(ج) لامبو تلاءُ: هيءُ تلاءُ تاريخي
آهي. عمرڪوٽ شهر سان لاڳيتو اتر ۾، جتي هاڻي هاءِ
اسڪول ۽ ڪاليج جو ميدان آهي ۽ پڻ جتي جديد بس
اسٽينڊ تعمير ٿي رهيو آهي، ان کي ڪنهن زماني ۾، ۽
پڻ اڄ به ”لامبو تلاءُ“ يا ”لامبو ڍنڍ“ سڏجي ٿو.
هن تلاءُ کي بارش ۽ مهراڻ جو پاڻي ٻارهوئي ڀريل
رکندا هئا. هتي جو پاڻي شهر لاءِ سپلاءِ ٿيندو هو،
جيسين جديد دور ۾ واٽر سپلاءِ پيدا ٿي. لامبي جي
اتر ۾ وتايي فقير جو کوهه مشهور هو، جنهن کي هاڻي
ٽائون وارن ڊاهي، اتي اڏجندڙ خوبصورت پارڪ ۾ شامل
ڪري ورتو آهي. هيءُ تلاءُ وسڪاري جي مند ۾ ڀرجي
ويندو هو ۽ سڀني ننڍين وڏين ڍنڍن سان ملي، شِوَ جي
مندر تائين پکڙجي ويندو هو. شايد ان ڊيگهه سبب، ان
کي لامبو سڏيو ويو. هيٺ اسان هڪ دوهي ذريعي، لامبي
جي تعريف ڏني آهي، جنهن موجب هن ڍنڍ جي ڪنارن سان،
بڙن جا ڊگها ڊگها وڻ هوندا هئا.
اڪبر جي زماني ۾، جڏهن سوڍن ۾ اچي ڦيٽهڙو پيو، تڏهن جاني بيگ جي
هدايتن تي ابوالقاسم خان زمان، هن طرف فوج ڪشي ڪئي
هئي. ان حوالي سان، لامبي تلاءُ جو قديم ذڪر، اسان
کي هن ريت ملي ٿو.
”فرمود کہ ما بدين کہ لشکر مان ميان لشکر ابو القاسم و لشکر
مردم سوده باشد ـــ باين ترتيب آمده برسر کولاب
عمرکوت، کہ ”لانبہ“ نام دارد، فرود آمدند، و از
مردم سوده بعضي مردم بجهت مراست مال مواشي خود
بيرون رفتند.“
[1]
چون ٿا ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پيڇوڪندي، نادر شاهي لشڪر
به، لامبي تلاءَ جي ڪناري تي اچي منزل انداز ٿيو
هو.
(ح) وهري جو تلاءُ: موجوده عمرڪوٽ شهر کان، ڏکڻ طرف هڪ ميل کين
پري ”وهري“ جو ڳوٺ آهي. حاجي ولي محمد روايت ڪئي
ته قديم دور ۾ هتي پڻ هڪ تلاءُ هو، ان ڪري وهرو ۽
ان جو آسپاس، انتهائي آباد خطو هو. سوڍن پنهنجي
صاحبي دوران هي پرڳڻو برهمڻن جي حوالي ڪيو هو. ٻين
سڀني ڍنڍن ۽ تلائن وانگر، وهري جو تلاءُ به هاڻي
خشڪ ٿي چڪو آهي.
ميداني مطالعو هن متعلق، اڃا به وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪري سگهي ٿو.
پاڻيءَ جي آسان رسد سبب، ميان نور محمد ڪلهوڙي،
هتي هڪ واهه کوٽايو هو، جيڪو اڄ به ”نورواهه“ جي
روپ ۾ موجود آهي. مٿيون مطالعو ڏيکاري ٿو ته، اڄ
جي ڀيٽ ۾، ماضيءَ ۾ هي خطو انتهائي وَسيل هو. هتي
پاڻيءَ جي ڪثرت سبب، هڪ طرف تلاءُ ۽ ڍنڍون جام
هيون ته ٻئي طرف مناسب پوکي راهيءَ کان علاوه، هتي
مڇي جهڙي قدرتي خوراڪ به جام هئي. هاڻي نه اهي
تلاءَ آهن ۽ نه وري سبزي توڙي آبادي. پاڻيءَ جي
قلت سبب، هتي جون زمينون ڪلراٺيون ٿي چڪيون آهن ۽
عام انسانن جي چهرن تان مسرت جي مُرڪ به گم ٿي چڪي
آهي!
