سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:8 

ڪافي  (سُرُ لوڙائو)

ٿل: اُميد آهي لهنديس وڃي لر کي ووڙي، اديون عشق آري جو ويو اٿم وڪوڙي.

مصرع:

1-

پُڄيوَ جي ڀَلائي ڪريو مدد مونسان، نه ته به جهليو ڪيم جيڏيون وَرَ ڏي وڃڻ کان،

 

ڏاڍي تائي آهيان وَرَ جي وڇوڙي..

 

2-

ڪيان ڳالهه ڪهڙي ڇا گذري ٿي مون تي، پَتو پو پَويَو جي گذري اوهان تي،

 

ويو نينهن ان جو نِڌر کي نِهوڙي.

 

3-

نه آهيان لُوٺي، جو محبت لڄايان، انهي ئي ڪري پئي پُٺي پنهل ڪاهيان،

 

ڀلي سور سنڌُ سنڌُ ڇڏن مون اُلوڙي.

 

4-

مُيس جي ويندي واٽ ته به پَهتيس پُنهون کي، ڪنهن پر ڪانهي ميارَ ڪا اوهانتي،

 

لکين مون کي مهڻا ڏِيو طعنا توڙي.

 

5-

پُڪارُون پورهيت جون سُڻي ساڻِي ٿيندو، مهجوري ”مائلَ“ وٽ پنهون پاڻهي ايندو،

 

سڄو حال چونديس جيڏيون تنهن کي جوڙي.

 

14 صفر 1395هجري/26 فيبروري 1975ع، 07:45 خميس جي رات ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي بس ۾.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:

وڏي شوق سان پئي ٿئي منهنجي شادي، الله سائين ڪندو هيءَ شادي آبادي.

مصرع:

1-

پرينءَ پيار اهڙا ڪيا آهن مونسان، سڀڪنهن سان سائي ڪيان ڳالهه سِڪَ مان،

 

هلي پاڻ مون وٽ آيو آهي هادي.

 

 

2-

سرور نوح جو سو سُجاده نشين آ، محبت مان مون وٽ ٿيو اڄ مڪين آ،

 

هالن ۾ ئي آهي گوهَر تَنهنجي گادي.

 

 

3-

هٿن سان اچي موڙون محبّت ٻَڌائون، سَر گشتُ سِڪَ جو قربئون ڪرايئون،

 

محبّت جي ڏياريائون هي مُلڪن مَنادي.

 

 

4-

سو مولا جو طالب ڄڻ آيو پُٽن سان، اهو هڪ ٿو سمجهان رهيو اٿم مٽَن مان،

 

انهن جي دُعا سان آئون ٿيندس اولادي.

 

 

5-

مهرباني مرشد ڪئي ايڏي مون تي، نٿو يار سمجها ڪيئين ڪنهن ٻئي تي،

 

وَسايئين وحدت سان منهنجي دل جي وادي.

 

 

6-

ڏنئين جاءِ اهڙي پنهنجي دل ۾ مون کي، خبر کين آهي ناهي ڪَلَ ڪَهين کي،

 

عشق پنهنجو دل ۾ ڏنئين اِنِفرادي.

 

 

7-

مِڙي مِڙن مونکي ڏنيون لالن لائون، تنهن ڪيفيت جي ڪهڙي ڪيان ڳالهه آئون،

 

پُڄايئون پرت مان منهنجي مَنَ مُرادي.

8-

ڪيائون نينهن سان نيٺ منهنجي نيکيٽي، روحاني رمزن سان جهين دلڙي ريٽي،

 

رحمت ساڻ ربّ جي وسي وِرِهه مُرادي.

 

 

9-

مان مسڪين”مائلُ“ هُئس ڪنهن نه جيڏو، آهي پاڻ جيڏو ڪيئين ڪرمُ تيڏو،

 

قبوليو جهين جي عشق ۾ استادي.

28 فيبروري 1975ع، هالا شريف  ڪريم ڏنه چنه جي جاءِ اٺاس بنگلي ۾ پوري ٿي.

نوٽ: 10 ڊسمبر 1975ع تي شادي ٿي، ليڪن ڪافي اڳواٽ بي اختيار لکجي وئي ۽ ٿيو به ائين ئي. جيڪا مون پاڻ ڳائي هئي جو ان وقت منهنجو آواز تمام سريلو هو. جنهن استاد محمد جمن مرحوم باجو وڄايو ۽ الهرکيو ميراثي ڍولڪ تي هو.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:

جِي ا، جِئي پئي، جئندي سدا سنڌ، رکي شاد آباد اسان جي خدا سنڌ.

