تحقيق جو فن
قريشي حامد علي خانائي
خداوند تعاليٰ انسان کي جيئن هن دنيا ۾ پيدا ڪيو آهي، تيئن هن ۾
تلاش ۽ جستجو جو جذبو پڻ پيدا ڪيو آهي. انسان
پنهنجي روزمره جي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ جيڪي ڪجهه
رونما ٿيندڙ حقيقتون ۽ وارداتون ڏسي ۽ پسي ٿو، تن
جي اصليت معلوم ڪرڻ جي لاءِ هن ۾ تجسس ۽ تلاش جو
جذبو ۽ شوق پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو انهن جي تَهه تائين
پهچڻ جي تمام وڏي ڪوشش ڪري ٿو. ابتدائي دؤر ۾
انسان جي دنيا بلڪل محدود هئي. هن کي ايترا آسان
ذريعا ۽ وسيع وسيلا ميسر ڪونه هئا، جن جي ڪري هو
انهن واقعن، حادثن ۽ حقيقتن جي اصليت تائين رسائي
حاصل ڪري سگهي، پر انهن محدود ذريعن جي باوجود، هو
انهن ڳالهين جي متعلق معلومات حاصل ڪري سگهي. پر
انهن محدود ذريعن جي باوجود، هو انهن ڳالهين جي
متعلق معلومات حاصل ڪرڻ جي سعي ۽ ڪوشش ۾ رُڌل
رهندو هو.
دراصل اها انسان جي هميشہ کان وٺي فطري خواهش ۽ ڪوشش پئي رهي
آهي، ته هُو پنهنجي ماحول ۽ حالتن کان متاثر ٿي،
اهو معلوم ڪرڻ گهرندو آهي ته اهي وارداتون ۽
حققتون ڇو رونما ٿين ٿيون؟ انهن جا آخرڪار ڪهڙا
نتيجا نڪرن ٿا، جن جي اثرن کان انساني سماج ۽
معاشرو متاثر ٿئي ٿو. انسان ۾ انهيءَ نموني جا
عجيب ۽ غريب سوال عمر جي لحاظ کان پيدا ٿيندا ۽
وڌندا رهن ٿا، ۽ انهيءَ سان گڏ هُن ۾ تلاش ۽ جستجو
جو مادو پڻ وڌندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه به
انساني فطرت جي تقاضا موجب هوندي آهي. ان کان
سواءِ هو ان لاءِ به غور ۽ فڪر ڪندو رهي ٿو ته هن
سموريءَ ڪائنات جو راز ڇا آهي؟ هيءُ هيڏو سارو
ٽڪساٽ ڇاجي لاءِ منڊيو ويو آهي؟ انهن خيالن ۽
ويچارن ڪندي، انسان جي زندگيءَ جي ارتقا سان گڏوگڏ
جدوجهد ۽ محنت جو جذبو پڻ پيد ٿيندو رهندو آهي.
اهڙيءَ طرح سان انسان هن وسيع ڪائنات جي مڙني
اسرارن، رازن ۽ رمزن کان واقف ٿيڻ لاءِ انهن جي
تهن تائين پهچڻ جي سخت محنت ۽ جدوجهد ڪندو آهي.
تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته انسان انهن حقيقتن
جي رازن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ وڏيون تڪليفون ۽
مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. انهيءَ ڏس ۾ ڪيترائي
طريقا ۽ ذريعا استعمال ڪندي، هن پنهنجيون قيمتي
حياتيون به قربان ڪيون آهن.
اڳئين زماني ۾ انسان کي هن موجوده جديد دؤر جي ”تحقيق“ ڪرڻ جا
ذريعا ۽ وسيلا ڪونه هئا، ۽ هُن لاءِ هيءَ دنيا
بلڪل ننڍي هئي. ان قديم دؤر ۾ جيڪڏهن ڪو عالم،
دانشور، سائنسدان يا جاگرافيدان ڪا نئين قسم جي
حيرت ۾ وجهندڙ ايجاد ڪندو هو، ته عام ماڻهو ۽
مذهبي رهنما هُن کي پاڳل، جاهل ۽ مذهب کان باغي
سمجهي، سماج ۽ معاشري ۾ کيس ذليل ۽ خُوار ڪندا
هئا، ۽ هُن جي ڪيل محنت تي پاڻي ڦيرو ڇڏيندا هئا.
