سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:13 

بيت

ماڻهپو ماڻهن مان- ويو ڙي ويو

هِرسُ، هَوَسُ ۽ هَٻَڇَ آهِه- گهڻن نيو ڙي نيو

ڪو ڪو انهي عادتَ کان- آهِه يارَ بچيو

اڪثر اجائي سيٽ ۾- اندر خيال رکيو

عشقُ سندءِ ڏي الله تون- ”مائلُ“ اڻ مَيو

جنهين سان جيو- آهِه هر انسان هِن دنيا ۾.

13 سيپٽمبر 1977ع، ڀليڏنو ڪاڪا

 

بيت-8

سڄڻ تنهنجي سِڪَ ۾- سِڪي سندم ساهُه

پرين سندءِ پُورن ۾- پَچِيو ٿيان پاهُه

ڪهڄاڻان ڪهڙو ٿيو- اوهان جو ارواحُ

آئون ڏوريان ڏُکن ۾- اوهين بنجو بي پرواهه

آهي اسان جو به الله- تون ڀَلي سُورَ سختيون ڏي.

بيت

عجيب تنهنجي عشق ۾- سڀئي ويئي سُرِت

پرين تو پارتَ- آهي اٻوجهن جي.

بيت

ڄٽي ڇا ڄاڻان- پرين سندءِ پيار مان

ريجهي ڪا راڻا- مهر ڪريو مون ”مائلَ“ تي.

بيت

”مائلَ“ تي مرشد- محبت سندءِ مهر ڪئي

الف جا عدد- پڙهائيئن پريت مان.

بيت

سڄڻ تنهنجا سُورَ- سَهڻا پيا ساهَه کي

جانِبَ جُدائيءَ ۾- پَلٽيو پون پورَ

جيءُ سندم جَلِي ٿيو- جُڏو آهي جُهورُ

ڪيا مون قُرب ۾- ڪهڙا آهن قُصورُ

عرض آزيون ٿو ڪريان- اي حاڪم هوتَ حضور

مِٺا مون ”مائلَ“ کان- وڃي ٿيو وهلُور

ڏُکويَن کان ڏُور- ڪڏهن ٿجي ڪينَ ڪي.

بيت

پيارا اوهان جي پِرت جي- پَل پَل آهِه پچارَ

ڇا کان مُنهن مَٽي وئين- محبَ مٺا منٺارَ

اٿم عجيب اندر ۾- آن سندا آزارَ

آئون اوڏو ٿو اچان- تون ڌِڪيو ڪرين ڌارَ

مُنهنجي مُحبَ تو مٿي- ناهي ڪابه ميارَ

ڪڏهن لهندين سارَ- مٺا هِن ”مائلَ“ جي.

بيت

جيڪو نه رکندو رُوح ۾- مُرشد جي محبت

اصل نه ٿيندي اُن کي- حاصُل هدايت

ڪڍي ڪُلفت قلب مان- ٿي سائين جي صحبت

يخرجهم الظلمات اليٰ النور- ٿي ان کي لڳي عِبرت

پر ڪندو جڏهن ڪمال سو- ”مائلَ“ ۾ محبت

اُن کان پوءِ اُن ماڻهو کي- سرندي سعادت

۽ ذهني قلبي سڪون سان- فائق ۾ فرحت

ڪڏهن ايندي قلب کي روئڻ ريَ راحت

جو اچيو اُن جي اُلفت جي- ٿو ڪري عشق امامت

بيماري تنهن بِرهه جي- عالي علالت

دم دم ان دُکيءَ جو- آهي عبادت

۽ الله سائين تنهن عاجز تي- ٿو رحمَ وَسائي رحمَتَ

ڏِسي ساري ڏيهه کي- ۽ کائي پيو عِبرت

ٻيو بِرهَه سندس ۾ برڪت- نيڪ نيتيَ نُور ٿيو.

