”استاد“ بخاري
گوُنج منهنجي بِينَ جِي بُو، باغ جي ڪُوڪُوءَ ۾ هئي،
ڪن ٻُڌڻ وارن ٻُڌي ٿي، آڳ جي گهُوگهُوءَ ۾ هئي.
ڪالهه جي آوارگي ۽ سانجهه جي سنجيدگي،
سڀ سميٽي وئي اڄوڪ پِره جي پهلوءَ ۾ هئي.
تو به دامن سان اُگهي، سوٽيون هڻي، ڌوئي ڇڏيو،
هر خوشي منهنجي وهي ويندي انهي آنسوءَ ۾ هئي.
انب کائي، ويجهو ويهي گفتگو مون سان ڪيئه،
هر اڇا اٽڪي پئي اُن انب جي خوشبوءَ ۾ هئي.
پنهنجي آڱر سان اگهي ٿي مون هٿيڪي پاڻ ڪئي،
هر خوشي منهنجي وهي ايندي انهي آنسوءَ ۾ هئي.
زندگي کان موت تائين سرحدون ”استاد“ جون،
منهنجي لئه محدود دنيا جي دَري دادوءَ ۾ هئي.
”محسن“ ڪڪڙائي
هائيڪا
بابي جيڏو گهوٽ،
سورنهن ساله نينگري،
پيءُ کَٽي پيو ڪوٽ.
الاّ، ماءُ نه پيءُ،
ڪنهن جي راهه تڪي پئي،
دَريءَ منجهان ڪا ڌيءَ!
بَسِ، مسافر، پيهه،
گوڏا، گوڏن جي مٿان،
لڄ نه ڪائي لِيهه!
آمهون ـــ سامهون دَرُ،
ايندي ـــ ويندي گهور سان،
گهائي پيو هڪ گهر.
سنڌي اخبارون،
ڌاڙا، اغوا، خونُ ۽،
ماڻهن کي مارون!
ڪاٿي آ چوري؟
هاڻ ته ماڻهو پيو ڪري،
ماڻهوءَ سان زوري!
احمد خان ”آصف“ مصراڻي“
عجيب سنڌ
قربان تنهنجي نام تان منهنجي عجيب سنڌ،
منهنجي عجيب سنڌ، بلي خوش نصيب سنڌ.
تهذيب تنهنجي آه قديم ۽ گهڻي قديم،
ٻولي به تنهنجي آه عجيب و غريب سنڌ.
لوڏي سگهيون نه توکي زماني جون گردشون،
آهن ڏٺا تو ڏاڍا فراز و نشيب سنڌ.
ساڪِن ٿيا جي تو ۾ انهن کي سڪون مليون
هت خوش پيو گذاري غني ۽ غريب سنڌ.
غمگين و غمزدن سان ڪرين غمگساريون،
دل جي دکايل جي بڻينءَ تون طبيب سنڌ.
شمس و قمر جو ساٿ تو سان رات ڏينهن ٿيو،
خود آسمان به آه تنهنجو هڪ حبيب سنڌ.
تنهنجي زمين خُلد برين جو مثال مَٽُ،
تنهنجو اناج، آب اسان جو نصيب سنڌ.
ٿر بر به تنهنجا سچ ٿا گلستان کي شہ ڏين،
تنهنجا زغن ۽ زاغ ڄڻڪ عندليب سنڌ.
تنهنجا جوان، سورما ۽ سرفروش ٿيا،
سينگاريائون سر ڏئي سوريون صليب سنڌ.
”آصف“ رڳو نه توتي لکي نظم ٿو نوان،
ساراه تنهنجي ڪن ٿا سڀ شاعر اديب سنڌ.