پر هن جديد دؤر جو هرانسان، پوءِ چاهي هو زندگيءَ
جي ڪهڙي به شعبي سان تعلق رکندڙ ڇونه هجي، ڪنهن نه
ڪنهن مقصد ۽ حقيقت جي طلب ۽ ڳولا ۾ هروقت ڪوشش
ڪندو نظر اچي ٿو. هن موجوده سائنس جي ترقيءَ جي
دؤر ۾ انساني ڪوشش ۽ جدوجهد وڏو عروج ۽ ڪمال حاصل
ڪيو آهي. انساني زندگي هر نموني سان تيزيءَ سان
سائنس جي ترقيءَ کان متاثر ٿي رهي آهي. هن جديد
دؤر جي هر علم، هُنر ۽ فن کي سائنٽفڪ اُصولن ۽
قاعدن موجب پرکيو ۽ پروڙيو وڃي ٿو، ۽ ان مان
سودمند نتيجا حاصل ڪيا وڃن ٿا.
ادب انسان جي ذهن ۽ دماغ جي خوراڪ ۽ دل جي جذبن ۽ امنگن جو
ترجمان آهي ۽ ان جي هرصنف ۾ جديد دؤر جي سائنسي
نموني ۾ تحقيق ۽ تصحيح ڪئي وڃي ٿي. کري ۽ کوٽي جي
تميز ڪري، ان جو صحيح مستند تجزيو ڪري، ڪنهن ٺوس
نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. دنيا جا وڏا
وڏا عالم، اديب، محقق ۽ دانشور پنهنجن تجربن ۽
مشاهدن کي جديد تحقيقي اُصولن ۽ قاعدن موجب تحريري
صورت ۾ آڻي پيش ڪندا رهن ٿا. اهوئي سبب آهي، جو هن
دؤر ۾ ”تحقيق جي فن“ کي علم ۽ ادب جو هڪ نهايت ئي
اهم ۽ ضرروي جُزو سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري چئبو
ته ”تحقيق، علمي، ادبي ۽ تاريخي مسئلن کي چڱيءَ
طرح مان ڇنڊي ڇاڻي، اصلي صورت ۾ آڻڻ جو هڪ بهترين
۽ ڪارگر ذريعو آهي. تحقيق جو اهو عمل اڪثر ڪري
ذاتي تجربن ۽ مشاهدن تي مدار رکي ٿو. اهڙيءَ طرح
سان انساني تهذيب، تمدن ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي
پروڙي ۽ پرکي سگهجي ٿو.
“يونان“ دنيا ۾ سڀ کان پهريون ملڪ آهي، جنهن انهيءَ تحقيق جي
طريقي کي رائج ڪري زور وٺايو ۽ ان تي عملي طرح ڪم
ڪيو. مشهور يوناني مفڪر ارسطو تحقيق جي باري ۾ هن
طرح سان خيالن جو اظهار ڪندي چوي ٿو:
”ڪنهن به مسئلي کي تيستائين قبول نه ڪرڻ گهرجي، جيستائين ان
لاءِ ڪي به ٺوس ۽ واضح دليل ۽ ثابتيون نٿيون ملن.“
انهيءَ نظريي انسان جي ذهن ۽ فڪر ۾ هڪ وڏو انقلاب آندو، ۽ دنيا
جي اڪثر عالمن، اديبن ۽ محققن انهيءَ ذهني ۽ فڪري
انقلاب جي ڀرپور آجيان ڪئي. ان طرح سان، ”تحقيق جي
فن“ علمي دنيا ۾ آهستي آهستي پنهنجو اثر ڄمائڻ
شروع ڪيو. هن فن جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو
آهي، جو ڪنهن به ”موضوع“ يا ”مسئلي“ تي پهريائين
چڱيءَ طرح سان غور ۽ فڪر ڪري، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش
ڪئي وڃي ٿي، ۽ ان کان پوءِ ان جي حل ڪرڻ ۾ ذاتي
مشاهدن، تجربن ۽ معتبر ماڻهن کان مليل صحيح احوالن
۽ روايتن کي سهيڙي ۽ سموهي، ان جو تجزيو ڪري
تحريري صورت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي محققن،
انهن قائم ڪيل اصولن تي عمل ڪري، ڪيترن ئي ڏکين ۽
مشڪل مسئلن کي ڪنهن حد تائين حل ڪرڻ جي ڪامياب
ڪوشش ڪئي آهي. سائنس جي علم ۾ ڪنهن حد تائين
”تحقيق“ جو عنصر مسلمان عالمن جي اڻٿڪ ڪوششن جو
نتيجو آهي. علم جي راهه ۾ تجربن ۽ مشاهدن حاصل ڪرڻ
کي باريڪين ۾ وڃي تلاش ۽ جستجو ڪرڻ ۾ مسلمانن
يونانين کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي.
