ٽي. ايس. ايليٽ
(هڪ مطالعو)
بدرالدين اُڄڻ
ٽي. ايس. ايليٽ، آمريڪا ۾ مسوري رياست جي مشهور صنعتي شهر سينٽ
لوئيس ۾ 1888ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد، صنعتي دنيا
۾ ممتاز شهرت رکندو هو. ايليٽ پنهنجي خانداني
روايت مطابق هارورڊ يونيورسٽي ۾ تعيلم حاصل ڪئي ۽
چار سال فلسفي جو علم پڙهندو رهيو. 1910ع ۾ هو ادب
۽ فلسفي جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ خاطر پيرس جي ساربون
يونيوسٽي ۾ داخل ٿيو ۽ اتان واپس اچڻ سان وري
اعليٰ تعليم لاءِ هارورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا
ورتائين.
ايليٽ 1914ع ڌاران آمريڪا کان ڪهي اچي انگلينڊ ۾ رهڻ لڳو، جتي
بعد ۾ کيس شهريت به ملي ۽ پاڻ مستقل طور تي رهڻ جو
فيصلو ڪيائين. ايليٽ پنهنجي زندگيءَ جو آعاز
’استاد‘ جي حيثيت سان ڪيو. هن ڏٺو ته پڙهائڻ هڪ
ڏکيو پيشو آهي، جنهن هيٺ ذهني پيڙا گهڻي ٿئي ٿي ۽
پوءِ ذهني اوسر رڪجڻ جو انديشو ٿئي ٿو، ان ڪري هن
صاحب ڪجهه عرصي لاءِ بئنڪ ۾ نوڪري حاصل ڪئي. ان
عرصي دوران ايليٽ مختلف عنوانن تي لکندو ۽ پڙهندو
رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن ’ايف. ايڇ. براڊلي‘ تي
هڪ تحقيقي مقالو لکي ورتو، جيڪو 1924ع ۾ ڇپيو هو.
ايليٽ، 1917ع کان 1919ع تائين، ’دي ايگوئسٽ‘ رسالي جي ايڊيٽر ٿي
رهيو ۽ ان دوران ٻين به ڪيترن رسالن ۾ لکندو رهيو.
1922ع ۾ هو ’دي ڪرائيٽيرين‘ جو ايڊيٽر ٿيو.
1928ع ۾ ايليٽ جي زندگيءَ ۾ هڪ عجيب موڙ آيو، جڏهن هو عيسائيت
واري مذهب ۾ داخل ٿيو. اهو لڳي ٿو ته مٿس جان ڊان
جو گَهرو اثر ٿيو، ان ڪري ايليٽ جا ڪافي ترقي پسند
خيالن رکڻ وارا دوست مايوس ٿي پيا ۽ کانئس پري رهڻ
لڳا.
ايليٽ جي گهريلو زندگي به سٺي نه رهي. هن 1915ع ۾ جڏهن شادي ڪئي
ته هڪ سال گذرڻ بعد سندس زال چري ٿي پئي ۽ کيس
چرين واري علاج گهر ۾ داخل ڪيو ويو. اتي هوءَ ’نه
چرين ۾، ۽ نه سياڻن ۾‘، واري حالت منجهه 1947ع ،
يعني پنهنجي زندگيءَ جي آخري سال تائين داخل رهي.
ايليٽ هن سان ملڻ لاءِ آخر تائين اتي ويندو رهيو.
ان پريشانيءَ ايليٽ جي زندگيءَ تي ڪافي ڏکوئيندڙ
اثر ڇڏيو.
ايليٽ 1957ع ۾ پنهنجي پرائيويٽ سيڪريٽري سان وري شادي رچائي ۽
پنهنجي حياتيءَ جي پويان سال گهريلو زندگي نموني
سان گذاري.
آخرڪار 1965ع جي جنوري مهيني ۾ هن وفات ڪئي. هن کي مرڻ بعد وڏي
۾ وڏو قومي اعزاز ڏنو ويو.
ايليٽ ويهين صديءَ جي قد آور شخصيتن مان هڪ اهم حيثيت جو مالڪ
آهي. هن جي حياتيءَ جا ٽي دور يا حصا آهن ــــ
بحيثيت شاعر، نثر نويس ۽ ڊرامه نگار.
ايليٽ، شاعر جي حيثيت ۾:
ايليٽ بنيادي طور تي شاعر آهي. سندس نثر کڻي ڪيترو به اهميت
وارو هجي، پر اهو به اسان کي هن جي شاعريءَ کي
سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
انگريزي قوم کي جنهن ادبي صنف تي ناز آهي، اها شاعري آهي.
شاعريءَ ۾ هوءَ يورپ جي سڀني قومن کان اڳڀري آهي.
انگريزي ادب جي تاريخ پڙهڻ سان اهو پتو پوي ٿو ته
شاعريءَ جي صنف ترقي پذير پئي رهي آهي؛ مگر
اڻويهين صدي جي آخري چوٿائي ۽ ويهين صدي جي پهرين
ڏهاڪي ۾، شاعر ته کڻي گهڻائي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر
انهن منجهه هڪ به اهڙو ناهي جنهن کي ”عظيم شاعر،
ڪوٺي سگهجي. رومانوي دور جي شاعرن جيڪي گهڙا ڀريا
هئا، جن جا تاثر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي چڪو
هو. اهي مٽ يا گهڙا ڄڻ ته سڪي چڪا هئا، هاڻي فقط
”لفظي تڪرار“ ڄڻ بچيو هو.
انگريزي شاعريءَ جي هن خشڪساليءَ واري دور ۾ اسان کي آمريڪا جي
سرزمين تي ٻه نوجوان شاعر اڀرندي نظر آيا ـــ هڪڙو
ازرا پائونڊ ۽ ٻيو ٽي. ايس. ايليٽ. هنن جي شاعريءَ
۾ نئون روح، فن ۽ فڪر، طرز ۽ انداز بيان ڏسڻ ۾ اچي
ٿو.
