قادرالڪلام شاعر: حاجي مصري ڪاڪا
آئون هڪڙو بنهه سارو سودو ماڻهو ۽ ان کان به وڌيڪ
سادو شاعر ۽ نثرنگار.... پر حاجي مصري ڪاڪا سائين
منهنجي آفيس ۾ مون سان اچي مليو ته لڳم، ماڻهو
برابر ته هُو به مون ئي وانگر سادڙو آهي.... پر
هُن جي هيءَ ڪُليات مون کولي پڙهي ته لڳم، شاعر
هُو سادو ڪونهي. بلڪ گهڻوئي پخته.... مٿان ڏسڻ ۾
به، پنهنجي شاعري وانگر بيحد کڙو تڙو، فٽ فاٽ،
اکين ۾ سُرمو، ان جي مٿان چشمو، ۽ بلي بلي مُڇون،
تڏهن اهڙي جاذبِ نظر انسان کي ڏسي، آئون ڏانهنس
جهٽ مائل به ٿيس ۽ شاعري پڙهي سندس قائل به.
هاڻي مسودو گهر کڻي وڃي پُوري اِتير پِتير سان
پڙهڻ لڳس ته اُٿندي ئي شاعر جي پوري نالي تي نظر
پيم:
ڪليات حاجي مصري ڪاڪا ’مائل سروري‘
سروري؟
اڇا ته معنيٰ پاڻ سروري خانوادي جا طالب.... پر هي
خانوادو به ڇا ته خانوادو؟ ۽ اوچ ڪوٽيءَ جو
خاندان! جنهن جي حُسن، ادب، اخلاق، شاعري، موسيقي
۽ خلق جي خدمت جي ساراهه ۾ تاريخ جا ورقن مٿان ورق
ڀريا پيا آهن ۽ اهڙي خانوادي سان جيئن مون چيو،
دؤر حاضر ۾ رڳو مون ناچيز ئي نه، منهنجي اَبن ڏاڏن
جي به ازل کان نيازمندي هلندي پئي اچي ۽ موليٰ
ڪندو ته اها نسل درنسل ۽ پيڙهي درپيڙهي هلندي به
رهندي. انشاءالله.
خير.... ڳالهه مائل سروري جي هن ڪُليات تان نڪتي
سو موٽان ٿو واپس انهيءَ ڏانهن. جنهن جو نالو حاجي
مصري ڪاڪا تجويز ڪيو آهي ”ناهي مستن تي ڪا ميار“.
هونئن هتي ائين لکڻ ۾ به ڪهڙو عار! ته حاجي مصري
جي سموري ڪُليات ’الف‘ کان ’يي‘ تائين مون
پڙهي.... ته بي اختيار چپن ۾ چئي ويٺو هوس: اڙي
هان! هي حاجي مصري ڪاڪا....! اڇا ته ’قادرالڪلام
شاعر‘.
۽ اُٿندي ئي سندس جنهن پهرئين عارفاڻي ڪافيءَ تي
منهنجي نظر پئي، ان جي هيءَ سٽ ته.... سبحان
الله.... واهه وا:
گهڙي دنيا جي درياهه ۾ ٻڌي توڪل سندو تُرهو
اُڪاريو مون کي احسان سان، نه سيڻهُه سنڊُ ڪو
ڦرهو.
اجهو هن مصرع جي پوئين سٽ هتي ڏيڻ کان پهرين آگاهه
ٿيو ته مصري ڪاڪا جي ترڪيب ”گهڙيس دنياجي درياهه
۾“ کي پڙهي ڪا دير ته پاڻ واري ڀڳت ڪنور رام جا هي
ٻول ڪنن.... ۾ گونجندا رهيا هئم، ”دنيا سڀ درياهه،
ڪو ڪو تارو تنهن ۾.“
ته بس انهيءَ درياهه ۾ تار ترن لاءِ اسان جو مصري
ڪاڪا هن ڪافيءَ ۾ ترهو تارڻ لاءِ مٺي مرسل کان
اجهو هينئن پيو واهر گهري:
ڪريو نظرِ ڪرم سرور اوهان جي ئي آهيان آهر.