10 محرم الحرام 1397هجري 1 جنوري 1976ع، ڀليڏنو ڪاڪا

بيت

دلڙي دلبر يارَ تو- وڌي سُورَن منجهه سَٽي

سوز سوايو روز ٿئي- ڪنهن پر ڪينَ هَٽي

مون کان ڇو منهنجا پِرين- وئين محب مَٽي

ڪچايون سڀ ڪَٽي- مِل اچي هِن ”مائِل“ سان.

بيت

رهاڻ مان راحت- اچي روحاني رُوح کي

فِڪر ريءَ فرحت- ناهي ”مائلَ“ مَنَ ۾.

بيت

 دِلَ ۾ ڌارَ ڌيانُ- هَٿان مَ وڃائج هَڙَ

ڪڍي غيرَ گُمانَ- ”مائلَ“ مِلُ تون محب سان.

 

بيت

توڙي سڏائين سَرَ ۾- ”مائلَ“ مسلمانُ

پر عمل رِيَ انسانُ- ڪڏهن ٿيندي ڪينَ ڪي.

 

28 آڪٽوبر 1961ع، آچر جي ڏينهن، حيدرآباد

بيت

اچ ته ڪريون آچارُ- پرين پِرِتِ جو پاڻ ۾

ته محبت جي منهنجا مِٺا- ڪنهن تي ناهي ميارَ

فذڪُروني اذڪرڪم- سدا آهي سار

”مائلَ“ جو منهنجا مِٺا- توتي آهي مدارُ

ٻيو سڀوئي سنسارُ- تو ڪامِلُ تان قُربان ڪيان.

بيت 

جڏهن پاتم پاڻ ۾- دلبر دل جو يارُ

ته ويا مِڙَئي وِسري- سڀئي اَورَ ۽ پارَ

انهي ئي آثارَ- سڄڻُ سڃاتُم ساهَه ۾.

26 شوال 1392هجري 3 ڊسمبر 1972ع، هالا

بيت

 ”مائلَ“ جنهن سان مهر مان- ٿو ٿئي مولا مددگارُ

ته انهي اٻوجهه انسان جا- ٻيڙا ٿين ٿا پار

جو سائين ربّ ستار- تو مَرَهي اُنَ ماڻهو کي.

2 فيبروري 1975ع، سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي

بيت

تنهن کي لهر نه لوڏو آهِه ڪو- جنهن سان ساڻي آهِه اللهُ

سو توڪَل سندي تُرَهَي- سولو کڻندو ساهُه

”مائلَ“ ان کي ڇا ڪندو- هن دنيا جو درياءُ

جو ان لءِ سمنڊ اٿاهُه- به ڪُجهه ئي آهي ڪين ڪي.

2 فيبروري 1975ع،12-D محمد سوسائٽي، سائين جن جو بنگلو، ڪراچي

بيت

قادر هر ڪنهن ڪم جو- آهي مقرر ڪيو وقت

جي اُن وقت کان اڳ ڪم ٿئي- ته ڀلو چئبو بختُ

پر ڪرڻي انهي ڪم لاءِ- آهي محنت سخت

عزم پختي ساڻ گڏ- ٿيبونڪ نيت

ته ”مائلَ“ مولا مُهُتُ- ڏي ٿو اُن انسان کي.

27 محرم الحرام 1395هجرفي 9 فيبروري 1975ع، ماستر منٺار علي ڏاهري جي اوطاق، هالا

بيت

مون کي هي معلوم نه هو- ته هادي آهي همدم

پاڻ پَسايئين پيار مان- قادر ڪري ڪرم

گولي گنهگار تي- ربّ ڪري رحمُ

پسان پنهنجي پاڻ ۾- داتا سو دم دم

ڏنئين عِلُمُ عشق جو- جنهن تي عِلِمُ ختم

بخشش باريَ هيَ ڪئي- آهي اڄ اُتم

ڳالهه ڪيان مان ڪهڙي- زبان نه ڪري ڪم

نه ڪو لکي سگهندو- ڀلي ڪهڙو هجي قلمُ

جمال ۽ جلالُ ڏِنئين- جيئن آهِه سردُ، گرم

”مائلَ“ کي مولا ڪيو محبت سان محرمُ

الله سائين آهِه ڪيو- مون کي ايئن مقدمُ

واصل ڪيئين وحدت سان- اُن ۾ ٿيسُ زَمُ

مڃي يا نه مڃي ڪو- اُن سان ڪونهي ڪمُ

ٿو محبت سان مبهم- واحد وريو ڪئين وَهَبَ ڏي.