امرڪوٽ:
ڳچ عرصي کان اسان جي تاريخ ۾، هن نقطي تي بحث هلندڙ آهي ته
ـــــ امرڪوٽ صحيح آهي يا عمرڪوٽ ـــ ـــ؟ هن
متعلق ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾، ٻه جدا جدا رجحان
موجود آهن. هندستان جي مؤرخن اڪثريت ۾ ”امرڪوٽ“
تحرير ڪيو ۽ سنڌي عالمن جي ڪثرت ”عمرڪوٽ“ تي زور
ڏنو آهي. ڏيهي عالمن مان مير طاهر محمد نسياني هڪ
اهڙو مؤرخ آهي جنهن وٽ ٻئي رايا قابل قبول آهن.
پاڻ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ طاهري“ ۾ ٽن جاين تي
امرڪوٽ (ص 228، 254، 182) ۽ ٻن صفحن تي عمرڪوٽ (ص
77، 182) تحرير ڪيو اٿس.
[2] مير علي شير قانع
پهريون ڀيرو ”تحفة الڪرام“ ۾، سنڌ جي قصبن ۽ شهرن
بابت تحقيق شايع ڪئي، ليڪن ان ۾ عمرڪوٽ جو شهر
جاءِ والاري نه سگهيو، جو اڄ اسين هت اُٿاريل نقطي
بابت ڪا رهنمائي حاصل ڪيون. اسان جي پنهنجي دور جي
هڪ عالم، سرڳواسي رائچند، تاريخ ريگستان جلد اول
۾، هن موضوع تي بحث ڪندي لکيو آهي ته:
”مٿين حقيقتن مان چٽيءَ طرح ثابت ٿيو ته امرڪوٽ نڪي امرسنگ جو
ٻڌايل آهي، ۽ نڪي عمر سومري جو ٻڌايل آهي. اهو شهر
انهن ٻنهي حڪومتن کان آڳاٽو آهي ۽ اومره سومري جو
ٻڌايل آهي، جنهن ڪري امرڪوٽ سڏبو هو، جيڪو اڪبر جي
دؤر تائين الف سان لکبو هو ۽ پوءِ ڦري ٿيو عمرڪوٽ“
(ص 84).
عمرڪوٽ ۾ رهندي هڪ ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته، موجود شهر ڪافي نئون آهي
۽ پراڻو شهر هتان کان هڪ ميل اُتر ۾ هو، جتي هن
وقت اڪبر اعظم جي جاءِ پيدائش وارو چبوترو ڏيکاريل
آهي. ان پڙاڏي ۾ ڪابه صداقت ڪانهي، جيئن اڳتي هلي
ظاهر ٿيندو. البت هن روايت جي ڪري هي گمان نڪري ٿو
ته، هن پسگردائي ۾ جدا جدا دورن ۾، ڪٿي ٻه شهر ته
تعمير نه ٿيا هئا؟ مير طاهر محمد ــــ ـــ امرڪوٽ
۽ عمرڪوٽ ــــ ـــ تحرير ڪيو آهي، جنهنڪري اهڙي
گمان کي ڪنهن حد تائين تائيد ملي ٿي. هڪ موقعي تي
حاجي ولي محمد ڪنڀار سان، هن نقطي تي بحث مباحثو
ٿيو. سندس چوڻ آهي ته: امرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ جو، هڪٻئي
سان ڪوبه واسطو ڪونهي. هن بزرگ جو خيال آهي ته،
امرڪوٽ جو قديم شهر، اتي هو جتي هن وقت شِوَ جو
مندر آهي. هي شهر امرسنگهه سوڍي تڏهن اَڏيو، جڏهن
هن خطي تي سومرن جو اثر اڃا قائم نه ٿيو هو. سوڍا
اصل راجستان جا هئا. ابتدا ۾ ”رتوڪوٽ“ سندن مرڪز
هو ۽ پوءِ هن خطي ۾ آيا ۽ ”امرڪوٽ“ اچي اڏيائون.
سوڍن حاڪمن هن شهر جي هار سينگار لاءِ مناسب قدم
کنيا ۽ حفاظتي خيال کان هتي ڪوٽ به تعمير ڪيائون.
ان سان گڏ ڌرمي پورائي لاءِ، انهن هتي مندر پڻ
اڏايو. سوڍن حاڪمن جو مارواڙ سان وڏو واسطو هو.
هتان جي ماڻهن جو مارواڙين سان تعلق پيدا ٿيو. وڻج
واپار وڌيو. ثقافتي ميلاپ ٿيو ۽ لساني جوڙجڪ پيدا
ٿيو. لوڪ شاعرن ٿر ۽ مارواڙ جي ان ڳانڍاپي کي،
پنهنجي شعرن ۾ محفوظ ڪيو ـــ ـــ
ڪيهر لَڪيان گوريان، ڍولو چتر سڄاڻ،
جهُڪيا بڙلا لامبي تڙيان، آيو گڍ امراڻ!
