ڪنڊيارو (پتوئي پور)، درٻيلو، گمبٽ، بُوبڪ،
نصرپور، ٺٽو، سيوهڻ، پاٽ، چاچڪ، فتح باغ، جوڻ،
رڙي، علي بندر، رحمڪي بازار، ونگي پتڻ، باغ جو
پتڻ، لکپت، مانڊوي ۽ ٻيا ڪيترائي صنعتي شهر هئا،
جتان جون ٺهيل مال ڏيساورن ڏانهن موڪليو ويندو هو.
ان صنعتي، واپاري ۽ هنر مند طبقن جو ڇو زوال آيو؟
انهيءَ باري ۾ محترم فقير محمد لاشاري کي ٿو ته،
”دراصل قومن جي ٺهڻ ۾ نين پيداواري قوتن جو ظاهر
ٿيڻ بنيادي شرط آهي. پرڏيهي واپار جو سارو
دارومدار هتي جي هنرمند طبقي تي آهي. ڪچي مال کي
تيار مال جي صورت ڏيڻ ۽ خشڪيءَ کان بندر تائين
پهچائڻ واري سڄي ڪم ۾ انهن نين قوتن جو دخل ٿئي
ٿو، پر انهن نين قوتن جي ڪابه خاطرخواهه آزاد اوسر
ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين جي حملن (ارغونن جي
حملن) جاگيرداري نظام ۽ ڳرن محصولن ان اوسر کي
پائمال ڪري ڇڏيو“ (28).
سمن جي دور ۾ زراعت ڪافي حد تائين ترقي يافته هئي. سڄو ملڪ
سرسبز ۽ آباد هو. هن دور جي زرعي صورتحال جو ذڪر
ڪندي مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”مخدوم محمد جعفر
بوبڪاڻيءَ مرزا عيسيٰ ترخان کي ٻڌايو ته ارغونن جي
حملي وقت فقط ڳاهان ۽ باغبان مان هڪ رات اندر مرزا
شاهه بي کي هڪ هزار اُٺ ائٽن تان هٿ لڳا، جيڪي
باغن کي پاڻي پهچائي رهيا هئا“ (29).
انهيءَ مٿين ذڪر ڪيل بيان مان اهو چڱيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو ته
سنڌ ڪيتري نه سرسبز ۽ آباد هئي. ان ڳالهه جي وڌيڪ
ساک ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ جي هن بيان مان ملي
ٿي،ل ته، ”سنڌ جي والي ڄام نندي جي ڏينهن ۾ چاڳلي
نالي هندو وزير کي ڄام جي پٽيلي درياخان سان گڏ
سيوهڻ موڪليو ويو هو، جتي هن اچي باراني پاڻيءَ تي
وهندڙ ساوه واري واهه کي وهايو، جنهن جو پاڻي منڇر
۾ اچي گڏ پئي ٿيو. انهيءَ ڍنڍ جي اترئين پاسي ڳاهن
واري رعيت پوک ڪندي پئي آئي ۽ ان جي ڏاکڻئي پاسي
بوبڪ جي ماڻهن گچ ۽ ماڻهن جي ڪُٽ جي ملاوت سان پڪو
بند ٻڌي، ڪاڇي جي زمين ۾ پاڻي پئي پهچايو. ان ڪري
اتي جام آبادي ٿيندي هئي. انهيءَ ڪاڇي واري پوک تي
ڏهون حصو ڍل وڌل هئي، جنهن مان نَوَ حصا رعيت کي ۽
ڏهون حصو سرڪار کي ٿي مليو، تڏهن به ڄام نندي کي
هڪ لک خرار ڍل طور پئي وصول ٿيا“ (30).
اهڙيءَ ريت سمن جي دور ۾ ملڪ خوشحال هو ۽ ماڻهو ريان کيان هئا.
سياسي طور تي ملڪ وڌيڪ طاقتور بنجي پيو هو، جنهن
جو سماجي زندگيءَ تي تمام سٺو اثر پيو ۽ هن دور ۾
سماجي فڪري شعور ۾ جيڪا واڌ آئي، تنهن جي جهلڪ
علم، ادب، شاعري، مصوري ۽ عمارت سازيءَ جي فن ۾
نمايان طور نظر اچي ٿي. ان بابت محترم ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ لکي ٿو ته، ”سمن سردارن دل کولي رعيت
پروريءَ جو ثبوت ڏنو. ڀَٽن، ڀانَن ۽ چارڻَن (31)
کي خوب وساريائون، جن پنهنجو مُربين ۽ سندن وڏن کي
”ڏاتار“ ڪري مڃيو. اهڙيءَ طرح سمن مان ڏهه ڏاتار
مشهور ٿيا. لاکي ڦُلاڻي، جکري، اوڍاڻي، هُڻند
ٿڌياڻي، اوٺي جکراڻي، سپر چوٽاڻي، جسودن، آگري،
ڄام وينجهر، وڪيي ڏاتار، راءِ ڏياچ ۽ ڄام ڪرن جهڙن
سمن جي سورهيائي ۽ سچائيءَ جا ڪارناما واکاڻيا
ويا، ته ٻئي طرف انهن سگهڙن سومرن جي دور جي عشقيه
داستانن جهڙوڪ ڄام لاکي ۽ مهرو راڻي، ڄام لاکي ۽
اوڏڻ، ڄام اوڍي ۽ هوٿل پري، ڄام جراڙ ۽ بوبنا ۽
ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي قصن کي ڳايو ۽ مشهور ڪيو“
(32).
