سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:12 

بيت

قومَ پنهنجي لءِ قرب جو- لُوٺن نه آهِه لڳاءُ

وڏيرپ جو روز ڪن- بلڪل وڏو بچاءُ

جي اکيون پٽين اندر جون- ته سَڙيَن پوي سماءُ

درد دنيا جو اٿن- گَهرو اندر گهاءُ

سڏائين ٻاهر سيرُ ٿا- پر پِرِتِ نه اندر پاءُ

حسد، هَوسَ جو لڳي- اهڙو ڪو ويُنُ واءُ

جو ٿورو ڏجين ٿو کڻي- طلبن وارو تاءُ

ته عقلئون وڃن آئوٽ ٿيو- ۽ سڌُ نه رهين سماءُ

سِڪَ نه رکن سَريرَ ۾- جو ڪنهن کي اچي ساءُ

لوٺن منجهان لاءُ- مورهئون ويو ”مائلُ“ چئي.

 

30 جنوري 1977ع، ڊاڪٽر رشيد جو گهر، ڀليڏنو ڪاڪا

 

بيت

ڪَاڪَن واري قوم جو- آهِه حافظ هاڻ خدا

هيءُ تنظيمون رڳو تن جون- رُڳو ٺلها آهن کوکا

عهدَن تي آڪَڙجِيو- رڳو وڙهن پيا

انصاف نه رکن اندر ۾- رڳو رکن رِيّا

مَڇِن جي مثال جيئن- ٿيا آهن کِکا

مولا وجهين من ۾- هاڻي چڱي ڪا

ته خدمت ڪن ڪا خلق جي- اُتم آهي جا

ڪلفت ڪڍين قلب مان- ته سائين ٿين سَوَلا

محبت ملي ڪن پاڻ ۾- ڪڍُ رُلن جا رولا

جو ”مائلُ“  چوي مولا- تون قادر آهين ڪُلَ جو.

12 اپريل 1975ع، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، حيدرآباد

 

بيت

 

هجيوَ لعنت لوڪ جي- ۽ جيئري ٿيو مُردار

پاڻ ئي پنهنجي پاڻ ۾- سڙيا هجو سنگسار

جو ”مائلَ“ مون مسڪين لءِ- خالي کائو خار

الله سائين اَٿوَ- واحدُ الُقهار

ٿورا ڏينهن مون کي- به آهي انتظار

وقت گذري گواه ٿي- پڌرا ڪندُوَ پار

”مائلَ“ مون مسڪين جو- آهي مولا مددگار

جو جلّ جلاَل جبّار- قادر آهي ڪُلَ تي.

 

17 مارچ 1975ع

بيت

 

”مائلَ“ مون مسڪين جو- آهي حافظ هو خدا

موڪل اوهان مڙني کي- آهي هاڻ ادا

کنئي ته اوهان جي ڪانه مون- اڃا آهي هَڙَ ڪا

جو غلط ڳالهين تي لڳي ٿا- ڀُليل کائو ڀَڙِڪا

چوان ٿو چِٽِ چڙهي- سچي ڳالهه صفا

ته مون کي ڪيو مولا- آهي مٿانهون مِڙِن کان.

17 مارچ 1975ع

بيت

 

جنهن جي سائين ڪندو سوَلي- تنهن کي ڪندؤ ڇا

اوهين اجايو دل ۾- سڙيا سوچيو پيا

”مائِلُ“ چوي مُرم ڪريو- انڌا ڏسو نٿا

اکيون وَئِيوَ پُورجي- جهڙا نابينا

حسد ۾ هَڄي ڪري- سَڙو، ٻَرو پيا

مون ته ڪڏهن ڪانه کنئي- اوهان جي هَڙَ ڪا

جو دل ۾ اوهين دڙڪا- ٿا مارڻ جا ڏيو ”مائلَ“ کي.

17 مارچ 1975ع.

 

بيت

 

قدرت جنهن جو ڪم ڪري- تنهن سان پُڄندو ڪيرُ

دُشمن ڀلي دِل ۾- کني ڪيڏو رکي ويرُ

ڪِي به نه ڪري سگهندو- جو هُن جي مَن ۾ ميرُ

الله سائينءَ وٽ دير آهِه- پر ناهي يار انڌيرُ

ذليل ڪري تنهن ظالم کي- ۽ پَٽِ نه ڇڏيس پيرُ

توڙي هجي پاءُ يا- توڙي هُجي سيرُ

جو پَروَرُ پاڻ نبيرُ- ٿو ”مائلُ“ ڪري تنهن ماڻهوءَ سان.