مصرع:

1-

الله سائين ان کي رکيو آ سلامت، اَبَدَ کان اَمُن ۾ تائين قيامت،

 

مخالفتن جو مولا سدا ساڙيو سَنڌُ سَنڌُ.

2-

نِرمل نوح رحه، قلندر ۽ جنهن ۾ ڀٽائي، آهن ٻيا به تِن ۾ ڪئين اوليائي،

 

پرت مان ڏيکاريو پروَر جو جِن پَنڌُ.

3-

سِنڌنِ ڪئي سڀن سان مهمان نوازي، خدمت خلوص ۾ کنيئون هي بازي،

 

کڻي ڪين تڏهن ڪو تَن آڏو ٿو ڪنڌ.

4-

سڃاڻن ٿا جنهن کي مڙئي مسلمان، دنيا سڄيءَ جا، فقط نه آ پاڪستان،

 

سا ئِي بَابُ اسلامُ اصلَ کان آهي سنڌ.

5-

ٿين جي ڪي هن جا اڳي پوءِ دشمن، ٻُڌن سي ئي کولي پنهنجا هاڻ سڀ ڪَنَ،

 

ڪري ڪجهه نه سگهندا اکين تي اٿن انڌُ.

6-

صَدِنِ کان سا سنڌڙي رکي داتا دائم، ڪَرَم ساڻ قادر ڪيو اٿس قائم،

 

وَسايو آ واحد تنهنجو هرڪوئي هنڌُ.

7-

چئي ”مائل“ محافظ جنهنجو آ مولا، تهين کي ڪندا ڇا رُلِيَن جا هي رولا،

 

اجائي هو پنهنجي وڃائن پيا وِنڌُ.

 

2 مارچ 1975ع، آچر صبح هاءِ اسڪول هالا جي هيڊماستر الحاج شفيع محمد ڪپري صاحب ايس.ڊي.او ميل هالا وت سندس رهائشگاهه تي لکي وئي.

 

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

          ٿل:   تو نه ڪيو جي درد جو دارون،

                پاڻ ئي ٿي پنهنجو درمانُ.

 

مصرع:

1-

انهي ڪري اٿئي مون کي وساريو،

 

محبت جو نه سڃاتُئي مانُ.

 

 

2-

دلڙي پلڻَ تان دلبر ٿيان ڪيئن،

 

حيرت ۾ ڀلا آئون حيرانُ.

 

 

3-

پيار کي پاپُ جي تو آ سمجهيو،

 

اُنَ جو ڪيا مان ڇو ارمانُ.

 

 

4-

منهنجي محبت توسان سچي آ،

 

ناهي جنهن کي ڪو نقصانُ.

 

 

5-

سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي،

 

ٻُڏندي نه، جو ٿَس قرب ڪپتان.

 

 

6-

پيار ڪرڻ سچو سولو هجي ها،

 

ته عشق ڪري ها هر انسانُ.

 

 

7-

پاڻ کي پيچُ به اللهج ئي پارايو،

 

ٻي صورت ۾ هو نه امڪانُ.

8-

ماٺِ مُٺِي آ، مِٺي  ماٺِ آهي،

 

وِرهُه نه ڪنهن پَرِ ڪَري ويران.

 

 

9-

الله سائين دلين جو مالڪُ آهي،

 

سڀڪي ڏسي پيو سو سبَحانُ.

 

 

10-

عشق سچو چئبو ان کي آهي،

 

نيڪ نيت جو جنهن ۾ نيشانُ.

 

 

11-

ڏوهه فقط تنهنجو يار ڪيم هيءُ،

 

طلب سَندُئي جو ڇيڙِيمُ تانُ.

 

 

12-

دل ٿي گهُريئي ڇا ڇا ٿئي ڪيو تنهن سان،

 

درد تهين جو وڏو داستان.

 

 

13-

من ۾ محبت سِڪَ ئي سَمائِي،

 

اُلفت سچي کي مليم اَمانُ.

 

 

14-

تون جي وَئين ته به محفوظ محّبت،

 

ڳايان تڏهن ٿو ٿي مان ڀانُ.

 

 

15-

تون جي جدا ٿئين جِي پونداسون،

 

رُوحُ ۾ گڏ هُو آهي رَحِمانُ.

 

 

16-

تو جي ڇڏيو ته هٿن تي کڻي ويو،

 

نِرمل نوح فقير مهربانُ.