هن دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ تمام گهڻي ترقي ڪئي. جيتوڻيڪ سمن
حاڪمن جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي، پر عوامي سطح تي
قاضي قادن، اسحاق اُهنڱر، احمد ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي
اديب ۽ شاعر هئا، جن پنهنجن خيالن ۽ فڪرن کي عوام
۾ مقبول بنائڻ جي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو سهارو ورتو.
عبدالرحمان مُلا لٽر جا چرچا ڀوڳ ۽ سندس مزاحيه
ڳالهين کي اڄ تائين عوام ۾ مقبوليت حاصل آهي.
انهيءَ ساڳئي دور ۾ غيرمعتبر ماموين جا بيت پڻ ملن
ٿا، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگي جو عڪس پيش
ڪن ٿا، انهن بيتن ۾ سنڌ جي ماڻهن طرفان دهليءَ جي
سلطانن خلاف ان دؤر جي هلندڙ سياسي جدوجهد ۽ نفرت
جو اظهار ٿئي ٿو.
محترم محمد ابراهيم جويو صاحب سمن جي دؤر جو سماجي تجزيو ڪندي
لکي ٿو ته، ”سنڌ جي تاريخ جو هيءُ دؤر سنڌ جي سماج
جي بنيادي اوسر جو دؤر هو. سنڌ جا تقريباً سمورا
تاريخي، نيم تاريخي قصا ۽ فخريه ڳاليهون، ڏند
ڪٿائون، لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ گيت ۽ لوڪ سورما انهيءَ
پنهنجي آزاد رياست جي لاڳيتي ڊگهي عرصي سان تعلق
رکن ٿا. سنڌ جي تاريخ جو اهوئي دؤر هو، جنهن لاءِ
صحيح طور چئي سگهجي ٿو ته اهو سنڌي سماج جي تهذيب
جو اڳرو ۽ ترجيحي دؤر هو. ان سڄي دؤر ۾ سنڌي سماج
جو مذهب ۽ رياست ٻنهي سنڌي سماج جي تهذيبي اوسر ۽
اڏاوت جو ڪم ڏنو. ملڪي سرحدن جي بچاءَ جا جتن،
سماجي خوشحاليءَ جون ڪوششون، سنڌي ڪردارن جي ذهني
پرورش ۽ اخلاقي تعمبير، سنڌي سماج جي تاريخ جي
صورت ۽ ساخت جيڪا هن دؤر ۾ عمل ۾ آئي، ان جو ٻيو
مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي“ (33).
هن دور جي علمي ماحول جو ذڪر ڪندي محترم قريشي حامد علي خانائي
لکي ٿو ته، ”سمن جي دور ۾ سنڌ جي هر قصبي، ڳوٺ ۽
شهر ۾ وڏا درسگاهه ۽ خانقاهون موجود هيون، خود سما
حاڪم اسلامي تعليم ۽ علمن جي واڌاري جا خواهان
هئا. انهن مدرسن ۾ اسلامي علمن جهڙوڪ قرآن پاڪ جو
تعمير، فقہ، حديث، صرف ۽ نحو، علم منطق وغيره جو
درس ڏنو ويندو هو. سمن سلطانن جي آخري دور ۾ سنڌ ۾
بکر، درٻيلو، ٻٻرلوءَ، پاٽ، ٽلٽي، باغبان، سيوهڻ،
هالاڪنڊي، نصرپور ۽ ٺٽي ۾ وڏا ديني مدرسا،
درسگاهون ۽ خانقاهون هيون. انهن مدرسن ۾ وڏا عالي
دماغ بزرگ ۽ بلند پايي جا عالم درس ڏيندا هئا. سمن
حاڪمن جي طرفان انهن عالمن کي وظيفو پڻ ملندو هو ۽
ڪيترن مدرسن جو خرچ سما حاڪم پاڻ برداشت ڪندا هئا
(34).
سمن جي اوائلي دور تائين سنڌي عالمن علم تفسير، حديث ۽ صرف و
نحو تي زور ڏنو. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ وري
فلسفي ۽ منطق تي زور ڏنو ويو ۽ معقولات کي نصاب ۾
شامل ڪيو ويو (35). سندن آخري دور حڪومت جي ديني
مدرسن ۾ علم فقہ تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو ويو ۽
ڪيترن ئي عالمن علمي دنيا ۾ ڪافي پنهنجون مشهور
تصنيفون ڇڏيون (36).
