سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986(2)

 

صفحو :3

 ذوالفقار سيال

وائي

 

آئيني ۾ جهاتي پائي، پاڻ کان به شرمائي ٿي،

چوٽيءَ گل لهرائي ٿي.

هوءَ جو کولي، وار وکيري، جڳ سڄو مهڪائي ٿي،

چوٽيءَ گل لهرائي ٿي.

پهريون گهوري، اکيون، پوري، نيڻن کي ڇلڪائي ٿي،

چوٽيءَ گل لهرائي ٿي.

هوءَ البيلي، منهنجي جهولي، پنهنجو پاڻ لڪائي ٿي،

چوٽيءَ گل لهرائي ٿي.

انگ انگ ۾ خوشبو اوتي، پنهنجا وار وڇائي ٿي

چوٽيءَ گل لهرائي ٿي.

 

مدد علي سنڌي

 

نثري نظم

 

دل جي آئيني مان

جڏهن مِٽجي ويندا،

تنهنجي يادن جا اولڙا،

وسامي ويندا گهڙيءَ ۾،

سمورا بيوفائيءَ جا پل،

نه ڪنهن طرف کان،

سوجهرو نظر ايندو،

نه وري ڪوئي ڪنهن جو

سپنو ڏسندو،

رات کي ڏينهن،

ڏينهن کي رات چوڻ وارا،

شفق جي رنگن ۾

ٿي ويندا گُم،

تڏهن آڪاس کان لهي ايندو،

اڪيلائي جو سُنسان انڌيرو.

 

نصير مرزا

آزاد نظم

 

سمنڊ ڪناري هن جي ياد

مان اڪيلو شام جي تاري جيان

ڍنڍ ۾ جئن ڦول ڪو

۽ هوائون تيز لهريون بي ڪِنار

سمنڊ ۾ ٻڙ ڌول هو

آنڌُ اَنڌوڪار هئي بس آرپار

۽ سَمئي گوڌول هو

مون پڪاريو

تون ڪٿي آهين ڪٿي

دل منجهان آواز آيو

مان هِتي

آهيان هِتي.

 

پشپا ولڀ

آخري خواهش

مُنهنجا ڏک به ٿيا شُڀ شگونن وانگر.

هر پل من جي در تان لٽڪيل

املتاس جي پيلن گُلن جي ڇُڳن وانگر.

 

اي درد هلي آءُ

بي درديءَ جي هرسوئي

جسم جي هرپور ۾ ٽُنبي ڇڏ

جِن جي قيد ۾ بند شهزادي جي جسم وانگر.

 

ڇا محبت ۾ ائين به ٿيندو آهي

ذرو ذرو روز مربو آهي، جيئبو آهي

چُپ رهبو آهي، گهوربو رهبو آهي

تلڪ چاڙهيءَ جي فوٽ پاٿن تي سُتل

ليڙون ۽ ميل ۾ چيڪٽ ڪپڙن ۾،

مستانن وانگر.

 

چپن ۾ چيل ڪا ڳالهه

جا روڄ راڙي ۾ ڪنهن نه ٻُڌي

اکيون کليون ئي رهيون

ڪنهن جي انتظار ۾،

مننهجي خواهش به ٿي

مرڻ واري جي اڻ پوري آخري خواهش وانگر.

زوار جهانيه

 

هُن جي نالي

 

شفق جي هُن پار،

سورج غروب ٿي ويو آ،

آڪاس تي ٽيڙو ٽڙي.

۽ ڪتيون کڙي پيون هِن،

۽ مان پنهنجي هٿن جي ٻُڪن ۾،

تنهنجي ڪتابي چهري کي ڏسان ٿو،

جنهن جي هر ريک تي وکريل هِن،

منهنجا گيت غزل،

ڪوتا ۽ ڪهاڻيون،

جن کي هر روز، صبح ۽ سانجهه، خوابن ۽ خيالن ۾

تنهنجي مُک تي وکريل ڏسان ٿو مان،

۽ ان تان لفظ هڪ هڪ ڪري ميڙيان ٿو مان،

ڄڻ تنهنجا چپ چمان ٿو مان،

چپ چمان ٿو يا ڪوئي گيت لکان ٿو مان،

۽ ان ويل شفق جي هن پار کان ڪوئي آواز ٻڌان ٿو مان،

ڪوئي من پرڀائي رهيو آ،

ڳائي رهيو آ،

پنهنجي پيار جي پريم ڪهاڻي.

 

 

امداد چانڊيو

 

مسافر پرينءَ جي نالي

 

نه ڄاڻان ته اڄ رات جڏهين

ياد تنهنجِي جو زوري وسايل چراغ

دل جون تارون دکائي

وري باهه بنجي اٿيو آ.

۽ ننڊَ، اکڙين جي وادين منجهان

اڏامي وئي آ.