 

 

17-

اصُل کان آهيون ان جي پناري،

 

اَڪِمَلَ تنهنجي اچي ڏنم امانُ.

 

 

18-

قُلبُ هي قرب سان هردم پڙهي پيو،

 

قادر جو هو ڪريم قرآنُ.

 

 

19-

”مائل“ کي ڏنو محّبت سان تنهن،

 

ڪرمُ نظر ڪري مٿانهون مانُ.

 

19 صفر 1395هجري/13 مارچ 1975ع- خميس جي ڏينهن مصري فقير جي جاءِ تي حيدرآباد.

نوٽ: مرشد سائين طالب الموليٰ جن جي ناراض ٿيڻ تي بي اختيار لکجي ويو، انهن سان منسوب آهي.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:

محّبت مان مرشد ڏنو پنهنجو مَشِرَبُ، رستي اِنهيءَ تي ڏٺوسون وڃي ربّ.

 

مصرع:

1-

چئي لا اِلہٰ اِلاَ اللهُ ڪيم دست بيعت، مُحَمّد رَسُولُ الله سان وڌي ويئي محبّت،

 

دم دم سان چئي پيو قلب ڪلمو طَيّبُ.

 

 

2-

ڏني مونکي ساڃاهه جي هاديَ هدايت، اٿم هر ڪهين لاءِ مَنَ ۾ محّبتَ،

 

مڃيو ٿم مُحّمَد جو دل ساڻ مذهبُ.

 

 

3-

ڏنئين پردو پرتئون شريعت جو شاهي، قلبئون قبوليم سو دينُ اِلاهي،

 

مشرق کان پهتو وڃي هو جو مغربُ.

 

 

4-

طريقت، حقيقت، معرفت ملياسون، اڃا پڻ اڳي گم وحدت ۾ ٿياسون،

 

ڏسان قلبَ ڪعبي ۾ وَنَحَنُ اَقَرَبُ.

 

 

5-

هُنَالِکَ الوِلاَيَةُ للهِ الَحَقُ سو، مالڪ ڪُلَ جو آهي جَلاَلھ جو،

 

”مائلَ“ کي مليو سو سائين سڀ جو صاحب.

 

14 مارچ 1975ع، حيدرآباد

ڪافي  (سُرُ لوڙائو)

ٿل: عشق ته پاڪ آهي ذات، تخليق ڪائنات جي جنهن ئي ڪرائي.

مصرع:

1-

مُحَمّدصه پيدا پهرين ڪرايئين نُورَ تهين مان جهان جوڙايئين،

 

انسانَ جي الله کي صفات پسند ڪرائي تنهن خلقائي.

 

 

2-

عشق اصل کان ئي آهي اعليٰ پهرين ڪيو آهي پاڻ ئي مولا،

 

ڏاتَرَ ڪَيُسِ وڏي ڏاتِ الله وارن وٽ الستئون آئي.

 

 

3-

مظهرُ جنهن جي مَنَ ۾ ڪري ٿو ڏيل ۾ ڏاتَرُ سوئي ڏسي ٿو،

 

هردم دليئُون، واتِ سوئي حق جي واري وائي.

 

 

4-

ڏاڍ نه تنهن ۾ ڪوئي آهي سراسر محبّت سوئي آهي،

 

قرآن جي منجهه آيات ڪٿي نه لکيل اهڙي ڳالهه آ ڪائي.

 

 

5-

گهر تَڙَ ڪڏهن ڪين نه وساري پاڻا وسريلَ ياد ڏياري،

 

منجهس طلب رڳي تاتِ هن ۾ سچي رڳو سِڪَ سمائي.

 

 

6-

اول منزل سِڪَ آهن جي آخر منزل نڀائڻ تنهنجي،

 

ڪري مقابلو هر حالات ڏُکن سُکَن سان تنهن ئي نڀائي.

 

 

7-

عشق اچڻ جي مُند ئي ناهي ڪنهن به وقت هو ايندو آ ڪاهي،

 

جيسين انسان حياتِ پر پهرين ايندي آ ان جي پاڪائي.

8-

هُن جي اچڻ سان قلبي قُوَتون سواءِ محّبت ختم ٿين ٻيون،

 

 

 

هِنَ وٽ هڪڙي ئي لات نڪريو وڃي ٿي ٻي سڀ ٻِيائي.