تصوف جو جيڪو سنڌ سان سٻنڌ رهيو آهي، ان باري ۾ محترم ا ـــ س
ـــ ناصر لکي ٿو، ”سنڌ ۾ تصوف کي سماجي فلسفي طور
قبول ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته تصوف انسانيت جي
آزادي، برابري ۽ ترقي جي فلسفي طور پيش ٿيو، جنهن
۾ آزاديءَ جي مراد هئي ته ڌارين جي سامراجي قبضي
کان آزادي ۽ مقامي جاگيرداري جي ڏاڍ ۽ پرماريت کان
آزادي. انساني برابريءَ ۾ وري انسانيت جي
فرقيوارانه بنيادن تي ورهاست کي قبول نه ڪيو پيو
وڃي. تصوف سڀني انسان جي ترقيءَ ۾ يقين پيو رکي.
ان ڪري جاگيرداري نظام ۽ ٻاهرين جي قبضي خلاف هاري
بغاوتن ۾ تصوف کي نظرياتي طور استعمال ڪيو پيو
وڃي.“ (37)
انهيءَ پس منظر ۾ سنڌ اندر ٻه گروهه پيدا ٿيا. هڪ اهي صوفي بزرگ
جن رياستي نظام سان تعاون ڪيو، جن ۾ سهرورديه،
قادريه ۽ نقشبنديه طريقن کي وڏي اهميت حاصل هئي.
سنڌ ۾ تصوف جو سهرورديه طريقو سڀ کان وڌيڪ مقبول
هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا حڪمران ملتان جي غوث
بهاؤالدين ذڪريا جا مريد هئا. هن طريقي وارن وٽ
سماع بنا سرود جي مباح هو. هن طريقي مطابق ساز ۽
سرود کان سواءِ خدا جو حمد، رسول الله صلعم جي
نعت، صحابن سان گڏ پنهنجي مرشد جي ثناخواني ڪندا
آهن. اهڙيءَ ريت هن طريقي موجب مسجدن اندر مولودن،
مداحن، مناجاتن ۽ مناقبن پڙهڻ جو رواج پيو. انهيءَ
کي ڏسندي اڳتي هلي سنڌ ۾ ”سمہ“ جو رواج پيو، جيڪو
نيم رقص جو هڪ نمونو هو. اهوئي سبب هو جو جڏهن
چشتيه سلسلي جي هڪ بزرگ بابا فريد الدين جي خلاف
جڏهن فتويٰ ڏني ويئي، ته هُو پاڻ کي درويش به
سڏائي ٿو ته وري مسجد اندر ڳائڻ ٻڌي ٿو ۽ نچي به
ٿو، ته ملتان جي هنن سهروردي بزرگن پنهنجي آزاد
خياليءَ جو مظاهرو ڪندي انهن فتويٰ بازن سان شامل
ٿيڻ کان انڪار ڪيو. انهن سهرورديه بزرگن جي باري
۾ محترم قاضي جاويد لکي ٿو ته، ”سهروردي مڪتبه فڪر
تيرهين ۽ چوڏهين صدي جي مسلم برصغير جي راسخ
الاعتقادي جي نمائندگي پئي ڪئي. ان کي اسين عام
اصول جي طور تي پيش نٿا ڪري سگهون، ڇاڪاڻ ته هن
سلسلي سان منسوب ٿيل ڪيترن دانشورن برصغير ۾ مسلم
روحاني بغاوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.“ (38) ٿر،
راجستان، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي طرف وري اسماعيلي،
چشتيه ۽ سهروردي طريقن جا بزرگ سرگرم عمل هئا، جن
جي تبليغ ۽ اثر جي ڪري اسلام جي اشاعت ٿي ۽ عام
فيض جاري ٿيو.
اهڙيءَ طرح سنڌ ۽ ان جي اتحادي رياستن ۾ تصوف جي جيڪا ٻي شڪل
موجود هئي، سي هئا، ملامتي، باطني ۽ قلندري طريقا،
جن پنهنجي آزاد خيالي ۽ نراجيت پسنديءَ جي ڪري
ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو قول آهي ته ”سياست کان ڌار رهڻ جي ڪري
صوفين ۽ حڪمرانن ۾ تصادم ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ڪونه
هو. نتيجي ۾ حڪمران طبقو انهن صوفين جي خوشنودي ۽
سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سندن هر طرح جي خدمت ڪندا
رهيا. وقت جي حڪومتن شاهي خزانن مان انهن صوفين جي
خانقاهن کي تعمير ڪرايو ۽ انهن جي ننگرخاني جي خرچ
لاءِ وڏيون جاگيرون مقرر ڪيون. نه صرف ايترو، پر
انهن لاءِ معقول وظيفا پڻ مقرر ڪيائون. انهيءَ ڪري
صوفين جو طبقو معاشي طور تي خوشحال بنجي ويو ۽
سندن خانقاهون وڏي اثر رسوخ جا مرڪز بڻجي پيون.