27 محرم الحرام 1395ع 9 فيبروري 1975ع، پيربخش لائٽ واري جي دُڪان تي، هالا شريف

بيت

هِڪَ ڏينهن نيٺ هلندو- هِتان هر انسانُ

رهندو نه ريَ ٻيو ربّ ري- آهي فنا جو مڪان

”مائلَ“ هِتِ مهمانُ- ماڻهو خبر ناهي ڪيترو.

27 محرم الحرام 1395ع 8 فيبروري 1975ع، 9:30 رات، ڪراچي کان حيدرآباد ايندي بس ۾ سپر هاءِ وي.

بيت

عارضي انسان لءِ- آهِه موت به هڪ منزل

سفر وڏو آ سائين جو- جنهن جي نه ڪنهن کي ڪَل

”مائلَ“ سمائج محبت تون، جو آهين هِتِ ڪي پَلَ

ساٿي کڻي سِڪَ کي- هَليو وڃ تون جَلَ

ڪهڙي خبر ڪنهن پل- ”مائلَ“ مٽيندي موت کان.

 

27 محرم الحرام 1395هه 8 فيبروري 1975ع، 9:30 بجه رات، ڪراچي کان حيدرآباد ايندي بس ۾ سپر هاءِ وي.

بيت

مَمات بعد حيات جا- اڃا آهِن سفرَ

پَسندو تڏهن پارُ سو- جڏهن پوندو منجهه قبرُ

”ڪل نفسً ذائقة الموت“- هي آيت جا اکر

روح نه ڪڏهن رحلت ڪري- بلڪُل سڀ بَشَرَ

ايندا الله سائينءَ اڳيان- مڙئي ڏينهن محشرَ

اعمال ناما انسانن جا- پوندا سڀ پڌرُ

لنگهندا پُلصراط سان- جا تِکِي کان تَبَرَ

ڏهِڪاءُ آهي تنهن ڏينهن جو- ۽ ڏاڍا خوف خطرَ

اُتي محمّدصه مسلمانن جي- اچي پارت ڪندو پرور

 ۽ معافي ملندي مڙن کي- مهابي سروَرصه

سا خاوند سڀ خبر- آهي عِلِمُ غيبَ جي.

27 محرم الحرام 1395هه 8 فيبروري 1975ع، 10:00 بجه رات، ڪراچي کان حيدرآباد ايندي بس ۾ سپر هاءِ وي.

بيت

اڳيان پويان ڏوهه سڀ- مون کي ڪر تون معافُ

حاضُر ڄاڻي رت کي- ٿو ڪريان اعترافُ

پنهنجي ڪيو ٿم پاڻ سان- اهوئي انصافُ

قلب سندي ڪعبي کي- ٿو تهدل ڪريان طَوافُ

الله سائينءَ آهي اُن ۾- قرآن چيو صافُ

پَڙهندس سوئي پِرتِ مان- محبت ساڻ مُصافُ

مُرشِدُ منهنجي محبت جو- بَٽَڻُ نه ٿيندو آفُ

سچ ٿو چوان صاف- ٻُڌو هينئين جي ڪَنن سان.

27 محرم الحرام 1395هه 8 فيبروري 1975ع، 10:00 بجه رات، ڪراچي کان حيدرآباد ايندي بس ۾ سپر هاءِ وي.