 

 

9-

امتحان عاشقن تي ايندا آهن پَرِکَڻ لاءِ پَرَ ڏاڍَ سي ناهن،

 

ڪئين سِرَ اَڏيَ ۽ ڪات ڪِن ئي قبولي محبت مَرڪائي.

 

 

10-

آزمائش انهي ڪري آهي ايندي سچي محّبت تن جي آ هوندي،

 

اُلفت تن جي اثرات ثابت قدمي ٻين سِکائي.

 

 

11-

مقصد جنهن لاءِ هِتِ ماڻهو آيو شال ٿئي سو سانگُ سجايو،

 

فضول ٻيا فڪرات هڪدم ڇڏي وٺو صاف سچائي.

 

 

12-

مُحَمّدصه جنهن محبوب بنايو ٽِڪو ڏاڍائي تنهن نه لايو،

 

اهڙا الزامات تنهن تي ڏيڻ ڪا ناهي چَڱائِي.

 

 

13-

عشق ڪاملُ چئبو اُن کي آهي ربّ سان جيڪو ٻانهُو مِلائي،

 

انکي نه چئبو آفات هر ڪيفيت هن جي رڳو آ ڀَلائي.

 

 

14-

عشق سچو يارو الله جو آهي سندرو ٻَڌو تنهن لئه سِڪَ جو ساهي،

 

باقي ٻي سڀ بات عُمِرِ وڃائڻ آهي سجائي.

 

 

15-

عشق  سچو جنهن کي آهي لڳندو محبت ۾ سو ماڻهو آ مچندو،

 

تنهن قلب ۾ قرب قراءت اصل نه پڙهندو ٻي ڪا وائي.

 

 

16-

اڻانگو ان کي ڪيئن چون ٿا خبر ناهي ڇا سمجهن ٿا،

 

هيهات، هيهات، هيهات شايد تن وٽ ناهي سچائي.

 

 

17-

فطرت جنهن جي ”مائلَ“ محّبت ڪيئن سو سمجهيئون آهي هيَ حيرت،

 

جو قادرُ ڪُلَ ڪائنات پرور تنهن وٽان ٿيو پيدائي.

17- مارچ 1975ع، هالا


 

 

ڪافي  (سُرُ تِلنگ)

 

ٿل:      عشق ڪيو انجنيرُ، محّبت واري ماپ ڪرڻ لءِ.

 

مصرع:

1-

ريگيوليٽرَ رُوحِي ڪنٽرولُ ڪيون ٿا، گيجُ گوندرَ سيڪنڊُ سيڪنڊُ ڏسون ٿا،

 

پرتِ پاڻي نه وڃايون پاءُ سيرُ، ڏنئين ڊيوٽي اسان کي اُن جي ورهائڻ لءِ.

 

 

2-

پيار پِچِنگِ برهه بَندنِ تي ڪرايون، جو ڇِرڪَن ڇوليون وڃن ٿيون تِن کي کايون،

 

تن پائِڻ پائي جنهن ويرَ، تدبيرون ڪيون تنهن جي رُخ ڦيرڻ لءِ.

 

 

3-

جنهن دل درياءَ اچي اُلفت آب ڪلاني، اُنَ بِرهَه بندنِ تي وڃيو ٿيون ٿا مڪاني،

 

ڪٿِ بيهون نه ڪوئي پيرُ، بچاءَ ڏيون بندَ تنهن کي ٻَڌڻ لءِ.

 

 

4-

عشق اسڪيمون آهن اهڙيون پڙهايون، مَئِپِ پلين محّبت ٺاهوڪا ٺاهيون،

 

اينهين ٺاهي نه سگهندو ٻيو ڪير، علم عطا ڪيئين جڳ جي جوڙڻ لءِ.

 

 

5-

محّبت، محنت مِلي مولا کان ”مائلَ“، حڪمت حشمت سان رهون حبّ تي حائِلَ،

 

ٻيو اَيرُ نه ڄاڻون ڀيرُ، عملُ ڪيون انسانَ ٿيڻ لءِ.

