جو- رُوحن تي راؤنڊُ

ته قالول بليٰ چئي قلب ٿي- بلڪُل ويا بائُونڊُ

ڪنهن جي رکيائين قسمت ۾- گوندرَ گِراؤنڊُ

”مائلَ“ مِليو محبت مان- اِي اُلفت اَرائونڊُ

اينهين آل رائونڊُ- آيو ٿي انسان ۾

بيت

هاديءَ ڏني هائيٽ- آهي اُلفت عشق ۾

ڏسون سدا ڏينهن ٿا- ناهي ڪا نائيٽِ

مستي محبت جي ڏِني- مولا اهڙي مائيٽِ

ڪريون نظرَ ٿا قلبَ تي- سڀئي پَسون سائيٽِ

روشنيون رنگين ۽- واحد ڏنيون وائيٽِ

رُوحي رمزن سان ڪيو- ربّ کڻي رائيٽِ

اُلفت واري اَمُنَ لءِ- ڦِريو ڪروين فائيٽِ

”مائلَ“ مِلي محبت جي-  لوحَئون اهڙي لائيٽِ

تڏهن ٿيا ٽائيٽِ- رهون هردم حُبَ سان

بيت

قادرَ ڏِني قَلبَ کي- ايڏِي اٿارٽِي

وڌي ويئي رُوحن ۾- منهنجي ميجارٽِي

ختم ڪئي خُلوصَ ۽- محبت مينارٽِي

محبت ۾ ”مائلَ“ کي- ڏِني پَرورَ پِرارٽِي

جو سِڪَ جو سينارٽي- آهي روز الست کان.

بيت

جمال ۽ جلال جِي- غفار ڏِني آهِه گِفِٽِ

ٻيو پاور پَروَر آ ڏِنو- ناياب، نو لِمِٽ

تڏهن ڪيان ٿو ڪيترن- شَريرَن جي شِفِٽِ

هيءَ لوحَئون مِلي لِفِٽِ- محبت ۾ هئي ”مائلَ“ کي.

بيت

عشق ڪيو ايڪسيپٽ- نامينيشن نيهن ۾

تصحيح ڪيائين توّڪل سان- جيڪي هئا ڊِفيڪٽ

ڏنئين اهڙو ڏيهه لءِ- اُلفت جو افيڪٽُ

وائي ڪڍون جا وات ٿا- سا ربّ، نه ڪري رجيڪٽ

سِڪَ مان ڪيو هِنَ سائِلَ کي- سائين هو سليڪٽِ

الله سائين اليڪٽِ- ڪيو ”مائل“ ڏينهن ميثاق جي.

عنوان: عشق جي آفيس

بيت

سائين ڏئي سبجيڪٽ- مونکي عشق، عقل جا

پختو ڏِسي پيار جو- سچو سرٽيفڪيٽُ

انٽرويو جي عشقَ جي- سِڪَ مان ڪيئين سليڪٽِ

اپائٽمنٽ ڊائريڪٽِ- محبت ۾ ٿي ”مائلَ“ جي.

 

11 محرم الحرام 1395هجري 24 ڊسمبر 1974ع، هالا

بيت

هڪ دم ٽائيپ سو ٿيو- اعزازي آرڊرُ

تاريخ ڏهين محرمُ- هئو ڏينهن حشر

سَالُ تيرهن سؤ پنجانوي- هجري سنَ اندر

وَرڊَ انهي ۾ هي هُئا- بلڪل لکيل بهتر

ته آهي عشق ملڪ جو- هي گزيٽيڊ اَفسرُ

خود اپائنٽمنڊ اٿارٽي- اهو پڻ اکرُ

پر اُن کان وڌ اختيار هئا- هو پَنو ٿيل سو پُر

پرور وڏو پاوَرُ- ڏئي ”مائلُ“ ملازمت ۾ کنيو.

