سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986(2)

 

صفحو :4

مقالا

 

سنڌي اديبن جو فرض

 

”اسين هن وقت هڪ نهايت نازڪ دؤر مان لنگهي رهيا آهيون. اسان جي زبان، اسان جو ادب، اسان جي تهذيب، بلڪ اسان جو وجود خطري ۾ آهي. ڪاتي چم چيري هڏي کي ڪرٽي رهي آهي. چوڌاري نااميديءَ جا ڪارا ڪڪر آگم ڪري آيا آهن. اهڙي سمي ۾ به جيڪڏهن اکيون نه کولينداسين ته رهي کهي راند به هٿن مان هارجي ويندي، پر آگي جا لک احسان، جو اسان جي اميدن جي ٻيڙيءَ جا ناکوا هاڻ قدري سجاڳ ٿيا آهن. ننگرن ۽ ناڙين کي سوگهو ڪري، سرهائي جي ساحل تي ناتاريون هڻي رهيا آهن. الله تعاليٰ شل کين بازن ۾ سگهه وجهي، جو اسان جي موجن ماريل مڪڙي چيٺي چڱي ڪري، سندس سڙهه ساز سنواري، کيس اوڙاهه مان اڪاري، منزل مقصود تي پهچائين.

اهڙي نازڪ وقت ۾ اسان سڀني کي گهرجي ته يڪمشت ٿي وڃون ۽ پنهنجي باقي مانده اباڻي ورثي کي چهٽي پئون، بلڪ ان ۾ اضافو ڪري ۽ ان کي سنباهي ۽ سهيڙي ڏيهه کي ڏيکاريون، ته اسان به ڪنهن شيءِ جا مالڪ آهيون. اسان کي به ڪنهن چيز تي ناز آهي. وڇ ڪِيري تي ڪُڏندي آهي. اسان جو ڪِيرو الڙيل هوندو ۽ وٿاڻ جا واهي ستل هوندا ته چالاڪ چور وڇ کي راتوڌو اٺائي ويندا، پوءِ ڪري هزار ڀُنگ آڇين ته به وري پنهنجي وٿاڻ ڏي مشڪل ورندي. اڄ ادب جا اداره دار، اسان کي للڪاري رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪجهه هڙ ۾ اَٿو ته ڪڍي ڪريو ٻاهر، پر اسان جي هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي، سي ڇا ظاهر ڪنداسين. جيڪي هٿن ۾ هوسين، تنهن کي به ڏئي وٺي ويهي رهياسين، هاڻي ڪهڙو منهن مٿي کڻون ـــ پر اڃا به حاج هٿن مان نه ويئي آهي. وڏن جي وٿ به اسان وٽ موجود آهي. جيڪڏهن ان کي سميٽي ۽ سڌاري وري به واضح ڪريون، ۽ ان تي پنهنجي دماغ مان اصليت ۽ عبقريت جا انگ چاڙهيون، ته جيڪر اسان جو ادب به دنيا جي ادبن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي سگهي. ان جي بدران اٽلو اسان جا ڪيترائي نوجوان اديب اڄ نقالي ۽ تنقيد کي چنبڙي پيا آهن، ۽ پنهنجو خداداد دماغ ڊوڙائي، پنهنجي نثر ۽ نظم ۾ ڪوبه معقول واڌارو نٿا ڪن. آڳاٽو ادب نهايت دلپذير، ججهو ۽ جالارو آهي. اسان جي زبان نهايت وسيع ۽ تونگر آهي، دنيا جون ٽي قديم شاهوڪار ٻوليون سنسڪرت، عربي ۽ فارسي سندس باجگذار آهن، منجهس هرڪنهن قسم جي ادبي ۽ علمي خوبي ۽ صلاحيت آهي. پوءِ ڪيڏو نه انڌير چئبو جو اهڙي هٿيار هوندي به اسين اڌرنڌر ۽ اڀرا هجون ۽ اغيار اسان جي بيوسيءَ تي کلون ڪن ۽ ٺونٺيون ٺوڪين.“

ـــ شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو

 

 

