سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:10 

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل: سندءِ سِڪَ ۾ سهڻل پيار نٿو پَلجي، ڀري قدم مٺڙا انهي ڏي ئي هلجي.

مصرع:

1-

هي آسون اُميدن تڙپن ٿيون تولاءِ، تقاضائون، طلبون ڦٿڪن ٿيون تولا،

 

تپش سوزِ غم ۾ پيو جاني جَلجي.

 

 

2-

ڪيو دل ۾ اهي گوندر اچي گهرُ، تمنا  ۽ ناتن جهليو تنهنجوئي در،

 

وڇوڙي وِرهه جو ڪنهن سان سُورُ سَلجي.

 

 

3-

سلامي لءِ خوشيون آهن يار آتيون، نگاهون نهاريو پائن پييون جهاتيون،

 

اچي ملُ انهن سان سڄڻ خوبُ کِلجي.

 

 

4-

تصوف، تخيلُ ”مائلَ“ مَحوُ توڏي، پڪارن ٿيون يادون پرين اچ تون هيڏي،

 

ڀري بِرهه ڀاڪُر محبوب مِلجي.

 

 

10 محرم الحرام 1400هجري، 10:30 بجه رات، بليڏنو ڪاڪا

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:      تو جهڙو نه ليڊر يارَ ٿيو، جن توسان ڪئي ڏيندا پنهنجو ڪِيو.

مصرع:

1-

توتي تاريخ به پيئي ناز ڪري، دليون دردن سان وئين يارَ ڀَري،

 

تنهنجو ظاهر جسم ٿيو اکين کان پَري، تون عوام جي آهين دِلن جو ڏيئو.

 

 

2-

تو خدمت خلق جي اهڙي ڪيئي، گهٽ آهن عبادتون جنهن کان سڀيئي،

 

مقبول مولا وٽ يارَ ٿي وئي، مِلي رُتبو شهادت توکي وِيو.

 

 

3-

تنهنجي ثابت قدمي مان پويان سکن، تنهنجي نقشِ قدم تي شل سي هَلن،

 

ٻيا عمل غلط سي ڪيئي ڪَن، پتو ڪين اڃا ڪوتن کي پيو.

 

 

4-

مخلوق مولا تي عاشق هُئين، قُربان به آخر اُن تان ٿئين،

 

کٽي ٻيئي جهان تون يار وَئين، توکي نينهن انهن ئي نهوڙي نيو.

 

 

5-

تنهنجو موت اصل ۾ حياتي آ، تنهنجو ماري جيئري مماتي آ،

 

ڪئي ڳالهه ”مائل“ پائي جهاتي آ، تو جيئن ته ڪو آهي يار جيو.

 

 

 

 

10 محرم الحرام 1400هجري، 12 بجه ڇنڇر رات، ڀليڏنو ڪاڪا

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل: ڪيئن موڪلايون، آهيون گڏ سدائين، هڻي دل ۾ ڇاپو ويٺو آهين سائين.

مصرع:

1-

اصل سندءِ صورت نقل نقش آهي، طلبن ۾ تڏهن وڏي تپش آهي،

 

جو ظاهرُ ته مون سان گڏ يار ناهين.

 

 

2-

جِيڻ لاجانبَ رهيم هڪُ سهارو، پرين تنهنجو دل ۾ ئي ڏسندس نظارو،

 

منهنجو پيار شل تون به پرين پاڻ پائين.

 

 

3-

جدا مون کان جاني جڏهن ٿين ٿو ظاهر، ڀريو لُڙڪ اُن وقت ڇڏن اکن اندر،

 

جي نه ته رُوح ۾ ئي ته گڏيل تون آهين.

 

 

4-

مٺا پنهنجو ”مائلُ“ وساري نه ويهجان، پنهنجي دم قدم سان رَمزن ۾ رکجان،

 

خدارا تون دل تان متان لالَ لاهين.

 

منظور سومري سان گڏ ”حسين آباد“ واري جاءِ تي لکي وئي.

