سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:7 

ڪافي (سُرُ تِلنگ)

ٿل:      وڃڻو اٿئي وڃ هاڻ يار،

          ڪين ڪندس توسان دل جون ڳالهيون.

مصرع:

1- پنهنجي پاڻ سان حالُ ونڊيندس،

رازُ نه دل جو توکي ڏيندس.

 

 

ڪائي نه ڪيان خبر چار،

نينهن جون جيڪي هو يار نراليون.

 

2- لوڪ لَکا ڪين وجهنديون هاڻي،

پيئنديون رهنديون پنهنجو پاڻي،

 

 

ظاهر نه رُئنديون زارَ،

پرت اکيون آهن اهڙيون پاتيون.

 

3- سُورَ سليندسُ ڪين ڪي توسان،

اثر وٺي متان ٿين نه پشيمان،

 

 

بره جا ڏيئين ڪيئن بار،

روئي اکن جون نه لڳنئي ڇاليون.

 

4- احساسُ ٿيئي متان پنهنجي ڪِئي جو،

قياسُ نه پيئي جو محبت مُئي جو،

 

 

اصل نه ڪيان اظهار،

هاڻئي ٿئي وٺنديئي نه ته هٿ بي حالتون.

 

5- باهه برهَه جي متان لالڻ لَهساٽي،

دردن ذونهون ٻيڻو ٻُوساٽي،

 

 

دمُ نه وجهي ڪري ڌار،

جسم ۾ رهنديئي ڪين لاليون.

 

6- تو نه سُڃاتي ”مائلُ“ جي محبت،

عشق منهنجي کي آئي آهي غيرت،

 

 

پاڻ کي ڏيندس پيار،

تنهنجو ڏٺيون ٿم مڙئي چاليون.

 

 

 

 

9- صفر 1395هجري 1970ع، 06-21 جمع جي شام 07:40، بنگلو نمبر3 سول لائينز، حيدرآباد

 

ڪافي  (سُر تِلنگ)

ٿل: ڏاڍا خوش خالق سان پيا گڏ گذاريون، ٿي هڪ وياسون، ڪنهن ڏي نهاريون.

 

مصرع:

1-

الله سائين ڪيو آهي پنهنجي حوالي، سندم سڪ محبت سوئي خود سنڀالي،

 

ڪيل قول پهريون سو پنهنجو پيا پاريون.

2-

اصل کان سندس ئي هُئس آئون ملڪيت، ڪري پيار پاڻئي ڏنئين مستي محبت،

 

ڪيئين پاڻ پنهنجو هُئس ڪين ڌاريون.

3-

آيو اُفق اهڙو عشق جو اندر تي، چڙهي ڪونه ڪنهن وقت شفق ٿو نظر تي،

 

سدا ڏينهن سمجهان توڙي راتيون ڪاريون.

 

4-

هن کان اڳي هو مونکي هي نه معلوم، ته پاليئين پي منهنجي محبت هوءَ معصوم،

 

ڪريان تڏهن ڪيئي پيو انگل آريون.

5-

آهي عشق منهنجو آئون هن جي محبت، مونکي ڪيئين آئينو ڏسي تنهن ۾ صورت،

 

انهي طرح هڪٻئي ۾ نرتئون نهاريون.

6-

چوان فاذکروني اذکرکم چئي ٿو، نه خالي انهي کان ڪو دَمُ ٿئي ٿو،

 

اينهين هڪٻئي کي سدائين پيا ساريون.

7-

اچي عشق مان ڪا پيس ٻاجهه اهڙي، ٻڌائي سگهان ڪين ڪيان ڳالهه ڪهڙي،

 

آهن برهه بخشيون اِهي سڀ بهاريون.

8-

سندس آئون ”مائلُ“ مون ۾ هُوئي مولا، ڪيان هاڻ ڪنهنجي نه ڪار يار ڳولا،

 

ڪيون ايڏيون سائينءَ مون سان ستاريون.

 

9- صفر 1395هجري 1975ع- 02-21، جمع شام حيدرآباد سول لائينز بنگله نمبر 15-8
 

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

 

ٿل: سوا وَرَ جي سرتيون ايندس ڪانه موٽي، عشق آهي آريَ جي ڪئي دل ۾ چوٽي.

 

مصرع:

1-

مدد هُوندَ منهنجي اوهين پاڻ ڪريو، سو وِهَڻ لاءِ ويتر ڇو ٿيون زورَ ڀريو،

 

اوهان جي ٿي سمجهان آهي نيت کوٽي.