قديم دور ۾ سنڌ ۾ آيل عالم ۽ مذهبي پيشوا

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

قديم دور مان هتي مطلب آهي عرب دور ۽ سومرن جو ابتدائي زمانو. ان زماني ۾ عرب جي سرزمين مان جيڪي عالم، فاضل، بزرگ ۽ مذهبي پيشوا سنڌ ۾ آيا ۽ پنهنجي علم، فضل ۽ روحاني فيض سان سنڌ جي سرزمين کي مستفيض ڪيائون، انهن جو تعارف هت پيش ڪيو پيو وڃي. پر ان کان اڳ ۾ ضروري آهي، ته ان دور جي تاريخي پس منظر ۽ سنڌ ـــ عرب تعاقات تي ڪجهه قدر روشني وڌي وڃي.

 

تاريخي پس منظر

”موهن جو دڙو“ جي کوٽائي مان معلوم ٿيو آهي ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ سنڌ هڪ خوشحال، متمدن ۽ مهذب ملڪ هو. اندازا 1700 ق. م ۾ وڏي تعداد ۾ آريا قبيلا سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳا. موهن جي دڙي واري اعليٰ تهذيب انهن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي ڪري ختم ٿي. آرين کان سواءِ ڪلواني هتي ڪاهي آيا، جن سان سنڌ جي ماڻهن جا قديم زماني کان واپاري تعلقات هئا. اُهي اندازاً 2234 ق. م ۾ سنڌ ۾ آيا. سنڌ تي ايرانين به ڪاهون ڪيون. 480 ق. م ۾ سنڌ تي ايرانين جو سياسي اثر هو. ايرانين کان پوءِ سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهي آيو. هو  330 ق. م ۾ پنجاب کان سنڌونديءَ جي رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو.

يوناني کان پوءِ سٿين ڪاهون ڪيون. هو اڇي چمڙيءَ وارا هئا. هنن کي يورپ وارا ”ساڪ“ يا سائيزن“ سڏين ٿا. هن قوم، مغلستان کان نڪري شام جي شهر انسڪلان ۽ يورپ تي ڪاهون ڪيون. سنه 455 هه ۾ سنڌ تي حملو ڪيائيون ۽ گپت راجا کي شڪست ڏيئي پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ مالوا تي قبضو ڪيائون. ٿوري وقت کان پوءِ هتي جي ماڻهن سان ملي ويا. سنه 540ع ڌاري، هنن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.

سٿين جي زماني ۾ سنڌ ۾ گپت خاندان جي حڪومت هئي، جنهن 320ع کان 525ع تائين حڪومت ڪئي. هن خاندان جو باني، چندرگپت پهريون هو، جنهن 320ع کان 335ع تائين حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ سندس پٽ سندر گپت تخت تي ويٺو. سال 375ع ۾ اُن جي مرڻ کان پوءِ ان جو پٽ چندر گپت ثاني تخت تي ويٺو جيڪو عام طور وڪرماجيت جي لقب سان مشهور آهي. مالوا، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ تي سندس حڪومت هئي. هو وشنو پنٿ جو پوڄاري هو. ان جي زماني ۾ برهمڻن زور ورتو ۽ ٻڌ ڌرم ڪمزو ٿيڻ لڳو. ڀانئجي ٿو ته ان زماني ۾ موهن جي دڙي واري شهر جي مذهبي حيثيت گهٽجي ويئي، ڇاڪاڻ جو موهن جي دڙي وارو شهر ٻڌ ڌرم وارن جو مقدس شهر ليکيو ويندو هو. معلوم ٿئي ٿو، ته گپت گهراڻي جي راجائن، موهن جي دڙي کي ويران ڪرڻ ۾ وڏو زور لڳايو هوندو، ڇاڪاڻ جو هو برهمڻن جي اشاري تي ٻڌ ڌرم وارن جون پاڙون پٽڻ جي ڪڍ هئا.