17 مارچ 1975ع

 

بيت

 

سا قوم رهندي قرب سان- جنهن ڀَلو مِلي ڀوتارَ

ويهو پنهنجي پاڻ ۾- ڪَن انصاف سان آچارَ

۽ ڪَنِ جو ڪچهريءَ وچ ۾- هِڪ ٻي قول قرارَ

پورو ڪن ٿا پاڻ ۾- ڪريو انتظارُ

اخلاق اهڙي سان هَلن- جو وٿي نه پوين وارُ

جو آهي هَر ڪنهن ڳالهه جو- انصافَ تي آڌارُ

انصاف ري نه اڳتي وڌي- قومن جو ڪردارُ

”مائلَ“ پو معيار- ٿو مِلي تن کي مُلڪَ ۾.

19 ڊسمبر 1976ع، ڳوٺ مارُو ڪاڪيپوٽا، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو سکر.

 

بيت

 

پيا آهن هر قوم ۾- اڃا تخريب ڪار

تن بُرن جي براين جون- آهن عادتون اِظهارُ

طرف تن جو سو وٺي- جيڪو رِيا ڪار

سچا نه ساٿي تِن جا- جو آهن سمجهدار

جي پابندي اُصول جي- ڪن گڏجي سڀ اختيارَ

ته ويتر ويڇا نه ٿين- پيار رهي رڳو پيارُ

ائين قومن جو ڪردار- ”مائلَ“ وڌي ٿو ملڪ ۾.

19 ڊسمبر 1976ع، ڳوٺ مارُو ڪاڪيپوٽا، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو سکر.

 

بيت

 

قومون ڪن جي قُربُ- محبّت ”مائلَ“ پاڻَ ۾

۽ رکن سدائين هڪ ٻي- جو احترام، ادبُ

نيّت کوٽيءَ جو نه ڏين- هڪ ٻي کي سَبَبُ

اندر رکن اخلاق کي- جيئن مسلم چوي مذهب

ته راضي مٿن رسولصه ٿئي- ۽ ريجهي پوين ربّ

۽ ڀائيچاريءَ بَلبُ- روشَنُ رهين رَحمتَ سان.

19 ڊسمبر 1976ع، ڳوٺ مارُو ڪاڪيپوٽا، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو سکر.

 

بيت

 

پنهنجي ٿو پناهَه ۾- جنهن کي الله رَکي

ته ڍولُ ڍَڪيس اهڙو- جو لوڪ نه ڪڏهن لَکي

۽ دونهون سندس درد جو- ٿو دِل ۾ تنهن دُکي

جيئن چمڪي چوڏهينءَ چنڊ ٿو- بِرهَه ۾ تيئن بَکي

۽ دم دم سندس ديدار جي- سو چاهئون چاٽَ چَکي

جنهن کي سائين سنڀاليو سِڪَ مان- پرواهه ڪهڙي تنهن کي

جو عشق سندس ئي ان جي- پيو پهرين ڏينهن پُکي

اهڙي عطا الله جي- ٿيندي آ تنهن کي

اصل نه ٿيندي اُن کي- ”مائلَ“ محتاجي ڪنهن جي.

 

بيت

ڪهڙي طرح ڪاڪي کي- ٿا چريو اوهين چئو

ڪپڙا ڦاڙي، گاريون ڏي- يا ڪُڄاڙو ٿس ڪِئو

يا ڪنهن سا بي واجبي- ادا ڪري پئو

يا اوهان مان ڪنهن جي- ڪا کائي آ هَڙََ وِئو

ڪهڙي خبر اوهان کي- ته ڇا ٿَس ٿئو

جي ڏسو اندر جي اکن سان- پائي ڪو لِئو

ته هي مَستي محبّت ۾ مَچي- جيئري آهِه مُئو

۽ مَرڻ بعد حيات وٺي- جَجهو آهِه جِئو

جي آن هوند پيچ پِئو- ته مُورِ نه چئو ها ”مائلَ“ کي.

 

16 فيبروري 1975ع، ملير ڪينٽ ملير هالٽ ڪراچي.