2-

آهيان آئون انهي جي ٻي جي نه ٿيندس، اوهان جي چوڻ تي اصل ڪين وهندس،

 

لڄايان نه محبت ناهيان لُوٺي لَوٽي.

 

 

3-

هُيس پنهنجي دل تي خبر ڪانه پيئي، ڪري دوکو مون سان ويندا وَرَ کي نيئي،

 

ڪري ڏير ويڙا ڀاڄائي سان چوٽي.

 

 

4-

سمجهيئون پنهل کي ته آهي ڏوهاري، ننگائتا نه ٿيڙا ڪيئون ڪاري واري،

 

تڏهن ويا ولهَي سان وجهي هو وڇوٽي.

 

 

5-

نِڪاح مون نِڌر جو هو قسمت ڪرايو، اِهو پيچُ قدرت اسان کي پارايو،

 

پُنهُون نه ته ڪٿي جو آئون ڪنهن جي پوٽي.

 

 

6-

يَڪي ساهي هاڻي ويندس آئون ور ڏي، انشاءالله ڪاٽي سڀئي وَرَ وِندُر کي،

 

ڳول گهوٽ جي مان پيرن جي گهَوٽِي.

 

 

7-

وارائڻ لاءِ وَرَ جي ڪندس هرڪو حيلو، مَهجُوري جو مالڪُ ڪرائيندو ميلو،

 

اٿم جنگ جبلَ سان جوشن ساڻُ جوٽي.

 

 

8-

آهيان جنهنجي ”مائلُ“ اهو نيٺ ملندو، پُڪارون پورهيت جون سُڻي ساڻي ٿيندو،

 

جنهن جي گوندر آه دل منهنجي گهوٽي.

 

14 صفر 1395هجري 1975ع، 25-02، اربع رات 07:15، بنگلو 12-D محمد علي سوسائٽي ڪراچي
 

ڪافي  (سُرُ سنڌڙو)

 

ٿل: هلان هوت ڏي ٿي مان حُبَّ مان هوڪاري، پهچنديس پُنهل کي سڀئي ڏونگر ڏاري.

 

مصرع:

1-

اَٿوَ جي نه هلڻو نه جهليو ڪيمَ جيڏيُون،

وِهان ڪينَ هرگزِ جهلُون پايون ڪيڏيون،

 

وِيو وَرُ ولهيَ کان وِهان ڪنهن سهاري.

2-

هُيَسِ جنهن سان منسوبُ وِيَس تنهن کان وِڇِڙي،

اوهان جي نه هلنديون هلي ويندس هڪڙي،

 

سچي سائي سمجهان جا پت پنهنجي پاري.

3-

مناسب اَٿوَ ڪينَ ڏکن ڏيڻ مهڻا،

سُوريتيَ ته سڀئي آهن هُن لءِ سَهِڻا،

 

پوي ٿي ڪا اِنَ مان اوهان هَڙَ پناري.

4-

سبب مونکي ڪُوڙا ڏيو خوفَ ڪيئي،

اوهان جي ڀلا آهه ڪهڙي هَڙَ ويئي،

 

مونکي وَرُ ته ويو آ جيئري ئي ماري.

5-

آهيان جنهن جي ”مائلُ“ انهي وَرَ ڏي وينديس،

ڪندو الله ان کي لُوٺيون ڳولي لهندس،

 

اميد آهي ايندمُ پاڻا واڳ واري.

 

18 اپريل 1975ع سپر هاءِ وي 8:30 صبح جمع، حيدرآباد کان ڪراچي ويندي بس ۾.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

 

ٿل: پنهنجي وَرَ کي وڃي مان ورائينديس، حيلو هر ڪو هُنَ لءِ هلائينديس.

 

مصرع:

1-

اوهين پاڻ مدد هوند منهنجي ڪريو، سو جانب کان مونکي ڇوٿيون جهليو،

 

جي پلڻو اَٿوَ وڃي پاڻ پليو، مان ته پُٺي پُنهل جي ڪاهينديس.

 

2-

هِتي ڪين وهان توڙي ڇا به ڪيو، مون کي نيهن ته هُن جي نهوڙي نيو،

 

ڏُک ڏونگر جا کڻي ڪيڏا ڏسيو، ڊڄي تَن کان نه پاڻ هٽائينديس.

 

3-

جي وَرَ ڏي ويندي مان وِيَس مري، ته به سرتيون اها مونکي سوڀ سري،

 

پر واٽ تان ايندس ڪانه وري، پنهنجي محبت ڪانه لڄائينديس.

 

4-

مون ڀوريَ سان نه بهانا ڪيو، ڀلا ڳالهه سچي کڻي مون کي ڏسيو،

 

مون ڳَچُ ته اوهان جو ڪونه نِيو، اِهو ٿورو اوهان جو ڳائينديس.

