سيوهڻ مان لڌل سڪا
عبدالله ورياهه
قلندر شهباز جي نگري سيوهڻ صدين کان تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي
آهي. هميشہ کان هن سرزمين مان سچ، صداقت ۽ حق جا
هوڪرا بلندا ٿيندا رهيا آهن. هو علائقي ۾ پٿر واري
زماني کان وٺي آباديءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا. سيوهڻ جي
آسپاس وارن جبلن جي غارن مان ان دور جي ماڻهن جي
استعمال ۾ آيل پٿر جي ٽُڪيل اوزارن جو ملڻ ان جي
ثابتي ڏئي ٿو. سڪندر اعظم جي حملي وقت سيوهڻ جو
راجا سامبس هو. سيوهڻ کي سنڊيمانا ۽ سيوستان جي
نالن سان پڻ سڏيو ويندو هو.
سيوهڻ جي قدامت جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته 19 صديءَ جي
شروعات ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ سنڌ جي عالمن جي تحقيق ڪرڻ
لاءِ هڪ وفد شيخ ابوالبرڪات جي نگراني ۾ موڪليو
هو، جنهن کي سيوهڻ جي قلعي مان هڪ ڪتبو هٿ آيو هو،
جنهن تي راجا ڀرتري جو نالو لکيل هو. اهو ڪتبو هن
وقت ڪٿي آهي، ان جي پوريءَ لکيت ڇا هئي ۽ ڪهڙي
ٻوليءَ ۾ هئي، ان بابت وڌيڪ ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي
آهي.
مٿين سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي جيڪر سنڌ جي مختلف تاريخي دورن
تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سيوهڻ قديم زماني
کان سنڌ جو اهم مرڪزي شهر رهيو آهي. جيڪر قديم
آثارن جو کاتو سيوهڻ جي قلعي طرف ڌيان ڏئي ته پڪ
سان هتان انتهائي اهم تاريخي معلومات ملي سگهي ٿي.
هن مختصر مقالي ۾ سيوهڻ جي قلعي مان هٿ آيل ڪجهه سڪن جو ذڪر ڪيو
ويندو، جيڪي سنڌ جي تاريخ بابت انتهائي اهم
دستاويز آهن. جن وسيلي پڪي شاهدي ملي ٿي ته سيوهڻ
جي سرزمين تي ڪهڙي دور ۾ ڪهڙي بادشاهه جي حڪمراني
هئي ۽ ڪهڙن ملڪن جو هتي وڻج واپار هلندو هو.
جيتوڻيڪ سڪندر اعظم جي سنڌ تي حملي کان وٺي سيوهڻ بابت تاريخي
حوالا ملن ٿا، پر اڃا تائين اسلام کان اڳ واري دور
جو ڪوبه اهڙو سڪو نه لڌو آهي، جنهن جي آڌار تي ان
دور بابت پڪ سان ڪا ڳالهه چئي سگهجي. ممڪن آهي ته
اڳتي هلي، اهڙيون ڪي شاهديون ملن، جن جي آڌار تي
صحيح تاريخي حقيقتن جو اندازو لڳائي سگهبو.
سيوهڻ مان اوائلي اسلامي دور جو ڪوبه سڪو اڃا نه مليو آهي،
البته سنڌ جي عرب هباري حڪومت جي ٻن حاڪمن عبدالله
بن عمر (255-271هه) ۽ عمر بن عبدالله (300-330هه)
جا ٽامي جا سڪا مليا آهن.
عبدالله بن عمر جي سڪي تي هڪ طرف ٻڙين واري گول دائري ۾ لکيل
آهي:
”با الله بنو، عبدالله والنصر“
جنهن جي معنيٰ ٿيندي، ”هي (سڪو) الله لاءِ ۽ عبدالله جي اولاد
لاءِ فتح”. هن سڪي جي ٻئي طرف ٻڙين واري گول دائري
۾ لکيل آهي:
”لله، محمد، رسول، الله، عبدالله“
جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”محمد الله جو رسول آهي ۽ عبدالله واسطي
الله جي.“ هنن سڪن تي لکيت ڪوفي رسم الخط ۾ آهي.
