سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:4 

منهنجي سوانح حيات

منهنجو جنم 19 سيپٽمبر سال 1937ع مطابق بروز آچر آهي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ سنڌي فائنل (ست درجه سنڌي ان وقت هوندا هئا) جي پاس ڪيم. سال 1950ع ۽ ان کان پوءِ اديب عالم ۽ اديب فاضل سنڌ يونيورسٽي مان 1963ع ۾ پاس ڪيم.

نوٽ: سائين جن اسان جي ڳوٺ طرف شڪار خنزيو جو ڪرڻ آيا هئا، سو اسين به ڏسڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف سندن ديهه ڇپر خان ۾ 1000 ايڪڙ آهي، ماستر محمد قاسم ڪاڪا منهنجي ڳوٺ جو ڪلاس فيلو آهي. اهو ۽ آئون گڏ واپس پي آيا سون ته مونکي ڏائي کڙيءَ ۾ لنڊي بلا ڏنگ هڻي وئي، ان زماني ۾ اسپتالون ڪون هيون ۽ جهاڙون رکندا هئا ۽ سنڌي گيهه ۾ بصر ڪچو کارائي پياريندا هئا ته الٽيون ذريعي زهر نڪري وڃي ۽ مون کي 15 روز ننڊ ڪرڻ نه ڏنائون هڪ ماڻهو ويندو هو ٻيو وري ايندو هو. ان منٺار فقير جي رهنمائي رسالو، جنهن ۾ فقير مرشد جي سان ۾ ڏهر چيا آهن، اهو سڄو ياد ڪيو جو منهنجو حافظو تمام سٺو هو. ان مان هڪ ڏهر مون ذڪر ڪيل موجب ڏنو هو.

قرآن مجيد سوره بقره ۾  آيت آهي ڪتب عليڪم القيام وهو قره لڪم وعسي عن تڪرهوا شيا وهو خيرلڪم وعسي ان تحبوا شيا وهو شرلڪم نمبر آيت 215 آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته اوهان کي ڪو نقصان ٿئي ٿو ته ان جي اوهانکي ڪهڙي خبر ته ان ۾ اڳتي هلي فائدو ٿيندو يا اوهان کي خوشيءَ جو موقعو ملي ٿو ته اڳتي هلي اهو نقصان ٿيندو اها خبر صرف الله سائين جي ذات کي آهي.

1959ع ۾ منٺار فقير راڄڙ جي رسالي رهنمائي مان هڪ ڏهر طالب المولي سائين جن شڪار تي آيا هئا جن اسرڻ مهل مون ڏنو هو جنهن تي پاڻ ان وقتاتي خيرمحمد مير بحر به رهندو هيو گل بدين ڳوٺ ۾ جيڪو سائين جن کي چيو سڀاڻ هالا ۾ اسان وٽ وٺي اچجو خير محمد مون وٽ ڳوٺ آيو مونکي چيائين ته سائين طالب المولي جن توکي هالا گهرايو آهي ۽ هل ان زماني ۾ سعيدآباد کان اسان جي ڳوٺ ڏانهن ڪوبه پڪو رستو نه هئو آئون پنهنجي گهوڙي تي چڙهي ساڻس گڏجي سعيدآباد آيوس ان وقت ريل گاڏيءَ جو سفر هوندو هو ان ۾ چڙهي هالا پهتاسون اتان اسٽيشن هالا کان شهر تائين ٽانگا گهوڙن وارا هلندا هئا ان ۾ چڙهي شهر پهتاسون دروازي تي قاسم ڪيريو دريان هوندو هو ان کي خير محمد ٻڌايو ته سائين جن جو حڪم هو ته آئون حاجي مصري ڪاڪا کي وٺي آيو آهيان پاڻ قاسم کي فرمايائون ته هنن کي ويهار هي ماڻهو ڪمن وارا ختم ٿين اهي پوءِ اچن 1 بجي ڌاري حڪم ٿيو اندر پهتاسين سائين جن کي خيرمحمد ٻڌايو ته قبله اهو ڏهر هن ڇوڪري ڏنو هو ان کان پوءِ پاڻ مونکي مخاطب ٿي فرمايائون ته حاجي مصري جنهن جو توتي نالو آهي انهن وٽ سائين غلام محمد عرف گل سائين سندن والد راتيون اچي رهندا هئا ۽ اهو يڪتاري تي ڳائيندو به هو اوهان سان تمام ويجهو تعلق آهي اسان جي مرضي ته تون اسان وٽ اچي حاضريءَ ۾ رهه مون عرض ڪيو ته قبلا سائين والد صاحب کان اجازت وئي پوءِ حاضر ٿيو پر آئون ان وقت رعب جي ڪري تمام گهڻو ڏڪي رهيو هئس ڳوٺ اچي والد صاحب کي حقيقت ٻڌايم ان چيو ابا مرشد کان مٿي ٻيو ڪير ڪونهي تون سڀاڻي سنبري سندن خدمتون ۾ وڃ ۽ اتي رهه اهڙي طرح سان آئون سائين جن جي خدمت ۾ پهتس پوءِ سڄو فيض اتان حاصل ڪيو.