تحقيق جي وصف
علم ۽ ادب جي ماهرن، محققن ۽ دانشورن ”تحقيق“ جي باري ۾ پنهنجا
مختلف رايا ۽ نظريا بيان ڪيا آهن. ڪن عالمن جي ان
باري ۾ رايو آهي: ”تحقيق، محنت، مشقت، طلب ۽ جستجو
جي عمل جو نالو آهي.“
ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ڪنهن به مسئلي تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽
ان جي متعلق پوري خبرداريءَ سان صحيح نموني ۾ جاچ
پڙتال ڪرڻ واري عمل جو نالو ”تحقيق“ آهي. هونءَ به
تحقيق جو عمل دراصل ڪنهن به تنقيدي نقطي نگاهه جو
حامل هوندو آهي.
ڪي عالم وري پنهنجو خيال هن ريت به بيان ڪن ٿا: ”تحقيق اهڙي
ڏکين ۽ مشڪل مسئلن جي حل ڪرڻ جو هڪ محتاط ۽ تنقيدي
جستجو جو عمل آهي، جو انسان لاءِ وڏي تڪليف ۽
مشڪلات جو ڪارڻ بڻجي ٿو.“
انهيءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته تحقيق، تلاش ۽ ڪوشش سان پيدا ٿئي
ٿي، جنهن جي عمل جي ذريعي ڪنهن به مسئلي جي ڇنڊڇاڻ
ڪرڻ ۾ سهوليت پيدا ٿئي ٿي. لڪل ۽ پوشيده ڳالهين ۽
حقيقتن جي پوريءَ طرح سان نشاندهي به ٿئي ٿي.
هن جديد دور جي عالمن جو اهو به نظريو آهي: ”تحقيق جو فن، سائنس
جي ترقيءَ جي هڪ واضح صورت آهي.“
سچ پچ تحقيق جو عمل واقعي هڪ منطقي طريقو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به
اندازي ۽ گمان جي ڪا گنجائش باقي نه رهندي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ”تحقيق“ کي تبديليءَ جي علامت
ڪري تصور ڪيو ويندو آهي. ان باري ۾ ”ڪوري“ جو رايو
آهي: ”تحقيق تاريخي طور کان هڪ نظرياتي عمل کي تيز
ڪرڻ جو ذريعو آهي. تحقيق ذاتي ڪوشش ۽ تجسس جي
تصديق ڪري ٿي ۽ تحقيق جي ٽيڪنڪ مسئلن جي حل ڪرڻ جي
نوعيت مطابق تبديلي آڻيندي رهندي آهي.“
”ڪلفورڊ ووڊي“ جو وري هن طرح خيال آهي: ”تحقيق اصل ۾ حقيقن جي
تلاش ڪرڻ واري عمل جو نالو آهي.“
انهن مٿين نظرين مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته تحقيق صرف حقيقت
کي سمجهڻ ۽ ڄاڻ جو نالو نه آهي، پر گهري طلب ۽
بامقصد حل جي تلاش جو نالو آهي، جنهن ۾ محقق جي
تنقيدي راءِ کي ان ۾ وڏو دخل هوندو آهي، ۽ اهائي
راءِ تحقيق ۾ اصليت جو رنگ ڀريندي آهي. محقق جو
ڪوبه قائم ڪيل نظريو، اڳتي هلي مستقبل جي محقق ۽
دانشور جي لاءِ رهبري ۽ رهنمائيءَ جو سبب بڻجندو
آهي.
