غزليات
غزل (نعت شريف)
مطلع:
”هدايت لاءِ ٿي هادي، نبي نورالهديٰ آيو“
اسان جو رهنما رهبر محمّدصه مصطفيٰ
آيو.
1- |
اچي انسانيت کي جنهن اُجاريو آهِه
عَالَمَ ۾ |
|
۽ بَخِشَشِ جو سَبَبُ بنجي هتي
خيراُلوَرا آيو. |
|
|
2- |
ڪلام الله جا شارحُ ۽ عاملُ هر عَملَ
تي خود |
|
هو مشڪل جو حل بنجي هتي مشڪل ڪُشا
آيو. |
|
|
3- |
ڪهين کي ڪا خبر هئي ڪانه خالق جي ڪا
عظمت جي |
|
سَرَاپَا صورتَ و سيرتَ ٿي هِت باخدا
آيو. |
|
|
4- |
ٿيو ”مائلُ“ رهي هردم محمّدصه
جي محبت ۾
اُهو ئي منهنجي مَنَ ۾ نُورالهديٰ
آيو. |
نعتيه طرح هي مشاعره ساڳي ڏينهن واري رات تي هو
جنهن جي طرح مٿي آهي، اهو پڻ مشاعره هلندي لکيو
ويو.
غزل (1)
مطلع:
هو تير نظر سان ئي گهائي هليو ويو
وري زخم دل جا چِڪائي هليو ويو.
1- |
پي سمجهيم ته محبوب وِهندو گهڙي ڪا |
|
هو آيو، اڱڻ پير پائي هليو ويو. |
|
|
2- |
خدا ڄاڻي قاصد اڃا ڪونه وريو |
|
جو پُرزور پرينءَ لءِ لکائي
هليو ويو. |
|
|
3- |
ڏسي مون تي غالب جُنونءَ کي مُلا جي |
|
چريو چئي خلق کي کِلائي
هليو ويو. |
|
|
4- |
هي آهي رقيب اوهان جي رقابت |
|
تڏهن محبت منهنڙو مٽائي
هليو ويو. |
|
|
5- |
تهين کي ڪندو ڇا سندءِ وعظُ واعظ |
|
قدم قُرب ۾ جو وڌائي
هليو ويو. |
|
|
6- |
صنم ٿو ٿئي تنهن سان ساڻي سدائين |
|
جيڪو نينهن ناتو نڀائي
هليو ويو. |
|
|
7- |
اچن پيا، مبارڪ ڏني مون کي قاصد |
|
ڳجهي ڳالهه ڪَنَ ۾ ٻُڌائي
هليو ويو. |
8- |
پَسي تنهنجو جلوو مٺا يار جاني |
|
اڳيان سَڀڪو سرڙو نَمائي
هليو ويو. |
|
|
9- |
چُٽي تير چَشمن جا چوٽون چَلائي |
|
سندم دل کي زخمي بنائي
هليو ويو. |
|
|
مقطع: |
|
ڪري ناز نيڻن جا نرمل نهاري |
|
هو ”مائلَ“ ماري مڃائي
هليو ويو. |
غزل (2)
مطلع:
1- |
اڃان مان رمز دلبر کي، صحي سمجهڻ نٿو
ڄاڻا |
|
سبب ان کان اکين ۾ پرين پائڻ نٿو
ڄاڻا. |
|
|
2- |
يقينن ذَري ذَري ۾، خدا جو نُور
پوشيده |
|
ڏسان جنهن کي سا اُهائي، مان نظر پائڻ
نٿو ڄاڻا. |
|
|
3- |
سندم دل ۾ مٺا توکي، ڏسان جيئن ٿو
حقيقي سا |
|
زبان سان ڪنهن نموني مان، ڪري ڄاڻا
نٿو ڄاڻا. |
|
|
4- |
نه آهي درد منهنجي جي، حڪيمن وٽ دوا
دلبر |
|
اوهين مون تي شَفا ڪريو، خدا ڪارڻ،
نٿو ڄاڻا. |
|
|
5- |
اچي ٿي شامتِ اعمال کان، تڪليف جيڪا
ئي |
|
خدا، رحمت سوا تُنهنجي، اُها لاهِڻُ
نٿو ڄاڻا. |
|
|
6- |
کڻي ڪيڏي نصيحت تون، ڪرين مون کي ڀلا
واعظ |
|
نه ٿيندو ڪجهه، پَچَرَ ڇڏ تون، تَندو
تاڻَڻُ نٿو ڄاڻا. |
|
|
7- |
ڪيم حِيلا هزارين پر، ٿيا بيڪار، رَسُ
هاڻي |
|
دلِ مغموم کي ڪنهن طرح، پرچائڻ نٿو
ڄاڻا. |
|
|
8- |
سَرِ تَسليم خَمُ آهي، قبولڻ جي عنايت
ٿئي |
|
انهي کان وڌ خوشي ٻي ڪا، مٿي ڀائڻ نٿو
ڄاڻا. |
9- |
ڪبي آخر ته ڪاميابي، سهاري طالب
الموليٰ، |
|
اڃا شعر قابل داد جي، ٺاهڻ نٿو ڄاڻا. |
|
|
10- |
ڇڏيم درياءِ دنيا ۾، اميدن دل سندي
ڪَشتي |
|
رسائج تنهن کي ساحل ياخدا، تارڻ نٿو
ڄاڻا. |
|
|
مقطع: |
|
محبت ۾ ڪري ”مائلُ“، ڏنا جي سور تو سڪ
جا |
|
ڪرڻ سي آشنا ڪنهن سان، چڱو ڀائڻ نٿو
ڄاڻا. |
غزل (3)
مطلع:
|
ڪيو جنهن قرب ۾ قابُو انهي ئي يارَ ڏي
هلبو |
|
سهارو جو سڄڻ آهي تهين سردار ڏي هلبو. |
|
|
1- |
ٿين ٿا شرمندا شمس و قمر ڪتيون اڳيان
جنهن جي |
|
سڀن کان خوبصورت حُسِنَ جي سرڪار ڏي
هلبو. |
|
|
2- |
ڪري مغموم منهنجي دلِ ڏئي ويو داغُ
فرقت جو |
|
ڏسڻ سان جنهن جي لهندو غمُ انهي
غمخوار ڏي هلبو. |
|
|
3- |
نه ڊڄ درياءِ دنيا جي هنن لَهِنُن ۽
لوڏن کان |
|
توڪُلَ جي ٻڌي تُرهو پرين جي پارَ ڏي
هلبو. |
|
|
4- |
ڇڏي دنيا ۽ عقبيٰ کي خيالِ يارَ ۾ ئي
رهه |
|
سَٽي سِرَ ساهه جو سانگو مٺي منٺار ڏي
هلبو. |
|
|
5- |
پياري پُر ڪري جو ڏي سوئي سُرِڪَ ساغر
مان |
|
انهي ئي ساقي ڪوثر سڀن سالار ڏي
هلبو. |
|
|
6- |
مليو لولاڪَ لَمَا جو جهين کي شانُ آ
اعليٰ |
|
محمّدصه مير مدني مصطفيٰ
منهندار ڏي هلبو. |
|
|
مقطع: |
|
محبت ۾ ڪيو ”مائلَ“ وجهي جنهن دامَ
زُلفَن جا |
|
دِلاوَرَ دوستُ دلبَر تنهن دِلي
دلداري ڏي هلبو. |
¤
غزل (4)
مطلع:
آهه هرڪو فعل پنهنجي جو ئي فعل المختيار
ڏوهه ڪريو پاڻ پو ان کي قضا ڪيئن ٿا چئو.