 

بيت

ڪَڏي واري مرد کان- ڪري هرڪو ڪَئُه

بي هَمت ماڻهوءَ کان- بلڪُل نه ڪنهن کي ڀَئُه

هِمت وارو هر ڪنهن کي- تُرتَئون ڏي ٿو تَئُه

غُرور ڪَري جيڪو- ته ماري اُن جو مَئُه

جو الله سائينءَ سان ان جي- لڳل آهِه لَئُه

اندرُ رهيسِ ايئن ٿو- ته پيرين نه ڪنهن کي پئُه

چوي پنهنجي پاڻَ کي- ته سچُ سڀِن کي چئُه

قلبئون پنهنجي ڪريمَ وٽِ- نياز منجهان ئي نئُه

ڪڏهن نه وِڪِجي ڪنهن وٽِ- کڻي ڪِروڙُ ڏي ڪو سَئُه

جو ربّ انهي کي رمزُن جو- ڏنو اهڙو رئُه

تڏهن جوشن منجهان جئُه- مُورِ نه هٽي ٿو ”مائلَ“ جو.

16 فيبروري 1975ع، ملير ڪينٽ ملير هالٽ ڪراچي.

 

بيت

مردُ انهي کي مڃجي- جيڪو رَکي ڪَڏو

هَلي وٽِس اچي ڪو- ته لَڄائي نه تَڏو

دشمن دسي ائينءَ ٿو- جو جُهريس هَڏو هَڏو

ويتر وڙِهيو تنهن سان- کڻائيس لَڏو

چون ته مڙس ته ڦڏو- نه آهي جيءَ جڏو

”مائلَ“ سوئي مُلڪَ ۾ سَڏِجي ٿو وڏو

باقي اَڳِڙِنِ جو گُڏو- ڪم نه ايندو ڪنهن کي.

15 فيبروري 1975ع، ڪاٽن ڪارپوريشن 11:30 بجه صبح، ڪراچي

 

بيت

ظالم سڀ زبونُ- قادرَ ڪر تون قهرَ سان

مِڙِني تي ”مائلَ“ کي- مولا ڪر مَسِنُون

جنهن کي تنهنجي طلب جو- جيءَ ۾ آهِه جُنون

سو محبّت ۾ مَفِتون- آهه روز اَلستَ کان.

¤

12 محرم الحرام 1395هجري، هالا

 

بيت

”مائلَ“ مون مسڪينَ جي- پَرَوَرُ آهي پُٺِ

ڪيرُ به پَٽي نه سگهندو- هاڻي منهنجي مُٺِ

ريّا ڪارن ۽ ڪُوڙَن سان- جوڙي ڪندسُ جُٺِ

جو لالُ ڏني آ لَٺِ- مون کي محبّت مستيءَ جي.

 

1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع، فضل الحق سومرو، سيڪشن آفيسر فنانس ڊپارٽمينٽ وٽ، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، ڪراچي

 

عنوان: ڪَاڪَن واري قوم

 

بيت

 

ڪاڪَن واريءَ قوم کي- گڏُ ڪيو ”ڇُٽي پيرَ“

جو نَيو پرهندو نمازَ هو- مَٿي درياءَ سِيرَ

جنهن کي الله ۽ مُرشد جي- هُئي اندر ۾ اُڪيرَ

نائين 900 صديءَ جي سَنَ ۾- اَڪمَل تنهن اڪثيرَ

وِرِڇُ ڏِني تنهن کي وليءَ- نِرمَلَ نوحرح فقيرَ

آهن غوث حق جا- ”مائلَ“ مِير مُنيرَ

تَنين ئي تَقديرَ- بَدلائي آ ڀَالَ ڪري.

 

11 ڊسمبر 1976ع، 19 ذوالحج 1396هجري، ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا

 بيت

 