تحقيق جا مقصد
تحقيق جي فن جا ڪيترائي مقصد ۽ طريقا ٿي سگهن ٿا، جن جي ذريعي
”تحقيق جو فن“ ڪارآمد ۽ بامقصد ٿي سگهي ٿو. ان جا
مکيه ۽ اهم پهلو هي آهن:
(الف) نظرياتي تحقيق
تحقيق جو سڀ کان پهريون اهم مقصد اهو آهي ته انهيءَ عمل ذريعي
ڪنهن به مسئلي جي، ڪنهن به نظريي جي ترقي ۽ واڌاري
۾ هڪ اُڀار پيدا ٿيندو آهي. ان ڳالهه جو سارو
دارومدار قدرت جي پيدا ڪيل شين تي منحصر هوندو
آهي. انهيءَ نموني جي تحقيق اڪثر ڪري سائنس جي
اصولن، قاعدن ۽ طريقن سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي.
نظرياتي تحقيق جي نتيجن ظاهر ٿيڻ جو دارومدار
هميشه مستقبل تي هوندو آهي.
(ب) لاڳاپيل تحقيق:
تحقيق جو ٻيو مقصد اهو هئڻ گهرجي ته ڪن به اهم حقيقتن ۽ واقعن
جي ڪنهن هنڌ يڪجا ڪيو وڃي، ته جيئن اهي اڳتي هلي
آئنده جي لاءِ تحقيق جي راهه ۾ آساني پيدا ڪن. هن
مقصد واري تحقيق اڪثر ڪري بياني ضرورتن جو پورائو
ڪندي آهي. انهيءَ قسم واري تنقيد مسئلن جي حل ڪرڻ
۾ پڻ گهڻو ڪارگر ۽ مفيد ثابت ٿئي ٿي. هيءُ طريقو
گهڻو ڪري تاريخي تحقيق ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.
(ج) عملي تحقيق:
تحقيق جي ٽئين مقصد جو تعلق ڪنهن به عملي مسئلي سان هوندو آهي.
انهيءَ اصول موجب محقق کي مسئلي جي نوعيت کي سمجهڻ
۽ پرکڻ ۾ وڏي آساني پيدا ٿئي ٿي. تحقيق ڪرڻ وقت
انهيءَ مقصد کي انفرادي ۽ اجتماعي طور به حاصل ڪري
سگهجي ٿو. ليڪن ان جو اصل مقصد اهو هئڻ گهرجي، ته
هٿ آيل مواد ۽ ذاتي تجربن کي ڪوشش ڪري ڪنهن بهتر
طريقي ۽ نموني ۾ بيان ڪيو وڃي، ته جيئن ان مسئلي
جي حل پيش ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دشواري درپيش نه
اچي.
محقق کي تحقيق ڪرڻ وقت مٿين پهرين ٻن مقصدن کي سائنٽيفڪ نموني ۾
استعمال ڪرڻ گهرجي. ساڳئي وقت هڪ محقق کي اهو ذهن
۾ رکڻ گهرجي، ته تحقيق پنهنجي جاءِ تي هڪ جامع عمل
آهي. کيس ان ڳالهه جي پوري پوري آزادي آهي، ته هُو
پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ وڌيڪ سهوليت ۽ آساني پيدا ڪرڻ
جي لاءِ ان کي ڪيترن ئي الڳ الڳ طريقن ۽ مقصدن ۾
ورهائي سگهي ٿو.
تحقيق جي پرک
ڪنهن به تحقيقي مسئلي جي پرک يا جاچ پڙتال جي لاءِ عالمن ڪي
معيار مقرر ڪيا آهن. جن تي انهيءَ فن کي پرکيو وڃي
ٿو. گويا اهي معيار، تحقيقي ڪم جي پرک جي ڪسوٽي
آهن، جن جي تحت کري ۽ کوٽِ جي وچ ۾ تميز ڪئي وڃي
ٿي. انهيءَ ڏس ۾ تحقيق جي پرک جا هيٺيان چند معيار
آهن:
(الف) مسئلو يا عنوان:
تحقيق، علمي دنيا ۾ اهڙو اوزار آهي، جنهن جي مدد سان هڪ نئون
علم يا مواد حاصل ٿئي ٿو. پر ان ڳالهه جو هڪ خاص
خيال رکڻ گهرجي ته تحقيق جي ڏس ۾ جيڪي ڪجهه اڳ ۾
ٿي چڪو آهي يا بعد ۾ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، ان کي
هروڀرو ساڳئي نموني ۾ ٻيهر ورجايو نه وڃي. ڇاڪاڻ
ته اهڙي عمل کي ”تحقيق“ سڏي نه ٿو سگهجي، پر ڪن
مقرر ڪيل تحقيق اُصولن تي، ڪنهن به مسئلي کي
دريافت ڪري پيش ڪرڻ واري عمل کي ”تحقيق“ چئجي ٿو.