يعني ته امرڪوٽ جون چار ڳالهيون هند ۽ سنڌ ۾ مشهور هيون: هتان
جا مرد عقلمند هئا ۽ عورتون بيحد خوبصورت هيون، جن
جي چيلهه چيتي جهڙي هئي. هتي جو قلعو ڏيهان ڏيهه
مشهور هو ۽ لامبي تلاءَ جي ڪنارن سان، بڙن جا ڊگها
ڊگها وڻ جڳهٽو لايو بيٺا هوندا هئا. لامبي تلاءُ
جو تفصيلي ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. جڏهن چوماسي ۽
وسڪاري ۾ هتي جام بارش پوندي هئي، تڏهن ڀِٽن تان
لهندڙ پاڻي، سڀني ڍنڍن ۽ تلائن ۾ سيلاب واري
صورتحال پيدا ڪندو هو ۽ لامبو توڙِ ولهار (نزد:
شِوَ جو مندر) ملي هڪ ٿي ويندا هئا. هڪ ٻئي دوهي
موجب ــــ
سَارِ باکاڻان سنڌ ري، مونگ مڏوهر ڏيس،
جهيڻو ڪپڙو ماڙٻو، مرد مڙڌر ڏيس.
يعني ته ملڪ سنڌ جون ساريون ۽ مڏوهر ديس جا مڱ ناليرا آهن.
ماڙپي جي نفيس ڪپڙي ۽ مڙڌر ديس جي مٿير مردن جي به
وڏي ڳالهه آهي
[3]. مڏوهر ۽ ماڙٻو
ـــ مارواڙ ۾ آهن، جڏهن ته مڙڌر ديس جو اکر مهراڻي
لاءِ ڪتب آيو آهي. هي دوها مارواڙي ڏسجن ٿا ۽ ان
دور جي علامت آهن، جڏهن هي خطو سوڍن جي هٿ ۾ هو ۽
انهن جو سنڌ کان وڌيڪ راجسٿان سان واسطو هو.
هيءَ صورتحال معلو ڪرڻ بعد اسان پاڻ ”شِوَ جي مندر“ ۽ اتي جي
صورتحال کي ڏسڻ بهتر سمجهيو. راقم الحروف هي مندر
۽ آثار پنهنجي هڪ شاگرد ٽيڪم مالهيءَ جي مدد سان
جمعي ڏينهن 3 ــــ جنوري 1986ع تي ڏٺا. شِوَ جو
مندر، عمرڪوٽ کان چئن ميلن جي مفاصلي تي، ڇور
ويندڙ روڊ جي اوڀر ۾ موجود آهي. هيءَ خطو هونءَ به
وڏي تاريخي اهميت رکي ٿو، ولهار ڍنڍ، کاروڙي جو
قديم شهر ۽ شاهه عنايت شهيد جي هڪ همعصر نماڻي
فقير جو مقبرو ته هن خطي جي اتهاسڪ اهميت کي نروار
ڪن ٿا. روايتن موجب جڏهن اڃا کاروڙو شهر يا ولهار
قصبو (؟)، هتي نه اڏيا ويا هئا، تڏهن سوڍن حاڪمن
پنهنجو شهر ”امرڪوٽ“ هتي اڏيو هو. اتي جي صورتحال
ڏسڻ بعد معلوم ٿيو ته اتي هاڻي هڪ جديد ۽ خوبصورت
مندر ۽ چند بٺين کان سواءِ ٻيو ڪوبه آثار ڪونهي،
البت اولهه ۽ ڏکڻ ۾ کيس کاروڙي جا قديمي پڊ گهيريو
بيٺا آهن. اسان جي سوال تي اتي موجود خدمتگار چيو
ته، هي مندر هزار سالن کان به وڏي ڄمار رکي ٿو.
پراڻي مندر جي جاءِ تي، تازي دور ۾ هڪ نئون مندر
ٺاهيل ڏسجي ٿو. قدامت متعلق وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي،
خدمتگار چيو ته پراڻي تعيمرات ۾ ڪجهه ڪتبا هئا،
جيڪي ديوناگري رسم الخط ۾ هئا. جديد اڏاوتن وقت
اهڙو هڪ بچيل ڪتبو، مکيه عمارت جي چانئٺ هيٺان
محفوظ ڪيو ويو آهي. ان تي ڪهڙي تحرير آهي، انسانت
پتو پئجي نه سگهيو. هن وقت اُتي هڪ ميلو لڳندو آهي
(مانگهه مهيني ۾)، جيڪو ننڍي کنڊ جي قديم تهذيبي
ورثي جو هڪ اهڃاڻ آهي. جاگرافيائي صوتحال، ڪنهن
شاهي شهر لاءِ موزون ڏسجي ٿي. اڄ به هنن آثارن ۽
خطي کي، امراڻ يا امراڻو سڏين ٿا. ان مان امرسنگهه
جي نالي ڏي تصور وڃي ٿو. مير طاهر محمد نسياني
جيتوڻيڪ الف ۽ ع جدا جدا استعمال ڪيا آهن، تاهم
سندس لکت مبهم آهي. تفصيلي اڀياس ۽ ڇنڊ ڇاڻ بعد
ممڪن آهي ته اسان جي وڌيڪ تاريخي رهنمائي ٿئي ۽ ڳچ
عرصي کان هلندڙ هڪ بحث پورو ٿئي.