ڪِلو نو ڪِيائين قَربَ سان- پِرتِ هَڻي پادَرُ

اِشارو اُلفت سان- تنهن نِرمَل ڏنو نَرَ

”ميان ڇُٽا“ مُور نه وِهيَئي- قومَ انهيَ اَکرَ

ديهه پينگهارو، ڪاڪا ۾- سي ويٺا ڪري گهَرَ

پينگهارو رَعيَتي، ۽ لَڙَهَه جا- ڪِن ورتا وڃي بارڊر

ڇَپَر خان ديهه ۾- ڪي ويٺا ڪري وندرُ

ڪِن اِهانجو، جمالي ديهن ۾- جوڙيا مَنهَن منظرَ

چوڏهن آهن ڳوٺ- ۽ ٻيا ڇِڙوڇِڙ گهَرَ

سَتَ راڄِي پئي سڏجي- سا اندر ۽ ٻاهر

تپو پينگهارو، تعلقو هالا- ضلعي حيدرآباد اندر

پڌرا اُنهن ڳوٺن جا- آهن انگ اکرَ

سنڌُ سڏين تنهن صوبي کي- جا کُلِيَل آهِه خَبرَ

جنهن کي بابُ اسلامُ ڪيو- ڏُريَئُون آ داوُرَ

جِي آ،ل جئي پئي، جيئندي- جنهن قائم ڪيو قادُرَ

سَتَن پاڙَنِ مان وڌِي- ويڙها ويا آخر

تنهن جي سُڃاڻَپَ لءِ- رکيئون نالا نِشانبرَ

خبرَ پنهنجي ڪُرَ- ”مائلَ“ هيءَ منظُوم ڪئي.

11 ڊسمبر 1976ع 19 ذوالحج 1396هجري. ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا.

بيت

وڏو پاڙو ٿا چَون- پهرئين ”عيساڻي“

”سيٺار“، ”ڳاها“ گڏُ ٿيا- اُنهن سان ساڻِي

”مَرکِيو“، ”اڳهَم“ به گڏُ ٿيا- گَڏِيَنِ ”شَريفاڻِي“

”سِيراچَ“، ”فقيرَ“ پاڻ ۾- ۽ گَڏِيَنِ ”ڪَڪِڙاڻِي“

پوءِ ”چَنيسَرَ“، ”ٻُوڪَ“ هئا- ۽ ٻِئا هُئا ”ڪاراڻِي“

باقي ”قاسِماڻي“- ويٺا هئا وِچ تي.

 

بيت

 

اُتر ”ڀليڏني“ ڳوٺ کان- ”قاسمُ“، ”خدا بخشُ“

ڏکڻ ”پير بخشُ“ ۽ ”بيگُو“، ”بَچلُ“ تنهن ڀَرِ ۾.

 

بيت

اُلهندي اسان جي ڳوٺ کان- آهن ”سيراچون“، ”ڦُل“

اُڀرندي ”مُنڌو“، ”دِلاور“ ٿيا- ”پَريو“، ”خيرو“، ”بچلُ“

ٿو ”بچلُ“ سڏجي ”ميان ڇُٽو“- جِتِ آهِه اسان جو اصل

ڇِروڇڙِ اوڏيءَ ڇَڪِ ۾- ۽ ”ڪَڪڙاڻِي“، ”ڪارو“ ڪُلِ

”مائلَ“ هليلُ هُلُ- جهجهائيءَ جو جُوءِ ۾.

 

11 ڊسمبر 1976ع 19 ذوالحج 1396هجري، ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا.

بيت

 