تحقيق ۾ گهڻو ڪري سائنسي رجحان کي منطقي طريقي سان
استعمال ڪيو ويندو آهي. منطقي طريقي جو اهو
استعمال هڪ مخصوص قدم جو حامل هوندو آهي، جنهن ۾
نئين ڳالهه جي تحقيق ڪرڻ، ان کي صحيح نموني ۽
طريقي سان ترتيب ڏيڻ ۽ هڪ مخصوص انداز ۾ ان کي
تقسيم ڪرڻ سان ئي تحقيق جو عمل اڳتي وڌندو آهي.
انهيءَ قسم جي تحقيق مان ماهرانه ۽ باقاعده صحيح
نموني سان کوجنا ڪرڻ سان ئي ٿيندي آهي.
انهي چند بنيادي ڳالهين کان پوءِ اهو ڏسڻ گهرجي ته جنهن مسئلي
يا عنوان تي محقق پنهنجي نئين تحقيق ڪري ٿو، ته ان
جي باري ۾ هُن کي ڪيتريءَ حد تائين ابتدائي ڄاڻ ۽
معلومات آهي. انهيءَ لاءِ بهتر آهي ته محقق ان
مسئلي جي متعلق هڪ وسيع معلومات ۽ ڄاڻ رکندڙ هجي.
ڇاڪاڻ ته ان مسئلي جي باري ۾ جيترو به مطالعو گهڻو
رکندڙ هوندو، اوتري قدر هُو ان مسئلي کي گهرائيءَ
۾ باريڪبينيءَ سان حل ڪر سگهندو، ۽ نهايت ئي
قابليت ۽ ڪاميابيءَ سان ان جي اصل تهه تائين وک
وڌائي سگهندو. ان طريقي واري تحقيق. وڌيڪ مؤثر
ثابت ٿئي ٿي، ۽ ان نموني ۽ ڍنگ سان محقق پنهنجي
تحقيقي متن جو هڪ جامع ۽ مستند نسخو تيار ڪري سگهي
ٿو.
(ب) مواد گڏ ڪرڻ جا ذريعا:
ڪنهن به مؤرخ يا محقق جي ڪيل تحقيق لاءِ اهو ڏسڻ گهرجي ته هُن
تحقيقي ڪم دوران مواد ڪٺي ڪرڻ ۾ ڪهڙا معمول ۽ مدار
استعمال ڪيا آهن. انهيءَ سان گڏ اهو پڻ ڏسڻ گهرجي
ته محقق جي تحقيق ڪرڻ جو انداز غير جانبدار هئڻ
گهرجي. تحقيق جي نڪتل نتيجن کي تڏهن ئي مستند صورت
وٺرائي سگهبي، جڏهن انهن جو بنياد ڳوڙهي مشاهدي ۽
دستاويزي حوالن تي مبني هوندو. انهيءَ ڪري تحقيق
جي دوران نڪتل نتيجن کي نهايت ئي خبرداريءَ ۽
احتياط سان بيان ڪيو وڃي، ته جيئن ان ۾ ڪنهن به
قسم جي شڪ ۽ گمان جي ڪابه گنجائش باقي نه رهي.
محقق کي جنهن به عنوان يا مسئلي تي تحقيق ڪرڻ
گهرجي، ته ان لاءِ هن کي اهي سڀ ذريعا ۽ وسيلا
استعمال ڪرڻ گهرجن، جن جي بدولت کيس گهربل مواد
حاصل ٿيو سگهجي. تحقيق جي دوران اهو خيال رکڻ
گهرجي، ته جيڪو به مواد گڏ ٿئي، اهو گهڻي قدر
موضوع سان ٺهڪي اچي. اهڙي مواد کان پرهيز ڪرڻ
گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي صداقت سمايل نه هجي
۽ ممڪن آهي ته اڳتي هلي اهو غلط ثابت ٿئي. ڪوشش
ڪري معتبر روايتن ۽ مستند ڪتابن جي حوالين سان
تحقيق کي وزندار بڻايو وڃي، ته جيئن ان باري ۾
ڪنهن کي ڪنهن به اعتراض ڪرڻ جو ڪوبه موقعو نه ملي.