سبحان الله! مون چيو پئي.... موضونيت سان گڏوگڏ
موسيقيت به مصري ڪاڪا جي سٽ سٽ ۾ اصل واهه جي
سمائي پئي آهي. وري حرف حرف ۾ سُريلائپ ۽ رمز سان
ڳالهه ڪرڻ جو به سندس ڍنگ.... ۽ اهو به اهڙو....
جو واهه واهه.
منهنجي ساهه ۽ سِر جو تون ئي ڌڻي
ٿيس تنهنجي پريت ۾ پيار پڻي
پرين پورهيت تي ڏي پلوَ کڻي
مون لاءِ سائين به تون ستار مٺا.
۽ يارو....! مصري ڪاڪا جي لکيل سُريلن لفظن ”ساهه
۽ سُر“، ”پريت ۾ پيار“، ”سائين ۽ ستار“ وغيره سهڻي
سهڻي سٽاءُ سان جڙيل لفظ لڙهيءَ ۾ پڙهي، سچ پچ ته
لطف اچي ويم.
خير جيئن مون چيو پئي موسيقيت مصري ڪاڪا جي سٽ سٽ
۽ رڳ رڳ ۾ سمائي پئي آهي. هونئن اها موسيقيت رڳو
مصري ڪاڪا ئي ڇا! اسان جي سنڌ جي سموري لوڪ ۽
ڪلاسيڪل شاعري.... جهڙوڪر.... آهي ئي موسيقيءَ تي
آڌارڪ.
اڇا! دنيا ۾ هونئن ته زمين کان آسمان تائين
ڪيترائي ملڪ ۽ شهر هنڌ هنڌ.... ٽِڙيا ۽ پکڙيا پيا
آهن پر بابا! هيءَ جيڪا هن سنڌ ساڻيهه جي لفظ ۾
سُريلائپ ڀريل ڀريل نظر اچي ٿي، شايد ئي ڪنهن ٻئي
ملڪ جي نالي ۽ اُچار ۾ اهڙي موسيقيت ڀريل نظر
ايندي هوندي. گواليار گهراڻي جا راڳي چوندا آهن،
سنڌ جو لفظ آهي ئي سراپا موسيقي، جنهن ۾ س- معنيٰ
’سا‘. ن- معنيٰ ’ني‘. ڌ- معنيٰ ’ڌا‘. هاڻي سنڌي
لفظ جي آروهي امروهي ڪبي ته اُها ٿيندي سا- ني-
ڌا- ڌا- ني- سا.
هاڻي ڪير آهي؟ جنهن کي خبر ناهي ته شاهه عنايت
رضوي، ميان لطف الله قادري، شاهه لطيف سائين،
عبدالرحيم گرهوڙي صاحب ۽ خليفه نبي بخش جي سموري
شاعري آهي ئي راڳن ۽ راڳڻين تي ٻڌل. اسان جي هن
مصري ڪاڪا به پنهنجن انهن عظيم بزرگن جي پرَ
پاريندي گهڻو تنو پنهنجي شاعري مختلف راڳڻين تي ئي
سِرجي آهي. جيئن مثال طور سُر ڀيروي، سُر ڪوشڪ
ڌني، سُر ڪلنگڙو، سُر تِلنگ، سُر پيلُو، سُر
ملتانوي ڀيروي، سُر ڪوهياري، سُر لوڙائو، سُر
سنڌڙو. پر شاعر مصري ڪاڪا پنهنجي وطن سنڌ کي دعا
جنهن راڳڻيءَ ۾ ڏني آهي، اُها هن چونڊي چونڊي سدا
سهاڳڻ ڀيروي راڳ ۾ ئي ڏني آهي ۽ ان جي پويان به
يقيناً هن جي ڪا حڪمت عملي آهي ۽ ضرور آهي. چوي
ٿو:
جي آ، جئي پئي، جيئندي سدا سنڌ، رکي شاد آباد اسان
جي خدا سنڌ،
الله سائين ان کي رکيو آ سلامت، اَبدَ کان امُن ۾
تائين قيامت.
مصري ڪاڪا طريقت ۾ برابر ته حضرت نوح سائين خانواي
سان وابسته هجڻ ڪري، پڪ سان ته سروري ۽ سهروردي
طريقي ڏي وڌيڪ مائل هوندو. پر سندس هي شعر لاڪوفي
شاعرن بابا بلها شاهه، خواجه فريد ۽ سچل سرمست جي
مسلڪ جو اتو پتو پيو ڏئي. ان ڏس ۾ ڪاڪا جون هي
سٽون ته ڏسو:
مُٺ مٽيءَ مان بوتو بڻائي، پاڻ ويٺين اچي اُن ۾
لڪائي
اِهي سڀ تنهنجا آر، اهڙو اچي ڪو پُور پيو ٿئي.
