سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:9 

ڪافي  (سُرُ پِلاسي)

ٿل:      پئي باهه برهه جي ٻَري، سا آگ اُجهامي ڪين ڪي.

 

مصرع:

1-

عشق اندر ۾ لايون چوٽيون، ڏاڍيون ڏنائين اوٽون موٽون،

 

ماس هڏن تان ڳري.

 

 

2-

برهه بيشڪ بالا آهي، ڪاڻ تهين کي ڪهين جي ناهي،

 

شاه گدا ٿو ڪري.

 

 

3-

دردن دل تي ديرو لايو، سوز سڄڻ جو روز سوايو،

 

سُهڻل ري نه سري.

 

 

4-

پاڻ پچائج پاڻ ۾ پيهي، ”مائلَ“ مهل جيئن نه وڃيئي،

 

ڌيان ڏِسُ تون ڌري.

 

 

 

 

نوٽ: شاعري ابتدا مٿينءَ ”ڪافي“ سان ٿي هئي تاريخ ۽ هنڌ لکڻ جي ان وقت خيال ۾ ڳالهه نه هئي. اندازاً سال 1959ع هو.

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:      تنهنجي يار وڇوڙي ڪَيس چري، ملُ موٽي مٺا نه ته ويندس مري.

مصرع:

1-

دل هيڏي جُدائي ڪيئن سَهي، جيڪا گڏجي توسان روز رَهي،

 

جنهن کي ياد سندو ۽ هڪ پَلُ نه لهي، تنهن کي پاڻ پَسائج پيارا وري.

 

 

2-

پهرين پيارُ ڏئي پو ڌار ڪرڻُ، اينهين واجب ناهي توکي ڪرڻُ،

 

مون مُئي ۾ ناهي مُور سهڻ، آهي تنهنجي فراق جي ڳالهه ڳري.

 

 

3-

اچ اگلِيءَ جا آڌارَ پرين، هِن جي جڏي جا جيارَ پرين،

 

روئان آبُ اکين زارو زار پرين، دل درد کان دلبر آهه ڀَري.

 

 

4-

مون ”مائلَ“ کان ايڏو رهڻ جدا، وار واڳ ولهيَ ڏي نامِ خدا،

 

رهون هاڻ سڄڻ ٿي پاڻ ڪَٺا، تنهنجي ڌار سَري پَرَ مون نه سَري.

4 جولاءِ 1961ع ، هالا،

نوٽ: هن ڪافي لکڻ وقت، شاهه جو اصل رسالو قلمي نسخو ”گنج شريف“ جيڪو ڀٽ شاهه تي وڏي اوطاق (يعني درگاهه شريف کان ڏکڻ لڳ آهي) تي رکيل آهي ۽ ابوالحسن جي سنڌي ۾ آهي. سو مرشد سائين جي حڪم سان اتاري رهيو هوس، ڪافي لکڻ وقت اُتان شروع ڪيم ۽ پوري هالا ۾ ٿي. مرشد سائين جن ان وقت ڪوئيٽا ۾ هئا.

ڪافي  (سُرُ تِلنگ)

ٿل:      مرشد نوحرحه فقير، ساڻي سگهو ٿي سرورَ سَڏُ ۾.

 

مصرع:

1-

ڀُليل سان تون ڀيڙو اچي ٿي، پارسَ منهنجا پيرَ،

 

ساڻي سگهو ٿيُ سرورَ سَڏَ ۾.

 

 

2-

دنيا جي درياءَ آهه نهوڙيو، پارِ اُڪارجُ سِيرَ،

 

ساڻي سگهو ٿيُ سرورَ سَڏَ ۾.

 

 

3-

توکان سوا ٻيو ڪونه آ ڪامل، وارثُ منهنجا وِيرَ،

 

ساڻي سگهو ٿيُ سرورَ سَڏَ ۾.

 

 

4-

”مائلَ“ تي ڪا مهرَ نظرَ ڪر، مرشدَ ماهَ مُنيرَ،

 

ساڻي سگهو ٿيُ سرورَ سَڏَ ۾.

19 ڊسمبر 1984ع، بروز اربع 01:20 منجهند، ڀليڏنو ڪاڪا.

ڪافي  (سُرُ مانجهه)

ٿل:      مونکي تنهنجون ميارون مارِن، ماريو، ماريو، ماريو، جيارن.

مصرع:

1-

تنهنجو جورو جفا سڀ جانب جائز، منهنجي مُلڪ دل ۾ تون فائقَ فائزُ،

 

سِڪ سوزُ سندُم توکي سارنِ.

