سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986(2)

 

صفحو :6

ابن بطوطه سنڌ ۾

شيخ ابو عبدالله محمد ابن بطوطه مغرب القصيٰ جي شهر طنجه جو رهاڪو هو. اهو ملڪ اندلس (اسپين) جي حڪومت جي ماتحت هو. اسلامي علمن جي باقاعده تعليم حاصل ڪئي هئائين. خاص طرح سان تفسير، حديث ۽ فقهه رائج هو؛ انهيءَ ڪري هي به مالڪي مذهب جو هو. تصوف سان به کيس دلچسپي هئي. حج بيت الله ۽ دنيا جي سياحتجي ارادي سان هو پنهنجي شهر کان تاريخ ٻي رجب 725هه (1324ع) تي روانو ٿيو. سن 755هه ( 1354ع) تائين دنيا جي مختلف ملڪن جو سير ڪندو رهيو. سفر جي دوران ڪن ملڪن ۾ ڪيترن عهدن تي فائز رهيو ۽ نهايت جرئت ۽ بيبلڪي سان شريعت موجب فيصلا ڏنائين. سفر دوران ياداشتون قلمبند ڪندو رهيو. ان کان پوءِ موٽي وڃي انهن ياداشتن جي بنياد تي پنهنجي گهر ۾ سفرنامو لکيائين. سفر جي دوران محمد بن تغلق جي زماني ۾ سن 734 هه ۾ سنڌ ۾ به آيو. انهيءَ ڪري سندس سفرنامي ۾ سنڌ بابت به احوال ملي ٿو. ان مان سنڌ جي قديم علمي، تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن تي روشني پوي ٿي. ان مان ڪجهه حصو هيٺ ڏجي ٿو:

پهرين محرم سن 734هه جو سنڌو درياهه تان لنگهڻو پيو. هي درياهه دنيا جي تمام وڏن درياهن مان شمار ڪيو وڃي ٿو. اونهاري ۾ هن درياهه مان تمام گهڻو پاڻي وهندو آهي. جهڙيءَ طرح مصر جي زراعت جو دارومدار نيل نديءَ جي ٻوڏن تي آهي، اهڙيءَ طرح هتي جي ماڻهن جو جياپو به سنڌونديءَ جي ٻوڏن تي آهي. هتان هند ۽ سنڌ جي مسلمان بادشاهه محمد تعلق جي بادشاهي شروع ٿئي ٿي.

جڏهن اسان هتي پهتاسون، ته بادشاهه جا پرچه نويس اسان وٽ آيا. اسان جي اچڻ جي خبر هڪدم ملتان جي حاڪم قطب الملڪ ڏانهن موڪليائون. انهن ڏينهن ۾ بادشاهه جي طرفان سنڌ جو امير تيز هو. هي شخص بادشاهه جو غلام ۽ فوج جو سپہ سالار به هو. جڏهن اسان سنڌ ۾ پهتاسون، ته امير سيوهڻ ۾ رهيل هو. سيوهڻ کان ملتان تائين ڏهن ڏينهن جو مفاصلو آهي ۽ ملتان کان دهليءَ تائين پنجاهه ڏينهن جو پنڌ آهي. جيڪي پرچه نويس بادشاهه ڏانهن خبر موڪليندا آهن، اهي ٽپال جي ذريعي فقط پنجن ڏينهن ۾ پهچي ويندي آهي. ٽپال کي هن ملڪ ۾ بريد چوندا آهن. ٽپال ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: هڪ گهوڙي واري، ٻي پيادن جي. گهوڙن واري ٽپال کي ”اولاق“ سڏيندا آهن. چئن چئن ڪوهن کان پوءِ گهوڙو بدلائيندا آهن. گهوڙا بادشاهه جي طرفان موجود رهندا آهن.

 سنڌو درياهه پار ڪري، اسان هڪ بانس جي جهنگل ۾ داخل ٿياسون، ڇاڪاڻ جو اتان رستو لنگهيو ٿي. اتي اسان گينڊو ڏٺو، جيڪو ڪارو ۽ ٿلهو متارو هو. انهيءَ جانور جو سر وڏو ٿئي ٿو؛ پر ڪنهن جو ننڍو به ٿئي ٿو. ان جي ٻنهي اکين جي وچ تي نرڙ تي هڪ سڱ ٿئي ٿو، جيڪو ٽي هٿ ڊگهو ۽ مُٺ جيڏو ٿلهو ٿئي ٿو.

اسان ٻه منزلون هلياسون، ته ”جناني“ نالي شهر آيو. هي وسيع ۽ خوبصورت شهر آهي ۽ درياهه جي ڪناري تي واقع آهي. ان جي پسگردائي ڏاڍي خوبصورت آهي. هن شهر ۾ سومرا قوم جا ماڻهو آباد آهن.