(1)
عمر بن عبدالله جا ٽامي جا سڪا اڳين سڪن کان ڪجهه ننڍا آهن، هنن
سڪن جي هڪ طرف:
”با الله بنو، عمر ولہ، النصر“
جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”واسطي الله جي، عمر ۽ ان جي اولاد لاءِ
فتح“، جڏهن ته ٻئي طرف:
”لله، محمد رسول، الله عمر“
جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”محمد الله جو رسول آهي ۽ عمر واسطي الله
جي.“ هنن سڪن جي لکيت پڻ عربي ڪوفي رسم الخط ۾ آهي
(2).
هبارين جي حڪومت کي محمود غزنوي حملو ڪري ختم ڪيو. سندس اقتدر
سنڌ جي ڪيترن حصن ۽ سيوستان تي رهيو آهي، پر سندس
نالي جو ڪوبه سڪو اڃا نظر نه آيو آهي. البته
راورٽي، ناصري جي صفحي نمبر 88 تي ڄاڻائي ٿو ته
محمود غزنوي جا سڪا سنڌ جي ٻين ڪيترن علائقن کان
سواءِ سيوستان مان پڻ مليا آهن، جن مان هتي سندس
حڪومت جي خبر پوي ٿي.
جڏهن ته 421هه ۾ سندس گذارڻ بعد ٻئي ڪنهن غزنوي حاڪم جا سڪا
هتان نه مليا آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته سومرن جو
اقتدار، جيڪو اڳ صرف سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ هو،
سموري سنڌ ۽ سيوهڻ تائين پهچي ويو، پر اڃا تائين
سومرن جا جاري ڪيل سڪا به هتان نه مليا آهن.
سن 571هه ۾ سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوري اُچ ۽ سنڌ جي ڪن
علائقن کي فتح ڪري علي ڪرماخ کي گورنر مقرر ڪيو.
اڳتي هلي (589هه-1193هه) سندس اقتدار سموري
هندستان ۽ سنڌ تي قائم ٿيو ۽ سمنڊ تائين ملڪ سندس
حڪومت ۾ شامل ٿيو.
سلطان شهاب الدين محمد بن سام غوري جا ٽامي جا سڪا سيوهڻ جي
قلعي مان مليا آهن، جن جي لکيت عربي رسم الخط ۾
آهي. هنن سڪن جي هڪ طرف لکيل آهي:
”ابوالمنظر محمد بن سام“
جڏهن ته ٻئي طرف ٻڙين جي گول دائري ۾ لکيل آهي:
”السطان المعظم معز الدنيا والدين“ (3)
سلطان محمد غوري جي قتل ٿيڻ بعد (602هه) سندس غلام قطب الدين
ايبڪ کي دهلي جي حڪومت ملي ۽ سندس هڪ ٻئي غلام
ناصر الدين قباچه کي اُچ، ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت
حاصل ٿي ۽ سن 625هه تائين سندس حڪومت قائم رهي.
ناصر الدين قباچه جي نالي جو هڪ ننڍڙو ٽامي جو سڪو سيوهڻ مان
مليو آهي، جنهن جي هڪ طرف لکيل آهي:
”جہ (قباچہ)“
هن سڪي جي ٻئي طرف گول دائري ۾ لکيل آهي:
”صر (ناصر الدين“
سڪي جي ٺپي وڏي هجڻ ۽ سڪي جي سائيز ننڍي هجڻ سبب سڪي جي لکيت
پوري نظر نٿي اچي (4). ناصر الدين قباچه کان پوءِ
سنڌ تي دهلي جي غلام گهراڻي جي حاڪمن پاران بکر ۽
سيوهڻ تي حاڪم ايندا رهيا ۽ سندن نالي جو سڪو پڻ
هتي جاري رهيو، پر سيوهڻ مان قطب الدين ايبڪ
(602هه-607هه)، شمس الدين التمش (607هه-633هه)،
رڪن الدين فيروز شاهه (34-633هه)، رضيه سلطان
(634هه-637هه) ۽ معزالدين بهرام شاهه (637هه-
639هه) جو ڪوبه سڪو اڃا تائين نه مليو آهي.
