سيڪشن: شاعري

ڪتاب: ناهي مَستن تي ڪامَيار (ڪليات)

باب:

صفحو:2 

حاجي مصري ڪاڪا: هڪ شاعر ۽ سماجي ڪارڪن

 

دنيا ۾ انهن ئي انسانن جي زندگي بامقصد ۽ سجائي ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي حياتيءَ جي قيمتي پلن مان ٻين انسانن لاءِ به وقت ڪڍي، خدمت ڪن ٿا. زندگيءَ جي اصل جوهر جي کين ڄاڻ هوندي آهي. اهڙن ئي املهه انسانن جي زندگيءَ جي ڪري ٻين انسانن جي زندگيءَ جا مونجهارا، مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون ختم ٿي آسانيون پيدا ٿي پون ٿيون. انهن جي زندگيءَ کي ڏسي، انسانذات ۾ ويساهه پيدا ٿي پوندو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙن املهه انسانن جي گهڻائي ته نه آهي، پر جيڪي آهن، اهي پاڻ لکن جو مٽ آهن. ماضيءَ جي تاريخ ۾ لالچند امرڏنومل، ديوان گدومل، حسن علي آفندي، سيد الهندو شاهه، علامه آءِ.آءِ قاضي، مخدوم غلام حيدر ۽ ٻيا وڏا نالا آهن، جن کي سنڌ واسي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. انهن بعد ايندڙ ٽهيءَ م پڻ تاريخي شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن ۾ مٽياري ضلعي جي سروري خاندان جي گادي نشين، سياسي، سماجي، ادبي شخصيت ۽ اعليٰ انسان مخدوم طالب الموليٰ جن اهم آهن. سندن ئي صحبت ۾ مريديءَ ۾ رنڱجي، نکري نروار ٿيندڙ شخصيت حاجي مصري ڪاڪا جن آهن. مخدوم صاحب جي خاصيتن جو مٿس خاص اثر نظر اچي ٿو، جن ۾ ٻه نمايان طور تي هر عام خاص کي نظر اينديون: هڪ سماجي ڀلائيءَ جا ڪم بغير ڪنهن لالچ، تعصب ۽ ريا جي ڪرائڻ، ٻيو سندن شاعرانه فن آهي، جيڪو به نهايت اهم آهي.

حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ جو جنم 19 سيپٽمبر 1937ع تي، ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ ٿيو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. 1951ع ۾ فائنل جو امتحان حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج مان پاس ڪيائين. سندن شادي مخدوم طالب الموليٰ جي سرپرستيءَ ۾ ٿي. شعر گوئيءَ جو شوق منجهس مخدوم صاحب جن جي صحبت ۾ علمي ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت سبب پيدا ٿيو. کين سنڌ جي اهم علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيت جي صحبت نصيب ٿي. ادبي شخصيتن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، اسدالله شاهه بيخود، احسن الهاشمي، استاد بخاري ۽ ٻين شاعرن ۽ ليکڪن سان سندن تعلقات رهيا. مائل سروري پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ واري انداز ۽ فڪر کي به کنيو آهي ته پنهنجي دؤر جي حالتن، سماجي اخلاقي قدرن ۽ ثقافتي قدرن کي پڻ پيش ڪن ٿا. جيئن شاعر لفظ ئي شعور مان نڪتل آهي. اهو تاريخي، سياسي، سماجي، ثقافتي، مذهبي شعور آهي، جيڪو فرد کي ايترو جهنجهوڙي ٿو جو هو شاعر بڻجي وڃي ٿو. شاعر لاءِ ٻه ڳالهيون اهم آهن: فن ۽ فڪر. ٻنهي تي مطالعي ۽ مشاهدي جي ذريعي دسترس حاصل ڪري ٿو. شاعر جو جيترو گهرو مشاهدو ۽ مطالعو هوندو، اوتري گهرائي سندس ڪلام ۾ نظر ايندي. انهن جي ڪمي تخليق کي سطحي بڻائي ڇڏيندي آهي. پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ تي اثر نه ڇڏيندي.  پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙ تي اثر نه ڇڏيندي. تخليقي ادب جي سماج ڪارج کان به هٽي ويندي. سنڌ جي شاعريءَ جي تاريخ ۾ نالا ته ڪيترن ئي شاعرن جا اچن ٿا، پر عوام جي دلين ۾ زندهه رهندڙ شاعر تمام گهٽ آهن.

مائل شاعريءَ جي ميدان ۾ بهترين تجربا ڪيا آهن. پاڻ ان دؤر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو اٿن، جنهن دؤر ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي وڏا ۽ معيار شاعر ۽ نقاد موجود هئا، جنهنڪري سندن فڪر م پختگي آهي. بيت، ڪافي، غزل ۽ نظم جي صنفن کي پنهنجي اظهار لاءِ منتخب ڪيو اٿن.

جديد سنڌي شاعرن جيئن ته شاعريءَ جي روايتي موضوعن ۾ وڏي تبديلي آندي. ڪلاسيڪل صنفن کي تصوف جي ڳوڙهن نڪتن کان آجو ڪري سماجي حالتن ۽ پنهنجي دؤر سان ڳنڍيو. ساڳيءَ طرح عروضي شاعريءَ جي صنفن ۾ فڪر کي گل و بلبل جي قصن، ساقي خانن ۽ شراب خانن جي ماحول، اوپرين ۽ اڻ ڏٺل تشبيهن مان جند ڇڏائي سادگي، سچائي ۽ زندگيءَ جي حقيقتن سان همڪنار ڪيو. مائل سروريءَ جي شاعري جا موضوع سماجي، مذهبي، اخلاقي، اصلاحي، ناصحانه، صوفياڻه ۽ تاريخي آهن. هن قسم جا موضوع اسان کي خاص ڪري ڪشنچند بيوس، محمد صديق مسافر، مرزا قليچ بيگ ۽ مخدوم طالب الموليٰ وٽ اڪثر نظر اچن ٿا. وٽس نِج سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو ذخيرو به آهي. سندس نعت جي هن بند مان اهڙو پتو پوي ٿو:

گهڙيس دنيا جي درياءَ ۾ ٻڌي توڪّل جو ترهو،

اُڪاريو مون کي احساس سان، نه سيڻهه سنڊُ ڪو ڦرهو،

ڪريو نظر ڪرم سرور، اوهان جي ئي آهيان. آڌر

شاعر وٽ عاجزي، انڪساري ۽ ٻوليءَ ۾ ڪلاسيڪيت وارو رنگ نظر اچي ٿو. ڪافيءَ جي هن بند مان سندس صوفياڻو فڪر پڻ جهلڪي ٿو:

پنهنجي پاڻ ۾ لال لڌائون، کڻي برهه جا سر تي بار

سڀئي وساريون عيش و طرب.

    لڙهيون لڙڪن پرت مان پوئي هيئين کي پاتائون هار.