عمرڪوٽ جو جهونو شهر
مرزا قليچ بيگ مرحوم پنهنجي ”قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽
ماڻهو“ نالي ڪتاب ۾ هن شهر جي اڏاوت بابت لکي ٿو
ته:
”عمر سومري ولد دودي سومري جو ٻڌل هو؛ جو سن 793 هه (1390ع) ۾
گاديءَ تي ويٺو ۽ 35 ورهيه بادشاهي ڪيائين“ (ص
268، جديد ڇاپو).
مرزا صاحب جي راءِ قدري ڀروسي جوڳي آهي. عمرڪوٽ جو شهر سومرن
پنهنجي سرداري دوران اڏيو هو ۽ ان جو قديم شهر
امرڪوٽ سان ڪوبه واسطو ڪونهي. البت هي ممڪن آهي ته
ديبل جي رهاڪن جڏهن ”ننگر ٺٽو“ وسايو، تڏهن هي شهر
سندن وجود سبب ”ديول ٺٽه“ سڏيو ويو ــــ ٺيڪ ان
طرح قديم ”امرڪوٽ“ جي اجڙڻ بعد جڏهن ”عمرڪوٽ“ اڏيو
ويو، تڏهن اتي جي ماڻهن نئين قصبي ۾ رهائش اختيار
ڪئي ۽ پوءِ سندن وجود جي ڪري ان کي به ”امرڪوٽ“
سڏيو ويو هجي. هيءُ به امڪان آهي ته قديم شاهي شهر
۽ قلعي کي ڊاهي، ان جو سامان جديد ڪوٽ ۾ استعمال
ڪيو ويو هجي، جهڙيءَ ريت بکر جي اڏاوت، اروڙ جي
ڪوٽ ڊهڻ سان ٿي!
چوڏهين صديءَ جي اختتام تي، ٿر ۾ وري سوڍن جي صاحبي قائم ٿي،
تڏهن انهن به عمرڪوٽ کي پنهنجو مرڪز مقرر ڪيو.
همايون هتي پناهه ورتي ۽ اڪبر اعظم هتي ڄائو، تڏهن
سوڍن جي حڪمراني هئي. عبدالرحيم خانخانان، سوڍون
جي سونهن جو ٻڌي، هتان شادي ڪئي. اهڙيءَ ريت هندي
مؤرخن کي، سنڌ جي هن دور دراز خطي سان هڪ طرف نسبت
پيدا ٿي ۽ ٻئي طرف همدردي پيدا ٿي. سوڍن سان
همدردي ۽ سندن خاص پروپئگنڊائي اثر هيٺ مغليه
تاريخدانن ”امرڪوٽ“ تحرير ڪيو. هي سلسلو نادري قهر
تائين جاري رهيو ۽ خود هن صديءَ جي عالمن جهڙوڪ:
شمس العلماء محمد حسين آزاد به ان روايت کي قائم
رکيو. ٻئي طرف سنڌ جي مؤرخن جي اڪثريت ”عمرڪوٽ“
لکيو ۽ پڙهيو. گمان غالب آهي ته جيڪڏهن اڪبر
بادشاهه هت پيدا نه ٿئي ها، ته پوءِ هند جا مؤرخ
به سنڌ جي عالمن واري روايت قائم ڪن ها. سومرن جي
دور ۾ اڏيل هن شهر، زماني جا ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا
آهن. اڪبر جي دور ۾، هن شهر خان زمان جي هٿان ڪافي
ظلم و ستم برداشت ڪيو. ميان نور محمد هت پناهه
ورتي، ته نادر سندس پيڇو ڪندي عمرڪوٽ کي صبح جو
سوير اچي گهيراءُ ڪيو. بعد ۾ هي شهر جوڌپور جي حصي
۾ آيو ۽ پوءِ ٽالپورن طاقت جي زور تي ان کي واپس
ڪري سنڌ ۾ شامل ڪيو
[4]. انگريزن جي دور
۾ ٽيهن سالن تائين، عمرڪوٽ، ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر
رهيو. هن وقت هي سنڌ جو هڪ اهم اسرندڙ شهر آهي.