 

23 اپريل 1975ع، حيدرآباد کان ويندي بس ۾ ميان جمال نوشهري فيروز وارو  ۽ عبدالغني ميمڻ اسسٽنٽ انجنيئر روڊس ويٺل دڙي ضلع ٺٽو ٻنهي جي وچ ۾ ويٺي لکيو ويو.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:

پيبو سورن کي رهبو دردن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

مصرع:

1-

جڏهن ٻڌڻ وارا ئي ڪينهي ڪي، تڏهن سُورَ ونڊَڻ لءِ اچن ٿا سي،

 

ڏبو تن جي مُنهن مذڪورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

2-

جيڪي پنهنجا اچي سُورَ ٻُڌائن ٿا، دل، ذهنن تان بار لاهن ٿا،

 

ڏبو تَنُ تِن ته سمورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

3-

تڪليفون تِن جون سڀئي ٻڌبيون، همدرديون هُنن سان ڏاڍيون ڪبيون،

 

تِن ٻارنِ، جُوانن، جُهورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

4-

پنهنجي سورن جي سامَ پاڻ جهلبي، تڪليف نه تن جي ڪنهن آڇبي،

 

ڪبو پيار پنهنجي پُورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

5-

جي هڪجهڙا ماڻهو سڀئي هجن ها، ته تڪليفون ڪنهن تي ڪين اچن ها،

 

ٿبو ڏک ۾ شامل رَنجُورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

6-

مُنهن پنهنجي ويڌَن کي پاڻ ڏبو، ڪنهن پَر به نه ڪنهن ٻئي کي چئبو،

 

نه هلبو، غلط دستورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

7-

سچي نيت خلوص سان ڪبي خدمت، وڌ ناهي انهي کان ٻي نعمت،

 

محتاج، سَڄَن، معذورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

8-

سڄي حياتي ٻينَ لءِ وقف ڪبي، هي آهي قرآن ۾ حڪمُ ربّي،

 

ڪبي مدد مڙن مجبورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

9-

ڪري ڪم ڪُليئي قادرُ ٿو،م پر ٿئي ٿو ذريعو ظاهر جو،

 

ٿئي سَڀڪي سندس منظورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

10-

رکي توّڪل ربّ تي حيلو ڪبو، ته الله سائين پاڻ وسيلو ٿيندو،

 

پنهنجي پختن ارادن پورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

11-

نقارو نينهن وڄائي مَنَ ۾ مدامي، عشق جي عَلَم کي ڪبي سِڪَ مان سلامي،

 

رهبو عشق جي گڏڌ عاشورن سان، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

 

12-

مِثالُ محّبت ڇڏ اهڙو ”مائلَ“، قربئون ٿِين تنهنجا ڪيئي قائِلَ،

 

تون عاشق رهُه خوش سورَنِ، نڪي ڳالهيون ڪبيون نڪي دانهون ڏبيون.

 

28 اپريل 1975ع، هالا

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:     

مرادون منهنجي من جون مولا پڄائين، مونکي محب منهنجو تون جيئري ملائين.

مصرع:

1-

وئي قُرب ۾ جنهن جي دل آهي ڦاسي، رَهان هر گهڙي ٿو انهي لا اُداسي،

 

وري تنهن جون واحد واڳون ورائين.

 

 

2-

سدائين تون وڇڙيل ملائين ٿو مولا، ڪرين ڪم سڀن جا اي سائين تو سولا،

 

سندم عرض آگا اِهو تون اَگهائين.

 

 

3-

ناهي ڪو ٻيو در وڃان ڪيڏانهن ڪاهي، سوا تنهنجي در جي ڪا ٻي واهه ناهي،

 

مهابي مُحّمدَصه سدا سُڻ تون سائين.

 

 

4-

هي ”مائلُ“ آ تو وٽ سٻاجها سوالي، ورائج نه تنهن کي دران پنهنجي خالي،

 

انهي کي تون بخشج لڱين توڙي لائين.

 

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:     

تنهنجي چال ڪئي آهيان چري ڙي چري،

ٿي جيئري آهيان مري جُهري ۽ مري.

 

مصرع:

1-

هَنيئي مست نظر جو وارُ ڀَري، دِل مَستي سان سرشار ڪري،

 

ٿئين پوءِ ڀَڄي تون يار پري، وري ويجهو نه آئين يار وري.

 

 

2-

پڪ ڄاڻ پرين آئون تنهنجي آهيان، مون تي ٻاجهه ڪريو آئون اَهنجي آهيان،

 

ڪنهن طرح به ٻي ڪنهن جي نه آهيان، سُڻي سمجهي نه ڪر تون ڌار وري.

 

 

3-

بيٺي ”مائلَ“ کي ڏٺي ڏوراهون، ڪري ڪيئن ٿو آهون ۽ دانهُون،

 

پرين پاهون آئين نه پير ڀري، جو تنهنجي وڃي ٿي ڌار سَري.

