بيت
ويو وَرَ وڃائجي- گوليَ کان پَرَ گسُ
مُور نه ڏي ٿو مُوڙِهل کي- ڏونگرُ سَندئي ڏسُ
ڪيئن ڪيان ڪيڏانهن وڃان- ڪونه هلي ٿو وسُ
رهبر سگهو رَسُ- ”مائلَ“ مون معذور کي.
بيت
رُليَ کان راهُون- وَيون وَرَ وڃائجي
ڏاڍيون ڪيان ڏونگر م دلبر ٿي دانهون
ڪري ڪَهل ڪُٺيَ تي- اچ تون اوراهون
آري سُڻي آهون- رَسُ ”مائلَ“ مون معذور کي.
بيت
وسيلو وَاهَرَ- وَرُ ناهي وِلهيَ جي
ڪريان پيئي ڪوهَن ۾- ڪيچَ ڌڻي ڪُوڪَرَ
اچي ٿيُ آڌر- ”مائلَ“ مون معذور جي.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
ڪو آپريشن قبول ڪري- ”مائلَ“ رهه مشغول
خدا ڏنو خير سان- داتا اُهو دستورُ
مولا بخشئي مَانَ سان- سدائين سُرورُ
رکبو هر ڪنهن ڪم م- نيڪ نيتي نُورُ
۽ عزم پُختي کان ڪڏهن وڃبو نه وَهلُورُ
قادرُ پنهنجي ڪرم سان- مالڪُ ڪندو منظورُ
ته پَروَر پهرين پُور- سائين رسائينو سائل تي.
18 اپريل 1978ع
بيت
سسئيءَ ساڻ نِڪاحُ- پُنهونءَ ڪيو هو پاڻ ئي
هُن جو ڏوهه نه آهِه- عشق لڳو هو آريُ کي.
بيت
پرينءَ وٽ پهچڻ لءِ- آهي طلبن منجهه تڪڙِ
حاصل ڪرڻ لءِ هوت جي- ڪندس وڏي وٺ پڪڙِ
جو وڪوڙيو وجود کي- وِرِهِه سندس جي وَڪَڙ
اندر سندس عشق جا- ٿا ڌڌڪا ڪن ڌُڪَڙ
سچ ٻڌايان صاف ٿي- هَنيون ناهيان هَڪَڙ
سو ”مائلَ“ مون مهجور تي- ڪريو اجائي نه آڪَڙ
جو لوحئون لڳل لاڪڙ- آ قُرب سندس جي قلب کي.
15 فيبروري 1975ع ڇنڇر 3:30 بجه، تُغلق هائوس،
ڪراچي
بيت
طلبن مان تڪڙي- آئون وينديس پنهنجي وري
جو اَڍيون دل آريَ سان- جيڏيون آهِه جڪڙي
جي هلڻو ٿو هاڻئي هلو- نه ته هلي ويندس هڪڙي
سُتل سور جاڳائين- لنئن جي هڻي لڪڙي
اَڪ تاري سندس جي عشق مان- ٿي ڌڌڪا ڪري ڌڪڙي
جو پنهون آ پڪڙي- منهنجي دل ”مائلَ“ چئي.
12 فيبروري 1975ع، سپر هاءِ.وي ڪراچيءَ کان
حيدرآباد.
بيت
چون برابر هيئن ٿا- ته تڪڙ ڪم شيطان
پر طلبون جنهنجي تائين ٿيون- سا وس ۾ رهي ڪانه
ڏيرَ جنهن وت راتڙي- اچي ٿيا مهمان
هُن ته کِليو کيڪاريُن پي- جو دل ۾ هُيس ڪانه
پر آڌي رات آريَ کي- هو کڻي ويا جُوانَ
پو طلبُن ويچاريَ تايو- ۽ وَسَ ۾ آهي ڪانه
اچي ننڊ سوريَ تي- هيَ فطرت آ انسانَ
جنهن کان حَقُ کڻي ويا- سا تَڙپي ڪيئن ڀلا نه
ڪجن ڪهڙا بيان مهجوري- تنهن ”مائلَ“ جا.
12 فيبروري 1975ع، سپر هاءِ.وي ڪراچي کان
حيدرآباد.
