سيڪشن: شآعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:1

ناهي مَستن تي ڪامَيار

(ڪليات)

حاجي مصري ڪاڪا  “مائل سروري ”

ڇپائيندڙ پاران

سُونهاري سنڌ جي مردم خيز سرزمين هالا شريف شروع کان ئي علم و ادب ۽ شعر و شاعري لاءِ ڪوشان رهندو پيو اچي. هِن ڀونءِ تي ڪيئي اهڙا عالم، محقق، شاعر ۽ اديب تولد ٿيا، جن پنهنجي خدمتن جي عيوض هالا جي سرزمين کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اهڙين نالي وارين شخصيتن مان حاجي مصري ڪاڪا ’مائل سروري‘
به هڪ آهي، جيڪو قبلا مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي بزم جو شاعر ۽ سندن ساٿي رهيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، معياري شاعري کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آندو وڃي. بورڊ پنهنجي روايتي ذميواري نڀائيندي، هالا جي عظيم ڪافي-گو شاعر حاجي مصري ڪاڪا ’مائل سروري‘ جي مڪمل ڪلام جي ڪليات ”ناهي مَستن تي ڪا مَيار“ جي اهميت کي مدنظر رکندي، اُن کي شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. هِن ڪليات ۾ نه فقط شاعر جو مڪمل ڪلام شامل آهي؛ بلڪه يادگار تصويرون به شامل ڪيون آهن، جيڪي هڪ دؤر جي تاريخي حيثيت رکين ٿيون.

سنڌ جي اهڙي يگاني شاعر جي هيءَ ڪليات ”ناهي مَستن تي ڪا مَيار“ آءٌ بورڊ جي مانائتي چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان
’عاطف‘ صاحب جن جي
خصوصي دلچسپي ۽ رهنمائيءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن ۽ پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

06- ذوالحج 1441هه                    سيد سڪندر علي شاهه

28- جولاءِ 2020ع                                 سيڪريٽري

 

ٻه اکر

 

حاجي مصري ڪاڪا جي ڪافي زندگي حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب  الموليٰ سائين رحه جي حاضريءَ ۾ گذري، وٽن وقت بوقت ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهندو هو ۽ شاعرن جي ڪلام کي ٻڌندي شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيس. حضرت قبله طالب الموليٰ سائين رحه جن کيس ”مائل سروريءَ“ جو تخلص ڏنو جيڪو اڄ ڏينهن تائين استعمال ڪندو آهي.

پاڻ سنڌي ۽ اردو غزل، بيت، ڏهر، قطعه ۽ ڪافين وغيره تي طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ بحر ۽ وزن جي به سٺي ڄاڻ رکي ٿو.

مطالعي سان معلوم ٿيندو ته ”مائل سروريءَ“ پنهنجي ڪلام ۾ جابجا نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ الفاظ ۾ جدت آندي اٿس، تنهنڪري کيس صاحبِ طراز شاعر چئجي ته بجا ٿيندو.

حاجي مصريءَ سال 1998ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي لائبرريءَ ۾ طالب الموليٰ ڪارنر قائم ڪرايو، جنهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، شاهه لطيف ڪلچر سينٽر جي ڪتابن جا مڪمل سيٽ وٺي ڏنائين ۽ گڏوگڏ حضرت قبله طالب الموليٰ سائين رحه جن جي تصنيفات جو سيٽ پڻ وٺي ڏنو هئائين، اهو سندس قابلِ تحسين آهي.

سندس ڪتاب ”ڪليات مائل سروري“ منظرِعام تي اچي چڪو آهي، اُميد ته دوستن، احبابن ۽ پڙهيل حلقي وٽان کيس مانائتي موٽ ملندي.

مخدوم جميل الزمان

چيئرمين

طالب الموليٰ اڪيڊمي

مائل مڻيادار

طالب الموليٰ طرفان کان توکي ’مائل‘ مليو مان،

خلوص مان خدمت سبب توکي داتا بخشيو دان،

مهر سان ’مسڪين‘ چئي توتي آگي ڪيو احسان،

صاحب رب سبحان، توکي ساڃهه ڏني سرير ۾.