اهي خانقاهون تصوف جي مختلف سلسلن جون اهم مرڪز پڻ
هيون، انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ سندن رجوعات وڌي ويئي،
جنهن کان وقت جو حڪمران طبقو خائف رهڻ لڳو. انهيءَ
ڪري هُو هميشه انهن بزرگن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جا
خواهان رهندا هئا. سندن معتقد ۽ مريد انهن جي
ڪرامتن ۽ زهد تقويٰ جي عجيب و غريب ڳالهين کي عوام
۾ هُلائيندا هئا، جنهن ڪري سندن معاشري ۾ عزت ۽
احترام وڌي ويو. صوفين جي روحاني سلطنت جو سربراهه
شيخ يا مرسد هوندو هو ۽ سندس حيثيت اهائي هوندي
هئي، جيڪا حڪومت ۾ بادشاهه يا سلطان جي هئي.
روحاني ۽ سياسي سطلنتن جي سربراهن ۾ ڪافي هڪجهڙائي
موجود هئي. مثلاً جيئن سلطان پنهنجي ملازمن ۽
عهديدارن کي دنيوي آرام ۽ آسائش فراهم ڪري ٿو،
تيئن وري مرشد پنهنجي مريدن ۽ پوئلڳن کي ابدي راحت
جو يقين ڏياري ٿو. سياسي سلطنت ۾ سلطان سان
وفاداري لازمي امر هوندو آهي. اهڙيءَ طرح روحاني
سلنطت ۾ وري مرشد جي اطاعت تمام ضروري آهي. ٻنهي
سلطنتن ۾ حڪم عدولي ڪرڻ، نافرماني ۽ سرڪشي ڏوهه
آهي. روحاني سلطنت جي استحڪام لاءِ مرشد جي عقيدت،
عزت ۽ احترام ڪرڻ واري تصورات ۾ آيل تبديلين جي
ڪري، هُو پاڻ کي سلطان يا حڪمران کان هر لحاظ ۾
اعليٰ ۽ برتر سمجهڻ لڳا ۽ هن نظريي جي تبليغ ڪرڻ
لڳا ته سياسي سلطنت به حقيقي طرح سندن تابع ۽ سندن
شخصيت حڪمرانن کان اعليٰ ۽ افضل آهي، ڇاڪاڻ ته
حقيقت ۾ روحاني سلطنت جو سربراهه ئي دنيوي سلطنت
جو ڪاروبار هلائي ٿو. سندن مرضيءَ کان سواءِ ڪوبه
حاڪم پنهنجي سلنطت ۾ ڪامران ۽ ڪامياب ٿي نٿو سگهي.
روحاني سلطنت جون پاڙون آهستي آهستي اهڙيون ته
مضبوط ٿي ويون، جو خود سلطان به سندن برتريءَ جا
قائل ٿي ويا ۽ مشڪل معاملن ۾ سندن مدد ۽ دعائن جا
طلبگار ٿيڻ لڳا“(39).
اهڙيءَ طرح ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻن ملڪن يعني هند ۽ سنڌ ۾ مسلم
ڪليسا جو بنياد پيو. سمن ۽ سومرن جي دور حڪومت ۾
سهروردي بزرگ غوث بهاؤالدين ذڪريا انهيءَ مسلم
ڪليسا جو سربراهه هو. هن دور ۾ اهڙا ڪيترائي مثال
ملن ٿا. تاريخ ۾ اچي ٿو ته ڄام سنجر هڪ صوفي بزرگ
کي چيو ته: ”مون کي دعا ڪر، ته مان سنڌ جو حاڪم
ٿيان، پوءِ ڀلي کڻي اٺن ڏينهن جي بادشاهي ڇو نه
ماڻيان.“ تنهن تي فقير کيس دعا ڪندي چيو ته ”تون
اٺن ورهين جي بادشاهي ماڻيندين.“ (40).
صوفين جو سياست ۾ ايترو ته اثر ۽ دخل هو، جو جڏهن فيروز شاهه
تغلق ٺٽي کي گهيرو ڪيو ته ڄام صدرالدين ٻانڀيڻي به
بهادريءَ سان سندس مقابلو ڪيو. آخرڪار فتح جي ڪابه
اميد نه ڏسي، فيروز شاهه تغلق، ڄام جُوڻي جي صلاح
سان سمي سلطان جي مرشد شيخ صدرالدين ملتان واري ۽
اُچ جي مشهور بزرگ مخدوم جهانيان جهان گشت جي مدد
جو سهارو ورتو ۽ طرفين ۾ صلح ٿيو. (41) انهن مٿين
مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته صوفين، پيرن ۽ مشائخن
جو سنڌ جي سياست ۾ ڪيڏو نه عمل ۽ دخل هو.