هوڏانهن عشق ڪرڻ واري هن شاعر ڪاڪا جي هيءَ خصوصيت
وري حضرت شمس تبريز واري آهي، چوي ٿو:
عشق اندر ۾ لايون چوٽون، ڏاڍيون ڏنائين اوٽو موٽون
ماس هڏن تان ڳري.
پر هِتان هُتان جي مسلڪن ۾ گهمي ڦري، اسان جو هي
حاجي مصري ڪاڪا موٽي وري به پنهنجي ئي مرشد ڏي اچي
ٿو:
ڀليل سان تون ڀيڙو، اچي ٿي، پارس منهنجا پِيرَ
ساڻي سگهو ٿيُ ”سرور“ سڏ ۾.
ائين مائل صاحب پنهنجي ڪُليات ۾ جتي بيتن جون
بهارون لائي ڇڏيون آهن، اتي نِت نونَ ۽ جديد قديم
موضوعن تي غزل به سرجيا آهن، اجهو غزل ۾ مائل
سروري صاحب جو مجموعي رنگ وري ههڙو اٿوَ.
هو تير نظر سان ئي گهائي هليو ويو
وري زخم دل جا چِڪائي هليو ويو.
اچن پيا، مبارڪ ڏني مون کي قاصد
ڳجهي ڳالهه ڪَن ۾ ٻڌائي هليو ويو.
هن ڪليات ڪتاب جي نثري ڀاڱي ۾ پنهنجي نِجي ۽ ذاتي
حياتيءَ جو احوال ڏيندي مصري ڪاڪا لکيو آهي ته
ڪنهن شڪار دوران ڪائي لُنڊي بلا هُن جي پيرَ کي
ڏنگي وئي هئي ۽ اُن سبب اگهائيءَ وارن پندرنهن کن
ڏينهن دوران هُن منٺار فقير راڄڙ جو پورو رسالو
’رهنمائي‘ ياد ڪري ورتو هو، جنهن منجهان ڏهر جو هڪ
بيت ٻڌڻ بعد.... مخدوم سائين طالب الموليٰ پنهنجي
حلقهءِ خدمتگذارن ۾ کيس شامل ڪري ڇڏيو هو.
اصل ۾ هيءَ جيڪا شاعري جي ڏات آهي نه.... اُها نه
فقط نپٽ عشق، پر ڪنهن شاعر جَي... ڀلا جي مٿان پوڻ
وانگر به ته آهي، جيڪا چاهي ته شاعر کي ماري ڇڏي
صدين جي حياتي ڏيئي ڇڏي. اجهو مائل صاحب جي نثري
تحرير مان هي به خبر پيم، ته پاڻ ڳوٺ ڀلي ڏني ڪاڪا
جا رهواسي آهن. سندن ڳوٺ جو اهڙو نالو پڙهي دل
خوشيءَ منجهان چوڻ لڳي هئي، شاعريءَ جي ميدان ۾
به.ل
او منهنجا ڪاڪا سائين ’ڀلي ڪري آيا.... اوهان ڀلي
ڪري آيا.‘
بهرڪيف.... ٿورائتو آهيان آئون هن ڪُليات ’مستن تي
نه ميار‘ ۽ خود حاجي مصري ڪاڪا جو پڻ، جنهن پنهنجي
سُريلي شاعريءَ سان مون کي ملاقات جو موقعو فراهم
ڪري ڏنو، ۽ جنهن آڌار هاڻي هي چوڻ ۾ به ڪوئي مون
کي عار ڪونهي ته هيءَ ڪليات ۽ ٻيو هي ’ڪاڪا‘. بقول
شاهه صاحب جي مون لاءِ ائين ڄڻ:
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
نصير مرزا
حيدرآباد
27.05.2015
”جلال“ ۽ ”جمال“ جو شاعر
شاعري ماڻهوءَ جي خارجي ۽ داخلي ڪيفيتن جو رد عمل
آهي. شاعري انسان جي اندرين ڪيفتين جي ترجمان آهي.