 ڪافي  32

ٿل:      ڀيڄ پاڳارا- منهنجا هالن وارا

سرور سائين

مصرع:

1-

قلبن تي تنهنجا قائم آهن

 

قرب قرارا- منهنجا هالن وار

 

سرور سائين.

2-

قدمن ۾ تنهنجي ڪوڙين آهن

 

ڪَلَنگِن وارا- منهنجا هالن وارا

 

سرور سائين.

3-

مٽ نه سندُءِ مورهؤن مرشد

 

نرمل نيارا- منهنجا هالن وارا

 

سرور سائين.

4-

پيارا پنجنَ جو پيارا توسان

 

پيغمبر پيارا- منهنجا هالن وارا

 

سرور سائين.

5-

عشق تنهنجي هنيا ”مائلَ“ من ۾

 

عجيب اوتارا- منهنجا هالن وارا

 

سرور سائين.

نوٽ: هي ڪلام ڦوٽو زرداري پير صاحب پاڳاري جو ڪلام ڳائي رهيو هو وڪيو ڪاڪا جي اوطاق ۾ ”ڀيڄ پاڳارا ڪلنگي وارا سڪندر سائين“ شاعر ياد نه آهي ته ڪنهن جو ڪلام آهي، ان کان اثر وٺي اتي جو اتي لکي کيس مٿان ڳارايو ويو هو جو ڌُن به ساڳي هئي.

ڪافي  (سُرُ لوڙائو)

ٿل:

ڇڏيندس ڪڏهن ڪين جاني سندي جندُ، تنهنجهي ئي طلب ۾ مان رُوحئون آهيان رند.

مصرع:

1-

الله سائينءَ توکي ٺاهيو آهي اهڙو، ڏسڻ ۾ اڃان ڪين آيو تو جهڙو،

 

گهُمي ڏِٺيم دنيا ساري سنڌُ ۾ هِندُ.

 

 

2-

سِڪَ سان سَمايُون مٺا دل ۾ منهنجي، لڳُسُ ڪين اهڙو محبت ۾ ڪنهن جي،

 

سڄڻ دل کي ڇيڙي نه ڪر هاڻ تون ڇَندُ.

 

 

3-

نشي نيهنَ تنهنجي جي خُوءِ ئي خُماريو، نه ڀَنڃُ هيرَ هيرين اٿئي ڇو وساريو،

 

ڪندُس ماٺ ڪيئن جو محبت پيتُمُ مَندُ.

 

 

4-

يا ته مُورَهئون نه”مائلَ“ کي پرين پيار ڏين ها، پنهنجي عشق ۾ ئي شامل ڪرين ها،

 

طلَبَ جي نه ٽوڙِج سا لالڻ لڳل تندُ.

 

 

 

ڪافي  (سُرُ  تِلنگ)

ٿل:      مون کي خلقي خلقڻهار، محبت ۾ منظور ڪيو ٿئي.

 

مصرع:

1-

قرب ڪري جو قلب ۾ آيون وسريون تڏهن مون کان سڀئي وايون،

 

تنهنجي رڳو اٿم تارُ، طلب مان مون ۾ طُورُ ڪيو ٿئي.

 

 

2-

پنهنجي پاڻ کان پاڻ ڊڄان پيو، ڏيل ۾ توکي ڏاتر ڏسان ٿو،

 

مالڪ خودمختيار، بشر سان گڌ پُرنور ڪيو ٿئي.

 

 

3-

مُٺِ مٽيءَ مان بوتو بڻائي، پاڻُ ويٺين اچي اُنَ ۾ لڪائي،

 

اِهي سڀ تنهنجا آر، اهڙو اچي ڪو پُورُ پيو ٿئي.

 

 

4-

علمَ، حلمَ سڀ ڏاتر ڏنائي، توکي ڏسان ٿو مان هرجائي،

 

اهڙا ڏئي اختيار، محبت سان مسرور ڪيو ٿئي.

 

 

5-

همدم مون سان هردم آهين، ساهه سان ساڻي آهين سدائين،

 

ٿو پسائين پنهنجا پار، زور هي مون ۾ ظهور ڪيو ٿئي.

 

 

6-

جلال جمال جا جلوا ڏيکاري، ماري جياري جياري ماري،

 

ڏيهن جا ڏاتار، ”مائل“ کي معمور ڪيو ٿئي.

27 محرم شريف 1395هه 9 فيبروري 1975ع، آچر 11:30 بجه هالا شريف

 

ڪافي  (سُرُ تِلنگ)

ٿل:      همدم ٿئين نه تون حال پارُ، گوندر گذاريان روئي روئي.