برصغير هند و پاڪ ۾ مذهبي سلسلي ۾ ٽن قسمن جا رايا موجود هئا
ـــ هڪ عالمن ۽ فقيهن جو اهو گروهه هو، جنهن جو
نعرو هو ته ”اما التقل واما الاسلام“. اڳتي هلي
انهن سان صوفين جو راسخ الاعنقادي طبقو به شامل ٿي
ويو. ٻيو گروهه مذهبي جي معاملي ۾ غير جانبدار رهڻ
جو قائل هو. ٽيون گروهه وري هندو ـــ مسلم ايڪتا
جو حامي هو. هيءُ گروهه وحدت الوجودي صوفين جو هو.
هن نظريي تي هندي فلسفي ويدانيت جا گهرا اثر هئا.
ايراني تسوف هندي ويدانيت سان ملي تصوف جي خاص
ترڪيبي ثقافت کي جنم ڏنو.
پهريون گرهه سياسي ۽ سماجي طور تي ايترو ته طاقتور هو، جو هن جي
آڏو وقت جي حڪومت به مجبور هئي. مثال طور مخدوم
جهانيان جهان گشت جو ڀاءُ راجو قتال، جو پڻ هڪ وڏو
ولي الله هو، تنهن هڪ هندو تحصليدار ”نواهون“ کي
هنن اکرن چوڻ تي ”جيئن خدا تعاليٰ رسول عربي صلعم
کي خاتم الانبياءِ ڪيو، ساڳيءَ طرح مخدوم جهانيان
جهان گشت خاتم الاولياءِ آهي“، فتويٰ ڏني ته:
”مذڪوره هندو مسلمان ٿي چڪو آهي، ان ڪري جيڪڏهن هو
اسلام جي دائري ۾ داخل نه ٿيندو، ته کيس قتل ڪيو
ويندو.“ آخرڪار راجو قتال جي انهيءَ فتويٰ تحت
سلطان فيروز شاهه تغلق جي اڳيان، ڀريءَ درٻار ۾ ان
هندو ”نواهون“ کي راجي قتال پاڻ قتل ڪيو. (42)
بادشاهه (رياست) پاڻ خود خاموشيءَ سان اهو سڄو
تماشو ڏسندو رهيو. (43).
اهڙن مذهبي واقعن سماج جي هيٺين طبقي کي ذهني طور جهنجهوڙي
ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته وقت به وقت جي سياسي انقلابن، خانه
جنگين، سياسي انتشار، ڏُڪار، بادشاهي خاندانن جي
تبديلين، صوبائي گورنرن جي بغاوتن وغيره جي ڪري
ملڪ جي هندو خواهه مسلمان رعايا تي هڪ جهڙيون
آفتون نازل ٿينديون رهيون. انهيءَ ڪري عوامي سطح
تي هندن خواهه مسلمانن جو اتحاد لازمي ٿي پيو،
جنهن وحدت الوجود جو فلسفو عوام سطح تي هندن خواهه
مسلمان جو اتحاد لازمي ٿي پيو، جنهن وحدت الوجود
جو فلسفو عوام جي نمائندگيءَ جي لاءِ منظم طور تي
اڳتي وڌيو. سنڌ ۾ قلندر ۽ ملامتي طريقي جي بزرگن
پنهنجي غير جانبداريءَ سبب عدم مساوات ۽
فرقيوارانه روين خلاف آواز اٿاريو، جنهن ڪري سنڌ
جا هندو قلندر شهباز کي پنهنجو ”وشنو اوتار“ سڏڻ
لڳا، ته وري ڪي مسلمان کيس ”مهدي“ سمجهڻ لڳا، جيڪو
مصيبت جي ماريل انسانن کي نجات ڏيارڻ جي لاءِ آيل
هو.
