سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986(2)

 

صفحو :13

”شير شاهه سلطان ضرب آگره“ (21)

۽ پاسن تي ”ابو المظفر خلد الله ملکہ“ لکيل آهي. اوائلي مغل دور جو ڪوبه سِڪو سيوهڻ مان نه مليو آهي. سنڌ ۾ سمن جي حڪومت (734هه) کان شروع ٿي چڪي هئي، پر سندن اڳ جو ڪوبه سِڪو نه مليو آهي. سيوهڻ ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي (866هه – 914هه) جا ڪجهه وڏا ۽ ڪجهه ننڍا سِڪا ٽامي جا لڀن ٿا، جن تي هڪ طرف لکيل آهي:

ڄام نظام الدين“

جڏهن ته ٻئي پاسي سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي:

”جام صدر الدين“ (22)

هنن سِڪن تي سن يا ضربخاني جو نالو لکيل نه آهي. ان کان سواءِ سندس پٽ ڄام فيروز (914هه – 927هه) جا ساڳئي وزن ۽ ماپ جا ٽامي جا سڪا به مليا آهن. هنن سڪن جي هڪ پاسي لکيل آهي.

”جام فيروز شاهه“

۽ ٻئي پاسي سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي:

”سلطان نظام الدين شاهه“ (23)

هنن سِڪن تي به ضربخاني جو نالو يا سن لکيل نه آهي. پر جڏهن ته سمن جي گاديءَ جو هند ٺٽو رهيو آهي، ان ڪري پڪ سان اهي ٺٽي جي ضربخاني جا جاري ڪيل هوندا.

ڄام نندي ۽ دولهه دريا خان جي حياتي ۾ ڪوبه ڌاريو سنڌ ڏي اک نه کڻي سگهيو. انهن کان پوءِ سنڌ سمن جي هٿان نڪري قنڌار کان آيل پٺاڻن جي ور چڙهي ۽ شاهه بيگ ارغون (927هه – 928هه) سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ پوءِ پُٽس ميرزا شاهه حسن (928هه – 962هه)، پر ارغونن جي دور جو ڪوبه سڪو هتان نه مليو آهي. ميرزا شاهه حسن جي وفات تي ارغونن جي حڪومت ختم ٿي ۽ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. ٺٽي کان سيوهڻ تائين علائقو ميرزا عيسيٰ خان ترخان (962هه – 974هه) جي هٿ آيو ۽ بکر جي حڪومت سلطان محمود بکري (962هه – 982هه) جي حوالي ٿي.

بکر مان ضرب ٿيل سلطان محمود جو هڪ سڪو هٿ آيو آهي، جنهن تي هڪ طرف لکيل آهي:

”ضرب فلوس بکر“

ٻئي پاسي تي ڪابه لکيت نه آهي، فقط ڪلنگي کي سان مور جي تصوير ٺهيل آهي (34). مرزا عيسيٰ خان ترخان جا پڻ ٺٽي جا جاري ڪيل ٽامي جا ساڳئي نموني جا سڪا ملن ٿا، جن تي هن طرح لکيل آهي. هڪ طرف:

”ضرب فلوس بلدتته“

۽ ٻئي طرف

ٽاريءَ تي ويٺل پکيءَ جي تصوير آهي (25)

مرزا عيسيٰ کان پوءِ مرزا باقي بيگ ترخان (974هه – 993هه) سنڌ جو حاڪم ٿيو. سندس نالي جا سڪا پڻ سيوهڻ مان مليا آهن، جن جي هڪ طرف لکيل آهي:

”ضرب فلوس بلدتته – 979“

هن سڪي جي ٻئي پاسي مرزا عيسيٰ جي سڪي وانگر پکيءَ جي تصوير اڪريل آهي (26). هن کان پوءِ ٻئي ڪنهن مقامي حاڪم جو سڪو نه لڌو آهي. مرزا جاني بيگ (993هه -  999هه) سان هندستان جي مغل شهنشاهه اڪبر جي لشڪر جنگ ڪري سنڌ فتح ڪئي. هاڻي سنڌ هندستان جو هڪ صوبو هئي ۽ هتي جي ضربخانن مان جلال الدين اڪبر (962هه – 1014هه) جي نالي جا سڪا جاري ٿيا. اهڙو هڪ سڪو سيوهڻ مان پڻ لڌو آهي، جنهن لاءِ پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته اهو ٺٽي مان جاري ٿيو يا سيوهڻ مان ضرب ڪيو ويو. هن سڪي تي هڪ ڇهه ڪنڊي تاري ۾ لکيو ويو آهي:

”اڪبر“

جڏهن ته ٻئي پاسي ۽ تاري ۾ اندر ڪي لفظ لکيل آهن. پر جيئن ته هي سڪو صرف هڪ آهي، جنهنجو ٻيو پاسو ڊٺل آهي، ان ڪري اهي لفظ پڙهي نٿا سگهجن، ساڳئي قسم جي ٻين سڪن ملڻ بعد آساني سان پاسو به پڙهي سگهبو (28).