تُرتُ ٺاهي تنظيمَ تو- بَد نيتيءَ سان بيڪارَ

پَڌِرا پهرين ڏينهن هُئا- پِٽيَلَ سندءِ پارَ

پنهنجي پَڳَ بچائڻ لءِ- چٽُ ٿي وڇايئي ڄارَ

سُتو پيو هئين پَلنگَ تي- منجهيلَ جيئن مُردار

قومَ سڏَڻَ ۾ ڪُڌا رکيئي- رُڳو ساهيٽَن سارَ

غَريبن کي سڏڻ جا- اندر نه آيئي آچارَ

جو تو سمجهيو رهندا- منهنجا انهن سان وقار

کائي پنهنجي تون وئين- عقل کان ئي مارَ

يا مورهئون موڙهل ڪي مليئي- غـلط صلاحڪارَ

ويجها پنهنجي پاڻ کي- رکيئي اهي ئي يار

۽ تنهنجي هلڻ جا انهن جي- مَشِورَن تي مدارَ

جن ويجهو اچڻ نه ڏنئي- سُلجهيلَ سمجهدارَ

جن جي نظر ۽ قلب ۾- قومي هئا معيارَ

۽ مرشد سندي محبت جي- تن ۾ هُيَن تارَ

تِن ڏنا توکي ان ڏينهن هئا- اهڙا ئي اقرارَ

ته ڪمُ ڪندي جي قوم لءِ- ته ڪُلهو ڪُلهي ۾ يارَ

انهن جي هي اندر ۾- اڳئي هئا آزارَ

ته ڪماليت جا قوم کي- پَسايون ڪي پارَ

حالتون اهڙيون هيون- سچ پچ ته سازگارَ

جو آيا البت انهن کي- به اُن تي اعتبارَ

۽ خوش ٿي ڪيئون وقت جا- ويٺي انتظارَ

پَرَ گُذري وقت گواهَه ٿي- پَڌِرا ڪيوَ پارَ

ظاهر ٿي هَر ڳالهه وئي- ٿي فاتح ويا سچارَ

مِلي ويا آهن خَاڪِ ۾- ڪوڙَنِ سندا ڪارَ

جو ڏٺو هر ڪنهن کي پئي- سائين ربّ ستارَ

”مائلَ“ پڌِرا مُلڪَ ۾- مرد مڻيادار

ڳالهيون تِن ڳڻين ٿا- وريو وريو ويجهارَ

جو قادر ڪُل مختيار- مَرَهِيُن محبّت مان کڻي.

 

11 ڊسمبر 1976ع 19 ذوالحج 1396هجري، ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا

نوٽ: هي بيتُ علي بخش ڪاڪا جيڪو اُن وقت اسسٽنٽ ڪمشنر هالا هو، ان ميٽنگ قوم جي سڏائي هئي. جنهن بابت منهنجي نظر ۾ جيڪو هو مون هِن بيت ۾ لکيو آهي. ”مائلُ سروري“.

 

بيت

 

ميٽنگن مان مُور- ماڻهو نه ٺهن مَلڪ جا

جيسين نه ڪڍبو قلبن مان- فِتنو ۽ فُتورُ

۽ ايجنڊا ۾ انهن جي- رکبو نه نيت نُورَ

ته ويتر ويڙهائينديون پاڻ ۾- ۽ ٿيندا هڀڪ ٻئي دُور

ڪج بخثثن، ريّاڪارن ۾- ويندو وقت ضرورُ

۽ هر ڪنهن کي رهندو- پنهنجو پنهنجو سُورُ

ايندو نه ڪنهن جي قلب کي- سچو ڪو سُرورُ

نيّت رکبي نيڪُ پوءِ- ڪندا سڀِ منظورُ

۽ صحيح سوچُن جو سَرِيَر ۾- پل پل رهندُن پُورُ

ويندو تِن جي وجود مان- غِيبت ۽ غُرورُ

هر هِڪُ ”مائلَ“ رهندو- محبت ۾ مسرورُ

پوءِ ٻارُ، جُوانُ ۽ جُهورُ- خوشيون ڪندو پيو خلقَ ۾.

  

11 ڊسمبر 1976ع

19 ذوالحج 1396هجري

ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا

 

بيت

 

جنهن قوم ۽ ڪَيڙَ ۾- آهي نه انصافُ

ٿيندي هِڪَ ڏينهن وڃي- آخر اُها آف

”مائلُ“ چوي اي ماڻهِوئا- ٿو سچ پچ چوان صافُ

لوڪو ناهي لاف- ٻُڌو هِينئين جي ڪَنفنِ سان.

 

11 ڊسمبر 1976ع

19 ذوالحج 1396هجري

ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا.

 

بيت

 

نه ڪَنِ نه سَهَن- نه ڪي ڏِيَن ڏَڍُ

پاڻان وِجهن وَڍُ- اچو ”مائلَ“ مَنَ کي.

 

11 ڊسمبر 1976ع

19 ذوالحج 1396هجري

ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا.

بيت

 

عَادِلَ نام الله جو- اُن سان گڏُ حڪيمُ

قادر خلقِي قدرت آ- هو آهي پاڻ عظيمُ

محبّت ۾ جو مولا جي- رهي مستقيمُ

ته وَهَبَ انهيءَ کي واحِد ڏي- رازق ربّ رحيمُ

نظرَ انهيءَ تي نُورَ جي- ڪري نبيصه ڪريمُ

مولا ڪري محبت سان- اُن جو قلب سَليمُ

هِنَ جهان ۾ هلڻ لءِ- فائق ڪريس فهيمُ

پاڪَ عشق جي عِلم سان- غفّار ڪريس غنيمُ

قادرُ سائين سان- پنهنجو ڪريس ڪليمُ

رهيس پنهنجي ربّ ڏي- اندرُ سدائين عليمُ

قادر پَسائين قدرت ٿو- جيڪا آهي قديمُ

نوازشن ساڻُ نعيم- ”مائلَ“ ڪري تنهن ماڻهوءَ کي.