گپت خاندان جي زوال کان پوءِ اُتر الهندي هندستان ۾ ننڍيون ننڍيون حڪومتون پڻ قائم ٿي ويون. اُن زماني جي راجائن مان هرش نالي وارو راجا ٿيو هو، جيڪو 620ع ۾ قنوج تي راڄ ڪرڻ لڳو. اُن زماني ۾ راجپوتن جي چند رونسي خاندان جو يادو قبيلو دکن، راجپوتانا، سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ، بلوچستان، قنڌار، ڪابل ۽ خراسان تائين ڇانئجي ويو. هرش، ٻڌ ڌرم جو پوئڳ هو ۽ وڏو عالم ۽ علم پرور هو. هن جي ڏينهن ۾ مشهور چيني سياح هيون تسانگ سنه 629ع کان 673ع ائين ٻُڌ جي يادگارن جي لاءِ سنڌ ۽ هند ۾ آيو. سنه 647ع ۾ هرش جو ديهانت ٿيو. هن ٻڌمت جي ترقيءَ لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي، جنهنڪري سنڌ ۾ وري ٻڌمت زور ورتو.

يادو قبيلي جا حڪمران سنڌ ۾ راءِ لقب سان مشهور هئا. ڪابل ۽ زابلستان تي هن خاندان جا جيڪي حڪمران حڪومت ڪندا هئا. اُنهن جو لقب ريبل هو. ساڳي ئي خاندان جا حاڪم جيڪي مڪران تي حڪومت ڪندا هئا، انهن جو لقب راسل هو. سنڌ جي يادو حڪومت جو پايو وجهندڙ ”سمابا“ هو، جيڪو دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي جانبوتيءَ جو وڏو پٽ هو. ان زماني ۾ هن خاندان جي سلطنت جون حدون زبلستان کان پريان همان تائين هيون ۽ اها حڪمت ”سنڌ سما“ سڏبي هئي. هن خاندان جي پنجن راجائن سنه 450ع کان سنه 662ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. هنن جي گاديءَ جو هنڌ اروڙ هو. يعني ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي مرڪزي حيثيت ختم ٿي چڪي هئي ۽ لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ ڪوبه وڏو شهر نه رهيو هو. هن خاندان جي حڪومت جون حدون اتر ۾ ڪشمير، قنڌار ۽ هيلمند تائين، الهندي ۾ ڪرمان جي وادي نورملشور تائين، ڏکڻ ۾ سورت تائين ۽ اوڀر ۾ چتورڳڙهه تائين هئي. سنڌ ۾ اُچ، ماٿيلو، سيوراءِ، مئو، سيوستان، اروڙ، برهمڻ آباد ۽ ديبل مشهور قلعا هئا.

انهن ڏينهن ۾ سنڌ چئن علائقن ۾ ورهايل هئي ۽ هر علائقي تي هڪ نائب مامرو هو، جيڪو ملڪ جي لقب سان حڪومت ڪندو هو. انهن چئن علائقن جا نالا هي آهن:

1 ـــ برهمڻ آباد: جنهن جي حدن ۾ نيرن ڪوٽ (حيدرآباد)، ديبل، لوهاڻو، لاکو، سمو، ويندي سمنڊ تائين علائقو اچي ٿي ويو.

2 ـــ سوستان: جنهن ۾ سيوهڻ، ٻڌيه، جنگان، رونجهان، ڪوهه پايه، ويندي مڪران تائين علائقو اچي ٿي ويو.

3 ـــ اسڪلنده: جنهن ۾ سڪ، برهمپور، ڪرور، اشعار، تاڪيا، ويندي ڪشمير جي حد تائين علائقو اچي ٿي ويو.

راجا پاڻ اَروڙ ۾ رهندو هو ۽ پردان، ايڪانان ۽ برهاس جا علائقا سڌو سندس ماتحت هئا. هن مان معلوم ٿيندو ته اُن زماني ۾ لاڙڪاڻو ڪنهن خاص نالي سان علائقي جي صورت ۾ موجود نه هو. اندازو آهي ته انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي وارو علائقو سڌو سنئون مرڪزي علائقي سان وابسته هو، يعني هي علائقو سڌو سنئون اروڙ جي راجا جي ماتحت هو.