مٿي ذڪر ڪيل سيوهڻ جي قديم شهر مان لڌل سڪن جي پڙهڻ سان اسان کي اوائلي اسلامي دور کان وٺي مغلن جي دور جي شروعات تائين اٽڪل هڪ هزار سالن جي سنڌ جي تاريخ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ساڳي طرح جيڪو سموري سنڌ جي قديم آثارن ۽ اهم شهرن سان لڌا، سڪن جو تفصيل هٿ ڪيو وڃي ته سڪن جي اهم شاهدي وسيلي تاريخي واقعن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي، ڇاڪاڻ ته سڪن کان وڌيڪ پڪو ۽ پختو تاريخي ثبوت ٻيو ڪوبه نه آهي.

نوٽ: مضمون ۾ ڏنل نمبر ذڪر ڪيل سڪن جا آهن، جن جو ذڪر مضمون ۾ ڪيو ويو آهي.هن مضمون لکڻ لاءِ مواد هٿ ڪرڻ ۽ سيوهڻ مان لڌل سڪا مهيا ڪرڻ لاءِ آءٌ محترم جمال ميراڻي ۽ مسٽر محمد صديق ميمڻ، تڏهوڪي مختيارڪار سيوهڻ جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جن جي مدد کان سواءِ منهنجي لاءِ هي مضمون لکڻ ممڪن نه هو. مضمون ۾ ڏنل سڪن جي فوٽن لاءِ آئون پنهنجي دوست عزيز بابر سومري جو ٿورائتو آهيان.

 

ماخذ

(1) سيد علي ڪوفي (مترجم: مخدوم امير احمد) فتح نامه سنڌ عرف چچه نامه (سنڌي) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1954ع.

(2) مير معصوم بکري (مترجم: مخدوم امير احمد) تاريخ معصومي (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1953ع.

(3) رحيمداد خان مولائي شيدائي: جنت السنڌ (سنڌي)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1958ع.

(4) مولوي نور محمد نظاماڻي: سنڌ جي تاريخ، ڀاڱو پهريون، قديم سنڌ (سنڌي) سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1932ع.

(5) مولوي نور محمد نظاماڻي: تاريخ سنڌ، ڀاڱو ٻيو (سنڌي) انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، 1983ع.

(6) عبدالغني عبدالله: تاريخ سنڌ، ڀاڱو ٽيون، سومرا ۽ سما (سنڌي) سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 1939ع.

(7) مولانا سيد ابوظفر ندوي: تاريخ سنڌ (اردو) مطبع معارف، اعظم ڳڙهه، 1947ع.

(8) مولانا قاضي اطهر مبارڪپوري: هندستان مين عربون کي حڪومتين (اردو) مڪتبئه عارفين، ڪراچي، 1967ع.

(9) اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سندهه (اردو) مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1976ع.

(10) Edwards Thomas: The Chronicles of Pathan Kings of Delhi, Trubner and Co, London, 1871.

(11) Stanley Lane Pole: The Coins of Sultans of Delhi in the British Museum. The Trustees, London, 1884.

(12) H. Nelson Wright: The Coinage and Metrology of the Sultans of Delhi, Manager of publications Delhi. 1936.

(13) H. T. Lambrick: Sind, before the Muslim Conquest, Sindhi Adabi Board Hyderabad, 1973.

(14) M. H. Panhwar: Chronological Dictionary of sind, Institute of Sindhology, University of Sind, 1983.

(مٿين ڪتابن کان سواءِ محترم جمال ميراڻي صاحب جي گڏ ڪيل سڪن ۽ پنهنجي ذاتي گڏ ڪيل سڪن جي مشاهدي مان پڻ هن مضمون لاءِ مدد ورتي ويئي آهي.)

دارون هن ديواني جو

(اڀياس)                                     عبدالقيوم ”صائب“

 

نجم عباسي سنڌ جو اهو آدرشي (۽ مصروف) ليکڪ آهي، جيڪو 1945ع کان وٺي اڄ تائين لاڳيتو لکندو رهيو آهي. سال 1977ع کان وٺي اهڙو ڪو سال نه رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ڪونه ڪو ڪتاب شايع نه ٿيو هجي. هن ڪهاڻيءَ، ناول ۽ مضمون سان گڏ ننڍي هوندي هاءِ اسڪول واري زماني ۾ شعر به لکيو آهي. هو جيتوڻيڪ بنيادي طرح هڪ ڪهاڻيڪار آهي پر مضمون تي به خاصي دسترس اٿس، ايتري قدر جو ڪن ڪهاڻين پڙهندي انهن تي مضمون هئڻ جو گمان ٿئي ٿو. هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”طوفان جي تمنا“ 1929ع ۾ شايع ٿيو ۽ ”دارون هن ديواني جو“ 1985ع ۾ ڇاپجي پڌرو ٿيو اٿس، جنهن ۾ ڪل 28 ڪهاڻيون ڏنل آهن، جن مان پهرئين ڪهاڻيءَ جو عنوان خود ڪتاب جو عنوان بڻجي پيو آهي. گذريل سال هن ڪتاب جا چار ڪتاب ـــ پهاڙن ۾پڪار، پيار ڪهاڻي، بلنديون ۽ پروفيسر ــــ پڙهندڙن تائين پهتا، آهن، ۽ ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ عنوان سان سندس ڪتاب تازو پڌرو ٿيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته پڙهندڙن کي لکندڙ مليو آهي ۽ لکندڙ کي پڙهندڙ. مطلب ته نجم عباسي جي پڙهندرن جو هڪڙو وسيع حلقو پيدا ٿي پيو آهي. ائين کڻي چئجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ نجم عباسي هڪ مقبول ڪهاڻيڪار آهي.