شهر جناني کان هلي اسان سيوهڻ شهر ۾ پهتاسون. هي هڪ وڏو شهر آهي ۽ ريگستان ۾ واقع آهي؛ جنهن ۾ ٻٻر جي وڻ کان سواءِ ٻيو ڪو وڻ ڪونهي. درياهه جي ڪناري تي هنداڻن کان سواءِ ٻي پوک نٿي ٿئي. هن شهر جا ماڻهو جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي ماني کائن ٿا. مڇي هتي تمام گهڻي آهي. مينهن جو کير جام آهي. هتي جا ماڻهو سقنقدر يعني ريگ ماهي به کائن ٿا، جيڪا ڳوهه جهڙي ٿئي ٿي، پر هن کي ڳوهه وانگر پڇ ڪونه ٿو ٿئي. واري کوئٽي اها ريگ ماهي ڪڍن ٿا.

جڏهن اسان هن شهر ۾ پهتاسون، ته گرمي تمام گهڻي هئي. منهنجا هم سفر لڱين اگهاڙا رهندا هئا. هو هڪ وڏو رومال پاڻيءَ ۾ پسائي هيٺ تي ٻڌندا هئا ۽ ٻيو رومال آلو ڪري مٿي تي رکندا هئا. جڏهن اهو رومال سڪي ويندو هو ته ٻيهر آلو ڪري مٿي تي رکندا هئا.

شيباني ۽ شيخ محمد بغدادي

هن شهر جو خطيب شيباني آهي. هن مون کي خليفي حضرت عمر بن عبدلعزيز رضي الله تعاليٰ عنہ جو هڪ پروانو ڏيکاريو، جيڪو سندس ڏاڏي کي خطيب ٿيڻ وقت مليو هو شهر ۾ مون کي هڪ وڏي عمر جو عالم شيخ محمد بغدادي مليو، جيڪو حضرت شيخ عثمان مروندي جي مقبري جي ڀرسان رهي ٿو. مون کي ٻڌايو ويو ته هن جي عمر 120ورهين کان مٿي آهي. هو ان وقت بغداد ۾ موجود هو. جڏهن هلاڪو بن چنگيز بغداد تي حملو ڪري خليفي معتصم بالله کي قتل ڪيو هو. ايڏي وڏي عمر جي باوجود هو تندرست ۽ توانو آهي ۽ پنهنجو پاڻ گهمي ڦري سگهي ٿو.

قاضي علاء الملڪ فصيح الدين خراساني:

هي اصل ۾ هرات جو قاضي هو ۽ هڪ فاضل شخص هو. بادشاهه کان ان کي ”لاهري“ جو حاڪم مقرر ڪيو هو. هو ٻيڙين جي ذريعي سيوهڻ وٽان لنگهيو. مون به ان سان گڏ لاهري وڃڻ جو ارادو ڪيو. ان سان گڏ پنجين ڏينهن لاهري پهتس. هي خوبصورت شهر سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. ان جي ويجهو سنڌونديءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هي شهر وڏو بندرگاهه آهي. يمن ۽ ايران جا جهاز ۽ واپاري هتي گهڻا نظر ايندا. انهيءَ ڪري هي ڏاڍو شاهوڪار شهر آهي ۽ محصول به تمام گهڻو وصول ٿئي ٿو.

لاهريءَ کان مون بکر جو رخ ڪيو. هي ڏاڍو خوبصورت شهر آهي. سنڌ درياهه جي هڪ شاخ ان جي وچان لنگهي ٿي. شاخ جي وچ ۾ هڪ خوبصورت ٻيٽ آهي، جتي هر ايندڙ ويندڙ کي کاڌو ملي ٿو.

قاضي ابو حنيفه ۽ شيخ شمس الدين:

بکر ۾ منهنجي ملاقات امام عبدالله حنفي، شهر جي قاضي ابو حنيفه ۽ شيخ شمس الدين محمد شيرازيءَ سان ٿي. شيخ شمس الدين جي عمر ان وقت 140 سال هئي.

”سيد علي“ جي سلسلي ۾ سنڌ جو نومسلم ڇٽو امراڻي جو نالو اچي ٿو. ضروري آهي ته هن بزرگ جو احوال ڏنو وڃي.

ڇٽو امراڻي

هن بزرگ جو مقبرو سيوهڻ جي ٻاهران اسٽيشن جي لڳ قبرستان ۾ آهي. تاريخ ۾ آيو آهي ته دلوراءِ جو ڀاءُ هو ۽ ان سان گڏ اروڙ ۾ رهندو هو. اروڙ جي ڦٽڻ بابت تاريخ طاهري ۽ تحفته الڪرام ۾ آيو آهي ته دلوراءِ جي ظلمن سبب درياءَ رخ ڦيرايو ۽ شهر ويران ٿي ويو. هو ننڍپڻ ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ برهمڻ آباد ۾ به رهندو هو. انهيءَ زماني ۾ هو اسلام کان متاثر ٿيو، تحفته الڪرام ۾ آيو آهي ته ”خدا تعاليٰ ان کي ننڍپڻ ۾ ئي اسلام جي توفيق عطا ڪئي ۽ هن ان شهر مان نڪري وڃي قرآن شريف ياد ڪيو ۽ اسلام جا عقائد سکيا.“ [1]