محقق جي ڪاميابيءَ جو اصل سهرو سندس گڏ ڪيل مواد
جي وسيلن ۽ ذريعن تي ئي منحصر هوندو آهي!
انهيءَ کان سواءِ اڳين محققن ۽ دانشورن جا ان موضوع تي بحث
مباحثا پڻ ڏسڻ گهرجن. انهن جا جيڪي به ڪتاب يا
قلمي نسخا هٿ اچي سگهن، ته انهن کي به آڏو رکڻ
گهرجي. انهن سڀني ڪتابن جو جائزو وٺي، عالمانه
انداز ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، صحيح ۽ مستند متن تيار ڪرڻ
گهرجي. ساڳئي وقت محقق جي اها به ڪوشش هوندي آهي،
ته مصنف جو اصل دستخط نسخو هٿ اچي ته وڌيڪ بهتر
آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ نسخي جي ملڻ ڪري، ٻين گڏ ڪيل
نقلن يا اُتارن جو متن، اصل نسخي سان ڀيٽ ڪري هڪ
صحيح ۽ مستند متن تيار ڪيو ويندو آهي، ۽ انهيءَ
نسخي جي ڪري متن جا سڀ شڪ ۽ گمان دور ٿي ويندا
آهن. سنڌ جي اڪثر عالمن ۽ محققن اهو طريقو تمام
گهڻو استعمال ڪيو آهي.
هيءُ دؤر هنر ۽ ٽينڪالاجيءَ جو آهي. انهن فنن جي ڪتابن کان
سواءِ عملي طرح به هنري ۽ مشينري ڳالهين جو مطالعو
۽ مشاهدو ڪرڻ به بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا معلومات
ٻين ڪتابن مان ملي نٿي سگهي، سا اهڙن ذريعن جي
رستي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن جديد دؤر م فلم،
ريڊيو، ٽيليويزن، اخبارن، رسالن ، تقريرن، تبصرن ۽
تنقيدن جي ذريعي پن مواد ڪٺو ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ
کان سواءِ تعليمي ادارا، تحقيقي مرڪز، پبلڪ
لائبريريون ۽ سرڪاري قائم ڪيل ڪتبخانا پڻ ان ڏس ۾
مددگار ثابت ٿين ٿا.
محقق کي ان موضوع جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، جنهن تي هو پوريءَ طرح سان
سير حاصل تحقيق ڪرڻ گهري ٿو. انهيءَ لاءِ اهو
نهايت ضرور آهي ته تحقيق جي دوران جيڪي به ڪتاب ۽
قلمي نسخا گڏ ٿين، تن کي پنهنجي تحقيق جي اندر سند
طور استعمال ڪجي، ته جيئن اهي آئينده جي محقق لاءِ
وزندار ثابت ٿين.
(ج) سوال نامو:
سوال نامي وارو طريقو به تحقيقي مواد ڪٺي ڪرڻ جو بهترين ذريعو
آهي. هن طريقي سان محقق کي تحققي ڪم ڪرڻ ۾ گهڻي
آساني ٿئي ٿي. سوال نامو تيار ڪرڻ وقت محقق کي وڏي
قابليت ۽ ذهانت سان ان جو خاڪو تيار ڪرڻ گهرجي،
ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن سوال نامي ۾ ڪيتريون خاميون پڻ
رهجي وينديون آهن، جنهنڪري معلومات اڌوري حاصل
ٿيندي آهي. سوال نامو تيار ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن:
پهريون اهڙو سوال نامو تيار ڪيو وڃي، جنهن جي مدد
سان ڪنهن به مطلوب فرد کان ڪنهن به قسم جي مسئلي
بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي. ٻيو سوال نامو وري
اهڙي نوعيت جو تيار ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ڪنهن
به واسطيدار ماڻهوءَ ڏانهن ٽپال رستي موڪلي، گهربل
مواد حاصل ڪبو آهي. مواد حاصل ٿيڻ کان پوءِ ان کي
درايت جي ڪسوٽيءَ تي کري ۽ کوٽي جي چڪاس ڪري، پوءِ
ان کي تحقيقي مقالي ۾ بيان ڪرڻ گهرجي.