آءٌ چئي آيو آهيان ته نجم هڪ آدرشي ليکڪ آهي، هن مان ٻه ڳالهيون اسان جي آڏو اچن ٿيون ـــ هڪ ته عام پڙهندڙ ڪهڙي قسم جون ڪهاڻيون پسند ڪري ٿو. ٻيو ته ڪهاڻيڪار ڇا پيو ڏئي، سوچي ۽ فڪر وفن جي ميدان ۾ ڪهڙي معيار تي اچي بيٺو آهي.

آءٌ انهن ٻنهي ڳالهين کي اڳيان رکي هن مجموعي ”دارون هن ديواني جو“ جو جائزو پيش ڪندس.

هن مجموعي جو اڀياس ڪندي پهرئين ڳالهه جيڪا منهنجو ڌيان ڇڪائي ٿي، سا آهي سامراجيت بابت ڪهاڻيڪار جا خيالات، جيڪي هونئن ته سڄي مجموعي تي ڇانيل نظر اچن ٿا، پر خاص ڪري ـــ ”هڪ نعرو“، ”مڃتا“، ”پهريون هٿيار، پڇاڙڪو هٿيار“۽ ”پاپ“ ــــ عنوان وارين ڪهاڻين ۽ اوتيل ۽ وسمايل آهن، جن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته سامراج ڇا آهي، ڪيئن ڪم ٿو ڪري، ۽ ماڻهو ان جي هٿن ۾ ڪيئن کيڏن ٿا ۽ خود مزدور طبقو، جيڪو هونئن ته سامراج جي خلاف هڪ وڏو هٿيار ٿي ڪم اچي ٿو، سو به بعضي ڪيئن سامراجيت جو هٿ ٺوڪيو ٿي ڪم ڪري ٿو. اهڙيون حقيقتون ڪهاڻين جي ذريعي نهايت سادي ۽ سپڪ ٻوليءَ ۾ پڙهندڙن کي ذهن نشين ڪرائڻ ۾ ڪهاڻيڪار ڪاميابي حاصل ڪري، سا وڏي ڳالهه آهي. نجم عباسي پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي اها وڏي ڳالهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن ڪهڙيءَ طرح پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهن جو عڪس پيش ڪجي ٿو. هو ”هڪ نعرو“ جو ٻڌائي ٿو:

”سامراجي ان کي چئبو اهي ۾ ڌاريو هجي ۽ غير ملڪ ۾ وڃي يا اتي ٿي، اتي جي رهاڪن تي پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب مڙهي، اتي جون زمينون ڦٻائي، اتي جون جائدادون هڙپ ڪري، ماڻهن کي پنهنجو معاشي محتاج بنائي، اتي جي دولت ٻين پاسن موڪلي يا کڻي وڃي، ٻي هر طرح سڄي پرماريت ۽ ڦرمار ڪري، ۽ سياسي غلبو حاصل ڪري. صدين کان وٺي انگريز، فرينچ، آمريڪي، پورچوگيز، جرمن ۽ ٻيون ڳچ قومون اهڙيون ئي سامراجي ٿي پئي رهيون آهن.“

سامراج کي وري پڪ آهي ته ”بورجوا دلال، رجعت پرست جاگيردار ۽ نوڪر شاهي، جيستائين سماجي ارتقا جو اڳيون ڏاڪو نه آيو آهي، تيستائين هتي سچائيءَ سان سامراجيت جو جهنڊو بلند رکندا ۽ انهن ۾ نوڪر شاهي اڳيان اڳيان رهندي.“ هو بورجوا دلال ۽ نوڪر شاهي بابت ذهن نشين ڪرائي ٿو ته، ”بورجوا دلال اهڙا اشخص آهن، جن ذريعي انگريز سامراج، صنعتي ۽ زرعي ڦرلٽ ۽ پرماريت ڪندو آهي. هو ڪارخانيدار نه آهن، پر ايجنٽ يا واپاري آهن.“ ۽ نوڪرشاهيءَ کي اجاگر ڪندي چوي ٿو ته، ”نوڪر شاهي، انگريز سامراج جي نپايل ۽ پاليل ۽ سيکاريل آهي. ان ذريعي سامراج حڪومت ڪندو آهي. اها سامراج جي سڀ کان وڌيڪ وفادار مخلوق آهي.“

نجم اڳتي هلي، ”پهريون هٿيار، پڇاڙڪو هٿيار“ ڪهاڻيءَ ۾ اهو به ٻڌائي ٿو ته سامراج نه رڳو ڦرلٽ ۽ پرماريت تي سندرو ٻڌي بيهي ٿو، پر ڏتڙيل ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ جنگيون پڻ ڇيڙيندو آهي. هو ان جو چٽ هن طرح چٽي ٿو: ”پر سامراج ته پاڻ جنگ چاهي ٿو ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان دنيا جي ڪيترن ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ جنگ جي چڻنگ دکايو ويٺو آهي.“ ۽ هو ”رڳو اهڙين جنگين ڇيڙڻ لاءِ تيلي ڏئي ٿو، جيڪي ڏتڙيل ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ لڳن. ان ۾ هن جا ٻه مقصد هوندا آهن: هڪ ته هن جي هٿيارن جو وڪرو ٿيندو ۽ ٻيو ته اهڙن ملڪن ۾ غير پختي، غير جمهوري يا ڊڪٽيٽري حڪومت هوندي ۽ اهڙي حڪومت، سامراجي هڪ هٽيءَ واري واپار لاءِ سڻائي ۽ مفيد هوندي آهي. سامراج انهن جنگين جي مخالفت ڪندو آهي، جي قومي آزادي ۽ غير طبقاتي سماج لاءِ لڙيون وينديون آهن.“ وڏن وڏن ڪتابن جو ڏس ڏيڻ بدران ننڍين ننڍين ڪهاڻين جي ذريعي اهڙي مؤثر سکيا ڏيڻ ڪهاڻيڪار جي آدرش تي چٽي روشني وجهي ٿو.