1- |
هي مثالُ آ رنگ و بُو جو گڏُ هجڻُ
گُلَ ساڻُ جيئن |
|
آهِه جانبُ جيءَ ۾ تيئن پو جدا
ڪيئن ٿا چئو. |
|
|
2- |
مون ته هن جي ئي وفائن کان متاثر ٿي
چيو |
|
هي عجب آهي سڄڻ کي بي وفاڪيئن
ٿا چئو. |
|
|
3- |
ڪين جنهن آهي سڃاتو مامَ ۾ ”مَن
عَرفَ“ کي |
|
تنهن کي ڀُلجي پو ڀَلا مَردِ خدا
ڪيئن ٿا چئو. |
|
|
مقطع: |
|
آهِه تعجبُ واعِظَن ۽ ناصحن کي هيءُ
ٿيو |
|
شاعري ۾ شعرَ ”مائلَ“ هيتيرا
ڪيئن ٿا چئو. |
|
|
غزل (5)
مطلع:
عاشقن کي عشق جا ئي، بارَ سِر کڻڻا پيا
پيار ۾ پلپل زماني، جا سَتَمَ سَهِڻا پيا.
1- |
جي وصالِ يارَ جي، عاشق رکين ٿو آرزو |
|
هر ڪهين سان قربداري، جا قدم ڀرڻا
پيا. |
|
|
2- |
نيڪ نيّت، دل صفاتي، هر عمل جو آ مدار |
|
ڪاملن جا هي قبولي، قول ڪم ڪرڻا پيا. |
|
|
3- |
بس فراقِ يار ۾ سُکَ، موڪلائي ويا
هَلِيا |
|
دردِ غمَ ساٿي رهيا، ڏُکَ سور سَوَ
چَرڻا پيا. |
|
|
4- |
جو ڪري محبوب وٽ، منهنجي شڪايت روزِ
شب |
|
تهن مخالف جي هنئين تي، منڱ اڄ ڏَرڻا
پيا. |
|
|
5- |
سَنڊُ ڪو سيڻاهُه ناهي، ۽ سُجَهن ٿا
ڪُنَ گهڻا |
|
بندهِ ناچيز کي، دريا وڏا اترڻا پيا. |
|
|
6- |
رَسُ محمّدصه مصطفيٰ، بي
واهَ جي تون واهَ ٿي |
|
وقت مُشڪل ۾ مٺا، توکي ئي سڏَ ڪرڻا
پيا. |
|
|
مقطع: |
|
عاجزي ڏي دل، ڪندين، ”مائلَ“ ته
ٿيندين ڪامياب |
|
هر طرح توکي خُودي جا، خيال سڀ ڇڏڻا
پيا. |
غزل (6)
مطلع:
پرينءَ سان پيچ پائي پو نڀائي يار ٿو ڪو ڪو
محبّت محب جي دل ۾ سمائي يار ٿو ڪو ڪو.
1- |
ڏسي ميدانِ اُلفت ۾ سَوين سختيون،
ڀَڳا سَڌِڙِيَا |
|
قدم پُختا انهي پِڙَ ۾ ڄَمائي يار ٿو
ڪو ڪو. |
2- |
نگاهِ تيغَ سان جو نازنِين عاشِقَ
ڪُهي ويٺو |
|
اکيون اُنَ سان وڃي پنهنجو اڙائي يار
ٿو ڪو ڪو. |
3- |
اماره نفس ٿو جنهن دم وڪوڙي نفس ناطق
کي |
|
وٺي همت کان ڪم ان کي ڇڏائي يار ٿو ڪو
ڪو. |
4- |
لڳي هرڪنهن کي وئي پنهنجي ٻُڌي ٿو
ڪونه ڪو ڪنهنجي |
|
اذيت دل ڏکويل جي هٽائي يار ٿو ڪو ڪو. |
5- |
محبت ۾ اچن وهم و گمان دل کي هزارين
ٿا |
|
انهن کان پاڻ کي بلڪل بچائي يار ٿو ڪو
ڪو. |
6- |
گهڻئي لفظن جا مجموعي لکن ٿا نظم اڄ
شاعرَ |
|
حقيقت فطرتِ انسان ٻُڌائي يار ٿو ڪو
ڪو. |
7- |
خُواريون خلق جون آهن سَهڻ ڏاڍيون
ڏکيون ليڪن |
|
مٺي محبوب لءِ سِرَ تي سَهائي يار ٿو
ڪو ڪو. |
8- |
پڙهن ٿا علم ڪئي استاد وٽ شاگرد مڪتب
۾ |
|
عَمَلُ اُنَ تي ڪري نيڪي ڪرائي يار
ٿو ڪو ڪو. |
مقطع: |
|
هڻن دعوا جو دم ”مائلَ“ محبت ۾ گهڻئي
ٿا |
|
مگر جند جان جان لءِ جلائي يار ٿو ڪو
ڪو. |
غزل (7)
مطلع:
جتي ڏاهن جو کَپُ ناهي، اُتي ديوانا گُهرجن ٿا
جي پائِن پاڻَ ۾ توکي، اُهي مَستانا گُهرجن ٿا.
