قــطــعـــا
قطعو
سياست جي صحيح سمجهي، ته سياست ئي پيار آهي
سياست ڪئي سچي سرور، جو ڪُل تي مختيار آهي.
ڪرڻ خدمت خدا جي خلق جي نالو سياست جو
ائين اڄڪلهه ادا ناهي، تڏهن هرڪو بيزار آهي.
قطعو
ياد هونديون محفلو هي، تنهنجو سدائين ياد ياد
ٻُڌڻ وارن جون دليون، جنهن ۾ ٿين ٿيون شاد شاد
ديدهه ورِ دليون ڏسن، ٿيون حضورِ قَلبِ هتِ
حسن تنهنجو مرحبا هي، زنده باد و زنده باد.
قطعو
بِرهه باهه پيئي، سندءِ دل ۾ ڀڙڪي
تپش تاب کان پئي، مِٺا دلڙي تڙپي
نظر ناز جي ئي، ڇڏيو گُهورَ گهائي
هَڻي جادو جانب، وئين جنهن کي جهڪائي.
قطعو
دل کي آهي دلرُبا، دلدار دل واري جي تانگهه
خوبصورت، خوب سيرتَ، محب موچاري جي تانگهه
جنهن نَشا نِجُ نينهن جا ڏئي، مست محبت ۾ ڪيو
ساقي سرور سخي، سردار سونهاري جي تانگهه.
5 مارچ 1962ع، اڱارو، هالا شريف
قطعو
اچي منزل اهڙي وئي جو، مشڪل جي خبر پوندي
انهيَ حالاتِ ۾ اُتِ، قوتِ حل جي خبر پوندي
جتي پائڻ سان گڏُ ڇولين جا، ٿين ڇوهئون ٿين ڇڇڪارا
اُتي تنهنجي به طاقت جي، اڙي ساحلَ خبر پوندي.
قطعو
خوشن جي انتها ۾ ۽، مَصائبَ جي ڪَمالن ۾
هڻي دعويٰ جو دم جيڪا، انهي دل جي خبر پوندي
جتي ساقي به مئخوان سان، پيئي پاڻ پيو پيمان
اُتي وارِدُ ٿيڻ مَستن سان، محفل جي خبر پوندي.
قطعو-8
محبت جي ميدان ۾، توسان ڪبي ”وَارو وَٽِي“
مَئلُ سوئي ماريندو، جو راند ويو پوئين کَٽِي
تو ”ٻِنها ٻاريون“، ”ٻلهڻ“ ”وارا“ گهڻئي مون کي
کنيا
جوش مان ”جانٺو“ لَڳُئي، تان تون ڪرئين انهي
پَٽِي.
نوٽ: هي قطعو سيد احمد شاهه ”اُستاد بخاري“ دادو
واري جي پُٽ قاسم شاهه کي فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري
وٺي ڏيڻ لاءِ سائين جن جي حُڪم تي مسٽر الله بخش
سومرو جيڪو حيدرآباد ۾ ڪمشنر به رهيو هو ۽ اُن وقت
سيڪريٽري فوڊ هو. ان وٽ وياسون جتي صاحب ميٽنگ ۾
هو. اسين ٻئي ٻاهر انتظار ۾ ويٺاسون، جتي پٽيوالن
هڪ ٻي کي لفظ ”وارو وٽي“ پئي چيو اُن تي استاد
بُخاري چيو ته پاڻ اُن لفظ تي شعر لکون جيڪو مون
اهو قطعو جلندي لکيو ۽ شاهه صاحب نه لکي سگهوي،
جيڪا ڳالهه پاڻ سائين طالب الموليٰ کي اچي ٻڌائين
ته اڄ ”مائل“ صاحب مون کي شاعريَ ۾ ملهه ماري آيو
آهي ۽ قاسم شاهه کي مون فوڊ انسپيڪٽر جو آرڊر وٺي
ڏنو جنهن منهنجي ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ به ڪجهه وقت
نوڪري ڪئي ۽ پوءِ دادو بدلي ڪرائي ويو.