نجم اهو به ٻڌائي ٿو ته نه رڳو جاگيردار، سرمائيدار ۽ بورجوا دلال سامراجي مقاصد ۽ اغراض لاءِ استعمال ٿين ٿا، پر خود مزدور به سامراجيت جو هٿيو ٿي ڪم اچي ٿو. هو ”هڪ نعرو“ ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو، ”چيو ويندو آهي ته مزدور مڙئي مظلوم آهن ۽ مزور، مزور جو دشمن ڪونه ٿيندو آهي. ان سلسلي ۾ مارڪس جي چوڻي دهرائي ويندي آهي ته: ’دنيا جا پورهيتو، هڪ ٿي وڃو.‘ ان جو مطلب اهو نه آهي ته مزور وڃي ٻين ملڪن ۽ علائقن جي ڪارخانن جي مزورين تي قبضو ڪن، ۽ اتي جا اصل رهاڪو مزور بيروزگار ويٺا هجن ۽ بکون پيا ڪاٽين. مارڪس جو نالو وچ ۾ آڻيندڙ مزدورن کي گهرجي ته هو پنهنجي ديس يا علائقي جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي، اتي جي سرمائيدارن سان مقابلو ڪن، ۽ ساڳئي وقت ٻين ڏينهن جي مزدورن جو به هر قسم جو ساٿ ڏين. اهوئي آهي مارڪس جي ان گفتي جو اصل مطلب.“ ”باقي جيڪي مزور ٻاهران اچي ڪنهن ملڪ جي مزودرن جا حق ماري ڪم ڪن ٿا، سي سرمائيدارن ۽ پرمارن جا ڇاڙتا ئي چئبا.“

هي ڳالهيون پڙهندي جڏهن سنڌي ڪهاڻين جو پڙهندڙ سنڌ جي عام حالتن ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو ته هن کي پنهنجي وطن ۾ به اهڙيون حالتون عام نظر اچن ٿيون ۽ هن ۾ اهو احساس بيدار ٿئي ٿو ته سندس وطن جا مختلف طبقا کين پنهنجي غرض لاءِ ڪيئن نه نقصان پيا رسائين. اهوئي سبب آهي جو نجم کي پڙهندڙن جو هڪ حلقو ملي ويو آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته نجم ايمانداريءَ سان حقيقتن جو نقش چٽيندڙ اهو ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو قوم ۽ وطن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪهاڻيون لکي رهيو آهي.

نجم نه رڳو هر قسم جي سامراج کي ڌڪاري ٿو، پر هو هڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ قلم جي اهيمت ۽ مقام کان به واقف آهي. اهو قلم ۽ قلمڪار ڇا ٿو ڪري سگهي، ان جي اثر کي وري تلوار يا طاقت ڪيئن ٿي زائل ڪري، هو اُن جي به چٽائي ٿو ڪري.  هو اهو به ٻڌائي ٿو ته آزاديءَ جو شعور ته قلم جي ذريعي پيدا ڪبو آهي، پر خود آزادي هٿياربند هلچل ۽ جاکوڙ جي ذريعي حاصل ڪبي آهي. قلم ۽ تلوار مان هن جي ڪهڙي مراد آهي، تنهن جي باري ۾ لکي ٿو، ”قلم مان مطلب ڇا آهي؟“

”ادب، صحافت، شعور، نظريو، تقرير، سياسي پليٽفارم، ڪانفرنسون، اهنسا، سڌ ٻڌ جا ريڊئي ۽ ٽيليويزن جهڙا ذريعا وغيره.“ ۽ تلوار مان مطلب؟

”ڪهڙي به قسم جو وڙهڻ ۽ مارڻ جو هٿيار، تشدد، ڏاڍائي، لشڪر، لشڪري راڄ، مارشل لا، ڊڪٽيٽر شپ، ڏنڊو، ڏهڪاءُ، ڌماڪا، گوريلا جنگ، لڙائي وغيره.“