(د) انٽرويو
هن موجوده ترقيءَ جي دور ۾ انٽرويو يعني روبرو ملاقات ڪرڻ وارو
طريقو پڻ تحقيقي مواد حاصل ڪرڻ ۾ مؤثر ۽ ڪارآمد
ثابت ٿيو آهي. هن ذريعي گهربل صحيح معلومات حاصل
ڪري سگهجي ٿي. انٽرويو وٺڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته
پهريائين هڪ جامع سوال نامو مرتب ڪرڻ گهرجي، ته
جيئن انٽرويو وٺڻ وقت ڪابه اهم ۽ خاص ڳالهه رهجي
وڃي.
(هه) مشاهدو:
تحقيق ۾ سوال نامي، انٽرويو ۽ ٻين طريقن کان اڃا به وڌيڪ اهم ۽
مؤثر طريقو ”مشاهدو“ آهي. محقق جڏهن به ڪنهن مسئلي
يا عنوان تي تحقيق ڪرڻ گُهري، ته هُن لاءِ سڀ کان
اهو بهتر طريقو آهي، ته هُو انهن جاين، ماڳن ۽
هنڌن ۽ اتان جي جاءِ وقوع جو چڱيءَ طرح ۽ صحيح
نموني سان مشاهدو ڪري، ان جي باري ۾ ڪا صحيح ۽
مستند راءِ قائم ڪري، ڪو آخري نتيجو ڪڍي، ليڪن
هيءَ ڳالهه به چڱيءَ طرح جھ سان ڌيان ۾ رکڻ گهرجي
ته مشاهدي ڪرڻ وقت، محقق وٽ ان باري ۾ هڪ مڪمل ۽
صحيح ڳالهين معلوم ڪرڻ جي لاءِ هڪ فهرست اڳ ۾ ئي
تيار هجي، جنهن جي ذريعي هُو ان لاءِ ڪارآمد مواد
هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندو.
(و) گائيڊ يا رهنما:
محقق پنهنجو تحيقي مقالو هڪ گائيڊ يا رهنما جي نگرانيءَ هيٺ
تيار ڪندو آهي. گائيڊ يا رهنما پڻ مواد ڪٺي ڪرڻ ۾،
محقق جي وڏي مدد ۽ رهنمائي ڪري سگهي ٿو. انهيءَ
لاءِ اهو ضروري آهي ته محقق ۽ رهنما جي وچ ۾
پنهنجائپ ۽ ويجهڙائيءَ وارو لاڳاپو قائم هجي. خوفن
۽ ڊپ جو عنصر سندن وچ ۾ حائل هئڻ نه گهرجي. ساڳئي
وقت اهو به لازمي آهي ته رهنمائي ڪندڙ هڪ وڏو عالم
۽ وسيع معلومات رکندڙ هجي. نگران جي تحقيق تي وڏو
اثر پوي ٿو. رهنما ۽ محقق جي باهمي بحث مباحثي جي
ذريعي تحقيق جي ڏس ۾ هڪ اهڙي نئين شيءِ پيدا ٿئي
ٿي، جا پنهنجي جاءِ تي مڪمل ۽ جامع هوندي آهي.
انهيءَ ڪري موضوع جي انتخاب سان گڏ گائيڊ يا رهبر
جي صحيح چونڊ به تحقيقي عمل جو هڪ اعليٰ معيار
آهي.
محقق جون صلاحيتون ۽ لياقتون
تحقيق جو ڪم نهايت ئي مشڪل ۽ ڏکيو ڪم آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ
محقق ۾ ڪن خاص صلاحيتن ۽ لياقتن جو هئڻ تمام ضروري
آهي. هڪ قابل محقق ۾ هيٺين صلاحيتن ۽ لياقتن جو
هئڻ لازمي آهي.
(الف) طرز املا ۽ خط جي ڄاڻ:
محقق جي اڳيان جيڪي به قديم خواهه جديد ماخذ اچن ٿا، اهي گهڻو
ڪري عربي ۽ فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ هوندا آهن. اسان
جي سنڌي زبان، ادب ۽ تاريخ جو مسئلو ٻين زبانن جي
ڀيٽ ۾ مختلف نوعيت وارو آهي. قديم دور ۾ عربي ۽
فارسي ۽ ٻين ٻولين جو سنڌ ۾ رواج گهڻو هو. علم ۽
ادب ۽ درس و تدريس جو سلسلو پڻ انهن ٻولين ۾ هوندو
هو. انهيءَ لاءِ محقق کي انهن ٻولين تي پورو عبور
حاصل هئڻ گهرجي.