1- |
نوازش تُنهنجي نيڪيَ جي، هلي اَرِضُ و
سَما پيئي |
|
نوازج نُور سان نُوري، نه ٻيا پيمانا
گُهرجن ٿا. |
2- |
مقدرَ ۾ جو منهنجي آهه، انهيَ کان مئي
وڌائي ڏي |
|
سخي آهين سخاوت ڪر، اڃان پيمانا
گُهرجن ٿا. |
3- |
پيارجُ جام اهڙو تون، جو وحدت ساڻ مون
واڳي |
|
نه خالي ڇڏ سُواليءَ کي، اڃان پيمانا
گُهرجن ٿا. |
4- |
پيڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو، خبر اُنَ جي
خدا کي آه |
|
ڏسڻ سان ڪيفُ ڪن طاري، اُهي پيمانا
گُهرجن ٿا. |
5- |
پياريندي ڀلا ويٺو، دعا ڏينديئي
اُڃايل دِل |
|
اڃا مان تِشنه لَب آهيان، اڃان پيمانا
گُهرجن ٿا. |
6- |
ڏسڻ سان مَسِتُ ڪن جيڪي، پِيَڻَ سان
پِرِتِ ڪن پُوري |
|
”چُمِيا جِن تُنهنجا لَبَ ساقي، اهي
پيمانا گُهرجن ٿا. |
7- |
اڃان پهريون پياريو ٿئي، ٿِيُسُ مان
تو ۾ گُم ساقي |
|
فنا کان پوءِ باقي ڪن، اهي پيمانا
گُهرجن ٿا. |
8- |
مون کي اهڙو پياري پُر، ڪري ڇڏ اي صنم
ساقي |
|
پِيان پو پاڻَ مان ويٺو، نه ٻيا
مئيخانه گُهرجن ٿا. |
9- |
رهي منظوم تنهنجي ياد، مون کي اي سچا
سروَرَ |
|
ٿئي آباد منهنجي دل، نه ڪي ويرانا
گُهرجن ٿا. |
10- |
حقيقت، معرفت جي حال جا، اڄ ڪي مِلَن
ماِڻڪَ |
|
نظر ڪر ڪيف وَرُنُوري، نه ٻيا افسانا
گُهرجن ٿا. |
11- |
رڳَن ۽ روحَ ۾ تنهنجي، رهي آ تاتِ هيَ
طالبَ |
|
عطا ڪا ڪر حقيقتَ ۽، نه ٻيا افسانا
گُهرجن ٿا. |
12- |
ٿيان مان لا اِلــٰھَ
کان پوءِ، اِلا اللهُ جو عاملُ |
|
اهو ڪلمون پرهان قلبئون، نه ڪي بتخانا
گُهرجن ٿا. |
13- |
مڙَن مَچ تي اچو ڪي ئي، پَتنگ پِڙَ ۾
لَهن ٿا اُتِ |
|
ٿِيَن جي شمع تي قُربان، اُهي پَروانا
گُهرجن ٿا. |
مقطع: |
|
مان تنهنجوئي آهيان ”مائلَ“، ۽ تنهنجي
دَرُ سڄڻ سائلُ |
|
پياري پُر ڪجَئين پارَي، اڃان پيمانا
گُهرجن ٿا. |
بروز سومر 11 رمضان المبارڪ 1391هجري 1 نومبر
1971ع حيدرآباد کان ڪراچي ويندي ويگن ۾.
غزل (8)
مطلع:
مردُ ئي تون جيت بازي عشق جي ميدان ۾
قرب سان ڀَرِ پيرُ غازي عشق جي ميدان ۾.
1- |
جي هُجين عاشقُ ته ڪر منٺار تان سِرُ
جانثارُ |
|
ڪم رڳو ايندءِ نه آزي عشق جي ميدان ۾. |
2- |
ٿو ڪري ليکيو پرينءَ سان گهورڻي جت
جان ٿئي |
|
تَرَڪُ ڪر تورا ترازي عشق جي ميدان ۾. |
3- |
بس چڙهيين مَنمبرَ واعظَ ڪجهه نه
ورندءِ وعظ مان |
|
تون ڪري ڏِسُ عشق بازي عشق جي ميدان
۾. |
4- |
سرد دمَ، صدما سَوين هي عاشقن جو ٿيو
مَرَڪُ |
|
رمز رک عاشق ايازَي عشق جي ميدان ۾. |
5- |
نفس هن نادانَ کي ماري مڃائج مام ۾ |
|
نينهن جو بنجي نمازي عشق جي ميدان ۾. |
6- |
سور سختيون، غم الم ۽ هي جدائي جون
گهڙيون |
|
صبر سان سڀ سَهُه مجازي عشق جي ميدان
۾. |
7- |
نيڪ نيت دل صفا سان تون عمل ڪر پيو
سدا |
|
ڪم اچي ٿي پاڪ بازي عشق جي ميدان ۾. |
مقطع: |
|
سِرُ سڄڻ جي ڪر حوالي ٿي اي ”مائلَ“
ڪامياب |
|
پوءِ ملنديئي سرفرازي عشق جي ميدان ۾. |
¤
08- مارچ 1961ع، ڀليڏنو ڪاڪا
غزل (9)
مطلع:
نشان نظر منهنجي دل کي بنائي
صنم زخم ڪُهنه ڇڏيا اڄ چِڪائي.
1- |
رهي نام زنده انهيءَ جو سدائين |
|
محبت کي جيڪو هتي ويو ڪَمائي. |
2- |
سو منزلِ مقصود وڃي نيٺ پهتو |
|
ڇڏيو غير دل مان جنهن پنهنجي ڀُلائي. |
3- |
جدا دردِ دل ٿي نه مون کان تون جيئري |
|
اچي لطَفَ، شدتِ غم جڏهن ٿو ستائي. |
4- |
زباني محبت ڪرڻ وارا ڪئين ٿيا |
|
مگر محب سيني ۾ ڪو ٿو سمائي. |
5- |
ٿيو نينهن منهنجو آ نروار تو سان |
|
نڀايان هي ناتو ٿو ڳائي وڄائي. |
6- |
وصالِ صنم سان وڌي بيخودي ٿي |
|
خودي ٿي هِتي پاڻ پنهنجوئي کائي. |
7- |
پنهنجو نينهن ناتو نباهيندو نيهي |
|
هتي هر ڪنهن جي ادا جاءِ ناهي. |
8- |
محبّت ۾ وهم و گمان ٿا اچن ڪئين |
|
انهن کان پنهنجو پاڻ ڪو ٿو بچائي. |
مقطع: |
|
ٿا دعويٰ رکن ڪيئي محبت سان ”مائلَ“ |
|
مگر جان جانب لءِ ڪو ٿو جلائي. |
¤
بروز جمع 9 جنوري 1974ع منجهند 2:10 ڪراچي کان
حيدرآباد ويندي بس ۾.