تمت باالخير
قبله سائين طالب الموليٰ جن وٽ آئون ڪيئن پهتس ان
جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو
قرآن شريف ۾ ”يَسْــَٔـلُوْنَكَ
مَاذَا يُنْفِقُوْنَ ڛ قُلْ مَآ اَنْفَقْتُمْ
مِّنْ خَيْرٍ فَلِلْوَالِدَيْنِ وَالْاَقْرَبِيْنَ
وَالْيَتٰمٰى وَالْمَسٰكِيْنِ وَابْنِ السَّبِيْلِ
ۭ وَمَا تَفْعَلُوْا مِنْ خَيْرٍ فَاِنَّ اللّٰهَ
بِهٖ عَلِيْمٌ ٢١٥“
(سورت البقره، آيت نمبر 215) جنهن جي معنيٰ آهي ته
ترجمو: ”اوهان کي ظاهر ۾ ڪنهن شيءِ مان فائدو ٿئي
ٿو، ان بابت اوهان کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن ڏينهن ان
مان نقصان ٿيندو يا وري اوهان کي ظاهري طرح سان ڪو
نقصان ٿئي ٿو ته ان لاءِ اوهان کي ڪهڙي خبر ته
اوهان کي فائدو ٿيندو اها خبر سڀ الله جي ذات کي
آهي.“
اسان جي ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا کان ڏکڻ طرف تقريباً اڌ
ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ديهه ڇپر خان ۾ سائين جن جي
زرعي زمين آهي، اتي اسان جي تَر جي خفتين خنزير جو
شڪار ڪيو ٿي. اسين ان زماني ۾ پنجون درجو پڙهندا
هئاسين، آئون مون سان گڏ محمد قاسم ڪاڪا جيڪو اسان
جي ڳوٺ جوئي آهي ۽ اسان گڏ پڙهندا هئاسين، گڏجي
شڪار ڏسڻ ويا هئاسين. شڪار ختم ٿيڻ بعد موٽندي
اسين ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي آياسون پئي آئون ڏکڻ طرف هئس
۽ محمد قاسم اُتر طرف هو، مون ساڄو قدم اڳتي رکيو،
کاٻي ٽنگ ۾ ڀيڏيءَ وٽ لُنڊيءَ بلا ڪکي وئي، مون
هڪدم پنهنجي ٽنگ کي قابو ڪيو ۽ ٽنگ کي ٽُوال سان
ٻڌوسون. اسان جي پويان طاهر ملاح گهوڙي تي آيو پئي
اُن مون کي گهوڙي تي کڻي ڳوٺ پڄايو، (بَلا جي ڏنگڻ
سان سور ڪونه ٿيندو آهي پر ڳَهَرَ ٿيندي آهي). ان
زماني ۾ اسپتالون ڪونه هيون، مون کي سنڌي بصر ۽
نِجو گيهه گَڏي کارايائون. جنهن تي مون ڪافي
اُلٽيون آيون ۽ زهر جو اثر گهٽجي ويو. ان بعد حاجي
محمد حسن لاشاري مرحوم کان جَهاڙَ رکرايائون ۽ مون
کي ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن ننڊ ڪرڻ نه ڏني وئي ۽
پندرهن ڏينهن آئون ڪمري اندر هئس. ان عرصي ۾ مون
منٺار فقير جو رسالو ”رهنمائي“ سڄو ياد ڪيو، جنهن
۾ فقير صاحب جا مرشد جي باري ۾ ڏهر لکيل هئا. ڪجهه
ٽائيم کان پوءِ اسان جي ڳوٺ جي اوڀر طرف ڳوٺ منڌو
ڪاڪا ۾ سائين طالب الموليٰ جن ڪنهن جي دعوت ۾ آيل
هئا. پاڻ ان وقت درگاهه شريف جا سجاده نشين هئا.
جتي مون سائين جن کان مريد ٿيڻ لاءِ ذڪر ورتو ان
وقت خليفو مرحوم حاجي غلام محمد شاهه هو. مون کي
ياد آهي ته پاڻ ان وقت اهي لفظ فرمايائون ته ”هي
ڇوڪرو اڳتي هلي تمام چڱون نڪرندو.“
جيئن ته سائين شڪار جا شوقين هوندا هئا، سندن زمين
تي ديهه مناهي ۾ پنج، ڇهه هزار ايڪڙ آهي ان ۾
اندازاً ٻه سئو ايڪڙن ۾ هڙهيون رکيل هيون، جن ۾
سندن شڪار لاءِ تمام گهڻا خنزير ڇڏيل هئا. هڪ دفعي
شڪار ڪندي، هڪ خنزير اچي اسان ڳوٺ جي اوڀر طرف
پهتو ۽ پاڻ گهوڙي کي ڊوڙائيندا اچي ان خنزير کي
پهتا ۽ گهوڙي ان خنزير کي سُنبن سان ڪيرائي ورتو.
پويان گهورن تي سوار خفتي به پهچي ويا. پوءِ ان
خنزير کي ٻڌي سائين جن جي مناهي واري زمين تي کني
اَلَڙُ ڪرايائون ۽ پوءِ آئون به گهوڙي تي چڙهي وڃي
اتي پهتس، پاڻ جنهن وقت هالا روانا ٿيا پئي ته مون
ان وقت منٺار فقير جو هيٺيون ڏهر ڏنو هو.
ڏهر
چئو لااِلــٰھ اِلا الله مُحمّد رسولصه،
اينهين چئي ويو چاڳلو مولا جو مقبول
منجهان دل منٺار چئي ڪيو جن قبول، مٿان تن محصول
لطف سان لهي ويو.