 

27 محرم 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت

محبت ۾ ”مائلَ“ کي – مولا ڪيو منظور

ڪُرسي ڏنئين قُرب جي- دُکَ ٿيا سڀ دورُ

رُشوت نه وٺون مُور- ماڻهن کان ڪنهن ڪم جي.

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت

 

اُلفَتَ جي آفيس تي- مولا ڪيو محڪمُ

پي- اَي- ڪِلارڪَ اَسسٽنٽَ- سڀني وٺان ڪيمُ

سپُرنٽينڊنٽ سمجهائيان- جو اُنهن ۾ اُتم

فائيل پُٽ اَپ ڪيو فهم سان- دير نه ڪيو دم

سچي ڳالهه صاف لکو- بلڪلُل نه هڻجو بَمُ

مون لءِ ڪمَ مِڙن جا- آهِن اُلفتَ ۾ اهم

سائِن ڪريو سِڪَ جي- ڪيان سڀ ڪنهن ڪم

ته عوام ويچارو اسان وٽ- ڌڪا نه کائي دم دم

جو ناهي دل ۾ وهم- ماڻهن لءِ مون ”مائلَ“ کي.

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت

 

اِنِٽِري اِنِوَرڊِ ۾- ڪاغذَ ڪُلِ ڪريو

۽ پڻ آئُوٽِوَرِڊ ۾- سوچي سڀ لکو

ته ڪٿان آئيو، ڪيڏانهن ويو- جو پئي ڪو پتو

متان ڪا سُستي ڪري- ڪاغذُ وڃائيو

سامهون کڻي اچي ڪو- ته رسيد ان کي ڏيو

ته اطمينان اهو ڪري- وڃي ماڻهو سو

ان کان پوءِ اُهو- ريڙهِيو هِڪدم رُوٽنگ لءِ.

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت-6

 

پهرين پُٽِ اَپ ڪريو- اَوهين امپارٽنٽ

هِڪدم ڪڍو هٿن مان- اُن کان پوءِ ارجنٽِ

آرِڊِنَرِي ٽيبل تي- مُورِ نه رکو منٽُ

جي نه اچيوَ سمجهه ۾- ته هڪدم وٺو هِنِٽِ

پَرَ جلدي ڪيو جينٽ- وقتُ نه وڃايو ويسلا

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت

 

آهي هر ڪنهن ڪاغذ جي- رکڻي آن کي اونَ

ڪنهن اهم انفرميشن لاءِ- ڊائل ڪيو فون

جي ايندؤ سچائيءَ تي- ته ڪاغذ رُڪبَئِي ڪونَ

ماڻهن کي ”مائلُ“ چوي- ڪنهن پر رُلايون

بيتابَن کي بلڪُل پيا- سُٺا پيش اچونِ

ڪنهن کي ڪِي به چئون- جو مجبورُ ٿي ٿا منٿون ڪن.

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت 

 

اچوو سُٺي اخلاق سان- اوهين عوام کي پيشِ

مطمئن رکون ”مائلُ“ چئي- تن سان نه ٿيو تيشِ

ڪڏهن به ڪنهن کان ڪيش- وٺِجو نه ڪنهن ڪم جي.

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت

 