غزل (10)
مطلع:
رَوَش ڏِسي اڄ ساقيَ جي، کڻي پياسن پيتو آهي سُنُ
ڪنهن خار کان اڄ مئخاني کي، مئخوارن آهي ڇڏيو کڻي.
1- |
همدردي نه حڪيمن وٽ آهي، تشخيص صحي سي
ڪين ٿا ڪن |
|
تڏهن تَن جي دوائن کي، کائڻ بيمارن
آهي ڇڏيو کڻي. |
|
|
2- |
افسوس انهن جي حال تي آ، جنهن ائڪٽنگ
پنهنجي پوري نه ڪئي |
|
هن فلمي دنيا جو پارٽ، پنهنجو اداڪارن
آهي ڇڏيو کڻي. |
|
|
3- |
هيرا لال هزارين آهن، پر وِنڌَڻ
وارائي ڪينهي ڪي |
|
جو اصلي پنهنجو عملي ڪم، وينجهارن آهي
ڇڏيو کڻي. |
|
|
4- |
ٿو هرڪو پريشان حال ڏسان، جو اصل اصول
اسلام ڇڏيئون |
|
هڪ ٻن جو سوال ته ناهي ڪو، هي هزارن
آهي ڇڏيو کڻي. |
|
|
¤
1975ع
غزل (11)
مطلع:
منهنجي ته ٿيندي توکي ضرورت جڏهن تڏهن
ڏيندئي نه مون جيان ڪو محبّت جڏهن تڏهن.
1- |
مطلب پرست ڪيئي وڪوڙي ويا اٿئي |
|
ڪو ڪو ڪندءِ خلوص سان خدمت جڏهن تڏهن. |
|
|
2- |
پنهنجن مٿي ستم ۽ پَراوَن سان ڇو ڪرم |
|
آهي انهيءَ رمز تي عبرت جڏهن تڏهن. |
|
|
3- |
پنهنجن جو رَتُ دانگيءَ تي نيٺ ورندو
آهه |
|
مشڪل ۾ تنهنجي تن کي آ غيرت جڏهن
تڏهن. |
|
|
4- |
وٺڻو اٿئي جي امتحان پنهنجا پروا سڏ |
|
ان وقت ٿيندي توکي حيرت جڏهن تڏهن. |
|
|
5- |
دامن ڇڏي هٿن سان ڪيرائين ٿو پنهنجا
گُلَ |
|
خارن جي ڪيئن خلش ڏيئي فرحت جڏهن
تڏهن. |
|
|
6- |
ڇڏبي نه هٿ مان دامن ڪرندا ڪڏهن نه
گُل |
|
خارن جي وڏي خراش اذيت جڏهن تڏهن. |
|
|
7- |
چنبڙي پوي ٿو خار اها ڪيئن وفا چئون |
|
ان سمجهه تي وڏي آهه حيرت جڏهن تڏهن. |
8- |
گل جي وڃي سُڪي ته به گُلقندُ ٿو ٺهي |
|
ڪارائتي سندس هر صورت جڏهن تڏهن. |
|
|
9- |
جيئرن ڳچيءَ جا هارَ مزارَن تي پڻُ
پوَن |
|
تن جي ڀَلي ڪئي مولا آ قسمت جڏهن
تڏهن. |
|
|
10- |
گُل آهه جي جوان ته خوشبو انهي ۾ خوبُ |
|
معطر ٿين حواس وٺن فرحت جڏهن تڏهن. |
|
|
11- |
پنهنجو ته نيٺ ماري ۽ ڇانوَ ۾ ڇڏي |
|
پنهنجن تي رعبُ تابُ ۾ لذت جڏهن تڏهن. |
|
|
مقطع: |
|
”مائلُ“ هي اصلئون مائلُ توڏي اي يارَ
آهه |
|
ان کي هميشه پنهنجي ڏي اُلفت جڏهن
تڏهن. |
¤
30 مارچ 1975ع
غزل (12)
مطلع:
اچي پيو سمجهه ۾ ته هڪ ڏينهن هُو به سوچيندو
اسان جي انتظاريَ جو اثرُ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.
1- |
هي تَڙپِي نيٺ آهُون پنهنجو آخر هنڌ
هڻي ڪنديون |
|
هن دلڙي ويچاريءَ جو اثرُ ڏسجي ته ڇا
ٿو ٿئي. |
|
|
2- |
علاجن، آپريشن سان وڃن بيماريون ٻيون
ڇڏيو |
|
بِرهه جي هن بيماريءَ جو اثرُ ڏسجي ته
ڇا ٿو ٿئي. |
|
|
3- |
گهڻي ڪوشش ڪيرائڻ جي دنيا ڪئي عاشقن
لءِ آهه |
|
سندءُ سائين سَتاريءَ جو اثرُ ڏسجي ته
ڇا ٿو ٿئي. |
|
|
4- |
مان سمجهان ٿو ڀُليا آهن گهڻئي ظاهر
ڏسڻ وارا |
|
حقيقت هن سچاريَ جو اثرُ ڏسجي ته ڇا
ٿو ٿئي. |
|
|
5- |
گهڻئي منٿون ۽ ميڙيون مون ڪيون
”مائلَ“ سڀئي ليڪن |
|
وريو ڪجهه ڪينَ خودداري جو اثرُ ڏسجي
ته ڇا ٿو ٿئي. |
|
|
¤
30 مارچ 1975ع
غزل (13)
مطلع:
خلقِ خدا کي پاڻ تان کِلائي ته پئي پتو
دانائي ۽ چريائپ ملائي ته پئي پتو.