عنوان: پينگهاري ۾ ڪُتن ۽ خنزير جي شڪار بابت ٺهيل
بيت
بيت
پينگهاري ۾ پيدا ٿيا- سُورَ ڪي ڪنڌارَ
جن پيا ڪيا هِن پَٽ ۾- اهڙا آهِن آزارَ
کَراکا کايو ٿا وڃن- توڙي ماڻهو سُتَلُ ٻارَ
هَڏِڪِيُون ڏَيو ڊيڄاريو- هَرِ ڪنهن وڃن يارَ
لوڌيُون ڪئين بَڇڙائجي- کائي وئين هارَ
سوچون خَفِتِن جون به ٿي- بِلڪَل ويئيون بيڪارَ
حِيلا سَڀِ هلائيون- جيڪي منجهه شڪارَ
حالت ههڙيَ کي ڏسي- ويٺا ڪَنِ ويچارَ
اندر اٿن آچارَ- ته مارِيُون ڪيئن ”مائلُ“ چئي.
بيت
صلاحَ سمجهي سڀئي ويا- تُرتَئون ٿِي سي تيارَ
ته ڪرڻو آهِه هڪدم هي- شوقئون هاڻ شِڪارَ
صحيح سنبري سَڀِ هَليا- جوءِ انهي جُهونجهارَ
سوگهُو ڪرڻ لءِ سڀئين پرئين- ڄاڻن وڇاڻا ڄارَ
حيلا هلائي هوشياريءَ سان- ڪڍيئون نيٺ ڪنڌارَ
چڙهيا رُخَ رَسِيُن جي- ڪَيُن ڪُتن اهڙو ڪارَ
ڪيون ڪيڪاٽيون ڪاري جو- بند جي ويسُ بهارُ
هنجِي جهليس همت سان- بهادر بَلغارَ
پڇَڙڻُ پيسُ پوپٽُ ۽- ڪَنَن ڪاريهر ڌارَ
راڪيٽُ پُڻ رسيو وڃي- اُن کي اچي اُنَ وارِ
بند ٿيون بيمان جون- هُڏِڪيون ۽ هُڏڪار
ڪولهيءَ رسي ڪاري جون- ٻَڌِيون ٽنگون يارَ
ڀُوري کي به وَرائِيو- گهوڙن جي هِڻڪارَ
تِن ڊوڙي پُٺيان هُن جي- سُنبَن ڏَئي سَٽِڪارَ
آندئون طرف اُن ڏي- جِتِ پنجوڙَن جا ڄارَ
لڳو اچي سو لنگهه سان- جِتِ خَفِتِي خبردار
وِيُسِ وڪوڙي يارُ- ٻَڌئونس ٽنگهون پُڇَ سان.
بيت-7
خبر ٻُڌي هِيَ خوشيءَ جي- اَچي ميڙُ متو ماڻهن
کَڻائي هَليا خَفِتِي سي- سَگهَن هَمراهن
رَسا وجهي روبَ جا- ڪنڌُ ڏئي کي ڪايَنِ
ڀيَڙا ڀَليڏني ڳوٺ ٿيا- نزديڪ گُدامَن
زمين هڻي زنجير ٻِيا- وَڄَ ڀَڃي واڇُن
ڪڍيئون ڪُتا چارِ چارِ- جنِ دسيُن ڀَرَ پُٺَنِ
ڏِٺــــو مزو ماڻهن پي- هُئي وَهُوَا گهڻن واتَن
ساڻا ڪري سيکاٽي- ڏڦا هڻي ڪڇُنُ
ساهه ڪڍيئونَ سَريرَ مان- ڏُرُتُ لٿو ڏيهنِ
خَفِتِي سڀئي ماپيا- نٿي منجهه خوشين
جو محنت تن جي ثاب پئي- مالِڪُ مدد ٿِين
بيٺي وراڻيو وَهُوَا- ”مائلَ“ اُت ماڻهن
جو پينگهاري پَٽَن- خالق ربّ خير ڪيو.
27 سيپٽمبر 1979ع، بروز خميس 3:00 بجه شام، پنهنجي
اوطاق ڀليڏنو ڪاڪا.