برهمڻ آباد جي لڳ منصوره جو شهر هو، جنهن ۾ مسلمان رياست جو حاڪم رهندو هو. اتي وڏا عالم رهندا هئا، جي تبليغ جو ڪم به سرانجام ڏيندا هئا. علامہ سيد ابو ظفر ندويءَ جو خيال آهي ته غالبا انهن عالمن جي صحبت ڪري، قرآن ڪريم جي تعليم حاصل ڪيائين، ۽ حافظ ٿي واپس آيو. ندوي صاحب جي اها وضاحت صحيح معلوم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ جو منصور ۽ برهمڻ آباد جا ڦٽل دڙا اڄ به شهدادپور جي لڳ موجود آهن ۽ هڪ ٻئي جي بلڪل قريب اهن، ايتري قدر جو ڪن عالمن دوکو کاڌو آهي، ته برهمڻ آباد جي جاءِ تي منصور صاحب جو بکر کي منصوره ڪوٺڻ غلط آهي. البت ايترو آهي ته بکر ان وقت ڪجهه قدر آباد هو ۽ ان وقت ان جو نالو ”فرشته“ هو. جيئن ته”فرشته“ شيخ ابو تراب آباد ڪيو هو، تنهنڪري اتي جيڪا آبادي ان وقت هوندي، اها مسلمانن جي ئي هوندي. ٿي سگهي ٿو، ته ڇٽو امراڻي پهريائين پهريائين بکر جي مسلمانن کان متاثر ٿيو هجي ۽ پوءِ برهمڻ آباد ۾ اچڻ کان پوءِ منصوره وڃي اسلام جي باقاعده تعليم حاصل ڪئي هجيس.

تحفتة الڪرام جي صاحب، اسلام آڻن کان پوءِ ڇٽي امراڻيءَ جو احوال هن طرح ڏنو آهي: جڏهن اسلام جي تعليم مڪمل ڪري وري شهر ۾ موٽي آيو، تڏهن سندس مائٽن شادي ڪرڻ لاءِ زور رکيس، پر هن انڪار ڪيو. ڪنهن ٽوڪ ڪندي چيو، ته ”هي ترڪ شايد عربستان وڃي ڪنهن عرب جي وڏي سردار جي ڌيءَ سان شادي ڪندو.“ آخر ٿيو به ائين. جلدئي حج تي ويو ۽ اتان هڪ عرب عورت سان شادي ڪري آيو.

دلوراءِ جا ڪرتوت بڇڙا هئا. ڇٽو کيس  هميشہ هدايت ڪندو هو، پر هو باز نه ايندو هو. آخر تنگ ٿي، شهر ڇڏي سيوهڻ آيو ۽ حياتيءَ جو باقي عرصو اتي ئي گذاريائين ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. سندس مقبري جي لڳ سندس زال جي قبر به آهي.

تحفة الڪرام ۾ آيو آهي ته ”ڇٽو جڏهن شهر ڇڏي رهيو هو، تڏهن پڙهو ڏياريائين ته حاڪم جي نحوست کان اڄ رات هي شهر سرنگون ٿي زمين ۾ غرق ٿي ويندو؛ جنهن کي به نڪرڻو هجي، اهو نڪري وڃي.“ سندس ڳالهه تي ڪن ٿورن ماڻهن اعتبار ڪيو. پهرينءَ رات هڪ پوڙهيءَ، جنهن چرخي تي سُٽ ٿي ڪَتيو، جي جاڳڻ جي برڪت سان، ۽ ٻي رات هڪ چاڪيءَ جي مهابي شهر تان اهي بلا ٽري وئي. نيٺ ٽين رات سڄو شهر رهاڪن سميت سرنگون ٿي ويو. فقط هڪ منارو عبرت خاطر يادگار رهجي ويو.“ هينئر سوال اٿي ٿو، ته ڇٽو امراڻي ڪهڙي زماني ۾ ٿي گذريو؟ تحفته الڪرام جي روايت آهي ته ڇٽو امراڻي بغداد ڏانهن دانهن کڻي چوٿين صدي هجريءَ ۾ ويو. ڇٽي امراڻيءَ جي مقبري کان ٻه ـــ ٽي وکون اوري، هڪ مڪان آهي، جو سندس ئي نالي پٺيان سڏجي ٿو. مڪان جي مجاور وٽ هڪ مهر آهي، جنهن تي آيت الڪرسي ۽ اصحابن ڪرامن جي نالن کان سواءِ هيٺيان اکر به اڪريل آهن.:

”حضرت قطب رباني غوث صمداني:

حضرت شيخ ڇٽه شاهه عمراني.