ايليٽ جڏهن شاعري شروع ڪئي، تڏهن اها صنف پنهنجي اهميت وڃائي
چڪي هئي. پڙهيل لکيل ۽ سنجيدي قسم جا ماڻهو ان کان
بيزار ٿي چڪا هئا. ايليٽ جي اها ڪوشش رهي ته هو
شاعريءَ کي وري اُن عروج تي آڻي ته جيئن اعليٰ
تعليم وارا ماڻهو به ان مان لطف حاصل ڪن. ان لاءِ
هن شاعريءَ جي عام استعمال کي ڇڏي ڪري، ”مشڪل ۽
مبهم“ طريقو اختيار ڪيو. ان ڪري سندس شاعري به
مشڪل بڻجي وئي. اها وري وري پڙهڻ ۽ غور ڪرڻ کان
سواءِ سمجهڻ مشڪل آهي. ان ۾ عنوان، حوالا ۽ لفظ
اهڙا استعمال ٿيل آهن، جو علم پڙهندڙ جو ذهن
اوستائين وڃي ئي نه ٿو سگهي.
ايليٽ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو 1917ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ اٺن
سالن دوران لکيل شاعري شامل هئي. انهن نظمن ۾
نمايان نظم ”Love
Song of Alfred Prafrock“
آهي. هن نظم ۾ هڪ پوڙهي عاشق جو ذڪر ڪيو ويو آهي،
جيڪو پنهنجي محبوبه سان روز شام جو گهمندو رهي ٿو،
پر عشق کي مقدس امانت سمجهي، سيني ۾ سانڍيو اچي
ٿو؛ سڄي عمر گذرڻ کان پوءِ به ان جو اظهار نٿو ڪري
هن نظم ۾ عشق ۾ محبت جو تقدس برقرار ان ڪري عام
رولو عاشقن کي ڪو مزو نه ٿو اچي. هن مجموعي ۾ ٻين
نظمن کان علاوه
Protrait of alady ۽
Gerontion
مشهور ۽ تعريت لائق ايلٽ جا ٻه مجموعا شاعري جا هر
هڪ 1999 ۽ 1920 ۾ نيويارڪ ۾ ڇپيا هئا پر هن جي
شاهڪار نظم
“The Waste Land”، جيڪا پهرين نيويارڪ ۾ (1922ع ۽ 1925ع) ۽ پوءِ لنڊن ۾ ڇپي، هن
نظم دنيا ۾ ڌماڪو ڪري ڇڏيو. هن نظم جو فارم ۽
انداز بلڪل انوکو آهي. چار سئو ٽيٽيهه سِٽن تي
مشتمل هي نظم، جديد انگريزي شاعريءَ ۾ هڪ شاهڪار
نظم جي حيثيت ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هن نظم جا
پنج حصا آهن، جيڪي عام طور تي هڪ ٻئي کان جدا ٿا
لڳن، پر وري وري پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته انهن جو
پاڻ ۾ گهاٽو ڳانڍاپو آهي. هن نظم ۾ اٽالين، جرمن،
فرانسي ۽ سنسڪرت ٻولين جا لفظ ۽ استعمال ۾ ايندڙ
محاورا به ڏنا ويا آهن. هن نظم جي عنوان مان پتو
پوي ٿو ته هن ۾ هڪ اهڙي دنيا جو ذڪر ڪيو ويو آهي،
جيڪا برباد ٿي چڪي آهي ۽ هر طرف ويراني ڇانيل آهي.
هن نظم جي شاعرانه عظمت سان گڏوگڏ، پنجن حصن ۾
ورهائجڻ ڪري ان مان ڊرامائي تاثر به ملي ٿو. ايليٽ
جي عظيم شاهڪارن مان هي نظم سرفهرست آهي. هن کان
علاوه
“ The Hollow men”, “The Four Quartets”, ۽“Ash
Wednesday”, “East Coker”
به عظيم شاهڪارن ۾ شامل آهن.
ايليٽ، نثر نويس جي حيثيت ۾:
ايليٽ جي نثر جو مطالعو ڪرڻ سان اسان اهو چوڻ تي مجبور ٿا ٿيون
ته: ”ايليٽ هڪ ئي وقت عظيم شاعر به آهي ته اعليٰ
قسم جو نثر نويس به.“ هن جي نثر پڙهڻ سان خاص طور
تي ڌارين (انگريزي کان علاوه) ٻولين وارن کي گهڻو
فائدو رسي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس شاعري عظيم
آهي، پر شاعريءَ کي سمجهڻ ٿورو مشڪل ڪم هوندو آهي،
ان جي برعڪس نثر سمجهڻ آسان آهي. ان ڪري ئي ايليٽ
جو نثر ۽ خاص طور تي سندس ”تنقيد“ اسان لاءِ وڏي
اهميت واري آهي.
اسان کي اهو پڙهي ايليٽ جي تنقيدي ۽ تخليقي صلاحيتن جو اعتراف
ڪرڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس اهي ٻئي صلاحيتون
پنهنجي پنهنجي جاين تي جدا حيثيت رکيون بيٺيون
آهن. اهي هڪ ٻئي تي اثرانداز ڪونه ٿين. ايليٽ جي
اندر وارو شاعر انوکي انداز سان تخليق ۾ مصروف
آهي. سندس مذهبي عقيدي جي ڇاپ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه
ايندي، ڇاڪاڻ ته هو فن کي آزاديءَ سان پيش ڪرڻ جو
قائل آهي. حالانڪ سندس مذهبي نظريو رجعت پسند
رهيو. پر هن کي پنهنجو شخصي فعل سمجهي دل جي دکيءَ
۾ رکي ڇڏيو.
ايليٽ جي اندر وارو نقاد بلڪل پنهنجي مقرر ڪيل اصول
Objective Corelative
تحت پنهنجي وندر واري واٽ وٺيو اڳتي وڌندو رهيو،
جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي ايليٽ جا تنقيدي شاهڪار
مضمون مليا، جن جي ذريعي ڪافي ادبي تنقد جا مسئلا
حل ٿي پيا. ايليٽ جي مضمونن مان چند مضمون جهڙوڪ:
’روايت ۽ انفرادي صلاحيت‘، ’تنقيد جو مقام‘،
’شاعريءَ جو سماجي ڪارج‘، ’ڪلاسڪ ڇا آهي‘ ۽ ’ملٽن‘
وغيره تمام سٺا تنقيدي شاهڪار آهن.
