بيت
ڇڏي ڏنئي جي ڇوري کي- ته به آهي اڃا الله
جنهن مالڪ خلقي محبت مان- سائينءَ وڌو ٿم ساهه
سو ”مائلَ“ مون مسڪين جي- ٿيندو پشت پناهه
مدايون معاف ڪندو- غفّار هر گناهه
ايمان منهنجو ڪڏهن- ڪين کائيندو لاهُه
سو ڏيندم مهابي مُحمّدصه جي- دلڙي جيئن
درياءُ
آهي هيڻن جو همراهه- سو هر دم ۽ هر ويل ۾.
9 مارچ 1975ع، ڊاڪٽر حيدر علي قاضي جي ڪلينڪ تي
لطيف آباد حيدرآباد
بيت
پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾- آهي هيُ فرق
هو پڙهي پنهنجي پاڻ کي- هيَ سکي ٿو سبق
هُن جو زور ظاهر تي- هيُ قلبي رکي قلق
هي ڏسي ظاهري اکن سان- هيُ منجهئ مستغرق
هُو گهُمي سڀ طبق- هيُ ڏسي فقط ظاهر کي.
بيت
آهي عشق شهنشاهه جي- ڏئي الله سائين امانت
جنهن ڪئي اچي قلب جي- آهي امانت
امانت انهيَ ۾ ڪڏهن- ڪبمي نه خيانت
پاڻا سِڪَ صبر سان- وٺائبيس وڏي وَسِعَتَ
عجز، ادب ۽ نياز سان- ڪري عبادت
پيش اچيو اُن کي ڪبي- سدا صداقت
ٻانهو ٻڌي دل سان- نياز ڪبي نوڙت
قياس، رحم همدردي- ۽ ان سان گڏُ مُروت
جو واحد ساڻ وحدت- ڏني ”مائلَ“ کي محبت سان.
17 فيبروري 1975ع ڪيفي لبرٽي طارق روڊ
پي.اي.سي.ايڇ سوسائٽي، ڪراچي
بيت
پرور ڪيو آ پرت مان- مون کي منسلڪ
آهيون ٿي ويا هڪ- جدا نه سمجهان جيَ کان.
17 فيبروري 1975ع ڪيفي لبرٽي طارق روڊ
پي.اي.سي.ايڇ سوسائٽي، ڪراچي
بيت
مالڪ جي مخلوق ۾- هُئيس هڪڙُو فرد
ڪرم ڪري پانهنجو- دل ۾ ڏنئين درد
هردم سندس هٿ هيٺ ٿو- رهان گرم سرد
قلب اُچاري قرب سان- واحد جوئي درد
سڏجي تڏهن سنسار ۾- ”مائلُ“ جوان مرد
جو هيڻين سان همدرد- ٿيون رسولصه الله
جو.
3 صفر 1395هجري 15 فيبروري 1975ع، تُغلق هائوس
ڪراچي
بيت
”وحده لاشريڪ لھ“ مور نه ٻيو معبود
ڪر تون حضور قلب سان- تنهن سائين کي سجود
ته ڪرئي قادر ڪرم سان- عاقبت محمود
۽ سدا رهين سائينءَ سان- اُلفت ۾ آ سود
فڪر فاني جهان جا- ٻيا سڀئي اٿئي بي سود
ته ”مائلَ“ سڀ مقصود- حاصل هادي ٿو ڪري.
8 صفر 1395هجري 21 فيبروري 1975ع، جمع نماز بعد
مسجد شريف ٽيليگراف هائوس، حيدرآباد
بيت
ڪر تون حضورِ قلب سان- پرور کي پڪار
نه لاهي ڇڏئي لحظي اندر، الله سائين آزار
وَنَحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ
الْوَرِيْدِ-
سو دم کان ناهي ڌار
ڏس تون اندر جي اک سان- ته انجو ڏسين اظهار
سو ته قادر ڪُل مختيار- جنهن ”مائلَ“ آندئي محبت
سان.