عنوان: ڊرائيورُ
بيت
صحيح ڊرائيونگ سِکڻِ لءِ- ماڻهو نه آهن تيار
اڪثر مالِڪ هلائن ٿا- وڏا، ننڍا ٻارَ
ٻِيو وڌي ويا مُلڪَ ۾- ٽريفڪ جو آزارُ
احترامُ نه آهِه قانون جو- ٿيو سڀ ڪو خودمختيارُ
جي پوليس پَڪڙي ڪنهن کي- وجهي روب رعبدار
پئسن، پوليٽيڪل اثرن تي- سي وڃن هليا اُن وارُ
مُلڪَ اسان جي ماڻهن جا- اهڙا هَلن وَهنوار
جِتي ادا ٿيندو اهڙو- ڪرتُوتن ڪردار
غريبن مارَ گهڻي هَلي- وَڏَنِ نه رَهي ويچَارُ
عوام به ايهين ٿي ويو- جيئن شُتَر بي مهارُ
پڙهيل به جاهِلن جيئن ڪن- عملي قدم اظهارُ
جاهِلَ ته اڳي جَجها آهن- جِن ۾ ڪيئي سردارَ
افسوس انهن جي حَال تي- جِن پَڙهي نه پَروڙيو يارَ
پڙهن، پروڙڻ سان ٿئي- انسان ٿو بيدارُ
نه غور فڪرو ڪو يارَ- پَر توجهه نه ”مائلَ“ تربيت
ڏي.
عنوان: پوليس
بيت
جيئن ڪاتبَ لِکفنِ ڪُلهن تي- ٿا نڪيرُ ۽ مُنڪرُ
تيئن پوليس به لِکي پيپرَن تي- ڏوهن اکَرُ اکَرُ
انويسٽيگيشن بعد ٿي- ٿئي حقيقت ظاهر
ڪي لَکَن پَڪَن ڪتابن تي- ڪي اَڇَن پَنَن اندرِ
ڪو پوي اَچي جو وچ ۾- ڪو ماڻهو مُعتبرُ
ته ڪيس ڪڍَن پو ڪيترا- ۽ ٿئي ٿي درُگُزر
اهڙي طرح آخر- ”مائلَ“ هلي هي مُلڪ پيو.
¤
5 اپريل 1980ع، ڇنڇر رات 12:00 بجه، پوليس اسٽيشن،
سعيد آباد
عنوان: وڪيل
بيت
قلب واري ڪورٽِ ۾- ٿي وِحِدت جو وڪيلُ
الله سائينءَ جي اُلفت جو- مُثَبتُ ڏِجُ دَليلُ
ته تومان خوش ٿي خيال جي- اَندرَ جو اَصيلُ
ته جلُ جلاَلھ جليلُ- ڇڏائيندو وڇيهَن کان.
16 اپريل 1982ع، اڱاري رات 9:000 بجه، وڪيل احمد
قريشي جي آفيس، حيدرآباد
بيت
آ فڪرُ جنهن فصيح- قُرب واري ڪورٽِ جو
سو غلط کي صحيح- ۽ صحيح کي غلط ڪري.
16 اپريل 1982ع، اڱاري رات 9:000 بجه، وڪيل احمد
قريشي جي آفيس، حيدرآباد
بيت
قُرب محنت ڪِرِمنَل جو- ٿي عادي ڏوهارِي
جن سزا کاڌي سِڪَ ۾- پِرِت تَنين پارِي
شوقَ واري شُنوائي ۾- متارن وجهين گهارِي
غير حاضرَنُ تي غُصي مان- ٿو بارُ ڏئي بارِي
ته ”مائلَ“ موچاري- پو فتويٰ ملندي فتِح جي.
16 اپريل 1982ع، اڱاري رات 9:000 بجه، وڪيل احمد
قريشي جي آفيس، حيدرآباد
بيت
سِوِل ميٽَرُ سِڪَ جو- داخُل ڪر فريادُ
۽ ثبوت ڏي تون سائينءَ کي- ته داوُر ڪرئي دادُ
ڳولي ڦولي محبت جو- ڪر تون پيش موادُ
حاصل ڪرڻ لءِ حق جي- بِرهُه ئي ٿيو بنيادُ
ڪيئي الله سائينءَ آزادُ- ”مائلُ“ ڏينهن ميثاق جي.
16 اپريل 1982ع، اڱاري رات 9:000 بجه، وڪيل احمد
قريشي جي آفيس، حيدرآباد
عنوان: ٺيڪيدار ۽ انجنيئرن جو پروسيجَرُ
بيت-1
پَرسَنٽيجُ پُورو- جنهن ڏِنو نه ٺيڪيدارَ
ته انجنيئرَ به وريو اُن کي- ڏين قلم جي مارَ
آڪڙجو اِن ڳالهه تان- پيا پاڻ ۾ ڪن آچارَ
جي سچي ڳالهه چَئُه کَڻي- ته دِل ۾ کائين خارَ
صحيح ڪم ڪرڻ لءِ- ڪير به ناهي تيارُ
ٺيڪيدار به ٺڳيَ لءِ- ويٺا ڪَن ويچارَ
ته ڪهڙي طرح ڪم ڪري- پئسا بچايون هزارَ
۽ هِڪدم هٿ ڪريون- بنگلو، موٽر ڪار
هي بلڊنگ، روڊس، ايريگيشن- سڀني کاتن جا وهنوارَ
”مائلَ“ هن مذڪور جي- ڪيا ڪهڙي خبر چارَ
پيا پڌرا آهن پارَ- مُلڪَ اسان جي ماڻهن جا.