جي اوهان کان ڪنهن ڪم جي- ڪو وٺي کڻي رشوت

ته هردم اُنَ انسان جي- هوند ڪريو شِڪايت

مسلمانن جي مُور نه آهِه- ادا هيَ عادت

ڪرڻ خدا جي خلق جي- خُلوصَ سان خدمت

قادر ڪئي قرآن ۾- اِها افضل عبادت

عمل اَوهين به اهو ڪريو- ته سَريوَ سعادت

سڀ ڪنهن لءِ خير گهرو- ڪريو مُلڪ لءِ محنت

قبوليندو سو قادرُ هو- جنهن جي آ قُدرت

لِکن پيا اعمالَ جي- ڪاتِبَ ڪِتابتَ

حساب ٿيندو هر ڳالهه جو- مُور نه ٿي مروت

وِساريو نه واحد کي- جنهن جو اَهيو ملڪيت

اوهين پڻ کائو اُن جي- عشق ۾ عبرت

ته ذهني، قلبي سُڪونَ سان- رهو فائق منجهه فرحت

نه ته اجها اچڻ واي- آهي ڪاري قيامت

حساب ٿيندو هر ڳالهه ۽ مُور نه ٿئي مروت

محمّدصه مسلمانن جي اچي- ڪندو پَروَر کي پارَتَ

اُن کان پوءِ رحمت- ”مائلَ“ ٿيندي مڙن تي.

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت

 

”مائلَ“ مئنيجمنٽ- اهڙي رک آفيس جي

جو عوام جا ارجنٽ- ڪم ٿين قُرب سان.

 

27 محرم الحرام 1395هجري 9 جنوري 1975ع، هالا

بيت

 

واحد وزير اعظمُ- ڪيو محبت ملڪ جو

نينهن واري نفسيات سان- ٿا سمجهو سڀ ڪو ڪمُ

وڏن، ننڍن وزيرن کي- ورڇي ڏيون ڪمُ

پهرين ڪيون سو پِرِتِ مان- جو آهي انهن ۾ اَهَمُ

پو صحينُ سان سِڪَ جي- وڍيون سڀ وهمُ

وڃائڻ نه گهرون ڪنهن جو- هڪڙو هڪڙو دمُ

ٿو ڪري ڪَرَيمُ ڪرمُ- پر ٿي ٿو ذريعو ظاهر جو.

بيت

واحد ڪيو وزيرُ- محبت واري مُلڪ جو

عوام جي ڏيون اندر کي- طلبن جو تاثيرُ

۽ خُلوصُ خاصو دِلِن کي- آهي جو اڪثيرُ

جو ڪري هر ڪنهن قلب کي- جيئن آهِه ماهه مُنيرُ

رکيو هلن پاڻ ۾- هڪ ٻي سان پو سِيرُ

انسان سڀئي هڪجهڙا- توڙي پير فقيرُ

وِرِهُه ۾ ئي وير- مولا ڪيو مون ”مائلَ“ کي.

 

عنوان: اليڪشن

بيت

 

آهي اميدوارن جو- امتحان اليڪشن

جذبات واري جوش ۾- ڀَرين نامينيشن

ڪي ڪي بيهن پُختا ٿي- ٻيا کڻيو هَٿ وڃن

ڪِنِ تي ميڙيون منٿون- ڪي سياسي مصلحتن

ڪي ڦِرَن ڦيرائڻ لءِ- پولنگ اسٽيشنن

ڪي رکائين پنهنجي راءِ سان- اسٽاف آفيسرن

ان هوندي به هارائين جي- ان لءِ محبت نه دِلِن

يا چالاڪي سان چُستُ ٿا- چلائن تِن چالِن

بي چيني بِلڪُل وڌي- وڏي وَرِڪَرَنِ

ڏِيڻ لءِ ووٽن- آخر ڏينهن اچو وڃي.

 

عنوان: سگريٽ

بيت

ساڙي جيئن سگريٽ- ٿو انسان جي اندر کي

تيئن جي سڙَن طلبَ ۾- ته رَچي ٿِيَن سي ريٽُ

سِڪَ سان ٿِيَن سيٽ- پهچن پنهنجي پرينءَ کي.

بيت

سگريٽُ جيئن ساڙي- انسان جي اندر کي

تيئن جي سڙن طلب ۾- ته پرينءَ هجن پاڙي

پوءِ ڳوڙها ڪئين ڳاڙي- وڃي ”مائلُ“ ملن محب سان.

بيت

سگريٽ ساڙي جيئن- انسان جي اندر کي

بِرهه سنديءَ باهه ۾- تَپَنِ جي هو تيئن

ته قريب کان سي ڪيئن- پَري رَهن پَلُ پِرِتِ ۾.