قلم ۽ تلوار جي مطلب کي صاف ڪرڻ بعد آزاديءَ لاءِ وڙهڻ واري سپاهي لاءِ هو چوي ٿو، ”پر وڙهڻ واري قومي سپاهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هو پهرين نظرياتي هٿيار سان هٿياربند ٿئي ۽ اهو آهي قلم.“ پر انهيءَ قلم ۽ قلمڪار تي جيڪي وهي واپري ٿو، تنهن جو چٽ هن طرح چٽيو ويو آهي. چي ”لکيتن تي پابنديون وڌيون وينديون آهن، اديبن کي جيلن جي سزا ڏني ويندي آهي. ان هوندي به قلم هار نه مڃيندو آهي ۽ اهڙيون لکيتون ملڪ کان ٻاهر به شايع ٿي پنهنجي ملڪ ۾ اينديون آهن ۽ قومن جي ذهني سجاڳيءَ جو باعث بڻبيون آهن. اهڙن لکيتن مان ڪن تي پنهنجي ملڪ ۾ ته پابنديون پونديون آهن، پر ٻاهرين ۽ آزاد ملڪن ۾ انهن تي نوبل انعام ڏنا ويندا آهن.“ نجم اهو سڀڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو ۽ پڙهيو آهي. دنيا جي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ اهڙا مثال آهن ــــ ـــ ڌارين ملڪن ۾ به ۽ پنهنجي ملڪ ۾ به. هن ان ڳالهه کي هن طرح کنيو آهي:

”پر وڙهڻ واري قومي سپاهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هو پهرين نظرياتي هٿيار سان هٿياربند ٿئي، اهو آهي قلم.“

”اها صحيح ڳالهه آهي ته فقط اها قوم اثرائتي نموني وڙهي سگهندي جا  ذهني ۽ شعوري طرح سجاڳ آهي. پر ذهني شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪندڙ اوزار يعني قلم تي جيڪي پهرا ۽ پابنديون آهن، سي تلوار جو ڪارنامو هونديون آهن ۽ جي قلم کي بيوس به بنائي سگهن ٿا. ڊڪٽيٽرشپ جي سينسرشپ جي تلوار قلم کي ڪاغذ تي چُرڻ ئي نه ڏيندي آهي. قلم ڌڻين، ليکڪن ۽ صحافين لاءِ آمرانه حڪومت جا جيل وڏو وات ڦاڙيو، ڳڙڪائڻ لاءِ دائمي تيار هوندا آهن. اديبن ۽ صحافين کي نه رڳو سامراجي جيلن اندر وحشي ايذاءَ ڏنا ويندا آهن، پر ٻاهر به هنن جي ڪٽنبن واسطي اقتصادي دشواريون پيدا ڪيون وينديون آهن. ڪن ليکڪن جي لکڻين ۽ ڪتابن جي ڇپجڻ تي پابنديون پونديون آهن.

”پر تنهن هوندي به قلم هار مڃڻ وارو نه هوندو آهي ۽ گوهي نه ڪندو آهي. جيل ۾ به وڏا وڏا ڪارناما هوندا اٿس. دنيا جا ڪي عظيم ڪتاب جيل اندر لکيا ويا. قيدي اديب قومي شعر ۽ لکڻيون ٻاهر موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. پوءِ اهي ڇپجي ديس ۾ پهچي ويندو آهي ۽ پڙهندڙن تائين رسالي حاصل ڪندو آهي.“

هيترو ڪجهه ٻڌائڻ بعد اها ڳالهه به ظاهر ڪري ٿو ته ”گهٽ ۾ گهٽ هن دور ۾ اهڙي گفتي ته: ’قلم تلوار کان تيز آهي، ان ۾ بورجوا سازش جي بوءِ اچي ٿي.‘ سو ان ڳالهه جي ظاهرڪرڻ بعد هيئن چوڻ تي مجبور آهي ”هن حقيقت کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي ته تلوار، قلم کان گهٻرائي ٿي.“ ۽ ٻيو ته ”قلم جي تمام وڏي اهميت آهي. انقلاب جي واٽ ۾ شروعاتي هٿيار قلم آهي، پر پڇاڙڪو هٿيار تلوار آهي“، مطلب ته انقلاب جي لاءِ قلم ۽ تلوار پنهنجي پنهنجي وقت تي ٻئي ضروري آهن، پر هو وڌيڪ چوي ٿو ته ڪامياب انقلاب صرف اهو آهي، جنهن کي قائم رکي سگهجي ورنه اها هڪ بيڪار جسارت آهي. ان سلسلي ۾ هو چليءَ جي انقلاب جو مثال ڏيندي چوي ٿو، ”چليءَ جي سماجوادي انقلاب ٻڌايو آيه ته اهڙو سماجوادي انقلاب، جنهن کي قائم رکي نه سگهجي، سو اجايو آهي.“ هن نه رڳو ايترو چيو آهي پر انقلاب جي سلسلي ۾ هڪ ٻي به ڳالهه ڪئي آهي ۽ اها هيءَ ته ”جو ذهني ۽ نظرياتي هوندو، سوئي هٿيارن جو صحيح نموني استعمال ڪندو. باقي ڌرمي بنيادن تي هٿيارن جي استعمال سان نه قومي آجائي وٺي سگهبي ۽ نه طبقاتي سماج کان جان ڇڏائي سگهبي.“