سنڌ ڌرتي جي هڪ معروف ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا تعلقي سعيدآباد ضلعي مٽياري جي عوامي ۽ موزون شاعري ڪندڙ نالي حاجي مصري ڪاڪا ’مائل سروري‘ مون کي پنهنجي شعري مجموعي ڪُليات ڪتاب بنام ”ناهي مستن تي ڪا ميار“ بابت لکڻ لاءِ چيو، ان ڪري ڪتاب تي چند سِٽون لکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي اٿم، پر شاعري تي ڪجهه لکڻ کان اڳ سندس شخصيت بابت لکڻ ضروري ٿو سمجهان. ’مائل‘ صاحب قبله طالب الموليٰ صاحب جن جي حاضري ۽ خدمت ۾ هي سڀڪجهه پرايو. قبله سائين عوام جي سرڪاري ڪمن وٺڻ لاءِ کيس پنهنجو سيڪريٽري مقرر ڪيو. هن پنهنجي فرائض کي بخوبي ادا ڪيو. پاڻ نهايت ئي ذهين، حق سچ جو حامي، بيباڪ، دورانديش، سٺو منظم، سياسي، سماجي، فراخدل، مهمان نواز طبيعت جو مالڪ آهي. جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي آهي ته سچ پچ دل کي بيحد سُڪون ملندو آهي. دل نه چاهيندي آهي ته مائل صاحب جي ڪچهري کي ڇڏي ۽ ڪنهن ٻي دنيا جي ڪمن کي لڳي وڃجي. پاڻ ننڍن سان ننڍن ۽ وڏن سان وڏو ٿي ڪچهري ڪندو آهي. آئون ان شخصيت کان وڌيڪ متاثر ان ڪري به آهيان جو هي منهنجي ڀاءَ مشهور فنڪار مصري فقير ’مخمور‘ سروري جو مهربان دوست آهي. ان حوالي سان پاڻ مصري فقير جي گهراڻي تي اڄ تائين مهربان آهي. پاڻ پنهنجي ڪچهري ۾ ڪجهه حصو برادرم فقير جي ذڪر کي ارپيندو آهي. هر انسان پنهنجي سٺي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري هميشه خرسرو رهندو آهي. توڙي جو ڪيترائي مخالف ان جي ڪم ۽ ڪردار کي مختلف بهانن ۽ بهتانن سان ميٽڻ گهرندا، پر اهي ميٽي نه سگهندا آهن. سچن کي ۽ سٺن ڪردارن کي مختلف بهانن ۽ بهتانن سان ميٽڻ گهرندا، پر اهي ميٽي نه سگهندا آهن. سچن کي ۽ سٺن ڪردارن کي وقت جا وڏا وهڪرا ۽ شهنشاهه به مٽائي نه سگهندا آهن. مائل صاحب پنهنجي ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول، اسپتالون، بجلي، روڊ ۽ آسپاس جي ڳوٺن کي روڊ، اسڪول، ڪاليج ۽ بجلي مهيا ڪري وڏا ڪارناما ڪيا اٿس. پنهنجي ڳوٺ جي روزمره جي زندگي کي گهربل سهولتون هجن سي سڀئي مهيا ڪيون اٿس. بهرحال مائل صاحب جي زندگي جا ڪيترائي رخ آهن، سي سڀئي ساراهڻ جوڳا آهن. انهن سڀني رخن جي ساراهه لاءِ هي چند جملا بلڪل گهٽ آهن. شاعري جي رخ جي حوالي سان مائل صاحب شاعري جي سڀني صنفن تي شاعري ڪئي آهي، پر خاص طور تي ڪافي ۽ بيت وڌيڪ لکيا آهن، جيڪا سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعري جي علامت آهي. هڪ ڳالهه عيان آهي ته مائل صاحب ڪافيون سُر ۽ راڳڻين تي لکيون آهن. سُرن ۽ راڳڻين تي اهوئي شاعر لکندو آهي، جنهن کي موسيقي سان لڳاءُ هوندو آهي ۽ موسيقي جي ڄاڻ رکندو آهي. مائل صاحب حضرت مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ صاحب جن جي مريدي ۽ خادمي ۽ علم عروض جي سکيا ۽ صحبت هيٺ رهيو آهي. پڌري پٽ ڳالهه آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي مخدوم صاحب جهڙو عظيم رهبر ۽ استاد ملي وڃي ته ان جي شاعري ڪيئن نه پڪي پختي هوند. مائل صاحب جتي پنهنجي ڏکن، دردن، تنهاين، پيڙائن جو ذڪر ڪيو آهي اتي لوڪ داستانن کي به نه واريو آهي. مثال طور عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلان چنيسر مائل صاحب جو اهو درد جنهن وَڍ وڇوڙي سان وڌيو آهي، اهو مائل صاحب کان هن قسم جا پردرد ۽ تاثير شعر لکائي سگهيو آهي، تڏهن چوي ٿو:

تنهنجي يار وڇوڙي ڪيس چري، مل محب منٺار نه ته ويندس مري.

اها پُرسوز ڪافي مشهور ڪافي مصري فقير اي.ايم.آئي ڪمپني ۾ ڪيسيٽ ۾ ڀري جيڪا نهايت مشهور ٿي. ائين ته مائل صاحب جي شاعري حمديه ڪلام، نعتيه ڪلام، عارفاڻه ڪلام، قصيده، ڪافيون، نغمه ۽ قومي تنظيمن تي نظر وڌي آهي. هڪ هنڌ تي مولا جي وحدانيت ۽ نبي ڪريم ﷺ جن جي رسالت واضح ڪئي اٿس، چوي ٿو:

چوي قلب پيو لا اِلــٰھ اِلااللهُ، سبحان الله سبحان الله،

ٻيو شافع محمّد  رسول الله،  سبحان الله سبحان الله.

ان مان معلوم ٿيو ته مائل صاحب هڪ روح روان شاعر به آهي، وري مرشد جي مان ۾ چوي ٿو ته:

مائل رمزون مرشد جون سمجهي ٿي سُڄاڻ،

اکيون پٽي  اندر  جون، اُن سڄڻ کي سڃاڻ.

مائل صاحب جي شاعري روايتي سنڌي ڪلاسيڪل شاعري پنهنجي موضوع ۾ يڪسانيت رکي ٿي. شاعر جو ڪمال ان ۾ آهي ته هو پنهنجو نرالو انداز پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ۽ موضوعن جي تسلسل ۾ نوان رخ ڏئي سگهي. ان ۾ اندران اندر شاعر جو الڳ رجحان هن جي الڳ اهميت جو سبب بڻجي ٿو. هن سفر ۾ گهڻن جا سفينه سِير تري نه سگهندا آهن. لوڏا لما اوس اچڻا آهن. ان لحاظ کان مائل صاحب جي هڪ قسم جي پنهنجي ڇاپ ۾ آهي. ان طرح سان دل جي درد کي دنيا کي لڪائي رکندڙ مائل صاحب جو جڏهن انهن جو اظهار ڪري ٿو ته هيئن چوي ٿو:

دردمندي دل دلبر سائين پيار مان پيئي پڪاري،

اچ تون انهي ڏي قرب ڪري ڪي واڳ وصال جي واري.

مائل صاحب جي شاعري پڙهڻ مان هي عجيب ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي ته جلدي جلدي رابطي لاءِ چوي ٿو:

فورن آهي فون لئه ماڻهن ملاقات،

ڪري ڪال بُڪ سي بلڪل ڪن ٿا بات.