مرقد سيوستان سنه 305 هه.“

اهو سن 305هه سندس وفات جو سن ئي هوندو. تحفته الڪرام جي روايت موجب هي سن پورو بيهي سگهي ٿو، يعني جيڪڏهن ائين چئجي ته ڇٽو امراڻي وفات کان ٻه سال اڳ بغداد ويو، ته پوءِ اها چوٿين صدي ئي چئجي، حالانڪ مير علي شير قانع به اهو سن تحقيق ڪري ڪونه ڏنو آهي، پر ”قيل“ جو لفظ لکي روايتون لکي ويو آهي. منصوره جي حڪومت جي قيام جو سن جڪيڏهن نظر ۾ رکبو ته اهو به مناسب رکندڙ ايندو. عرب هباري خاندان 240هه ۾ منصوره ۾ حڪومت قائم ڪئي، ضرور ان کان ٿورو پوءِ ئي ڇٽي منصوره ۾ اچي اسلامي تعليم پرائي هوندي. اروڙ جي ويرانيءَ ۽ دلوراءِ جي لڏڻ واري زماني جو خيال رکجي ٿو، ته اهو به هن سن سان مناسبت رکي ٿو. تنهن کان سواءِ ان مهر مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ”امراڻي“ شيخ ڇٽي جو لقب نه پر نسب هو. يعني ڪنهن ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏبو هو، جيئن اڳ ۾ به ڏيکاريو ويو آهي.

ڇٽي امراڻي جو مقبرو، سيوهڻ جي نواب ديندار خان 1042 هه ۾ تعمير ڪرايو. سيد ديندار خان بخاري (وفات 1045هه) شاهجهان جي ڏينهن ۾ سيوهڻ جو نواب هو. هن قلندر شهباز جي روضي ۾ به تعميراتي ڪم ڪرايو هو. ڇٽي امراڻيءَ جو روضو مرمت طلب آهي. صحن سبز ڪاشي جي سرن جو آهي ۽ ديوارن تي به ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. اتر پاسي مسجد نما ٿلهو آهي، ان جي اولهه واري ديوار تي هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:

بدورِ شهنشاهه شاهجهان ـــ خديوي خرد مند صاحبقران

چون خلد برين روضه شاه چهٽه ــــ بنا کرد نواب ديندار خان

سال بنايش طلب داشتند ـــ بهشت بروءِ ـــ زمين گفت عثمان.

                              1042 هه

 

 

 ڀنڀور جو اسلامي طرز وارو شيشي جو سامان

 

ڊاڪٽر محمد رفيق مغل

 

ڀنڀور جو جهونو شهر ديبل جي مشهور نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي عربن اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ فتح ڪيو. اُهو شروعات جي انهن چند شهرن مان هڪ هو، جنهن ۾ مسلمان آباد ٿيا ۽ اسلامي حڪومت جو پايو وڌو، جيڪا اڳتي هلي ڏکڻ ايشيا ننڍي کنڊ ۾ وڌڻي هئي.

ڀنڀور جي کوٽائي، جيڪا محڪمه آثار قديمه سال 1957ع کان 1965ع تائين ڪئي، ابتدائي اسلامي دؤر جون نشانيون ۽ ٻيون اهم شهادتون مهيا ڪري ڏنيون آهن، جيڪي اٺين کان ٻارهين صدي عيسويءَ جي دؤر جي سنڌ جي اسلامي شهر جو دلچسپ جهلڪيون پيش ڪن ٿيون. ستن سالن جي کوٽائيءَ ڪيترن ئي سرڪار، مذهبي ۽ غير مذهبي عمارتن، بازارن، گهٽين ۽ گهرن جي ترتيب، جيڪي قلعي جي ديوارن اندر آهن، وڏا شاهي دروازا، مضبوط قلعي جي برج ۽ بيشمار روزاني استعمال جون شيون ظاهر ڪيون آهن. هڪڙو وڏو تعداد ٺڪر جي سادن، چٽيل ۽ چمڪندڙ ٿانون جو، لوهه ٽامي ۽ پتل جون شيون، عاج جون خوبصورت اُڪر سان، پٿر جي نمونن جون شيون، ۽ هڪ جهجهو تعداد شيشي جي سامانن جو به مليو آهي. جيڪو مسلمانن جي ٽن صدين جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو. شيشي جو اهو سامان مختلف نمونن ۽ خوبصورت شڪلين جي ننڍين ٻاٽلين تي، گهگهين، جڳن، پيالن ۽ ننڍن گلدانن تي مشتمل آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ کان اڳ ۾ ڀنڀور جي اسلامي طرز جي شيشي جي سامان متعلق نه جيتري ڄاڻ هئي يا ان جي اهميت جو علم سنڌ باب الاسلام ۾ شيشي جي پس منظر ۾ پڻ محدود هو.

هن مضمون جو ليکڪ پڻ ڀنڀور جي کوٽائيءَ سان شروع کان ئي لاڳاپيل هو ۽ کيس ڀنڀور مان هٿ آيل ٿانون ٿپن ۽ ننڍين شين جي مطالعي جو موقعو مليو. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ واسطي ڀنڀور مان مليل شيشي جي سامان جي ڪن پهلوئن تي روشني وجهان ٿو.