راءِ گهراڻي جي پهرين حاڪم راجا سيهرس جي ڏينهن ۾ ايران جي بادشاهه نيمروز جي لشڪر سنڌ جي راجا جي حڪومت جي علائقي ڪرمان تي حملو ڪيو. راجا سيهرس مقابلو ڪيو ۽ ايراني لشڪر شڪست کائي موٽي ويو. هن لڙائيءَ ۾ راجا سيهرس مارجي ويو. ان کان پوءِ سندس پٽ راءِ سهاسي تخت تي ويٺو. هن جي زماني ۾ ڪشمير جو هڪ برهمڻ چچ نالي اروڙ ۾ آيو. هو پهريائين راءِ سهاسيءَ جي وزير رام جو منشي ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن پنهنجي حرفت ذريعي راءِ سهاسي وٽ اثر پيدا ڪيو. راءِ سهاسيءَ جي راڻي ”شوڀا ديوي“ مٿس موهت ٿي پيئي. آخر اهي راز ۽ نياز جون ڳالهيون وڃي شادي ڪرڻ جي وعدي جي منزل تي پهتون. ٻين کاتن جا برهمڻ علمدار به هن راز ۾ چچ سان شريڪ ٿي ويا، ڇاڪاڻ جو راءِ سهاسي ٻڌ ڌرم جو هو ۽ برهمڻ خفيه سازشن ذريعي ٻڌ حڪمرانن جو اَنت آڻي، برهمڻي راڄ قائم ڪرڻ جون رٿون رٿي رهيا هئا. سنه 632ع ۾ راءِ سهاسي جي مرڻ کان پوءِ راڻي جي مدد سان چچ پنهنجي حرفت ۽ حرڪت ۾ ڪامياب ٿيو؛ ۽ سازش ذريعي سنڌ جي تخت تي ويٺو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ برهمڻ گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو.

برهمڻ گهراڻي جي راجائن 632ع کان 712ع تائين حڪومت ڪئي. سنه 712ع ۾ محمد بن قاسم هن گهراڻي جي پوئين حاڪم ڏاهر کي شڪست ڏيئي، سنڌ ۾ عرب حڪومت قائم ڪئي، اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ اسلام پهتو ۽ جلد ئي هتي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ اسلام قبول ڪيو؛ ڇاڪاڻ جو هو گهڻي قدر ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ هئا، ۽ برهمڻن جي ظلم ۽ ڏاڍ کان تنگ اچي چڪا هئا. فتح کان پوءِ اٽڪل سوا سو ورهيه هي ملڪ بنو اُميه ۽ بنو عباس خليفن جي ماتحت رهيو. البت  محمد بن قاسم جي وفات کان ٻه سال پوءِ عربن جو اثر ڪجهه قدر گهٽجي ويو هو؛ ۽ مختلف پرڳڻن ۾ ڏيهي رياستون قائم ٿي ويون هيون.

 

سنڌ ۽ عرب جا لاڳاپا

سنڌ جي سرزمين کي قديم زماني کان عرب دنيا سان تعلقات رهيا آهن. مولانا ابو الجلال ندوي جي تحقيق آهي ته قديم زماني ۾ سنڌ ۾ عربي قومون اچي آباد ٿيون هيون؛ سنڌ جا عرب دنيا سان تمام گهاٽا تعلقات هئا [1]. علامه سيد سليمان ندوي لکيو آهي ته عرب واپاري هزارين ورهيه اڳ هندستان جي ڪناري تائين ايندا هئاـ ۽ هتان جي واپار ۽ پيداوار کي مصر ۽ شام ذريعي يورپ تائين پهچائيندا هئا؛ اُتان جي سامان کي هندستان ۽ هندستان جي ڀروارن ٻيٽن، چين ۽ جپان تائين رسائيندا هئا [2].