30 جون 1975ع، اسسٽنٽ انجنيئر بلڊنگ جي آفيس،
حيدرآباد
بيت
انتظار- اي.ڊي.پي جو- آهي اهڙو انجنيئرن
جئن نهارجي رمضان چنڊ کي- تيئن تڪيو ٿا تَڪِن
خاصي مِلڻ اماونٽ تي- ڏاڍا خوش سي ٿِين
جي ڪنهن وقت ملڪي حالتُن تي- پئسا گهٽِ اچن
ته ويٺا اُن حڪومت جون- شڪايتون سي ڪن
هينان رهن هَوس ۾- ته پئسا ڪمائجنِ
بنگلا، موٽرڪاريون- هڪدم هَٿِ ڪجن
الله سائين پناهه ڏي- کان اهڙن ارادن
جيڪي هَوَس ۾ هُجن- سي ”مائلَ“ سدائين مونجهه ۾.
بيت
اسٽيمنٽُون به اهڙيون- ٿا ٺاهِن اورسيئر
جت ضرورت نه هُجي- اُتي هِڪدم ڪريو رِپيئر
رَننگ بلَ ٺاهن سي- تنهنجا تنهن ويرَ
پَرسَنٽيجُ پورو وٺي- ٿيون مالدارن سان نبيرَ
ڪي بلڪل پِئن ٿا بِيئَر- ڪي سَڪَن ٿا هِڪَ سُرڪَ
لءِ.
بيت
سائيڊ چيڪ ڪرڻ تي- ڪن داروغا دٻڙاٽ
ڪُجهه اسان کي به ڏيو- نه ته ڦاڙينداسونء ڦاٽ
هَڻو جيڪي ٿا اوهين- گورنمينٽ جا کاٽَ
ٺيڪيدار مجبور ٿيو- ڪجهه چَکائين تَنِ کي چَاٽَ
جو ٺَڳي تن جي پلئه پئِي- ۽ ظاهر ۾ سي لاٽَ
ڏِسجين ته ڏهڪاءَ ساڻ- گهُمَن جيئن ڪنواٽَ
پَرَ مُورِ نه کڻن ”مائلُ“ چئي- سي ڪنهن اڳيان
ڳاٽُ
چوکي لڳين چماٽَ- ته سمجهي وڃن سڀِئين پَرئين.
بيت
اسسٽنٽ انجنيئر به وريو- جلدي نه ڪن سائِن
جو انهن جون به اکيون- انهن بِلَنَ ۾ آهن
ٺيڪيدار نه هَلي سنَئون ڪو- ته ان کي رُلائن
ميئرمنٽ تَنهنجي لءِ- وريو حُڪُمُ هلائين
ڪاٽ ڪريو تنهنجي- نقصان پهچائين
ته پر سنٽيج پورو ڏي- نه ته تولءِ ڪم ناهِن
جنهن کي هو پا پاڻئون- پيا چاهَه منجهان چاهِن
ته کُليل تنهن لءِ آهن- دروازا اُن دفتر جا.
بيت
اڪائونٽنٽ ۽ آفيس مليو ٿا- رکن پنهنجا ريٽَ
جي حصو نه تن پورو مليو- ٿا ڏاڍا وجهن سي ڦيٽَ
جيئن زميندار خريد سان- چيٺيو وٺن ٿا چيٽَ
تيئن ٺيڪيدارن جي ڪاغذن جي- بلڪُل ڀيٽان ڀيٽُ
جي لڳين ڪا لپيٽ- ته سمجهي وڃن سڀئين پَرين.