بيت
اسان ڏي اسلام- مولا هيئن آ موڪليو
مخاطب ٿي مُحمّدصه سان- قادر مُڪو ڪلام
ته منهنجي تون مخلوق کي- ڏي پرين هيُ پيغام
”وحده لاشريڪ لھ“- آهي اسان جو نام
لا اِلــٰھ اِلا الله مُحمّد رسول اللهصه“-
جو دل ۾ وجهو دام
”فذڪروني اذڪرڪم“ جي- طلب رکو تمام
”واقيمو الصلواة وآتو زڪواة“ ۾- عشق ڪريو امام
قلب سندي ڪعبي اڳيان- ٻڌو اُلفت جو احرام
طواف ڪريو تنهن کي- صبح توڙي شام
ڪريو خدمت خلق جي- خاص توڙي عام
نيّت رکو نيڪ ۽- ٿيو خلوص ساڻ خدام
ته ٻنهي جهانن ۾- آهي اوهان جو انعام
پيا پڙهو منهنجو نام- ”مائلَ“ چئي محبت سان.
بيت
جهيڙن سندئي سال جانب ٿو- وڌي ويتر پيار
اصل ۾ مون اگلي تي- هيُ آهي تنهنجو آرُ
ڌاريون نه سهندو دل سان- سهي ڪاوڙ قربدار
جداين کي جيَ سان- ڪري پاتم ڳچيءَ هار
جو جداين ئي جيَ کي- قريب ڏنم قرار
۽ سِڪَ وڌي سرسيَ ٿئي- جيڪا ڪري انتظارُ
جو تون ته آهين پاڻ جو- پاڻ ئي خودمختيار
پر پنهنجي محبت عشق جو- تون محب تي مدارُ
حڪم تي حاضر رهان- ڪريان نه ڪڏهن انڪار
جو اصل کان اقرار- ڪيو ”مائلَ“ ڏينهن ميثاق جي.
سومر، 17 مارچ 1975ع، هالا
بيت
آهي برابر سڀ ڪنهين- سندوئي الله
۽ واحد هڪ جهڙوئي وِڌو- سڀني ۾ آ ساهُه
جسمن گهٽ وڌ رکيو- مالڪ آهي ماهُه
۽ دليون انهن سان گڏ- ڪيون محبت ساڻ مُباح
پر ڪن ۾ سُتي سوڙهه آهِه- ۽ آهن ڪي درياءُ
ڪي لنگهن ٿين درياءُ- ڪي ”مائلَ“ نه ٽِيَنِ
اَڏُون.
بيت
”مائلَ“ ملين محب جي- خوب خوشيون ڪين ٿين
ٺري ڳَنڱَ ٿي پين- اکيون پوءِ عجيبَ هي.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
پسڻ ريَ نه پُوربيون- اکيون ڪڏهن عجيبَ
نامِ خدا نڌر سان- موٽي مِلُ مجيب
ڪر ڪو قُربُ قريبَ- ته رَسي راحت روح کي.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
اَکِيُنِ انتظارُ- آهي رڳو عجيبَ جو
پَسيَ پرين پانهنجو- جانبُ جيَ جيارِ
ڪنديون پوءِ قرارُ- سُمهي سي ئي سکُ ڪري.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
پرين تو پرديس ۾- ڏينهن وڃي لاتا
اُڏايم اُداس مان- خبر لءِ کيانتا
پَسڻ لءِ مون پورهيت جا- نيڻ آهن آتا
اچ ته سُورُ سُڻائيان- پرين پيرائتا
دلبر لڳَ داتا- وارج واڳ ورڻ جي.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
پيرين تو پرديس ۾- لايا ڏينهن وڃي
اچ نام الله جي- منهنجي منٿ مڃي
ڀيرو ڪِيمَ ڀڃي- ويهج يارَ وِلهيَ کان.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
منهنجا ڏِسي ڏوهَه- ڪرِ نه پاسي پاڻ کان
دردن کان ئي دل تي- اٿم ڪئين اَنڌوهَه
تڳان پيئي توهَه- سڄڻ سدائين تنهنجي.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
منهنجا ڏوهَه ڏِسي- ڪر نه پاسي پاڻ کان
تنهنجي يار فراقَ ۾- ويئي سڀ خوشي
جي تون به وئين رُسي- ته ڪيڏانهن ويندي ڪوجِهِڙي.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
پڙهي پڙهي ڪتاب- مٿوم وڃاءِ مُورَکَ
پنهنجي ڪر پرَکَ- ”مائلَ“ پنهنجي پاڻ ۾.