بيت

موقعو ڏئين ڪونه ٿو- جو ڪجن حال احوالَ

ڇو نه ٻُڌو ٿا ٻاجهه مان- گذريا ڪيئي سالَ

ويترِ ورِيو پيو وجهين- حبيبَ هَٿ جا ڪالَ

مونکان تو منهن ڦيريو- ڪرين ٻين مقالَ

ڪريون ڪنهن مهل عرض جي- ته جهلين ساڻ جلالَ

ڪنهن پر ٿيندس ڪين ڪي- توتي آئون وبالَ

آڻي وڌئي عشق ۾- هاڻي غيرت جا سوالَ

سَين هڻون ٿا سائينءَ کي- جو سڀني سُڻي سوالَ

تنهن ڏيهن جي ڏاتار کي- معلوم مڙيو ئي حالُ

مهابي محمّدصه جي- ۽ انهي جي ئي آلَ

”مائلَ“ مون مسڪينَ تان- مولا لاهيندو ملالَ

اُڪاريندو احسان سان- سو جلالَ منجهان جنجالَ

پِرِتِ مان پروَر پالَ- ڏئي ڍَڪيندو ڍولُ مون.

 

27 محرم الحرام 1395هه 8 فيبروري 1975ع 11:00 بجه، هالا شريف

بيت

ٻانهو جڏهن بخشڻ تي- ٿي اچي خدا جي ذاتِ

ته اچو لرزش ۾ وڃي- ٿي ڪُل ٿي ڪائناتِ

ڀڄي باطل ٿا ٿِيَن- مَري سي ئي ماتِ

۽ عشق اُن جي اندر ۾- ٿو اهڙا هڻي آلاتِ

جو سِڌو پنهنجي سائين سان- سو بلڪُل ڪري باتِ

پَسائيس ڏاتر ڏيهه جا- تُرتئون تفصيلاتِ

”مائلَ“ سِڪَ، صبر جا- مِڙَئي معامِلاتِ

ڏسي سوئي سڀَ کي-  ۽ پڻَِ مَماتِ حياتِ

اُن کان پوءِ انسان سو- مَري نه ٿي ماتِ

جو پنهنجو ڪري پَرَوَر ٿو- ڪريس سدا حياتِ

سا قبول ڪري ڪريم ٿو- جا وائي ڪڍي واتِ

اهڙا ڪئين انعامات- الله سائين ڏي اُن کي.

 

15 فيبروري 1975ع، سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي

بيت

جيڪي جيئرا ڏئي نه سگهيا- سو مليم کان غائبن

سي سُتا پيا آهن پَٽَ تي- ڪامِلَ منجهه قبرن

کائڻُ تِن جي ماس تي- حرام آهِه ڪِينئن

رُوح رهي اُن جسمن ۾- رُڳو بُرقعو مَٽيوِ اٿن

غائبانا تِن سان- ملاقاتون ٿِيَنِ

نقش قدم تن نينهن جو- ڏسيو مُريدن

آهن غوث حق جا- منجهه فائق فقيرَن

۽ پِڻُ سروَرُ نوحرحه ٿا- انهي کي چون

سَپُوت تِن سائن ڪئي- پُٺِ ٿي مون پِيرَن

ته واحس سان وَهَنبَن- ”مائلَ“ مليو مهر مان.

 

2 صفر 1395هجري 14 فيروري 1975ع، صبح 10:00 بجه، تغلق هائوس، سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي.

بيت

سچا هميشه ڪُوڙَن سان- ڦريو ڪن فسادُ

ڪُوڙا تِن جا ڪوٽَ ڀَڃيو- ڪن سچ ٻَڌلَ آزادُ

جو ڪوڙن جي هر ڳالهه آ- بلڪل بي بنيادُ

سچن حاصل سائين کان- ٿئي من جي سڀ مراد

ڪوڙن وٽ ڪلفت جو- ڪٺي رُڳو مواد

سڄڻن جي سنگت مان- سِڪ جو اچي سَوَاد

ڪوڙن جي آ قلب ۾- غير رڳو آباد

سچن جي سَريرَ ۾- عشق آهي آباد

۽ من جي سڀ مُراد- پوري ڪرين پَل ۾.