مائل صاحب اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي، چوي ٿو:

جب دل میں میرے تو آئے خدا، سبحان اللہ سبحان اللہ،

حیران ہوں میں، مجھ پہ عطا، سبحان اللہ سبحان اللہ۔

اڳتي هلي چوي ٿو ته پنهنجي ئي اندر اوري چوي ٿو:

قلب واري ڪورٽ ۾، ٿي وحدت جو وڪيل،

الله سائين جي اُلفت جو مثبت ڏج دليل،

ته جل جلالھ جليل، ڇڏائيندو ڇيهن کان.

وري ڪٿي قومي تنظيمن کي ڏسي چوي ٿو:

ميٽنگن مان موُر، ماڻهو نه ٺهن ملڪ ۾،

جيسين نه ڪڍبو قلبن مان فتنو ۽ فتور،

ايندو نه ڪنهن جي قلب کي، سچو ڪو سُرور.

مائل صاحب پنهنجي شعر جي لکڻ جي تاريخ ۽ هنڌ جو نالو به مڪمل طور لکيو آهي. اهي تاريخي ڳالهيون آهن. ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ مان محسوس ٿيو، جيڪا عجيب ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي، چوي ٿو:

عشق ڪيو انجنيئر، محبت واري ماپ ڪرڻ لئه،

ريگيولر روُحي ڪنٽرول ڪيون ٿا،

گيج گوندر سيڪنڊ سيڪنڊ ڏسون ٿا،

پِرت پاڻي نه وڃايون پاءُ سيرُ،

ڏنئين ڊيوٽي اسان کي ان جي ورهائڻ لئه.

وري اڳتي هلي چوي ٿو محبوب کي منٿون ڪندي:

ڏسڻ سان مست ڪن جيڪي پيئڻ سان پِرت ڪن پُوري،

چُميا جن تنهنجا لب ساقي اهي پئمانا گهرجن ٿا.

ڪٿي ڪٿي وري مستي واري ملڪ جو هيئن ٿو حال ڪري:

محبت جي مستيءَ ۾ جو مچي ٿئي مست،

سو مور نه ٿئي ماڻهن جو زوري زيردست،

جو قدرت ان جي قلب کي ڪيو زبردست،

جو ان کي روز الست، قادر ڪيو قلندري.

بهرحال مائل صاحب مون ناچيز کي حڪم ڪيو ته منهنجي ڪتاب بابت ڪجهه لکي ڏيو، ان حڪم جي تعميل ڪندي ڪجهه لکيو آهي. آئون اهڙو ڪو وڏو اديب، شاعر ۽ محقق نه آهيان جو اهڙي وڏي باصلاحيت ماڻهو ۽ وڏي شاعر جي شخصيت ۽ شاعري تي لکي سگهان، پر جهڙو حال حبيبان، پيش پِريان.

سلام

محب مائل آهي تنهنجي يار عزمن کي سلام

تنهنجي عظمت ۽ اصولن جوش جذبن کي سلام.

تون ڪچهري جو آهين بس يار ڪوڏيو قربدار

تنهنجي محفل جي ئي گوهر آهي گفتن کي سلام.

رهبري حاصل ڪئي تو طالب الموليٰ وٽان

هي مبارڪ توکي آهي تنهنجي تن من کي سلام.

ڏات توکي هي ملي شعر و سخن جي خوب تر

تنهنجي ڪافي، بيت، غزل و گيت نظمن کي سلام.

ڳوٺ پنهنجي کي بنايو تو ادارو علم جو

تنهنجي اهڙي يار کي آهي ڪارنامن کي سلام.

مهل مشڪل ۾ مجاهد ڪين تو گهٻرايو

ٿيا چست تنهنجا حوصلا تنهنجي طريقن کي سلام.

جنهن سان ناتو تو رکيو تنهن سان نڀائيندو اچين

رهي هي آهي تنهنجي، تنهنجي رغبن کي سلام.

هي دعا دل ساڻ آهي تنهنجا ويڙها شل وسن

مرحبا مرحبا تنهنجي انجمن کي سلام.

ڪل ڪٺي سڀ تو ڪيا هي قرب وارا قربدار

تنهنجي رغبت تنهنجي شفقت تنهنجي قربن کي سلام.

جستجو جاکوڙ ڪنهن جي ڪين ويندي رائگان

مرحبا مسڪين تنهنجي آهي قدمن کي سلام.

 

محمد رمضان ’مسڪين‘ سروري

2 سيپٽمبر 2014ع/6 ذوالقعد 1435هه

سرهاڙي

مصري جي ڊائري

 

توهان جي ادبي سوکڙي ”ناهي مَستن تي ڪا مَيار“ مليو، ان لاءِ شڪرگذار آهيان. هن ضخيم ادبي جريدي ۾ توهان جا مصري کان مٺا ٻول پڙهي گهڻي خوشي ٿي. حضرت طالب الموليٰ پنهنجو ذاتي قلم توهان کي تحفي طور ڏئي ڄڻ اهو تاڪيد ڪيو ته توهان لکندا ئي رهو، جنهن تي توهان ڪاربند آهيو. مون سمجهيو ٿي ته توهان فقط ڪافي لکي ۽ ڳائي سگهو ٿا، مگر هن ڪتاب پڙهڻ سان مون کي گهڻي خوشي ٿي ته توهان سڀني اصنافِ سخن تي طبع آزمائي بهتر نموني ڪري سگهو ٿا. حضرت قبله مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت ۾ رهڻ ڪري ۽ حضر ۽ سفر ۾ ساڻ گڏ رهڻ جي ڪري توهان جي ڪلام تي به اهڙو بهتر اثر پيو آهي، ان ۾ سنجيدگي ۽ پختگي ۽ ميٺاج پڙهندڙن کي ۽ ٻڌندڙن کي موهي ڇڏيو آهي.