بروز اربع صبح 10 بجه، 13 فيبروري 1980ع

نوٽ: هي ڪافي مائٽ ڊاڪٽر لال خان ڪاڪا ويٺل ڳڙهي ياسين کي رخصت ڪيو پي ويو ۽ سندس فرزندن قدرت نواز ۽ محمد نواز جن جي اخلاص ۽ حسن سيرت مون تي ان وقت ايتري ته گرفت ڪئي هئي جو مان انهن جي انهيءَ اوصاف جو عاشق سچو آهيان ۽ بيتابي دل کان ڊاڪٽر صاحب کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان رخصت جي بدران گڏجي ڳڙهي ياسين ڇڏڻ آيس ۽ هي ڪافي اُتي اچي سندس جاءِ تي هن ڪتاب تي لکي اٿم ۽ هي ڪافي منسوب به انهن ٻنهي محبوب مائٽن سان ”مائل سروري“ ڪافي جي مضمون ۾ الفاظ اشارو ڪن ٿا پر اهو قافين جي لحاظ سان ڪيو ويو آهي. ”مائل سروري)

ڪافي  (سُرُ تِلنگ)

ٿل:      هي حياتي ٿِ ي وئي منسوب تنهنجي پيار سان،

          مَحويت ۾ آهيان مجذوبُ تنهنجي پيار سان.

 

مصرع:

1-

جذبا، جنون ۾ جوش سان هاڻي حاوي ٿي ويا،

 

چاهه ٿي چريو ويو محبوب تنهنجي پيار سان.

 

 

2-

خواهشون ٻيون ختم ٿيون هڪ تون رهئين دل ۾ مِٺا،

 

ماسويٰ مُرڳو ٿي وئي مرغوبُ تنهنجي پيار سان.

 

 

3-

تَڙپَ طلبُن ۾ رهي ۽ سِڪ سَمائي ساهه ۾،

 

هَهڙي حالت ۾ جيان محبُوبَ تنهنجي پيار سان.

 

 

4-

مونکي ڪيئي ”مائلُ“ مٺا ميخون محبت جون هڻيٰ،

 

دَم قدم سان آهيان مَطلوبُ تنهنجي پيار سان.

 

 

19 مارچ 1981ع. ڪنڊيارو کان سکر ويندي سوزڪي ۾. خميس صبح 11:00 بجه، مارو ڪاڪيپوٽا ڳوٺ ڏانهن ويندي.

نوٽ: مسٽر شمس الدين ڪاڪيپوٽو SDO واپڊا ڪنڊيارو مون سان گڏ هو.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:      محبت مون جهڙي مٺا جي لَڳئي ها،

          ته احساسُ مون لئه گهڻئي ڪو ٿيئي ها.

مصرع:

1-

ٿيئين بي وفا تون صرف اِن ڪري ئي،

 

جو عاشقُ نه اُلفت اصلُ ڪا ڪَرئي ها.

 

 

2-

ساري ڪيئن سِڪَ ٿي طلب تاءُ ڇاهي،

 

عشق آگ جو يَرَ پتو پو پَوئي ها.

 

 

3-

رَهين هر گهڙي ها بيچين دلبر،

 

مون جئن نه ساعت سُهڻل سَرَئي ها.

 

 

4-

جدائي جي جهوري جهوري ڪيئن ٿي جاني،

 

اکِن آبُ هڪ پل نه سُهڻل سُڪئي ها.

 

 

5-

ٿين ها جي مون جيئن محبوب ”مائلُ“،

 

سوا ياد منهنجي نه ڪي ٻيو وڻئي ها.

 

 

29 رمضان المبارڪ 1399هجري، 13 آگسٽ 1979ع، خميس رات 11:30 بجه، ڀليڏنو ڪاڪا

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:      پهچايو پرين وٽ آهي پرت پياري، احسان اُن جا آهن عُمر ساري.