بيت
ٽينڊر ڪلارڪ به ٽائيپ ڪيو- ٿا حصو پنهنجو وٺن
اُنهن کان پوءِ ٽينڊرن کي- پاڻهي پُر ٿا ڪن
جي پئسا نه مِليا اُن کي- ته رولا ڪئين وجهن
ٺيڪيدار به اُنهن کان- دل ۾ ڪيٻائين
ته وقت نه وڃائن اسان جو- ۽ وقت تي ڪم ڏين
۽ ڪاغذ سڀ ٽائيپ ڪري- ورڪ آرڊر ڪڍن
اهڙا ماڻهو سڀ مليو- ڪم پيا هلائن
پئسن جي ترقي لءِ- ڏاڍو سڀ چاهن
ٺٺ ٺانگر سان رهي- کاڌا اونچا کائين
ڄڻ سوڏاچي آهن- ماڻهو مالِڪَ ”مائلَ“ سي.
1 جولاءِ 1975ع، ارشاد جي جاءِ، لطيف آباد
حيدرآباد
بيت
پٽيوالن پَٽَ- رُپئي ٻِن جي هر ڪنهن
جيڪو گهِڙي آفيس ۾- اُن کي هَڻَنِ جهٽَ
جو وَهي انهن ساڻ ڪو- ته ان تي رهن ڳاهٽَ
انڌير نگري ٿا چون- ۽ راجا جنهن چَرٻٽَ
مُلڪَ انهيَ ترڪٽُ- ”مائلَ“ ماڻهو ڪن ڪيترا.
1 جولاءِ 1975ع، ارشاد جي جاءِ، لطيف آباد
حيدرآباد
بيت
واسطيدار آفيسر ٿا- ڪوشش وڏي هيَ ڪَن
۽ آڊٽ آبجيڪشنن کان- ٿا ڏاڍو لهرائن
غلطيون پنهنجون ڪوشش سان- ڪريڪٽ ٿا هو ڪَن
جيئن وڃي نه اسان جي نوڪري- خراب نوٽ لڳن
ڪن خاص خاص تاريخُن تي- هو گهر ۾ لڪيو وهن
اچي مٿان ڪو اوچتو- آڊيٽر ڪڙڪن
۽ غلطين دُرست ڪرڻ جو- موقعو متان نه ڏين
متان رولا گهڻا هُجن- ۽ پَڪڙجي پئون ڪنهن پَل ۾.
بيت
اخلاق اسان جي ملڪ مان- ”مائلَ“ هليو ويو مُورِ
مسلمان ۾ مَروَت ناهِه- آهي ڏاڍو اهو ڪو سُورُ
وهي گهڻئي ويا وهڪري ۾- جوانُ، ٻارُ ۽ جهُور
الله سائين بچاءِ تون- ڏاڍو ڏُکويو دور
ٿو ذهن رهي چُور چُور- ڏسو اهڙيون ڳالهيون.
بيت
اچي ويو آ مُلڪَ ۾- اخلاقي زوال
مادي ترقي ٿي گهڻئي- پر آهي يار جهجال
سادگي وئي سڀن مان- رکن اوچا گهڻا خيال
الله سائين بچاءِ تون- آهين تون لڄپال
”مائلَ“ مون مسڪين جو- سائين سُڻ سوالُ
هي رحمت ساڻو وبالُ- لاهِه اسان جي ملڪ تان.
بيت
انصاف اسان جي مُلڪ ۾- زوريَ ڪيائون دَفنَ
نه ڏنائونس ڪفَنُ- کڻي پورئيونس کَڏَ ۾.
بيت
سَندرو بي واجبيَ تي- گهڻن ئي آهِه ٻَڌو
جي ڪنهن کي هدايت ڪري کڻي- ته ڪري ٻُڌو اڻ ٻُڌو
مُور نه سمجهي محبت سان- ۽ موچڙي سان سڌو
تيار گهڻا ٿي ٿا رهن- ٿي هلڻُ هِت ڪُڌو
جي نظر ماڻهو مان ختم ٿي- ته اکن هوندي انڌو
ٿي ڏاڍو ويو گَندو- ماحول ”مائلَ“ هِن مُلڪ ۾.
بيت
ڪهڙا ٿي ويا حالَ- ”مائلَ“ مُلڪَ جي ماڻهن جا
تعليم ظاهر جين وڌي- تيئن اخلاقي پيا ڪالَ
خواهش وڌي وئي گهڻن جي- ميڙڻ لءِ يَرَ مالَ
وڌا ارادن اهڙن- اَهن ماڻهو جام جنجال
خوشروئي وئي ختم ٿي- ماڻهو رهن ملالَ
هلي جت ڪٿ يارَ ٿي- مونجهاري مقالَ
جلَ جلالھ جلال- خير ڪر ڪو خالقَ تون.