لفظن ۽ تشبيهن جي نواڻ آهي. روايتي شاعرن وارو ورجاءُ ناهي. شاعرجي پنهنجي اندر جا نِج ڦُٽي نڪتل جذبا آهن. سڄي سِڪ ۽ محبت جي وستار سان گڏ آدرشن ۽ حق جي هيڪڙائيءَ کي به پيش ڪري فڪر جي گهرائي پيدا ڪري ٿو.

نه آهيان لوٺي جو محبت لڄايان، انهيءَ ڪري پئي پئي پنهل ڪاهيان،

ڀلي سور سنڌ سنڌ ڇڏن مون الوڙي.

شاعر پنهنجي مرشد کي به ناهي وساريو، مرشد لاءِ به وٽس بيحد عقيدت ۽ محبت آهي. مرشد جون مهربانيون به ڳائي ٿو:

مهرباني مرشد ڪئي ايڏي مون تي،

نٿو يار سمجهان ڪيئن ڪنهن ٻئي تي.

غزل ۾ نظم جيان خيال جي ارتقا يا تسلسل ناهي هوندو، جنهنڪري ان جي ڪنهن به بند کي جيڪڏهن الڳ ڪري پڙهبو تڏهن به هو مڪمل معنيٰ ۽ مفهوم کي ظاهر ڪندو. مائل جي غزلن ۾ پڻ اهو اصول نظر اچي ٿو. زماني جي بدلجندڙ قدرن ۽ حقيقت کي عزل ۾ هن طرح پيش ڪري ٿو:

لڳي هر ڪنهن وئي پنهنجي، ٻڌي ڪونه ڪو ڪنهن جي،

اذيـــــت دل ڏکويــــل جي هٽائي يــــار ٿــــو ڪو ڪو.

مائل کي شعر گوئيءَ تي دسترس حاصل آهي. ڪيترن ئي واقعن ۽ مختلف جاين تي هن جا في البديهه شعر پڻ چيل آهن. رونما ٿيندڙ واقعي يا منظر تي شعر سندس تخيل جي ڪئنواس تي تري اچي ٿو. پاڻ جيڪڏهن مسلسل شاعريءَ جي سفر کي جاري رکن ها ته سنڌي ادب ۾ هڪ اهم شاعر جو اضافو ٿي پوي ها، ڇو ته ادب ذريعي خدمت ۽ پنهنجي دؤر جي حقيقت تاريخ جا عڪس پڻ قلمبند ٿين ٿا، ڌرتي واسين جا ڏک ڏاکڙا به بيان ٿيندا رهن ٿا. اُميد آهي ته شعر شاعريءَ جي ميدان ۾ پاڻ اڃا قلم هلائيندا.

سندن زندگيءَ جو ٻيو پاسو نهايت اهم آهي. شايد اهوئي سبب آهي جو پاڻ شاعريءَ کي ايترو وقت ڏيئي نه سگهيا آهن. پنهنجي تر علائقي ۾ رڪارڊ ترقياتي ۽ سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرايا اٿن.

روڊن رستن جون منظوريون، بجلي، اسپتالون، اسڪول، ٽيليفون، روزگار جا مسئلا پاڻ ترجيحي بنيادن تي ڪرائيندا رهيا آهن. قدرت سندن هٿ تي ايتري سوڀ رکي آهي جو  بعضي مرشد سائين قبلا مخدوم طالب الموليٰ ناممڪن ۽ مشڪل ڪم سندن حوالي صرف ان ڪري ڪندا هئا، جو کين مائل جي اٽل ارادن ۽ مستقل مزاجيءَ ۾ ايترو يقين هوندو هو جيڪڏهن مائل ڪم ۾ هٿ وڌو ته ضرور پورو ڪندو. پاڻ اهڙا ڪيترائي مثال قائم ڪري ڏيکاريائون.  هڪ سچي ڪارڪن ۽ سنڌ جي هڪ مخلص سماج سڌارڪ جي حيثيت رکن ٿا. سندن شخصيت ۽ ڪردار سنڌي سماج جو قيمتي سرمايو آهي. مائل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيام ۾ پنهنجي شروعاتي جلسي توڙي انهن جي ڪاميابيءَ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيائون. جديد د‏ؤر جون گهُرجون ۽ سهوليتون نه صرف پنهنجا ڪاڪا راڄ ۽ عام ۾ ڪيائون، بلڪ ڀرپاسي جي مختلف قومن جمالي، راهو، سهتا، اُڄڻ، حاجاڻا، ڇڇر، ٻگهيا، ڳاهوٽي، سيال، سميجا، منڱواڻا ۽ ٻين قومن کي پڻ فائدو ڏنائون. مقصد ته جتي جتي سندن وس هليو آهي، اتي انهن علائقن کي جديد سهولتن سان آراسته ڪيو اٿن.

سندن شاعريءَ جو ڪليات ”ناهي مستن تي ميار“ تياريءَ هيٺ آهي، جنهن ۾ پاڻ مختلف وقتن تي جيڪا شاعري ڪئي اٿن، ان جو نه صرف پسمنظر بلڪ تاريخ ۽ حالت به ڄاڻائي اٿن، جنهنڪري پڙهندڙ جلدي شاعر جي فڪر ۽ مرڪزي نقطي کي سمجهي وٺي ٿو. حاجي مصري ڪاڪا جيئن ته سماجي ڪمن ۾ اڳرو رهيو آهي، بهادري، بيباڪي، فهم ۽ دورانديشي، مستقل مزاجي سندن خاصيتون آهن. سندن طبيعت جي حساسيت ۽ محسوسات ۽ اصول سندن شاعريءَ ۾ پڻ نظر اچن ٿا. تخليق ۾ تخليقڪار جو سڌي يا اڻ سڌي طرح عڪس سمايل هوندو آهي. سندن شاعريءَ ۾ پڻ اهڙا عڪس ملن ٿا. پنهنجي زندگيءَ جا اهم واقعا پڻ هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل آهن، جيڪي مختصر پر جامع نظر اچن ٿا. سندن زندگيءَ جي جدوجهد واري پاسي کان نوجوان نسل اڻواقف آهي، کين پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ گهرجي ته جيئن پڙهندڙ سندن ڪارنامن کان واقف ٿين ۽ پنهنجي زندگيءَ لاءِ پڻ اهڙي واٽ منتخت ڪن.

سندن زندگي شاهه جي هن شعر جيان محسوس ٿئي ٿي:

الست بربڪم، جڏهن ڪو پيوم،

قالوبليٰ قلب سين، تڏهن تت چيوم،

تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

ڊاڪٽر نواب ڪاڪا

سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو

 

انگريزي قافين جو ديسي شاعر

 

مون کي ياد آهي ته ليڪچراريءَ جي انٽرويوءَ  ۾ جڏهن ممتحن مون کان مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جي ڪتابن جا نالا پڇيا هئا ته مون سندس سمورن ڪتابن جا نالا ٻڌائي، هڪ جو نالو ڄاڻي نه ٻڌايو هو، جيڪو هو ”ڪافي“. ڇاڪاڻ جو ان ڪتاب جي حوالي سان مون وٽ هڪ روئداد هئي ۽ مون چاهيو پئي ته آئون پنهنجي چالاڪيءَ سان ممتحنن کي ان جي طرف وٺي وڃان ۽ انڪري ئي مون ان ڪتاب جو نالو نه ورتو ۽ پوءِ ٿيو به ائين جو ممتحن منهنجي ڄار ۾ ڦاسي پيا ۽ آئون ليڪچرار ٿي ويس.