1- |
چئي آمنا صدقنا پَل چئي لبيڪ |
|
رمزن ۾ پنهنجي پاڻ کي ڪو رُلائي ته
پئي پتو. |
|
|
2- |
ٺهيل ٺُڪيَلُ تي اچيو سڀڪو ٿو شينهن
بنجي |
|
ويرانُ وَستِيُون وِرِهُه جو ڪو
وَسائي ته پئي پتو. |
|
|
3- |
پنهنجي ڪري ڪو پاڻ کي ماکيَ جي مک
مثلِ |
|
محنت ڪري ٻين کي کارائي ته پئي پتو. |
|
|
4- |
محبّت ۾ وهم دل ۾ هزارين اچن ٿا ليڪن |
|
بلڪُل تنين کان پاڻ کي بَچائي ته پئي
پتو. |
|
|
مقطع: |
|
محبوب پنهنجا ”مائلَ“ ڪيئي ڪري ڇڏيا |
|
مائلُ ڪري ڪو ان کي مڃائي ته پئي پتو. |
¤
30 مارچ 1975ع
غزل (14)
مطلع:
جڏهن تو نظر ڪئي سڄڻ ڪيفزا
تڏهن کان خوشي ويئي حرص و هوا.
1- |
ڏنيئي سُرڪي اهڙي پيارا پِرِتِ |
|
ڪئي دور جنهن ئي مٺا ماسوا. |
|
|
2- |
هئي دل ته وهمن گمانن ۾ ڦاٿل |
|
ٿي آجي انهن کان نظر ٿي اُها. |
|
|
3- |
نظر نيڪ جي ئي نوازش سان دلبر |
|
ڏياريَ فقط ياد هڪڙي خدا. |
|
|
4- |
ڇڏين ڪين خالي ٿو سائِلَ سڄڻَ تون |
|
هلي هاڪَ هر هنڌ اِهائي سخا. |
|
|
5- |
ڪيئي علمَ جي محب امداد عالي |
|
ثنا ڇا ڪيان، عظيم آ عطا. |
|
|
6- |
رضا مند و رهبر سندءِ هيئن سمجهيم |
|
اِهائي مٿم ٿي رسولصه رضا. |
|
|
7- |
هڻان ڪين دعويٰ جو دم يار توسان |
|
مگر هيَ صورت سندم التجا. |
8- |
جهان وارا منهنجي شڪايت پيا ڪن |
|
نه پرواهه آهي انهن جي گِلا. |
|
|
9- |
جدائي جو کُٽڪو رهي ٿو وصل ۾ |
|
حقيقت ڪيان ڇا انهيَ ماجرا. |
|
|
10- |
سندم تون ئي مطلوب، استاد، مرشد |
|
آهين روح جي رمز جو رهنما. |
|
|
مقطع: |
|
هي ”مائلُ“ ڪري عرضُ اڪثير ٿو |
|
قضا کي مَٽائج کان صاحب قضا. |
¤
بروز اڱارو 25 مارچ 1962ع، هالا شريف
غزل (15)
مطلع:
مون جيئن ڪو جان تو لءِ جلائي ته پو مڃيان
چريو چوائي پاڻ کي خلقَ کِلائي ته پو مڃيان.
1- |
ظاهر ريه جدا ۽ روحي طرح سان هِڪُ |
|
اُلفت کي اهين توسان نڀائي ته پو
مڃيان. |
|
|
2- |
محبت زباني ڪيئي ڪرڻ وارا ٿيا مگر |
|
سيني ۾ توکي پنهنجو ڪو سمائي ته پو
مڃيان. |
|
|
3- |
تنهنجا ستم سهِي ۽ کِلندي گذاري خوش |
|
منُ پوءِ به تنهنجي مَنَ سان مِلائي
ته پو مڃيان. |
|
|
4- |
مطلب پرست ڪيئي وڪوڙي ويا اٿئي |
|
خدمت خلوص سان نيڪي ڪرائي ته پو
مڃيان. |
|
|
5- |
منصف ضمير پاڻ ئي پنهنجي کي ڪري |
|
هر ڏوهه پنهنجي پاڻ تي وسائي ته پو
مڃيان. |
|
|
6- |
ڪامل جڏهن ٿو عشق اچي قلبَ ۾ وِهي |
|
اُنَ کان قدم ڪو پنهنجو وڌائي ته پو
مڃيان. |
|
|
7- |
آهن لکين ٻين کي ستائڻ وارا مگر |
|
پر پاڻ کي ڪو پنهنجي ستائي ته پو
مڃيان. |
8- |
محبّت جي دام ۾ ٿو جڏهن ڪو وڪوڙجي |
|
ڦٿڪي ڪو پاڻ اُنَ مان ڇڏائي ته پو
مڃيان. |
|
|
9- |
کوٽي نيت کي جيڪي سيڪنڊ ۾ هڪڙي سمجهن |
|
تِن کي سبب ڏئي ڪُوڙا ڪو نٽائي ته پو
مڃيان. |
|
|
10- |
درد و الم غمن سان هردم رهي خوشين ۾ |
|
اذيت تنين جي چاهئون ڪو چائي ته پو
مڃيان. |
|
|
11- |
تيغِ نگاهِه نازَ سان جو عاشق ڪُهي ٿو
ڪئين |
|
اک ان جي اک سان پنهنجي ڪو ملائي ته
پو مڃيان. |
|
|
12- |
اُلفت ڪرڻ جا يارو آهن گهڻئي قسمَ |
|
پنهنجي پاڻ مان ئي پِرَ کي ڪو پائي ته
پو مڃيان. |
|
|
13- |
ڪري عشق هرڪو انسان شاعر ڪي هيئن چون
ٿا |
|
پر توڙ تائين تنهن سان ڪو نڀائي ته پو
مڃيان. |
|
|
14- |
پنهنجو حُڪم هلائڻ سولو ٻين تي يارو |
|
پر حُڪمُ پاڻ تي ڪو پنهنجي هلائي ته
پو مڃيان. |
|
|
مقطع: |
|
محبت ۾ مَحِوُ اهڙو ”مائلَ“ جيئن ٿي
ڪري |
|
هر شيُ دنيا جي دل مان ڀُلائي ته پو
مڃيان. |
¤
31 مارچ 1981ع
غزل (16)
مطلع:
چوي قلب پيو لاَ اِلــٰھ
اِلاَ اللهُ
سُبَحَانَ اللهُ سُبَحَان اللهُ
ٻيو شافع مُحَمّدُصه رَسُولُ اللهُ
سُبَحَانَ اللهُ سُبَحَان اللهُ.