ايليٽ جي تنقيدي بصيرت پنهنجي همعصرن کان مڙئي مٿڀري آهي. هو
وسيع مطالعي جي باوجود، ’ادب‘ کي فڪر جو مرڪز
بڻائي ٿو. هو ’ڪروچي‘ (فرانس جو فلسفي) جيان،
تنقيد کي فلسفي جي شاخ بنائي نه ٿو پيش ڪري، يا
’رچرڊ‘ (انگريز نقاد) وانگر ادب کي سائنسدان
جي نظر سان پڙهي ان کي علم نفسيات جو حصو نه ٿو
سڏي، پر ايليٽ جو انداز فڪر ۽ تنقيدي تعليم پنهنجي
جاءِ تي هڪ عظيم تخليق آهي. هو پنهنجي منفرد انداز
۾ اهو قول پيش ڪري ٿو ته ’تخليق لاءِ بي خبري شرط
آهي ۽ تنقيد لاءِ با خبري.‘ ڇاڪاڻ ته تخليق ڪار کي
اها خبر نه هوندي آهي ته هو ڇا تخليق ڪندو، پر
نقاد کي فن ۽ فڪر کان باخبر هجڻ کپي. ان ڪري جيڪا
تنقيد فڪر کان خالي ۽ هوا ۾ لٺيون هئڻ برابر هوندي
آهي، ان کي ايليٽ ادب کان خارج سمجهندو آهي ۽ اهڙي
تنقيد کي هو، ’ڪتابي يا نصابي تنقيد‘ ٿو ڪوٺي.
ايليٽ ان قسم جي تنقيد کي هاڃيڪار ٿو ڪوٺي، ڇاڪاڻ
ته نئون نسل اهڙي تنقيد پڙهي کوکلو ٿي وڃي ٿو، فن
۽ فڪر کان خالي ٿيندو وڃي ٿو. ايليٽ لاءِ تنقيدي
اوتري اهم ۽ اڻٽر آهي، جيترو جسم لاءِ ساهه کڻڻ جو
عمل ناگزير آهي.
ايليٽ، بحيثيت ڊرامانگار:
ايليٽ جي تنقيد ۽ ٻيون تحريرون جيئن سندس شاعريءَ جي ڪک مان
نڪتل ٿيون ڏسجن، عين ان طرح، ڊرامه نگاري به هن جي
شاعريءَ جو هڪ ٻيو روپ آهي.
ايليٽ پنهنجي جڳ مشهور ليڪچر، ’شاعري ۽ ڊرامه’ (1949ع) ۾ ڪافي
تفصيل سان انهن ٻنهي تي روشني وڌي آهي ۽ صاف لفظن
۾ ٻڌايو اٿس ته ’منظوم ڊرامه‘ ادب جي سڀ کان بهتر
صنف آهي. زندگيءَ بابت جيڪي ڪجهه شاعريءَ ۾ پيش
ڪري سگهجي ٿو، اهو وڌيڪ بهتر طور تي ڊرامي ۾ پيش
ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان جي ادائگي جيئرن جاڳندن
ڪردارن جي روپ ۾ سڀني جي آڏو وڌيڪ اثرائتي نموني
سان پيش ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جو ديرپا ٿئي ٿو.
جهڙيءَ طرح ايليٽ جي شاعريءَ کي پراڻن پيمانن ۾ ماپڻ مشڪل آهي،
اهڙيءَ طرح هن جا ڊراما به ڪاميڊي يا ٽرئجڊي جي
ڏسيل طريقن تحت ناهن. هن جي ڊرامن ۾ اهي اصول ئي
مٽجيو وڃن. مٿس يوناني ڊرامن ۽ ڊانٽي جو اثر گهڻو
ٿو ڏسجي.
ايليٽ جي لکيل ڊرامن ۾، جيڪي هن زندگيءَ جي آخري دور ۾ لکيا،
اسان کي غم ۽ خوشيءَ جو سنگم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس
پهريون ڊرامو
‘Murder in the Cathedral’،
جيڪو عنوان تحت ٽرئجڊي لڳي ٿو، پر ان جي اختتام کي
ايليٽ ڪاميڊي بڻائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿامس بيڪٽ
جي موت کي ڪليسا سان شادي ڪري پيش اٿس، جنهنڪري هو
هڪ مثالي هيرو بڻجي وڃي ٿو. حالانڪ هن کي ڪليسا ۾
سپاهي اچي قتل ٿا ڪن، جن کي پادريءَ اهڙو حڪم ڏئي
موڪليو هو.
ايليٽ جو ٻيو ڊرامو آهي
‘The family reumon’
، جيڪو انگلنڊ جي سماج جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾ مفاد
پرستي ۽ ذهني خلفشار جو نمونو ڏيکاريو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح سان ايليٽ پنهنجن ٻين ڊرامن،
‘The Confidential Clerk’, ‘The Elder Ratesman’.
۽
‘The Ceektail Party’
۾ به پنهنجي سماج جي اوڻاين کي اگهاڙو ڪري ننديو
آهي.
ايليٽ جي ڊرامن کي جيڪڏهن سندس شاعريءَ جو ٻاهريون يا عملي روپ
چئون ته بجا ٿيندو. هن انهن کي شاعريءَ جي جديد
ٽيڪنيڪ تحت لکيو ۽ مقبول بنائڻ گهريو، عين ان طرح
جيئن شيڪسپيئر بلئنڪ ورس کي پنهنجي دور ۾ ڪامياب
بنايو هو. ايليٽ به پنهنجي ڊرامن آزاد نظم جو ڪثرت
سان استعمال ڪيو آهي ۽ شيڪسپيئر کان پوءِ اٽڪل ٽن
سؤ سالن گذرڻ بعد منظوم ڊرامي جي روايت کي وري
زنده ڪيو ۽ نه فقط روايت کي جيئاريائين، بلڪ ان ۾
جدت به شامل ڪري ڏاڍي خوبصورتي سان سينگاري پيش
ڪيو اٿس.
ايليٽ ويهين صديءَ جي قدرآور شخصيتن مان هڪ آهي. هو پنهنجي
آمريڪي مزاج سميت روايتن، مذهبي اصولن ۽ عقيدن کي
سيني سان لڳائي اڳتي وڌندو رهيو. هن ادب ۾ رومانيت
ڪئي ۽ وڏين شخصيتن سان ادبي اصولن تي اختلاف ڪيو.
انهن وڏن اديبن ۾ شيڪسپيئر، ملٽن، ڪالرج، گوئٽي ۽
روسو وغيره جهڙا وڏا عالم اچي ٿا وڃن.