22 فيبروري 1962ع، امين منزل گاڏي کاتو، حيدرآباد
بيت
سورن وارا سازَ- آلاپين اندر ۾
انهن جا آواز- ڪير ٻُڌي ٻيو قلب ري.
2 جولاءِ 1962ع، امين منزل گاڏي کاتو، حيدرآباد
بيت
وقتُ، هَوا، دولتَ- سدائين مَٽِجن
مگر سچي محبت- ڪڏهن مَٽجي ڪين ڪي.
2 جولاءِ 1962ع، امين منزل گاڏي کاتو، حيدرآباد
بيت
ڪهڙا ڏي خطابَ- ”مائلُ“ محبوبن کي
محب، مَنِڙا، مِٺِڙا- منور منهن مهتاب
آهين عالي جنابَ- سڄڻ اڳئي سڀئين پَرين.
بيت
مردِ خُدا مُلڪ ۾- اڃا ئي آهين
ڪري ڪچهريون قُرب جون- قلبئون ڪَسُ لاهين
وهين وِهائين- سڄيون راتيون رِيجهه ۾.
”مائلَ“ مليو محب سان- ويا ويڇا وار
ڏنا اچي ڏکويل کي- عجيبن آڌار
فذڪروني اذڪرڪم- سڄڻن لڌي سار
”مائلَ“ محبتن جا ٿيا- ٻيڙا پار
ڪرم ڪيا ستار- ڪيئي اڄ ڪِنَنِ تي.
9 رمضان المبارڪ مطابق 1391هجري 3 آڪٽوبر 1971ع،
هالا کان حيدرآباد ويندي بس ۾،
بيت
جن گڏيل سازش سان- هو ٺاهيو متحد محاذُ
سي ڪِرائي ڪينَ سگهندا- قوم ڪڏهن آزادُ
جو رکيو تن آ اُن جو- نيّت کوٽيَ بُنيادُ
سي ڪامياب نامُراد- ڪينَ ٿي اُن مان سگهيا.
5 مارچ 1977ع، حيدرآباد
بيت
ناڪامي پنهنجي بعد جِن- قومي ٺاهيو اتحادُ
اُن ۾ ڪنهن طرح سان- نه مُخلصيَ موادُ
تُرتُ ڪن سي تضادُ- پي.پي وارن سان تڏهن.
5 مارچ 1977ع، حيدرآباد
بيت
ضيا تُنهنجي زَنگُ- قهري چڙهيو قلب تي
بلڪل تو بُڇڙاڻِ ۾- دَلا ڪيو آ دنگُ
واحدُ وجهندو وَنگُ- قادُر توکي قهرَ جو.
نوٽ: جنرل ضيا جي مارشل لا کان پوءِ بيت لکيا ويا.
بيت
هڻي نعرو حق جو- ٿو جانب ڪريان جهاد
ته باطل ڀڄي ڀورا ٿئي- جو بلڪل بي بنياد
ڏڦيڙ وڌائين ڏيهه ۾- هي ڦڏو ۽ فساد
مور نه آهي ماڻهن ۾- سڪ جو ڪو سواد
الله ۽ رسولصه جو- وڃايون اعتقاد
رهيو نه اعتماد- ”مائلَ“ مسلمان ۾.
2 فيبروري 1975ع، ڪراچي
عنوان: سسئي جا بيت
بيت
ڇڙيون هڻندي ڇَپر ۾- ساريو ڏِيان پَئي ساهُه
ٿَڪيَ جي ٿيءُ هاڻ تون- پرين پُشت پناهَه
هيڻِيَ جي هِن حَب ۾- ڪانهي توريَ واهَه
آرِي سُڻِي وَرُ آهَ- ”مائلَ“ مون مهجور جي.