علم ۽ ادب جي تحقيق جو مسئلو پڻ هڪ وڏو نازڪ ۽ اهم مسئلو هوندو
آهي. ان جي صنفن تي تحقيق ڪرڻ وارو محقق نه صرف
نفس مضمون ۽ افڪارن جي صحيح تحقيق ۽ تصديق ڪندو
آهي، بلڪ ان جي استعمال ڪيل زبان، صرف و نحو،
محاورا، اصطلاح، ڪنايا، استعارا ۽ تشبيهون وغيره
جهڙين نازڪ ۽ نفيس ادبي ڳاليهن جو پڻ تحقيقي انداز
۾ تجربو ڪندو آهي. ساڳئي وقت هن کي اهو به ڏسڻو
پوندو آهي ته اصل مصنف جيڪا زبان ڪم آندي آهي، سا
ڪهڙي نموني جي مروج زبان هئي ۽ اها هن وقت ڪتابن ۾
استعمال ۾ اچي ٿي يا متروڪ ٿي چڪي آهي. محقق کي خط
جي قدامت ۽ نموني مان انهيءَ مٿين ڳالهه جي اندازي
لڳائڻ جي صلاحيت ۽ لياقت هئڻ گهرجي. مثال طور حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ يا سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪي
شاعرن جيڪا سنڌي زبان پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آندي آهي،
محقق کي ان جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي لياقت هئڻ گهرجي.
ڪنهن به ڪتاب جي اصل متن کي غلط نموني ۾ پڙهڻ سان
مستقبل جي ادب لاءِ نقصانڪار آهي. ان جو سنڌي ادب
۾ بهترين مثال ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو
مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي
مرتب ڪيل رسالي ۾ شاهه صاحب جي سنڌي بيتن جي جيڪا
صحيح پڙهڻي قائم ڪئي آهي، اهائي ساڳي پڙهڻي کانئس
پوءِ جي اڪثر سڀني عالمن قائم رکي آهي.
محقق جي اڳيان ڪيترا قلمي نسخا اهڙا به هوندا آهن، جن تي ڪتابت
جو سن وغيره چٽائيءَ سان لکيل ڪونه هوندو آهي، يا
وري ڪن نسخن تي بنهه صفا ڏنل ئي نه هوندو آهي.
اهڙي قسم جا نسخا اڪثر مشڪوڪ هوندا آهن. ان حالت ۾
اصل خط کي ڏسڻ مان ئي ان جي قدامت جو اندازو لڳائي
سگهبو آهي، ته مذڪوره خط فلاڻي دؤر ۾ رائج هو ۽ ان
ڪهڙي نموني ۾ پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪيون. هڪ
محقق ۾ انهن مڙني ڳالهين جي اهليت هئڻ گهرجي.
(ب) شاعري ۽ علم عروض:
هڪ محقق جي لاءِ شاعريءَ جي عروض جي فن جي متعلق به ڪافي ڄاڻ
رکڻ تمام ضروري آهي. محقق قديم شاعريءَ جي نسخن کي
نئين سر ترتيب ڏيئي، انهن ۾ اهم تصحيح ڪري، هڪ
نئون نسخو تاليف ڪندو آهي. انهيءَ مان محقق جي
قابليت ۽ فني صلاحيتن جو اندازو لڳايو ويندو آهي.
محقق لاءِ اهو به ضروري آهي ته هُو شاعريءَ جي فن
تي ڀرپور تنقيد يا تبصري ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي،
ته جيئن هُو انهيءَ قسم جي ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻ وقت
انهن ۾ اصلاح ۽ واڌارو ڪري سگهي. سنڌي ادب ۾ اهڙا
ڪيترائي اديب ۽ عالم ٿي گذريا آهن، جن ڪيترن ڪتابن
کي انهيءَ مٿينءَ رنگ ۽ ڍنگ ۾ تاليف ڪيو آهي،
جهڙوڪ: ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ سيد
حسام الدين راشدي وغيره. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
پڻ انهيءَ نموني ۾ سنڌ جي لوڪ ادب ۽ ٻئي مواد کي
سهيڙي ۽ سموهي پيش ڪيو آهي. |