مصرع:

1-

نه طاقت زبان کي چئي ڇا ٻُڌايان، قلم وَس نه آهي جهين کان لکائيان،

 

بيان هن برهه جو بلڪل آ باري.

 

 

2-

صبرُ سِڪَ ئي ساٿي ٿيا ٿَم سفر ۾، نه تڪليفون تن جون آهن ڪجهه نظر ۾،

 

عزمَ ئي اُنهن جي منزل آ ماري.

 

 

3-

جي تڪليف تن تي ڪا آئي وڃڻ ۾، ته ويتر جوش آيو ٿي تِن کي هلڻ ۾،

 

ڪيئون ڪينَ ڪنهن پَرَ اڳيان اُن جي زاري.

 

 

4-

هئي پِرت پُختي مستي جي محبت، ٿيو قلبُ قابو وڪوڙيو آ وحدت،

 

آهيان مَحوُ ”مائلُ“ طلب ٻي آ طاري.

 

 

نوٽ: ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽو، تعلقو ڳڙهي ياسين ضلع سکر ۾ قدرت نواز ڪاڪيپوٽي جي شاديءَ تي ويندي مصري فقير ”مخمور سروري“ سان گڏ ويندي لکي ويئي.

ڪافي  (سُرُ لوڙائو)

ٿل: عمر آسرو ٿم اباڻا هو ايندا، قيدياڻي ڪوٽن مان وٺي نيٺ ويندا.

مصرع:

1-

هتي جن جي جهوريءَ جهڄان ٿي جهانگياڻي، آهي سِڪ انهن جي سدا مون سان ساڻي،

 

اچي سي بنديءَ جا ٿَري ٿوپَ ٿيندا.

 

 

2-

سوين سور تِن جا ڪريو کاڄ کيان ٿي، ۽ ڳوڙها اکن جا پَلُر جيئن پيا ٿِي،

 

پنوهاري سي پَڪَ سان نه مورهئون مٽيندا.

 

 

3-

ٿيندس قيد مان آئون آزاد جڏهن، سمهي سُکُ ڪندا پو مارُو منهنجا تڏهن،

 

مبارڪ مِڙِن ڏئي خوشيون پوءِ کيندا.

 

 

4-

حسن جي خدا مونکي اهڙو نه ڏي ها، ته تو جهڙو حاڪم عاشق، ڪينَ ٿي ها،

 

نَعيمُ نُورن تي لمحا آزمائشن جا ايندا.

 

 

5-

ڪندو ڪَرم قادُر وطن پنهنجي ويندس، سچي ساکَ سَتَ جي تنين سامهون کڻندس،

 

ڪري پَڪَ پو وَهَمن وڍيندا.

 

 

6-

ٿِين شالَ مُردارُ ارادا اوهان جا، ڀڄن ڪوٽ ۽ قيدَ بلڪل هي تُنهنجا،

 

سَتيءَ سَتُ پو ”مائلُ“ مارو مڃيندا.

 

 

 

ڪافي  (سُرُ لوڙائو)

ٿل:      قرب تنهنجي جون ڪيان ڪهڙيون ڀلا مان باتيون،

          ٿو سڄڻ سپنا پَسائين راتين جون راتيون.

مصرع:

1-

اي مٺا ماهِ لقا موهي وئين هڪ مامَ سان،

 

جيءُ جگر جاني جلي ٿو جڏهن پاتيئي جهاتيون.

 

 

2-

حسن تنهنجي کي ڏسي بيتاب مان بيحد ٿِيُس،

 

هاڻي رهيون سهڻل سندُءِ لُنئن لُنئن ۾ آهن لاتيون.

 

 

3-

مِهَه جَبين مهتاب تون مُنهڙو ڏيکارج مون وري،

 

ساهُه سَندُم سهڻل سڪي اکڙيون سدائين آتيون.

 

 

4-

مست ”مائلَ“ تو ڪيا تيرِ نظر سان طالبا،

 

ڪَيفَ ڪجلين ائين ڪٺو جيئن نه ڪُهَن ٿيون ڪاتيون.