 

5-

سختيون سور سڀئي سرتي سهي، وينديس ڪيچ ڏي هاڻئي قربئون ڪهي،

 

پنهنجي محب کي ”مائلُ“ لوچي لهي، ساري سور سڄڻ کي سڻائينديس.

 

ڪافي  (سُرُ تِلنگ)

 

ٿل:      مون کي مئي محبت ڏجئين ڏيڻ وارا

                    تنهنجي مهرباني.

ڪِنَنِ سان ڪرم تون سدا ڪرڻ وارا

                تنهنجي مهرباني.

 

مصرع:

1-

پَلئه ڏئي پرت مان پيارين پِيا ڪَنِ،

 

پياريا تو بازيِي ڪئين پِيڻَڻ وارا،

 

تنهنجي مهرباني.

 

2-

صدائون سُڻي اڄ پياسيَ پيارج،

 

ميڙيُون هي منهنجون مڃين مڃڻ وارا،

 

تنهنجي مهرباني.

 

3-

بخش ڪم بُرايُون نظر نيڪَ سان تون،

 

منهنجي عيبن کي ڍَڪين ڍَڪَڻ وارا،

 

تنهنجي مهرباني.

 

4-

تمنائون دل جو ٿين يار پوريون،

 

سگهو ”مائلُ“ ڏي مٺا ملَڻَ وارا،

 

تنهنجي مهرباني.

 

ڪافي  (سُرُ تِلنگُ)

ٿل: سڏڙا سُڻي وَرُ پنهل يار، پورهيت توکي پيئي پُڪاري.

 

مصرع:

1-

ڏونگر ڏاڍو ڏکيو آهي، ٻانهن ٻيلي هِتِ مُئيَ جو ناهي،

 

توريَ ڪريان ڪنهن ڪُوڪارَ، پيارا پرين اچ واڳڙيون واري.

 

 

2-

توڏي اچڻ جون راهون نهاريم، راهَه فقط هٿِ هڪڙي آيم،

 

تنهن ۾ به وَرَ ٿيا هوت هزار، هيڻيَ کي رسُ هاڻ هوڪاري.

 

 

3-

نرملَ بلڪل آهيان نَويلِي، پيئي پُڪاريان بَرَ ۾ اڪيلِي،

 

ساڻي سگهو ٿي تون سردار، هاڻ وڇوڙو ڏيلُ ٿو ڏاري.

 

 

4-

چارو چُڪيَ جو ڪونه چَلي ٿو، حِيلو هَرگِز ڪونه هلي ٿو،

 

موٽ ”مائلُ“ جا مهندار، ويهُه مَ وِلهي کي وَرَ تون وساري.

  

22 جولاءِ 1962ع هالا شريف

ڪافي  (سُرُ پِيلو)

 

ٿل: ڪر قرب ڪريون پرين پيار نوان، تَنَ جون تندون ٿِيَن سُهڻَلَ سايُون.

 

مصرع:

1-

ناتو نيهن لڳل توسان الستئون آهي، اڄڪلهه جو هي يارَ ڪو ناهي،

 

ٿو ڳالهه اُها پهرين ياد ڏيان، طلبون اچن اُهي ڏاڍو تايون.

2-

وئي اڌُ عُمِر کائي جانبَ جدائي، باقي به گذري ويندي اَجائي،

 

ٿو صافُ سچي دِلدار چوان، نينهن پنهنجو اچ پاڻ نڀايُون.

3-

مند مِينهَن جي آئي آهي موٽي، جذباتن سان تنهن جنگ آهي جوٽي،

 

ٿو توکي ساريو دلدار جِيان، اَچُ تون سِگهو ٿِيَن سڀئي سڻايُون.

4-

ماڻهن مهڻن سان ڪينَ گهٽايو، جيئن ئي تو آهي منهنڙو مَٽايو،

 

سي سڀئي سِرَ تي يارَ سَهان، ميٽِ اچي منهنجو لالَڻَ لايُون.

5-

پيمانَ پرت اچي پاڻ پيارج، جذبا جهونا جاني جيارج،

 

پيو پاڻ پنهنجي مان پاڻ پيان، وسري وڃن مون کان ٻيون سڀ وايُون.

6-

مثال دنيا لءِ ڇڏيون محبت، اهڙي ڪريون وري پيارا اُلفت،

 

ياد پيا ڪن پٺيان پويان، محب محبّت کي اهڙو ملهايُون.