بيت

موالي مچايو ويٺا- ڪڍن ڪئين دُونهان

جي سُوٽا ڏيَن سَڪَ کي- ته ٿين سڄَڻن سان سُونهان

پوءِ لوڪَ اندر لُوهان- مُور نه ڏين ”مائلُ“ چئي.

6 فيبروري 1975ع- مير غلام اصغر خيرپور واري جي جاءِ تي، P.E.C.S سوسائٽي، طارق روڊ، ڪراچي

عنوان: رندانيت

بيت

مُورِ نه محتاج- ”مائلَ“ ڪڏهن ماڻهو جو

رکُ تون توّڪل ربّ تي- ته سڀڪو سَرَئي ڪاجُ

۽ نه ٿِيڻي ڪم جو به- ڪرئي الله سائين علاجُ

رندَن جو رواجُ- اهو اٿئي اصل کان.

 بيت

وَمَنَ يَتَوکّلَ عَليَ اللهُ- هي رستو آهي رِندَن

ليس الانسان الاماسعيٰ- انهيءَ پِرِ پُرن

لباس الکافرين قلوب المؤمنين- اهڙو عَمَلُ اَٿن

ونحن اقرب اليھ من حبل الوريد- لوچيو هُو لهن

اِنَ اوليا لاخوف عليهم ولا يحزنون- ڪنهن کان ڪينَ ڊڄن

کُل نفس ذائقة الموت تي- پختو يقين رکن

ويبقيٰ وجھُ ربک ذوالجلال والاکرام تي- ايمان آهِه سندن

کُل من عليها فان- سنسار سڀ سمجهن

مَستي محبّت جي کڻيو- پنهنجي منهن هلن

ظاهر ۾ هن دنيا جو- هر ڪو ڪم پيا ڪن

اچين پورُ ته وڃيو- بانگ بِرهَه جي ڏين

۽ صلواتون سيّد تي- پرت منجهان پڙهن

نياز واري نماز سان- سائينءَ سجدو ڪن

شريعت جو شوق سان- پروَرَ پردو ڏنُن

طريقت، حقيقت، معرفت جون- منزلون ماڻيون تِن

اڃا پڻ اڳاهان وڃيو- وحدت ۾ گُم ٿِيَن

لِڪن اهڙا لوڪَ کان- جو لوڪُ نه لَکي تَن

پر اَکِن وارا تن کي- سُڃاڻيو وِجهن

هتي هن جهان ۾- ائين پيا گهمن

سڪَ جي پنهنجي سَريرَ تي- پوشاڪَ ٿا پهرن

عِجزَ وارو آبُ ٿا- پاڻي ڪيو پيئن

ڪُل شيءِ يحرکُ کي- نُوچيو نهارن

جا افضل عبادت الله ڪئي- سا خدمت خلق جي ڪن

لا الله سان اندر مان- پيا دم کڻن

الا الله سان اندر مان- ٻاهر دم ڪڍن

محمّدصه رسول الله سان- پُختو پيچ پِيُن

مستيءَ محبت جو مليو- مَشربُ آ مَستن

ٿا ”مائلَ“ گڏ محّبن- اهين گذارن ڏينهڙا.

9 صفر 1395هجري 21 فيبروري 1975ع، حيدرآباد

عنوان: سُر مومل راڻو

بيت

 

راڻا توکي رُسڻُ- مُور نه ٺهيو ٿي مومل سان

اک ڏٺي جو تپاسُ ڪري- کپندو هُئُئِي ترسڻُ

سو رُسي هِڪدم وئين هليو- ڪري رُليءَ سان رِڻُ

ڪنهن پَرِ اڪيلو منهنجو- ٺهيو نٿي سمهڻُ

ڪڏهن سُومَلَ ساڻو ڪري سُتِيَسِ- ڪهڙو هنيم ڌڻُ

کپندي توکي ڪينَ هئي- دانا دير ڪرڻُ

ڪڏهن سوڍا سختي ڏيڻُ- ڀَرجي آئي ڀَتَارَ تو.