 

بيت

 

جو ماڻهو پنهنجي مولا سان- من ۾ رکي محبّت

ته ڏسي پنهنجي پاڻ ۾- الاهي عبرت

ته قادر رکي آ قلب ۾- ڪيڏي وڏي قدرت

ٺاهِي هِڪَ هنڌ ڪيئن آهه- فائق هيءَ فِطرت

حقيقت ۽ معرفت- گڏجي رهن ٿيون دل ۾.

11 ڊسمبر 1976ع، 19 ذوالحج 1396هجري، ڇنڇر شام، آچر رات ڀليڏنو ڪاڪا.

عنوان: ٿر جو سفر

ڏهر

اڪمَل کي عرض ڪيو- هو علي بهادَر پيرَ

ته ڪامل ڪيو قرب ڪو- والي وَرِنهَه وِيرَ

هلو ٿَرَ ۾ ٿَرِن ڏي- جنين اندر آهِه اُڪيرَ

مُريد مڙَئي تنهنجا- آهن اُهي اڪثيرَ

اُن تي اڪمَل انئين فرمايو- مسند نشين مُنيرَ

ته هاڻ انهن ڏي هلبو- ”ونهيل“ وِيرَ وزيرَ

پروگرام پَڪي ڪرڻ جي- ڪريو ڪا تدبيرَ

قادر قُربائتن جي- ڪئي موچاري تقديرَ

جو فيض ڀَرئي فقير- اچي ڀِٽُن تي ڀيرو ڪيو.

 

ڏهر

ڀِٽُن تي ڀيرو ڪيو- قربئون اچي ڪامِل

حيدرآباد مان هليا- هئي پهرين جت منزل

گڏ هليا هئا گوهر سان- ڪيئين محبتي ”مائلَ“

ڪلمي جي تنوار جا- هئا هيڪاندا هُل

اسٽيشن تي استقبال لءِ- هئا ماڻهو گهڻئي بيٺلَ

ڪي محبّبتي ڪي مريدُ- ڪي سيڪڙو سائل

ٿي ريل رُڪي جنهن جاءِ تي- اتي اُن مهل

ٿي محبتي مڙيا اچيو- جن هئي ڪامل ڪَلَ

سلام ڪيئون ٿي سِڪَ مان- نمي کي نِرمَلَ

جن هئا هَارَ هٿن ۾- اُنِ پاتا اچي اُنَ پَل

صورت ڏِسيو سُهڻي جي- ڪي ئي ٿيا قائلَ

اهڙو طرح اڪمَل- ماڻهو مڙئي موکِيا.

 

ڏهر

 

ڀِٽُن تي ڀيرو ڪيو- ڀَلي ڪري ڀالُ

سو سَن تيرهَن سؤ ستااَسي- هجريءَ وارو سالُ

تاريخ ڇهين ڏينهن خميس جي- سُڻي سوالَن سوالُ

مهيني شعبان ۾- اچي جڏن پَسايئين جمالُ

سرورُ چڙهي سوارُ ٿيو- ٻُڌي هُئن حالُ

ته ههڙي هاديءَ جو هو- هلڻ وڏو محالُ

پر ڪاملُ ڪري ڪمالُ- ڀلو ڀِٽُن تي آيو.

 

ڏهر

 

ڀَلي ڀِٽُن تي آيو- ساٿ وٺي سردارُ

حيدرآباد کان هليا- جتي هو کوکڙا پارُ

تن ۾ خليفو خاص هو- هِڪُ سيّد سمجهدارُ

حاجي فتح الدين شاهه- جنهن جو ڀَرمُ رکي ڀَتارُ.

 

ڏهر

 

جو مَڃي نه منهنجي مُرشد کي- سو بلڪُل بي ايمان

”مائلُ“ تنهن مُرشد جو ڇا ڪري بات بيانُ

اُهو مُرشد مهربانُ- ڀَلي ڀِٽُن تي آيو.