آئون توهان کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، توهان جي ڪلام ۾ ديسي توڙي عروضي شاعري جا چيدا مثال موجود آهن. هن ڪتاب ۾ نه صرف توهان جون ڪافيون ۽ ديگر اصنافِ سخن تي مواد موجود آهي. پر ان سان گڏ توهان جا سائين طالب الموليٰ سان گذاريل ڏهاڙا ۽ انهن جو دلڪش بيان پڻ موجود آهي. توهان کي شابس هجي توهان پنهنجي فرزند راجا سهيل جي تعليم لاءِ به مناسب بندوبست ڪيو آهي.

سڀ کان وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه ته ڪتاب ۾ ڪيتريون ناياب تصويرون شامل ڪري توهان هن ڪتاب کي هڪ بهترين ۽ معياري ڪتاب بنائي ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

غالب جو شعر مون کي ياد ٿو اچي ته:

چند تصویر بتاں، چند حسینوں کے خطوط،

بعد مرنے کے میرے گھر سے یہ سامان نکلا۔

هي دراصل ڪو اشعار جو ڪتاب نه پر ائين کڻي چئجي ته ”مصري جي ڊائري“ آهي، جنهن ۾ اعليٰ درجي جا انڪشاف ملندا.

خدا ڪري توهان خوش هجو.

 

ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي

سٽيزن هائوسنگ سوسائٽي

قاسم آباد حيدرآباد

 

خوبصورت جذبن وارو شاعر حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“

 

حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ مشهور سياسي، سماجي شخصيت سان گڏ خوبصورت شاعر به آهي ساڻس تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي آهي ڏسڻ جو شوخ طبيعت پر دل جو صاف اُجرو، نيڪ نيت مخلص انسان آهي، ساڻس پهرين ملاقات تقريباً 1982ع ۾ مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن وٽ ٿي ان بعد ملاقاتن جو سلسلو وڌندو ويو، ڪڏهن سروري تنظيم جي گڏجانين ۾ ڪڏهن مخدوم هائوس تي مخدوم طالب الموليٰ وٽ ۽ سائين مخدوم امين فهيم، سائين مخدوم رفيق الزمان، مخدوم شفيق الزمان ته ڪڏهن مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ جن وٽ ڪڏهن ڪنهن آفيس ۾ ڪڏهن ڪنهن پروگرام ۾ ڪڏهن ڪنهن دعوت ۾ حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ ڳالهائڻ جو ڀڙ جيڪو ڳالهائي مختصر پر ڪم واريون ڳالهيون ڪندو آهي، سامهون وارو ڪير به هجي منهن تي چئبو سچ پوءِ ڀلي ڪير ڪاوڙجي پوي، ساڻس وڌيڪ حجت ان وقت وڌي جڏهن مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ ميونسپل ڪميٽي هالا جو چيئرمين ٿيو ۽ ان مون کي هالا شهر جي مسئلن جي حل لاءِ ميڊيا ڪوريج لاءِ ميڊيا ڪوارڊينيٽر مقرر ڪيو، جڏهن ته حاجي مصري ڪاڪا جي حوالي سنڌ سيڪريٽريٽ جا ڪم هئا ۽ جنهن جو ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت سان مخدوم سعيدالزمان کيس سرٽيفڪيٽ به ڏنو آهي، ان حوالي سان هن سٺو نڀايو ۽ ميونسپل ڪميٽي ۾ هڪ ملاقات دوران مون کي خبر پئي ته پاڻ بهترين شاعر به آهن، سندن شاعري ۾ تخلص ”مائل سروري“  آهي بعد ۾ بزم طالب الموليٰ جي مختلف مشاعرن ۾ سندس شاعري ٻڌڻ جو موقعو مليو، پاڻ شاعري جي سڀني صنفن تي لکيو آهي پر کيس ڪافي ۽ غزل تي وڌيڪ عبور حاصل آهي، سندس شاعري ۾ هر رنگ شامل آهي، بزم طالب الموليٰ جو جنرل سيڪريٽري به رهيو آهي.

مون کي هڪ ڏينهن اسان جي دوست عزيز احمد ڪاڪا فون ڪئي ته حاجي مصري ڪاڪا جو ڪم آهي سندس طبيعت به صحيح نه آهي چيو اٿس ته نور سنڌي کي چئو ته مون سان ملي وڃي، جڏهن وٽس پهتس ته منهنجي خوشي جي حد نه رهي جو پاڻ ٻڌايو ته هو پنهنجي شاعري جو مجموعو”ناهي مستن تي ڪا ميار“ شايع ڪري رهيو آهي پاڻ ان وقت ڪمپوز ٿيل مسودو منهنجي حوالي ڪيو ته منهنجي خواهش آهي ته تون منهنجي هن شاعري جي مجموعي لاءِ ٻه اکر لکي ڏي خوشي ته ٿي جو پاڻ مون کي ان جي لائق سمجهندو پر پريشان ٿي ويس ڇاڪاڻ ته شاعر ته تبصرو ته شاعر ئي لکي سگهي ٿو، ننڍي هوندي جواني ديواني ۾ عشق جي چوٽ آئي ته وري شاعري ڪئي جيڪا ڦوٽو زرداري، وحيد علي، غلام رسول لوهار، شريف لاشاري، محمد عرس مڱڻهار، استاد گلزار علي خان سانگهڙ واري مختلف محفلن ۾ ڳائي به پر اهو شوق گهڻو وقت نه هلي سگهيو، ڪيل شاعري جي ڊائري تي ڪم ٿي وئي ٻي ڳالهه تي حاجي مصري ڪاڪا جهڙي بهترين شاعر جي شاعري مجموعي تي تبصرو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هو انڪار نه ڪري سگهيس، حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ جي شاعري پڙهڻ سان معلوم ٿيو ته حاجي صاحب حساس دل ۽ بيباڪ شخصيت جو مالڪ آهي، سندس شاعري انڊلٺ، مورن جي کنڀن جهڙي خوبصورت آهي، سندس شاعريءَ ۾ رومانس جا رنگ به شامل آهن، حاجي مصري ڪاڪا کي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ خوب داد حاصل ڪندي ڏٺو سندس شاعري جي مجموعو ”ناهي مستن تي ڪا ميار“ ۾ حمد، نعت، ڪافيون، غزل، بيت، قطعا ۽ ٻه اردو غزل شامل آهن، ڪافيون غزلن ۾ ڏهر ۾ ڏنل آهن، مجموعي ۾ شامل سندس هڪ نعت مون ڪجهه ميلاد ۾ به ٻڌي آهي ته پر خبر هئي ته اها نعت سندس لکيل آهي هن نعت مون کي متاثر ڪيو.