1- |
هڪُ دمُ ٿو نفي جو ٻاهر وڃي ٻيو |
|
اندر ٿو اثباتَ کڻان |
|
ڪري رَڳَ رَڳَ پئي الله الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
2- |
جيڪو عشق و محبت مان ٺاهيو هو |
|
وَنَحَن اقَرَبُ وَاحِدَ چئي |
|
سو بلڪل ڏسان پيو بيتُ الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
3- |
منهنجو ساقي اچي ٿيو سَروَرُ خُود |
|
پنهنجي پِرِت مان پياري ڪيئين بيخود |
|
سو نوحرحه فقير بن نعمت
الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
4- |
نَوَ لَکَ ملائڪ مُريدَ ٿِيا |
|
هُئا جنهن جا تولُدَ کان اڳ ۾ |
|
پهريون نالو آ سندُنِ لطف الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
5- |
جنهن هڪڙي نظر ڪئي نُورَ ڀَري |
|
دل بِرهَه سان جنهن ئي آهِه ڀَرِي |
|
سو ڪامل مڪمل ولي الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
6- |
اهو عوث الحق ڏسو هالن ۾ |
|
آهيان جنهن جي مان مَتوالن ۾ |
|
سو هادي آهي حبيب الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
7- |
سڌي هيَ نوازش سائل تي |
|
ڪئي مُرشد پنهنجي ”مائلَ“ تي |
|
تنهن خوشرو خوءِ خليلُ الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
8- |
عليعه، فاطمهعه
و شبيرعه و شبرُعه |
|
ابوبڪر، عمر، عثمان، حيدر |
|
حامي، پنجتنعه، يا رَسول
الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
9- |
اچي ٻارهن، چوڏهن واهَرَ ٿيا |
|
۽ بيا به مڙئي انبيا اوليا |
|
هيَ هيڏي نوازش للهِ في الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
|
|
10- |
بي نياز وٽ ئي نياز نيمُ |
|
۽ شڪِ ندامت پيش ڪيمُ |
|
سڀ بخشي بديون ڏنو وَهَبُ اللهَ |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
11- |
مستي محبت ۾ آهيان مَحِوَ اهڙو |
|
جو وسريو وجود ٿو مون کان وڃي |
|
جو قلبُ ڏسان پيو ڪعبتهُ الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
12- |
ٿيو جلال، جمال سان جلوه نِما |
|
ڪئي ڪيڏي الله سائينءَ آهِه عطا |
|
هي سچ ٿو چوان والله بالله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
13- |
هاڻي ساقي خود، مئخانو خود |
|
مئخوار به خود ۽ ساغر خود |
|
پيان بِسم الله کي ڪريو بِسمِ الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
14- |
مخلوقُ مِٺو ڏاڍو مولا کي |
|
پَرَ طَلبي جيڪو سوئي مِلي |
|
اَٿَوَ ٻاجهارو گهڻو ئي اللهُ |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
15- |
چيو هاڻي جَزاڪ الله چوان |
|
۽ صَبَحَڪَ الله ۽ مَسَحَڪَ الله |
|
جو اِسم اندر ۾ قُل هوَ اللهُ |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
مقطع: |
|
نِجُ نيهن نشو چڙهيو ”مائلَ“ جي |
|
آهي قلبَ تي يارو هي ڪاملُ |
|
ٿيو حاصلُ وَمَن يَتَوَکلَ الله |
|
سُـــــبَـــــحَـــــانَ
اللهُ سُـــــبَـــــحَـــــان
اللهُ. |
¤
13 صفر 1395هجري 24 فيبروري 1975ع، سومر رات 1:00
بجي، هالا شريف
غزل (17)
مطلع:
مَسِتَ مئخاني ۾ جڏهن ٿا اچي وَارِدُ ٿِيَنِ
ساقي گهٻرايو وڃي، مئخانا لرزَان ٿا ٿِيَنَ.
1- |
جي اچن پيئڻَ ٿا سڀ مئي کي پيئو هو
ڇڏن |
|
مئخوار ٻيا مئخاني جا ٿا سُرِڪَ هڪڙيَ
لءِ سِڪَن. |
2- |
جي بچايو هُو چُڪي ٿا چاهَ مان ڪنهن
کي ڏينَ |
|
سي نشي کان نيهن جي پَٽَ تي ڪِريو
پَلَ ۾ پونِ. |
3- |
مَسِتُ نظرون جي کڻن ڪنڌُ ڪونه تِن
آڏو کڻي |
|
ڊنگَ ڪيئي خودبخود ڊِڄيو اُتي اُن دم
ڊَهَن. |
4- |
جي جلالي ڪيفيتَ طاري انهن تي آهِه پو |
|
مئخوار ٻيا مئخاني مان ڀَڄيو وڃو
ڪُنڊَ ۾ لَڪَن. |
5- |
ٿي پوي ڪنهن دم لَڪلَ تِن تي اُنهن جي
ڪا نظر |
|
ٿا وڃن ٽُٽيو نَشا تَنِ، سَاهَه ٿا
اُن جا سُڪَن. |
6- |
پِرتِ مان پيمانُ ڀَريو ٿا جَڏهن لَبَ
تي رکن |
|
عُمر ڀَر تِن جا نَشا ٿا ڪينَ قلبن
تان لَهن. |
7- |
پاڪ مئي مان پي سدائين سي جلالي ٿا
جِيَن |
|
۽ جَمالي ڪيف طاري ٿا سدا تِن تي
رَهَن. |
8- |
خالصُ خلوص و نيڪ نيّت سان سدا هر
ڪنهن هلن |
|
خوفَ ريَ پنهنجي خدا جي ڪين ٿا ڪنهن
کان ڊڄن. |
مقطع: |
|
مِحِويتَ ٿي تِن تي طاري ئي سدا
”مائلَ“ رَهي |
|
دنيا ۽ عقبيٰ کي مٽي ديدار پيا
پَرَوَرَ پَسن. |
¤
17 مارچ 1975ع، هالا
غزل (18)
مطلع:
ڪڏهن خوفِ خدا کان دل جو دل ۾
يـــــار
گهڻو ئـــــي
ڌَڙِڪُـــــون
ٿا
ڪڏهن قابضُ ٿي ڪنهن جي قرب مٿان
يــــــار
اچـــــانـــــڪ
ڪَڙِڪُـــــون
ٿا.