شاعري قدرتي ڏات آهي جيڪا قدرت طرفان انهن ئي
ماڻهن تي عنايت ٿيندي آهي جيڪي فطرت جي بلڪل ويجهو
هوندا آهن. فطرت جي من کي موهيندڙ، منظر، سرمائي
شامون، حسين چهرا، موسيقي جلي سُڪون جا سُر،
مينهوڳي ۾ مور جا ٽهوڪا، وڇڙي ويل واهوندا، انساني
المين جون آتم ڪٽائون، محروميون مجبوريون، احساس
ڪمتريون، رُتن جا ڪيڏارا، رتو ڇاڻ ڌرتي جي ساوَڪ،
مٽي سان محبت ۽ حُب الوطني وغيره جهڙن احساسن کي
منظرن، ڪيفيتن کي ڏسي، پَسي محسوس ڪري شاعر لفطن
جي روپ ۾ پنهنجي احساسن کي ظاهر ڪري ٻين تائين
پهچائي ٿو. مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ به پنهنجي
احساسن کي شاعري وسيلي اظهار ڪيو آهي. توڙي جو
سندس تعليم ان دور جي فائنل پاس آهي پر سندس
شاعريءَ ۾ لفطن جي ترتيب، بيهڪ، اظهار جو طريقو
انتهائي وزنائتو آهي. پينگهارو جا ڪاڪا اصل ۾
سروري جماعت سان لاڳاپيل آهن. مصري ڪاڪا وري قبلا
سائين مخدوم محمد زمان طالب المولا جن جي حاضري ۾
پنهنجي زندگي جو تمام وڏو عرصو گذاريو جتان ٻولي،
ادب، موسيقي، تميز، نياز ۽ نوڙت سکيا پاڻ بزم طالب
المولا طرفان ڪرايل هر مشاعري ۾ سدائين پنهنجي
طرحي يا غير طرحي شاعري پڙهي سنڌ جي ناليوارن
شاعرن کان داد وصول ڪندو هو. حسين بخش خادم، انور
هالائي، اختر هالائي، حبيب الله صديقي، محبوب
سروري، وفا ناٽن شاهي، سائل لاکو، ولي سروري ۽ ٻيا
ساعر سندس همعصر رهيا آهن. پاڻ سندس شاعري جي هر
صنف ڪافيون، بيت، نظم، چوسٽا، قطعا ۽ دوهيڙا تي
طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس هڪ ڪافي سرُ ڀيرويءَ ۾
آهي ته:
”جي وَرَ ڏي ويندي مان ويس مري، ته به سرتيون اها
مون کي سوڀ سَري
پر واٽ تان اينديس ڪانه وري پنهنجي محبت ڪانه
لَڄائيندس.
(مصري ڪاڪا مائل سروري)
يا سندس هڪ بيت آهي ته.
سا قوم رهندي قُرب سان. جنهن ڀلو ملي ڀوتار
ويهو پنهنجو پاڻ ۾، ڪن انصاف سان آچار
۽ ڪن جو ڪچريءَ وچ ۾، هڪ ٻئي قول قرار
پورو ڪن ٿا پاڻ ۾، ڪريو انتظار
اخلاق اهڙي سان هلن، جو وٿي نه پوين وار
جو آهي هر ڪنهن ڳالهه جو انصاف تي آڌار
انصاف ريءَ نه اڳتي وڌي قومن جو ڪردار
مائل پوءِ معيار، ٿو ملي تن کي ملڪ ۾
مائل سروري، پنهنجي مرشد جي شان ۾ به ڪافي بيت چيا
آهن سندس مرشد سان عقيدت جو اظهار به هن ڪافيءَ
مان محسوس ڪري سگهجي ٿو:
مصرع قلبن تي تنهنجا قائم آهن.
قرب قرارا منهنجا هالن وارا
قدمن ۾ تنهنجي ڪوڙين آهن
ڪلنگن وارا، منهنجا هالن وارا،
عشق تنهنجي هنيا مائل مَنَ ۾
عجيب اوطارا، منهنجا هالن وارا.
مائل سروري
شاعري سان گڏ مصري ماڪا نثر به تمام سٺو لکيو آهي.