انهيءَ سلسلي ۾ محترم فقير محمد لاشاريءَ جو چوڻ آهي ته ”تصوف
پنهنجي جوهر ۾ داخلي آهي. ”وحددت الوجود“ ۽ ”وحدت
الشهود“ ساڳئي فڪري مانڊاڻ جا حصا آهن. ٻنهي جو
بنياد مابعد الطبعيات تي آهي. ٻنهي ڌرين جي
انتهائن کي ڇڏي وچ تي بيهجي، ته گهڻو تفاوت نظر نه
ايندو. ان ڪري ڪڏهن هو ماڻهو لاءِ ڪارگر هٿيار طور
استعمال ٿئي ٿو، ته وري ڪڏهن ان ۾ جبريت جي شڪل
اڀري اچي ٿي. سياسي سطح تي ان جو مخالف ڪردار
اخلاقي سگهه بنجڻ کان اڳتي وڌي نه سگهيو ۽
جاگيرداري ۽ قبائلي رشتن کي ٽوڙي نه سگهيو، جنهن
جي نتيجي ۾ ان جي هڪڙي صورت ”ترڪ“ جي عمل ۾ ملي
ٿي.“ (44)
ان ڪري رياست يا حڪومت کي تصوف کي ٻنهي نظرين مان ڪنهن به قسم
جو خطرو محسوس نه پئي ٿو، جنهن ڪري هر بادشاهه ۽
سلطان ٻنهي وحدت الجودي خواهه وحدت الشهودي نظريه
رکندڙ بزرگن جي مزارن تي حاضري پئي ڀري ۽ ٻنهي
ڌرين کي رياست جو مڪمل سهڪار ۽ تعاون حاصل پئي
رهيو. محترم فقير محمد لاشاري لکي ٿو ته، ”جهڙي
معاشي جوڙجڪ هوندي، ان مطابق ئي سماج جو تاڃي پيٽو
يا پيڙهه پوندي ۽ اهڙائي سياسي، ثقافتي، فڪري ۽
علمي ورتاءَ رونما ٿين ٿا.“ (45)
سيد ميران محمد مهدي جونپوري جڏهن سنڌ ۾ آيو، ته ان وقت سنڌ
فڪري طور تي ڄام نندي جي وزير دريا خان جي هٿ هيٺ
هئي. ان وقت سنڌ جا سڀئي قومي ادارا غيرفرقيورانه
ترقي پسند بنيادن تي قائم هئا. انهيءَ دؤر ۾ سنڌ
جي جاگيردارانه سماج جي ڪُک مان سرمائينداري جنم
وٺي رهي هئي. ٺٽو، نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر ۾ صنعتي
پيداوار صرف خانداني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪانه
هئي، پر مارڪيٽ جي پورائي لاءِ پڻ هئي. ان ڪري
انديشو هو ته سيد مهدي جونپوري جي ”پين اسلامزم“
سنڌ جي انهيءَ سماجي اوسر کي روڪي ڇڏي ها. ان وقت
سنڌ اندر ٽي نظريا موجود هئا. پهريون دريا خان جو
نيشنلزم ۽ سيڪيولرزم، جيڪي عدم جارحيت جي بنياد تي
سنڌ جي قومي آزادي ۽ سنڌ جي جاگيردارانه سماج جي
سنگم مان اڀرندڙ سرمائيداريءَ جو دفاع ڪري رهيا
هئا. (46) ٻيو ميران مهدي جونپوري ۽ سندس مريد
مرزا شاهه بيگ ارغون جي پين اسلامزم ۽ قدامت
پسنديءَ وارو نظريو، جنهن قومي آزاديءَ کي پائمال
ڪري، سنڌ کي وري جاگيرداريءَ واري فرسوده نظام
واري عار ۾ اڇلائڻ ٿي گهريو. ٽيون نظريو وري اهو
هئو، جنهن موجب ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي ”لبرلزم“
واري نظريي جي بنيادن تي ساڳيو جاگيرداري نظام کي
قائم رکڻ پئي گهريو. (47) ليڪن سنڌ جي عوام دريا
خان جي نظريي جي تائيد ڪئي. مهدي جونپوريءَ کي
سندس نظريي سان گڏ سنڌ ڇڏڻي پيئي. ٻئي طرف ميان
آدم شاهه ڪلهوڙي جي نظريي کي به اهميت ملي نه سگهي
۽ کيس ملتان ۾ شهيد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح تصوف
اخلاقي سگهه کان اڳتي وڌي نه سگهيو، ان ڪري اهو
اوتارن، خانقاهن ۽ پيرن فقيرن جي مقبرن تائين
محدود رهيو.
ٻئي پاسي کان وري عالم هئا، جن جي تعليمي فيض کان ڪيترا ماڻهو
علم جي نعمت سان مالا مال ٿيندا رهيا. خود سمن جي
قبيلي مان وڏا جيَّد عالم ۽ محقق پيدا ٿيا. سنڌ جي
حاڪم ڄام نظام الدين جو ڀاءُ بايزيد ڪن شخصي
اختلافن جي ڪري پنهنجي ڀاءُ کان ناراض ٿي ملتان
هليو ويو، جتي وڃي ديني مدرسو کوليائين. پاڻ وڏي
مرتبي وارو عالم ۽ اهل علم جو وڏو قدردان هو.