ايليٽ ادبي ميدان ۾ ان وقت داخل ٿيو جڏهن سماج ۾ رومانيت کان
بيزاري، ڪلاسيڪيت طرف لاڙو، فرانسي اشاريت پسندي،
هندو مت جو مطالعو، گيتا جي قصن سان دلچسپي ۽ آزاد
نظم جهڙا انوکا تجربا ٿي رهيا هئا. هي ساڳوئي دور
هو جڏهن ان وقت جا انسان پهرين عالمي جنگ جي
تباهڪارين کان بيزار ٿي سڪون جي تلاش ۾ وري مذهب
جي در تي سوالي ٿي اچڻ لڳا هئا. انهن حالتن جو
فائدو وٺندي ايليٽ، پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اهڙي
نموني استعمال ڪيو ويو جو داد حاصل ڪري ويو ۽ ٻين
سڀني کي پوئتي ڇڏي ويو.
يورپ جي ادب ۾ عام طور تي انگريزي ادب ۾ خاص طور تي ايليٽ جي
شخصيت ۽ سندس رهنما اصول، مشعلِ راهه جيان آهن. هر
سنجيده اديب کي اهي ضرور پڙهڻ گهرجن. هو اسان کي
صاف لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته هر ٻوليءَ جي عظيم ادب جو
اهو ڪم آهي ته ان ۾ زندگي گذارڻ جو مڪمل رنگ ۽ ڍنگ
هجي ۽ اها مثالي هجي جو منجهس قوم جي امنگن کي
ترجماني ٿئي ۽ ان جو اديب پنهنجي تخليقي قوتن جي
زور تي افاقي قدرن سان ٽمٽار هجي. اهڙو سبق اسان
کي ايليٽ جي مطالعي مان حاصل ٿئي ٿو.
ٽي. ايس. ايليٽ ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۽ علم ادب تي به گهرو
اثر ڇڏيو ۽ پاڻ به هندو ۽ ٻڌمت کان متاثر ٿيو آهي.
ڇاڪاڻ ته هن جي نظمن،
The Waste Land
۽
The Four Quartets
۾ اسان کي هندو، ٻڌمت ۽ سنسڪرت جا حوالا ملن ٿا.
سڀ کان پهريائين ايليٽ بنگالي تنقيدي ادب کي متاثر ڪيو. بنگالي
ادب م ترجمو ڪرڻ وارا هئا ٽئگور ۽ سُڌن دَتا.
ٽئگور ايليٽ جي هڪ نظم
‘Journey to Magi’
کي 1931ع ۾ ترجمو ڪيو هو ۽ عنوان ڏنو هئائينس،
’تيرٿا جاترا‘. هن نظم کان ٽئگور ڏاڍو متاثر ٿيو.
سُڌن دتا، بنگالي ادب ۾ صنعتي ترقي ۽ سماجي ڊوڙ جي
خراب اثرن کي محسوس ڪيو ۽ کيس پنهنجي ادب ۾
‘Waste Land’
ڏسڻ ۾ آئي. ان اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ سُڌن دتا،
ايليٽ جو ترجمو بنگالي ٻوليءَ ۾ ڪيو ۽ هن جي
تنقيدي نظرين کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان طرح سان
بنگال جا ڪيترا اديب ايليٽ کان متاثر ٿيا، جن ۾
بشنوديؤ، مقامي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر پيش
پيش هو.
ايليٽ، اردو ادب ۽ ٻوليءَ کي ڪافي حد تائين متاثر ڪيو آهي.
ڊاڪٽر جميل جالبيءَ ايليٽ جا چونڊ مضمون ترجمو ڪري
وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.
ڊاڪٽر ابؤالخير ڪشفيءَ، اردو ادب جي مشهور پروفيسر جو چوڻ آهي
ته: ’ايليٽ، اردو ادب کي ايترو ته متاثر ڪيو آهي
جو اسان کي پنهنجا نظريا ۽ سوچ کي مٽائڻو پئجي
ويو. خاص طور تي تنقيدي سوچ کي وڌائڻ ۾ ڪافي مدد
حاصل ٿي.‘ مشهور ناول نگار خاتون قرت العين حيدر،
پنهنجي ناول ’آگ کا دريا‘ جو آغازئي ايليٽ جي نظم
سان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سان ٻيا به ڪيترا ليکڪ
آهن، جيڪي ايليٽ کان متاثر ٿيا آهن.
انگريزي ۽ اردو ادب جي مشهور ليکڪ ۽ نقاد مرحوم ڊاڪٽر احسن
فاروقي لکيو آهي ته اردو ادب جي تنقيد واري صنف ۾
مولانا حاليءَ کان پوءِ جيڪڏهن ترقي ٿي آهي ته اها
ايليٽ جي مرهون منت آهي.
سنڌي ادب ۾ به ايليٽ کي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پر مٿس قلم ڪونه
کنيو ويو آهي. سڀ کان پهريائين سائين محمد ابراهيم
جويي، ايليٽ جو مضمون ’شاعريءَ جو سماجي ڪارج‘
ترجمو ڪيو هو، جيڪو ٽماهي مهراڻ 1960ع جي (3 ـــ
4) جلد ۾ ڇپيو هو ۽ هڪ دفعو ٻيهر هڪ پاڪستان جي
پهرين اسٽائيل واري مئگزين ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز،
تنوير عباسي ۽ مولانا غلام محمد گرافيءَ به ايليٽ
کي حوالي طور پنهنجين لکيتن ۾ ڪم اندو آهي. تازو
سائين ذوالفقار شاهه راشديءَ به پنهنجي شعري
مجموعي ’سوچ کي لوچ’ جي مهاڳ ۾ ايليٽ کي حوالي طور
ڪم اندو آهي. راقم الحروف، ايليٽ جو مڪمل ترجمو،
’ايليٽ ـــ هڪ مطالعو‘، جي عنوان سان ڪيو آهي. هي
مضمون تعاون طور پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.
ڪهاڻيون
”ادب جا جيترا به شعبا آهن، تن ۾ ’ڪهاڻي‘ سڀ کان زياده زندگيءَ
جي عميق رازن جي نقاب ڪشائي ڪري ٿي؛ سڀ کان وڌيڪ
معاشري جي تهذيب ۽ تمدن جي رفتار کي تيز ڪري ٿي؛
سڀ کان زياده انسانيت جي سچي تصوير ڪڍي ٿي ـــ ڇو
ته ڪهاڻيءَ جي خاڪي ۾ هر طرح جي نقش نگاريءَ کي
آڻي ۽ سموهي سگهجي ٿو. داخليت ۽ خارجيت جي آميزشِ
زمان ۽ مڪان جو ڀرپور احساس، انساني فطرت جي مختلف
عنصرن جي تشريح، انساني زندگيءَ جي مقصدن ۽ مرادن
جي وضاحت، ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڪٿي به نه ملندي.