جڏهن جي جيءَ جو جانب جيارو يامحمّدصه تون

اسان عاصن اٻوجهن جو سهارو يامحمّدصه تون.

سندس شاعري جي مجموعي جي ترتيب ڏاڍي بهترين آهي هر غزل، ڪافي متان سُرُ به لکيل آهي، ڪافي شعرن تي شعر لکڻ جو هنڌ ۽  تاريخ به لکيل آهي، ائين تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي جن شاعرن پنهنجو شعر مٿان تاريخ ۽ هنڌ لکيا آهن انهن ۾ قبلا حضرت مخدوم طالب الموليٰ جن اڳيان اڳيان آهن شايد حاجي مصري ڪاڪا اهو عمل مخدوم طالب الموليٰ جن کان متاثر ٿي ڪيو هجي سندس شاعري ۾ همٿ ۽ حوصلو جو درس به ڏنل آهي، جيئن سر سسئي مان ڪافي آهي:

ٿلهه:

هلان هوت ڏي ٿي مان حب مان هو ڪاري پهچنديس پنهل کي سڀئي ڏونگر ڏاري

مصرع: اٿوُ جي هلڻو   ته   جهليو   ڪيم  جيڏيون

                  ويهان ڪين هرگز جهلون پايو جيڏيون

                  ويو ور ولهي  کان  وِهان  ڪنهن   سَهاري.

شاعري اها جيڪا ٻڌندڙن پڙهندڙن جي دلين جي ترجماني ڪري دل ۾ سمائجي وڃي يقيناً حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ جي شاعري به ان ليول جي آهي شاعري ۾ لفظ ڏاڍا پختا ۽ وڻندڙ استعمال ڪيا اٿس، يقيناً سندس شاعري ٻڌندڙن پڙهندڙن کي ائين لڳندي جهڙي اهي شاعري سندس من اندر جي ترجماني ڪندي هجي، سندس شاعري ۾ خوبصورت خيال بهترين سوچ جو اطهار شامل آهي، رومانس جو انداز به ڏاڍو وڻندڙ آهي، رومانس شاعري ۾ محبوب کي التجا، منٿ ميڙ شامل آهي، پر مايوسي نه آهي سندس ٻي شادي تي ٿيل سنڌ ليول جي راڳيندڙن ۾ پاڻ پنهنجي شادي جي حوالي سان ڏاڍو خوبصورت طرح سان خود ڳايو:

ٿلهه: وڏي شوق سان پئي ٿئي منهنجي شادي

            الله   سائين   ڪندو هي   شادي   آبادي.

ڪيئن نه خوبصورت لفظ چيا آهن ان مان ظاهر آهي ته حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ وٽ لفظن جي کاڻ آهي موتين جهڙا لفظ شاعري ۾ آڻڻ سان سندس شاعري موتين مالا جيان لڳي ٿي، سندس شعر ۾ پنهنجي سنڌ ڌرتي جي شاعري ڪرڻ سان حب الوطني ۽ سنڌ پرستي جو اندازو ٿئي ٿو ان شعر ۾ پاڻ الله سائين کان سنڌ کي شاد آباد رکڻ جي دعا گهري آهي:

جي آ، جئي پئي جيئندي سدا سنڌ

    رکي شاد آباد اسان جي خدا سنڌ

مصرع:       الله سائين ان کي رکيو آهي سلامت

اَبد کان امن ۾ تائين قيامت، مخالفن جو مولا ڇڏيو ساڙي سنڌُ سنڌُ

پاڻ پنهنجي مرشد حضرت مخدوم طالب الموليٰ سان عقيدت جو اظهار شاعري ۾ خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي:

اصل کان آهيون ان جي پناري

قدم تنهنجي  اچي  به ڏنم اُمانُ

جڏهن پاڻ پير صاحب پاڳاري جي شان ۾ ڀيڄ پاڳارا جي شاعري فنڪارن کان ٻڌي ته پاڻ مرشد غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرور رحه جي شان ۾ ان هي ڌُن ۾ خوبصورت ڪافي ڀيڄ پاڳارا هالن وارا سرور سائين لکي جيڪا سروري جماعت وارن وٽ ڏاڍي مشهور ٿي، اها ڪافي مون به ڦوٽو زرداري ۽ ٻين فنڪارن کان مختلف محفلن ۾ ٻڌي، پاڻ سنڌ جي ڪيترن اوليائن حضرت قلندر لعل شهباز، حضرت مخدوم سرور نوح رحه، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت لڪي صدر ۽ ٻين ولين جي شان ۾ عقيدت جو نذرانو شاعري ۾ پيش ڪيو آهي، قلندر لعل شهباز جي شان ۾ لکيل ڪافي ڏاڍي خوبصورت آهي:

ٿل: مست قلندر لعل ساڻي سگهو ٿي هاڻ سيوهاڻي

         هئئن جا همراه اچي رَس لاکيڻا لجپال پورهيت پڪاري پئي پازياڻي

پنهنجي مرشد غوث الحق مخدوم نوح رحه کي هيئن سڏڙا ڪيا اٿس:

ڀليل سان تون ڀيڙو اچي ٿي پارس منهنجا پير ساڻي سگهو ٿي سرور سڏ ۾.