تقريباً نوَن سالن کان پوءِ حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ جي ڪتاب تي ڪجهه لکڻ لاءِ جڏهن پين جو ڍڪ کوليم ته هڪدم خيال آيو ته هن ڪُليات جي ابتدا ڪافين سان ٿيل آهي ته بغير ”ڪافي“ ڪتاب جي مطالعي جي، ’مائل‘ سائينءَ جي ڪليات تي ڪابه راءِ قائم نه ٿي ڪري سگهجي، سو پين جو ڍڪ بند ڪري ”ڪافيءَ“ جو ڪور کولي ڇڏيم.

ڪجهه ورق ورائڻ کان پوءِ بليو ڪلر جي ٽائيٽل واري ان ڪتاب مان ڪافي آهستي آهستي ائين نروار ٿيڻ لڳي، جيئجن سسپينس وارن ڊرامن ۾ شراب جي بوتل مان هلڪو هلڪو دونهون نڪرڻ لڳندو آهي ۽ سامهون هڪ نرتڪيءَ جي صورت وٺي رقص ڪرڻ لڳندو آهي ته منهنجي اسٽڊي روم ۾ به ائين ئي ٿيو هو ۽ پڙهندڙي پڙهندي ڪتاب جي صفحن مان هڪ نرتڪي نروار ٿي قالين تي اچي ويٺي هئي ۽ يڪتاري جي تند کي سورڻ ۽ منهنجي دل کي جهورڻ لڳي، ۽ پوءِ بس! ڏسندي ئي ڏسندي ڪمري ۾ ان ”ڪافيئر“ جا آلاپ ۽ ورلاپ، آواز ۽ انداز پنهنجو جادو ڏيکارڻ لڳا هئا.

ڪمري جي اسپاٽ لائيٽ سان جڏهن نرتڪي، هڪ گول روشنيءَ جي دائري ۾ سمائجي وئي ته مون ڏٺو کيس تيز ناسي رنگ جي ساڙهي پهريل هئي ۽ سندس هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو جنهن تي درج هو ”ناهي مستن تي ڪا ميار“.

ڪافيئر سُر تلنگ جي ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي هئي:

ڀايان ڀال هزار، محبت ۾ منظور ڪيو ٿئي

وڙهي وڏا ٿو سندئي ڀايان، ڳايو ڳايو ڳايو ڳايان

قلبي ڏنئي قرار، دوئيءَ کان يَـرَ دور ڪيو ٿئي.

”ڪافيئر“ ڪافي ڳائيندي ٿي رهي ۽ آئون سوچيان ٿو ته حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ جا ڀال ته آئون ٿو ڀانيان جو پاڻ 1959ع کان 2014ع تائين جي پنهنجي شاعريءَ واري سفري تاريخ کي شايع ڪرڻ وقت مون کي به پنهنجي جيءَ ۽ ڪتاب ۾ جاءِ ڏني اٿس.

آئون هِتي پنهنجي ڪم علمي ۽ مختصر مطالعي جو اعتراف ڪندي بس ايترو گوشِ گذار ڪندس ته ڪافيءَ جو هي سفر شايد پاٽ شريف جي ڪافي گو شاعر شيخ لاڏجيئو (جيڪو پاٽ شريف مان لڏي برهانپور ۾ آباد ٿيو) کان ٿيندو ڀٽ شاهه ۾ ڀٽائي، ته هالن ۾ وري مخدوم امين محمد پکن ڌڻي وٽان گذري جڏهن مخدوم طالب الموليٰ تائين پهتو ته مخدوم صاحب نه فقط کيس کلي کيڪاريو پر سندس تعارف همعصرن، دوستن ۽ سنڌ جي ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن سان ڪرائڻ جي به دل ۽ جان سان ڪوشش ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪافيءَ جي ترويج لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نِج ڪافي مشاعرو به ڪرايو ويو، جنهن ۾ فقط ڪافي لکڻ وارا شاعر گهرايا ويا ۽ ساڳيون ڪوششون سنڌ جي ٻين حصن ۾ به ڪيون ويون.

”ڪافي، ديسي صنف آهي جنهن ۾ اُهي مضمون ۽ بيان ذڪر ڪرڻ گهرجن، جيڪي اسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ آهن يا اهي حالتون ۽ حقيقتون آڻڻ کپن جيڪي اسان جي ديس ۾ ٿينديون رهن. ڪافيءَ ۾ لفظ ۽ مثال اهي آڻڻ گهرجن جيڪي روز روز ڪم اچن ٿا ۽ ان ۾ تهذيب، اخلاق، بي حجتي ۽ نيڪ نيتي شامل هئڻ گهرجي.“ (ڪافي: طالب الموليٰ)

”مائل سروري“ جي مرشد جي بيان ڪيل مٿين ڪسوٽيءَ تي جڏهن سندس ڪافين جو مطالعو ٿا ڪريون ته محسوس ٿو ٿئي ته پاڻ پنهنجي ڪامل مرشد ۽ استاد جي ڏسيل گَس تي هلندي هڪ قدم جي به ٿيڙ نه کاڌي آهي ۽ مختلف سُرن (ايمن ڪلياڻ، ڀيروي، تلنگ، پِيلو، سنڌڙو، مانجهه، لوڙائو، ڀيم پلاسي، پرڀاتي) ۾ پنهنجين ڪافين کي رنڱيندي جتي حمديه، نعتيه موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ته اُتي هجر ۽ وصل جي ڪيفيتن کي به قيد ڪيو آهي. ڪڏهن ’ڀيرويءَ‘ کي ڀاڪر ۾ ڀري سسئيءَ جو روپ وٺي چوي ٿو:

پنهنجي وَرَ کي وڃي مان ورائيندس، حيلو هرڪو هن لاءِ هلائيندس

جي وَرَ ويندي مان ويس مري، ته به سرتيون اها مون کي سوڀ سڀري

پر واٽ تان ايندس ڪانه وري، پنهنجي محبت ڪانه لڄائيندس.

۽ ڪڏهن ’مانجهه‘ جي روپ ۾ مخدوم جميل الزمان جي مرحبا ڪندي چوي ٿو ته:

اسان جو رهنما رهبر، سڄڻ سردار اڄ آيو

اهو فرزند امين محمد ۽ پوٽو طالب الموليٰ

دلاور دادلو دلبر، سندم دلدار اڄ آيو.

هيڏانهن سُر تلنگ ۾ سرجيل سندس هيءَ ڪافي ڏسو ته ڪيڏي نه نياري آهي، جو هڪ نئين مگر مروج ۽ زبانِ عام تي ايندڙ پيشي جي سانچي ۾ گهڙي ٺاهي وئي آهي:

عشق ڪيو انجنيئر، محبت واري ماپ ڪرڻ لاءِ.