 

 

2-

ٻي جو نه مون ۾ ڪجهه ڪي به وڃي ٿو، سو پنهنجو ڪَيون مون ڏي ڪوهُ سَنڃي ٿو،

 

سي جاهلَ ڌيانَ کي ڌارن.

 

 

3-

تنهنجي هر ڪا ميار مون ڏي محب ٺهي ٿي، ٿِين ڪنهن پَر خوش ائين دلڙي چئي ٿي،

 

احساسَ ”مائلَ“ جا پِرتِ پيا پارنِ.

 

 

ڪافي  (سُرُ مانجهه)

ٿل:      اسان جو رهنما رهبر، سڄڻ سردار اڄ آيو.

مصرع:

1-

اهو فرزند امين محمّد، ۽ پوٽو طالب الموليٰ،

 

دلاورَ دادلو دلبرُ، سندُم دلدار اڄ آيو.

 

 

2-

خوشي جنهن جي تؤلد جي، سڄي فقراءَ ۾ آهي،

 

مبارڪ مھ جبين منور، مٺو مهدار اڄ آيو.

 

 

3-

ٿيا احسان مولا جا، ڪيا جنهن وَڙ وڏا آهن،

 

سڄڻ سهڻو سخي سرورُ، سڀن سينگار اڄ آيو.

 

 

4-

ڌڻي منهنجا لکين تنهنجا، ڪري ”مائلُ“ ٿو شڪرانه،

 

جماعت سروري جو زيبُ وَرُ سينگار اڄ آيو.

 

 

31 صفر 1381هجري، هالا

نوٽ: قبلا مخدوم محمد امين ”فهيم“ جن جي پهرين فرزند پرو ڄام سائين عرف جميل الزمان جن جي تولد وقت لکي ويئي.

ڪافي  (سُرُ ڀيروين)

ٿل:      جاني جدائي ٿي جهوري، ڪريان هاڻ ڀلا ڪيئن توري.

مصرع:

1-

دلڙي آهي درد سَتائي، ماس هڏن تان مٺڙا جائي،

 

ڪاتِن جيئن ٿو ڪوري.

 

 

2-

تون به جدا ٿئين پاڻُ پَسائي، ويتر دل جا سُور وڌائي،

 

چاڪَ چرئي جا چوري.

 

 

3-

قسمت مونسان ڪينَ رهايو، توکان ڇِني ٿي تڏهن مِلايو،

 

تنهن سان پوان نه پُوري.

 

 

4-

”مائلَ“ تي تون مهر کڻي ڪر، ڀورل جنهن آ تنهنجي جهلي ڀَرِ،

 

ڇِنُ نه ڪڏهن تنهن ڇوري.

 

 

15 جولاءِ 1961ع

نوٽ: حيدرآاد کان ڪوئيٽا ويندي، ريل گاڏيءَ ۾ لکي ويئي.

ڪافي  (سُرُ تِلنگُ)

ٿل:      عشق ڪيو انجينيرُ، پاوَرُ پرت جو يار ورهايُون.

 

مصرع:

1-

هاءِ لائينون حُبَ مان وڇائي، لو لائينون تن سان ملائي،

 

ڪري گرائوٽنگ تن چؤڦير، جهَڪُن جهولن کان تن کي بچايون.

 

 

2-

سڀ اسٽيشنون سِڪَ تِن تي لڳائي، فٽنگ فِڪر ڊي جوائنٽ جوڙائي،

 

ڏئي پختا تن کي پيرَ، روشن ڪرايون سڀئي جايون.

 

 

3-

ٽيسٽ رپورٽون فارمَ پُر ڪرائي، ڊمانڊ نوٽن جون رقمون ڀَرائي،

 

اِشو ميٽرُ ڪيون اُن ويرف، ته حسابن ڪتابن ۾ ٿين سولايون.

 

 

4-

گِرڊ اسٽيشن گوندر جي پهرين هڻائي، بِرهه بريڪرَ تن ۾ لڳائي،

 

ڏئي او سي بن جا ايرَ، ڏيهَن جڳن کي ڏيون روشنايُون.

 

 

5-

اسٽيمنٽون الفت بنائي بلڪل، وِرهه ويريفڪيشن ڪري ٽيڪنيڪل،

 

ڪڍي غلطين وارا غيرَ، ”مائلَ“ محبت مان پاس ڪرايون.

 

 

 

ڪافي  (سُرُ پرڀاتي)

ٿل:      عشق جي اها خبر ڪنهن کي ناهي،

          اِهو عِلم هِڪ خدا کي ئي آهي.