الحاج رحيم بخش ”قمر“
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ
مٺڙا مور نه ماٺو ٿِـــّـيءُ، جهانگيئڙا ٿيا چونئي جِــــّـيءُ،
حال نه ڪج تون ههڙو هِـــَّــيءُ، ويڙهيچن جو وسائج وّيءُ،
آهين الفت جو اُهڃاڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
سنڌ سڄيءَ کي شاد ڪرين ٿو، وِک وِک تي آباد ڪرين ٿو،
دائم سڀ جو داد ڪرين ٿو، عالم جي امداد ڪرين ٿو،
آهين عالم جو اڳواڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
سنڌو، سانگين ساڻ تون آهين، پنهنجو ئي مٽ پاڻ تون آهين،
ساوڪ ۽ سرهاڻ تون آهين، موج ڀريو مهراڻ تون آهين،
منهنجا مٺڙا موجون ماڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
پوکن کي ٿو پاڻي گهرجي، نرمل نهر نماڻي گهرجي،
تنهنجي پرت پراڻي گهرجي، لهر نه انڌي ڪاڻي گهرجي،
ماروئڙن لئه ڪج موجاڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
نيڻن ٺار نظارا تنهنجا، ڪامل ڪيف ڪنارا تنهنجا،
جهانگي جيءُ جيارا تنهنجا، سنڌو سرس سهارا تنهنجا،
ويڙهيچن تي ڪج وراڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
توکي سارن سانگيئڙا، جهنگ ۾ جر ۾ جهانگيئڙا،
ونگ وجهن ٿا وانگيئڙا، تانگهه رکن سڀ تانگهيئڙا،
ڪاوڙ توکي ڪنهن جي ڪاڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
توکي سونهنِ مُنهن تي موڙ، جهنگ ۽جر ۾ جايون جوڙ،
واهڙ، ڪسيون، ٻيلا ٻوڙ، خوب ڪچي ۾ خيما کوڙ،
چاڙهه سين ڪج تون نينهن نواڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
تو تي الهه نبيءَ جي اوٽ، تو تي ڪلمي پاڪ جو ڪوٽ،
تنهنجو مير مُحمــّـد گهوٽ، چئني پاسي ڪج تون چوٽ،
سنڌ سڄيءَ ۾ ڪج ساواڻ!
گهوٽ ڀٽائيءَ جا مهراڻ!
”آثم“ ناٿن شاهي
غزل
جڏهين جڏهين مونکي پنهنجي ويجهو لڳندو آهين،
تڏهين تڏهين ساڀيان ۾ ڀي سپنو لڳندو آهين.
مَن ۾ موتين کاڻ کنيو، چُپِ چاپ وتين ٿو هلندو،
ساگَر انت نه جيئن، تيئن تون ڀي اُونهو لڳندو آهين.
رسمن جي ڦاهيءَ تي چاڙهيل، بي وس ۽ بي ڏوهي،
سچَ وانگر او سانول سَنهڙا! سهڻو لڳندو آهين.
جُهڙ ۾ جيئن ئي گهر کان ٻاهر ايندو آنءِ اڱڻ تي،
ڄائوُ پاري ۾ ڄڻ سِـج جو تِڙڪو لڳندو آهين.
تو سان منهنجو رِيت، روايت، رَتَ جو ڪو سَڱ ناهي،
پو به الائي ڇا لئه ايڏو پنهنجو لڳندو آهين.
ڪَنَ ۾ ڪِلڪ ڪاڳر ڪَڇَ ۾ لالُ اکيون لِڱ ميرا،
ڪڏهين ڪڏهين آثم تون ڀي چريو لڳندو آهين!
سروپيچندر ”شاد“
ترائيل
هٿوراڙيون ڏيئڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو،
ويساهه ڪرڻ سکيو آهين، سوچڻ جي ڪر ڳالهه.
سمجهه بنان ويڙهاند ۾ ڪوبه شامل نه ٿيندو
هٿوراڙيون ڏيئڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
بيٺل پاڻي بانس ڪندو، ڪو گُل ڦُل نه ٿيندو،
ذري ذري کي زينت ڏي ۽ لوچڻ جي ڪر ڳالهه.
هٿوراڙيون ڏيئڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو،
ويساهه ڪرڻ سکيو آهين، سوچڻ جي ڪر ڳالهه.
نثار ”بزمي“
پرِين پڌرو لکن ۾ آ،
نيارو دلبرن ۾ آ.
جڏهن مُرڪي نهاري ٿو،
ته هرڪا دل ٽَپن ۾ آ.