عشق اسڪيمون آهن اهڙيون پڙهايون، مئپ پلين محبت ٺاهوڪا ٺاهيون

اينهين ٺاهي نه سگهندو ٻيو ڪير، علم عطا ڪئين جڳ جي جوڙڻ لاءِ

ته هوڏانهن سنڌ امڙ جي جياپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڌڻيءَ در دست دُعا به آهي:

جي آ، جئي پئي، جئندي سدا سنڌ، رکي شاد آباد اسان جي خدا سنڌ

الله سائين ان کي رکيو آ سلامت، اَبد کان اَمن ۾ تائين قيامت

مخالفن جو مولا سدا ساڙيو سَنڌُ سَنڌُ.

ڪمري جو طلسم ختم ٿي چڪو هو ۽ الائي ڪيڏي مهل نرتڪي پنهنجي ساڙهي جو ”پَلو“ ڇنڊي قالين تان اُٿي وڃي ڪتاب ۾ ليٽي هئي، جو شايد آئون کيس ٻڌڻ بدران ڪنهن شعوري ڪوشش ۾ جنبي ويو هئس ۽ نتيجن هوش رُبا منظر کان دور ٿي ويو هئس پر ترسو، ڪجهه دير اڳ جتي اسپاٽ لائيٽ جي روشنيءَ جي دائريءَ ۾ مون کي نرتڪي نظر آئي هئي، اُتي پوءِ هڪ چٺي پيل هئي. آئون فوراً اُٿي اها چٺي کڻي کوليان ٿو ته ان تي لکيل هو:

ناهي مستن تي ڪا ميار.....”

فقط تولاءِ –

ڪمري ۾ هڪ ٽهڪ گونجي ٿو ۽ آئون ”ناهي مستن تي ڪا ميار“ جو مسودو وري کوليا ٿو. جنهن ۾ سنڌ جي ارڏي پُٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي منسوب ٿيل نظم به آهن ته ڪجهه سروري طريقي جا ڏَهر به ڏنل آهن. بيتن جي ڀِنل خوشبوءِ به آهي ته غزلن جا تازا گلاب به آهن. قطعه به آهن ته تاريخ جا ڪجهه ڪتبا به آهن.

”مائل سروريءَ“ جي هن مجموعي ۾ منهنجي لاءِ جيڪا اهم ڪشش آهي، سا آهي انگريزي ڪافين جو سنڌي سٽاءُ، ۽ اهڙا مشاهداتي موضوع، جيڪي هڪ ڳوٺاڻو، شهرن جي صورتحال ڏسي محسوس ڪندو آهي. بلاشڪ ته اهي موضوع هن حساس ماڻهو وڏي ڪمال ڪاريگريءَ سان بيتن ۾ اُڻي، اسان لاءِ پيش ڪيا آهن.

سندس هي بيت ڏسو جن ۾ انگريزي قافيه، سنڌي سُئيءَ سان پوئيا ويا آهن:

برهه ڪيو بائونڊ، مون کي ڏينهن ميثاق جي

الست بربکم جو، سائينءَ ڏئي سائونڊ

ڏنئين نوري نظر جو، روحن تي رائونڊ

ته قالو بليٰ چئي قلب ٿي، بلڪل ويا بائونڊ

ڪنهن جي رکيائين قسمت ۾، گوندر گرائونڊ

’مائل‘ مليو محبت مان، اي اُلفت ارائونڊ

اِهين آل رائونڊ، آيو ٿي انسان ۾.

*

جمال ۽ جلال جي، غفار ڏني آهي گفٽ

ٻيو پاور پرور آ ڏنو، ناياب نو لمٽ

تڏهن ڪيان ٿو ڪيترن، شريرن جي شفٽ

هي لوحئون ملي لفٽ، محبت ۾ هئي ’مائل‘ کي.

*

سائين ڏئي سبجيڪٽ، مون کي عشق عقل جا

پختو ڏسي پيار جو، سچو سرٽيفڪيٽ

انٽرويو جي عشق ۾، سڪ مان ڪيئين سليڪٽ

اپائنمنٽ ڊائريڪٽ، محبت ۾ ٿي ’مائل‘ جي.

*

’مائل‘ مئنيجمينٽ، اهڙي رک آفيس جي

جو عوام جا ارجنٽ ڪم ٿين قرب سان.

۽ هاڻ ملاحظه ڪريو سندس ڪجهه مشاهداتي مصراعون، جيڪي ڪتاب جي ورقن ۾ جابجا پکڙيل آهن:

ترت ٺاهي تنظيم تو، بدنيتيءَ سان بيڪار

پڌرا پهرين ڏينهن هئا، پٽيل سندءِ پار

*

ميٽنگن مان مور، ماڻهو نه ٺهن ملڪ جا

جيسين نه ڪڍبو قلبن مان، فتنو ۽ فتور

۽ ايجنڊا ۾ انهن جي، رکبو نه نيت نور.

*

صحيح ڊرائيونگ سکڻ لاءِ، ماڻهو نه آهن تيار

اڪثر مالڪ هلائين ٿا، وڏا ننڍا ٻار

ٻيو وڌي ويو ملڪ ۾ ٽريفڪ جو آزار.

*

جيئن ڪاتب  لکن ڪلهن تي، ٿا نڪير ۽ منڪر

تيئن پوليس به لکي پيپرن تي، ڏوهن اکر اکر

انويسٽيگيشن بعد ٿي ٿئي حقيقت ظاهر.

پنهنجي بيتن ۾ ’مائل سروري‘ مختلف موضوع کڻي انهن جي شاندار اُپٽار ڪري، معاشرتي ناسورن تي نظر وجهي، نصيحت پڻ ڪئي آهي. اهڙن بيتن ۾ (ڊاڪٽر، مُلان ۽ موالي، سگريٽ، اڄ جو نوجوان، قومون ۽ انهن جا وڏيرا، ڪاڪن واري قوم) قابلِ داد آهن.

جڏهن ته غزلن واري حصي ۾ ايتري جدت البته مون کي محسوس نه ٿي ٿئي پر روايتي رنگ جا هي غزل پوءِ به ڪٿي ڪٿي پاڻ ڏي زوريءَ ڇڪي ئي وٺن ٿا:

اچي پيو سمجهه ۾ هڪ ڏينهن هو به سوچيندو

اسان جي انتظاريءَ جو اثر ڏسجي ٿه ڇا ٿو ٿئي.

*

ڪيو جنهن قرب ۾ قابو، انهيءَ ئي يار ڏي هلبو

سهارو جو سڄڻ آهي تهين سردار ڏي هلبو.

*

مست مئخاني ۾ جڏهن ٿا اچي وارد ٿين

ساقي گهٻرايو وڃي، مئخانه لرزان ٿا ٿين.