اتي پاڻ گاڏي مان لهي مرحوم خير محمد ميربحر کان
پڇيائون ته اهو ڏهر ڪير ٿو ڏي. جنهن کين ٻڌايو ته
حاجي مصري ڪاڪا آهي. ان کي شايد حڪم ڏنائون ته
سڀاڻي اسان وٽ ان ڇوڪري کي وٺي اچ. ڏينهن صبح جو
مرحوم خير محمد ميربحر مون وٽ ڳوٺ منڌو ڪاڪا ۾
آيو، جنهن مون کي چيو ته سائين جن توکي پاڻ وٽ
گهرايو آهي تون تيار ٿي اچ ته هلون. آئون پنهنجي
گهوڙي تي چڙهي ۽ گڏجي سعيدآباد آياسون، اتي اسان
پڙيءَ تي گهوڙن کي ٻڌي ۽ گاهه ڏياري پوءِ ريل گاڏي
جي ٽڪيٽ وٺي هالا روانا ٿياسين اتي لهي، ٽانگي ۾
چڙهي سائين جن جي دروازي تي پهتاسين ان وقت دربان
قاسم ڪيريو هوندو هو. ان کي خير محمد چيو ته سائين
جن کي عرض ڪر ته خير محمد ۽ حاجي مصري ڪاڪا جن
حاضر آهن پوءِ جيڪو حڪم ٿئي. قاسم اندر بنگلي ۾
وڃي سائين جن وٽ عرض ڪيو ۽ سائين جن فرمايو ته ٻين
ماڻهن جا ڪم لاهي پوءِ هڪ بجي انهن کي
سڏائينداسون. هڪ بجي اسان کي سڏُ ٿيو، آئون سائين
جن جي بنگلي تي پهريون دفعو ويو هئس ۽ خوف کان
ڏڪيس پئي، اندر پهتاسون پاڻ مون ڏي نهاري چيائون
ته بابا تون خوف نه ڪر تون اسان جو پنهنجو آهين،
توتي جنن جو نالو آهي ان سان اسان جي والد مرشد
غلام محمد سائين عرف گل سائين جن جي تمام گهڻي
محبت هوندي هئي ۽ هو راڳ رنگ جي محفل ۾ ڳائيندو به
هو، تنهنجو ڏهر اسان کي اهرو پسند آيو جو اسان
چاهيون ٿا ته تون اسان جي حاضري ۾ رهه. مون عرض
ڪيو ته قبله بابا کان اجازت وٺان ۽ صلاح ڪري پوءِ
آئون حاضر ٿيندس، آئون ڳوٺ آيس والد صاحب ۽ ٻين
گهر وارن سان صلاح ڪيم، مون کي سڀني چيو تون ڀلي
وڃي سائين جن وٽ رهه. ان کان پوءِ سندن صحبت ۾
رهيس ۽ پاڻ هميشه مون تي مهربان هوندا هئا.
بِسم الله الرحمٰن الرحيم
منهنجو جنم 19 سيپٽمبر 1937ع بروز آچر ڳوٺ ڀليڏنو
ڪاڪا تعلقو هالا ضلعو حيدرآباد ۾ ٿيو هو. پرائمري
تعليم سنڌي سَتَ درجا (فائينل) پنهنجي ڳوٺ جي
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. سال جا پويان
ڇهه مهينا گورنمينٽ پرائمري اسڪول پنج مورو ۾ اسين
ڀليڏنو ڪاڪا مان آئون محمد قاسم ڪاڪا ۽ ربڏنو
سومرو فائينل جي تياري لاءِ اتي داخل ٿياسون ۽ اتي
اسان سان گڏ مختلف ذاتين جا تقريباً پنجاهه شاگرد
گڏ هئا، 1951ع ۾ فائينل جو امتحان حيدرآباد ٽريننگ
ڪاليجن ۾ ڏنوسون، ان بعد مون سان گڏ جيڪي به ٻيا
شاگرد هئا اُهي سڀ پرائمري ماستر ٿي ويا، مون کي
منهنجي والد صاحب نوڪري ڪرڻ نه ڏني، ڇاڪاڻ ته
منهنجي چاچي مرحوم محمد حسن کي اولاد صرف هڪ نياڻي
هئي.جنهن جي مون سان ننڍي هوندي شادي ڪرائي هئون،
جنهن جون لائون مون کي سائين طالب الموليٰ جن
ڏنيون هيون، پوءِ آئون پنهنجي چاچي جي گهر ڳوٺ
منڌو ڪاڪا ۾ وڃي رهيس.
اتي منهنجي گهر کان اولهه طرف خان محمد ڪاڪا مرحوم
۽ سندن ڀائرن جا گهر هئا، جتي خان محمد جو پُٽ
محمد هاشم مرحوم هالا هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهندڙ
هئو، ان کان خانگي طرح اي.بي.سي پڙهڻ سکيم ۽ اڳتي
ڪونه پڙهي سگهيس. آئون جڏهن سائين جن وٽ رهندو هئس
ته اتي راڳ جون محفلون ۽ مشاعرا تمام گهڻا ٿيندا
هئا، پوءِ مون کي به شاعري جو شوق ٿيو ۽ مون پهرين
ڪافي جنهن جو ٿل هيٺ ڏجي ٿو، اها لکي هئي.
ٿل: پئي باهه برهه جي ٻري سا آگ اجهامي ڪين ڪي.
۽ ان ۾ نالو مصري وڌو هئم.