پينگهاري جي ڪاڪا قبيلي جو هي پهريون صوفي منش
انسان مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ سدائين مشاعرا،
ميلا، ملاکڙا، سماجي اوسر لاءِ سيمينار، موسيقيءَ
جون محفلون، مچ ڪچهريون، شوق شڪار سان گڏ پنهنجي
دور جو نالي وارو آباد گار به رهيو آهي پنهنجي
زميني پيداوار في ايڪڙ جي حساب سان زرعي ماهرن جي
مشوري وٺڻ کان سواءِ به وڌيڪ کڻندڙ، خير خيراتون
ڪندڙ، پنهنجي پٽ راجا سهيل احمد جون سدائين
سالگراهون ملهائيندڙ مصري ڪاڪا پنهنجي پٽن سان گڏ
پنهنجي نياڻين کي به سٺي تعليم ڏياري آهي. ضلعي
مٽياريءَ جي تعلقي هالا، تعلقي سعيدآباد ۾ جيڪي به
ترقياتي ڪم ڏسو ٿا سي سڀ تقريباً مصري ڪاڪا جي
محنت سال ٿيا آهن.
مصري ڪاڪا جي ساعري جي سٽ سٽ ۾ جلال، جمال جون
جيڪي جهلڪِيون آهن يا لفظن ۽ تشبيهن جي جيڪا لهر
آهي يا گيڙو رتن سُنگ وارن فقيرن جي جيڪا نچڻ،
ڪُڏَڻ ۾ شغلن تي پتنگ جي اچڻ جهڙي مستي ۽ سرمستي
آهي سا توهان کي نمايان نظر ايندي ان ڪري ته هن
ڪتاب جو نالو ئي رکيو آهي ”ناهي مستن تي ڪا معيار“
مائل سروري دُنيا داريءَ ۾ ڪَسُ ڪسر کائڻ وارو
ماڻهو آهي ۽ هر دل عزيز شخص آهي. هن محمود وسيلن
هوندي به تمام گهڻيون سماجي خدمتون ڪيون آهن ۽ هن
دُنيا ۾ جيا پي جي جنگ کي وڏي جدوجهد ڪري جستجو
آهي.
شاهه عبداللطيف اها ڳالهه هنن لفظن ۾ چئي آهي
جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وسَ ڪيام.
ڪاڪا قبيلي لاءِ بڙ جي ڇانوَ مصري ڪاڪا پنهنجو ۽
پنهنجي قبيلي جو ڳاٽ اُوچو رکيو آهي منهنجو هڪ
چوسٽو آهي ته:
ڳالهيون آهن گهڻيون ڳالهه ڪاڪا ڪجي،
دوست آهن گهڻا، دوست ڪاڪا ڪجي،
سِڪ، پريت ۽ رواني جنهن ۾ هجي،
سچائيءَ سان ڪجي ڳالهه سا ڪا ڪجي.
نظام الدين ڪاڪا
ناهي مستن تي ڪا ميار
حاجي مصري ڪاڪا جو ڪتاب ”ناهي مستن تي ڪا ميار“
نظرن مان گذريو هن ڪتاب ۾ حاجي مصري ڪاڪا پنهنجي
شاعريءَسان گڏ پنهنجي سوانح حيات پڻ لکي آهي، پاڻ
پنهنجي زندگيءَ جا تجربا، مشاهدا ۽ حالات ساعريءَ
جي ذريعي بيان ڪيا آهن، تقريبا شاعريءَ جي سڀني
صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
حاجي مصري ڪاڪا اهو خوش نصيب ماڻهو آهي جنهن کي
شروعات کان ئي پنهنجي مرشد مخدوم محمد زمان طالب
المولي جن جي صحبت نصيبب ٿي اُنَ سان صحبت جو رنگ
سندس زندگيءَ تي نمايان نظر اچي ٿو.
مثال طور مخدوم صاحب جن جو علمي ۽ ادبي رنگ، شعور
شاعري، فنڪار ۽ موسيقيءَ جو ذوق ۽ شوق، وقت جي
پابندي، ڪم ڪرڻ جو طريقو (ترتيب سان ڪم ڪرڻ) مسلسل
محنت ۽ جدوجهد ڪرڻ وغيره شامل آهن.