ڀنڀور جي اسلامي طرز جي شيشي جي سامان تي روشني وجهڻ لاءِ ان کي تاريخي پس منظر ۾ ڏسڻو پوندو، تنهنڪري اِهو ضروري آهي ته مختصر طور هن خطي ۾ شيشه گريءَ جي تاريخ تي نظر وجهجي، باوجود ان حقيقت جي ته عالمن کي اڃا تائين ان حقيقت جو پرو نه بڻجي سگهيو آهي ته شيشو ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪٿي پهرين ٺهيو، بهرحال آثار قديمه جي عبارتن سان شيشي سان مشابهت رکندڙ شيون پهريون دفعو لڳ ڀڳ ڇهه هزار سال اڳ يا 4000 سال قبل مسيح مصر مان مليون. واديءَ مهراڻ ۾ شيشائون، ڪانچ جهڙو مواد سنڌ ۾ موهن جي دڙي مان مليو. اهو مواد 2500 ۽ 1500 قبل مسيح ۾ چوڙين ٺاهڻ ۾ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي ۽ ٻين همعصر تاريخي ماڳن تي استعمال ٿيندو هو. صحيح شيشو 1500 قبل مسيح ۾ مصر ۾ مليو، پر پاڪستان ۾ ايتري آڳاٽي دور جون شاهديون اڃان نه مليون آهن. ائين ٿو لڳي ته آڳاٽي دور ۾ شيشو صرف ننڍين شين جي ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندو هو.

شيشي جي ٺاهڻ ۽ استعمال ۾ انقلابي تبديلي ڦوڪڻي نلڪيءَ (Blowing Tube) جي ايجاد سان پهرين صدي قبل مسيح ۽ چوٿين صدي هجريءَ جي وچ ۾ ظهور پذير ٿي. مصري ۽ سامي ڪاريگرن طرفان نلڪيءَ جي استعمال شيشي جي فن ۽ ڪاريگريءَ تي وڏو اثر وڌو. هن ايجاد هنرمندن کي ان لائق بڻايو ته جيئن شيشي جي پاڻيٺ (Liquid) مان ڪنهن به قسم ۽ سائيز جو سهڻو ۽ سنهڙو شيشي جو سامان پنهنجي مرضيءَ مطابق ٺاهي سگهن. ٻيا به ڪيترا طريقا ايجاد ڪيا ويا. جن کي هاڻي نام نهاد رومن گلاس سان لاڳاپيو ٿو وڃي. ان دور جي پيداوار مان اعليٰ قسم جي فني مهارت ۽ حسين شين کي پسند ڪرڻ جي حد ظاهر ٿئي ٿي، جيڪا سجاوٽي ۽ نفيس شين کي ٺاهڻ ۾ قائم رکي ويئي هئي. رومن شهنشاهن جي زوال کان پوءِ به اهي روايتون ويجهي اوڀر (Near East) ۾ بحال رهيون.

 اسلامي دنيا ۾ شيشه گريءَ جي فن جي تجديد نئين جوش ۽ جذبي سان اٺين صدي عيسويءَ جي ابتدا ۾ ڪئي ويئي. سوين ساده (Plain)، چٽيل (Planted)، رنگين (Coloured)،  تراشيل (Cut) ۽ قالبي (Moulded) شيشي جي سامان جا نمونا ان دور ۾ تيار ڪيا ويا، جن پنهجن رنگن، نمونن، شڪلين، ماپن ۽ مختلف اندازن جي ڪري شروعاتي دور جي سامان کي شهه ڏئي ڇڏي. نه صرف عياشيءَ جي اسمن ۾ مسلمان ڪاريگرن في شهپارا ٺاهي فني مهارت ۽ پختگيءَ جي ڌاڪ ويهاري، پر هڪ وڏو تعداد غير سجاوٽي ۽ ساده بالٽين، گهگهين، پيالن، جمنن ۽ ٻئي سامان جو ٺاهيو ويو ته جيئن گهرو ۽ تجارتي گهرجن کي پورو ڪجي. ان کان سواءِ اسلامي دنيا جي سرحدن جي وڌڻ جي ڪري به باهمي ڪاريگري ۽ هنرمنديءَ جي ڄاڻ به مختلف علائقن ۾ مٽاسٽا جو سبب بني. شيشي جي سامان جا مقبول نمونا نقل ڪيا ويا يا ورجايا ويا، جنهن جي ڪري اسلامي دنيا ۾ سنڌ ۾، جنهن جو هڪ حصو هو، شيشه گري جي ڏس ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي. شيشه گريءَ ۾ هڪجهڙائي جي ڪري خاص طور اٺين ۽ نائين صديءَ جي دوران، اِهو ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي ته هرهڪ اسلامي ملڪ جي مقبول ۽ خاص قسم جي شيشي جي سامان ان ملڪ جي حوالي سان نشانده ڪري سگهجي، ڇو ته سڀ اسلامي ملڪ هڪ ئي تهذيبي ايڪائي جو حصو هئا. اِها ڳالهه تنهنڪري تعجب خيز ڪونه آهي ته هڪ اسلامي مرڪز، خاص طور شام جي شيشي جي سامان جو ايران ۽ مصر ۾ نقل ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح ڀنڀور ۽ منصوره جي شيشي جي سامان جي ٻين ملڪن جي سامان سان ايتري مشابهت آهي جو لڳي ٿو ته اهي اسم هتي درآمد ڪيا ويا هوندا. ڀنڀور مان لڌل شيشي جو سامان اسلامي دنيا ۾ شيشه گريءَ جي روايتن ۾ اضافو آهي.