ان کان محمد فقير محمد کٽياڻ جو ڳوٺ سليمان کٽياڻ
۾ 7 ستين کان 9 نائين سفر تائين ميلو لڳندو آهي،
سائين جن هميشه اتي ميلي ۾ رات ترسندا هئا، اتي
مشاعرو ٿيو جنهن ۾ مولانا غلام محمد ”گرامي“
(مرحوم)، اسدالله شاهه ”بيخود“ (مرحوم) ۽ احسن
الهاشمي ٻيا به ڪافي شاعر هئا جن جا نالا ياد ناهن
مشاعري ۾ هئا، اتي مون اها پهرين ڪافي ترنم سان
پڙهي هئي. جنهن تي سڀني مون کي دادُ ڏنو ۽ سائين
جن کي به اها خبر پئي ته هي به شاعري ڪري پيو، ان
تي سڀني صلاح ڪئي ته مصري شاهه رضوي نصرپوري به
وڏو شاعر آهي ۽ هن کي ٻيو ڪو تخلص ڏجي پوءِ مون کي
”مائل“ تخلص ڏنائون ۽ سروري جيئن ته اسان جو مڪتب
آهي، ان ڪري ”مائل سروري“ جي نالي سان شاعري ۾
مشهور ٿيس.
زندگي جا اهم
يادگار
1.
اسان جي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف اندازاً ڪلوميٽر جي فاصل
تي ڳوٺ پيربخش ڪاڪا آهي، اتي سيد گهراڻي جا ٻه گهر
هئا هڪ دودل شاهه ۽ ٻيو بقادار شاهه. دودل شاهه کي
ٻه فرزند هئا. هڪ غلام مرتضيٰ شاهه عرف وڪيل شاهه
۽ ٻيو نورمحمد شاهه جيڪو هڪ بهترين شاعر به هو ۽
هن وقت حيدرآباد ۾ لالو لاشاري جي ڳوٺ ۾ سندس
درگاهه آهي. جيڪو منهنجو همعصر (سنُ) هو، انهن جي
والده بيبي قائمھ جو منهنجي والده سان تمام گهڻو
رستو هوندو هو. مون کي منهنجي همشيره (مرحومه)
ٻڌايو ته امان بيمار هئي بيبي صاحبه گهر آئي ۽
توهان رُنو پئي توکي کڻي بيبي صاحبه جن ٿنڃ پياري،
اها منهنجي وڏي خوش نصيبي آهي جو آلِ رسولصه
جي ٿنڃ نصيب ٿي، ۽ منهنجي ٻي شادي جيڪا 10 ڊسمبر
1975ع تي ٿي هئي ان جي نيکيٽيءَ جون لائون به بيبي
صاحبه جن ڏنيون، اسان وٽ ”مستن“ جي نالي سان مشهور
آهي ۽ سندن مزار ڳوٺ پيربخش ڪاڪا ۾ آهي.
2.
طالب الموليٰ سائين جن جي ٻئي نمبر فرزند سائين
خليق الزمان جن جي 1975ع ۾ شادي ٿي هئي، جيڪا
حيدرآباد کان ٻاهر ڳوٺ مُلان فراش ۾ پير محمد جمن
مرحوم (جيڪو مرشد نوح فقير جي خاندان مان هو) جي
نياڻي سان ٿيڻي هئي، سو ان ڪم ڪار ۾ شادي کان پوءِ
جيڪو وليمون ٿيڻو هو ان جي دعوتن جا ڪارڊ منهنجي
حوالي ڪيا، مون رات جو ماسترن جي وڏي ونگار ڪري سڀ
ڪارڊ لکي ۽ صبح جو ڳوڻيون ڀري ٽانگن ۾ وجهي ۽ پوسٽ
آفيس ۾ جمع ڪرائي آيس ۽ صبح جو سائين جن جي حاضري
۾ وڃي ويٺس ته پاڻ مون ڏانهن انهيءَ خيال سان
نهاريائون ته هن کي ايترو ڪم آهي ۽ هي هتي ڪيئن
ويٺو آهي، جيئن ته اسين حاضري وارا ماڻهو هئاسين
تنهنڪري مطلب کي سمجهي ويس ۽ مون عرض ڪيو ته قبله
سائين مون ڪم لاهي ڇڏيو آهي ٻيو ڪو حڪم هجي ته
ٻڌايو، پاڻ فرمايائون سڀ ڪنهن کي پنهنجو ڪم مليل
آهي ٻيو ڪوبه ڪم ناهي. مون عرض ڪيو قبله هڪڙو ڪم
سُجهي ٿو جي اجازت هجي ته آئون اهو ڪم ڪريان، پاڻ
فرمايائون اهو ڪهڙو ڪم آهي، مون عرض ڪيو ته خليق
سائين جن جي ساهراڻي ڳوٺ ۾ بجلي ڪانه آهي، جي
اجازت ڏيو ته اهو ڪم وڃي آئون ڪريان، اهو ڏينهن
سومر جو هو ۽ ڄنڃ خميس جي ڏينهن هلڻي هئي. پاڻ
فرمايائون ته ٽائيم گهٽ آهي اهو ڪم ڪيئن ٿي
سگهندو، مون عرض ڪيو ته مون کي اجازت ڏيو ۽ سائين
جن مون کي اجازت ڏني ۽ پوءِ مون ٻن ڏينهن اندر
بجلي جو ڪم ڪرايو. اتي ان وقت جو چيف خليفو سيد
حاجي فتح الدين شاهه (مرحوم) جن مون کي اچي نراڙ
تي چُمي ڏني ۽ وڏو دادُ ڏنائين. پوءِ ٻن سالن
تائين ان ڳوٺ وارا بنا ميٽرن جي بجلي ٻاريندا
رهيا.