بيت

 

چيمُ انهن کي چِٽو ٿي- ته صلاح آهي سَوَلِي

ڪنهن توبچيَ تِکي کان- ڪا هَڻايونِ گولِي

يا پيرَ کڻي پڪو ڪري- ۽ گهَرايو ڪولهي

۽ حسابُ رکون هيءُ- جي ڳالهه اٿو کولِي

فورن سمجهي سا وئي- خَفِتِن جي ٽولِي

ته ٻولي جا ٻولي- سا ”مائلَ“ وٺو ميڙَ جي.

 

بيت

 

اُتران هَڻَڻُ پنجوڙَ جِي- تُرتئون ڪيون تِياري

اولهه رسيُون ڪُتن جون- جي موچارا ماري

اوڀَرُ ڪَڙو ماڻهن ڏيو- جنهن گهيري نه هُجي گهاري

ڏَکِڻان تَڙيونِ تاءَ سان- ڪري کُڙڪا کنگهڪاري

۽ فائز بندوقن جا ڪري- ڌُوڌَٽَ ڌَڌِڪاري

گهوڙَنِ ڀَلَن سوار ٻئا- چَڙهيلَ چؤڌاري

ڦاٽ کائن جو پوئتي- ڪجو هَڪَل هَاهَاري

ته آخر لهواري- ڪندا رُخ رَسِيُنِ ۾.

 

بيت

 

جي رَسيا رُخَ رَسِيُن جي- ته ڪَپَ کائيندا تِن

ڪڍي ڇڏجو ڇوٽَ مان- اُنهي مهلَ ڪُتنِ

ته مِلي مڙَئي انهن کي- هِڪدَم وڃي دَسِن

اُن کان پوءِ وٺن- ڪاري ڀوري کي.

بيت

 

اڃا به نڪرَن نه ٿَمَ مان- ته باهن ڪري بَڇَ

اٿو باڊيءَ اهڙا- جيئن ٽِهاڻي وَڇَ

بُل ڏِينِ بيمان جي- ته هَڻِجونِ ڏَڦا ۾ ڪَڇَ

جيئن ڪُتا آهِن سَلهاڙِيا- ريڙهين ۾ سان رِڇَ

تيئن ٽَنگُن سان گَڏُ پُڇَ- بِلڪُل ٻَڌِجو بيمان سي.

 

ڏهر

 

مهر ڪري ميهار تي- آيو سروري سُلطانُ

جنهن وٽ ”جُهڳليي“ ڳوٺ ۾- مُرشد ٿيو مهمانُ

تاريخ سورهين، آچر رات- ۽ مهينو شعبانُ

 ۽ سترهين سومر رات- ميهار هو ميزبانُ

نالو انهيءَ نِرمَل جو- آهي محمّد زمانُ

سو سترهين پَڳَ سروَر جي- شاهي جنهن جو شانُ

”طالب المولا“ تنهن کي- ٿو سڏي سڄو جهانُ

اهو ڪامل قريشي آيو- الله وارو انسانُ

صورت سندس کي ڏسي- آڻين ڪَئين ايمانُ

”مائلُ“ ڪاڪا ڇا ڪندو- تنهن ڀُورل جو بيانُ

ٿو دليئون ڏي دانُ- سچن، صديقي سُلڇڻو.

ڏهر

 

تنهن ڀَلي ڀَلا ڀالَ ڪري- سُرهو ڪيو سڀ ٿَرُ

جي سِڪيا سالن کان پئي- تن اجريو هاڻ اندرُ

اُهو اجهو ۽ آڌرُ- ڀلي ڀِٽُن تي آئيو.

  

ڏهر

 

سچو صديقي سُلڇڻو- آيو موچارو مهمانُ

ڪنهن کي اِيءُ نه ڪڏهين- هو رڳو وهمُ گُمانُ

ته اڪمل ايندو اَڀَرَن تي- ايڏو ڪري احسانُ

پر ڪامل آيو قرب سان- سائين سرتُ سجانُ

تنهن مرشد آئي ملڪ ۾- وَڌيو مريدن جو مانُ

تنهن وڻَ ٽِڻَ سڀئي واسيا- ۽ خوش هر انسانُ

ڀِٽُن کي ڀَلو ڪري- ٿو سُرهاڻ ساڻ سُلطانُ

سا سُرهاڻ منجهس سائينءَ جي- جو صاحب ربّ سبحانُ

وصفون منجهس واحد جون- جنهن قادر مُڪو قرآنُ

جو مڃي نه منهنجي پِيرَ کي- سو بِلڪُل آ بي ايمانُ

”مائلَ“ تنهن مُرشد جو- ڇا ڪري باتُ بيانُ

سو مُرشد مهربان- ڀَلي ڀِٽُن تي آيو.