بيت

راڻا ڪوهه رُسي- مُوملَ وڌيئي مَامري

ڪو مِنٽُ هِڪُ ترسي- ويچارُ ڪرين ها ورَ تون.

بيت

ڀَرجي آيو ڀَتار تو- ڪيئن پنهنجو ڇڏڻُ نَنگُ

رُسي راڻا وِئين هليو- هيڏو ڇڏي سُنگُ

عورتون به ڪڏهن ايئن نه ڪَنِ- تو مرد ٿي ڪيو دَنگُ

ڍَڪَڻُ ڪمُ ڍِلائيون- ڪو، جُوڌو ڪندو جَنگُ

لاَلَ ٻَڌو مون لُنگُ- محبت سندءِ جو ”مائلُ“ چئي.

11 مارچ 1975ع، هالا

بيت

 

”غني“ صاحبَ غرقُ- نه ٿجئين خامَ خيال ۾

محَبت سندو ”مائلَ“ کان- سِکُ سِڪَ منجهارئون سبقُ

ته قلبَ سندءِ جو قلقُ- لهئي لهجي هِڪَ ۾.

 

سک ”اُڄڻ“ صاحبَ اُلفت- محبتي هن ”مائِل“ کان

قُربَ منجهارئون قَريبُ ٿي- رکُ چڱن سان صحبت

اٿئي خامَ خيالَ سڀِ- بلڪُل ٻيا بدعت

رکي نيڪ نيّت- خدمت ڪر تون خلقَ جي.

 

”ڏاهري“ صاحبَ ڏُور- مُور نه رَهجئين ”مائلَ“ کان

سَرورِي سڏائي سِڪَ مان- ڇڏِ محبت نه موڳا مُور

اهلِ دل کان دُور- ڪڏهن رهجئين ڪين ڪي.

 

”ڪاڪا“ ڪرڻ قُربُ- سِکُ تون پنهنجي مائٽ کان

محبت رک تون من ۾- ته راضي ٿيندئي ربُّ

نيتَ کوٽيَ سبب- مُور نه ڏجئين ”مائلَ“ کي.

 

23 اپريل 1975ع.

ڪيفي شيزان طارق روڊ، ڪراچي

نوٽ: مٿيان چار ست اسان دوست، 1. عبدالغني ميمڻ (اسسٽنٽ انجنيئر روڊس“ 2. مسٽر بدرالدين اُڄڻ ”ليڪچرار“ 3. پيارو خان ڏاهري ”سيڪريٽري ٽائون ڪميٽي هالا“ ۽ شير محمد ڪاڪا ويٺل ڀليڏنو ڪاڪا گڏجي چانهه پي رهيا هئاسون ته انهن جي چوڻ تي في البديهه ٿي لکيا ويا. ”مائل سروري“

بيت

 

ڏسجي نه ٿي بد نيت- عورت ڪنهن کي اکن سان

جي حسن جي هادي ڏني- آ تن ما ڪنهن کي نعمت

هت وٺڻو فقط واس آهِه- ٻي بلڪل سڀ بدعت

نيڪ نيتي ۾ نور آهه- ۽ پوري بِرهَه ۾ برڪت

آهي عشق شهنشاهه جي- اصل به اِها عادت

پر اينهين نه ڪن اڄَڪلهه جا- جوان پسند جدّت

ٿي ٿئي اُنهن جي حال تي- هر دم هيَ حيرت

جي ڏسي سندن ڪو نياڻن ڏي- ته وٺي وڃين غيرت

پڙهي پروڙئيون ڪين ڪي- قادرَ جي قُدرت

جي ڏسن اندر جي اکن سان- ته وٺي وڃين عبرت

پر ڏسن رڳو ظاهر ٿيا- ۽ اندر نه سچي اُلفت

جي مطالع ”مائلَ“ ڪن سي- فائقَ جي فطرت

ته سراپا محبّت- ڏسن سي هن ڏيهه کي.