ڪم جي جلدي ٿيڻ جو سبب اهو هو جو ان وقت جو چيف
انجنيئر واپڊا خليل احمد شيخ (پنجابي) منهنجو دوست
هو، جنهن جو مون هڪ تمام وڏو ڪم ڪيو هو، هن جي
ڀاءَ ميجر عامر جيڪو ان وقت راولپنڊي هيڊڪوارٽر ۾
رهندو ان جي نياڻيءَ جي آرمي ميڊيڪل ڪاليج
راولپنڊي ۾ هڪڙي مارڪ گهٽ هجڻ سبب داخلا نه ٿي
سگهي هئي، جيڪا مون سائين جن کان ڀُٽي صاحب جي
اي.ڊي.سي برگيڊيئر نوازش علي کي فون ڪرائي ۽ داخلا
وٺي ڏني هئي، جيڪا سائين جن کي ياد ڪونه هئي، ان
جي ڪري اهو ڪم جلدي ٿيو ۽ چيف منسٽر غلام مصطفيٰ
صاحب جن وليمي ۾ آيا ان کان درخواست تي آرڊر ڪرائي
اهو پَنون مون چيف انجنيئر کي ڏئي ڇڏيو هو ته هاڻ
وڃي پنهنجي ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪريو.
ان کان پوءِ سائين جن جا جيڪي به ماڻهو شادي ۽
وليمي جي ڪم ڪار ۾ هئا انهن کي بنگلي تي گهُرائي
انهن کي بوسڪيءَ جو پَٽڪو ۽ حاجي فتح الدين شاهه
کي اجرڪ ۽ ٻين کي ڪپڙن جا وَڳا ۽ لفافن ۾ روڪ رقم
ڏنائون. جڏهن سڀني کي انعام ڏئي بس ڪيائون ته
منهنجي لاءِ ڪوبه انعام نه بچيو، سائين جن ان بعد
سائين امين فهيم سان مخاطب ٿي فرمايو ته جيڪو ڪم
مصريءَ ڪيو آهي اهو ٻئي ڪنهن کان ڪونه ٿئي ها ۽
اسين هن کي پنهنجي لکڻ واري پارڪر انڊپين انعام
طور ڏيون ٿا. ان تي آئون ڏاڍو خوش ٿيس ته مرشد کان
مون کي اها پين علم جي نشاني ملي وئي آهي، جيڪا
مون وٽ حفاظت سان رکيل آهي، جنهن جو فوٽو هن ڪتاب
۾ پڻ ڏنل آهي.
3.
سال 1996ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ منهنجو پٽ راجا
سهيل احمد اٺين ڪلاس ۾ داخل ٿيو، جنهن اُتان
ميڊيڪل ۾ انٽر سائنس ڪيائين ۽ ان ڪاليج ۾ سال
1998ع ۾ مون طالب الموليٰ ڪارنر ڪاليج جي لائبرري
۾ کولرايو هو، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻوليءَ
جو بااختيار اداري ۽ شاهه لطيف ڪلچر سينٽر جي
ڪتابن جا مڪمل سيٽ وٺي ڏنا هئا ۽ سائين طالب
الموليٰ جن جي تصنيفات جو سيٽ پڻ وٺي ڏنو هو، جيڪو
اڄ ڏينهن تائين ڪيڊٽ ڪاليج جي لائبرري ۾ مون کان
سواءِ ڪنهن به سنڌي ڪتاب نه ڏنا آهن. ان لائبرري
جي افتتاح جو فوٽو پڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي.
4.
سال 1999ع ۾ درگاهه حضرت غوث الحق مخدوم رحه
جنهن جي ورانڊي جو ڪم مون اوقاف کاتي وارن کان پنج
لک روپيه منظور ڪرايا، جنهن ۾ پير ضياءَالحق
سهروردي نوشهري فيروز وارو ان وقت چيف ائڊمنسٽريٽر
اوقاف هو ۽ سائين سعيدالزمان ۽ مون صلاح ڪري ليبر
جماعت جي ماڻهن مان ڏني ، باقي مٽيريل جو سڄو خرچ
اوقاف کاتي جي طرفان ڏنو ويو، هن وقت ورانڊي ۾
جيڪي ٽيئر لڳل آهن اهي ٽيئر نه پر گارڊر آهن، ان
ڪم ۾ مرحوم دوست علي ڳاهوٽي رازا ڏنا ۽ ليبر کي
ماني کارائڻ جو ڪم رسول بخش ڳاهوٽي جيڪو ان وقت
سائين جن وٽ نوڪري ۾ هو، اهو ڪم ان تي رکيو ويو،
اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو اهو ڪم به الله سائين
مون کان ورتو.