-        حاجي مصري ڪاڪا ’مائل سروري‘

-       ڪافي  (نعت شريف) سُر ڀيروي

ٿل:      محمّد مصطفيٰ مدني وِلهي جي ٿي سِگهو واهَرَ،

عجيب عاصي اٻوجهي جي هڪدم ٿيو اچي آڌر.

مصرع

1-

گهڙيُس دنيا جي درياءَ ۾ ٻڌي توّڪل سندو تُرهو،

 

اُڪاريو مون کي احسان سان نه سيڻهُه سنڊُ ڪو ڦَرهو،

 

ڪريو نظرِ ڪرم سرورَ اوهانجي ئي آهيان آهَرُ.

 

 

2-

سندئي محبت رهي دل ۾ خسارا ٻيا ختمُ ڪريو،

 

مڪين دل ۾ رهو منهنجي، اوهان کي ڏسان اُن کي وريو وريو،

 

مٺا محبت جي مستيءَ جي پرين پُختي ڏيو پاکر.

 

 

3-

هجان گُم اُن ئي جلون جي پسڻ ۾ ئي پرين هردم،

 

ڏسندي اُن کي ئي نڪري جسم مان پوءِ هي دم،

 

ڏسان پيو ڏيهه ساري کي جي مالڪَ جوڙيا آهن منظرَ.

 

 

4-

هِتي هُتِ پناري پيو اوهان جي ئي عجيب آهيان،

 

آهيان اصلئون اوهان جو ئي ڪهين ٻئي جو اصل ناهيان،

 

پياريو پرتِ مان پياسي پرين هُو آبُ جو ڪوثر.

 

 

5-

آهيان ”مائلُ“ مدامي محب اوهان  جي دَرَ تي ئي سوالي،

ڀريو جهولي سندم جانبِ ويو ڪوئي نه اِتان خالي،

آيو عجزئون آهيان عاصي سفارش مون ڪيو پروَر.

 

 

3- اپريل 1975ع، بروز خميس 12:30 بجه، حاجي يوسف ڪاڪا جي رستي واري هوٽل تي، ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا،
 

ڪافي (نعت شريف) سُر ڪوشڪ هلي

ٿل:    جڏن جي جي جو جانب، جيار يا محمّد تون،

اسان اصين اٻوجهن جو، سهارو يامحمّد تون.

مصرع

1.         

ڪيو قرآن ۾ قادرَ، ادب آهي سچا سرورَ،

سڄي لولاڪ کان ان کي، پيارو يا محمّدَ تون.

2.        

اوهان جو بخت ٿيو بالا، اوهان تي مهر ڪئي مولا،

خدا جي خلق ۾ بيشڪ، ڀلارو يامحمّدَ تون.

3.        

اوهان جي نور مان نرملَ، خدا خلقيو جهان سارو،

نگاهن منهنجي ۾ نوري، نظارو يامحمّدَ تون.

4.        

تصورئي اوهان جي کان، نه آهي چَينُ ڪو دل کي،

مٺي ”مائلَ“ جي خيالن جو، پَسارو يامحمّدَ تون.

 

05- فيبروري 1962ع، حيدرآباد
 

ڪافي  سُر تِلنگ

ٿل:    ناهي مَستَن تي ڪا ميارَ، محبتَ مَستي جِنِ جو مَشربُ.

مصرع

1-

لوڪ لاڳاپا دل سان لاهيو، پُرَن پرينَ جي پارَ،

 

رمز ۾ روئي ريجهائن پيا ربُ.

2-

ڪنهن جي پرواهه ڪانَ ڪڍن ٿا، مٿانهان ملين مَعيار،

 

مولا سان آ تن جو مطلبُ

3-

گهڙي کَنُ غافل ڪين گذارن، سائين جي ٿَنِ سارَ،

 

سندن اهوئي آهي مَذهبُ.

4-

دمَ هي حياتي جي ٿا گذارن، جيئري جهان کان ڌارَ،

 

عبرت ۾ سي کائن عجبَ.

5-

پنهنجي پاڻ ۾ لالُ لڌائون، کڻي برهَه جا سِرَ تي بارَ،

 

سڀئي وساريون عيشُ و طَرَبُ.