”مائل سروري“ جي هيءَ ڪليات، سندس ڄڻ ته سموري سفرِ حيات آهي. هيءَ هڪ آٽوبايوگرافي به آهي جنهن ۾ سندس نوڪريءَ جو ملڻ، نوڪري ڪرڻ جو سليقو، شادي، ٻچن جون سالگراهون، غم ۽ خوشيون، فنڪشن، مهمان ۽ شخصيتن کان علاوه ذاتي تجربا ۽ مشاهدا شامل آهن.

مصري ڪاڪا کي آئون ذاتي طرح سان هڪ سماجي ڪارڪن ۽ پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ پتوڙيندڙ شخصيت طور سڃاڻان ۽ هن پنهنجي وت ۽ وس آهر ان ڏس ۾ هُن کوڙ ساريون ڪاميابيون به ماڻيون آهن، ۽ مون کي پڪ آهي ته سندس علائقي واسي جتي کيس سندس خدمتن جي عيوض سدائين ساراهيندا رهندا. اتي اسين ادبي لڏي جا ماڻهو ’مائل سروري‘ جي هن ڪليات جي اشاعت کي پنهنجي علائقي جي لاءِ سٺو سونڻ ڀائينداسين ۽ هڪ حسين تاريخ طور ساهه سان سانڍينداسين.

سهيل ابڙو

ابڙا اسٽريٽ هالا

25 فيبروري 2015ع

موسيقي شناس شاعر “مائل سروري

“ناهي مستن تي ڪا ميار

 

محترم حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ جي شعرن جو مسودو منهنجي بصارتن جي آڏو آهي ۽ آئون ور ور ڏيئي سندس خوبصورت ڪافين کي جهونگاري رهيو آهيان ۽ شامل تصويرون ۽ تحريرون ڏسي کيس داد تحسين ڏيئي رهيو آهيان.

محترم حاجي مصري ڪاڪا جو تخلص ’مائل سروري‘ آهي جيڪو کيس سندس مرشد قبلا سائين محمد زمان طالب الموليٰ جن عطا ڪيو آهي، هڪ وڏو عرصو مرشد جي خدمت ۾ رهڻ سبب سندس تحريرن شاعريءَ تي سائين وڏن جو اثر رهيو آهي.

محترم حاجي مصري هونئن ته شاعريءَ ۾ مختلف اصناف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، غزل، بيت، ڪافي، ڏهر، پر سندس مکيه حوالو ڪافيءَ وارو آهي. ڪافيءَ جي حوالي سان هن نوان نوان تجربا به ڪيا آهن. مثالطور: ڪافيءَ جا ٻٽا ٻٽا قافيه، ٽن سٽن واريون مصرعون ڪافيءَ جي طوالت ۽ ڪافيءَ جي ٿل سان لاڳيتو راڳ جو نالو، سنڌي ڪافيءَ تي راڳ جو نالو رکڻ ته روايتي ڳالهه آهي. محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن ڪافيءَ مٿان راڳ جو نالو به لکيو آهي. ڪافي گو شاعر موسيقي شناس به آهن سو پنهنجن آستانن تي ڪافيءَ جون محفلون سجائيندا رهيا آهن، ويجهڙي ماضيءَ ۾ طالب الموليٰ سائين ۽ پير اعجاز راشديءَ کان پوءِ مائل سروري ئي هن علائقي جو وڏو موسيقي شناس ۽ ڪافي گو شاعر آهي.

قبلا سائين طالب الموليٰ جن فرمايو ته برِصغير ۾ شاهه حسين ”ماڌو لال حسين“ ڪافيءَ جو پهريون شاعر آهي جنهن ريختي گوئي ۾ ڪافي لکي آهي ۽ ان کان پوءِ پنجاب ۾ بلي شاهه، غلام فريد ڪافيون لکيون ۽ سنڌ ۾ ڪافي گو صوفي شاعرن جي هڪ وڏي فهرست آهي جنهن ۾ بيدل، ٻڍل فقير، نانڪ يوسف، خوش خيرمحمد، روحل فقير، عثمان سانگي، مصري شاهه ۽ ٻيا شامل آهن ۽ سنڌي موسيقي به ڪافيءَ جي آڌار تي بيٺل آهي. قبلا طالب الموليٰ سائين پنهنجي ڪتاب ”بي پير اکيون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته وائي به دراصل ڪافي آهي جنهن وائيءَ ۾ وراڻي ناهي اها به ڪافي آهي ۽ اهڙي طرح شاهه لطيف رحه جون وايون به ڪافيون آهن.

محترم مائل سروري جي هن ضخيم مسودي ۾ ڪافين جو وڏو ذخيرو موجود آهي هو موسيقي سناس به آهي ته جهونگاري به ڄاڻي، شايد پاڻ پنهنجون ڪافيون ڳائي لکيون آهن ۽ سُرن جا نالا به رکيا اٿس. پنهنجين ڪافين جا سُر مائل صاحب هن ريت رکيا آهن:

ڀيروي، تلنگ، لوڙائو، ڪنلگڙو، سنڌڙو، ڪوشڪڌني، ڪوهياري ۽ ٻيا اهي سڀئي سنڌي موسيقيءَ جا سنڌي راڳ آهن. سروري راڳ جو مکيه سُر ڀيروي آهي، جنهن کي سروري راڳي مصري فقير وڏي ڪثرت سان ڳايو آهي، مصري فقير جو ٻيو مسڪن هالا پراڻا به هو جتي هو لڳاتار ڪيترن سالن کان دوست علي محمد شيخ وٽ رهاڻيون رچائيندو هو، مون هڪ دفعي مصري فقير کان پڇيو هو ته اوهان ڀيروي ڪثرت سان ڳايو ٿا، ان جو خاص سبب؟ ته هن محمد جمن وارو جواب ڏنو هو ته ڀيروي سدا بهار ۽ سدا سهاڳن راڳڻي آهي جيڪا ٺاٺ به آهي راڳ به. لاتعداد طرزون ڀيروي ۾ ٺهيل آهن. اهو سوال ڀيرويءَ کان پڇجي ته هوءَ مون کان ايترو ڇو ٿي ڳارائي. حاجي مصري ڇٽو فقير جي ميلي ۽ پنهنجي اوطاق تي پنهنجي فرزند راجا سهيل احمد جي سالگره جي تقريب سجائيندو رهيو آهي، پنهنجي شادي خانه آبادي ۾ جتي ٽي مصري اچي ڪٺا ٿيا هئا، مصري خان الغوزي وارو، مصري فقير برک راڳي ۽ ٽيون حاجي مصري جيڪو گهوٽ به هو ۽ سهرن سان پنهنجي ڪافي ڳائي هئي ته مصري فقير وري سهرو لکي آندو هو.

محترم مائل سروري ڪافي گوئيءَ جي حساب سان وڏو شاهوڪار شاعر آهي. سندس هر ڪافي عام حالتن ۾ ڏهن ٻارنهن مصرعن تي مشتمل آهي، سندس ڪافي ”تو نه ڪيو جي درد جو دارون“ 20 مصرعن تي ٻڌل آهي. عزل ۽ ڪافيءَ کانسواءِ هر شعر جي هيٺان قبلا طالب الموليٰ سائينءَ جن جي تتبع تي شعر جي لکڻ جو هنڌ تاريخ ۽ سن ڏينهن هجري ۽ عيسوي سن به نمايان طور لکيل آهي اها وڏي هوشياريءَ جي ڳالهه آهي.