سيوهڻ مان علاوالدين مسعود شاهه ( 639هه – 644هه) جو جاري ڪيل
ٽامي جو هڪ سڪو لڌو آهي، جنهن جي هڪ طرف لکيل آهي:
”ڍڳي جي تصوير مٿان هندي ۾ ”علاو الدين“ هن سڪي جي
ٻئي طرف تي پڻ هندي ۾ لکيل آهي.
”گهوڙي سوار جي سامهون“ شري هميره (5) هن کان
پوءِ دهلي جي حڪمران ناصرالدين محمود (644 –
664هه) ٿيو ۽هن جي ٽامي جا سڪا پڻ هتي ملن ٿا، جن
تي هڪ طرف:
چوڪنڊي ۾ ”الساطان الاعظم ناصر الدنيا والدين“
لکيل آهي ته سِڪي جي ٻئي طرف لکيل آهي:
”گهوڙي سوار جي مٿان عربي ۾ ”محمود“ ۽ سامهون هنديءَ ۾ شري
هميره“ (5)
ناصرالدين محمود کان پوءِ صرف بکر ۾ حاڪم رهندو هو پر پاڻ مغلن
جو، ملتان کان پيڇو ڪندو سيوهڻ تائين آيو هو. هن
حڪم ڏنو ته سيوهڻ ۾ ڌار حاڪم مقرر ڪجي. هن کان
پوءِ غياث الدين بلبن (664 – 686هه) هندستان جو
تخت ڌڻي ٿيو ۽ هند ۽ سنڌ ۾ سندس سِڪو رائج ٿيو.
سيوهڻ مان سندس دهلي جا جاري ڪيل تامي جا سِڪا
مليا آهن، جيڪي ٻن مختلف قسمن ۽ ڌار ڌار وزن جا
آهن. سندس سِڪي جي هڪ طرف لکيل آهي:
”السلطان الاعطم غياث الدنيا والدين“
۽ ٻئي پاسي گول دائري ۾ ”بلبن“ ۽ ان جي چوڌاري هنديءَ ۾ ”شري
سلطان غياث الدين“ لکيل آهي
(7). جڏهن ته ٻيو سڪو ته ٻامي جو آهي، پر هن سڪي
کان وزن ۽ سائيز ۾ ڪجهه وڌيڪ آهي (8). غياث الدين
بلبن جي دور ۾ هيٺين علائقن ۾ سندس پٽ سلطان محمد
مقرر ٿيل هو. سندس لاڙو خدا وارن ڏانهن وڌيڪ هوندو
هو. شيخ بهاؤالدين ذڪريا رحمة الله عليہ ملتان
وارو ۽ شيخ فريد الدين شڪر گنج رحه اجوڌن وارو ان
وقت جا مشهور بزرگ هئا. سلطان محمد انهن جي صحبت ۾
گهڻو گذريندو هو. پاڻ علم جو قدردان ۽ دلي چاهه
رکندڙ هو. قلندر شهباز عليہ الرحمہ، جنهن جي نالي
سان هن وقت سيوهڻ سڃاتو وڃي ٿو، سو به ملتان ۾
ساڻس ملاقاتي ٿيو. سلطان محمد هن الله واري کان
انتهائي متاثر ٿيو ۽ ڪوشش ڪيائين ته پاڻ ملتان ۾
رهي پون، پر پاڻ سنڌ جي هن باوقار شهر سيوهڻ ۾ رهڻ
پسند ڪيائون. سنه 662هه ۾ هتي اچڻ بعد مستقل رهائش
اختيار ڪيائون ۽ هتي جي ماڻهن کي پنهنجي فرض ۽