 

 

 

ڪافي  (سُرُ  تِلنگُ)

ٿل:      موٽي مل منٺار، بيحد بِرهه ڪَيَس بيراڳي.

 

مصرع:

1-

مَنَ ۾ مٺڙا ميخ هڻي وئين، محبت جي منٺارَ،

 

دلڙي آهي جنهن سان واڳي.

 

 

2-

ڏينهن ٿو سُڏِ ڪيو سُڏِڪيو نبري، نيڻن وهائي نارَ،

 

رات گذاريان جانب جاڳي.

 

 

3-

مُور نه مُئي کان منهڙو مٽجئين، قربُ ڪجيئين ڪو يارَ،

 

سهڻل سندُ ئي آهيان ساڳي.

 

 

4-

ڪين لَهن ٿا لاهج تون ئي، حيلا ڪَيم هزارَ،

 

دردن دلڙي دلبر داڳي.

 

 

5-

”مائلَ“ سان تون محب سگهو ملُ، جانب جي جيارَ،

 

وار وصل جي وائي سڀاڳي.

 

 

 

 

 

4- جولاءِ 1956ع، هالا

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:      واهه واهه ”مائلَ“ توتي مولا ٿيو مهربان آ،

          ڀلا ڀاڳ تنهنجا توکي مرشد ڏنو مان آ.

مصرع:

1-

صد مبارڪ صد مبارڪ لک لک ٿئي واڌايون،

 

الحمدلله آسون اُميدون الهه پاڪ پڄايون،

 

شاهه سرور تنهنجون واڌايون شان آ.

 

 

2-

مرشد توکي موڙ ٻڌي ڏيندو هٿن سان لائون،

 

لهر نڪو ٻيو لوڏو ايندءِ سروَر جون ٿئي ڇانئَون،

 

نوحرحه فقير نرمل نگهبان آ.

 

 

3-

پيرن فقيرن آلين موالين سڀني جون ٿئي دعائون،

 

دعا به ڪن پيا کائن پن پيا سهيس هڻن جون صدائون،

 

ڏنو خوشيءَ جي داتا توکي دان آ.

 

 

4-

هڪ تون مصري ٻيو آئون مصري ٽيون پڻ مصري آهي،

 

هڪ جي شادي ٻيو ڳائي، ٽيون بين وڄائي ٺاهي،

 

نالن ئي سڀني جو ڇِڪايو ڌيانُ آ.

 

 

5-

گهوٽ به مصري، ڳائي به مصري باقي تخلص ڇا آهي،

 

فقير جو ”مخمورُ“ مصري ڪاڪا ”مائلُ“ آهي،

 

اهو اسان تي مُرشد جو احسان آ.

7- ذوالحج بمطابق 9 ڊسمبر 1975ع، سرهاڙي.

نوٽ: مصري فقير هيءَ ڪافي (سهرو) منهنجي ٻي شاديءَ جي موقعي تي لکي آيو هو ۽ ڳائي به پاڻ ٻڌايائين.

بيت

 

مولا مٿانهون ڪري مٺڙا تنهنجو مانُ،

سهيل راجا ربّ جا توتي هي احسانُ،

”مائلَ“ جهڙو مٺڙو اٿئي فادر مهربانُ،

سڀني جي تون جان آ جنم مبارڪ توکي.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:      مٺا يار جاني، جَنم ڏينهن مبارڪ،

          سدا ماڻين جواني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

مصرع:

1-

دعا توکي راجا، نصيبن ۾ هردم،

 

سدا ماڻين جواني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

 

2-

لڳايو تو دل سان، وري يار ميلو،

 

گهڙي هيَ سُهاني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

 

3-

هجين شال اقبال سان، يار خوش تون،

 

ڪرين حڪمراني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

 

4-

هجن دُور دُشمن، لڳئي واءُ نه ڪوسو،

 

دُعا دل سان جاني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

 

5-

سڏي ۽ سنڀاري، سڄي راڄ کي تو،

 

ڪئي ميزباني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

 

6-

ڪيا ڪرم قادرُ، مٿان تنهنجي ”مائلَ“،

 

ڪيئي ربّ احساني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

 

7-

تمنا هي مسڪين جي آهي هردم،

 

وسئي رَنگُ رَباني، جَنَمُ ڏينهن مبارڪ.