اهوئي سبب آهي، جو ’ڪهاڻي‘ ۾ هر دؤر جي زندگيءَ ۽
طرز معاشرت جو پورو پورو عڪس اچي ۽ رچي وڃي ٿو، جو
نه رڳو ادبيات، پر تاريخي قدرن ۽ تهذيبي معيارن جو
اهم ترين جُز بڻجي وڃي ٿو.“
ــــ مولانا غلام محمد ”گرامي“
ڪُڇان تان ڪُوڪ ٿئي
حميد سنڌي
هو منهنجي سامهون زور سان کنگهي رهيو هو، ۽ ڪنهن گهڙيءَ پوتڙو
منهن کي ڏئي پيو ته ڪنهن مهل ساڻو ٿي پوتڙي جو
پلئه پري پئي ڪيائين. مون کيس چتائي پئي ڏٺو. سندس
جوڀن ته ختم هو، پر سندس منهن ۾ رت ڦڙو به نظر نه
پئي آيو. هڏائين منهن ۽ جسم سان هو ساڻو ٿيو پيو
هو. ڀرسان ويٺل سندس پٽڙي پرگهور پئي ڪئي. ڪنهن
ڪنهن مهل هو سامت ۾ پئي آيو. مان سندس اهڙو حال
ڏسي پاڻ بي حال ٿي ويو هوس. هڪ ته اسين ورهين
ڪرهين ڳوٺ وڃون، سو به پنهنجي دلبرن ۽ پيارن جا
ههڙا ڏوئيندڙ نظارا ڏسون، اصل دل ڦٽجي پَئي. مون
ڊاڪٽر کي ته ماڻهو موڪليو هو، پر ڪاوڙ ۾ هرهر
کانئس پڇيم پئي، ”اڙي ههڙا حال ڪيئن ٿيئه موسيٰ!
اڙي چاڪ چڱو ڀلو ته ڇڏي ويو هومانءِ. سڀڪجهه ته
هيئه، هي سال کن ۾ ڇا ٿي ويئه!“
هو جواب ته ڪونه پيو ڏئي، پر کنگهندي هڪ آڱر مٿي آسمان ڏي ڪري،
رب جي مرضي تي ڄاڻايائين. کيس دوا درمل دارون کان
ڪنهن جهليو ته ڪونه هو، يا ان کان به ويو هو جو
پاڻ کڻائي مون تائين پهچي ها. ڪاوڙ پئي آيم، ائين
ڪندي مون وارو سؤٽ ڊاڪٽر اندر اوطاق ۾ گهڙيو.
”ايتري دير!“
”دڪان تي رش هئي.“
”ها بابا! پيسن وارن کي ڏسندو، هنن غريبن کي ڪاٿي ڏسندو.“
”هن موسي غريب کان پڇ ته ڪيترن ڏينهن کان مون وٽ ايندو آهي،
ڪڏهن پائي پئسو ورتو اٿمانس؟ توهان جو پراڻو نوڪر
آهي ته اسان جو پراڻو يار آهي. سندس هوٽل تي جام
مال کاڌا اٿئون ـــ ڪيئن موسيٰ!“
موسو ڦڪي کل کليو ۽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ لڳو.
”ڪمال آ، موسو هيترن ڏينهن کان بيمار آ. مون کي خبر نه آهي، ۽
نه وري ڊاڪٽر اهڙو ٿيو آهين، جو کيس اڃا تائين ٺيڪ
ڪري نه سگهيو آهين.“
مون واري سؤٽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ ڇڏي، مون ڏي خار مان نهاريو.
”هڪ ته ٽي. بي اٿس، ٻيو ڪري هوٽل تي باهه جو ڪم. وري دوا دارون
کان به آڱوٺو ته ڏينهن نه لڳندا ته ڇا ٿيندو. هوئن
به هاڻ هن ۾ رهيو ڇاهي. توکي خبر آهي ته سندس هاڻ
ڪهڙا حال آهن. اهو جهڳيءَ ڇاپ روڊ وارو هوٽل جو تو
کيس ڪڍرائي ڏنو هو، سو بند پيو آهي. گذر سفر لاءِ
پائي پيسو ڪونهي. هنن غريبن کي اهي بيماريون لڳن
ٿيون وڻ ويڙهيءَ وانگر، جڪڙي نپوڙيو نهوڙين.“
مون حيرانگيءَ مان موسي ڏي ڏٺو. هن ڪنڌ سان هائو ڪئي ۽ وري به
آڱر مٿي کڻي رب جي رضا ڄاڻايائين. مون يڪدم نظر
ڦيرائي ڊاڪٽر کي ڏٺو. هو نسخو لکڻ ۾ پورو هو. پوءِ
ڪنڌ کڻي ڏانهس نهاريو ۽ چيائينس: ”دوائون لکي ٿو
ڏيانءِ، باقاعدي کائيندين ته شفا به ٿيندءِ. ها،
جوڻهين وري ڪم تي نه ٿي اچي. چئجانئس لالچ ۾ منهن
نه وجهي، هي اسان واري ويڙهي وارا گهر ايترو ڏينس
ٿا، پوءِ ڇو ٿي در در نڪري ڀٽڪندي وتي.“
پوءِ ڊاڪٽر کيس سُئي هنئي ۽ تڪڙو تڪڙو ائين چوندو ويو، ”يار
هاڻي سالن کان پوءِ آيو آهين ته پنهنجي پياري موسي
کي سنڀال، هٿن مان ويندءِ هليو.“
مون ڏانهنس نهاريو به نه ۽ موسي جي منهن ۾ نهاريو. هو خاموش
اوطاق جي گلم تي ليٽيو پيو هو. سندس پٽ سندس پُٺي
پئي مَهٽي. مون پٽس ڏي ڏٺو، الائجي ڇو مون کي موسي
جي جواني ياد اچي وئي. پٽس جا مهانڊا به اُهي ئي
هئا، جيڪي پڻس جا هوندا هئا. موسو ڇوڪراٽ ئي هو جو
منهنجي پيءُ وٽ نوڪري ۾ گهڙيو. اسين تنهن وقت ٻار
هوندا هئاسين، پر هو جنهن نموني سان اسان ٻنهي
ڀائرن جي خدمت ڪندو هو ۽ ساٿ ڏيندو هو ڄڻ اسان جو
سَنُ آهي ۽ هڪ جيڏو سرتو آهي. اسان به کيس پنهنجن
دوستن وانگر سمجهندا هئاسين، توڙي کڻي جوان ٿي
وياسين، نوڪرين وارا ٿي وياسين، پر موسي کي نوڪر
نه سمجهيو هو. هو سنهڙي هڏڪاٺ وارو پر سهڻو جوان
نڪتو. اسين سندس فيشني گلن وارا وار ۽ چوٽا ڏسي،
بابي کي دانهن ڏيندا هئاسين. هن به کيس پٽن وانگر
پاليو هو، مرڪي دڙڪو ڏيندو هئس: ”موسيٰ!