ڀنڀور ۾ وڌندڙ شيشه گريءَ جي صنعت جون شهادتون مليون آهن. شهر جي اولهائين طرف ردي شيشي جا ڍڳ ڪوئلن ۽ خاڪ جي وچ مان لڌا ويا آهن. ائين سمجهڻ صحيح ٿو لڳي ته شيشي جون اڪثر شيون مقامي طور اهي ڪاريگر ٺاهيندا هوندا، جيڪي ان ڏس ۾ مشهور مسلمان ملڪن مان هتي لڏي آيا هوندا. ائين ٿيڻ مشڪل آهي ته شيشي جهڙيون ٽاڪئون شيون، جيڪي ڀنڀور ۾ مليون آهن، دور دراز ملڪن کان جهجي تعداد ۾ درآمد ڪيون وڃن، باقي چند خاص اسمن جي درآمد ڪرڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، ائين لڳي ٿو ته ڀنڀور جي شيشي جي صنعت ڪافي ترقي يافته هئي ۽ هن کي اسلامي دنيا جي ٻين مرڪزن جي ڀيٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو. ڀنڀور جي شيشي جو سامان ٻن ملڪن جي سامان سان اهڙي يڪسانيت رکي ٿو، جو اهو تاثر ملي ٿو ته اُهو سامان ٺاهڻ لاءِ شام يا مصر کان ڪاريگر اچي هِت آباد ٿيا هوندا.

ڀنڀور جي شيشي جو سامان سنڌ جي آڳاٽي اسلامي فن ۽ هنر جون عجيب شهادتون مهيا ڪري ٿو. جهوني دور جي سامان جي معيار ۽ پختگيءَ مان ڀنڀور جي ڪاريگرن جي اعليٰ درجي جي مهارت جي پروڙ پوي ٿي. وڏي تعداد ۾ شڪلين ۽ ٿانون جي مٿاڇري جي سجاوٽ سنڌ ۾ شيشه گريءَ جي صنعت جي باري ۾ بي بها ڄاڻ مهيا ڪئي آهي.

اسلامي فنِ تعمير، شهري رٿابندي، ڪوزه گري (Ceramic Art) ڌاتوءَ جي فن (Metallurgy) يا شيشه گريءَ جي نازڪ صنعت ۾ ڀنڀور جو حصو هڪ لحاظ کان پاڪستان جي ثقافتي تاريخ ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو.

ڀنڀور جي کوٽائيءَ جا ٿورائتا آهيون، جنهن جي ڪري اسان اٺين کان ٻارهين صدي عيسويءَ تائين اُميه ۽ عباسي دورن ۾ ڀنڀور ۾ شيشه گريءَ جي ضرورت جي درجيوار ٿيل ترقيءَ کي ميڙي چونڊي نئين سر ترتيب ڏئي سگهيا آهيون.

شروعاتي شيشي جي متعلق ثابتيون ڀنڀور جي ساساني سطح (Levels) تان مليون آهن، جيڪي ستين صدي عيسويءَ جون آهن، ۽ مليل شيشي جون شيون تمام ٿوريون آهن، بهرحال آڳاٽي اسلامي دور جا نمونا اُميه دور جا ملن ٿا. شيشو شفاف ۽ سنهو آهي، جيڪو ان جي معيار ۽ هنر جي دلالت ڪري رهيو آهي. شيشي جو وڌندڙ استعمال درجيوار وڌندڙ طلب ظاهر ڪري رهيو آهي ۽ شيشي جي ٺاهڻ لاءِ رغبت پڻ ڏياري رهيو آهي. اُميه دور جي آخري ۽ عباسي دؤر جي شروعات ۾ شيشو شفاف پر ڌنڌ ورتل آهي، جنهن ۾ ننڍا ڦوٽا ۽ چُٽا صاف نظر اچي رهيا آهن: جنهن مان عام گهرج جي سامان ۾، جيڪي گهڻي ضرورت ۾ هيو، ان جي ٺاهڻ ۾ معيار برقرار رکڻ لاءِ گهٽ توجه ڏنل ٿو نظر اچي. ٻئي طرف رنگن جو جهجهو مقدار ملي ٿو. سائو، هلڪو سامونڊي سائو، نيرو ۽ گهرو نيرو ۽ علم ۽ مقبول شڪلين ۾؛ ڊگهيون ۽ گول باٽليون؛ ڊگهين ۽ سوڙهين ڳچين سان گول عطر جون شيشيون؛ مختلف مقدارن ۽ شڪلين جا ننڍا ۽ وڏا جَمَن ۽ پيالا؛ هٿين وارا جڳ ۽ ڪيترائي گلدان ملن ٿا.