برڪت سان نوازيندا رهيا ۽ سيوهڻ الله وارن جو مرڪز
بنجي ويو. پاڻ 673هه ۾ وفات ڪيائون ۽ هتي ئي دفن
ٿيا. جتي اڄ به ڪروڙين ماڻهو ڪَهي اچي سندن مزار
مقدس جي زيارت ڪن ٿا. سلطان محمد 682هه ۾ چنگيز
خان مغل جي لشڪر کي ملتان ڏانهن اچڻ کان روڪندي
لڙائي ۾ شهيد ٿيو ۽ تاريخ ۾ ”خان شهيد“ جي نالي
سان مشهور ٿيو. غياث الدين بلبن کان پوءِ معزالدين
ڪيقباد (689هه) دهلي جو تخت ڌڻي ٿيو. هن جا جاري
ڪيل سِڪا به سيوهڻ ۾ لڀن ٿا. سندس ٽامي جي سِڪي تي
گول دائري ۾ هڪ طرف ”السلطان الاعظم“ ۽ ٻئي پاسي
گول دائري ۾ لکيل آهي:
”معز الدنيا والدين“ (9)
معز الدين ڪيقباد جي گذارڻ بعد سندس پوين مان ڪنهن به ٻوٽو نه
ٻاريو ۽ هندستان جي حڪمراني جلال الدين فيروز شاهه
خلجي (689هه – 695هه) هٿ ڪئي. اهڙيءَ طرح خلجي دور
حڪومت شروع ٿيو.
جلال الدين خلجي جا جاري ڪيل ٽامي جا سِڪا پڻ سيوهڻ مان مليا
آهن، انهن جي هڪ طرف
”السلطان الاعظم جلال الدنيا والدين“
۽ ٻئي طرف چوڪنڊي ۾ ”فيروز شاهه“ ۽ ان جي پاسن کان هندي ۾ ”شري
سلطان جلال الدين“ (10)
جيتوڻيڪ جلال الدين خلجي کان پوءِ سندس پٽ رڪن الدين ابراهيم
شاهه (695هه) چند مهينن لاءِ دهلي جو حڪمران ٿيو،
سندس نالي جو ڪوبه سِڪو اڃا هتان نه ملي سگهيو
آهي. جلد ئي علاو الدين محمد شاهه خلجي (695هه –
715هه) حڪومت پنهنجي هٿ ڪئي. هن جي نالي جا ٻن
قسمن جا ٽامي جا سِڪا سيوهڻ مان لڀن ٿا. هڪ قسم جي
سڪي جي عبارت هڪ طرف آهي:
”السلطان الاعظم علاو الدنيا والدين“
ٻئي طرف گول دائري ۾ ”محمد شاهه“ ۽ ان جي چوڌاري هندي ۾ ”سري
سلطان علاوالدين“ ” “ ۽
ان سان گڏ هندي ۾ تاريخ لکيل آهي، جيڪا ڪٽجي وڃڻ
سبب صحيح طرح پڙهڻ ۾ نٿي اچي.(11)
سندس ٻئي قسم جي سِڪن تي ٻن گول دائرن، جنهن جي وچ ۾ هڪ ٻڙين جو
دائرو پڻ لکيل آهي:
”السلطان الاعظم“
هن سڪي جي ٻئي پاسي هڪ گول دائري ۾ لکيل آهي:
”علاالدنيا والدين“ (12)
سندس حڪومت دوران مغلن سيوهڻ جي قلعي تي حملو ڪيو هو، پر سندس
سنڌ تي مقرر ڪيل گورنر نصرت خان انهن کي ڀڄائي
ڪڍيو.