2 صفر 1395هجري، 14 فيبروري 1975ع، جمع 10:00 بجه صبح، سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي

بيت

مخالفن کي موافق- ”مائلُ“ ڪري ٿو منٽَ ۾

روبُ وجهين رمزن جو- ته ماڻهو ٿِيَن متفِقُ

اُن کان پو پيدا ٿئين- شوقن جو شفق

جو اُلفت جو اُفقُ- ڪَرِڙو وجهين ٿو قلب تي.

 

11 فيبروري 1975ع، هالا

بيت

سچا هميشه ڪُوڙَن سان- ڦريو ڪن فسادُ

ڪُوڙا تِن جا ڪوٽَ ڀَڃيو- ڪن سچ ٻَڌلُ آزادُ

جو ڪوڙن جي هر ڳالهه آ- بلڪل بي بنيادُ

سچن حاصل سائين کان- ٿئي من جي سڀ مراد

ڪوڙن وٽ ڪُلفت جو- ڪٺي رُڳو مواد

سڄڻن جي سنگت مان- سِڪ جو اچي سَواد

ڪوڙن جي آ قلب ۾- غير رڳو آباد

سڍن جي سَريرَ ۾- عشق آهي آباد

۽ من جي سڀ مُراد- پوري ڪرين پَل ۾.

 2 صفر 1395هجري 14 فيبروري 1975ع، جمع 10:00 بجه صبح سنڌ سيڪريٽري، ڪراچي

چيو هيئن لطيف آهه- ”ته سچن ڪونهي سُور“

سچن جي سرير ۾- رڳو نرمل نُور

وجاءَ الحق ورَهق الباطل- باطل چَڪنا چور

سچا نهارين نظر سان- جي ڪنهن ۾ ڪريو گهُور

ته اچي اُنِ جي اندر ۾- پرت جو پل ۾ پُور

۽ اچيو ذات ربّ جي- ان ۾ ڪري ظهورُ

هر وقت رهي هاديَ سان- سو سانجهيءَ سحور

”مائلَ“ بخشي منٽ ۾- توڙي ڪيڏو ڪري قصورُ

هي داتا جو دستورُ- ٻانهي تي آ ٻاجهه جو.

بيت

روز روز رِفرنس- ڪهڙا ڏِبا قُرب ۾

ڪجهه ته رکبو پانهجو- ڪو ڪَامَن سينسُ

دلبر دئٽ مينس- ”مائلُ“ چوي ڏس محبت ۾.

بيت

سائين ڪيو تو سيگهه مان- ڪِني کي سُٺو

ڪچرو ساڙيئي قلب جو- ٻاري بِرهَه بٺو

قادُرَ تنهنجو ڪرشمو- اٿم اکن ساڻُ ڏٺو

انسان رڳو وَهِمَن ۾- پاڻهي پاڻ مُٺو

تون ڏِسين نه ڏاتار ٿو- ڪو عيبن جو چِٽو

رحمت وسائي ربّ تو- جيئن ساوڻ مينهن وٺو

تيئن آهي اُٺو- محبت سندي جو ”مائلَ“ تي.

5 صفر 1395هجري 17 فيبروري 1975ع، ڪراچي بنگلو

بيت

جتي اڳي ڪجهه نه هو- اُتي آهي سڀ ڪجهه

”مائلَ“ مولا جو رنگَ هي- سوڍي تون سمجهه

ڳولڻ سان ئي ڳجهه- ٿو لَڀي هر ڪنهن ڳالهه جو.