اپريل 1975ع.

نوٽ: ڊرگ روڊ تي هڪ دوست سان موٽر ۾ گڏ ويندي سندس هڪ حسين عورت ڏي کنيل نگاهن ڪراچيءَ کان متاثر ٿي لکيو ويو.

عنوان: اڄ جو نوجوان

بيت

 

پڙهي اچي ڦاٿا- اَهَن اڄ جا نوجوان

تربيت ناهي تن کي- نه سُڃاڻن علم جا مان

عمل ڪن نه هو علم تي- رڳو غلط رکن رُجحان

جي عَمَلُ ڪن هو عِلَم تي- ته صحيح ٿينَ انسان

پر اينهين اڄ ڪلهه ناهِه تڏهن- ٿيا ذليل ۽ ويرانُ

يونيورسٽي، ڪاليجن ۾- رڳو بدتميزيَ بيان

لوفرن جيئن لُوهون ڏيَن- ڪِلَب ڇڏين هو ڪانَ

تِتِ ”مائلَ“ ٿين مهمان- جتي رڳو اُگهاڙِيون ڊانِسُون.

28 اپريل 1975ع، ڪراچي

بيت

 

اڄوڪا پڙهيل جوان ٿا- کڻيو هلن ڪَرَ

سوا پڙهڻ ڊِگريون وٺي- ٿيون گزيٽيڊ اَفسَرَ

جي ڊگري ملي ڪنهن کي ته- هلائي سياسي اثرَ

ڪم نه ڪن ٻيو مُلڪن لءِ- جو احساس رکن ڪمتر

ته افسر سوا نه عزت ٿيندي- ٻيو بلڪُل آ بدتر

پَرَ جي صحيح سمجهن علم کي- ته پوين هوند خبر

۽ ٿِيَن ڪڏهن ڪين ڪي- سي پڙهيلَ دربَدر

افسوسُ انهن جي حالَ تي- جن پڙهي نه پَروڙِيا اکرَ

ڪهڙي کُليل ڪريان خبر- ”مائلَ“ اِنَ مذڪُور جي.

28 اپريل 1975ع، هالا

بيت

 

گريڊن لءِ گهڻئي ٿا- خواهشون رکن خوب

ته ويهي وڃي آفيس ۾- ڄمايون ڪو روبُ

۽ ڪريون زدو ڪوبُ- اسٽاف، عوام آفيس ۾.

28 اپريل 1975ع، هالا 

بيت

 

پڙهيل گهڻائي جُوا ڪندي- اَٿم اکن ساڻُ ڏٺا

تاش کيڏڻ پَتَن لءِ- اچو پاڻهي ٿين ڪَٺا

شرطُن واري شِرَ ۾- رُڳو مَحِوُ رَهن مِٺا

روز رَهن ٿا رَمِي سي- ٽانءِ ۾ ٽيڪيو پُٺا

تفريح ڪرڻ لءِ ٻيا به ڪم- گهڻئي اَهِن سُٺا

پَرَ توجهه نه تِن جو اُن ڏي- رڳو ٺاهن هڪ ٻي چِٺا

اچي وَٽِن ڪو اوچتو- ته نهارين نه نِهٺا

مِلن نه تنهن سان محبت مان- جلديءَ مان جُوٺا

۽ سمجهن ته آهن خيال تي- بارَ جا ڪئين بُٺا

لڄائين پيا لُوٺا- اينهين پنهنجي علم کي.