مُنڊِي آ چِيچَ ۾ سوني،
عجب حرڪت هٿن ۾ آ.
وَيو آ واسِجِي سڀِڪو،
سُڳنڌ ڪيڏي لٽن ۾ آ.
پکيڙي زلف ٿو پنهنجا،
ته پو ڄڻ سج لڪن ۾ آ.
متان سمجهين ته سانجهِي آ،
لڳل سرخي لبن ۾ آ.
حڪومت حسۡن جي آهي،
تڏهن”بزمي“ ڏَچنِ ۾ آ.
ولي محمد ”وفا“
غزل
زندگي لاءِ ڪوئي سهارو ڏي،
زخم تازو فريب نيارو ڏي.
منهنجي ڪشتي کي ڪو اشارو ڏي، ڪاش طوفان ئي ڪنارو ڏي.
ڇو ٿو تصوير ڏئي، تصور ڏين، جي نگاهون ڏنئي نظارو ڏي.
فرصت غم ڪٿي زماني ۾، درد ڪڏهن، ڪٿي ٿو وارو ڏي.
ڪجهه اسان جو ٿيڻ گذارو ڏي، درد جيڪو به ڏين سگهارو ڏي.
طلبِ مئي ٿي وفا ٿئي جڏهن،
ڪو اکين کي ٿو آب کارو ڏي.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
وائي
يار به چاڪي، سينڌ به اڻڀي،
ڊاڙ ڀلا پوءِ ڪهڙي هڻبي!
ڪهڙو وعدو پاڙيئي جاني، ڳالهه ڀلا پوءِ ڪهڙي ڳڻبي.
جيون جوڀن ڪک پن ـــ ٽاري، نيٺ ته يارو ڪڏهين ڇڻبي.
مئي پڄاڻان منهنجا يارو، منهنجي وائي ور ور وڻبي.
اُڀو اُڀو ٿي اُڀ ڏي ڏسندي، تنهنجي منهنجي بگڙي بڻبي.
تو بن ساٿي هيءَ حياتي، کڻي کڻي ڀي ڪهڙي کڻبي؟
بشير احمد ”شاد“
غزل
نيڻن مان جو لڙڪ لڙي پيو،
جهڙو سارو ڏيهه سڙي پيو.
پاڻيهاريءَ جي ٻهڙي وانگر، توسان منهنجو جيءُ جڙي پيو.
ساهن جي سرهاڻ ملي جا، ڪيڏو منهنجو هيانءُ ٺري پيو.
ساري تنهنجي سڪ او سائين، اکڙين ۾ آب آ تري پيو.
تنهنجي ناز نوايا ڪيئي، هڪڙو ناهي ”شاد“ مري پيو.
ميرل فقير جويو
ڪافي
جهڙي تهڙي جانب تنهنجي،
معلوم توکي منهنجو حال.
ساري حياتي ڪچ ڪمايم، عمر اجائي ويهي وڃايم،
ڪر ڪو ڀورل پنهنجو ڀال.
عاجز آهيان منهنجي آزي، رحم ڪندين تون ٿيندين راضي،
سهڻل سائين سڻج سوال.
تو بن ڪونهي ڪوئي چارو، ساجن آهين تون ئي سهارو،
صدقو توتان مڏيون مال.
’ميرل‘ تنهنجو آهي مياري، غفلت ۾ ٿَم عمر گذاري،
واريو هاڻي ورق وصال.
انيس انصاري
خواهش
هوءَ ايپرن (Apron)
پهريل
جنهن
کي اسڪيلپل (Scalpel)
هٿ ۾ آهي،
سسٽ (Cyst)
جي بدران سر ڪپي
ته حاضر آهي
هِن،
بدرو ۽ بد مزاج سرجن جي هٿان
شفا جي بدران،
هُن جي هٿان مرڻ ٿو بهتر سمجهان.