1- |
ڪڏهن ڪنهن کي ڪَريون ٿا منٿون |
|
ڪڏهن ڪنهن جي پرواهه ڪانه ڪڍون |
|
ڪڏهن ڪنهن جي ڪِري پئون پيرَنِ تي |
|
ڪڏهن مُور نه ڪنهن وٽ لَڙِڪُون ٿا. |
|
|
2- |
ڪڏهن تِرُ نـــــه
ڪنهين لءِ تَرِسُون ٿا |
|
ڪڏهن ويـــــٺا
ڪنهين لءِ واجهايون |
|
ڪڏهن پنهنجي پاڻ ۾ ٿيون ٿا گُمُ |
|
ڪڏهن ڪنهـــــن
لءِ ڏاڍو تڙپــــــون
ٿا. |
|
|
3- |
ڪڏهن عجزُ نـــــيـــــاز
۽ ادب گهڻو |
|
ڪڏهن خودداريءَ جـــــي
خـــــوءِ
گهڻي |
|
ڪڏهن محبت مان ٿا هر ڪنهن ٻُڌون |
|
ڪڏهن پـــــاڻ
اُنهن کـــــي
جِهڙِڪِيُون ٿا. |
|
|
4- |
ڪڏهن هيڻن سان همراهه ٿيون |
|
ڪڏهن بـــــي
واهَـــــن
جـــــي
واهَه ٿيون |
|
هِن دنـــــيـــــا
۾ هِـــــتِ
اينهين جِي |
|
۽ وِرِهَـــــه
۾ يـــــارو
وَڙِڪُـــــون
ٿا. |
5- |
ڪڏهن ارض و سما جـــــا
سَير ڪريون |
|
ڪڏهن عرش عظيمَ جـــــا
رازَ ڏِسُون |
|
ڪڏهن بـــــاهِه
بِرهه جـــــي
ٻيڻي ٻـــــاري |
|
ڀَـــڀَــــڙَنِ
جيئن اُتِ ڀَڙِڪون ٿا. |
|
|
مقطع: |
|
ڪڏهن ”مائلَ“ محبّت مستيَ ۾ ئي |
|
ٿي خـــــود
کان وڃون ٿـــــا
خود بيخود |
|
ڪڏهن سَوزَ سڄڻَ جي سختيَ کان ئي |
|
حُـــــبَ
۾ ڏاڍو هَـــــڙِڪُـــــون
ٿـــــا. |
¤
21 اپريل 1977ع، اقبال ڊي، ڀليڏنو ڪاڪا
غزل (19)
مطلع:
لڳي دل وئي ديواني سان، تڏهن دانا به وسري ويا
صنم جي عشق ۾ سڀ شوق، شاهانا به وسري ويا.
1- |
فقط هُنَ ابروئي خَمدار سان، مون کي
ڪيو بِسِمِل |
|
رهي باقي سندُس ئي ياد، افسانا به
وسري ويا. |
|
|
2- |
رُخ جانان ڏسڻ سان ئي، ٿيو غالبُ
جُنون آهي |
|
ٿِيُسُ مان هوشَ کان بي هوشُ، بيگانا
به وسري ويا. |
|
|
3- |
نگاهِه نازَ سان ساقي، پيالا پِرت جا
پياريا |
|
صُراحي، ساغر و مينا ۽، ميخانا به
وسري ويا. |
|
|
مقطع: |
|
نهوڙي نيٺ نيو نرملَ، محبت ۾ ڪري
”مائلَ“ |
|
پُسايئين پاڻُ اهڙو جو، بُتخانا به
وسري ويا. |
|
|
¤
غزل (20)
مطلع:
ڪيو جنهن قُربَ ۾ قابُو، انهي ئي يارَ ڏي هلبو
سهارو جو سڄڻ آهي، تهين سردار ڏي هلبو.
1- |
ٿين ٿا شرمندا شمس و قمر، ڪَتيون
اڳيان جنهن جي |
|
سڀن کان خوبصورت حُسِنَ جي، سرڪار ڏي
هلبو. |
2- |
ڪري مغموم منهنجي دل، ڏئي ويو داغ
فرقت جو |
|
ڏسڻ سان جنهن جي لهندو غم، انهي
غمخوار ڏي هلبو. |
3- |
نه ڊڄ درياءِ دنيا جي، هنن لَهِرُن ۽
لوڏن کان |
|
توَڪُلَ جو ٻَڌي تُرَهو، پرينءَ جي
پار ڏي هلبو. |
4- |
تون ڇڏ دنيا ۽ عقبيٰ کي، خيالِ يار ۾
ئي رَهُه |
|
سَٽي سِرَ ساهَه جو سانگو، مِٺي
منٺارَ ڏي هلبو. |
5- |
پياري پُر ڪري ٿو ڏي، سوائي سُرِڪَ
ساغرَ مان |
|
انهي ئي ساقي ڪوثر، سچي سالار ڏي
هلبو. |
6- |
مِليو لولاڪَ لما جو، جهين کي شانُ آ
اعليٰ |
|
مُحمّدصه ميرُ مدني
مصطفيٰ، مهندار ڏي هلبو. |
|
|
مقطع: |
|
محبّت ۾ ڪيو ”مائلُ“، وجهي جنهن دام
زُلفن جا |
|
دلاور دوست دلبر تنهن، دلي دلدار ڏي
هلبو. |
¤
غزل (21)
مطلع:
سُورَ دل جا ئي سَليَم اي يار بس هاڻي ٺهيو
ٿي اثرُ توتي متان منٺار بس هاڻي ٺهيو.