5 اپريل 1975ع، هالا

بيت

 

پڙهيل ڏِٺا اٿم اکن سان- کيڏندي جوُا

گُذري نه تن جو وقت ٿو- تنهن رهڻ راند سَوا

آهي رَمي تيئن راندين ۾- جيئن وڻن منجهه لَوَا

جيئن پَکِن ۾ هنجَن اڳيان- هُو ڪارا اَڇا ڪَوَا

تيئن راندين ۾ هيءَ راند آ- ۽ نِڪَمِي ڪڍن نَوَا

رُڳو ويٺي ڇڏن هَوا- صحت نه سُڌري تنهن سان.

5 اپريل 1975ع، هالا

عنوان: مُلا ۽ موالي

بيت

 

مُلڪ اسان جي ماڻهن ۾- رهن مُلا، موالي

هِڪڙن حُجتَ مسجد سان- ٻيا پِيَن ڀَنگَ پِيالي

هِڪڙا ڪَنِٺا، ڪولاپا وجهن- ٻيا پهراڻ سان بالي

هڪڙا گيڙُوءَ غرق ڪيا- ٻيا فرقن في الحالي

هِڪڙَن بِرهُه نه آهِه بانگُ ۾- ٻين ملاري آلي

نِهڙُ نِفرت نيو تن کي- ٿِيَن هڪ ٻي دَلالي

موالي محّبت دمُ هڻن- مُلا چَوَن خالي

هِڪڙَن دل ۾ درد آهِه- مَنَ ۾ ئي مالي

ٻيا نعرن مَسَتَن سان- ٿا بنجن سُوالي

سمجهن نه هَڏِ سائين جي- قدرت، ڪَمِ خيالي

پيو ڏسي ڏيهن جو ڌڻي- جو جهانن والي

جو قادر ربّ قدير آهه- جبارُ جلالي

”مائلَ“ مثالي- محبّت نه رکن من ۾.

 

1976ع، ڀليڏنو ڪاڪا

عنوان: ڊاڪٽر

بيت

 

ڊِگريون وٺي ڊاڪٽرُ- ٿا ٿين ٿوري وقت ۾

پڙهڻ واري پِيرڊَ ۾- گهمن آپريشن ٿيٽرَ

سهي نه سِکن تشخيص ٿا- رُڳو ظاهر پڙهن اکر

جي وجهن گهِري غور سان- مريضن تي نظر

۽ چيڪَ ڪن هو چاهَه مان- ته پوين ڪا خبر

ته مطمئن ٿِيَن مريض پو- ۽ ڪن دوائون اثر

پري ايهين نه اڄ ڪلهه آ تڏهن- ته مريض دربدر

مذڪور ان منظر- ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

 

بيت

 

ڪي ڪي ڊاڪٽر تن ۾- آهن پڻ چڱا

جي ڏسن چاهئون کڻيو- ڪنهن کي هِڪَ لِنڱا

ته مريض ان کان مطمئن ٿيو، ڪن اُنَ وت وڃڻ لءِ وڃا

هر طبقي ۾ چڱا- ”مائلَ“ ماڻهو آهن مُلڪ ۾.

12 اپريل 1975ع، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، حيدرآباد

 

بيت

 

ماڻهن ۽ مال جا ٿيا- حڪيم، ڊاڪٽر

ڪي جسماني، ذهني مرض جا- ٿا اڪثر پڙهن اکرَ

ڪي ايڪسري مشينون سِکَن- ڪي آپريشن ٿيٽرَ

ڪي ليبارٽري ٽريننگ سان- ڪي هوميوپيٿ حڪمت اندر

ڪي نفسيات ۾ ٿا ٿِيَن- مورهئون مچي ماهرَ

ڪي علمياتِ روحاني پڙهن- ماڻهن لءِ مؤثر

پَرَ علاج نه ٿي اڪثر- ”مائلَ“ علاج محبت جو.