ڊاڪٽر موسيو ليبان تمدّنِ عرب ۾ لکيو آهي، ته عربن جا هندستان سان تعلقات تاريخي زماني جي ابتدا کان آهن، پر سڀني واقعن مان ثابت ٿئي ٿو، ته اسلام کان اڳ واري زماني ۾ اهي هندستان جا ئي ماڻهو هئا، جي پنهنجي ملڪ جي پيداوار کي عرب جي سامونڊي ڪناري تائين آڻيندا هئا، ۽ نه اهو ته عرب واپاري انهن جي ڳولها ۾ هندستان ويندا هئا. جنهن وقت يمن جي بندرن کان هندستان ڏانهن جهاز وڃڻ لڳا ته اهو زمانو آنحضرت محمّد صلي الله عليہ وسلم جن جي بعثت جي تمام ويجهو هو [3]. ٻئي هنڌ لکيو اٿس، ته هجري سن جي شروعات کان ئي عربن هندستان ۾ اچڻ شروع ڪيو هو. جهازن جون قطارون، عمان ۽ بحرين کان نڪري سنڌوندي تائين پهچنديون هيون [4].

سنڌ ۽ هند سان عربن جا تعلقات ٽن رستن سان هئا، جن مان هڪ بري ۽ ٻه بحري هئا. بري رستو ڪاروانن جي ذريعي سمرقند، دمشق ۽ بغداد وغيره (مشرق جي وڏن وڏن شهرن) کان ٿيندو، ايران ۽ ڪشمير لنگهي، سنڌ ۾ پهچندو هو. جيڪي واپاري بحري سفر پسند ڪندا هئا، اهي ايراني نار جي بندر سيران وغيره کان يا عربستان کان ٿي، ڳاڙهي سمنڊ جي بندرن کان خاص طرح سان عدن کان روانا ٿيندا هئا [5]. اتان ڪي ٻيڙا آفريڪا ۽ حبش ويندا هئا ۽ ڪي اتان سمنڊ جو ڪنارو وٺي حضرموت، عمان، بحرين ۽ عراق جي ڪنارن کي طيءِ ڪري، ايراني نار کان لنگهي يا ته بلوچستان جي بندر گاه ’تيز‘ ۾ لهي پوندا هئا يا وري اڳتي وڌي سنڌ جي بندر گاه ’ديبل‘ ڏانهن هليا ويندا هئا. پوءِ اڳتي وڌي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي بندرگاه ’ٿانه‘ (بمبئي) ۽ ’کمبايت‘ هليا ويندا هئا[6].

عرب ۽ عربي زبان جي سنڌ سان گهاٽي تعلق جي ثابتي، هندن جي مذهبي ڪتابن مان به ملي ٿي. سوامي ديانند سرسوتي، ستيارٿ پرڪاش جي يارهين سملاس (پرو پهريون، اڌياءُ 147) ۾ لکيو آهي، ته: ”مهاڀارت ۾ جڏهن ڪورون لاک جي گهر ٺاهي، پانڊون کي ان ۾ ساڙي ڀسم ڪرڻ جو خيال ڪيو، ته ودرجيءَ يڌشٽر کي عربي زبان ۾ ٻڌايو ۽ هن کي عربي زبان ۾ ان جو جواب ڏنو“ [7]. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي، ته پوءِ چئبو ته سنڌ ۽ هند جا عرب دنيا سان تمام قديم زماني کان تعلقات هئا.

سنڌ ۽ هند جي واپار ۽ پيداوار کي عربن جي نگاهه ۾ جيڪا اهميت حاصل هئي، ان جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته حضرت عمر رضه هڪ عرب سياح کان پڇيو، ته ”هندستان بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“ ان تي هن ٽن مختصر فقرن ۾ جواب ڏنو: ”سندس درياهه موتي آهن، سندس پهاڙ ياقوت آهن ۽ سندس وڻ عطر آهن“ [8].

موهن جي دڙي مان جيڪي شيون مليون آهن، اهڙيون عراق جي دڙن مان به هٿ آيون آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ واپار هلندڙ هو. عرب طبعي حالتن مطابق تمام قديم زماني کان واپاري آهن. هو قديم زماني کان واپار سانگي سنڌ ۾ ايندا هئا، چوٿين صدي عيسوي ۾ ايران جي ساساني بادشاهن، عربن جي واپار کي روڪي ڇڏيو هو، پر ساسانين جي زور ٽٽڻ کان پوءِ عربن وري سندس واپاري تعلقات قائم ڪري وڌا؛ توڙي جو ايرانين هندساني راجائن کي مشرائي عربن جي سلون سان هلندڙ واپار ۾ سامونڊي ڦورن ذريعي رنڊڪون وجهرايون هيون.