 

مصرع:

1-

محمّدصه جي محبت ڏنئين اهڙي دل کي،

 

جنهين ئي قلب تان ڇڏيو ڪَسُ کي لاهي.

 

 

2-

پيار آ پنجن سان چاهيان ٿو چارئي،

 

ٻارهن ۽ چوڏهن ڇڏيو سِڪَ کي ساهي.

 

 

3-

هُو مستي محبت جي مشرب آ منهنجو،

 

انهي ئي رمز ۾ ڇڏيو ربَّ راهي.

 

 

4-

جيُون ٿا جهان ۾ فقط هن ڪري ئي،

 

محبت ۾ مولا رهون گاهي ماهي.

 

 

5-

مقصد آ منهنجو پرين جي پِرتِ ئي،

 

جهان جي جنجهٽَ ۾ رکيو يار ڇاهي.

 

 

6-

”مائلَ“ محب جي ئي پِرت کي آ پاتو،

 

انهي جي ئي اُلفت ۾ قربئون پيو ڪاهي.

27 رمضان المبارڪ 1399هجري شب قدر، اڱارو 2 بجي رات، ڀليڏنو ڪاڪا

 ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل: تو جهڙو نه ليڊر ٿيندو وري، وئين جذبا جياري، يار مري.

مصرع:

1-

هئي مرضي خدا جي هيئن ڪرڻ، ٿيا سبب انهي لءِ پو بنجڻ،

 

ڪيو ظاهر جن هي قوم سان رڻُ، ايندو نيٺِ عذاب اُن قهري.

 

 

2-

آهي حڪمت هادي جي هِن ۾، جنهن جوڙيو جهان کي آ ڪُنَ ۾،

 

جيڪي ظاهر ٿيو سو باطن ۾، ڏسو سوئي ملي جنهن وسيعُ نظري.

 

 

3-

هو جامِ شهادت سندءِ مُقدر، ڏنئي الله الستئون جو قادرُ،

 

رهيو رنگ انهي جو اهڙو ظاهر، تمثيل اهڙي سان نه تاريخ ڀَري.

 

 

4-

آهي پهريون مثالُ دنيا ۾ ٿيو، جيئن توکي شهيد ڪرايو ويو،

 

تنهنجي سِرَ تي سُوري سينگارُ ڪيو، منشا مولا جي اچي آخر پَري.

 

 

5-

چيو جئي ڀٽو پي گهڻن ماڻهن، سمجهيلَ، مَستن، معصومن،

 

ٿي سمجهيو ڪنهن ڪنهن ان رمزن، وئين سِرَ تي کڻي هيءَ بِرهه ڀَري.

 

 

6-

ڪئي ”مائلَ“ رمز ۾ ڳالهه ڳُجهي، پيا ماڻهو اِن ۾ آهن مُنجهي،

 

هي رمز نه سمجهڻ تو سنهنجي، آهي نيت جنين جي کوٽي کَري.

27 سيپٽمبر 1979ع، 2:15 بجه بروز خميس، ڀليڏنو ڪاڪا پنهنجي اوطاق ۾

 

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل:      دردَمندي دل دلبرَ سائين پيارن مان پيئي پڪاري،

          اچ تون اُنهي ڏي قرب ڪري ڪي واڳ وصال جي واري.

 

مصرع:

1-

باهه بره جي تابَ تپشَ ۽ طلبن تنهن کي تايو،

 

سوزُ الم غم ساعَتَ ساعَتَ سهڻل جنهن کي ستايو،

 

دردِ وڇوڙو جنهن کي جاني مورهئون هاڻ ٿو ماري.

 

 

2-

هاڻ نه ڪر تون هِن کان هِن دم بلڪل بي پرواهي،

 

حالت ههڙي ۾ هِن کي ڪا سَڪَ نه ڏئي ٿي ساهي،

 

دم دم ۾ پئي ياد سندءِ سان جَيڙو پنهنجو جياري.

 

 

3-

ساهُ ۽ سيني ۾ ئي سا پئي سهڻل توکي سَمائي،

 

هيڏي جدائي هيئن ڪرڻ ڪا جنهن کان ڪين جُڳائي،

 

پرت پڪيءَ جي قول ڪيل کي پيارل پيئي پاري.

 

 

4-

مهر ڪري رَسُ ”مائل“ کي جنهن تات ڇڏيو آ تائي،

 

تات سندءِ ۾ وريو وريو نيڻن نير وهائي،

 

ان جي اُلفت پيارا وڃ تون اُلفت ساڻ اُجاري.

30 آگسٽ 1979ع، رات 3:00 بجه، ڀليڏنو ڪاڪا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org