 

نوٽ: فرزند ڪيڊٽ راجا سهيل احمد جي سالگره 14 مارچ 2001ع تي محمد رمضان ”مسڪين سروري“ جيڪو مصري فقير مرحوم جو ننڍو ڀاءُ آهي، اِهو بيتُ ۽ ڪافي موقعي جي مناسبت سان لکي هئي، جيڪا سندس ڀائيٽي مصري فقير جي شاگرد امداد علي ولد گُل محمد فقير اُن موقعي تي ڳائي اُن جي وڊيو ڪيسٽ به ڀريل آهي، هي دُعا آهي جيڪا الله سائين فقير صاحب جي قبول فرمايئندو. آمين

 

نظم منسوب

 

قائدِ عوام جناب ذوالفقار علي خان ڀُٽو صاحب

 

وزيراعظم پاڪستان

”چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي“

ٻُڌ ڏئي ڪَنُ هاڻ تون

 

اي قومف جا قائدِ عوامُ

جو ڏنو ٿئي مَلِڪ کي

 

سو پڻُ چڱو آهي نِظامُ

ٿا چَوَن اسلامي سوشلزمُ

 

اُنهي کي عام جامَ

هَر ڪَهين کي نالي اِن کان

 

ٿيا ڪئين آهن اوَهامَ

پَرَ اڃا گهرجي اسان کي

 

رُوحَ هُو اسلامَ جو

اَصُل مقصَد آهه جو

 

قرآن جي پيغامَ جو

 

 

 

تو اُڪاريو قوم کي

 

ڏاڍو هي مشڪل آهه لَڪُ

نيڪ نِيّت تنهنجي هُئي جو

 

ٿي وياسون سِڀئي هِڪُ

قوم ٿِي مثل مُهانڊو

 

تون بَرابَر تَنهنجو نَڪُ

مُلڪ دُشمن جي دِلن تي

 

تو هنيو ڏاڍو آ ڌَڪُ

ٿيو تڏهن تو ساڻو ساڻي

 

مــــالــــڪِ پَــــــــروردگــــــارُ

۽ مُهابي مصطفيٰصه

 

مليو وِڃايلُ ٿئُون وَقارُ

 

 

 

جُستجو ئي پارٽي پي.پي

 

ٿي توکي آ سلامُ

تو ڏنو ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾

 

آ قومَ کي پُختو پَيامُ

تُنهنجي هِن منشور باعثِ

 

توتي ٿيو عاشقُ عوامُ

تنهنڪري آهي گهڻن جي

 

ئي زبَان تي تنهنجو نامُ

ٿِي مَڃي، دُنيا سَڄي

 

توکي سُوا ڪِن مُنڪرَن

فِڪرُ ڪو ناهي ڀَلي

 

حاسِدَ سَڀيئي سي سَڙن

 

 

 

تو سُجاڳي آندي ذهنن

 

۾ آ اهڙي پائدارُ

جنهن ڪري پيدا ٿي

 

خيالن ۾ آ وَسِعت ذِي وقارُ

تون ٿو چاهين هِڪُ ٿِين

 

مِسِڪينُ ۽ سَرِ مائيدارُ

مِل جي مالِڪَ سان ڪرڻ

 

مزدورُ چاهِين هُمڪنارُ

تُنهنجي دل ۾ دائما

 

انصافُ هر ڪنهن لءِ رَهي

پَست حالت قوم تي ٿو

 

آبُ اکين تو وَهي

قوم لاءِ بيشڪ اَٿئي

 