هاڻي سوال آهي ته ”عمرڪوٽ“ جو قديم قلعو ۽ جهونو شهر ڪٿي هو؟
سال 1853ع ۾ فريئر صاحب، اڪبر اعظم جي جاءِ پيدائش
نروار ڪرڻ لاءِ، موجوده شهر کان اتر ۾ هڪ پٿر
هڻايو هو
[5]. ان بعد هي راءِ
قائم ٿي ته، عمرڪوٽ (امرڪوٽ) جو قديم شهر، اتي هو
۽ جديد شهرنادري حملي بعد، سن 1159هه (1746ع) ۾
اڏيو ويو. تاريخي شواهد ۽ جاگرافيائي صورتحال،
پختو ثبوت مهيا ڪن ٿا ته، جديد توڙي قديم عمرڪوٽ
جو شهر ۽ قلعو ساڳيا آهن. غالباً اهڙي پيچيدگي
”امرڪوٽ“ واري تصور جي ڪري پيدا ٿي، جنهن متعلق
مٿي روشني وڌي وئي آهي. موجوده شهر کان اتر ۾ هڪ
ميل پري قديم شهر ڏيکارڻ، ۽ خاص طرح سان اڪبر
بادشاهه جي جاءِ پيدائش ڏيکارڻ ۾، مٿي آيل پهاڪي
”جوڳرائي رو ڄائيوڙو گهٽ ٿيڻو ڪونهي“، کي گهڻو دخل
آهي. تاريخي مطالعو ۽ ماڳ مڪان جو مشاهدو ان حقيقت
جي اپٽار ڪري ٿو ته، عمرڪوٽ جو جهونو شهر، جتي
جديد شهر ۽ قلعو آهي، اتي ئي هو. ان ڏس ۾ هي نقطا
ذهن ۾ رکڻ گهرجن:
1 ـــ اڪبر جي جاءِ پيدائش واري چبوتري وٽ، ڪوبه پراڻو شهر،
قلعو ۽ ڪوٽ نه هو. ميداني مشاهدو ڪندي خبر پوي ٿي
ته، اتي ڪنهن به قديم بستي يا قلعي جا باقيات
موجود نه آهن. تعجب آهي ته صدين گذرڻ بعد، اڄ به
شهر کان ڏکڻ ۾، مومل جي مڙهيءَ (ماڙي چوڻ غلط آهي)
جا آثار موجود آهن، ته پوءِ هڪ شاهي قلعي ۽ شهر جا
آثار ڪيڏانهن ويا؟ هتي ڪنهن به زماني ۾ ڪا شاهي
بستي نه هئي. هن جاءِ تي صرف جوڳين جي بستي هئي،
جنهن متعلق اڄ به صداءِ بازگشت جاري آهي.
2 ـــ تاريخ جو شاگرد جڏهن چبوتري وٽ بيهي صديون اڳ جو تصور ڪري
ٿو، تڏهن هو پاڻ کي ”جوڳرائي“ تلاءُ وٽ بيٺل محسوس
ڪندو ، جتي سانوڻيءَ ۾ صرف پاڻيءَ جي آڇ ڏسبي هئي.
لامبو، ولهار ۽ سومري ڍنڍ، ملي هڪ ٿي وينديون
هيون. انهيءَ ڪري هتي ڪنهن به ڪوٽ يا قلعي جي
اڏاوت ممڪن نه هئي.
3 ـــ سنڌ جا متعدد شهر ماضيءَ ۾ ڪيئي لاها چاڙها ڏسي چڪا آهن.
اهڙا ڪجهه شهر باربار ڊٺا آهن ۽ وري وري پئي اڏيا
آهن. غنيم ۽ فاتحن جي وڃڻ کان پوءِ، سنڌ واسين
ماضيءَ جي رک ۽ ڍيرن تي، وري پنهنجي بستين جي
اڏاوت پئي ڪئي آهي. موجوده شهر ”عمرڪوٽ“ جي
بازارين ۽ جدا جدا پاڙن ۾، گهمڻ ڦرڻ بعد تاريخ جي
شاگرد کي هي احساس چڱيءَ طرح ٿئي ٿوته، هي شهر به
ڪيئي ڀيرا ڊهيو آهي ۽ وري وري پئي آباد ٿيو آهي.
مرزا جاني بيگ جي زماني ۾، خان زمان عمرڪوٽ ۾ وڏي
تباهي آندي ــــ گاؤڪشي ڪئي وئي، مندر ڊاٺا ويا ۽
بيگناهه شهرين جو عام قتلام ڪيو ويو[6].