احمد خان ”مدهوش“ [سرائڪي]
چؤسٽا
(1)
غير دي غاليچي ڪنون، جهڙي تهڙي نُک ڀلِي هي،
ٻئي دي ٻوڙ پُلاءِ ڪنون، اپني خالي ڪُک ڀلي هي،
مان رهي جنهن مانِي وچ، سا ماني کانت بُک ڀلي هي،
مدهوش سموري ڳالهه ڪنون، ڳالهه اهائي مُک ڀلي هي.
(2)
ٻئي دي ٻلدي هٿ نه سيڪين، توڙي مرد اهو وِين سِي،
جي اپڻي ٻاليسن ٻال سگهين، ڪڍ ڪنهن دي نه ڪاڻ ذري،
ڪاڻ ڪڍڻ تي ڪاڻا ٿيسين، هنڌ هنڌ ٿِيسئِي ديد ڍري،
مدهوش پڄئي جي وس اپڻي، مَن مردان دي اي ڳالهه کري.
(3)
بک مردا مردا مَرجا، منگڻ نيڙي مول نه ٿِي،
منگڻ ڪنون مَرڻ ڀَلا، جيڪو ترت جلاوي جِي،
منگڻ والِي مرد اکيندي، ڳالهه ڪرڻ هي ڪَسِي،
مدهوش پُڄئي جي وس اپڻي، پاڻي منگ نه پِي.
(4)
تئين وچ ديرا دلبر دا، تئين وچ عشق اروُڙ،
جي، ڪوڙ پِڇُون پيا ڊڪيسِين تون ڀي ٿِيسِين ڪُوڙ،
دڳ دڳ دي جي ڌوڙ ڇڻيسين، ڌُوڙ دي رهسِين ڌُوڙ،
مدهوش جي چاهين يار ملي، اپني پيهِي آڻ پروڙ.
(5)
نهين لوڙ اِهِين زِر ــ دِي، جنهن زَر ــ دي صورت زردِي،
تون سائين مئيِن بَردِي، اصلون تئين دلبر دِي،
گولي خاص غلام آن، اوبي دردِي تيڏي دَر دِي،
اي دل مدهوش دي هي مَردِي سَٽ، رِيت ڏَمر دِي.
”نشتر“ ناٿن شاهي
قطعا
(1)
شير تي ڏسجي گدڙ ٿو اُڪرو،
موڪ ٿي درياهه کي دهمان ڏئي.
وقت ٿو غيرت لتاڙي دوستو!
باهه ٿي پاڻي مٿان اُلري اچي.
(2)
باهه مان وهنجي مزي سان آيو هان،
پر جلائي جسم کي پاڻي ڇڏيو،
آهي ڪنڊن کان تحفظ ٿيو نصيب،
پر، آ گلشن ۾ گلن ڪاٽي وڌو.
(3)
بوجهه ايڏو ذهن تي پيو آهي جو،
ڪجهه به ”نشتر“ ڪين ٿو سوچي سگهان،
ياد هر ڪنهن کي رهان ٿو مان، مگر...،
ٿو وڃان هر هر مان وسريو پاڻ کان.
(4)
نانگ پيرن کي چميون ڏيندا رهيا،
پر، مان انسانن کؤن ڏنگجي پيس،
غير جي هٿ کان رهائي وئي ملي،
پر، مان پنهنجن جي هٿان ٻڌجي پيس.
”خاڪي“ جويو
وائي
سسئيءَ جي سور کان ڪيچ پري ناهي،
ڪو ته وڃي ڪاهي.
نينگر ننڊاکڙي، ڳهر پئي ڳاهي،
ڪو ته وڃي ڪاهي.
چوڏهينءَ جي چنڊ کي، چانڊوڪي چاهي،
ڪو ته وڃي ڪاهي.
ورچون ڪيئن واٽ کان، نينهن نئون ناهي،
ڪو ته وڃي ڪاهي.
صدين جي سوچ ۾، ڏات ڏنگي آهي،
ڪو ته وڃي ڪاهي.
”تاج“ جويو
بيت
ٿوهُر ٿوهُر ٿرُ، پوءِ به ٿرُ اکين تي،
آزاديءَ اُهڃاڻ آ، جنهن ۾ ڪارونجهر،
جنهن ۾ اڳ به گونجيو، نعرن سان ننگر،
جنهن ۾ اڄ به اُڀ کان اوچو ڪولهين ڪَرُ،
ڪري ٿر امرُ، رَتَ سان ويو روپلو!