پاڻ ڪم ڪار ڪرڻ جي معاملي ۾ عملي ماڻهون آهي، جنهن
جو مثال سندس ڪيل بي شمار سماجي ڪم آهن، سماجي ڪمن
۾ سندس رهنمائي ۽ مدد مخدوم صاحب جن ڪندا آيا آهن،
حاجي مصري ڪاڪا لاءِ اها ڳالهه مشهور آهي جنهن به
ڪم ۾ حاجي مصري ڪاڪا هٿ وڌو ته سمجهيو ته اهو ڪم
ٿي ويو. پروگرام ڪرائڻ جي تربيت ۽ طريقه ڪار ڪو هن
کان سکي، ٻين پروگرامن سان گڏميان ڇٽو ڪاڪا جو
ميلو لڳرائڻ جنهن ۾ ڪمپوزنگ سيد صالح محمد شاهه
ڪئي هئي سندس ٻي شاديءَ جي موقعي تي راڳ جي محفل
ڪرائڻ جنهن ۾ ان زماني جي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
جي مشهور ۽ معروف فنڪارن شرڪت ڪئي، ان کان علاوه
سنڌ جي ملهه پهلوانن کي ملاکڙن ۾ وڃي انعام اڪرام
ڏيڻ سامل آهن.
حاجي مصري ڪاڪا کي جيڪا (پين) سائين طالب المولي
جن تحفي طور ڏني، ان پنهنجو رنگ لاتو ۽ ڪاليج
پيٽارو ۾ سائين طالب المولي جن جي نالي لائبرري ۾
ڪارنر قائم ڪيو. حاجي مصري ڪاڪا هڪ غريب خاندان ۾
جنم ورتو پر سندس جاکوڙي طبيعت کيس هن منزل تي
پهچايو آهي، سندس هي ڪتاب عملي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ
واڌارو آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي ڪندو
رهندو. اهڙن
ماڻهن جي موجوده دور ۾ کوٽ ٿيندي پئي وڃي، ان کوٽ
جو پورائو ڪرڻ مشڪل ٿو نظر اچي هن وقت سندس
زندگيءَ جي سام ٿيندي پئي وڃي، پر ان هوندي به
سندس عزم ۽ اعتماد ۾ ڪا به ڪمي نظر ڪونه ٿي اچي.
زندگي آهي زندهه دليءَ جو نالو
مئل دلين وارا جي ڇا ٿا ڪن.
(مخدوم طالب الموليٰ)
ڊاڪٽر الهبچايو ڪاڪا
2018-07-20
ڳوٺ خيرمحمد ڪاڪا
يونين ڪائونسل ڀليڏنو ڪاڪا
سخن شناس شاعر: حاجي مصري ڪاڪا ’مائل سروري‘
محبت مان مرشد ڏنو پنهنجو مشرب
رستي انهيءَ تي ڏٺو سون وڃين رب
(مائل سروري)
واديء سنڌ کي ازل کان اها سعادت نصيب
ٿي آهي جو سنڌ جي اٻوجهه سٻاجهڙن ۽ عاشق ماڻهن جي
جهولين ۾ هميشه کان الله پاڪ عزوجل جي عارفن،
درويشن، فقيهن، صاحب نظر، صاحب عرفان، صاحب معرفت،
فقيرن. غوث، قطب، ابدالن جو جنم ٿيو آهي. حضور پاڪ
ﷺ اهڙن لاءِ فرمايو آهي ته ”انا خادم الفقراءَ“
ترجمو آئون فقيرن جو خادم آهيان.