ان سموري عرصي دوران سنڌ جي هيٺئين لاڙ واري علائقي ۾ سومرن جو
زور وڌندو رهيو. هن کان پوءِ سيوهڻ مان قطب الدين
مبارڪ شاهه خلجي (716هه – 720هه) جا سڪا ملن ٿا.
هي سڪا گول ۽ چوڪنڊا ضرب ڪيا ويندا هئا، جن جي هڪ
طرف لکيل آهي:
”الامام الاعظم قطب الدنيا والدين بن ابوالمظفر 720“
جڏهن ته ٻئي طرف گول دائري ۾:
”مبارڪ شاهه خليفه الله“
۽ ان جي پاسن کان لکيل آهي:
”السلطان الواثق بالله امير المومنين“ (13)
قطب الدين مبارڪ شاهه کان پوءِ خلجين جي حڪومت پوري ٿي ۽ غياث
الدين تعق (720 هه – 725هه) تعلقن جي حڪومت جو
بنياد وڌو. هن وقت تائين سندس سڪو سيوهڻ مان نه
لڌو آهي، پر سندس پٽ محمد بن تغلق (725هه – 753هه)
جا ٽامي ۽ پتل جا سڪا لڀن ٿا. سندس جاري ڪيل پتل
جا سڪا سون ۽ چاندي جي بجاءِ هلندا هئا. تنڪو سندس
چاندي جو سڪو هوندو هو، پر هن 730 ۾ پتل جي سڪن کي
تنڪو ڪري هلايو هو. سندس اهڙو ئي هڪ سڪي تي هڪ طرف
لکيل آهي:
گول دائري ۾ ”من اطلاع السلطان فقد اطلاع الرحمن“ ۽ ان جي
چوڌاري ”در تختگاهه دولت آباد سال بر هفت صدسي“.
معنيٰ ٿيندي، تخت گاهه دولت آباد مان سنه 730هه ۾
سڪو جاري ٿيو. سڪي جي ٻئي پاسي لکيل آهي:
”مهر شد تنکہ رائج در روزگار بنده اميدوار محمد تغلق“ (14)
پر جلدئي محمد تغلق جو هي تجربو ناڪام ٿيو. گهرگهر ۾ ضربخانه
کلي پيا ۽ کيس هي سڪا واپس وٺڻا پيا. محمد تغلق جي
دور ۾ ئي 734هه ۾ ڄام انڙ بادشاهه حاڪم ملڪ رتن کي
سيوهڻ ۾ قتل ڪري سمن جي حڪومت جو بنياد وڌو ۽ اڳتي
هلي سموري سنڌ تان سومرن ۽ تعلقن جو اقتدار ختم
ٿيو. نتيجي ۾ محمد تغلق سنڌ تي ڪاهه ئي ۽ ٺٽي جي
ڀر ۾ بيماري سبب گذاري ويو. فيروز شاهه تغلق
(752هه – 790هه) تاج ۽ تخت جو مالڪ ٿيو ۽ محمد
تغلق کي عارضي طرح سيوهڻ ۾ حضرت قلندر شهباز جي
درگاهه نزديڪ دفن ڪري پاڻ دهلي روانو ٿيو. ساڳئي
سال سونڊن کان سيوهڻ ايندي يا سيوهڻ جي قلعي ۾
فيروز شاهه تغلق ”ساختِ سنڌ“ جي نالي سان سڪا جاري
ڪيا هئا، پر اهڙو ڪوبه سڪو سيوهڻ مان نه مليو آهي.