 

مصرع:

1-

دل ۾ محبت ماتم مچايو، برهه جو ڏيئي بارُ،

 

پيرَ پويان ڪيئين قياس نه پيوئي.

 

 

2-

سمجهيم ايندين مون وٽ موٽي، اهو هُئم انتظار،

 

تون ته اڃائي آهين اُهوئي.

 

 

3-

پيار مان ڪنهن دم ڪين پڇين ٿو، ڇنڻ لاءِ آهين تيار،

 

ڪرڻ انهين ڪين واجب هوئي.

 

 

4-

کنئي شيءِ جو ڪو ملهه ئي ناهي، پاڻهي ڪيم توسان پيارُ،

 

ڪونه قدر ڪيئي تڏهن  ڪوئي.

 

 

5-

مون کان خطا هيءُ پار ٿي آهي، توکي ڪيم دلدار،

 

لوڙيان تڏهن ٿو پنهنجو ڪيوئي.

 

 

6-

الله سائين دلين جو مالڪ آهي، قادر ڪل مختيار،

 

سڀ ڪي ڏسي پيو سائين سوئي.

 

 

7-

ويندس پنهنجو وارو وڄائي، هي دنيا جو ڇڏي دار،

 

ڪوبه هتي ڪونه رهندو ڪوئي.

8-

گذري وقت گواهي ڏيندو، سچو هو ڪنهن جو پيارُ،

 

ثابت سجو ڪندو سِڪَ کي سوئي.

 

 

9-

جهوري ڏئي جيئن جاني جدا ٿئين، نيڻين وَهَن پيا نارَ،

 

ترس نه تِرُ جو پيارا پيوئي.

 

 

10-

داغ جدائي جا جي ڏئي وئين، روئي سي زاروزار،

 

دل تان ڇڏيندس آخر ڌوئي.

 

 

11-

مدد ”مائل“ جي ٿيندو مولا، ڏيهن جو ڏاتارُ،

 

خلقيو آهيان آئون جهنجوئي.

  

28 محرم شريف 1395هه، 10 فيبروري 1975ع

 

ڪافي  (سُرُ ايمن ڪلياڻ)

ٿل:      مَستُ قلندر لالَ، ساڻي سگهو ٿي هاڻي سيوهاڻي.

 

مصرع:

1-

هيڻن جا همراهه اچي رَسُ، لاکيڻان لڄپال،

 

پورهيت پُڪاري پيئي پازياڻي.

 

 

2-

مدد مُوڙَهلَ جي ڪَر ڪا قُربئون، جاني ڪڍ مان جنجال،

 

ويرِن ورايو آهي هاڻي.

 

 

3-

ظاهر باطن دُشمن دَسجَن، جن هي وڌا آهن ڪال،

 

سڏ پهرين سان ٿي تون ساڻي.

 

 

4-

سيّد سچا ڪر مهر نظر جي، هيڻا ٿيا ٿم حال،

 

وِرهَه ۾ آهيان وِيرَ ويڳاڻي.

 

 

5-

پرچي پرين مون سان پرت مان پاڻهي، جنهن کي ٿيا آهن سال،

 

اکريون وَهائن اُن لاءِ پاڻي.

 

 

6-

محبت ملي ٿين برهه بهاريون، ڏي ”مائل“ محبت مال،

 

پريت نئين ٿئي منهنجي پراڻي.

جمعرات 12 بجه ڪراچي، صفر 1395هه، 13 فيبروري 1975ع

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:

مونکي محب تنهنجي ڪائي ڪانه هئي ڪَلَ، هوس آئون به رکيو ويٺو رب تي تَوڪلَ.

مصرع:

1-

هي ڀُلجي به وهم و گمان ڪونه هو ڪو، قدم قرب جا ڪيئن گهمايا کڻي تو،

 

ڏسي اکيون ٺريون پرين توکي هنَ پل.

 

 

2-

هميشه سندم هي هيون آسون آتيون، پرين پرت مان ٿو ڪڏهن پائين جهاتيون،

 

پاڻهي سي پُڄايئي ڪري قربُ ڪاملَ.

 

 

3-

مٺا آئين، مون وٽ سندُئي لَکَ ڀَلايون، اَحسان عُمر ڀَر اهي تنهنجا ڳايون،

 

لاٿي لوڪَ جي تو اسان تان کڻي کِلُ.