25 شوال 1392هجري 2 ڊسمبر 1972ع
بيت
هيڻيَ تان تون هَٿُ- کَڻُ م ٻاروچا ٻاجهه جو
”مائلَ“ جو تون ئي مِٺا- آهين اَجهو ۽ آٿتُ
مون کي ڏئي محبت جي- وَرَ هيَ وڏي وَٿُ
پوءِ سڄڻ پنهنجي سٿُ- ڇنيي ڪين ڇوڙي ڇڏيئي.
1 محرم الحرام 1395هجري
بيت
فائق فيصلو- پاڻهي ڪيو ٿَم پاڻ سان
ته ايندي نه جي اَڀري ڏي- ۽ بلڪل نه ڪندين بِلو
ته به ورنديس نه ڪڏهن واٽ تان- مِلو يا نه مِلو
ڇو ته ڪيڇي سندئي قُرب جو- اٿم قلب منجهه ڪَلو
جو سڪ سندئي جو ساهه ۾- هو سائين رکيو سَلو
انشاءالله پهچنديس- کَرَنَ هَڻي کَلو
نه ته به مَران مَنَ واٽَ تي- ته به ڀَتار ٿِئيم
ڀَلو
تڙپان تو لءِ ايئن ٿي- جيئن پاڻيءَ بِن پَلو
سو نينهن تنهنجي کي نِلو- ”مائلَ“ نه ڪنديس مخلوق
جي.
13 محرم الحرام 1395هجري
بيت
ساڙي پئي سَريف کي- بِرهه سندئي جي باهه
جنهن جي پٺيان باهه- تنهن جو آسرو ئي لاهِه
ڪيچي سگهو قرب مان- ڪوجهي ڏي تون ڪاهِه
هاڻ هَنَ دنيا ۾- گهَڙيون چند ڪي آهِه
جَوشن ڏاڍي جڏيَ کي- سختي ڏني آ ساهِه
اچي هورَ هنئين جا- لائق ڪري لاهِه
آهون سُڻُ اڙيال جون- ڪڍُ ڪَنَنِ مان ڪَپاهِه
متان هٿَ افسوس جا- پو مَلين مون مَٿاهِه
ڪس سُيئي ڪڏهن سنسار ۾- مُئي موٽي آهِه
چاهئون کڻي چاهِه- ”مائلَ“ مون مهجور کي.
13 محرم الحرام 1395هجري
بيت
آري ڪندن اوير تون- ته سَڙي ٿيندي خاڪ
وائي سندم وَرَ پو- لالَڻ ٿيندي لاڪ
پو ڳالهائيندي ڪنهن سان- ٿي بلڪل چوان بيباڪ
نه ته ٿَڪِي پنهنجي ٿاڪِ- ڪر تون ڪامل پاڻ سان.
13 محرم الحرام 1395هجري
بيت
ڪيچي کنيو ڪيئن تو- هيڻيَ تان آهِه هٿُ
پُنهل نه آهي مون پورهيتَ جو- توريَ اجهو آٿتُ
محبت سندئي جي من ۾- واحد ڏني ٿم وٿُ
سو وِساري ڪيئن ويهي رهئين- پئي ڪريان اهوئي ڪٿُ
جو سُهِڻل پنهنجو سَٿُ- ڇڏيئي ”مائلَ“ هِن مهجور
کان.
13
محرم الحرام 1395هجري
بيت
متان کان لاهُه- پَسي ڏونگر ڏکيا
ڪاهج پَئي ڪيچ ڏي- جيسين اٿئي ساهُه
پنهنجي ڪر تون پاڻ کي- پُنهل لاءِ ئي پاهُه
وڃائج وجود جو- جيڪو اٿئي جاهُه
اهڙي ٿي تون آريَ لءِ- جو لڱين نه رهي ماهَه
ڏَرين متان ڏونگر ڏسي- توڙي آهي اَٿاهَه
هٽجئين نه هڏ تون هوت کان- اهو اٿئي گُناهُه
جي هَڏَ هلڻ ڇڏي ڏين- ته به روحَ جي وٺجئين راهُه
ساٿي کڻ سفر ۾- چري سندس ئي چاهُه
ته آخر سندس نيٺ الله- مدد ٿيندو تو ”مائلَ“ جي.