عنوان: مُرشد سائينءَ سان مخاطب
بيت
ڀولا ڀُوَ ڀَڃيج- مُرشد مٺا مون ”مائلَ“ جا
ان الله مع الصابرين جو- سبق سيکاريج
قلبئون ڪَسُ لاهيج- نُوري هڪ نگاهَه سان.
بيت
تهدل توڏي آهيان- ”مائلُ“ آئون مِٺا
سندم ساهُه پَساهُه آهِه- توتان سدا فدا
ڪر تون نظر قلب تي- نرمل نامِ خدا
ته جانب ٿينَ جُدا- سڀئي وهمَ وجود کان.
بيت
”مائلَ“ کي منهنجا پرين- ڪانهي ڪابه خبرَ
تون نُوري ڪر نظر- ته اکيون کُلن اندر جون.
بيت
اکيون کُلن اندر جون- ۽ مچي محبت مَچُ
دلبر سڀئي دُور ٿئي- قلبَ منجهارئون ڪَچُ
سچ ٿو چوان سچُ- ته طالبُ تنهنجو آهيان.
1 جولاءِ 1961ع- امين منزل، گاڏي کاتو حيدرآباد
بيت
سچُ پچُ سُهِڻَلَ- مهرَ ڪرين مون ”مائلَ“ تي
ته هَڪُ ئي نِگاهَه نرملَ- لهي ڪَسُ قلب تا.
¤
1 جولاءِ 1961ع- امين منزل، گاڏي کاتو حيدرآباد
بيت
ڪامِلَ هَڻُ ڪا ڪرمَ سان- من تي محبت مُهِرَ
ڪُلفت وڃي ڪَپِجِي- اُجري سندم اندرُ
آهِه اوهان جي عشقٰ جو- اندر منجهه اُٻرُ
جانبَ پياريو جَرُ- پياسي هِن پينارَ کي.
¤
1 جولاءِ 1961ع- امين منزل، گاڏي کاتو حيدرآباد
بيت
عاجز ڪري ٿو عجز مان- سائين تو در سوالُ
اَڻ ميو ڏيو عجزَ جو- ”مائلَ“ محبت مالُ
تو در داتا آئيو- هيڻو کڻي حالُ
سواليءَ سُڻي سوال- نُوري اڄ نواز تون.
بيت
”مائلَ“ اٿئي مرشد جي- حڪم ۾ حڪمت
مڃ سدائين محبت سان- اُن ۾ اٿئي عبرت
ته قادر جي قدرت- پَسندي پاڻهي پَڪ سان.
8 رمضان المبارڪ 1391هجري 29 آڪٽوبر 1971ع، بروز
جمع وقت 11:30 بجه، هالا شريف
بيت
مَڃِ سدائين محبت سان- هاديءَ جو حُڪمُ
حُجت ڪيمَ هلائجئين- ڪَنبِي کَڻُ قدم
پائي پانڌُ ڳچيءَ ۾- نَمِيو پيو تون نَمُ
هينو هلجئين حضور ۾- اِهو ڪر تون ڪمُ
ته ويجهو ٿيئي ويساهُه سان- جيئن توسان آهي دم
رکئي مهابي مُرشد جي- ڀَلارو ڀَرم
پو ڪري رحم ڪرم- ”مائلَ“ نوازئي محبت سان.
8 رمضان المبارڪ 1391هجري 29 آڪٽوبر 1971ع، بروز
جمع وقت 11:30 بجه، هالا شريف
بيت
اڪمل اڄ اچي- ڪيا ڪم ڪِنَنِ جا
نالائق نوازيئين- ڏٺئين ڪانه ڪچي
هَليا جيڪي حُبَ مان- پائي پانڌُ ڳچي
”مائلَ“ سندس محبت ۾- مَستُ ٿيا مَچي
سي بِلڪل پيا بچي- جي ان درِ آئيا عِجزَ سان.
بيت
جي اِنَ درِ آئيا عجز سان- دِل کي ڪري پيرَ
سي نالائق نوازيئين- مَنَ تان لاهي ميرَ
ڏِنئين تن کي ڏاجَ ۾- سِڪ، صبرُ جا سيرَ
”مائلَ“ اچن جي محبت سان- ته هُن وٽ ناهي دير
اويرَ ۽ سويرَ- ڪاملُ ڏسي ڪينَ ڪي.
9 رمضان المبارڪ 1391هجري 30 آڪٽوبر 1971ع، بروز
ڇنڇر، هالا شريف
|