نجم عباسي انهن ڳالهين سان گڏوگڏ سنڌ جي ڪن بيمارين جو ذڪر به ڪيو آهي، اهي آهن ـــ ـــ وڏيرو، پير، ڌاڙيل، پوليس ۽ حرامخور طبقو. هن وڏيري، پوليس ۽ ڌاڙيل جو چٽ پنهنجي ٻن ڪهاڻين هڪ ”رازو“  ۽ ٻي ”ڌاڙيل جو جنم“ ۾ خاص طور تي چِٽيو آهي. هن اها ڳالهه صاف طور تي لکي آهي ته جڏهن ڪنهن وڏيري جي ناجائز حڪم کي اڳلو ڪونه ٿو مڃي ته هو پنهنجو زور ڏيکارڻ لاءِ پوليس جو سهارو وٺندو آهي. پوليس وري وڏيري جي پُٺي ٺَپرڻ خاطر، ان شخص کي ڪنهن نه ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي ڏاڍي ڦيهه ڪڍندي، وڏي رشوت وٺندي، ان شخص جي ماءُ، ڀينر يا ٻين مائٽن کي ٿاڻي تي آڻائي ڏاڍي بي عزتي ڪندي آهي. جڏهن اهو شخص ايتريون تڪليفون برداشت ڪري سگهندو آهي ته وير وٺڻ جي سوچيندو آهي ۽ نيٺ وڃي هڪ اهڙي قوت جي ڀر وٺندو آهي جيڪا وڏيري ۽ پوليس سان پڄي کائڻ جوڳي هوندي آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ اهڙي قوت آهي ”ڌاڙيل“ جي. ان ريت ڌاڙيل نه رڳو لُٽيندو، ڦريندو ۽ ڌاڙا هڻندو وتندو آهي پر پوليس، وڏيري ۽ ان جي ڪمدار مان ڪسرون ڪڍندو رهندو آهي، اڃا به اڳتي وڌي انهن کي اُڦٽ ماري ڇڏيندو آهي. ٻي ڳالهه ته ڌاڙيلن جا جو ٽولا بڻبا وڃن، تنهن جو هڪڙو سبب وڏيري جون ڪُڌايون ۽ پوليس جون ڏاڍايون پڻ آهي.

”هو ”رازو“ ۾ هڪ هنڌ ٻڌائي ٿو ته” مستري ڄام جا طاق لڳي ويا. پر هو جهانديدو ماڻهو هو. ايترو اٻوجهه نه هو. وڏيري جي حڪم، پنهنجي انڪار ۽ پوليس جي هڪ ڪارروائي ۾ ناتو سمجهڻ ۾ دير نه لڳس. هن کي هٿ ڪڙيون لڳايون ويون. هن احتجاج ڪيو ۽ دانهون ڪيون ته منهنجي اڳين پيڙهين، توڙي مون، توڙي منهنجي پونيرن چرس نه ڪڏهن واپرايو ۽ نه ان جو واپار ڪيو آهي. هي سڀ هٿن جي کيڏ ڪري مون کي ڦاسايو ويو آهي. پر صوبيدار هن کي لَتَ هڻي چيو ته اهي ڳالهيون ڪورٽ ۾ هلي ثابت ڪجان، حالي هلي جيل جي هوا ”کاءٌ!“ ”ڌاڙيل جو جنم“ ۾ وري ڪانڀوءَ تي وڏيري جي ظلمن ۽ ڏاڍاين جو چٽِ چٽڻ بعد هو ٻڌائي ٿو ته ڪانڀوءَ جي سوچ ۾ ڦيرو اچي ٿو ۽ اهو هيئن سوچڻ لڳي ٿو ”پر مان اهڙو ڪمزور به نه آهيان. سڀڪجهه ائين ماٺ ۾ ڇو ٿو سهان. ان ماٺ ۾ به ته تباهه ٿي رهيو آهيان. وڏيري جو ظلم وڌندو ٿو وڃي. مان به نڌڻڪو نه آهيان. منهنجا به ٻه مائٽ آهن. منهنجا به ٻه يار آهن، جي سنگت ۾ سر تريءَ تي رکندا. مان پلاند وٺندس، مان پنهنجو حق وٺندس ــــ ”هو صوبيدار ۽ وڏيري جي رت جو پياسي بنجي ويو.“ هن پوءِ صوبيدار، ۽ سپاهي ۽ وڏيري جي پٽ کي گوليون هڻي ماري، وڃي ڌاڙيلن جي ٽولي سان گڏيو.

نجم مٿين حقيقتن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ مؤثر انداز ۽ اصلوب سان پيش ڪري، عام پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو آهي. اهائي هن جي ادبي ۽ فني ڪاميابي آهي. هيترو ڪجهه ڏيندي نجم جو قلم ڪٿي به هٻڪيو ڪونهي، بلڪ روان دوان رهيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هو حقيقي اديب ۽ ڪهاڻيڪار واري بلند معيار تي پهچي ويو آهي. هن پنهنجو اهو معيار قائم رکندي ’پير‘ جو ڪردار وري هيئن چٽيو آهي:

”مون کي شخصي طرح سڌ آهي ته تون پير ڪيئن بنئين؟ پير جي حيثيت ۾ تو نرالي حڪمت عملي اختيار ڪئي. سنڌ جا عام پير خاص ڪري ان زماني ۾، گهڻو ڪري، اڻپڙهيل، مذهبي طرح بي عمل، عياش، نشئي، ڀنگوڙا، شڪار جا شوقين، ڪتن ۽ رڇن جون ويڙهيون ڪرائيندڙ ۽ جواري هئا. تون شريعت جو غلاف ڍڪي مريدن جي سامهون اچڻ لڳين.“ ”منهنجو هي چوڻ آهي ته جو انسان پورهيو نه ٿو ڪري، تنهن کي کائڻ جو حق نه آهي. جو ٻين جي پورهئي جو ٿو کائي، پوءِ کڻي مذهب جي نالي ۾، سو حلال نٿو کائي. (هتي ڪهڙي نه سهڻي نموني ۾ ٻين جي ڪمائيءَ تي جيئندڙ کي حرامخور چيو ويو آهي) خيال ڪريو ته هڪڙو ماڻهو، سڄو ڏينهن محنت ۽ مزوري ڪري، رت ۽ ست ڏئي ڪمائي اچي توهان کي نذراني طور پيش ڪري ٿو ۽ توهان پلنگ تي ويٺي کائو ٿا... ڪيتري نه شرم جي ڳالهه، ڪيڏو نه ظلم، هنن محنت ڪش ويساهه وسوڙلن تي! هنن جي ڪمائي تي عيش ڪري، هنن کي ٻي دنيا جي بهشت جي ڏٽن ۾ پيا رکو. ان کي مڪاريءَ جي انتها نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي!“ نجم نه رڳو اهو سڀڪجهه ”مدي خارج“ ڪهاڻيءَ ۾ چيو آهي، پر ان ۾ پيرن تان ڪافي اڳڙي لاٿي اٿس. هن افساني ۾ نجم عباسي، ڏيپلائي مرحوم جون سڪون پيو لاهي.

نجم عباسي، انقلابي اديب جي ڪم، حيثيت ۽ ڪارنامن تي ته لکيو آهي، پر اهڙن اديبن جي لکڻين تي به ٻه اکر لکيا اهن، جيڪي سنڌي ٿي ڪري به سنڌين ۽ انهن جي حقن جي خلاف، حڪومت جا پٺو ٿي ڪري ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙن اديبن جو ذڪر هن ’پرائو ڪلهو‘ ۾ ڪيو آهي. هو ٻڌائي ٿو:

”هن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌي ترقي پسند اديبن ۽ سنڌي قوم پرستن پٺيان باهه لڳائي ڏني آهي. هنن جي ڪتابن کي ضبط ڪرڻ جي گهر ڪري ٿو ۽ جڏهن انهن تي بندش پوي ٿي ته هنبوڇيون هڻي ٿو. هنن کي دهريو، ڪافر، ڏاهر پرست، ڪميونسٽ ڪوٺي عوام کي هنن خلاف ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ريڊئي، ٽيليويزن ۽ ٻين سرڪاري نوڪرين مان هنن کي ڪڍرائڻ لاءِ واويلا مچائي ٿو. سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارن کي راڄ ڊوهي شمار ڪري ٿو. ڪو سنڌ جي تاريخي ۽ قومي سورمن جي ساراهه ڪري ٿو ته هُو پاڻيءَ مان نڪري وڃي ٿو.“

هن ڪهاڻيڪار، سياست، وڏيراشاهي ۽ اديبن جي ڪردار کي پيش ڪرڻ سان گڏ سماج جي مختلف پهلوئن تي پڻ ڪهاڻيون لکيون آهن. اهڙين ڪهاڻين ۾ ’دارون هن ديواني جو‘، ’ولايت ۾ ولر ياد آيا‘، ’شادي‘، ’شيرين’ ۽ ’ڇيڻا‘ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون. هنن مان پهرئين ڪهاڻيءَ ۾ انهيءَ شخص جي ڪردار کي کنيو آهي، جيڪو ذهني توڙي جسماني طور تي بيماريون ڪاٽيندو رهي ٿو، جنهن ڪري پڙهيل ڪڙهيل هوندي به ويچارو ڪنهن ڪم جو ڪونهي. هو فوٽ پاٿ تي سمهندو، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندا، گٽرن جو پاڻي پيئندو ۽ ٻيا اهڙا ڪم ڪندو رهي ٿو. هن جو علاج به ڪيو وڃي ٿو، تنهن هوندي به هو هڪ بيڪار سماجي پرزو ٿي رهجي وڃي ٿو. اهڙو هڪ سچو پچو ماڻهو نجم جي اسپتال مان اڪثر ويٺل نظر ايندو، جنهن جي صورت ڪتاب جي مٿان پڻ عڪس پذير آهي. مطلب ته هڪ سچ کي ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ٻيءَ ڪهاڻيءَ ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪلچر (ثقافت) ڪيڏي نه سگهاري شئي آهي. هي لکي ٿو ”پر ڀائو! ديس کان ٻاهر رهي ئي ماڻهوءَ کي احساس ٿو ٿئي ته ٻولي، وطن ۽ ڪلچر ساڳيو هجڻ جهڙو ٻيو ناتو آهي ئي ڪونه“ ”سو يار ڌرتيءَ جي روحاني ڇڪ، ٻاهر وڃي ٿي محسوس ٿئي. اهوئي آهي منهنجو ولايت ۾ رهڻ جو تجربو ۽ احساس .“ ٽين ڪهاڻي سڱا بنديءَ بابت آهي. چوٿينءَ ۾ پڻ شاديءَ جو مسئلو کنيو ويو آهي، ۾ جنهن اهو ڏيکاريو ويو آهي ته جن مائٽن جو ڇوڪرين جي ڪمائيءَ کانسواءِ، گذر اوقات جو ٻيو وسيلو ڪونهي سي ڇوڪرين کي ڇڙواڳ ته ڇڏي ڏين ٿا، پر انهن جي شادي ڪونه ٿا ڪرائين ۽ هو ائين ڪرڻ لاءِ لاچار آهن. پنجين ڪهاڻيءَ ۾ ڀنگين جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:

”مان هنن ڀنگين جي حالتن تي سوچيندو آهيان ته هنن کي صدين کان وٺي ايترو پيڙيو، دٻايو ۽ هيسايو ۽ پري رکيو ويو آهي، جو هو پنهنجو پاڻ کي به انسان کان گهٽ ٿا سمجهن. هو پنهنجو مذهب پڻ مٽائيندا رهيا. مسلمانن جي حڪومت ۾ مسلمان ٿيا. سِکن جو راڄ ٿيو ته هو سِک ٿيا.انگريز حاڪم بنيا ته هنن عيسائيت قبول ڪئي. پر تڏهن به هنن کي انسان نه سمجهيو ويو ۽ اڻ برابري جو درجو مليو. هو پست ۽ اڇوت ئي رهيا.“

اهڙيءَ طرح محسوس ٿيدنو ته نجم عباسي جي مختلف مسئلن، طبيعتن ۽ حالتن جي پنهنجي ڪهاڻين ۾ نشاندهي ڪندو اچي ٿو. هن سماج جي ٻين ڪردارن سان گڏ پنهنجي پيشي وارن کي به ڪونه وساريو آهي. هن ”بد ذوق“ ۾ ڊاڪٽر جي ڪردار کي کنيو آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيترا ڊاڪٽر، بيمار زالن جي عصمت جي هاج لاهي، انهن جا ٻيڙا پار ڪري ڇڏيندا آهن. ۽ ”هڪڙو غريب ٿيو بيمار“ ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ جتي مفت علاج ڪيو وڃي ٿو، اتي به بيمارن ۽ انهن جي مائٽن کي ڪيئن ڦريو ۽ لُٽيو وڃي ٿو.

انهيءَ مان ظاهر آهي ته نجم انهن سڀئي مسئلن تي ڪهاڻيون لکندو رهندو آهي، جن کيس وقت بوقت متاثر پئي ڪيو آهي. البت اها خبر ڪانهيم ته انهن جي عملي ميدان ۾ پاڻ ڪيتريقدر سلهاڙيل آهي، ڇاڪاڻ جو هو ”ٻولين جو تون ٻول“ ۾ ان جي نشاندهي ڪندي چوي ٿو ”جيستائين لکڻ وارو پاڻ پنهنجي لکيتن تي عمل نه ڪندو يا عملي ميدان ۾ نه هوندو، تيستائين هن جون لکڻيون ايترو اثرائتيون ثابت نه ٿينديون.“ ان ڏس ۾ آءٌ فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته نجم جون ڪهاڻيون پڙهندڙن تي پنهنجو اثر ته ڇڏين ٿيون.

هي ته ٿيو نجم جي ڪهاڻين جي باري ۾ پر هن جي ٻوليءَ ۽ ادبي معيار جي باري ۾ ايترو چئبو ته هن جي ٻولي سادي، سپڪ، وقتائتي ۽ اثرائتي ٿئي ٿي. سهڻا محاورا، سهڻيون چوڻيون، سهنيون تشبيهون استعمال ڪرڻ سان گڏ ڪهاڻين جا سهڻا پس منظر ۽ پيش منظر پيش ڪري ٿو؛ منظر نگاري ۽ جزئيات نگاريءَ جو به ڏانوءَ اٿس ۽ حقائق کي حقائق جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. اديب ٿو ڪري اديب کي هروڀرو ساراهي مٿي تي ڪونه ٿو چاڙهي، پر هن جي سماج ۾ جيتري حيثيت آهي ان جو ايترو ئي چٽ چٽي ٿو، نظرياتي طور به هو هڪ حقيقت پسند نظر اچي ٿو. هن جي تحرير جون اهي ئي خوبيون ۽ سهڻايون آهن، جن کيس اڃا تائين پڙهندڙن ۾ مقبول ڪري رکيو آهي. انهن سڀني ڳالهين هوندي، هن جون ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن، جي ڪهاڻيون گهٽ ۽ مضمون وڌيڪ معلوم ٿيون ٿين. اهڙن ڪهاڻين ۾ ”دليري“ ۽ ”آءُ ڪنور، ڪر ڳالهه“ ڏانهن ڌيان خودبخود ڇڪجي وڃي ٿو. ازانسواءِ هن ڪيترن لفظن جي غلط صورتخطي استعمال ڪئي آهي. هونئن به نجم جو لاڳاپو وچولي (ساهتيءَ) واري خطي سان آهي، جنهن جي ٻولي معياري ۽ صحيح ليکي ويئي آهي. اتي جو اديب جي غلط صورتون استعمال ڪري ته پوءِ ٻوليءَ جي معيار ڪٿي قائم رهندو. آءٌ کيس ايترو عرض ڪندس ته هو آئنده لفظن جي صحيح صورت ڏانهن ڌيان ڏئي. اهڙن چند لفظن جي آءٌ هتي نشاندهي ڪريان ٿو. مختيارڪار، خذمت، عيوضي، ڪارروائي ۽ ڇپڻ، جيڪي پاڻ اڪثر ڪتب آندا اٿس، تن جي صحيح صورت آهي: مختارڪار، خدمت، عيوضي، ڪارروائي ۽ ڇاپڻ، پنهنجي ٻوليءَ جي معيار کي قائم رکڻ لاءِ اهو ضروري به آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com