حاجي مصريءَ جي شاعريءَ جا موضوع جيتوڻيڪ عوامي آهن پوءِ به ان ۾ نواڻ پڻ موجود آهي. حالات حاضره جا چٽا پٽا عڪس به سندس شاعريءَ ۾ نمايان طور نظر اچن ٿا. مائل صاحب پاڻ رڳو شاعر ڪونهي پر اعليٰ پائي جو نثرنگار به آهي سندس نثري ڪلمات هن ڪتاب ۾ جابجا موجود آهن. مائل صاحب ٻولي شناس به آهي، شاهه لطيف رحه جي ڪلام کي پنهنجي نظر سان ڏسڻ جو قائل به آهي.

حاجي مصري شاعر ۽ اديب هئڻ سان گڏ پاڻ جدوجهدي سماج سڌارڪ شخصيت جو مالڪ به آهي، ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا کي ماڊل وليج بنائڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي جنهن ۾ شهر واريون سهولتون موجود آهن. ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا کان سواءِ ان تر ۾ ڪيترائي سماجي ڪم حاجي مصريءَ جي مرهونِ منت آهن.

حاجي مصري منهنجو همعصر ۽ همعصر رهيو آهي، سندس ذات صفات جون ڪيتريون ئي وصفون آهن هو ملنسار، خوش خلق شخص آهي. حاجي مصريءَ جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي ان کان اڳ پاڻ قبلا سائين طالب الموليٰ جن جي شعري مجموعي ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جو پهريون ڇاپو به ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. سندس مطالع ۽ مشاهدو به وسيع آهي، 78 سالن جو هيءَ پيرسن شخص اڄ به ٿڪو ناهي ۽ سماجي ڪمن ۾ مصروف آهي.

حاجي مصريءَ جي هن ڪتاب جا ڪيترائي حوالا آهن ۽ ڪيترائي شاهڪار ۽ يادگار ڪلام موجود آهن جن کي آئون هن مضمون ۾ سهيڙي نه سگهيو آهيان، هونئن حاجي مصريءَ جي سڄي شاعري سچي سون جهڙي سچي آهي ان کي طبقن ۾ ورهائڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي. منهنجي دلي دعا آهي ته مائل سروريءَ جو هيءُ ڪتاب ڪاميابيون ۽ محبتون ماڻي ۽ سچ ته اهو ئي آهي ته پاڻ محبتي ماڻهو آهي ۽ محبتون ورهائيندو رهي ٿو.

سوز هالائي

سوز هالائي اسٽريٽ

هالا پراڻا

ناهي مستن تي ڪا ميار

 

هڪ دفعي مرحوم طالب الموليٰ سائين رحه مون کان پڇيو: ”توهان کي مصري ڪاڪا جي شاعري ڪيئن ٿي لڳي؟“ مون عرض ڪيو ”توهان جي اهل ٿو ڪري.“ سائين مُرڪي ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ موضوع بدلجي ويو. مون سوچيو ته شايد ”مائل سروري“ جي شاعري رسالي ”مهراڻ، ۾ نه ڇپي هجي ۽ هن صاحب اها شڪايت ڪئي آهي سو نفيس احمد ”ناشاد“ کان پڇيم هن چيو ته مصري ڪاڪا پنهنجو ڪلام ”مهراڻ“ ۾ اشاعت لاءِ اسان کي ڪونه موڪليو آهي.

پوءِ مائل سوري جو ڪلام پڙهيم موسيقيءَ تي آڌاريل ڪافيون ڪافي دلچسپ ۽ معياري معلوم ٿيون. هن مجموعي جي عنوان جي مصرع سُر تِلنگ تي مبني هن ڪافي ۾ ڄڻ ته مصرع طرح جي طور تي موجود آهي:

”ناهي مَستن تي ڪا ميار، محبت مستي جن جو مَشرِبُ.“

15 مصرعن ۾ قافيه ۽ رديف جو نباهه خوب آهي، مثلاً:

رمق ۾ روئي ريجهائين پيا ربُ، مولا سان آ تِن جو مطلبُ

سندن اهوئي آهي مذهب، جو ”مائل“ تِن سان گڏ ٿيو مُحبُ.

مائل هڪ فطري شاعر آهي خوددار، حساب ۽ محبوب! تنهنڪري ئي پنهنجو ڪلام اشاعت لاءِ پيشُ نه پيو ڪري سندس نعتيه شاعري به خوب آهي ۽ اها به سُرن تي آڌاريل آهي جيڪا شوق سان ڳائي آلاپي سگهجي ٿي:

هڪ اوائلي نعتيه ڪافي جا قافيه ۽ رديف ڪافي وارن ۽ سليس آهن:

جڏن جي جيءَ جو جانب  جيارو يامُحّمدﷺ تون

اسان عاصِن اٻوجهن جو سهارو يامُحمّدﷺ تون،

ٻي نعت شريف سُر ڀيروي ۾ هن طرح آهي:

”محمّد مُصطفيٰﷺ مدني ولهي جو ٿي سگهو واهَرَ.“

سائين طالب الموليٰ مرحوم وانگر پنهنجي قول و ڪلام جي تاريخ لکڻ، مائل سروري صاحب جو پڻ خاصو آهي.

ائين چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته جناب مائل سروري صاحب هڪ فطري شاعر آهي. سائين مخدوم طالب الموليٰ سائين رحه جي اهلَ ڪري نه ڪري پر واٽ وري پنهنجي وٺيو پيو وڃي.

هو تيرِ نظر سان ئي گهائي هليو ويو، وري زخم دل جا چِڪائي هليو ويو

ڪري ناز نيڻن جا نرمل نهاري، هو مائل ماري مڃائي هليو ويو.

هن غزل جي مطلع ۽ مقطع ڄاڻائين ٿا ته مائل هڪ ڀلوڙ غزل گو شاعر آهي. حُسن جو شاعر عشق کان آجو نه آهي ۽ عشق تصوف جو مظهر آهي جيئن مائل صاف فرمائي ٿو ته:

”عشق ته پاڪ آهي ذات تخليق ڪائنات جي جنهن ئي ڪرائي.“

هن ڪافيَ ۾ تصرف جا نڪتا نروار ڪيا ويا آهن سر لوڙائو ۾ هي ڪافي تنبوري تي به ڳائي سگهجي ٿي. ٻي هڪ ڪافي سُر تلنگ تي آڌاريل آهي.

”عشق ڪو انجنيئر محبت واري ماپ ڪرڻ لءِ.“

سُر ڀيروي تي بيهاريل هي ڪافي به ڪافي دلچسپ ۽ معنيٰ خيز آهي.

”پيبو سُورن کي، رهبو دردن سان نه ڪي ڳالهيون ڪبيون نه ڪي دانهون ڪبيون.“

ساڳئي سُر ۾ هيءَ ڪافي، ڪافي دلڪش آهي.