7-

مَحِوُ محبت رَهان ”مائِلُ“ مُدامي، دل ۽ زبان ڪري جاني، جاني،

 

پيو پاڻ ۾ توکي مان پاڻ پَسان، پيارُ اهڙو پنهنجي پاڻ ۾ پايُون.

 

28 آڪٽوبر 1976ع، 11:45 ڇنڇر رات، 12-D محمد علي سوسائٽي، ڪراچي

 

ڪافي  (سُرُ لوڙائو)

ٿل: جهاڳينديس جبل کي جوش ساڻ جيڏيون، اصل ڪين وهنديس ڪريو منٿون ڪيڏيون.

 

مصرع:

1-

جي هلڻو اَٿو  سچ ڀلا ڪوهه نه ڪريو، بهانا ڀوريءَ کي ڏيو ڇا لءِ وريو،

 

وقت ڇو وڃايو اوهين رُلِيُون ريڏيُون.

 

2-

تکي ڊوڙ پائي يڪي ساهي وينديس، جيسين نه ملنديس تيسين ڪين وهنديس،

 

پٿون پير ٿِيَن يا ڀلي لڳن ڀيڏيُون.

 

3-

نڪاح مون نڌر سان پُنهل جو هو پِيڙو، اکن ٺارُ آري جدا جِتَن ڪيڙو،

 

دولابِ دوکن جون اٿن رانديُون کيڏيون.

 

4-

ڇا گُذري پئي مون تي چئي ڇا ٻُڌايان، قسمُ آ خدا جو پنهنجي وَسَ ۾ ناهيان،

 

پُنهل آهي جيڏو آهن طلبُون تيڏيُون.

 

5-

جواب مون کي جڏهن ڏنو مڙني عُضون، ته به رڙهنديس روحئون سندي ڪيچ راهُنُ،

 

کڻي محبُ ”مائلُ“ جو ڪري ويڙا هيڏيُون.

18 اپريل 1975ع، 8:30 صبح جمع، سپر هاءِ وي، حيدرآباد کان ڪراچي ويندي بس ۾.

 

ڪافي  (سُرُ مانجهه)

ٿل: ڪاهي ڪيچ ڌڻي ڏي ويندس ڙي، هت مُورُ گهڙي ڪين وهندس ڙي.

 

مصرع:

1-

ڪري جت ويا مون کان جاني جدا، ناهي چينُ ڪو دل کي ڄاڻي خدا،

 

سرتيون ساهه ڪري آئون اُن تان فدا، حيلو هرڪو هلائي ويندس ڙي.

 

 

2-

سمهي سيجَ رهيس هٿان منهنجي پئي، نه ته ڪيئن وڃن ها هوت نَئي،

 

پاڻهي پاڻ سان ڪيم مون سان ڪنهن نه ڪئي، آئون ڏهه نه ڪنهن کي ڏيندس ڙي.

 

 

3-

جڏهن جاڳڻ مون کان ڪينَ پُنو، تڏهن آبَ اکِن اَڄُ آهي رُنو،

 

ڏسُ ڏونگر جي مونکي ڏِنو، ڪيهون ڪوهفن ۾ پئي ڪندس ڙي.

 

 

4-

پنهنجي ڪوهيارل ڏي ڪهنديس مان، وري واٽ تان ڪينَ ڪي ورنديس مان،

 

ساري سور سڄڻ سان سلنديس مان، پنهنجي محب ”مائلُ“ ملنديس ڙي.

 

25 اپريل 1962ع، هالا شريف

 

ڪافي  (سُرُ ڪوهياري)

ٿل:      وَرُ سِگهو تون وَرُ ”الا“، ٿيءُ ڀنڀوري ڀَرُ ميان،

ٻاروچل ٻاڪاريان.

 

مصرع:

1-

ڪونهي ڪوهيارل ڪيچ ڌڻي، اٻوجهيَ آڌرِ ميان،

 

ٻـــاروچـــل ٻــاڪــاريــان.

 

 

2-

هاڻ سگهو رس حُبَ ۾، ڏکيو آ ڏونگرُ ميان،

 

ٻـــاروچـــل ٻــاڪــاريــان.

 

 

3-

آهي آرياڻي آن سندو، اندرُ منجهه اُٻَرُ ميان،

 

ٻـــاروچـــل ٻــاڪــاريــان.

 

 

4-

ڪاملَ ڌڻي ڪيچ جا، رِڻَ ۾ ٿي رَهِبَرُ ميان،

 

ٻـــاروچـــل ٻــاڪــاريــان.

 

 

5-

”مائلَ“ سان تون مِلُ اچي، پنهنجو سُڃاڻي ڪُرُ ميان،

 

ٻـــاروچـــل ٻــاڪــاريــان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org