انهيءَ زماني ۾ ملڪ محمّد عرف ڄام فتح خان علم
منطق تي هڪ وڏو ڪتاب ”ميزان“ جي شرح تصنيف ڪئي. هن
بزرگ ان ڪتاب جو نالو ”لزبدتہ“ رکيو، جيڪو سمن جي
صاحبيءَ ۾ مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. هن دؤر ۾ جن
عالمن جون درسگاهون ۽ مدرسا قائم هئا، انهن مان
هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن: شيخ ميرڪ بن ابو سعيد
پوراني، شاهه قطب الدين بن شاهه محمود، مخدوم
عبدالرشيد هالائي، ميرڪ شيخ عبدالباقي، مخدوم فخر
پوٽو، مخدوم بلاول، مخدوم ميان محمّد سيوستاني،
مخدوم مئي، مخدوم فضل الله، قاضي نعمت الله، مخدوم
عبدالرحيم، مخدوم عبدالعزيز ابهروي، مولان ضياءُ
الدين بن صدرالدين، مولانا سعد درٻيلوي، مخدوم
محمد عثمان درٻيلوي ۽ مولانا قاسم ديوان وغيره
(48).
انهن عالمن ۽ سندن مدرسن، سنڌ جي سياسي ڪردار ٺاهڻ ۾ وڏو ڪم
ڪيو. باغبان جي مدرسي جي شاگردن مخدوم بلاول جي
قيادت ۾ ٽلٽيءَ وارو مشهور معرڪي ۾ ارغونن سان
مهاڏو اٽڪائي، سڄيءَ سنڌ کي پنهنجي مقدس رت سان
ريٽو ڪري ڇڏيو.
هاڻي هتي ذهن ۾ اهو سوال اُڀري ٿو ته آخر هيڏي وڏي تاريخي پس
منظر، سماجي ۽ فڪري ترقي هوندي به سمن، ارغونن جي
هٿان ڇو شڪست کاڌي؟ سيد ميران محمّد مهدي
جونپوريءَ وارو نظريو، جيڪو پنهنجي روءِ هڪ قدامت
پرست ۽ رجعت پسنديءَ وارو نظريو هو، ان مرزا شاهه
بيگ ارغون جي شڪل ۾ ايتري ڪاميابي ڇو حاصل ڪئي؟
اسان جي خيال ۾ انهيءَ شڪست جا چار وڏا سبب هئا، پهريون سمن جي
آخري دور ۾ مذهبي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ، ٻيو سماج ۾
قائم ڪيل معاشي صورتحال، ٽيون سياسي تفرقي پسندي ۽
انتشار ۽ چوٿون جديد جنگي هٿيار.
(الف) مذهبي ۽ نظرياتي ڇڪتاڻ جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ سهروردي طريقي
وارن بزرگن جو تمام گهڻو اثر هو، جيڪي راسخ
الاعتقادي بزرگ هئا. مگر انهن بزرگن ۾ ڪنهن حد
تائين روشن خيالي پڻ موجود هئي. پر سمن جي آخري
دور ۾ سيد مهدي جونپوريءَ جي اچڻ ڪري، راسخ
الاعتقاديءَ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جو جزو وڌيڪ شامل ٿي
ويو (49). ٻئي طرف وري ملامتي ۽ وحدت الوجودي
نظريو رکندڙ بزرگ هئا، جن وحدت ۽ فنائيت جي اُصولن
تي شريعت جو انڪار ٿي ڪيو. نتيجي ۾ سڄو سماج
نظرياتي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو.
(ب) جاگيرداري نظام جي خلاف اُڀرندڙ تاريخي قوتن، جنهن ۾
هُنرمند، پورهيت ۽ واپاري طبقا شامل هئا، تن جي
اڳواڻي هتان جو واپاري طبقو ڪري رهيو هو، جن ۾
اسماعيلي خواجه، هندو، ڪڇي ميمڻ، سنڌي ميمڻ ۽
دائودي بوهره شامل هئا. انهن جا واپاري لاڳاپا
ڏيساور ۾ قائم هئا، سي دنيا جي جديد رجحانن ۽
تبديلين کان باخبر رهڻ جي ڪري جاگيرداريءَ جي
قدامت پرست خيالن جي مخالف قوت ٿي اُڀريا. انهيءَ
ڪري هتان جو جاگيردار طبقو غير سان سازباز ٿيو، ته
جيئن انهيءَ اُڀرندڙ ترقي پسند قوتن کي ڪُچليو
وڃي. ان کان سواءِ دريا خان جي سرپرستيءَ ۾
سيڪيولرزم ۽ ٻيا ترقي پسند قدر اڳتي وڌي رهيا هئا.
اُسرندڙ سرمائيداريءَ جي ڪري ۽ غير ملڪي ناڻي جي
آمد سبب ابتدائي ناڻي واري موڙي (Initial Capital)
پيدا ٿي رهي هئي. مارڪيٽ ۾ واڌ ۽ وسعت جي سبب
مشترڪ قوميت جو تصور نسلي ۽ مذهبي بنيادن جي بجاءِ
وطني، تاريخي ۽ سيڪيولر بنيادن تي اڳتي وڌڻ لڳو.