اسلام کان پوءِ عرب طاقتور ٿي ويا ۽ بنا خطري سنڌ، هند ۽ چين سان واپار ڪرڻ لڳا. ان وقت ۾ به هندستاني راجائن، سنڌ ۽ هند جي بندرن، خاص طرح سنڌ جي ديبل، گجرات جي بڙوچ ۽ بمبئيءَ جي ٿانه ۾ عربن لاءِ خطرو پيدا ڪري وڌو هو، پر هو انهن تڪليفن سان منهن ڏيئي بنا خطري واپار ڪندا هئا. سنه 15 هه ۾ حضرت عمر جي زماني ۾ عمان جي گورنر عثمان ابي العاص، هڪ فوج مٿين بندرن ڏانهن موڪلي، خطرو دور ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ هندستاني راجائن، ٻاهرين ٻيڙن تي 10 سيڪڙو ڍل مڙهي. حضرت عمر ان تي اعتراض وٺڻ جي بدران، بصره ڏانهن ايندڙ هندستاني ٻيڙن تي 10 سيڪڙو ڍل وجهي ڇڏي.

سنه 705ع ۾ جڏهن وليد اموي خليفو ٿيو، تڏهن هن حجاج بن يوسف کي عراق، ايران، مڪران ۽ بلوچستان يعني حڪومت جي مشرقي حصي تي نائب مقرر ڪيو. هن هندستان جي ٻيٽن سان تعلقات اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيا. عرب واپاري ايندا ويندا رهيا؛ پر سنڌ ۽ هند جي اڪثر ڪنارن سان سامونڊي ڌاڙيل انهن جهازن تي ڌاڙا هڻندا رهيا. سومناٿ ۽ ڪڇ سامونڊي ڌاڙيلن جي سڀ کان وڏي پناهگاهه هئي. آخر انهن ڦورن جي ڦرين، عربن کي سنڌ تي حملو ڪرايو، ساموڊي ڦورن، سلون کان ايندڙ عربن جو جهاز ڦريو. نه فقط ايترو، پر جهاز ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي اروڙ ۾ قيد ڪيو. انهن ۾ مردن سان گڏ عورتون به هيون. حجاج بن يوسف سنڌ حڪومت کي بي گناهه قيد ٿيل مسافرن کي آزاد ڪرڻ لاءِ لکيو ۽ ڦر جو مال واپس طلب ڪيو. سنڌ حڪومت ڪو به مثبت جواب نه ڏنو. اهوئي سبب آهي، جو حجاج، محمد بن قاسم کي سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو.

سنه 92 هه (711ع) ۾ سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جي راجا ڏاهر کي شڪست ڏئي، سنڌ تي مسلمانن جي حڪومت قائم ڪئي. برهمڻ گهرائي جو باني چچ هو، جيڪو اصل ڪشمير جو برهمڻ هو ۽ سنڌ ۾ روزگار سانگي آيو هو. هو پهريائين راءِ گهراڻي جي راجا راءِ سهاسي جي وزير جو منشي ٿيو ۽ پوءِ پنهنجي چالاڪيءَ سان راجا جو وزير ٿيو. ان کان پوءِ راجا راءِ سهاسي جي راڻي ذريعي سازش ڪري، سنڌ جو حڪمران بنجي ويو ۽ راجا راءِ سهاسي جي بيوهه سان شادي ڪيائين. چچ برهمڻ هو ۽ سنڌ جي عوام جي اڪثريت ٻڌ ڌرم جي پوئلڳ هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جي عوام جي اڪثريت چچ ۽ سندس پٽ راجا ڏاهر کي پسند نه ڪندا هئا. اهوئي سبب هو، جو سنڌ جي عوام محمد بن قاسم جي ڀرپور مدد ڪئي.