5.
هن کان اڳ پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت ۾ ڄام صادق
علي مرحوم لوڪل گورنمينٽ کاتي جو وزير هو ان کان
پنج لک روپيه گرانٽ اوقاف کاتي کي ڏياري جنهن مان
درگاهه شريف جو وضو خانو جيڪو ٺهيل آهي (جيڪو داتا
گنج بخش لاهور واري جي درگاهه تي ٺهيل وضو خاني جي
نقشي مطابق ٺهيل آهي) ۽ ٻيا پنج لک روپيه منظور
ڪرائي ٽائون ڪميٽي هالا کي ڏياريا. (جنهن ۾ ان وقت
مخدوم اعجاز حسين چيئرمين هو) جنهن مان باب نوح
رحه کان درگاهه شريف تائين روڊ ٺهيو ۽
مخدوم صاحب جن جي روڊ کان ون وي به اسسٽنٽ ڪمشنر
آفيس تائين ٺهيو هو، ۽ ٻيا پنج لک روپين جو باب
مخدوم امين فهيم کان ٿلهي تائين پڪو روڊ ٺهيو.
6.
وزيرِاعظم نواز شريف جي ٻئي دور ۾ ڄام صادق علي
مرحوم سنڌ جو چيف منسٽر ڄام صادق علي هو. انهيءَ
زماني ۾ ٽائون ڪميٽي هالا جو چيئرمين سائين مخدوم
سعيدالزمان هو ان جو ڪم ڪار ڪوبه نه ٿي ٿيو، ان
سائين طالب الموليٰ کي عرض ڪيو ته آئون چيئرمين
تان استعفيٰ ڏيان ٿو، سائين جن فرمايو ته ڇا جي
ڪري استعفيٰ ڏيو ٿا؟ پاڻ عرض ڪيائون ته منهنجو
ڪوبه ڪم نٿو ٿئي، تنهنڪري منهنجي چيئرمين هجڻ جو
ڪوبه فائدو ناهي. ان تي سائين چيس ته مصري ڪاڪا کي
گهرائجي ان توسان ڪم ڪرڻ جي هام ڀري ته تنهنجا سڀ
ڪم ٿي ويندا، ان بعد سعيدالزمان مون کي پاڻ وٽ
گهرايو ۽ ڪم ڪار جو تفصيل سمجهيائون، جنهن تي مون
کين عرض ڪيو ته هلو ته سائين وڏن وٽ هلون ۽ سائين
جن کان ڄام صادق علي خان کي فون ڪرايون. پوءِ اسين
گڏجي سائين وڏي وٽ وياسون جتي پاڻ سعيد سائين کان
پڇيائون ته توهان پاڻ ۾ صلاح ڪري ٺهي آيا آهيو؟
سعيد سائين عرض ڪيو ته هائو، هاڻ سائين جن ڄام
صادق علي خان کي فون ڪيو ته هائو، هاڻ سائين جن
ڄام صادق علي خان کي فون ڪن ته اسين ان سان وڃي
مِلون. سائين جن فون ڪئي ۽ ڄام صاحب جن ٻئي ڏينهن
سان کي ملاقات جو ٽائيم ڏنو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن اسين
ڄام صادق جن ڏي وياسون ۽ اهو منجهند جو ٽائيم هو،
ڄام صاحب مِليو ۽ منجهند جي ماني اسان کي پاڻ سان
گڏ کارايائين، ڪمن جي سلسلي ۾ منهنجي نالي سائين
کي چيائين ته ڀلي اچي ۽ جيڪي ڪم آهن مون کي ٻڌائي
۽ امتياز شيخ جيڪو سندس پرسنل سيڪريٽري هو ان کي
گهُرائي منهنجي نالي چيائين ته هي جنهن ڪم لاءِ به
اچي اهو ڪم جيتريقدر ٿي سگهي ڪري ڏيو، ان بعد
هيٺيان ڪم ڄام صاحب جن کان مون هالا لاءِ ورتا.
1.
هالا ٽائون ڪميٽي کي ميونسپل ڪميٽي ڪرايو ويو.
2.
درگاهه شريف جي پڪي ڪوٽ لاءِ 18 لک روپيه بلڊنگ
ڊپارٽمينٽ کي ڏياري جنهن مان اهو ڪوٽ ٺهيو.
3.
ڀاڄي مارڪيٽ هالا لاءِ ٽيهه لک روپيه ميونسپل
ڪميٽي کي گرانٽ ڏياري جنهن مان ڀاڄي مارڪيٽ تعمير
ٿي.
4.
واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينج اسڪيمن جي واڌاري لاءِ
پنجونجاهه لک روپيه ٽائون ڪميٽي کي ڏياريا، جنهن
مان اهو ڪم مڪمل ٿيو ۽ ان ڊرينج جو پاڻي شهر کان
ٻاهر ٻه ٽي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مخدوم غلام محي
الدين جن جي زرعي زمين آباد ڪري ٿو.
5.
ايس.آر.پي.سي بس اسٽينڊ لاءِ پنج لک روپيه گرانٽ
ڏياري جيڪو اسٽينڊ ٺهيو پر بعد ۾ اها بس سروس بند
ٿي وئي، هن وقت اتي مختلف ماڻهن جا دڪان ٺهيل آهن.
6.
گوشت مارڪيٽ هالا لاءِ پندرهن لک روپيه ميونسپل
پارٽي کي ڏياريا جنهن مان اها مارڪيٽ ٺهي.
7.
ان بعد سائين سعيدالزمان ٽائون ڪميٽي ۾ هڪ فنڪشن
ڪرايو جنهن ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾
مون کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنائون، جنهن جو فوٽو هن
ڪتاب ۾ پڻ ڏنو ويو آهي.
8.
ايوب خان جي دور ۾ سائين طالب الموليٰ جن قومي
اسيمبلي جي بجٽ سيشن لاءِ اسلام آباد هليا هئا ۽
مون کي به گڏ وٺي ويا هئا ته تون ديوانِ طالب
الموليٰ جي پريس ڪاپي هلي تيار ڪر، پوءِ اسين ڪوهه
مري ۾ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي طرفان بنگلو جيڪو
سائين جن لاءِ غلام نبي ميمڻ مرحوم ۽ ويست پاڪستان
گورنمينٽ لا اينڊ انفارميشن کاتن جو وزير هو، ان
بوڪ ڪرايو هو. جتي آئون ٻه مهينا رهيو هوس، ان وچ
۾ سائين طالب الموليٰ هالا ڏانهن واپس آيا ۽ سائين
امين فهيم جن ڪوهه مري ۾ آيا ۽ ان بنگلي ۾ اچي
رهيا هئا، شام جي ٽائيم تي پاڻ چيائون هلو ته ٻاهر
چڪر ڏئي اچون پوءِ اسان ٻئي گڏجي ٻاهر وياسون، اتي
ڪلڊنا روڊ تي ماڊل فوٽو اسٽوڊيو هو، جتي سائين جن
فرمايو هو ته اتي فوٽو ڪڍرايون ٿا. آئون احترامن
سائين جن جي پويان بيٺو هوس، مون کي سائين جن
ٻانهن مان وٺي پاڻ سان گڏ ويهاريو، سائين جن ۽
آئون هم همر آهيون ۽ اهو فوٽو اسان ٻنهي جي جواني
جو آهي، جيڪو پڻ هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.
9.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جو رسالو
”گنج شريف“ جيڪو ڀٽ شاهه درگاهه جي ڏکڻ شريف وڏي
اوطاق سڏبي آهي، ڀٽائي صاحب جي ڌاڳن سان گڏ اتي
رکيل آهي ۽ اتي اوطاق انچارج ”تمر فقير“ جي اولاد
مان ميهار فقير مرحوم مُتولي هو، جنهن کي سائين جن
گهرائي ۽ منهنجي رسالي لکڻ لاءِ اجازت ورتي، مون
کي ياد آهي ته پهرين محرم شريف کان مون اهو ڪم
شروع ڪيو ۽ ڏهين صفر تائين مون ان رسالي جو ڪم
مڪمل ڪيو. ان رسالي جي صورتخطي ابوالحسن جي سنڌي ۾
آهي، رسالي کي کولبو ته ائين محسوس ٿيندو جيئن
قرآن شريف ۾ عربي زبان جا اکر محسوس ٿيندا آهن،
بيت يا وائي جو لفظ ڳاڙهي مَسُ سان لکيل آهي ۽
صورتخطي تمام سٺي ۽ سهڻي لکيل آهي. اها منهنجي
خوشنصيبي آهي جو اهڙي بزرگ جو رسالو مون لکيو ۽ ان
رسالي جو نقل اڄ ڏينهن تائين سائين جن جي لائبرري
۾ يقيناً موجود هوندو. اهو رسالو سائين جن انهيءَ
لاءِ لکرايو هو ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرايو
ويندو، پر اهو ڇپجي ڪونه سگهيو، حالانڪه سائين جن
ان وقت بورڊ جا چيئرمين هئا. ڪهڙن سببن جي ڪري نه
ڇپجي سگهيو معلوم نه آهي.
10.
سال ياد ناهي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ عبدالله جي
ميمڻ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي ملاکڙو لڳرايو، جنهن
۾ ان وقت پير ضياءُالحق سهروردي، نوشهري فيروز
وارو حيدرآباد تعلقي جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو ۽ حاجي
هارون ميمڻ حيدرآباد سٽي جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو، انهن
ٻنهي مون کي چيو ته اسان کي ٻهراڙين مان اُٺَ ۽
گهوڙن تي سوار ماڻهو آڻڻ ۾ مدد ڪريو، جنهن تي مون
پندرهن ويهه اُٺ ۽ تقريباً پنجاهه گهوڙي سوار
ماڻهو گهُرائي ڏنا. جنهن تي مون کي ڪمشنر صاحب
تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏياريائون اهو سرٽيفڪيٽ ڪتاب ۾
ڏنل آهي.