قُربانيون ڏاڍيُون ڏِنيون

ٿو چَوان پَڪَ سان نه اهڙيُون

 

ڪنهن به ليڊرَ کان پُنيون

مُلڪ و مِلت جي مخالف

 

جون جَڙون توئي ڇِنيُون

ڪاميابي لاءِ تنهنجي

 

ڪيترَن باسِيُون ڪُنِيُون

ٿي گهڻن گهَر گهَر گهريُون

 

تو لءِ دُعائون ذوالفقار

تنهنجو حامي تڏهن آهي

 

مالِڪ خود مختيار

 

 

 

فرضُ سَر انجامُ پنهنجي

 

قومَ لءِ توئي ڏِنا

”قائِدِ اعظم“ بعد

 

ڪنهن کان نه ڪي آهِن پُنا

عامَ جَلسن ۾ ڪڏهن

 

ليڊَرَ نه تو جيئن ڪي رُنا

چَشمَ آلوده سُرُخُ ٿيا

 

جيئن ٿيندي آ حِنا

دردمندي کان سِوا

 

ٿو ڪيرُ روئي ڪنهن لءِ يارَ

مُخلص جا مُلڪَ لءِ

 

پَڌرا پِيا هي آهن پارَ

 

 

 

ذهنَ ۾ سَمجهي چڱا جي

 

تو بَنايا هي وَزيرَ

ڄامَ، سَيّد، خواجه، ڪَٽپرُ

 

ٻيا بَلوچ ۽ رئيسَ، ميرَ

پنهنجي کاتن ۾ ڪَيئون ڇا

 

تون اچي ڏِسُ تِن کي وِيرَ

سنڌُ جي ٻيڙي ڇڏي

 

چاٽهي تنين ئي آهي سِيرَ

ٿو ٽَٽُون ٽارو ٿئي

 

تازيءَ اِشارو ئي رَواجُ

تون به تيئن ڪرِ ڪو تَنين جو

 

سيگهه مان اهڙو علاجُ

 

 

 

جي کنيوَ ڊئريڪٽِ اي - سي

 

ڪِينَ ڪُجهه ڄاڻن ٿا سي

ڪئين ٿيا ڊي. ايس. پي

 

چڙهيا سفارش سَاڻَ جي

جنهن ڏني تجويز هيَ

 

افسوس ان انسان تي

مُلِڪُ جي ڪمَ ڪارَ ۾

 

ماڻهو اٿئي بي لوثُ ڪي

ٻيا سڀئي هِنف دؤر ۾

 

پنهنجو ڀرِن پيا پيٽُ يارَ

پارٽي ۽ چيئرمينُ ان جي

 

کي ڪن سي پيا خوارُ

ڪيترَن جا ماري حقَ

 

جُونيئرَ به سينئرَ ٿي ويا

عُمِر جي محنت وِيَن سي

 

رات ڏينهن روئن پيا

هن عوامي دؤر ۾

 

اهڙا ڪچا ڪمَ ڇو ٿيا

جي سپاهي جا نه لائقُ

 

اي. ايس. آءِ، سي ئي ٿيا

اهڙي صلاحن تي سَدا

 

افسوس آهي عاقلنَ

ڪئين ڪيا ڪَمَ نازيبُ

 

اهڙائي اوهان جي نائِبَن

 

 

 

ڪِيئن غلط سمجها ويا

 

سؤ چوڏهن ۾ جي ڪئي لٿا

جي رهيا باقي وڃي سي

 

ڪيئن سچا سمجهيا ويا

پنج آڱريون هڪ جهڙيون ناهن

 

سُڪن گڏ آلا ٻَريا

دؤر پي پي ۾ ڀلا

 

اهڙا ڪچا ڪم ڇو ٿيا

ڪاتي مُڏيءَ سان سِيرَ

 

تِن کي يارَ ويئي جا وَهي

ذَبحُ سَولا ڪينَ ٿيا

 