محمد بن قاسم جي فتح کان پوءِ هي ملڪ دمشق ۽ پوءِ بغداد جي ماتحت رهيو، البته محمد بن قاسم جي وفات کان ٻه سال پوءِ سنڌ ۾ عربن جو اثر گهٽجي ويو. ان هوندي به مسلمانن جي مرڪزي حڪومت طرفان سنڌ لاءِ گورنر مقرر ٿي ايندا رهيا. هوريان هوريان عربن جي حڪومت سنڌ ۾ ڪمزور ٿي ويئي، جنهن ڪري ڏيهي ماڻهو اڀرڻ ۽ اسرڻ لڳا ۽ پنهنجون رياستون ۽ جاگيرون قائم ڪرڻ لڳا. اروڙ تي راجا دلوراءِ قبضو ڪيو ۽ عربن جي حڪومت صرف منصوره تائين وڃي محدود رهي. ”منصوره“، سنڌ جي قديم شهر برهمڻ آباد جي ڀرسان عربن نئون شهر آباد ڪيو هو. منصوره شهر به هو، ته علائقو به هو، جنهن تي عرب گهراڻو ”هباري“ حڪومت ڪندو آيو. 1050ع ۾ سومرن سنڌ تي قبضو ڪيو.

 

سنڌ ۾ اسلام

سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿيڻ سان، سنڌ ۾ اسلام جي تبليغ به شروع ٿي. هر شهر ۾ مسجدون ۽ مدرسا قائم ٿيا. چچ نامي ۾ آيو آهي، ته حجاج بن يوسف، محمد بن قاسم کي لکيو هو، ته ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏني وڃي ۽ جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان اسلام قبول ڪري، ان کي مناسب تربيت ڏني وڃي. محمد بن قاسم انهن هدايتن تي پوريءَ طرح عمل ڪيو، جنهن ڪري جلد ئي وڏي تعداد ۾ ماڻهو مسلمان ٿي ويا. محمد بن قاسم کان پوءِ ٻين عرب حاڪمن به اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ چڱي ڪوشش ورتي. ڪڏهن ڪڏهن خليفي وٽان به سنڌ جي راجائن ۽ زميندارن ڏانهن تبليغي خط ايندا هئا، جن تي ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيندا هئا. سنه 99 هه (727ع) ۾ حضرت عمر بن عبدالعزيز خليفو ٿيو، جنهن اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ وڏي ڪوشش ورتي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي راجائن ۽ ماڻهن ڏانهن خط اماڻيائين، جنهن تي ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا. سنه 157 هه (774) ۾ مهدي خليفو ٿيو. هن به سنڌ جي راجائن ڏانهن تبليغي دعوت ناما موڪليا. ان جي نتيجي ۾ 15 راجائون مسلمان ٿيا. سنه 270 هه (883ع) ۾ منصوره جي هڪ عالم، سنڌ جي هڪ راجا جي چوڻ تي ۾ قرآن شريف جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. قرآن شريف جو اهو پهريون ترجمو آهي، جيڪو سنڌي زبان ۾ ٿيو.

هندن ۽ ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن سان مسلمانن جا مذهب جي معاملي تي مناظرا به ٿيا. روايت آئي آهي، ته سنڌ جي راجا وٽ هڪ فاضل پنڊت رهندو هو، جنهن کي راجا آماده ڪري، خليفي ڏانهن چوائي موڪليو، ته مسلمانن وٽ تلوار کان سواءِ مذهب جي سچائيءَ جو ٻيو ڪوبه دليل ڪونهي، جيڪڏهن اوهان کي اوهان جي ڌرم جي سچائيءَ جو يقين آهي ته پنهنجو ڪو عالم موڪليو، جو منهنجي پنڊت سان اچي بحث ڪري. خليفي هڪ وڏي محدث عالم کي ان ڪم لاءِ موڪليو.