ڀنڀور مان لڌل ساري سامان کي اهڙي نموني سان مختلف درجن ۾ ورهائي سگهجي ٿو جو هرهڪ پنهنجن همعصر اسلامي دنيا جي ملڪن، جهڙوڪ: ايران، مصر، عراق، شام، گلف ۽ اُتر آفريڪا جي پيداوار سان هڪ جهڙو ٺهڪي اچي ٿو.

نقش ونگار سان جڙت ڪيل شيشو: (Glass with applied decoration):

هن قسم جو شيشو گهڻو مقبول هو ۽ شايد ـــ خاص ڪري عراق ۽ شام ۾ ـــ تعيش جو هڪ وڙ سمجهيو ويندو هو. انهيءَ شيشي جي بُڻ بنياد جو سلسلو آڳاٽي بازنطيني دور سان ملائي سگهجي ٿو. ايران جي شيشه گريءَ جي مرڪزن ۾ اها ساڳي طرزنگارش اختيار ڪئي هئي ۽ اهائي طرز نگارش آخرڪار ڀنڀور ۾ آيل اهڙو جڙت ڪيل شيشو لازمي طور اٺين ۽ نائين صديءَ جي وچ واري اموي دؤر جي معيار جو آهي. اهڙي شيشي جي مرتبانن ۾ هلڪي سائي رنگ جي شفاف شيشي جا پيالا شامل آهن.

تراشيل شيشو: (Cut Glass)

ڀنڀور مان جيڪي تراشيل يا گهڙيل شيشي جون شيون مليون آهن، سي فقط خوشبويات رکڻ جون ننڍيون ننڍيون بوتلون يا شيشيون آهن. تڪنيڪ جي لهاظ کان انهن شيشين تي برابر وڇوٽين تي ۽ ويجها خط ۽ خال گهڙيل آهن، توڙي انهن تي شام، عراق، ايران ۽ مصر ۾ مروج طرزنگارش تي چڪرن جا نقاش اڪريل آهن يا انهن تي ٿيل گهڙت اهڙي ئي طرز جي آهي جيڪا انهن ملڪن ۾ مروج هئي. ڀنڀور ۾ اهڙيون شيشيون اموي ۽ عباسي دؤر ۾ ٺاهيون ويون آهن، پر انهن جي بهترين نمونن ۾ گهڻا اهڙا آهن، جيڪي يارهين ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي دؤر جا آهن. تراشيل شيشي جون اهڙيون سڄيون ثابت خوشبويات جون شيشيون فقط بغداد ۾) اٺ (8) آهن، پر جي انهن جي هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت جي پهلوءَ تي ٿو غور ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته اهي سڀ ڀنڀور ۾ ئي تيار ڪيون ويون آهن.

شيشي جون ناليدار شيون (يا ناليدار شيشي جون شيون) (Fluted Glass):  ڀنڀور مان عباسي دؤر جي هڪ ناشپاتيءَ جي شڪل جي صراحي يا شيشيءَ جو هڪ ٽڪرو مليو آهي، جنهن جو تَر گولائون آهي ۽ ٻاهرين سطح تي عمودي شڪل ۾ ناڙيون يا نالين جهڙا کانچا ٺهيل اٿس، اها اُڪر يا طرزنگارش بلڪل اهڙي ئي آهي جهڙي ستين ــــ اٺين صدي عيسويءَ ۾ شام ۾ شيشي جي صراحين تي ڪئي ويندي هئي. توڙي اتان شيشي جي هڪ مرتبان جي هيٺئين حصي جو به هڪڙو ٽڪرو مليو آهي، جنهن تي نمايان طور تي کانچن جي اهڙوئي آڏي ڦِڏي اُڪَر ٿيل آهي، جهڙي ڪش جي شهر ۾ ٺهندڙ پيالن جي تَرن تي ٿيندڙ هئي. اهو ڇهين صدي عيسويءَ وارو ساساني حڪمرانن جو دؤر هو. گويا اها اصلاً طرز نگارش ساساني دؤر حڪومت جي آهي، جيڪي ڇهين صدي عيسوي ۾ حڪمران هئا. ڀنڀور ۾ شيشي تي اهو ڪم اٺين صدي عيسويءَ ۾ ٿيو آهي. (پر انهيءَ جي نسبت ڇهين صدي عيسويءَ جي ساساني دؤر حڪومت جي انهن پيالن سان آهي، جيڪي ان دؤر ۾ ڪِش جي شهر ۾ ٺهندڙ هئا.)