الا! اڪيلا، ٿري ٿين نه ٿر ۾،
مارن جا ملير ۾، متا رهن ميلا،
ڀِنوريءَ ڀٽن تي، ڇانگ چرن ڇيلا،
ٿوهر، ٿاريلا، سدا سونهن ٿر ۾.
لڪن مٿان لوڏ، پسو پاڻيهارين جي،
ڪناريون منجهان ڪوڏ، ڀري وريون ٻيلهڙا!
ڀيلڻ، نڪَ ۾ نٿَ، ڪڇَ تي ڪُڏڪي ٻارڙو،
ڪريان گهڙي ڪٿَ، ٿر جي نياريءَ سُونهن جي!
بابُو! ڀِٽ تي ”ڪيڪڙو“، گهڙي پل بيهار،
”گاڏي وارو لڪ“ چڙهندي، اُڃ ڪيو بيزار،
پاڻيءَ لپ پيار، ته سامت اچي ساهه کي!
”مِٺي“ آهه مٺي، مِٽي منهنجي ملڪ جي،
هيڪر جنهن ۾ ڏٺي، مور نه وسري اُن کان!
”مِٺي“ مٽي ٿر جي، ماڻهو سندس مورِ،
هينئڙي جنين هور، سدا پنهنجيءَ سنڌ جي!
چوڏس، چنڊُ ڏهر ۾، رمي پيو راندِ،
پرين منهنجي پاندِ، ڳوڙهن گاڏڙ ڳالهيون!
چنڊُ ڏهر ۾ چمڪيو، چوطرفين چانڊاڻ،
الا! آڌيءَ ٽاڻِ، اڃا ميتُ نه موٽيو.
ڏهر سمورو سانتِ، کڙيو چنڊ آڪاس ۾،
اُلڪو ۽ ايڪانت، وِجهن وَڍَ وجود ۾!
اياز گل
غزل
تنهنجي مون تي نگاهه ٿي وئي آ،
آفتن کان پناهه ٿي وئي آ.
کيس سڀ کان وتان لڪائيندو، مُرڪ ڄڻ ته گناهه ٿي وئي آ.
منهنجي سچ تي ڪروڌ ۽ هُن جي، ڪوڙ تي واهواهه ٿي وئي آ.
زندگي هر ستم تي خوش آهي، ٻن ٺڳن جو ڪو ٺاهه ٿي وئي آ.
ڪجهه ڪرڻ جو جي حوصلو جاڳيو، راهه مان ئي ڪا راهه ٿي وئي آ.
ٻن ننڍڙين اکين جي چاهت ڏس، هڪڙو ساگر اٿاهه ٿي وئي آ.
مختيار ملڪ
غزل
ڪيڏو توسان ٿو آءٌ پيار ڪريان،
ڪيئن توسان اهو اظهار ڪريان.
ڪجهه گهڙين جو به جنهن کي قرب مليو، ان کي پنهنجن ۾ ٿو شمار
ڪريان.
پيار جو سلسلو نئون ناهي، مان ته ان کي ٿو برقرار ڪريان.
مون کي هوءَ جا ڪري وئي تنها، اڄ به ان جو ٿو انتظار ڪريان.
فون ڀي ڊيڊ ٿي ويو آهي، ڪيئن تو ساڻ خبر چار ڪريان.
يوسف شاهين
وائي
ڳليءَ ڳلي ڳائي، ڏيان ڏس هزار،
ماندا ٿئو نه ماڻهئا، ايندي مند ملار،
ايندي مند ملار.
ويندي رات رڙي، پسِي پره پار،
ايندي مند ملار.
ڏُکئي هن ڏيهه تان، باري لهندا بار،
ايندي مند ملار.
جي جيءَ ڪن جڙاءُ، ورندا سي وينجهار،
ايندي مند ملار.
سدائين ساڻيهه جي، ”يوسف“ آهي پچار،
ايندي مند ملار. |