13 محرم الحرام 1395هجري
بيت
ڪر تون پنهنجي ڪيچيَ جي- ڳولا ۽ ڦولا
پَهري وڃ تون پاڻ تي- چاهَه جا چري چولا
وري متان وَرَ ريَ تون- ڏسي رَندَن جا رولا
ساهي نه کڻ تون سفر ۾- ڀَلي گرم لڳن جهولا
رکي توڪَل ربّ تي- ٻيا ڀڄي سڀ ڀولا
ته پنهل پڄندئي پَل ۾- لهندي اندر اولا
رحمت جا رحمان جي- تڙپي پئي تولا
۽ مدد ٿيندو مولا- ”مائلَ“ تو مهجور جي.
13 محرم الحرام 1395هجري
بيت
آسرو الله مان- متان تون لاهين
سو مدد مهجورن جي- آهي سٻاجهو سائين
سو ستار سدائين- لڄ رکندئي لوڪ ۾.
13 محرم الحرام 1395هجري
بيت
آسرو الله جو- ڇوري هڏم ڇڏ
”لاتقنطو ابن رحمت الله“ جي- اندر ۾ ئي اڏ
ڪيچي ڏي تون ڪاهن کان- هٽجئين نه هاڻي هڏ
سوال ڪر تون سائين کي- ته گولي هُن سان گڏُ
جو سائين پهرين سڏُ- ٿو ”مائلُ“ سُڻي مَهجور جي.
13 محرم الحرام 1395هجري
بيت
ڏين متان ڏيرن کي- مهجوري مَيارَ
حڪمت انهي ۾ هادي جي- اٿئي ڪا اَپار
ڏس رَندَن ۾ رُلي ڪري- پيئي ڪڍين ڪيئن پارَ
جو انهي طرح ازل کان- هئي لکيو منجهه ڪپارَ
پارج انهي پرت کي- روئي زارو زارَ
۽ الله سائينءَ تنهن جا- ٻيڙا ڪندو پارَ
ته اچي وَرُ وندر ۾- سگهو لهندئي سارَ
جو قادر ڪُل مختيار- ”مائلَ“ آهي مڙني تي.
8 فيبروري 1975ع، سپر هاءِ.وي ڪراچي کان حيدرآباد
ايندي بس ۾.
بيت
جيڏيون جانب جت ريَ- مُور نه ٿئي موٽَڻُ
اُٿڻ، ويهڻُ ۽ سُمهڻ نه ٿئي- حَرام آهي کائڻُ
آهي قسم الله جو- ته وِهُه ٿيم ويهڻُ
سو سرتيُون ڪنديس ڪيئن مان- چريون اوهان جو چوڻُ
پنهنجي وڃي پاڻ کي- پَلِيو اوهين پِڻُ
ڪاهيو ته اوهان جوَ ڪونه ٿي- وڃان آئون ڌَڻُ
جو ڄَٽِيون چئو ٿيون ڄامَ تان- هاڻِ هَٿُ تون کَڻُ
اٿم اندر کي هاڻِ هيَ- رڳو ئي اُڻ تُڻ
جي مُيَسِ ويندي واٽ تي- ته به ڄامَ پهيس ڄَڻَ
ٻاروچل ٻاڏايان – ته سوال سِڪَنديَ سُڻُ
جي نصيب نه ٿيو پهچڻ- ته به گهوريَس ”مائلَ“ محب
تان.
بيت
پُنهل اچي پهچ- ڪيچي ڪري قربُ تون
جهڙي تهڙي حال سان- پَنڌُ ڪيو اٿم ڳچُ
هاڻي هَڏ هيڻا ٿيا- مُور نه رهيو مَچُ
آهيان رَوان روحَ سان- ٿي سُهِڻَلَ چوان سچُ
آهُون سُڻي اچ- ”مائلَ“ مون مهجور ڏي.