مَڪِروهُ ٿي سي ويا سڀئي

 

 

 

سردارَ، رئيسَن ۽ وڏيرن

 

مان هَلي ويئي مُخلصِي

تَــــن جي پئــــي ڪاهــــي ارادَن

 

۾ آ ڏاڍي سرڪَشــــي

وَئِي وڪــــوڙي ڏاڍو تِــــن آ

 

ڇــــو ڀَــــلا خــــد مَطلبي

آهي جنهن لءِ ڏاڍي بَندش

 

اصُل کان ئي مَذهبي

انــــسان ئــــي انــــسان ســــان

 

هيــــڏو ظلــــم ڪــــن زوردارَ

حيوانيت کــــان ٿي مٿي ويا

 

نــــاهي ڪــــا ڪنهن تي ميارَ

 

 

 

پَستي اَخــــلاق ٿــــي

 

مَاده پَرستي ڪيو ڪمــــالُ

نوجــــوان اڪثــــر پڙهــــي

 

ٿيا قوم لءِ آهين وَبــــالُ

قوم جي آئنده جــــو ٿــــو

 

ڪونه ٿئــــي ڪنهن کي خيالُ

جي رهيــــو اهــــڙُ ڀــــلا

 

نوخيزه نسلن جو هــــي حــــالُ

پوءِ خدا حافظ اســــان جــــي

 

مُلــــڪ جــــوئــــي دوســــتــــو

مــــاجرا ڪهــــڙڙي ٻُــــــــڌايان

 

روئــــي روئــــي دوســــتــــو

پنهنجي فطــــرَت جي مطابقُ

 

هــــر بَشــــرُ آ عيبــــدارُ

پنهنجي عيبــــن کي ڏســــڻ کان

 

پو ڏجــــي ٻي کــــي مَيارُ

هِيــــئــــن ئي يا هُونئن ئي

 

چاليون وڃي پنهنجون سُڌارُ

ناهي ڪرڻو ڪنهن به ٻي کي

 

ڪنهن اڳيان ڪنهن پَر خُوارُ

اهڙي طــــرز ناروا ســــان

 

ٿي نه سگهندو ڪو درست

توکي هن حالات ۾ هر وقت

 

رهڻــــو گهڻــــو ئي آهــــي چُست

 

 

 

ٿا رَهَن بــــي چــــيــــن ســــڀ

 

نــــاهــــي تحفظ فردَ کــــــــي

پنهنجــــي هــــٿ ۾ اڄ کنيــــو

 

قانُون هرڪو پيو هَلي

مَحِوَ حيــــرت آهيــــان

 

ڇا ڇا نه پيو اڄ ڪلهه ٿئي

هِنَ گندي ماحول ڪــــو

 

مرد مشڪل سان بَچي

مَحِوَ ٿو ”مائلُ“ رهــــي

 

شب روز گهِري غُور ۾

ڪيئن ڀــــلا ڪــــوڙي ســــچي

 

جي پَــــرِکَ پئــــي هــــن دؤرَ ۾

18 جولاءِ 1975ع، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ڊولپمينٽ) آفيس سنڌ، تغلق هائوس سڪريٽريٽ ڪراچي

نظم

قائدِ عوام تنهنجي آهه- جُرُت کي سلامُ

تنهنجي هِشمَت، تنهنجي غيرت- تنهنجي همت کي سلامُ

عزمِ ڪامل ساڻُ هئين- بي باڪُ بلڪل يار تون

منزل ٿي محتاج، تنهنجي آهه- قسمت کي سلامُ

پنهنجي دُشمن تي سدا غالب- رهين سان رَعِبَ و تابَ

تو نَمايا ناٿَ ڪيئي- تنهنجي حرفت کي سلامُ

ٿئين سياسي آسمان تي- ”مائلُ“ چوي تون چنڊَ جيئن

تنهنجي روشن رمز کي- ۽ آهِه شُهرت کي سلامُ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org