 12 اپريل 1975ع، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، حيدرآباد

 

عنوان: قومون ۽ اُنهن جا وڏيرا

بيت

 

وڏيرن ويچارُ- رُڳو آهي اقتدار جو

غلط رَوَيو راڄن سان- ٿا تڏهن ڪي اختيارُ

سنوتِ نٿو ڏين جي- ڪو هاري يا ڪمدار

ته سؤ ڏهين ۾ چالان ڪرائي- ڪن پيدا ان لءِ آزارَ

۽ عادتون انهن ۾- بُريون بيشمارَ

چوريون ڪرائين چاهَه مان- هوڏِي ٿي هوشيار

آزارين عوام کي- سندرو ٻَڌي يارَ

خلق خدا جي خدمت جو- اٿن نه اندر آچارُ

خوف نه رکن خدا جو- جو واحد القهار

غلط ارادا انهن جا- مالڪ ڪر مُردار

چَڱين وِجهين چِتَ ۾- سولو ڪرين ستار

وري اچن واٽَ تي- اخلاق ڪن اختيار

مدعا مون ”مائلَ“ جي- قبول ڪر ڪلتارَ

هي عوام تان آزار- تون قادر لاهِج ڪرم سان. 

 

بيت

 

وڏيرن کي وَٽَ- رڳو آهن اقتدار جا

غريبن حق غضب ڪري- جُوکا هڻن پيا جهٽَ

پنهنجي پَڳَ بچائڻ لءِ- ڪَن ڏاڍي ڏاڙهيءَ پٽ

اکين تي اوندهه جا- چڙهيا اٿن الَٽَ

ڏسن نه ڪنهن جي ڏکن کي- رڳو پئسي جي اٿن پَٽَ

مسڪينن سان ”مائلُ“ چئي- ڪن ٿا سوڙهيءَ گهُٽَ

پَرَوَرُ هڻي پَٽَ- سمجهائين ستار تون.

 

بيت

 

مسڪينن اڳيان ”مائل“ چئي- مورئون رکن مَڳَ

چون چڱا مُڙس آهيون- آهِه اسان تي پَڳَ

عداوت اخلاق سان- رکي ٿيا الڳ

هلن هر وقت وٺيو پيا- دوکي سندا دڳ

انصاف کي انڌا اهن، اچي ڦِريا آهن اڳ

خلقِ خدا جي خدمت لءِ- رَهين نه سائي رَڳَ

لعنت ڪرين لوڪُ پِيو- اَهِن جيئرا منجهه جَڳَ

”مائلَ“ چئي اِيَ مَڳَ- ڪوڙَن رهندي ڪيتري.

 

بيت

 

چتَ ۾ چتائن- سڄو وقت ٿا ساڙَ کي

ڪنهين وير قلب ۾- قربُ نه ڪمائين

ذهني طور ذليل ٿي- سب ڪنهن ستائين

قرب محبت پيار جون- نه ڳڙهاٽيون پائين

فتني ۽ فساد کي- ڀاڪر وڏا پائين

احسان ڪري ڪنهن کي- نه پنهنجو بنائين

جي چڱو ساڻن ڪو هَلي- ته ڪمزور ٿا ڀائين

بد نيت بيڪار سي- پيا وقت وڃائين

بڇڙا پنهنجا پَارَ پيا- لوڪئون لڪائين

ريّا وار فيصلا- زوريءَ مڃائين

سي لعنتي لوڪ کي چاهئون نه هڏ چاهين

۽ مسڪينن تي مورهئون- روبَ به ڄمائين

ڪريم پنهنجي ڏي قرب مان- ڪُڌا نه ٿا ڪاهين

آب اَکِن مان عجزَ جو- وِلها نه ڪي واهين

شرافت کي شرير سي- پاڻان دفنائين

پو به وڏيرا پاڻ کي- چاهئون چوائين

ڪُڌا ڪرتوت پنهنجا- پاڻئي پڌرائين

”مائلَ“ تن جي من ۾- حيّا، شرمُ ناهين

ڪريم ڪهڙي پروا- پيا پاڻ منجهان لاهين

ڀُليل هِيئن ڀائين- ته آهيون اسين ئي مُلڪ ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org