ماريندوسانءِ، هڪ ته پاڻ فيشني ٿيو آن، وري مون
وارن پٽن کي به کارين ٿو.“
اسان يڪدم پنهنجن اڌوگابرن فيشني وارن کي هٿ کڻي گُلُ ڊاهي سڌو
ڪرڻ جي ڪندا هئاسين، وقت کي پَرَ هئا يا نه، پر
وقت اسان کي ائين اورانگهي ويو هو جو موسي جهڙو
جوان پَٽ تي پيو هو ۽ سندس پوتڙو رت سان ڀريل هو!
مون کي اهو وقت به ياد هو، جڏهن موسي سان اسان جو ناتو انسان
دوستي ۽ ڀائپي وارو وڃي رهيو هو ۽ موسي اسان جي
نوڪري ڇڏي پنهنجو گهر وسايو ۽ هڪ جهوپڙائين هوٽل ۾
وڃي چانهه ٺاهڻ لڳو. پوءِ اتي ئي ماني جو ڌنڌو
کوليائين. پوءِ تريل گوشت جون چانپون، سيخ ڪباب ۽
ٻيون شيون ٺاهڻ لڳو، جو شهر جو شوقين روڊ تي گهمڻ
ويندا هئا ته موسي جي هوٽل تي ڪباب يا چانپون ضرور
کائيندا هئا. مان عيد براد جڏهن به ڳوٺ ويندو هئس
ته موسي سان ڪچهري به هلندي هئي ۽ سندس ماني به
کائبي هئي. جي نه ويندو هئس ته ڪڏهن چانپون، ڪڏهن
ڪڪڙ ڀُڳل، ڪڏهن ڇا ته ڪڏهن ڇا، ڍاڪئان ڀري گهر
موڪلي ڏيندو هو. هڪ ڏينهن جيئن شام جو گهر پهتس ته
ڏسان موسي وارا ڍاڪئان ٻوڙ پلاءُ ۽ چاشني سان ڀريل
هئا. مون امڙ ڏي نهاريو، مرڪي چيائين: ”موسي جي اڄ
شادي اٿئي، رات نڪاح اٿس، الائي ڪيترا دفعا پڇڻ
آيو آهي ته مون وارو صاحب آيو يا نه.“
مان تڙ ٻڙ ڪري، ڪپڙا مٽائي، اوطاق تي پهتس، ته موسو بيٺو هو.اصل
کنڀي ويو، اسان به کيس ڳائي وڄائي پرڻايو . سندس
شادي اهڙي ٿي جو اُتي جي راڄن به گهٽ ڏٺي ٻڌي
هوندي. موسي وارن جو ڳوٺڙو شهر کان پرڀرو اسٽيشن
جي پاسي ۾ هيو. سندن گهرن ڏي وڃڻ لاءِ همٿ کپندي
هئي. مان وٽس ايستائين ويندو رهيس، جيستائين وري
هو ڪم تي نه چڙهيو ۽ مان واپس نوڪري سانگي هليو
ويس. هڪ ڏينهن هو جيئن آيو ته هو مون کي گهر وٺي
هليو، سنڌو اندر کڻي ويو. اڱڻ ۾ ٻه کٽون پيون
هيون، هڪ کٽ تي هڪ سهڻي سبيتي نينگر ويٺل هئي. اصل
ٽِڙيو پيو. چي: ”ڏس صاحب! هيءَ اٿئي منهنجي ڪنوار
نوران! آهي نه سهڻي!“
مان ڪا گهڙي کيس ڏسندو رهيس. نينگر واقعي سهڻي هئي، جسم ۾ ڀريل.
اُٿي بيٺي ۽ هٿ ڏيڻ لاءِ رئي جو پلئه جهليائين ته
منهنجي ڪلهي تائين تي آئي. هلي ٿي ته اصل ڊيل هئي.
رنگ جي ڀوري، منهن ۾ مشعالون پئي پريس. سندس ڪارا
ڀنڀا وار گوري منهن تي ٺهيا ۽ جرڪيا پئي، ۽ سندس
وارن ۾ هڪ عجيب سونهن هئي. عجيب وڻاءُ هو. هلي پئي
ته سندس چوٽم ڪيل وار لهرو کائيندا وَرُ واسنيگ
جيان پئي وريا. مون کي هوءَ مڪمل سونهن جو جوڙيل
پتليءَ جيان لڳي جنهن ۾ ڪابه ڪمي ڪانه هئي. کلي
پئي ته ڏند جرڪيس پئي. ”واقعي يار! ڪنوار ته ڀلي
ملي اٿئي.“ مون کيس وَرُ وَرُ ڏسندي چيو. ويچاري
نئين ڪنوار هوندي به چڱي خدمت ڪئي. جيسين ماني
پچائي نه کارايائين تيسين کيس آرام نه آيو. وري جو
مون کي ڏورانهين نوڪري ملي ته مان ڏانهن گهر لڙيس
به ڪونه، باقي جڏهن به ڳوٺ اچيو ته موسي جي هوٽل
تي ضرور وڃبو ۽ ڪچهري ضرور ڪبي. موسي ٻه ٽي دفعا
صلاح هنئي ۽ ماني جي دعوت ڏني، پر اسان جو پير پٽي
تي به ته هجي. ڌار هوٽل ڪڍڻ چاهيائين ته بنهه
جهونپڙائين ڪَچي پڪي مَناهين ٺهرائي ڏني مانس ۽
سندس پنهنجو هوٽل زور تي هلڻ لڳو: پر هاڻ هو اصل
اچي لالچ ۾ پيو. ٻارهوئي چلهه تي چڙهيو ويٺو هوندو
هيو. باهه هڻي سٽي وڌس. ٻه ٽي دفعا بيمار ٿيو ته
زوري شهر وٺي وڃي سندس علاج چڱيءَ طرح ڪرايو مانس
۽ همراهه وڃي ڪرت سان لڳو. ڊاڪٽرن اِهو تاڪيد ڪيو
هوس ته باهه جو ڪم گهٽ ڪر. پر همراهه به ته مڙي.