ان ڪري مفاد پرست مذهبي گروهه ۽ جاگيردار جو ٽَڪر،
نه فقط انهيءَ اڀرندڙ سرمائيداري (هتي سرمائيداري
مان مراد واپاري طبقو آهي) سان هو، پر ان سان
گڏوگڏ هُو نسلي، لساني ۽ فرقيوارانه بنيادن تي
قائم رجعت پسندانه قوميت سبب پنهنجي آزاد خيال
حڪمرانن جي خلاف ٿي بيٺا، ته جيئن سنڌ جي مرڪزي
قوت کي ڪمزور ڪري پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهن.
وچون طبقو، جيڪو ننڍڙن واپارين، هنرمندن ۽ ننڍن
ننڍن آبادگارن تي مشتمل هو، سو سماج جي اُڀرندڙ
ترقي پسند قوتن سان سلهاڙجي اڳتي وڌڻ جي حالت ۾
ڪونه هو، جو سنئون سڌو ٽڪر ۾ اچي سگهي. اُن ڪري
اجتماعي شعور جي انهن محب وطن نمائنده قوتن پنهنجي
انهيءَ ڪمزوريءَ کي محسوس ڪندي، ارغونن ۽ سمن جي
وچ ۾ ٿيندڙ جنگين ۾ پنهنجي عدم دلچسپي ڏيکاري،
ڇاڪاڻ ته کين تجارتي خساري ٿيڻ جو ڊَپُ هو. ٺٽو،
سيوهڻ ۽ بکر جيڪي ملڪ جا وڏا واپاري مرڪز ۽ بندر
هئا، اتي ڪنهن به وڏي تاريخي ويڙهه جو ذڪر نٿو
ملي؛ پر ملڪ جي ٻهراڙي (فقط هاري) انهيءَ ويڙهه ۾
شامل ٿيا ٿي. ان ڪري ٽلٽي، رحمڪي بازار ۽ ٻيا ننڍا
ننڍا ڳوٺ انهن مهاڏن، مقابلن ۽ جنگي معرڪن جي
حوالن سان تاريخ ۾ اُڀري اچن ٿا، جتي سنڌ جا
سورهيه ۽ سرويچ پنهنجي سورهيائي ۽ بهادريءَ جا اَڻ
مٽ داستان ۽ نشان ڇڏيا آهن.
(ج) ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ لس ٻيلي جو سياسي ۽ اقتصادي مرڪز ٺٽو
هو. مرڪز جي خاتمي کان پوءِ سنڌ جي انهن معاون
رياستن طرفان هتان جي حڪمرانن ۽ ماڻهن جي جيڪا
حمايت ڪئي ويئي، سا بي سود ۽ غير موثر ثابت ٿي.
فاتح حڪمرانن ٺٽي کان اڳتي وڌي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽
گجرات جي رياستن تي يا انهن مرڪزن تي، جتي سنڌ جي
باغي شهزادن ۽ حاڪمن پناهه ورتي هئي، اتي فوج ڪشي
ڪرڻ پنهنجي جنگي حڪمت عمليءَ جي خلاف سمجهيو.
ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان هو هڪ ڊگهي جنگ ۾ گهيرجي
وڃن ها ۽ اهو روشن امڪان هو ته سندن فتح شڪست ۾
تبديل ٿي وڃي ها ۽ هُو هميشہ لاءِ ختم ٿي وڃن ها.
انهيءَ ڪري هنن عقلمندي ۽ سياڻپ کان ڪم وٺي مرڪزي
سنڌ، جيڪا انهن سڀني رياستن جي اتحاد جي پيڙهه (Base)
هئي، تي قبضو ڪري، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات کي بلڪل
ڪمزور ۽ بي سهارو بڻائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري دهليءَ
جي مغلن کي سنڌ کان اڳ ۾ انهن رياستن کي فتح ڪرڻ ۾
بلڪل سولائي پيدا ٿي پئي. وچ ايشيائي مائنر جي
ملڪن ۾ ازبڪن ۽ منگولن پنهنجي مهم جوئي ۽ جنگجو
پاليسيءَ جي ڪري سڄي ايشيا ۾ خوف ۽ انتشار جو
طوفان برپا ڪري ڇڏيو. سندن حملن ارغونن کي قنڌار
مان بي دخل ڪيو، ان ڪري ارغونن ۽ ترخانن مرڻ ۽
مارڻ کي پنهنجو اصول بنائي، مقامي جاگيردارن ۽
مذهبي رجعت پسند عنصرن جي مدد سان سنڌ تي قبضو
ڪيو. انهيءَ سڄي سياسي انتشار جي پس منظر ۾ هتان
جي حڪمرانن جي نااهلي ۽ ذاتي رنجشن کي پڻ وڏو عمل
۽ دخل پئي رهيو آهي. |