11.
پيپلز پارٽي جي ورڪ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
صاحب ۽ سائين طالب الموليٰ سنڌ ۾ گڏ نڪتا هئا،
جنهن پهريون جلسو ٺٽي ۾ ٿيو هو ۽ ٻيو جلسو عمرڪوٽ
۾ رکيو هئائون، جنهن جي بندوبست لاءِ سائين جن اهو
ڪم منهنجي حوالي ڪيو، جيڪو جلسو اتي ڪامياب ٿيو ان
۾ سروري جماعت جي ماڻهن به تمام وڏي مدد ڪئي پوءِ
ڀٽي صاحب کي ٽائون ڪميٽي عمرڪوٽ ۾ چانهه پياري
سون، جتي سائين طالب الموليٰ ۽ آئون گڏ هئاسون،
اهو فوٽو به هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.
12.
11- جنوري 1994ع تي سائين طالب الموليٰ جن جي
پهرين ورسي جي موقعي تي (جيڪا هالا هاءِ اسڪول ۾
ٿي هئي) جنهن ۾ شهيد محترمھ بينظير ڀٽو صاحبھ
وزيرِاعظم پاڪستان جن آيا هئا ۽ ان موقعي تي سائين
امين فهيم جن مون کي سوشل ورڪ جي سلسلي ۾ طالب
الموليٰ ميموريل ايوارڊ محترمه بينظير ڀٽو صاحبھ
جي طرفان ڏياريو ويو، جنهن جو فوٽو هن ڪتاب ۾ ڏنو
ويو آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جن جي سالگره 5- جنوري 19ع
تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي هئي. اتي مشاعرو رکيل هو، جنهن ۾
مون کي شاعريءَ ۾ ٻيو نمبر جيڪي جج وهاريل هئا
انهن ڏنو، ان لاءِ مون کي ست هزار روپيه قاضي اسد
عابد جيڪو ان وقت حيدرآباد ضلع جو
PPP
جو صدر هو، ان هٿان انعام طور شهيد محترمھ بينظير
ڀٽو طرفان حيدرآباد ۾ قاضي صاحب جي بنگلي تي ڏنا
ويا، جنهن جو فوٽو به هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي.
نوٽ: هن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي يادگار آهن،
جيڪي لکبا ته جدا ڪتاب ڀرجي ويندو، حقيقت ۾ تصرف
سائين جن جو هو باقي محنت سڄي مون ڪئي.
ڪجهه سوشل ورڪ جي ڪمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
1.
مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ڊگري ڪاليج نيو
سعيد آباد
2.
مخدوم محمدالزمان طالب الموليٰ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ڀليڏنو ڪاڪا
3.
گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ڀليڏنو ڪاڪا
4.
رورل هيلٿ سينٽر
A
ٽائيپ ڀليڏنو ڪاڪا
5.
فوڊ ڊپارٽمينٽ جو سينٽر گودام ڀليڏنو ڪاڪا
6.
پوسٽ آفيس ڀليڏنو ڪاڪا
7.
فيلڊ اسسٽنٽ آفيس
8.
اوطاق مخدوم صاحب کان الله بخش ترڪ روڊ
9.
سعيدآباد کان سرهاڙي روڊ
10.
ڀليڏنو ڪاڪا باءِ پاس روڊ
11.
سعيدآباد بکر جمالي روڊ
12.
بکر جمالي کان لالو خاصخيلي روڊ
13.
بکر جمالي کان خدابخش ڪاڪا وايا اوڀر سومرو کان
سرهاڙي روڊ
14.
بکر جمالي موري کان عليشير خاصخيلي روڊ
15.
بکر جمالي موري کان متل موري روڊ
16.
غلام محمد مناهجي کان الياس ابڙيجو روڊ
17.
اول ڇڇر کان عبدالواهد ٻُرڙو روڊ
18.
هالا کان ڀاڻوٺ روڊ
19.
نيشنل هاءِ وي کان وايا راڻو ٻگهيو زير پير روڊ
20.
شهدادپور کان ڪرم خان نظاماڻي
21.
هالا کان ميرجت ايٽ کنڊو روڊ
22.
نيشنل هاءِ وي کان فريد فارم وايا اولڊ سعيدآباد
۽نيو سعيد آباد روڊ
23.
سعيد آبادکان بچل ڪاڪا روڊ
۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا تعميراتي ڪم ۽ ننڍا ننڍا
روڊ ٺهرايا ويا ان کان سواءِ تقريباً پنجاهه ڳوٺن
کي بجلي ۽ پرائمري گرلس ۽ بوائز اسڪول منظور ۽
تعمير ڪرائي ڏنا ويا. |