 

16 فيبروري 1975ع، ڪراچي

بيت

ڪڏهن به مون سان قُرب ۾- ڪيئي نه ڪو آپريشنُ

ڏسيو توکي ڏور کان- کايو وڃان سُنُ

محبت ريَ نه مور کپي- دلبر سندئي ٻيو ڌن

وسرين نٿو وجود کان- ڪا مون کي گهڙي کن

مَحِوَ مستيَ ۾ رهي- ٿو ”مائلُ“ سندو من

ريجهي نه ڪنهن پر ڪنهن- جوشن جو هي جَنُ

هيبت هاديَ آ ڏني- ٿو ڪري هرڪو ڪَنُ

محبوب منهنجا مٺڙا- ٻڌ تون ڏيئي تنُ

گهڻن گولاڙن جو- هت وڌي ويو آ مَنُ

آڻيا پيو امن- جنگيون ۽ جهيڙا ڪري.

 27 محرم الحرام 1395هجري

بيت

”مائلَ“ مسلمانن مان- ويو دين رسولصه

الله ۽ رسولَ جو- اصل نه رکن اصول

وڃن نه سڌيَ واٽ مان- رڳو ڦيريون ڏين فضول

ڪلمون جي رسولصه جو- قلبئون ڪن قبول

ته مٿانهن معاف ٿئي- مولا جو حصولو

محبت ريَ نه مُور ٿئي- هدايت حصول

انهي ڪري عوام ٿو- ”مائلَ“ ٿئي ملول

هي اُلفت ساڻ اصول- رکن ته رَسن ربّ کي.

 

2 فيبروري 1975ع

بيت

پرور ڪيا پاڻ ئي- ٻيڙا تنهنجا پار

ريجهي سو ربّ پيو- جنهن سڀ اختيار

مولا تنهن کي مائل تون- ڪنهن دم ڪين وسار

”ونحن اقرب اليھ من حبل الوريد“- پنهنجي پاڻ نهارِ

”فذڪروني اذڪرڪم“- سائين کي پو سارِ

نه ڪرمُ ڪندئي ڪلتار- هردم ۽ هر ويل ۾.

 10 فيبروري 1975ع، ڪافي هائوس ڪراچي

بيت

پنهنجي پاڻ پاڻ مان- پڻ ئي پاڻ پِيُون

خاوند ڏنيون خوشيون- سي کايو پيا کِيُون

لله ڪاڻ لوڪ جا- ڪوٺيو ڪم ڪريون

سمهڻ ۾ سائين ٿا- پنهنجي پاڻِ پَسُون

اُٿڻُ، وِهڻ ۽ هلڻ ۾- همدم ٿا سمجهون

بي واجبي ڪنهن تي- ڪاوڙ ڪين ڪريون

خلوص نيّت سان سڀني کي- چاهه منجهان چاهيون

جو مخلوق سڀ مولا جي- هڪجهڙي ٿا سمجهون

نيّت کوٽيَ جا سبب ٿا- ڪنهن کي ڪين ڏيون

الله سائين جي آسري- هتي پيا هلون

اهڙيَ طرح جيون ”مائلَ“ مولا جي مُلڪ ۾.

 