۽ تون ڪيئن هوندينءَ؟

رات سانت

مان تنها ئي تنها

بند کوليءَ جي سيخن وچان

اُڀَ تي ڀورا بادل ڀڄندي ڏسان ٿو

۽ احساس تنهائي

سهپ جون سرحدون آهي ٽپي ويو،

الاءِ ڇو؟

مون ته سمجهيو هو توکي وساري ڇڏڻ

وڏي ڳالهه ناهي

۽ تون ته شايد مون کي وساري ڇڏيو آ

منهنجي جيون جي سورمي!

ڏينهن تو بن ڪي گذريا ۽ ڪي

گذري به ويندا

نڪا آههَ، ڪا دانهن ڪري سگهِي،

انڌَ جو ڪنڌُ مروڙڻ جي پنڌ ۾

زنجير پنهنجو آ زيور بِني.

اڄ رات اوچتو اوچتو

تنهنجو چهرو، ذهن ـــ ڪئنواس تي

چٽجِي ويو آ،

تنهنجون ڪومل ۽ ٿڌڙيون

مدهوش نظرون

روح ۾ پيهجي وڃن ٿيون

۽ نيٺ منهنجون هي ويران بنجر اکيون

تنهنجي ياد جي برسات سان

ڀرجي وڃن ٿيون

دُور جي تو مسافر پرينءَ سان

هيئن ٻه گهڙيون گذري وڃن ٿيون.

هيءَ رات ڪيڏي نه آهي اڀاڳي

۽ ڪيڏي نه آهي سڀاڳي.

 

منير سولنگي

 

غزل

 

درد وڌايو ڪهڙو رشتو،

پرزا پرزا دل جو شيشو

رات گذريم سڏڪي، سڏڪي، دور وڃي هوُ ساجن نڪتو.

ٽانڊاڻي جان ٽمڪي، ٽمڪي، ماڳ تي آخر پهچي وڃبو.

بک بيماري ڏاج آ منهنجو، گولي ٽڙڪو، بم جو ڌڌڪو.

ڪوڙ جي منهن ۾ ڇائي اڇلي، سقراط وٽو وهه جو پتو.

نيٺ ته ويندو جهڙ به اڏامي، نيٺ ته ڏسبو سج جو چهرو.

چپ ۾ رهه تون يار ”منير“، ديس ۾ تنهنجي سوچ تي پهرو.

 

شفيع چانڊيو

 

ٽيڙو

(1)

ننگا هي نينگر

فوٽ پاٿن تي ڪيترا

کائن پياٺوڪر.

(2)

گوليءَ جو آواز

ڌنڌلي ڌنڌلي دونهن ۾

پکين ڪيو پرواز

(3)

پل پل پهر ٿئو

تو بن هڪڙو پل ڀي

سالن جيئن لڳو.

(4)

سونهن دري کولي

شرمائي ٿي روشني

چوڏهينءَ چنڊ سندي.

(5)

ڀينر ڏينهن ڏٺي

دل جي هن ڀنڀور مان

ويئڙو ساٿ مٽي.

(6)

هڪڙي مرڪ ته ڏي

نفرتن مان ئي سهي

ڪوئي آٿت ڏي.

 

وسيم

وايون

اُڀ جهڙالو ٿو ٿئي، تاڙا تون به تنوار،

تاڙا تون به تنوار.

موسم اڱرن آڳ آ، ايندو ـــ ايندو ٺار.

”ڀيڄ ڀٽائي ڀيڄ“ جا، ٻول اُچاري ٻار.

وري پورب واءُ سان، ڇڄندو ڄڀن ڄار.

ٿينديون هير هڳاءَ ۾، لامون لڏندي هار.

ٿيندو بن ـــ بن بانسري، وسندو مينگهه ملهار.

ڀڄندي مٽي مهڪندي، ٺرندو پار اپار.

ڪوئل ٻيهر ڪُوڪندي، ٽڙندو ڏاڙهونءَ ڏار.

الطااف ”اثيم“

آزاد نظم

 

سڄڻ ڌار توکي رکي ڪير سگهندو

جي ڌاريو يا دشمن ڪو چاهي ته ڀل جان

کڻي آزمائي.

ڀلا ڇا اسان هون قبيلا اڳوڻا؟

پڄاڻان ايامن جي جي ها لڏيندا،

وري گڏ نه ٿيندا.

ڀلا ڇا اسان هون ڪي سنڌوءَ ڪنارا؟

هڪ ٻئي جي سامهون مگر پوءِ به ويڇا،

ملڻ لاءِ ماندا.

خبر ٿئي ته پيارا اسين ڪير آهيون

اسين پريم نگريءَ ۾ جوڙيل قلعي جي،

مکيه درن جا؛

ڪي مضبوط ۽ لازمي تاڪ آهيون

جي ساهن جي انجيس آهي سلامت

ملي تاڪ ٿي ويا جڏهن شهر جا در بند

ته پوءِ ڪنهن آرئي يا ڌاري کي

داخل ٿيڻ جي،

اجازت نه هوندي ـــ اجازت نه هوندي.