ڏهر

 

ڀلي ڀِٽَن تي آيو- ساٿ وٺي سرورُ

تِن ۾ ”بَچُو راڄڙُ“، ”لاکو“، ”رونجهو“ ۽ ”ڦوٽو“ ذات کوکرَ

”بابُو“، ”لاَلو“ مهربان- ۽ ”محمد بخش ميربحر“

۽ ماڻهو هِڪُ وساڻَ جو- نالي ”غلام حيدر“

مِڙَئي مُريد، مُراد وند هُئا- هو هر هِڪُ ڊرائيور

جي هِمت ساڻ هليا پئي- گاڏِيُن هڻي گيئرُ

لا اِلــٰھ الا الله محمّد رسول اللهصه- قلبئون ڪري ذِڪرُ

اهڙُ سُهڻِو کنيو ثمرُ- ساٿ هليو پئي سروَر جو.

ڏهر

 

اڃا انهيءَ ساٿ ۾- هو ”تاجُو ميربحر“

جنهن ڏنو هر رات ٿي- پهري جو چڪَرُ

”صالحُ خاصخيلي“، ”الهه بچايو مري“- به هردم هئا حاضرُ

”محمد“، ”لُقمان“ ملازم هئا- جن ”پير علي بهادُر“

اسان سڄي ساٿ جو- اَڪملُ آهي آڌرُ

اِهي مهربانيون مُرشد جون- جو ڪيئين نيڪ نظر

ڪيو سُرهو هيءُ سفرُ- الله سائينءَ اسان جو.

 

عنوان: مختلف موضوعن جا بيت

 

بيت

 

صدقي توتان ساهه- پرين ڪيو مون پنهنجو

”مائلَ“ کي محبت ۾- مرڻ آهي مباحُ

ڄاڻي هِڪُ الله- رَهيو آهينم رُوح ۾.

11 رمضان المبارڪ 1391هجري 1 نومبر 1971ع، حيدرآباد کان ڪراچي ويندي رستي ۾.

 

بيت

 

اگهِيا در عجيب جي- جي هليا منجهارئون حُبّ

پائي پانڌُ ڳچيءَ ۾- عجز ساڻ ادبَ

ڪرمين مِلن قربائتا- ٻيا سڀئي آهن سبب

راضي ٿين ربّ- ”مائلَ“ مليا محب سان.

 

بيت

 

عجيب اڄ ڏني- خاصي خوش خبر

ته عاشقن لءِ اسان جا- کُليلُ آهن درَ

”مائلَ“ مليا محب سان- ٿيا سجايا سفرَ

واليءَ ڪيا ورَ- پُنِيون مرادون مَن جون.

 

بيت

 

پُنيُون مُرادون من جون- ٿيا لايا سجايا

”مائلَ“ محبتن جا- ٿيا سفر سجايا

جي پِرِين کڻي پياريا- سِڪَ مان سجايا

ڀلارن ڀلو ڪيو- بَخت ڀِڙايا

عِجزئون جي آيا- اُهي اگهِيا در عجيب جي.

بيت

 

”مائلُ“ مِليو مُحِبتَ سان- ويا ويڇا وارَ

ڏِنا اچي ڏُکويل کي- عجيبن آڌار

فذڪروني اذڪرڪم- سڄڻ لڌي سارَ

”مائلَ“ محبتن جا- ٿيا ٻيڙا پارَ

ڪرمَ ڪيا ڪلتار- ڪي ئي اڄ ڪِنَن تي.

 

9 رمضان المبارڪ 1991هجري 10 آڪٽوبر 1971ع، هالا کان حيدرآباد ويندي بس ۾.

 

بيت

 

مُلڪ اسان جي ماڻهن ۾- گهڻئي خود مطلبَ

تِن هَٿِ مهل نه اچئي مُورهئُون- ڪي ٿيا ابِن الوقت

اڪثر عادتن اهڙن سان- ٿين بِلڪُل بدنيت

”مائلَ“ بَچائين مولا تون- سائين اهڙي صحبت

جو مَنَ مان تِن محبّت- نڪري ويئي نياز جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org