1- |
جي تمنائون رکي دلبر سندءِ دَر آيا |
|
سي وڃن واپس وري پينار بس هاڻي ٺهيو. |
2- |
نامِ خدا ڇڏ وعظ تون واعظ اجائي بَڪَ
نه بَڪُ |
|
ماٺِ ڪر ڇو ٿو ڪرين بيزارُ بس هاڻي
ٺهيو. |
3- |
تشنه لبُ تنهنجي پيار در تي پُڪارون
قياس ڪر |
|
مَئي سوا موٽي وڃن مئخوار بس هاڻي
ٺهيو. |
4- |
درگُذر دل سان ڪري مون سان اچي مل تون
مِٺا |
|
تُرشُ ايڏو ڪينَ ٿي دلدارَ بس هاڻي
ٺهيو. |
5- |
قول جي تو ها ڪيا سي پار هاڻي تون
پرين |
|
ڪئن وساريا تو اُهي اِقرار بس هاڻي
ٺهيو. |
6- |
ڪر نظر پنهنجن پراون جي سڃاڻڻ جي مِٺا |
|
تو ڪيا پيارا کڻي اغيار بس هاڻي ٺهيو. |
مقطع: |
|
منزلِ مقصود ڏي ”مائلَ“ هليو هل هاڻِ
تون |
|
ڇڏ زماني جا ٻيا دلدار بس هاڻي ٺهيو. |
¤
28 جولاءِ 1961ع، هالا شريف
غزل (22)
مطلع:
هجي ڪيڏي حياتي پَرَ اُها بي مُختصر رهندي
خُدا جي ياد ۾ گذري اُها ئي ڪَارگر رهندي.
1- |
ڇڏيو توکي نوازي هو نگاهِه فيضَ مُرشد
جي |
|
نه تنهنجي ڪا ادا، زنده يا مرده بي
اثر رهندي. |
2- |
محبت تو ڇڏي اهڙي جا لهندي ڪينَ
قَلبَن تان |
|
”هميشه ياد اي ”مخمور“ تنهنجي دل اندر
رهندي.“ |
3- |
گهڙيون توسان حياتيءَ ۾ محبّت جون جي
گهاريون ٿَم |
|
انهن جي ياد اي ”مخمور“ تنهنجي دل
اندر رهندي. |
4- |
هليو هرڪو ئي ويندو نيٺ رهندو هڪُ
انهي جو نانءُ |
|
محبت کان سواءِ اهي زندگي ئي بي اثر
رهندي. |
5- |
ڏي خالق ٿو خلقتَ ۾ فنا کان پو بقا
جنهن کي |
|
چوي ”مائلَ“ اُهائي زندگي هِتِ سربسر
رهندي. |
¤
29 جون 2006ع، بروز خميس، پنهنجي اوطاق،
ڀليڏنو ڪاڪا
نوٽ: ”مصري فقير مرحوم جي ڪتاب ”پَڳهه ڇوڙي
پنڌ پيا“ جي مهورت 1 جولاءِ 2006ع تي سندن
اوطاق سرهاڙي ۾ رکيل تقريب جنهن ۾ مخدوم جميل
الزمان ”جميل“ سائين ۾
“MPA”جن
کي
ڪتاب جي مهورت ڪرڻي آهي، ان جو دعوت نامون
فقير صاحب جو ٻيو نمبر ڀاءُ محمد رمضان ”مسڪين
سروري“ کڻي آيو ۽ طرح به ان دعوت نامي ۾ لکيل
هئي، جيڪا فقير صاحب جي ڀائٽي عبدالحفيظ
”خوشدل“ صاحبِ طرح هو. ان موقعي تي سالن کان
پوءِ شاعري ڪئي وئي ۽ تنهن تقريب ۾ سائين جميل
الزمان ۽ نويدالزمان جن جي سامهون پڙهيو ويو.“
غزل
ہمارے دل سے تم کھیلو، |
نہیں شیشہ جو ٹوٹے گا |
محبت اس میں ہے محفوظ، |
نہیں سپنہ جو ٹوٹے گا۔ |
بھلے تم ٹھیس اس کو دو، |
مگر کچھ بھی نہیں ہوگا |
ستم کتنے بھی ہم کو دو، |
مگر کچھ بھی نہیں ہوگا |
اس کو پیار ملا سچا، |
نہیں جھوٹہ جو ٹوٹے گا۔ |
میں تم سے تیری صورت کا، |
تصور لیے ہی بیٹھا ہوں |
اثر ان سے صرف دل میں، |
محبت کا ہی لیتا ہوں |
ہے یہ اب آشیاں تیرا، |
نہیں میرا جو ٹوٹے گا۔ |
نہ اپنا آشیاں کس نے |
نہ چھوڑا ہے نہ چھوڑے گا |
اپنے مکاں کو خود، |
اپنے آپ توڑے گا |
تمہارا گھر ہے یہ، |
نہ اوروں کا جو ٹوٹے گا۔ |
بھلا تیری جُدائی کیوں، |
نہیں محسوس ہوتی ہے |
جو سینے میں تیری صورت، |
صنم منقوش رہتی ہے |
الستی ہے یہ "مائل" نہیں، |
ابگا جو ٹوٹے گا۔ |
¤
1975-03-21، سول لائینز بنگلا، کینٹومینٹ،
حیدرآباد صبح 9:00 بجے۔
غزل
جب دل میں میرے تو آئے خدا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ |
حیران ہوں میں، مجھ پے عطا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
تو ہی بنایا ہے مجھ کو، |
اک خاک کی مٹی میں ہی سے |
پھر شرف ہے تم نے ہم کو دیا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
تم نے ہی بنا کر ہم کو پھر، |
شرف دیا ہے ملکوں پر |
سب قدرت تیری ہے مولا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
کی ذات تیری پنہان تونے، |
تب سجدا کیا ہے ملکوں نے |
کیا کیا سے تونے کیا نہ کیا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
مجھے بندہ بنایا ہے تونے، |
اور مالک خود تو میرے ہوئے |
میں ادنیٰ ہوں تو ہے اعلیٰ، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
کُل شیء یُحرکُ میں پنہاں راز، |
ہے تیرا کہاں میں کہوں |
ہر جا ہی تیرا ہے جلوہ نما، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
تو گُل ہے تیری ہوں میں خوشبو، |
ہے فرق نہ اس میں کوئی ذرا |
ہوں اک ہی لیکن نام جُدا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
کہیں عشق ہی بن کر آئے تو، |
کہیں حُسن ہی ہوکر بیٹھے ہیں |
ہے تعجب کیسے رنگ بدلا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
اب اپنے آپ سے ہوں ڈرتا، |
جو قلب میں میرے بیٹھے ہیں |
مجھ سے ہوئے حق تیرا ادا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
کہاں "مائل" کہاں سائل ہے، |
کہاں حق ہی بن کر حائل ہے |
ہر صورت میں ہے نُور تیرا، |
سبحان اللہ سبحان اللہ۔ |
1975-02-18، سپر ھائے وے کراچی سے حیدرآباد آتے
ہوئے بس میں۔ |