ساڳي هلت نادري لشڪر به هن شهر سان ۽ هتان جي
رهاڪن سان ئي. هڪ روايت موجب سومرن ۽ سمن جي فيصله
ڪن لڙائي عمرڪوٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ سومرن ۽ سندن لشڪر
جو بي انداز جاني نقصان ٿيو. هن لڙائيءَ کي روايتن
۽ هالاڻيءَ واري فيصله ڪن جنگ سان تشبيہ ڏني وئي
آهي.
تاريخ ۾ متعدد ڀيرا ڊهڻ ۽ اجڙڻ بعد به راڻن ۽ سوڍن هن شهر کي
ختم ٿيڻ نه ڏنو ۽ ان کي وري آباد ڪري موجود رکندا
آيا. هن شهر جي قدامت ۽ هتي ٿيل ڀڃ ڊاهه ۽ ناحق
خونريزيءَ جو اهڙو هڪ ثبوت چند سال اڳ تڏهن مليو،
جڏهن شهر جي ڏکڻ ۾، گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي
اڏاوت لاءِ، مزدورن هيٺاهين سطح تائين کوٽائي ڪئي.
ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اتي ڪيئي انساني ڍانچا ۽ پڃرا
مليا ، جن ذريعي فاتحن جي هتي ڪيل قتلام، خونريزي،
ڏاڍائي ۽ تشدد جي تصديق ٿي. ان سان گڏ ڪجهه انساني
ڪيپراٽيون، مٽيءَ جي ٿانون ۾ بند ٿيل پڻ مليون
هيون. قدامت جي اهڙن پختن اهڃاڻن ملڻ سان، هن
حقيقت جي تصديق ٿئي ٿي ته جديد عمرڪوٽ جو شهر،
ماضيءَ جي کنڊرن تي اڏيل آهي ۽ ان کي ڪنهن ٻيءَ
جاءِ تي ڳولڻ مناسب ڪونهي.
4 ــــ هڪ راءِ هيءَ به آهي ته قديم قلعو جوڳرائي تلاءُ وٽ هو،
۽ جديد قلعو ميان نور محمد نادري حملي بعد، سن
1159هه ۾ اڏيو هو. انندرام مخلص، نادري ڪاهه جي
حوالي سان هتان جي ڪوٽ جي جاگرافي ٻڌائي آهي، جنهن
مان تصديق ٿئي ٿي ته قديم ڪوٽ اتي هو، جتي اڄ
تائين موجود آهي. انندرام لکي ٿو:
”از خدا آباد حرکت کرده در قلعه عمرکوت که ظاهرا پيرا مونش دو
طرف تل هاي ريگ و دو طرف ديگرش آب است طرح اقامت
انداخت“
[7]
يعني ته ميان صاحب خدا آباد کان امرڪوٽ روانو ٿيو، جنهن جي ٻن
پاسي پاڻي ۽ ٻن طرفن کان ڀٽون آهن. وقت گذرڻ سان
گڏ پاڻيءَ جي فراواني ته ختم ٿي چڪي آهي، تاهم
قلعي جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ريگستاني صورتحال ته اڄ
تائين موجود آهي.
5 ـــ نادر سان گڏ خواجه عبدالڪريم ڪشميري به هتي پهتو هو. سندس
سفرنامي ذريعي انندرام مخلص جي تائيد ٿئي ٿي:
”بہ امرکوت کہ قلعہ است درميان بيابان ريگستان کہ در اطراف و
جوانب نہ آب دارد و نہ آباداني.“
[8]
خواجه صاحب جو اطراف و جوانب (آسي پاسي) وارو اشارو ٻن طرفن
يعني ڏکڻ ۽ اوڀر ڏي آهي. عمرڪوٽ جي اولهه ۽ اتر ۾
پاڻي جام هو، جيئن خود خواجه صاحب ٻڌايو آهي ته
ميان نور محمد پنهنجو مال ۽ سامان هتان کان ٻيڙين
ذريعي ڪنهن محفوظ جاءِ تي موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو
(بيان واقع، ص 57). ڪجهه وڌيڪ همعصر ذريعا، هنن
تحريرن جي تصديق ڪن ٿا.