هتان مليل سڪن جي هڪ طرف
”فيروز شاهه سلطاني“
۽ ٻئي طرف لکيل آهي:
”دارالملڪ دهلي“ (15)
فيروز تغلق جا ٻيا سڪا به ٽامي جا آهن، پر اڳين سڪن کان سائيز ۽
وزن ۾ گهٽ آهن. هنن سڪن جي هڪ طرف لکيل آهي:
”فيروز شاهه“
ٻئي پاسي جي لکيت آهي:
”دهلي“ (16)
فيروز شاهه تغلق جي گذاري وڃڻ (790هه) بعد تغلقن ۾ ٻيو ڪوبه
نالي وارو حاڪم نه ٿيو، جيتوڻيڪ پوءِ به 815هه
تائين) سندن اقتدار دهلي تي قائم رهيو، پر سنڌ ۾
سمن حاڪمن دهلي جي ڪمزوري سبب خودمختياري جو اعلان
ڪيو. ڪڏهن خودمختيار ته ڪڏهن دهلي جي حاڪمن جي هٿ
هيٺ رهيا ٿي. سندن گجرات جي حاڪمن سان تمام ويجها
دوستانه ناتا هئا، جيڪي پوءِ وڌي مائٽي تائين
پهتا. گجرات جي حاڪمن جا سِڪا به سنڌ جي وڻج واپار
۾ رائج هوندا هئا. سيوهڻ مان گجرات جي حاڪمن جا
سِڪا پڻ مليا آهن. ڪجهه سڪا سلطان احمد شاهه
(814هه – 846هه) جا آهن. هنن سِڪن جي هڪ طرف
چوڪنڊي ۾ لکيل آهي:
”احمد شاهه السلطان“
ٻئي پاسي تي سندس لقب هن طرح لکيل آهي:
”نااصر الدنيا والدين“ (17)
گجرات جي ٻئي حاڪم محمود شاهه جنهن کي عام طرح محمود بيگڙو ڪري
سڏيو ويندو آهي. (863هه – 917هه) جا سِڪا پڻ ملن
ٿا. سندس سِڪي جي هڪ طرف چوڪنڊي ۾:
”محمود شاهه السلطان“
۽ ٻئي طرف لکيل آهي:
”ناصر الدنيا والدين“ (18)
مٿين ٻن گجراتي حاڪمن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو سِڪو هتان نه مليو
آهي.
دهلي تي تغلق حڪمراني کان پوءِ سيدن جو نالي خاطر اقتدار رهيو
(817هه – 847هه) ۽ سنڌ تي سمن حڪمرانن ڄام فتح خان
816هه – 831هه)، ڄام تغلق جوڻي (821هه – 857هه) جي
حڪمراني رهي، پر سندن ڪوبه سِڪو نه مليو آهي. سيدن
کان پوءِ (855هه) لوڌين جي حڪومت شروع ٿي،سندن
پهريون حاڪم بهلول لوڌي (855هه – 894هه) هو. سندس
نالي جا دهلي مان جاري ڪيل چاندي گڏيل ٽامي جا
سِڪا سيوهڻ مان ملن ٿا، جن جي هڪ طرف:
”المتوڪل علي الرحمن بهلول شاهه سلطان بحضرت دهلي“
۽ ٻئي پاسي تي لکيل آهي:
”في زمن اميرالمومنين خلدت خلافتہ 882“ (19)
کانئس پوءِ سڪندر لوڌي (923هه – 994هه) حاڪم ٿيو. هن جا سِڪا به
ساڳئي نموني جا آهن. انهن تي لکيت هڪ طرف هن ريت
آهي:
”المتوڪل علي الرحمان سڪندر شاهه بهلول شاهه سلطان بحضرت دهلي.“
ٻئي طرف جي لکيت آهي:
”في زمن امير المومنين خلدت خلافتہ 902“ (20)
دهلي جي سلطانن ۾ آخري سِڪو هندستان جي پٺاڻ حاڪم شير شاهه سوري
(947هه – 952هه) جو آهي. هي سِڪو وزن ۾ مٿي ذڪر
ڪيل سڀني سِڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. هن جي هڪ طرف
چوڪنڊي ۾.
”في عهد اميرالحامي 950“
۽ پاسن کان
”السلطان العادل فرد الدنيا والدين“
لکيل آهي هن سِڪي جي ٻئي طرف به هڪ چوڪنڊي ۾ لکيل آهي. |