6-

لَڙِهيون لُڙِڪَنِ پرت مان پُوئي، هِنئين کي پاتائون هارَ،

 

سندن اهوئي نيازُ اَدَبُ.

7-

نيت کوٽي جا جيڪو سبب ڏي، کائن انهيءَ تي خارَ،

 

ڪم نه سندن آهي ڪوڙُ ڪَسَبُ.

8-

انسان سڀئي هڪجهڙا سمجهن، جي خلقيا خلقڻهارَ،

 

ذات ڏسن نه ڪو رَنگ نسبُ.

9-

مَحِوُ محبوبن ۾ ئي رهن ٿا، اٺئي پهر اپار،

 

تَنَ ۾ ڏٺو تَنِ ونحَن اقربُ.

10-

جيئري جدا ٿي ويا هو جسم کان، گڏيا ربَ غَفارَ،

 

قادر ڪين ڏسو ڪيڏو قربُ.

11-

ظاهر باطن بندش لاهي، ڪيا خالق خودمختيار،

 

وريو وريو ڏئين واحد وهَبُ.

12-

نيهَن نشي جا قلب تي ڪاملَ، خوب اٿن ڪي خمار،

 

اندر اچان ڪلمون طيَبُ.

13-

حڪمت هيبت حشمت تي ڪيا، سائين سدائين سوار،

 

انسان انهن تي کائن عجب.

14-

بيرق برهه جي ڀڙڪي دل ۾، ٿين عشق علمبردار،

 

مشرق کان وڃي پهتا مغرب.

15-

سوري تن ڏي ڪين سنڊي ٿي، ٿا سوريءَ ڪائين سينگار،

 

جو ”مائلَ“ تن سان گڏ ٿيو محبُ.

 

1395-01-12-1975-01-24هه، ڇنڇر 07:30 بجه شام هالا شريف

ڪافي سُر ملتاني ڀيروي

ٿل: لکين ٿورا تنهنجا يارُ، محبت ۾ منظور ڪيو ٿئي.

 

مصرع

1-

وَڙَ ٿو وَڏا هي تنهنجا ڀايان، ڳايو، ڳايو، ڳايو، ڳايان،

 

جانب جيءَ جيارَ، دنيا کان ير دور ڪيو ٿئي.

 

 

2-

ڪنهن جهڙو مان ڪين ڪي هُيَڙسُ، خاڪ پيرن جي توئي ڪَيَڙُسُ،

 

اِي سڀ تنهنجا آرَ، اهڙو پرين ڪو پُورُ پيو ٿئي.

 

 

3-

پنهنجو ادب هاني پاڻ ڪريان ٿو، پنهنجي پاڻ ۾ توکي ڏسان ٿو،

 

محب مٺا منٺار، نيڪ نظر سان نورُ ڪيو ٿئي.

 

 

4-

عشق ٿي منهنجي من ۾ آيون، وسري ويون مون کان سڀئي وايون،

 

تنهنجي رڳو اٿم تار، طلب مان مون ۾ طُورُ ڪيو ٿئي.

 

 

5-

علمَ عطا ڪئي توئي نرمل، قرب ڪري مون سان پاڻ ئي ڪامل،

 

پاڻان پرين ڪري پيار، ”مائلَ“ کي مسرورُ ڪيو ٿئي.

 

20 محرم الحرام 1395هه 13 فيبروري 1975ع، سپر هاءِ.وي ڪراچي ويندي بس ۾،

 

ڪافي  (سُرُ پِيلو)

ٿل:      ٿيءُ هاڻ اچي هَمُدَمُ، پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

 

مصرع:

1-

بنا ناڻي ڳِڌلُ هِن ٻانهي تي تون، ڪر ڪو رحمُ ڪرَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

2-

ٻئي جو در مون ڪين ڏٺو آ، ڪڍ دلبر دل مان وَهَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

3-

برهَه سندُئي آهن باهيون ٻاريون، ڦاٽي نه پئي سو بَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

4-

ڦاٽو بَمُ جي سوين ئي ساڙيندو، ڪندو ڪي حياتيون ختم،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

5-

ماسُ هڏن تان ڳريو ويو، وڃي جسم تي رهيو آ  چَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

6-

ڦٽَ فراقَ جا چِڪَن پُراڻا، اچي تن تي رکُ مرهم،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

7-

وائي تنهنجي وات ۾ آهي، ٻيو ڪوبه نه آهي ڪَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

8-

ڪَنَ ٽارَ نه ڪر تون ڪنهن پر ڪاملَ، منهنجي اُلفت اٿئي اَهَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

9-

ويٺو مليندين هٿ افسوس جا، جو هاڻ ٿو نڪري دَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

10-

سهڻلُ سُٺو ٿئي جِيئري اچي ملُ، ڀري قرب جو يار قَدَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

11-

ٺڪرائج نه تون خلوص مُحبتَ، رَکُ تن جو ڀلارا ڀَرَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

12-

ويندس مان هي ناتو نڀائي، سهي سڀ تنهنجو ستم،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

13-

ميار ٻين جي کان تون لڪي، اچ ”مائلُ“ وٽ مُبَهَمُ،

 

پرت پُڪارئي پيارا پيئي.