عمرڪوٽ جو مشاهدو ۽ ميداني مطالعو توڙي جدا جدا دورن ۾ لکيل
ماخذن جو اڀياس ظاهر ڪري ٿو ته، قديم شهر ۽ قلعي
کي هڪ ميل اتر ۾ ڳولڻ درست ڪونهي. عمرڪوٽ جو قديم
ڪوٽ ۽ شهر اتي هئا، جتي اڄ تائين خوبصورت شهر ۽
شاهي قلعو موجود آهي. سن 1159 هه ۾ جديد قلعو
تعمير نه ٿيو هو، ليڪن ميان نور محمد پراڻي ڪوٽ جي
مرمت ۽ هار سينگار (Renovate) جو حڪم جاري هو، جنهن متعلق وري ڪنهن ٻي محفل ۾ قلم
کڻبو.
اڪبر جو نام نهاد جنم ــــ هنڌ
هندستان جو هاڪارو مغل بادشاهه ”اڪبر اعظم“ عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو
هو. هند توڙي سنڌ جي مصنفن ٽن صدين تائين موجوده
قلعي کي اڪبر جي جاءِ پيدائش تسليم ڪيو، ليڪن سال
1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر فريئر صاحب جي دلچسپي ۽ حڪم
تي موجوده شهر کان هڪ ميل اتر طرف هڪ چبوترو تعمير
ڪري، بادشاهه جي جاءِ پيدائش کي هڪ اختلافي مسئلو
بنايو ويو. شايد مرزا قليچ بيگ پهريون عالم آهي،
جنهن تاريخ سان سرڪاري ويڌن تي احتجاج ڪيو هو ۽
ماضيءَ جي مؤرخن جي راءِ کي درست قرار ڏنو[9]،
ليڪن مرزا صاحب جي راءِ تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ۽
فاتحن جي خيال کي وزن جاري رهيو. اڪبر جي جاءِ
پيدائش ٻاهر ڏيکارڻ جي خيال پٺيان ٻه نظريا
ڪارفرما هئا ــــ ــ هڪ ته عمرڪوٽ جو قديم قلعو
اتي هو (۽ خود ان ڪٿا جي پس منظر ۾ به، هڪ ڪهاوت
جو دخل اهي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي) ۽ ٻيو
ته همايون ۽ سندس حرم کي، راڻي پرشاد قلعي کان
ٻاهر جهنگ ۾ رهايو هو.
پهرين راءِ ته ”عمرڪوٽ“ جو قديم قلعو يا شهر ميل اتر ۾ هو، کي
اسان تفصيلي اڀياس ذريعي مٿي رد ڪري ڇڏيو آهي.
باقي هيءَ خيال ته راڻي پرشاد، بادشاهه همايون ۽
سندس حرم کي ڪٿي جهنگ ۾ رهايو هو ڇا؟ سو پڻ همعصر
مواد جي آئيني ۾ درست ثابت نٿو ٿئي. بادشاهه ۽
سندس زال قلعي ۾ رهيا، البته سندس لشڪر قلعي کان
ٻاهر رهيو. ان متعلق گلبدن بيگم لکي ٿي:
”رعنا پيشو از حضرت آمد و برون قلعہ بردن و منزل خود داد و مردم
امرا را بيرون قلعہ جاداد.“
[10]
سنڌ جي سڀني مؤرخن گلبدن جي بيان جي تصديق ڪئي آهي. مير معصوم
لکي ٿو:
”راڻي بيرسان پنهنجي ماڻهن سان نڪري استقبال ڪري.... ۽ وچ قلعي
جو خالي ڪرايو. بادشاهه ڪجهه ڏينهن عمرڪوٽ جي قلعي
جي ٻاهران تشريف فرما رهيو ۽ آخر بلقيس مڪاني
حميده بانو بيگم کي قلعي ۾ اندر موڪليائين، جتي
بخت جو ستارو بزرگيءَ جي افق مان چمڪيو ۽ 5 رجب
سن 949هه آچر رات... جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه
پيدا ٿيو.
[11]
هندي مؤرخن سنڌ جي مصنفن جي ابتڙ، اڪبر جي تاريخ پيدائش سومر
صبح جي وقت 4 رجب 949هه/ 15 آڪٽوبر 1542ع ٻڌائي
آهي. جديد دور ۾ پڻ عالمن هي راءِ قائم رکي آهي ته
هن هاڪاري مغل بادشاهه جي پيدائش قلعي ۾ اندر ٿي
هئي.