همراهه اولادي ٿيو، ته پٽن جي طهرن جون خوشيون
ڪيائين ۽ مٺايون اچي اسان کي شهر پهچايائين.
سندس منهن تي مرڪ ته هوندي ئي هوندي هئي. اُن وقت جي مرڪندو هيو
ته اڄ هئڙي هيڻي حال ۾ به مرڪ ساڻي هيس.
مون يادگيرين کي سندس مرڪندڙ منهن ۾ پئي پسيو. هاڻ سندس کنگهه
بند هئي، هو اُٿي ويٺو هو ۽ وڃڻ جي موڪل گهريائين.
”چيم ته حياتي الائي باقي گهڻا ڏينهن، سور وڃي پنهنجي صاحب کان
موڪلائي اچان.“
”خير. خير آ. پر تون پاڻ ڇو آئين، نياپو ڪرين ها.“
”مون پنهنجي صاحب جي پئي حاضري ڀري آ. وڏو صاحب اڄ دنيا ۾ ڪونهي
پر اُنهيءَ جي اولاد جي هن دنيا ۾ مان ويندي ويندي
به حاضري نه ڀري وڃان ته پوءِ لعنت آ.“ هو سهڪيو
پئي. مون کيس پاڻي پياريو. هو پاڻي پي اُٿي کڙو
ٿيو. مون کيس ٻانهن کان وٺي اچي موٽر ۾ اڳيان
وهاريو. اصل وهلور پيو وڃي پر کيس ۽ پٽس کي کڻي
آيس سندس ڳوٺڙي. سندس گهر اسٽيشن پريان هيا، مون
گاڏي اسٽيشن اوريان جهلي. کيس آهستي آهستي ريل جو
بند ٽپائي اچي گهر ڀيڙوڪيم. جڏهن کيس اچي اڱڻ ۾
ليٽايم ته اُهي ئي ٻه کٽون پيون هيون، جن تي هڪ
ٻار ۽ ٻارڙي ويٺا هيا؛ ٻيو گهر ۾ ڪير به نه هيو.
گهر ۾ هڪ عجيب خاموشي ۽ ويراني هئي. بنهه ڳوڙها
ڳڙي پيم. ڀرسان ٿي ويٺو مانس، هو چپ چاپ پيو هو.
ڊاڪٽر جون ڏنل گوريون ڦڪايون مانس. آهستي آهستي
کيس گهيرٽ ۾ اچي ويو ۽ هو سمهي پيو. مان اُٿي اڱڻ
۾ چڪر هڻڻ لڳس. ٽي ٻارڙا هيا. شادي کي ست اٺ سال
مس ٿيا هوندس، مون سوچيو هيءُ ننڍڙا ٻار ڪاڏي
ويندا. موسي جي حالت واقعي صحيح نه هئي، مون ايندڙ
گهڙين لاءِ سوچيو. منهنجي نظر ٻاررن جي معصوميت ۽
ويچارپڻي تي کتل هئي. هو ويچارا بڻيا کٽ تي ٽنگون
لڙڪائي ويٺا هيا. سندسن سڪل هڙٻاٽيون نڪتل چهرن تي
ڪابه خوشي ڪانه هئي. اوچتو ننڍڙو ڪڪو ٽپ ڏئي کٽ
تان لٿو ۽ ڊوڙندو دروازي ڏي وڌيو. اڇي برقعي سان
ڪير اندر گهڙيو. هُن ننڍڙي کي کڻي ڀاڪر پاتو ۽ چمي
ڏني. ٻيا ٻئي وڏڙا ويٺا رهيا. هُن اچي واري واري
سان ٻنهي کي ڀاڪر پاتو.
”اوندهه ۾ ڇو ويٺا آهيو. نياز! تو بتي ڇو نه ٻاري آهي.“ هُن وڏي
کي ڇڙٻيندي چيو. هوءَ برقعو اُڇلائيندي، رنڌڻي
واري پاسي تکي وئي ۽ گهڙي ۾ لالٽين کنيو اڱڻ ۾
آئي. مون کي جهڙو اوندهه جو احساس نه ٿيو هو تهڙو
روشني جو نه ٿيو. اُتي ڄميو بيٺو رهيس. اوچتو سندس
نظر مون تي پيئي. هوءَ پهريائين ڇرڪي وئي، پوءِ
لاليٽن اوڀو ڪيائين. لالٽين جي روشني مون تي پئي
يا نه پر سندس نقش چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. پهريئين
اوپري پئي لڳي پوءِ لڳي ته موسي جي اُهائي گهرواري
آهي، جا ڪي ورهيه اڳ هن اڱڻ ۾ ڪنوار بڻجي آئي هئي.
هن گندي ۾ وار ويڙهي گندي پويان ورائي ڇڏي هئي،
سندس سونهن جهڪي ضرور ٿي هئي پر سندس ڏيا ۾ ڪمي
ڪانه هئي.، سندس بت اڄ سنهو ۽ سوس کاڌل پئي لڳو،
پر سندس قد اُهوئي وَرُ کائي وڌيل پئي لڳو. هوءَ
انهيءَ ڊيل چال سان مون ڏانهن وڌي آئي.
”سائين، توهان ڪيڏي مهل آيا.“ هوءَ مون کي چڱي طرح سڃاڻي ويئي.
”بابا صاحب ڏي ويو هو اَمان! بابا کي ۽ مون کي صاحب ڪار ۾ وٺي
آيو آهي، اَمان! بابا کي صاحب سئي هڻائي ۽ دوائون
وٺي ڏنيون، اَمان! بابا کي صاحب گوريون ڦڪايون
به.“ سندسن وڏو پٽ جو اوطاق ۾ به خاموش هو ۽ هت
به، پر هاڻ اصل کُلي پيو. هو ڳالهه ڪندو وڃي ۽
سهڪندو به پيو وڃي.