شيشي جون سانچي ۾ کپائي ٺاهيل شيون ـــ (يا سانچي ۾ گهڙيل شيشو) (Moulded Glass):  ڀنڀور مان شيشي جي مرتبانن جا ڪي اهڙا نمونا به مليا آهن، جن جي تري توڙي ٻاهرئين حصي تي ڪارب يا سانچي ۾ کُپائي تيار ڪيل نقش نگار چهٽايا ويا آهن. اهي نمونا اموي ۽ عباسي ٻنهي دؤرن سان واسطو رکندڙ آهن. انهن ۾ ڪن نمونن جي ته شام ۾ ابتدائي اسلامي دؤر ۾ ٺهندڙ ۽ بعد جي زماني ۾ ايران ۾ ٺهندڙ نقش نگار سان ايتري مماثلت ٿي بيهي جو ڀانئجي ٿو ته اهي مرتبان انهن ئي ملڪن مان درآمد ڪيا ويا آهن.

رنگين چٽسالي ڪيل شيشي جون شيون ـــ (Painted Glass):  ڀنڀور جا شيشه گر رنگدار چٽسالي يا ملمعو چاڙهڻ جو ڪم ڪندا هئا. انهيءَ حقيقت جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي، جو ڀنڀور مان شيشي جون جيڪي شيون مليون آهن، تن تي نه ملمو لڳل آهي ۽ نه انهن تي رنگدار چِٽَ اڪريل آهن. البت هتان هڪڙي پيالي جو اهڙو ٽُڪر مليو آهي، جنهنجي اندروني حصي ۾ گهري ڳاڙهي رنگ سان اقليدسي(Geometric) جوڙ وارو هڪ هئڊي رنگ جو ملمعو لڳل نقش ٺهيل آهي، جيڪو اٺين صدي عيسويءَ جي اموي دؤر جي معيار جو هم مثل آهي. انهيءَ پيالي جي ٻاهرئين حصي تي ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ سان متوازي ۽ هڪ جيتري وڇوٽيءَ تي خط ۽ خال ٺهيل آهن. اهڙيءَ طرز جو رنگين چٽساليءَ وارو شيشو ڏهين ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي دوران ايران، شام، عراق ۽ مصر ۾ گهڻو مقبول عام هو.

ٽُڪيل شيشي جون شيون ــ (يا شيشي تي ٽڪ جو ڪم)

(Glass with incised decoration):  ڀنڀور ۾ جيئن رنگين چٽساليءَ وارو شيشو اڻ لڀ آهي، تيئن ٽُڪيل شيشي جون شيون به خير ڪي هيون يا نه هئڻ جي برابر مليو آهن. بس هڪ پيالي ۾ هڪڙو ٽُڪر ئي هڪ بي مثل ثابتيءَ طور مليو آهي، جنهن جو رنگ هلڪو پيلو آهي ۽ جنهن جي تري جو اندريون حصو ٽُڪيل آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو پيالو عراق جي شهر سمارا مان برآمد ڪيو ويو هجي. جيڪو (شهر) عباسي دور حڪومت ۾ عراق جو دارالحڪومت هو ۽ جيڪو سن 838 ۽ 883 عيسويءَ جي دوران وڌيو ۽ وسيو هو. ڀنڀور مان ملندڙ انهيءَ پيالي جي ٽڪر جو لاڳاپو عباسي حڪومت جي پوئين دور سان آهي.

اهي سڀ ديده زيب ۽ نازڪ شيشي جي سامان جا نمونا، جيڪي پاڪستان جي آڳاٽي اسلامي دور سان تعلق رکن ٿا، ڀنڀور ميوزم ۾ موجود آهن. وڌيڪ کوٽائي جيڪا عرب راڄڌاني منصوره (لڳ شهدادپور) ۾ ڪئي ٿي وڃي، ان جي نتيجي ۾ شيشه گريءَ جي صنعت جي باري ۾ وڌيڪ ثابتيون ملي رهيون آهن. منصوره ۾ هڪ سائيٽ ميوزيم قائم ڪيو پيو وڃي، جتي سنڌ جي اسلامي تاريخ سان لاڳاپيل ثقافتي يادگار شيون رکيون وينديون.

اُهو اخذ ڪيو ٿو وڃي ته سليڪا (Silica) جا ذخيرا، جيڪي شيشي ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندا آهن، اُهي ڀنڀور جي هنرمندن کي وافر مقدار ۾ ميسر هئا. اسان جي ئي دؤر ۾ حيدرآباد جو شهر، جيڪو ڀنڀور کان 75 ميل پري اتر طرف آهي، شيشي جي صنعت جي اهم مرڪز طور اڀريو آهي. ٻارهين سو سال اڳ ڀنڀور شيشي جي وڌندڙ صنعت جو مرڪز هيو ۽ هاڻي حيدرآباد جو شيشي جي صنعت ۾ ناماچار ڪڍن صدين پراڻي سنڌ جي شيشي جي صنعت جي روايت جو تسلسل آهي.

(ترجمو: فضل احمد بچاڻي)


[1] . ج 3، ص 24 (2) ص 39، تاريخ سنڌ، مولانا سيد ابو ظفر ندوي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com