اهڙن درويشن پنهنجن ڪردارن، اخلاقن ۽ قدرن طرفان
صلاحيتن سان مالڪ رب پاڪ عزوجل جي صراط المسقيم
واري واٽ جي سڌ ڏني آهي، حضرت امام غزالي رح جن
فرمايو آهي ته صراط المستقيم حضور نبي پاڪ ﷺ جن
خود آهن جيڪي هن پوري ڪائنات جا محور آهن ”ڍڪ
ڍڪيندو مون نه ڇڏيندو شفيع شافع سپرين“ (شاهه لطيف
(رح)
هالا جا غوث الحق قبلا مخدوم سرور نوح رحه (جڳ جي
سونهن) جو سلسلو رب پاڪ ۽ حضور پاڪ جي ان عطا مان
هڪ عطا آهي جن جي خاندان مان هميشه ”صديقي“ عشق جا
درياءَ وهيا آهن جن پنهنجي ارادت مندن، مريدن،
محبتن ۽ عشق وارن کي هميشه رنڱيو آهي ان گلشن جو
هڪ گل قبلا مرشدنا حضرت مخدوم محمد زمان ”طالب
المولي“ جن به آهن جن جي صحبت مان راڄ رنڱجي ويا ۽
انهن چند خوش نصيبن جن جي ساري زندگي پنهنجي ڪامل
مرشد جون جتيون سڌيون ڪرڻ جي سعادت ۾ گذري جيڪي
فنا فل مرشد جي منصب تي فائز ٿيا انهن چند خوش
نصيبن مان هڪ اسان جو کاهوڙي ڪنهن نه ڪنهن جستجو ۽
ڪنهن نه خير جي ڪم جي تلاش ۾ رهندڙ اسان جو پيارو
چاچا حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري ۾ پڻ آهن.
جن جو سماجي
خدمتن کان هَٽي ڪري جيڪو مشفقانا، همدردانا، احساس
رکندڙ مجزوبانا پنهنجي مرشد جي فنا ۾ گم ٿيندڙ دل
به آهي جنهن انهن کي پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي شعر
جي صورت ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو.
مهرباني مرشد ڪئي ايڏي مون تي
نٿو يار سمجهان ڪيئن ٻئي ڪنهن تي
وسائين وحدت سان منهنجي دل جي وادي
”مائل سروري“
هن ڳالهه مان اِها ڳالهه ظاهر ٿي ته کيس مرشد ڪامل
جي صحبت مان ۽ نگاهه ڪرم کان پوءِ سندن دل جي
پياسي خشڪ بنجر زمين تي محبت جا سلا پيدا ٿيا جن
”مائل سروري“ کي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
نبي پاڪ ﷺ جن فرمايو ته شاعريءَ ۾ ”سحر“ آهي. دنيا
۾ ڪيتريون ئي ڪٺور دليون آهن جن جو نرم ٿيڻ ڏاڍو
مشڪل آهي، پر هڪڙو سٺو شعر انهن جي دلين کي نرم
ڪري منزل تائين پهچائي ٿو. ان ڪري الله وارن ان
شعر جو سهارو ورتو آهي.
چاچا ”مائل سروري“ جي به شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ کان
پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پنهنجي اندر ۾ اڻ موٽ،
اڻ ٿڪ ۽ منصورانا طبيعت جو مالڪ آهن.
ميس جي ويندي واٽ تي ته به پهتيس پنهونءَ کي
ڪنهن پر به ڪانهي ميار ڪا اوهان تي
لکين مون کي مهڻا ڏيو طعنا توڙي
(مائل سروري)
آهيان جي جنهن جي مائل اهو نيٺ ملندو
پڪارون پورهيت جون سڻي ساڻين ٿيندو
جنهن جي گوندر آهي دل منهنجي گهوٽي
(مائل سروري)
پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ حمد پاڪ، نعت شريف، منقبت،
مجاز، عشق، حال، حقيقت، معرفت، زماني جهڙن موضوعن
تي بيان ڪري پنهنجي لطيف اندر جو اظهار ڪيو اٿن.
هن وقت سندن ڪلام قبلا مخدوم سعيدالزمان چيئرمين
سنڌي ادبي بورڊ جن بورڊ مان ڇپائڻ لاءِ ورتو آهي.
اسان کي گهرجي ته جيڪي چند هي ماڻهو بچيا آهن، هن
باشعور، با ڪردار، سخن پرور، سخن شناس ۽ سماجي
ڪردارن جو قدر ڪريون. انهن مان ادب اخلاق ۽ خدمت
جا موتي پرايون، جو هاڻي صرف هيءَ ڳالهه بچي آهي.
”اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي- متان سمجهي مئا مور سارا“
”يات اگر ڊهندو گي اگرن ملين گي ملکون ملکون مين“
وسلام
29 آگسٽ 2019ع |
سيد عيدن شاهه بخاري
درگاهه سيد بچل شاهه بخاري
ڳوٺ سيراچون ڪاڪا يونين
ڪائونسل ڀليڏنو ڪاڪا |
|