15 فيبروري 1975ع، ڇنڇر 3:30 بجه، تغلق هائوس، ڪراچي

بيت

جنهن کي لڳا قُرب جا- قلب ۾ ڪيئي ڪانَ

تِرُ ترسن ڪين ڪي- اصل اُهي انسان

بيتابن کان بِرهه جي- ڪنهن جي ٻُڌن ڪانَ

چون برابر هيئن ٿا- ته تڪڙ ڪم شيطان

پر هُن جي تڪڙ تمام آهِه- کارڻَ لءِ انسان

۽ مخالفت مولا جي- ڇڏي ڪمينو ڪانَ

اُن جي تَڪڙ جي نيت کان- الله ڏي امانَ

پر هُن جي نيت هيَ آهِه- ته محبت رکون شانَ

تڪڙ آهي تن کي- ته پهچون محبوبن مڪان

پهچون هِڪدم پرين وٽ- ته ڪريون بِرهَه جا بيانَ

تِرُ نه تڏهن ترسن سن ٿا- ادا اُهي انسانَ

طلبن تَنَ جي تِن جي- آهِن ڇيڙيا ڪيئي تانَ

”جو ونحن اقرب من حبل اللوريد“- آهه قادر چيو قرآن

سو راڳ ڇيڙين رڳُن ۾- ٿا برهه جا ٿي سي ڀانَ

پرور تن کي پيار جا- پختا هنيا پيڪانَ

اهڙي همت کان انهن جي- آهن سوچ ۾ ڪئي سلطان

ته قادر وڌايا ڪرم سان- ڪيئي تن جا مانَ

آهن ”مائلَ“ مسلمان- اصلئون سي عاشق احمدصه جا.

 

1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع، صبح 9:00 بجه، اورينٽ بيڪري ڪراچي

بيت

وصفن وڻاياس- پاڻيهي پرينءَ کي

نه ته ڪنهن جهڙوڪينَ ڪي- ادا آئون هُياسِ

ڏسيو پنهنجي پاڻ کي- ٿي مَرمَ منجهه مُياس

ته قادَر کڻي ڪُلن کان- مٿي ڪيئن ڪياسِ

ڪري نوازِش مون ”مائلَ“ تي- پَروَر ڪيو پاس

ربّ کڻي ڪيو راسِ- ريزَ ڏئي رمزن جا.

 

12 محرم الحرام 1395هجري، هالا

بيت

اچ تون سگهو عاجز ڏي- لڪياري لڄپالَ

دُعا ڪريو دل سان- ته ٿئي واحد جو وصال

سيّد سڻئو سيگهه مان- سُواليَ سندو سوال

جيَ تان هاڻ جنجال- لاهيو مهر نظر سان.

 نوشهرو فيروز ويندي موٽر ۾.

نوٽ: هي بيت شاهه صدرسائين لڪياريَ سان منسوب آهي.

بيت

”مائلَ“ مون مسڪين جو- تون الله نگهبانُ

آهين مالڪ مخلوق تي- ڏاڍو مهربان

محبت مستيَ جو ڏنوئي- داوُرَ مون کي دانُ

مخلوق سندس ۾ مان به هُئس- اگلو هڪ انسانُ

بديون بخشي باري ڪئي- وڏو هي احسان

ڪريم پڙهائي قلب کي- منجهان قرب قرآن

ٻيو مالڪ ڏنئي مَنَ کي- اُتم هو ايمانُ

مِٽيءَ، منهنجي کي ڏنئي- مهر مان مولا مانُ

رَڳ رَڳ آهي ڇڙيو- طلب سندئي جو تانُ

پيو واکاڻيان تو واحد کي- برهه ۾ ٿي مان ڀانُ

تو سڳورا سبحان- ڪنهن پر وساريان ڪين ڪين.

 

9 مارچ 1975ع، ڊاڪٽر حيدرعلي قاضي جي ڪلينڪ تي لطيف آباد حيدرآباد

بيت

پنهنجو عشق الله ڏئي- ڪيو محبت ۾ ممتاز

ٻاجهه ڪيائين ٻانهي تي- آهي باري بندء نواز

خالق خلقڻهار سو- آهي ڪريم ڪارساز

وڄي پيو وجود ۾- سڪ سندس جو ساز

هردم آهيان حضور ۾- نوڙت ساڻ نياز

جو چنبن منجهه چائي ويو- برهه سندس جو باز

خالص ڏنائين خيال کي- پراهون پرواز

۽ دهشت وڏي دل کي داوُرَ دل نواز

ٻيو پرور پڙهايو پرت مان- عشق سندو بائلاز

تڏهن اچي ٿو اندر مان- اُلفت جو آواز

اهو ربّ جو آ راز- ”مائلَ“ مون مسڪين تي.

9 مارچ 1975ع، ڊاڪٽر حيدرعلي قاضي جي ڪلينڪ تي لطيف آباد حيدرآباد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org