مرادون منهنجي من جو موليٰ پڄائين، مونکي محب منهنجو جيئري ملائين.

مطلب ته غزل گوئي ۽ ڪافي ۾ سندس مهارت مڃڻ وٽان آهي، مجموعي طور تي صوفي مت ۽ جديديت جو هڪ امتزاج مائل جي ڪلام ۾ موجود آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي

اصل ساڪن پاٽ شريف

تعلقو سيوهڻ ضلعو دادو

۽ هاڻي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني

ڄام شورو

مصري جو ميٺاج

 

ڳچ ڏينهن ٿيا ته حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ پنهنجي شاعري جي ڪليات جو مسودو مون ناچيز جي گهر ڇڏي ويو، آئون ڪنهن ٻئي پاسي ويل هئس ۽ پان هڪ چٺي ڇڏي ويو ته سندس ڪلام کي پڙهي ۽ پنهنجي راءِ لکي ڏيان، جيئن ٻين دوستن جي راءِ سان گڏ منهنجي راءِ به ڪليات سان گڏ ڇپرائي حاجي صاحب سان تمام گهڻا دوستاڻا  آهن پاڻ هڪ محبت وارو مخلص انسان آهي.

1961ع ۾ آئون گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ ٽيچر هئس، ته مخدوم محمد امين ”فهيم“ سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي، جنهن ۾ تمام گهڻو پيار ڏنائون ۽ چيائون اسان کي پنهنجا آهيو، اسان وٽ ايندا ڪريو، جنهن بعد هفتي ۾ پهريان ٽي دفعا اٺاس بنگلي تي قرب ڪري ڪچهريءَ لاءِ گهرائيندا هئا. ڪچهري مغرب نماز کان پوءِ ٿيندي هئي، جنهن ۾ علمي، ادبي معلومات سان گڏ موسيقي به هوندي هئي، وٽن هز ماسترس وائيس گرامو فون هوندو هو جنهن کي چاٻي ڏئي رڪارڊ چاڙهي مٿان سُئي رکي ڪلام ٻڌبا هئا اڃا هالا ۾ بجلي ڪانه هئي ۽ ريڊيو به بيٽري تي هلندا هئا، ٽيليويزن جو دور اڃا پوءِ آيو. ان ڪچهري ۾ علي محمد آرٽسٽ ۽ مون کانسواءِ ساڻن ڪير به نه هوندو هو. مخدوم صاحب جڏهن ڪراچي ويندا هئا سنڌي ۽ اردو ڪلامن جا رڪارڊ آڻيندا هئا ۽ اسان کي ٻڌرائيندا هئا ۽ رات جي ماني کائڻ کان پوءِ اجازت ڏيندا هئا.

اهي ڏينهن هئا جڏهن حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ سان ملاقات ٿي ۽ اهو سلسلو جاري رهيو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي.

جواني جون گهڻيون بهارون مخدوم صاحب جي خدمت ۾ گذاريائين، جتي خالص ادبي ماحول ميسر ٿين مشاعرا ۽ ادبي محفلون اتي جو معمول هو، اهڙي ماحول ۾ سندس تربيت ٿي ۽ پچي راس ٿيو.

آئون سندس شاعري بابت ڪهڙي راءِ ڏئي سگهندس راءِ ته اهو ڏي جيڪو کانئس به وڏو شاعر هجي مون ته رڳو قديم ۽ جديد، اردو، پنجابي ۽ انگريزي شاعري جو مطالعو ضرور ڪيو آهي ۽ بهترين شاعريءَ کي سمجهڻ جو شعور رکان ٿو توڙي جو آئون پاڻ شاعر ڪونه آهيان ڪو زمانو هو مون شاعري تي طب آزمائي جي ڪوشش  ڪئي هئي. سنڌي فائنل جو امتحان مون 1952ع ۾ پاس ڪيو، جنهن ۾ هڪ مضمون علم العروض پڙهايو ويندو هو. ڏاڍو دلچسپ هوندو جنهن تي شاعريءَ جا بحر وزن سمجهي سگهبا، مون کي شوق ٿيو ته آئون فاعلاتن، فاعلاتن ۽ مفاعلن، مفاعلن کي اڳيان رکي شاعري ڪيان، ڪجهه شاعري به ڪري ويس پر ڪجهه استادن جي چوڻ ڪري ڇڏي ڏنيم.

دراصل شاعري جو تعلق يونيورسٽين ۽ اُٺ ڪتابن پڙهڻ سان نه آهي ڪيڏو به عالم فاضل هجي ته شاعري ڪرڻ لاءِ علم العروض جا کڻي شاعري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته شايد هڪ شعر به نه ٺاهي سگهندو. اجهو ادراڪ بحروزن ۽ فهم ٻيو آهي جيڪو ڪائنات جي مطالعي ۽ مشاهدي کي سُندر سانچي ۾ وجهي، حسين پيرائي ۾ پيش ڪري، جنهن ۾ عوام جي جذبن ۽ خيالن جي ترجماني هجي.

اهوئي سبب آهي جو شاعر جي منصب سان ڪنهن جي ريس ۽ برابري نٿي ڪري سگهجي، اهو شعور ڏات يا فن فڪر قدرت طرفان عطا ٿين ٿا. ڪائنات ۾ جيڪي به وهي واپري ٿو شاعر ان جو پورو مطالعو ڪري ٿو، ڪائنات جي سونهن، حسن هجي، عشق و محبت، ڏک درد پيڙائون هجن يا خوشيون هجن عام ماڻهو سندن سوچ ۽ مشاهدي جي ڪٿا نٿو ڪري سگهي.

حاجي مصري ڪاڪا ”مائل سروري“ جي ڪلام پڙهڻ سان ڀليءَ ڀت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حاجي صاحب هن سماج جي بيرخين، لاهن چاڙهن، هيٺاهين مٿاهين، بي انصافين، ڏاڍ، ڏمر، رسمن، رواجن، بي قائدين جو تمام گهڻو گهرو مطالعو ڪري ماحول جي عڪاسي ۽ وقت جي ترجماني ڪئي آهي. سندس ڪلام سادو، سلوڻو ۽ عام فهم آهي سادا ۽ عمدا خيال سندس شاعريءَ جي خصوصيت آهي.

جيستائين سندس رومانوي شاعري جو تعلق آهي ان ۾ به پاڻ حسن و جمال هجر و وصال جي شعور جي تجربن کي دل پذير انداز ۾ پيش ڪيو اٿس. سندس پهريان شاعرانا ڀڙڪو ڏئي جڏهن سندس دل تي ڪا زبردست چوٽ لڳي. ڪاڪا سائين پاڻ لکي ٿو سندس شاعري جي ابتدا تاريخ مهينو ياد ڪونهي پر سال 1959ع ۾ ٿي ان وقت سندس عمر 22 سال هئي ۽ ٻڌائي ٿو منهنجي شروعات هيٺي ڪافيءَ سان ٿي:

ڪافي

ٿل: پئي باهه برهه جي ٻري، سا آگ اجهامي ڪين ڪي.