 

 

4-

اِهي وَڙَ وَڙائتا ڪيا آهن توئي، اهڙا مان ڪنهنکي ڏِئي ڪونه ڪوئي،

 

محبت جا پنهنجي هِلي هاڻ ويا هُلُ.

 

 

5-

ڪَيُئي ڪَنڌُ ڪُرَ ۾ مٿي منهنجو ڪيڏو، ٻُڌم توکي جيڏو آهين تون ئي تيڏو،

 

نِمانو نوازيو اٿئي پنهنجو نِرملَ.

 

 

6-

برهَ باغَ ۾ ٿيون هي ڪيڏيون بَهاريُون، مُکڙيون ٽِڙيون سڀ ٽَهڪن ٿيون ٽاريون،

 

ڪيئي مونکي خوشبو مثل تون ٿئين گُلَ.

 

 

7-

نه طاقت زبان کي چئي ڇا ٻُڌائي، اهي قرب تنهنجا ڳائي ڪهڙا ڳائي،

 

پرين جي ڪيا ٿئي اچي پنهنجي ”مائل“.

14 صفر 1395هجري، 1975ع، اربع رات 07:15 بنگلو 12-D محمد علي سوسائٽي ڪراچي

 

ڪافي  (سُرُ مانجهه)

ٿل:

بيماري برهَه، ري مونکي ٻي نه آهي، اوهين ڇا پيا سوچيو ٻيو ڪجهه ئي ناهي.

مصرع:

1-

نڪو دل جو دؤرو، نه ڪا سائي آهي، جو سمجهو ٿا رت جي ڦُڙي ڪائي ناهي.

 

پَتو ڪين پوندو ڇڏيو هَر واهي.

2-

نڪي آهيان چريو نه دماغي خرابي، نه چَرسي موالي نه آهيان شرابي،

 

اِهو وَهمُ دل مان اوهين ڇڏيو لاهي.

3-

ڀلا منهنجي منهن ۾ اچي ڪيئن بشاشَت، وِرهه جي وڪوڙيو وڏي آ علالت،

 

خبر آن کي ڪهڙي ٿيو مونکي ڇاهي.

4-

ڀلا هاڻ چيڪنگ ڪهڙي ڪريو ٿا، مغز هي اجايو ڇا لئه هڻو ٿا،

 

خبر ڪنهن کي پوندي، ته قرب ۾ پيو ڪاهي.

5-

ڪريو ڪهڙي تشخيص ٿا هاڻ منهنجي، حقيقت ٻُڌائي اٿم صاف پنهنجي،

 

ٿيان چاقُ تڏهن، جڏهن هوئي چاهي.

6-

رَتي ماسَ جي تيستائين نه چڙهندي، ملي محب مونکي خوشي پوءِ ٿيندي،

 

سيڪنڊ ۾ وجهي ساهه سوئي جان ٺاهي.

7-

ڪڍي قربَ مان هُن اهڙي ڪانبلاٽي، کڻي دمُ سگهان ڪين ۽ مشُڪل حياتي،

 

وِيو سِڪَ جو سَندرو سڄڻ اهڙو ساهي.

8-

پيو جي اوهانکي آهي قياس منهنجو، بِلو هي ڪريو هلائي وَسُ پنهنجو،

 

محبت سان ”مائل“ کي ڪريو گاهي ماهي.

25 فيبروري اڱارو شام 4 بجه، بنگلو 12-D محمد علي سوسائٽي ڪراچي

 

ڪافي  (سُرُ تِلنگ)

ٿل:      ڀايان ڀال هزار، محبت ۾ منظور ڪيو ٿئي.

 

مصرع:

1-

علم عطا ڪئي توئي نرمل، تنهنجي ثنا ڇا ڪريان سُهڻل،

 

پاڻا پرين ڪري پيارَ، مونکي مٺا معمور ڪيو ٿئي.

 

 

2-

سِڪَ جي سُرڪي اهڙي پياريئي، وهمَ سڀئي دل تان وساريئي،

 

خاص چڙهي ويا خُمار، محبت ۾ مخمور ڪيو اٿئي.

 

 

3-

وَڙُ هي وڏا ٿو سَندُئي ڀايان، ڳايو، ڳايو ڳايو، ڳايان،

 

قلبي ڏنئي قرارَ، دُوئي کان يَرُ دُور ڪيو ٿئي.

 

 

4-

درد جي دل ۾ هزارين هُيڙا، تنهنجي نظر سڀ دور سي ڪَيَڙا،

 

لاهي اندر آزارَ، ”مائلَ“ کي مسرور ڪيو ٿئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org