 

 

نظام ”زائر“

سچ جون واسطو سچارن سان،

حق پرستن ۽ عشق وارن سان.

سچ هر دور ۾ وڙهيو آهي،

ظلم جي باهه جي شرارن سان.

وهڪرو تيز تر درياهن جو،

واسطو ٿو رکي ڪنارن سان.

هر طرف گل ۽ ساوڪون خوشبو،

باغ ۾ رنگ آ بهارن سان.

جو نباهي سگهيو نه هڪ سان ڀي،

سو نباهيندو ڇا هزارن سان.

خوش رهن ۽ وسن مٺا مارو،

ڏاڍ ٿئي ڪين شل سنگهارن سان.

اڄ به ”زائر“ ڀري پئي آهي،

سچ وارن جي راهه خارن سان.

 

محمد شريف ”طالب“

لڳم نينهن توسان، عجب يار جاني،

سگهو ڪر ملڻ جي مٺا مهرباني.

سڄڻ يار توکي ويهان ڪيئن وساري، ڇڏي آهي ڳڻتين منهنجي جان ڳاري،

لڳي آ اندر ۾ قرب جي ڪا ڪاني.

مٺا مون کي موهي تو ماري وڌو آ، ڏاڍو نينهن توسان ڪو نازڪ لڳو آ،

ڏسي يار توکي ٿي دلڙي ديواني.

سدا ياد ”طالب“ ٿي تنهنجي ستائي، ڇڏيو آ محبت وڏو مچ مچائي،

اچي يار ڪر ڪا تون مٺڙا احساني.

مير غلام الله خان ٽالپر

(مور جهنگو)

 

دل ته چاهي ٿي مٺي منٺار جون ڳالهيون ڪريون،

عقل چاهي ٿو ته نه، ويچار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ٿي وري لغزش ڪيون اڄ ڪا نئين،

عقل چاهي ٿو ته نه، گهر ٻار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ٿي وري ڇيڙيون قصا مجنون سندا،

عقل چاهي ٿو ته نه، سنسار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ڪريون ماحول کي اڄ خوشگوار،

عقل چاهي ٿو ته نه، آزار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ٿي هي ڪم بي ڪار آ، بي ڪار ا،

عقل چاهي ٿو ته نه، بي ڪار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ٿي ڪريون حور و پري جو تذڪرو،

عقل چاهي ٿو ته نه، هِن پار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ٿي ڪريون هر تلخين سان اڄ صُلح،

عقل چاهي ٿو ته نه، پيڪار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ٿي ڪريون هُن پُرخمار اکڙين جا ڳالهه،

عقل چاهي ٿو ته نه، بيدار جون ڳالهيون ڪريون.

دل ته چاهي ٿي گهڻو ڪجهه ’مير‘ ليڪن ڇا ڪريون،

عقل چاهي ٿو ته نه، معيار جون ڳالهيون ڪريون.

  

مخدوم جميل الزمان

الفت کان پو قرار مناسب نٿو لڳي،

بيچينيءَ کان فرار مناسب نٿو لڳي.

غلطي ۽ بار بار، مناسب نٿو لڳي،

هر ڪنهنجو انتظار مناسب نٿو لڳي.

هي نيڻ، جن ۾ يار ٿو جلوه نما رهي،

سي ٿين اشڪبار، مناسب نٿو لڳي.

ڪاوڙ ڪندين ته ڪيسين ڪندين رازدار سان،

مُرڪي نهار يار! مناسب نٿو لڳي.

پروانو آهيان تنهنجي رخِ تابناڪ جو،

ٻي ڪنهن تي ٿيان نثار! مناسب نٿو لڳي.

پنهنجو وفا ڪري ته انهي سان نباهجي،

غيرن تي اعتبار، مناسب نٿو لڳي.

تشبيهه تنهنجي صرف گلابن سان ڪيئن ڏيان،

تون رشڪِ لال زار مناسب نٿو لڳي

ڪنهنکي اندر جو حال ٻڌائيندو ڪر ’جميل‘،

خاموشين سان پيار، مناسب نٿو لڳي.

 

پريتم داس ”پياسي“

مون کي روئندي سڄڻ ڪئين سال ٿيا،

منهنجا حال آهن بيحال ٿيا.

ڪو وقت ٿي گڏجي گذاريو سون، اڄ وَرهين بعد وصال ٿيا.

مال ازل کان تنهنجو آهيان ڙي، منهنجا تو ريءَ هيڻا حال ٿيا.

نڪا راحت رات جو آهي ڪا، منهنجا ڏينهن آهن جنجال ٿيا.

مان توکي پُڪاريان ”پريتم“ ٿو، منهنجا عيب آهن افعال ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com