پهرين مصرع: عشق اندر ۾ لايون چوٽون، ڏاڍيون ڏنائين اوٽون مُوٽون

ماس هڏن تان ڳري.

2: برهه بيشڪ بالا آهي، ڪاڻ تنهن کي ڪنهن جي ناهي

شاهه، گدا ٿو ڪري

3: دردن دل تــــي ديرو لاهيو ســوز سڄڻ جــــو روز ســــوايــــو

سهڻل ريءَ نه سري

4: پــــاڻ پچائج پــــاڻ ۾ پيهي ”مائل“ مهل جيئن نه وڃـــئـي

ڌيان ڏس تون ڌري

علامه آءِ.آءِ قاضي هڪ دفعي شاعريءَ بابت ڳالهائيندي چيو ته شاعري ”اها آهي جيڪا ڳائي سگهجي.“

حاجي مصري ڪاڪا جي هي پهرين شاعري ڪافي آهي، جيڪا سُر ڀيم پلاسيءَ ۾ ڳائي سگهجي ٿي. سندس ڪليات ۾ ڪافين ۽ بيتن جو تعداد صنفن کان وڌيڪ آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪافي ۽ بيت سندس وڌيڪ پسنديده صنفون آهن، ان کانسواءِ پاڻ نظم، ڏهر، غزل (سنڌي ۽ اردو ۾) قطعه، نعتون به چيون آهن، جيڪي فڪر جي رنگيني ۽ فن جي پختگي سان ڀرپور آهي، جن سُرن ۾ سندس ڪافيون ڳائي سگهجن ٿيون سي آهن: ڀيروي، لوڙائو، تلنگ، پرڀاتي، مانجهه، ڀيم پلاسي، ايمن ڪلياڻ، ڪوهياري، پيلو، سنڌڙو ۽ ڪلنگڙو.

ڪاڪا سائين جي محبت، سوز ۽ ساز جي واردات سندس ڪافين ۽ غزلن ۾ نمايان آهي. هڪ هي غزل ملاحظه فرمايو:

مطلع: جتي ڏاهن جو کَپُ ناهي، اتي ديوانا گهرجن ٿا،

           جــــي پائِن پاڻ ۾ توکي، اهي مستانا گهرجن ٿا.

6: ڏسڻ سان مَستُ ڪن جيڪي، پيئڻ سان پرت ڪن پُوري،

       چُميا جــــن تنهنجا لــــب ساقي، اهــــي پيمانا گهرجن ٿـــا،

7: اڃــــا پهريون پيارو ٿئي، ٿيس مــــان تــــون ۾ گــم ساقــــي،

        فــــنــــا کان پوءِ بــــاقــــي ڪــــن، اهــــي پيمانا گهرجن ٿا.

حاجي مصري ”مائل سروري“ جي سڄي شاعريءَ ۾ تخيل ۽ سُر اُتم درجي جا آهن. فني لحاظ کان به دلاويز انداز اٿس. شيريني ۽ ”مصري جي ميٺاج“ اٿس. ڪافين ۽ غزلن ۾ تانگهه ۽ تڙپ جو گهڻو عمل دخل نظر اچي ٿو.

سندس اردو عزلن ۾ رومانوي شاعريءَ جي جهلڪن سان گڏ فصاحت ۽ بلاغت به ڀرپور انداز ۾ نظر اچي ٿي. غزل جي چند سِٽون ملاحظه لاءِ:

ہمارے دل سے تم کھلیو، نہیں شیشہ جو ٹوٹے گا،

محبت اس میں ہے محفوظ، نہیں سپنہ جو ٹوٹے گا۔

میں تم سے تیری صورت کا، تصوّر لیئے ہی بیٹھا ہوں،

اثر ان سے صرف دل میں، محبّت کا ہی لیتا ہوں،

ہے یہ اب آشیان تیرا، نہیں میرا جو ٹوٹے گا۔

بھلا تیری جدائی کیوں، نہیں محسوس ہوتی ہے،

جو سینے میں تیری صورت، صنم منقوش رہتی ہے،

الستی ہے یہ "مائِل" نہیں، ابگا جو ٹوٹے گا۔

ڪاڪا سائين ماحول جي عڪاسي ۽ وقت جي ترجماني ڪندي، بي ڊپائي سان وڏيرن لاءِ هيئن چوي ٿو:

وڏيرن پچار، رڳو آهي اقتدار جو،

غلط رويو راڄن سان، ٿا تڏهن ڪن اختيار.

سنوت نٿو ڏئين جي، ڪو هاري يا ڪمدار،

ته سئو ڏهين ۾ چالان ڪرائي، ڪن پيدا ان لاءِ آزار،

انهي طرح هجون عوام اڳيان مڙني جا مهندار.

۽ عادتون انهن ۾، بُريو بيشمار،

چوريون ڪرائن چاهه سان، هوڏي ٿي هوشيار،

۽ سندو ٻڌي يار آزارين عوام کي.

پوليس جي ڪارڪردگيءَ بابت دانهن ڏيندي چوي ٿو:

جيئن ڪاتب لکن ڪلهن تي، مُنڪِرُ ۽ نَڪيرُ

پوليس به لکي پيپرن تي، ڏوهن تفسير

ڪو پوي اچي جي وچ ۾، ماڻهو معتبر

ته ڪيس ڪڍن ڪيترا، ۽ ٿئي ٿي درگذر.

انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن جا پول پڌرا ڪندي هن طرح اظهار ڪري ٿو:

پرسنٽيج پورو، جنهن ڏنو ٺيڪيدار،

ته انجنيئر به وريو ان کي، ڏين قلم جي مار.

ٺيڪيدار به ٺڳي لاءِ، ويٺا ڪن ويچار،

ته ڪهڙي طرح ڪم ڪري، پيسا بچايون هزار.

۽ هڪدم هٿ ڪريون، بنگلو موٽرڪار،

هي بلڊنگ روڊس اريگيشن، سڀني کاتن جا وهنوار.

”مائل“ هن مذڪور جي، ڪيان ڪهڙي خبرچار،

پيا پڌرا آهن پار، ملڪ اسان جي ماڻهن جا.

شاعريءَ لاءِ عام طرح چوڻي آهي ته اها هر ڪنهن جي خيال ۽ جذبن جي ترجماني ڪري ۽ سندن سوچن ۽ تقاضائن جو پورائو ڪري، سو ڪاڪا سائينءَ جي شاعري ۾ اهي وصفون نظر اچن ٿيون.

شاعريءَ کان سواءِ پاڻ جيڪي سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس، تن جو تفصيل هن ڪتاب ۾ آندو اٿس.

جنهن لاءِ پاڻ جَسُ لهڻي. هن عمر ۾ به عوام کي آرام ۽ آسائش پهچائڻ لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. سندس اهي خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن. آئون ته سندس لاءِ ايترو چوندس ته ”وساريان نه وسرن پرين تنهنجا پيار.“

عبدالغفار صديقي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org