”چڱو، چڱو. سائين کي وهار ته سهين. تو ته سائين کي چانهه به
ڪانه پياري هوندي.“
هوءَ لالٽين اُتي ئي ننڍڙي ٺهيل دڪي تي ڇڏي وئي. گهڙيءَ کان
پوءِ رنڌڻي ۾ به روشني ٿي وئي. هُن شايد ٻيو
لاليٽن به ٻاريو هو. هوءَ جيسين چانهه کڻي آئي،
مان سندس ويچار ۾ رهيم. سندس سونهن ڀريي هڏ ڪاٺ ۽
وريل بت، اُنهن ساڳين جرڪندڙ ڏندن کي ڏسي خيال
آيم. مون موسي ڏي ڏٺو، هو نشي جي گورين سبب غشي
پيو هو. مون سندس گهر ۾ غريبي جا مڪمل اهڃاڻ ڏٺا.
مون ٻارن کي ڏٺو ۽ سندن مستقبل ڏٺو، بنهه ڇرڪي
ويس. مون هڪدم نوران لاءِ وجهايو ته اُنهي سهڻي
سبيتي جو ڇا ٿيندو. هوءَ جيئن رنڌڻي مان نڪتي ته
سندس چال ۾ ڪو به فرق نه هو، هوءَ ڊيل مثل هئي.
هوءَ هٿ ۾ لوڏ سان ڪوپ کي به لوڏيندي آئي. گندي ءَ
سان پورهيت جيان وارَ ڍڪيل، مرڪندي هُن مون ڏانهن
ڪوپ وڌايو. مون سندس هٿن ڏي ڏٺو، سندس هٿ ڪاراٽيل
۽ باهه جا سڙيل هئا. سندس آڱريون بصر وڍي ۽ مانيون
اُٿلائي، ڦاٽي پيون هيون، اِنهيءَ جهڪي روشني ۾ هڪ
اهڙي روشني به هئي جا آهستي آهستي مون آڏو مشعالون
ٻاريندي پئي وئي.
”تون ڪٿي ڪٿي ڪم ڪندين آن.“
مون کي پنهنجي ڊاڪٽر سؤٽ جا موسي کي چيل جملا ياد آيا. ڏٺم ته
سندس چهري تي هڪ رنگ آيو، پوءِ مرڪي ڏنائين.
”ڪهڙا گهر ڳڻايانوَ. جت به پورهيو ملندو آهي، اُت ويندي آهيان.
پگهار تي بيهان ٿي ته مالڪياڻيون ٽڪي پيسي تي به
ڪِر ڪِر ڪن ٿيون. بس پوءِ جيترو ڊوڙي سگهان ٿي
ڊوڙان ٿي ۽ جيڪي روز سڀني هنڌان مليم ٿو، گنج آهي.
ڪٿي ماني پچايان، ڪٿي جنڊ مليم ته ڪٿي ٿانوَ
ٻهاري.“
مون ڏٺو اصل بنهه کُلي پئي: ”سائين ڏسو سال کن ۾ ڇا ٿي ويو آهي.
هاڻ ته روزگار به بند اٿس. چئي ٿو چاڪ ٿيان ته
نياز کي ڪم سيکاريندس ۽ هوٽل تي ويهاريندو مانس.
هاڻي سائين نياز ڏسو ۽ هوٽل جو ڪم ڏسو. بس چيو
اٿمانس ته دل نه لاهي. جيءُ جاءِ ٿي هيس نه
کارايائين به ته چوڙڻ لاءِ به سڀ ڪي ڏنائين. بس
رَب ڪوکيس تندرستي ڏي، باقي گهر جو خيال نه ڪري؛
مان پورهيو ڪري به پاليندي مان ـــ کيس حيدرآباد
به کڻي ويندم ـــ نياز کي پڙهائي وڏو ڪندم. وري
نياز هنن ٻن پلونگڙن کي سنڀاليندو. ها نه نياز؟“
هوءَ ڳالهائي پئي، مان الائجي ڇو کڙو ٿيندو ويس. هوءَ چوندي هلي
وئي.
”سائين! مڙئي خير آ. مان پورهيي سان پڄي پوندم. موسي جهڙي مڙس
سان سِرُ لڳي. هيءَ سر به گهري ته حاضر آ. شل ڌڻي
هٿ سڄو ڏئيس گهر کڻي وٺبو.“
پوءِ هن جهڪي مڙس جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ ڪوپ کڻي رڌڻي ۾ هلي وئي.
مان کيس ڏسندو رهيس. مون کي هاڻ هن گهر ۾ ڪابه ڪمي يا غربت ۽
ويراني ڏسڻ ۾ ڪانه پئي آئي. هوءَ ٻئي لاليٽن سان
واپس اڱڻ ۾ آئي ته ڏينهن ٿي ويو. سندس هلڻ ۾ اهائي
ڊيل چال هئي. سندس هٿ به پئي انهيءَ رفتار سان
لڏيا. مان آهستگي سان اٿيس ۽ پوءِ ٻارن ڏي ڏٺم،
سمجهيم ته سندن مستقبل به محفوظ آهي. مرڪي ٻارن جي
مٿي تي هٿ رکيم ۽ کيسي مان ڏهين جا ڪجهه نوٽ ڪڍي
کين ڏنم ۽ پوءِ کيس ڏٺم، اهوئي ڏيل اهائي ڏيا،
اهائي سونهن ۽ ڪابه ڪمي ڪانه ـــ ـــ بي اخيتار
کيسي ۾ هٿ وجهي، سَون جا نوٽ ڪڍيم ۽ کيس ڏنم؛ بنهه
مرڪي پئي.
”سائين! ٻارن جي خرچي تائين ته ٺيڪ آهي، پر مون لاءِ نه. توهان
رڳو دعا ڪيو.“
هُن مون کي نوٽ موٽائي ڏنا. الائجي ڇو مون کي ڏک ٿيو. پيسا کيسي
۾ وجهي، جيئن وريس پئي ته نوران بي خيالي ۾ لهندڙ
گنديءَ کي مٿي تان مٿي کنيو ۽ ورائي ڍڪڻ لڳي. مون
جيڪي پل به ڏٺو، انهيءَ مون کي پگهرائي ڇڏيو.
نوران جو سڄو مٿو اڇو ٿي ويو هو. ۽ اڇاڻ چانديءَ
مثل جرڪي پئي. مان ڄمي بيهي رهيس. مون کي هاڻ ڪنهن
ڪميءَ جو احساس ٿيو ۽ پوءِ وڌي مون سندس مٿي تي هٿ
رکيو. هن ويلي سندس ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ هوءَ
اوڇنگارون ڏئي رُئڻ لڳي. |