2 صفر 1395هجري 14 فيبروري 1975ع، جمع 10:00 بجه
صبح، سنڌ سيڪٽريٽ، ڪراچي
بيت
ڪيچي پَوَئي مَنَ ڪَنَ تي- ڪا ٻَرنديَ جي ٻاڪارَ
ڳنڍِيل آهي ڳَهليَ جي- تَن جي تو سان تارَ
اهي روزَ الست کان- ڪيا اَٿئون اقرار
پُختو هي يقينُ اٿم- ته پاڻهي لهندي سارَ
پَرَ فِطرتاً فِڪرُ ٿيو- تنهن تايو آهي يارَ
صبرَ سمجهه کان ويا چڙهي- بي تابِن جا بارَ
طلبون تڙپيو تائن ٿيون- آهن ڏاڍيون بي قرارَ
ماريو يا جياريو- آهي اوهان جي اختيارَ
سُهِڻُل سگهو سارَ- لَهُه ”مائلَ“ مون مهجور جي.
2 صفر 1395هجري 14 فيبروري 1975ع، جمع 10:00 بجه
صبح، سنڌ سيڪٽريٽ، ڪراچي
بيت
وينديَس ورنديس ڪينَ ڪي- پُڄان يا نه پُڄان
صلاح اوهان جي سرتيون- مورهئون ڪينَ مڃان
جيسين ساهُه سِسِي ۾- تيسين ڪينَ وِهِان
ڏاترَ ڏُکَن ڏارڻ لءِ- ڏِنَم ڏهه هينيان
ڪاٽيو وَرَ وندرُ جا- واڪيندي وڃان
سور سڀيئي سرتيون- پاڻيءَ جيئن پيسان
فرض ادا آئون پنهنجو- ڪيچيَ لءِ ڪيان
جو پاڻهي ڪيم پاڻ سان- ڀَلي ڏُک ڏِسان
ڏِسي ڏُکَ ڏونگرَ جا- هٻِڪان ۽ نه هَٽان
آسري الله جي- هوت ڏي هلان
آهُنِ کي آزيون ڪريو- اُن کي هيئن چوان
ته پهتو هڪدم پنهل وٽ- ڪريو وڃي ڪُوڪان
قياس ڪري من پنهنجو- اچي ”مائلَ“ ڏي متان
۽ چئوس ته هڪ ڀيرو آن کي- جيئري ڏسي مَران
نه هاڻي يارَ هِتان- لاشو کڻندي لالڻ تون.
27 صفر 1395هجري 9 فيبروري 1975ع، هالا شريف
بيت
هوت نه تنهنجي هٿ ڪا- اچي رُليءَ کي راهَه
ڪيهون ڪريان ڪوهَن ۾- سختي لڳي ٿم ساهَه
هينيون ڦاٽي ٿو حب ۾- ڪيڏانهن ڪريان ڪاهَه
ناهي وَرَ ولهيَ جي- توري وسيلو واهَه
نرمل نامِ الله- رَسُ ”مائلَ“ مون معذور کي.
بيت
ويو وَرَ وڃائجي- گوليَ کان پَرَ گسُ
مُور نه ڏي ٿو مُوڙِهل کي- ڏونگرُ سَندئي ڏسُ
ڪيئن ڪيان ڪيڏانهن وڃان- ڪونه هلي ٿو وسُ
رهبر سگهو رَسُ- ”مائلَ“ مون معذور کي.
بيت
رُليَ کان راهُون- وَيون وَرَ وڃائجي
ڏاڍيون ڪيان ڏونگر م دلبر ٿي دانهون
ڪري ڪَهل ڪُٺيَ تي- اچ تون اوراهون
آري سُڻي آهون- رَسُ ”مائلَ“ مون معذور کي.
بيت
وسيلو وَاهَرَ- وَرُ ناهي وِلهيَ جي
ڪريان پيئي ڪوهَن ۾- ڪيچَ ڌڻي ڪُوڪَرَ
اچي ٿيُ آڌر- ”مائلَ“ مون معذور جي.
4 جولاءِ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
بيت
ڪو آپريشن قبول ڪري- ”مائلَ“ رهه مشغول
خدا ڏنو خير سان- داتا اُهو دستورُ
مولا بخشئي مَانَ سان- سدائين سُرورُ
رکبو هر ڪنهن ڪم م- نيڪ نيتي نُورُ
۽ عزم پُختي کان ڪڏهن وڃبو نه وَهلُورُ
قادرُ پنهنجي ڪرم سان- مالڪُ ڪندو منظورُ
ته پَروَر پهرين پُور- سائين رسائينو سائل تي.
18 اپريل 1978ع |