جڏهن ته مشهور ولي سيد صدرالدين لڪياري لڪي واري لاءِ هي بيت چيو آهي:

اچ تون سگهو عاجز ڏي، لڪياري لڄپال

دعا ڪريون دل سان ته ٿئي واحد وصال

سيد سو سيگهه مان، سواليءَ سندو سوال

جيءَ تان هاڻ جنجال، لاهيو مهر نظر سان.

جڏهن ته حضرت مخدوم امين فهيم جن وٽ مخدوم مخدوم پرو ڄام عرف جميل الزمان تولد ٿيا ته ان وقت پاڻ هڪ ڪافي مان مانجهه مان ان وقت لکي آهي:

اسان جو رهنما رهبر سڄڻ سردار آيو

اهو فرزند امين محمد ۽ پوٽو طالب الموليٰ

دلاور دادلو دلبر سندم دلدار اڄ آيو.

ڪيڏو نه خوبصورت تخيل آهي جنهن ۾ ڪيڏا نه خوبصورت لفظ استعمال ٿيل آهن، سٺو شاعر اهو ٿي سگهي ٿو، جنهن وٽ لفظن جو خزانو هجي لفظ استعمال ڪرڻ جو ڏانءُ هجي جڏهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته حاجي مصري ان تي ڪافيون لکيون ۽ شادين ۽ محفلن ۾ فنڪارن کان ڳارايون، اهو دور ڏاڍو ڏکيو هو، جنرل ضياءُ جي مارشل لا ۾ سري عام جئي ڀٽو چوڻ يا ڀٽو جو نالو وٺڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير ڏيڻ برابر هو، پر پاڻ ان دور ۾ دليري سان نه صرف شاعري لکي پر مشاعرن ۾ به پڙهي، سندس هڪ شعر آهي:

ٿلهه:            تــــو جهڙو نــــه لــــيــــڊر ٿيندو وري

  وئـــــيـــــن   جذبــــا جياري يا مــري.

مصرع:     آهـــــي پهريون مــــثـــــال دنيا ۾ ٿيو

جئين تـــــوکــــي شهيــد ڪرايو ويو.

تنهنجي سر تي سوري سينگار ڪيو

منشا   مـــــولا   جــــــي اچي آخر پوي.

پاڻ شهيد ڀٽو جي شهادت تي ڪافي شعر لکيا آهن، جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان کان اصولي بغاوت ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو، ان وقت ۽ ان دور ۾ ٿيل عام چونڊن تي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ بعد شهيد ڀٽو جي ڪارنامن تي به ڪافي شاعري هن شاعري جي مجموعي ۾ نظر اچي ٿي، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيرِاعظم پاڪستان ٿيو ته حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ سندس شان ۽ سندس ڪارنامن عوام دوستي تي 14 بندن جو طويل نظم لکيو:

ٻڌ ڏئي ڪَن هاڻ تو اي قوم جا قائد عوام

جو ڏنو ٿئي ملڪ کي سو پڻ چڱو آهي نظام

ٿا چون اسلامي سوشلزم انهي کي عام جام

پر نالي ان پيدا ڪيا آهن گهڻن کي اوهام

ٿو اڃا گهر  جي هتي روح جي اسلام جو

آه جو مطلب اصل الله جي ڪلام جو.

پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ هڪ ٻيو خوبصورت قطعه لکيو اٿس:

قائدِعوام تنهنجي آهه جرائت کي سلام،

تنهنجي حشمت عظمت تنهنجي غيرت کي سلام.

لکيو جيڪو ڪافي فنڪارن ڳايو ۽ اهو ڏاڍو مقبول ٿيو، ”مائل سروري، انهن خوشنصيبن مان آهي جنهن هالا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين ڪنوينشن ۾ شهيد ڀٽو سامهون پارٽي جي رڪنيت جو فارم ڀريو ۽ مخدوم طالب الموليٰ پاران شهيد ذوالفقار علي ڀتو جا سڄي سنڌ ۾ رکايل جلسن ۽ سندس اعزاز ۾ ڏنل آجياڻن ۽ ان دوري ۾ شهيد ڀٽو سان گڏ رهيو ۽ سندن شان ۾ لکيل شاعري به مختلف پروگرامن ۾ پڙهي داد حاصل ڪيو، حاجص مصري ڪاڪا جا بيت به ڏاڍا وڻندڙ آهن پان بيتن ۾ 4 سٽن کان 30 سٽون ڪم آنديون آهن، سندس بيت ۽ قطعا وڻندڙ آهن، جيڪي نيوسعيد آباد واري علائقي ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽري دلچسپي سان پڙهندا آهن، بيت مختلف مرشدن، ولين کان وٺي مسئلن سماجي براين، ڪرپشن، آفيسر شاهي، موالين، مُلن، سگريٽن جي نقصانن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، زندانيت سياسي اڄ جي نوجوانن، وڏيرن، مختلف قومن، برادرين، انهن جي وڏيرن مختلف سفرن، شڪارن، پوليس، ڊرائيورن، انجنيئرن، ٺيڪيدارن، جنونيت، رقيبن، عاشقن، معشوقن، دردن، سورن، مختلف عشقيا داستانن کان وٺي مختلف شعبن جي ماڻهن تي اصلاحي ۽ مزاحيه پر حقيقت تي مبني نصيحت واري انداز ۾ لکيا آهن بيت ۾ ڏهر به ڏنا آهن:

مُلن موالين جي هڪ بيت ۾ هيئن عڪاسي ڪئي اٿن:

ملڪ اسان جي ماڻهن ۾ رهن مُلا موالي

هڪڙن محبت مسجد سان ٻيا پيئن ڀنگ پيالي

هڪڙا ڪنٺا ڪولاپا وجهن ٻيا پهراڻ سان پالي

هڪڙي گيڙو غرق ڪيا ٻيا فرقن في الحالي

هڪڙن برهه نه آهي بانگ ۾ ٻين ملاري آلي

نِهڙُ نفرت نيوتن کي ٿين هڪ ٻي دلالي

موالي محبت ۾ دم هڻن مُلا چون خالي

هڪڙن دل ۾ درد آهي مَنَ ۾ ئي مالي

ٻيا نفرتن مستن سان ٿا بنجن سوالي

سمجهه ۾ هڏ سائين جي قدرت ڪم خيالي

پيو ڏسي ڏينهن جو ڌڻي جو جهانن والي

جو قادر رب قدير آهي جبار جلالي

”مائل“ مثالي محبت نه رکن منَ ۾.

پاڻ بيتن ۾ سگريٽ جي نقصان کان به ماڻن کي آگاهه ڪري ٿو:

بيت

سگريٽ جئين ساڙي، انسان جي اندر کي

تيئن جي سڙن طلب ۾، ته پرينءَ هجي پاڙي

پوءِ ڳورها ڪيئن ڳاڙي، وڃي مائل ملن حب سان.

پاڻ 1995ع ۾ شاگردن جي لاءِ هيئن چيو اٿن، جيڪو اڄ صحيح ثابت ٿي رهيو آهي:

پڙهي اچي ڦاٿا آهن اڄ جا نوجوان

تربيت ناهي تن کي نه سڃاڻن علم جو مان

عمل ڪن نه هو عمل تي رڳو غلط رکن رجحان

جي عمل ڪن علم تي ته صحيح ٿين انسان.

حاجي مصري ڪاڪا ڪيترن ئي بيتن ۾ انگريزي جا لفظ به ڏاڍي خوبصورتي سان استعمال ڪيا آهن:

سائين ڏي سبجيڪٽ مون کي عشق، عقل جا

پختو ڏسي پيار جو سچو سرٽيفڪيٽ

انٽرويو ۾ هي عشق جو سڪ مان ڪيئين سليڪٽ

اپائينٽمينٽ ڊائريڪٽ محبت ۾ ”مائل“ جي.

پاڻ پنهنجي ڪاڪا برادري لاءِ ڏاڍا بهترين بيت لکيا اٿس، جن ۾ کين هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ، اتحاد ٻڌي پيدا ڪرڻ، همت جا هٿيار کڻڻ، اولاد کي تعليم ڏيارڻ جو درس ڏنل آهن، پاڻ شاعري ۾ قرآني آيتن جا لفظ به خوبصورت انداز ۾ شامل ڪيا آهن، سندس ڪافي بيتن ۾ روحاني رمزون به شامل آهن، پاڻ اخلاقي قدر ڪرڻ تي به ڏاڍا سٺا بيت لکيا آهن، مثال طور:

اچي ويو آ ملڪ ۾ اخلاقي زوال

مادي ترقي ٿي گهڻي پر آهي يار جنجال

سادگي وئي سڀن مان رکن اوچا گهڻا خيال

الله سائين بچائجئين آهين تون لڄپال

مائل مون مسڪين جو سائين سڻ سوال

هي رحمت ساڻ وبال لاهج پنهنجي لطف سان.

ملڪ مان قانون انصاف ڏينهون ڏينهن ختم ٿي وڃڻ تي بيتن ۾ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ عڪاسي ڪئي اٿس، مثال طور:

انصاف اسان جي ملڪ ۾ زوري ڪيائون دفن

نه ڏنائونس ڪفن کَڻي هينيئونس کڏ ۾.

پاڻ شاعري ۾ پنهنجي مرشد مخدوم نوح رحه، مخدوم امين محمد پکن ڌڻي کي اچي حامي ٿيڻ جي سڏڙا به ڪيا آهن انهن کي ڏهر به چئي سگهجي ٿو، شاعري مجموعي ۾ شامل 22 غزل به دل کي ڇُهندڙ آهن:

هو تير نظر سان ئي گهائي هليو ويو

وري زخم دل جا چڪائي هليو ويو.

*

لڳي دل وئي ديواني تڏهن دانا به وسري ويا

صنم عشق ۾ سڀ شوق شاهانه به وسري ويا.

هر غزل بهترين غزل آهي ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ کي راحت ڏيندا، حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ اردو به شاعري ڪئي اهي شاعري جي مجموعي ۾ اردو جا غزل به بهترين دلين کي ڇُهندڙ آهن.

مون کي حڪم ته صرف شاعري مجموعي تي ٻه اکر لکڻ لاءِ ٿيو آهي پر مون تازو حاجي مصري ”مائل سروري“ ڪاڪا کان منهنجي ايندڙ ڪتاب لاءِ سندس پروفيائيل انٽرويو جي صورت ۾ ورتو آهي، ان مان مختصر هتي ڏيڻ اهم سمجهان ٿو: مثال طور:

ہمارے دل سے نہ کھیلو، نہیں شیشہ جو ٹوٹے گا، محبت اس میں ہی محفوظ نہیں سپنا جو ٹوٹے گا۔

حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ 19 سيپٽمبر 1937ع ۾ ڳوٺ ڀلي ڏنو ڪاڪا (نزد نيو سعيدآباد) ۾ زميندار ۽ سماجي ورڪر محمد لائق ڪاڪا جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ سنڌي فائنل 1951ع ۾ پاس ڪئي ۽ اديب فاضل، اديب عالم سنڌ يونيورسٽي مان 1962ع ۾ ڪئي، ان وقت انهن سبجيڪٽن جو انچارج ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو، 8 ڪلاس تائين انگريزي اسڪول کان سواءِ مرحوم محمد هاشم ڪاڪا ڳوٺ منڌو ڪاڪا جن وٽ پرائيويٽ طور ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ گهر گڏ هوندا هئا، ان بعد پنهنجي اَباڻي زمين سنڀالڻ لڳو، راڄ ڀاڳ جا فيصلا ۽ مسئلا حل ڪرائڻ ۾ لڳي ويو، ننڍي هوندي کان گهوڙي سواري، ترڻ، ملهه وڙهڻ راڳ ويراڳ سان سندس شوق رهيو، جڏهن مخدوم طالب الموليٰ جن جي حاضري ۾ رهڻ لڳو ته سندس شاعري کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي، پهرين تخلص مصري ڪم آندو پهريون شعر 1952ع ۾ ”پئي باهه برهه جي ٻري سان آگ اجهامي ڪين ڪي“ عنوان سان لکيو جيڪو پهريون دفعو حضرت محمد فقير کٽياڻ جي ميلي ۾ پڙهيو، سندس ان شعر کي هتي ٻين شاعرن کانسواءِ صدارت ڪندڙ حضرت مخدوم طالب الموليٰ جن به پسند ڪندي کيس داد ڏنو. مرشد جي مليل داد هن ۾ وڌيڪ شاعري ڪرڻ جو حوصلو ۽ جنون پيدا ڪيو نه صرف هالا پر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪندو رهيو آهي، ”مائل“ تخلص کيس مخدوم طالب الموليٰ عطا ڪيو، پاڻ ان سروري جو اضافي ڪندي ”مائل سروري“ ڪيو، حاجي مصري ڪاڪا سنڌ جي ثقافت جو امين به رهيو آهي، سندس اوطاق تي مشاعرا، سگهڙن جون ڪچهريون، موسيقي جون محفلون به ٿينديون رهيون. پاڻ ملهن، فنڪارن، شاعرن، سگهڙن، سازيندڙن جو سرپرست به رهيو آهي، پاڻ راڳ جو وڏو ڄاڻو آهي، ڪڏهن ڪڏهن نجي محفل ۾ پاڻ خود به ڳائيندو آهي، سندس ٻي شادي ۾ پاڻ سازن سان بهترين انداز ۾ ڳائي خود داد حاصل ڪيو، پاڻ ملاکڙن جو شوقين رهيو آهي، لطيف سرڪار جي عرس مبارڪ ۽ ٻين ميلن جي ملاکڙن ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ويهي ملهن جا مقابلا ڏسندو آهي، ۽ ملهن کي وڏا انعام پڻ ڏيندو آهي، ملاکڙي جي منفرد ڪامينٽر نظير وسطڙو کي سرڪاري نوڪري وٺرائي ڏني، غريب شاگردن جي مدد به ڪندو رهيو آهي. تعليمي ادارن جي لائبررين جي مدد به  رهيو آهي، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي نالي پنهنجي خرچ تي ڪارنر قائم ڪيو، ان ۾ وڏي تعداد ۾ ڪتاب وٺي ڏنا، سندس ڪلام مصري فقير ڦوٽو زرداري، انور حسين وسطڙو، چاڪر خان چانڊيو ۽ ٻين ڪيترن ئي مقامي فنڪارن به ڳايو آهي. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ٽي.وي تي به رڪارڊ ٿيل آهن، جيڪو مشهور فنڪارن محمد ابراهيم، محمد يوسف ۽ ٻين فنڪارن ڳايو آهي، جڏهن حضرت مخدوم طالب الموليٰ، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ادبي ثقافتي پروگرام ڪرائڻ شروع ڪيا ته ان وقت ۾ حاجي مصري ڪاڪا سندس ٻانهن ٻيلي رهوي، پاڻ ظاهري طور تي شوخ مزاج آهي گهٽ ڳالهائڻ وارو ۽ پنهنجي طبيعت جو مالڪ آهي، ڪوڙ سان نفرت، سچ سان پيار ڪندڙ، غلط ڳالهين تي کيس ڪاوڙ ايندي آهي، سندس ڪوشش رهندي آهي ته هن جي ذات کان ڪڏهن به ڪنهن کي تڪليف نه اچي، هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت سان پنهنجي ڳوٺ کانسواءِ مختلف علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، نوجوانن کي نوڪريون وٺرائي ڏنيون آهن، پاڙن مختلف علائقن خاص طور پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، سندس ڪوششن سان ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو مڪمل تفصيل شاعري جي هن مجموعي جي آخر ۾ ڏنل آهي، سماجي خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترائي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا آهن. انهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ ايوارڊ، محترمه بينظير ڀٽو جي هٿان ايوارڊ مليو اٿس، جڏهن ته شاعري جي هن مجموعي ۾ سندس زندگي جون يادگار تصويرون پنهنجي زندگي جو مختصر احوال به ڏنل اٿس، سندس شاعري جو مجموعو يقيناً سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو واڌارو آهي، دعا آهي ته حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ شاعري ڪندو رهي، ادب، فن، ثقافت جي سرپرستي ڪندو رهي ، هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت سان سماجي خدمتون ڪندو رهي، ڪجهه وقت کان سندس طبيعت پڻ ناساز آهي اسان دعا ڪنداسون ته رب سائين کيس صحتيابي عطا فرمائي ۽ کيس ڊگهي ڄمار عطا فرمائي. (امين)

سنڌي ادب ۽ صحافت جو خادم

نورمحمد عرف نور سنڌي

چيف ايڊيٽر ڀيڄ ڀٽائي مئگزين حيدرآباد

چيف نگران سروري مئگزين هالا

چيف ايڊيٽر سروري سرهاڻ هالا

مرڪزي چيئرمين سنڌ صحافي سنگت سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org