پنڊت ان عالم کان ڪي سوال ڪيا، جن جا هن جواب ڏنا، پر پنڊت مطمئن نه ٿيو. اڃا انهيءَ عالم کي واپس ڪيو ۽ هارون رشيد ڏانهن اڻ ـــ سونهائيندڙ نياپو موڪليو. پنڊت جيڪي سوال ڪيا هئا، انهن مان مکيه هي هو، ته ”تنهنجو خدا جيڪڏهن هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو ته ڇا کيس پاڻ جهڙي ڪنهن هستيءَ جي ٺاهڻ جي قدرت به آهي؟“ هارون رشيد کي جڏهن راجا جو پيغام مليو، تڏهن هن علم ڪلام جي عالمن کي گهرائي، اهو سوال سندن سامهون رکيو. انهيءَ جماعت واري ننڍيءَ عمر جي ڇوڪري چيو، ته ”هيءَ اعتراض اجايو آهي. الله ته اهو آهي، جنهن کي ڪنهن نه ٺاهيو آهي ۽ نه ڪنهن پيدا ڪيو آهي نه اهو نه مخلوق آهي. هينئر جيڪڏهن هو پاڻ جهڙو ڪو پيدا ڪندو، ته هو سندس جهڙو ته ٿي نه سگهندو. هو بهرحال سندس مخلوق ئي هوندو. تنهن کان سواءِ هوبهو خدا جهڙي هستيءَ جو هجڻ، خدا جي توهين آهي ۽ خدا پنهنجي توهين ۽ تحقير تي، اهو محال آهي، ته قدرت نه رکندو هجي. اهو سوال ڪرڻ اهڙوئي آهي، جيئن ڪو چوي، ته خدا جاهل ٿي سگهي ٿو؛ خدا کائي سگهي ٿو يا پي سگهي ٿو. ظاهر آهي، ته انهن مان خدا ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي، ڇاڪاڻ جو اهي سڀ ڳالهيون سندس ذات جي شان جي خلاف آهن.“ اهو جواب سڀني پسند ڪيو ۽ خليفي جي مرضي ٿي ته ان پنڊت جي مقابلي ۾ هن ڇوڪري کي سنڌ ڏانهن موڪليو وڃي، پر ڪنهن تجربيڪار چيو، ته هي ننڍو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٻين سوالن جا جواب نه ڏئي سگهي. آخر ٻئي مشهور متڪلم کي خليفي چونڊي سنڌ ڏانهن موڪليو. هڪ روايت موجب جڏهن اهو متڪلم رستي ۾ هو، تڏهن پنڊت هڪ ماڻهو موڪلي معلوم ڪيو ته هي فقط مذهبي عالم آهي يا هو عقليات مان به واقف آهي؟ جڏهن کيس خبر پئي ته هو عقليات مان به واقف آهي، تڏهن پنڊت، ان جي مقابلي ۾ پاڻ کي ڪمزور سمجهي، کيس رستي ۾ ئي زهر ڏياري مارائي ڇڏيو.

اهڙي هڪ ٻئي مناظري جو به پتو پوي ٿو. واصل بن عطا، جهم بن صفوان ۽ ٻوڌين جي وچ ۾ مناظرو ٿيو. واصل بن عطا دليلن سان ٻڌ ڀڪشو کي قائل ڪيو.


[1] . مضمون ”موئن جو دڙو کي زبانين“؛ شايع ٿيل ماهنامه ”روح ادب“ ۽ ”سنڌي مهرين“ شايع ٿيل ”ماه نو“ نومبر 1956ع.

[2] . عرب و هند ڪي تعلقات، ص 6 ۽ 7.

[3] . تمدّنِ عرب، ص 589.

[4] . ايضاً، ص 267.

[5] . تمدّنِ عرب، ص 590.

[6] . عرب و هند ڪي تعلقات، ص 6 ۽ 7.

[7] . علامه سيد سليمان ندوي به هيءَ ڳالهه پنهنجي ڪتاب ”عرب و هند کي تعلقات“ (ص 11) ۾ آندي آهي. لکيو اٿس ته جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه تي مشڪل سان يقين اچي ٿو، پر جيئن هڪ وڏي پنڊت کي ان مڃيو آهي، تنهنڪري مون کي به انڪار جي جرئت ڪانهي.

[8] . الاخبار الطوال: ابو حنيه دينوري (اردو ترجمه)، مرڪزي اردو بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com