[12]
اهڙيءَ طرح هند جي عظيم بادشاهه جي جاءِ پيدائش جهنگ ۾ ڏيکارڻ
جي پس منظر ۾ آيل ٻئي نظريا رد ٿي وڃن ٿا. ان ڪري
چئبو ته همايون کي مشڪل وقت ۾ عمرڪوٽ جي موجوده
شهر ۽ قلعي (جنهن کي هر دور ۾ سڌاريو ويو آهي)
پناهه ڏني، هن ئي قلعي ۾ جلال الدين محمد اڪبر
ڄائو ۽ ساڳئي ڪوٽ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي اچي
پناهه ورتي، جڏهن سال 1740ع ۾ وقت جي وڏي قهري ۽
جلاد حاڪم نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو هو. ميان
صاحب هن قلعي ۾ ئي هو، جو نادرشاهه جي لشڪر صبح جو
سوير سندس گهيرو ڪيو ۽ آخرڪار ڪلهوڙي حاڪم سندس
آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا. قوي امڪان آهي ته ”عمرڪوٽ“ مان
ئي نادر شاهه سنڌ کي ٽن ٽڪرن ۾ تقسيم ڪرڻ ۽ ان جي
ملڪي وحدت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
فريئر صاحب پاران جهنگل ۾، اڪبر جي جنم ڀومي متعين ڪرڻ بعد، سال
1898ع ۾ کيجراڙي قصبي جي سيد ميهر شاهه (ڪجهه
مصنفن هاشم شاهه لکيو آهي، جو غلط سمجهڻ گهرجي)،
پنهنجي خرچ تي اتي هڪ يادگار چبوترو تعمير ڪرايو،
ان تي سنڌي توڙي انگريزي ٻولين ۾ ڪتبا درج ڪيا
ويا. ڪتبي جو سنڌي حصو گهڻي حد تائين ميسارجي ويو
آهي، البت انگريزي حصو (اصل ۾ سڀ حرف وڏي
A. C. B.
۾ آهن.) هن ريت قائم آهي.
“This monument is erected in honour of emperor
Akbar the great. Born here in 1542 Reigned 48
years from 1556 to 1605. By Syed Mehar Shah of
Khejrari Taluka Umarkot.>
سال 1968ع ۾ پاڪستان آرڪيالاجي کاتي، اڪبر اعظم جي نسبت سان،
هتي قلعي اندر هڪ ميوزم کوليو آهي. هن عجائب گهر ۾
سڀ گيلريز مغل دور بابت آهن ۽ ان ۾ سنڌ يا خاص ڪري
ٿر جي تهذيب ۽ تاريخ لاءِ ڪابه ڪنڊ پيدا نه ڪئي
وئي آهي.
جنهن صورت ۾ آرڪيالاجي وارن، عمرڪوٽ کي صرف بادشاهه اڪبر جي
نالي ۾ سڃاتو آهي، ان ڪري سندن اولين فرض هو ته،
هتي جي تاريخ متعلق غلط امڪان ۽ اندازن توڙي مغل
شهنشاهه جي جاءِ پيدائش متعلق نئون اڀايس ڪري
نتيجا اخذ ڪيا وڃن ها. ليڪن ائين ڪرڻ کان پرهيز
ڪئي وئي ۽ هڪ غلط روايت کي قبول ڪندي، آرڪيالاجي
وارن تاريخ سان ۽ خود پاڻ سان به مذاق جاري رکيو.
هن وقت ان چبوتري جي حفاظت لاءِ هڪ چوڪيدار مقرر
ڪيل آهي ۽ گڏوگڏ هڪ ميل جي مفاصلي کي پڪو روڊ ڏيڻ
جا سانباها ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه ميوزم ۾ سنڌ
اندر همايون جي چرپر ڏيکارڻ لاءِ جو نقشو رکيو ويو
آهي، ان کي ڏسي سچ پچ ته حيراني ٿئي ٿي. تاريخون ۽
ڏينهن ته غلط ڏيکاريل آهن، پر آرڪيالاجي وارن لاڙ
جو تاريخي شهر ”جوڻ“ به وچولي سنڌ ۾ ڳولي ڪڍيو
آهي!
هن کاتي جي اڻ ڄاڻائي ۽ تاريخ سان عدم دلچسپيءَ جو تازو هڪ وڌيڪ
اهڃاڻ ڏسڻ ۾ آيو. مٿي ذڪر ڪيل چبوتري وٽ، چند
مهينا اڳ انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ هڪ بورڊ
هنيو ويو آهي. ان جي سنڌي ٻولي ڏسي سخت مايوسي ته
ٿي، ليڪن هن بورڊ ذريعي هي انڪشاف به ڪيو ويو آهي
ته: هت اڪبر اعظم 23 ــــ نومبر 1542ع تي ڄائو هو،
جڏهن ته بادشاهه جي صحيح جنم تاريخ 15 ــــ آڪٽوبر
1542ع آهي. تاريخ جو اڀياس ان طرح جاري رهيو ته
اهو ڏينهن پري نه آهي، جڏهن اسان جي سنڌ جو اتهاس
بلڪل مسخ ٿي ويندو!
[عمرڪوٽ: 9ـــ مئي 1986ع]
|