 

1 صفر 1395هه/13- فيبروري، 11 بجه ڏينهن خميس، سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي

ڪافي  (سُرُ ڀيروي)

ٿل: مون سان پيچ پرور پرت مان هئي پاتو، رهجي اچي شل اهو نينهن ناتو.

 

مصرع:

1-

عشق ۽ حسن جي کيڏيئي راند اهڙي، عشق کي اُتم ڪيئي رکي رمز ڪهڙي.

 

ڀڄي ڪين پڙَ مان نه ته چون ها کاتو.

2-

ڏسڻ ۾ ته ظاهر مڙن کي هو معلوم، آهي عشق لازم ٿيو حُسن ملزُوم،

 

انهي ئي ڪري عشق حُسن لاءِ آتو.

3-

حُسَن تي حرفُ بيوفائي جو آهي، عشقُ باوفا ڪيئي سونا تو نِڀائي،

 

اِهو ڄاڻ توئي آهي پاڻ ڄاتو.

4-

اچي عشق مان ڪيئي مظهر هي مولا، ڪيئي حُسنُ پيدا آئينو اِنهي لا،

 

ڏسين عڪسُ اُنَ ۾ پيو ڏينهان راتو.

5-

حيرت انهي ۾ هَڙئي آهن حيران، جِن و مَلڪَ پڻ ۽ انسان،

 

بيرنگ رنگ ۾ تو رنگ ڪيئن لاتو.

6-

ڪيئي مونکي ٻانهو ٿئين  تون ئي مولا، انهي ئي وصف ۾ رکئي رمز اعليٰ،

 

اِهو ويسُ پاڻهي پاڻ ئي هُئئي ته پاتو.

7-

ٿئين پاڻ ڏي پنهنجي مولا تون”مائلُ“، ۽ قدرت سان ويٺين حاوي ٿي حائل،

 

سَندوئي شان شاهي هي آهي شاناتو.

 

1 صفر 1395هجري، 1970ع 07-13، خميس رات 11 بجه، بنگلو نمبر 12 محمد علي سوسائٽي، ڪراچي 

ڪافي  (سُر ڪلنگڙو)

ٿل:      تنهنجي برهه ڪيو بيمار مٺا،

          نٿو توريءَ وڻي سنسارُ مٺا.

مصرع:

1-

رُڳي تنهنجي طلب ۽ تات اٿم،

 

لڳي لُنئن لُنئن ۾ اها لات اٿم،

 

اِنهي لَنئُن ئي ڪيس لاچار مٺا.

2-

نٿي ڪنهن جي دوا ۽ دارون هلي،

 

چُڪي هاڻ ڀلا ڇو ڪيڏانهن چلي،

 

ڪر مهر مان مٺڙا پنهنجي بِلي،

 

مُئي هاڻ مزيد نه مار مٺا.

3-

منهنجي ساهه ۽ سِرَ جو تون ئي ڌڻي،

 

ٿِيسَ تنهنجي پريت ۾ پيارا پڻي،

 

پرين پورهيت ٿي ڏي پَلو کڻي،

 

مون لءِ سائين به تون ستّار مٺا.

4-

تولاءِ سختيون سوين ئي سرتي سَٺيم،

 

ڪڏهن ڪين هٽايم تن کان قدم،

 

ڀلو آهين ڀلارا رکج ڀَرم،

 

جڏي هاڻ کڻي هي جيار مٺا.

5-

پرين پورهيت سان ڪر سرداري،

 

آهيان توريَ لالڻ لاچاري،

 

ڪر نوري نظر ڪا تون نياري،

 

نه ته بلڪل آهيان بيڪار مٺا.

6-

ميڙيون ”مائلُ“ جون منڃ نامِ خدا،

 

بيمارن لءِ تون آهين شفا،

 

ريجهي رانجهن پؤ ٿيون پاڻ ڪٺا،

 

ڪري قرب ڪري واڳون وار مٺا.

 

10 رمضان المبارڪ 1391هجري/5 نومبر 1971ع، جمع وقت 12 بجه ڏينهن، ڪراچي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org