سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986(2)

 

صفحو :10

(د) ارغونن جي اچڻ وقت سنڌ ۾ تلوارون، ڍالُون، بڙڇيون ۽ نيزا وغيره جنگي هٿيارن جي طور استعمال ٿيندا هئا. ارغون جديد اسلحه يعني بارود سان ليس ٿي سنڌ ۾ داخل ٿيا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”بارود جي هٿيارن جو وچ ايشيا، دهلي ۽ گجرات ۾ رواج پئجي چڪو هو، مگر سنڌ وارا اڃا ان کان غير واقف هئا. بارود ۽ آتشي هٿيارن کان سنڌي پهريون دفعو ارغونن جي ڏينهن ۾ واقف ٿيا (50) مرزا شاهه بيگ ارغون سنڌ جي فتح ۾ بارود استعمال ڪيو، جنهن ڪري سمن حاڪمن شڪست کاڌي. ارغونن کان پوءِ بابر هندستان جي جنگين ۾ بارود استعمال ڪيو. بارود، جديد هٿيارن ۽ جنگي مهارت ارغونن کي سنڌ تي مسلط ٿيڻ ۾ مدد ڏني.

اهي مٿيان سبب ئي هئا، جو سمن جو شاندار ۽ درخشان دور پنهنجي آزادي وڃائجي ويٺو ۽ سڄو سنڌي سماج غلاميءَ جي ڪنن ۾ ويڙهجي، ماضيءَ جي حوالي ٿي ويو.

 

حوالا ۽ واڌارا

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ڇاپو ٻيو زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سنڌ، 1980ع، ص 147.

(2) اعجاز الحق قدوسي: ”تاريخ سنڌ“ (اردو)، حصه اول، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، 1976ع، ص 252.

اهو چئي نٿو سگهجي ته سمن جي دور ۾ ملتان وارو پرڳڻو خود سنڌ جي علائقي ۾ هو يا نه. مغلن جي دور ۾ ملتان ۽ سنڌ هڪ ئي صوبو سمجهيو ويندو هو، انهيءَ ڪري ٺٽي کان وٺي ملتان تائين علائقو سنڌ جي مغل گورنر جي هٿ هيٺ هو.

(3) ”ساوڙي“ واري علائقي کي هن وقت ”سن ساوڙي“ سڏيو وڃي ٿو.

(4) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ص 147.

(5) ايضا، ص 147.

(6) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو سنڌ، 1979ع، ص 19. بحواله ڊاڪٽر گربخشاڻي ”روح رهاڻ“، ص 57.

(7) ايضا، ص 20.

(8) مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي: ”ترخان نامه“، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1963ع، ص 12.

(9) مير محمد معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1953ع، ص 184.

(10) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ص 150.

(11) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مڪلي نامه“، بتصحيح و حواشي سيد حسام الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1967ع، ص 119.

(12) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“، ص 150.

(13) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مڪلي نامه“، ص 119.

(14) ايضا، 121.

(15) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“، ص 55-56.

(16) ايضا، ص 56.

(17) ايضا، ص 60 کان 65.

(18) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ٻيلاين جا ٻول“، الوحيد پريس ڪراچي سنڌ، 1951ع، ص 11.

(19) ايضا، ص 22-23.

(20) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ادب جي مختصر تاريخ،“ ص 157.

(21) ايضا، ص 158.

(22) ناصر، ا. س: ”سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور“ (مضمون، ماهوار ”وطن دوست“ پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، ماهه مئي ـــ جون 1978ع، ص 30.

 (23) سبيءَ وارو علائقو سن جي دور کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور حڪومت تائين سنڌ جي سرحدن ۾ شامل هو. بلوچن جي ٻن قبيلن رند ۽ لاشار جون لڙايون، انهيءَ سلسلي جون ڪڙيون آهن، ڇاڪاڻ ته لاشار قبيلو سنڌ جي حڪمرانن جو اتحادي قبيلو هو ۽ هن قبيلي دريا خان سان گڏجي ارغونن سان ويڙهه ڪئي هئي.

24. سيد محمود شاهه بخاري: ”تاريخ بلوچستان“ (اردو)، بوڪ لينڊ، جناح روڊ ڪوئيٽا، 1983ع، ص 103.

(25) گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ لس ٻيلي جون نيم خود مخيار اتحادي رياستون.

(26) فقير محمد لاشاري: ”همہ اوست ۽ سنڌ جو فڪري پس منظر“ (مضمون)، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي سنڌ، مورخه 3 ــــ آڪٽوبر 1985ع.

(27) ابوبڪر خان مگسي: ”ولايت سنڌ“ (مضمون)، هفتيوار ”قلندر“ دادو سنڌ، مورخه 18 ـــ سيپٽمبر 1969ع.

(28) فقير محمد لاشاري: مضمون ايضاً.

(29) مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد سنڌ، 1959ع.

(30) ميرڪ يوسف: ”تاريخ مظهر شاهجهاني“، بتصحيح و مقدمه سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.

(31) اهي ڀَٽ، ڀانَ ۽ چارڻ قديم زماني ۾ پروپئگنڊا جا اهم ذريعا هوندا هئا، جي پنهنجي بيتن ۽ ٻين طريقن سان حڪمران ڌر ۽ عوام ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪرڻ جا وسيلا ٿي ڪم ايندا هئا. نشر و اشاعت جو ذمو به سندن سر تي هوندو هو. سندن شاعري تاريخ جو اهم ماخذ سمجهي ويندي هئي. جنگ وقت رزميه شاعريءَ جي ذريعي عوام ۽ فوجن کي متحد ڪندا هئا ۽ امن ۽ صلح صفائيءَ جي وقت امن ۽ صلح جون دعائون چوندا هئا.

(32) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ص 67-166.

(33) محمد ابراهيم جويو: ”شاهه سچل سامي ـــ هڪ مطالعو“ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد سنڌ، ص 29-30.

(34) قريشي حامد علي خانائي: ”سنڌ جا قديم درسگاهه“ (مقالو)، ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي سنڌ، ماهه جون ـــ جولاءِ 1977ع، ص 36.

(35) ڄام نظام الدين سمي جي دور ۾ پيداواري قوتون تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيون هيون، جنهن ڪري سماجي شعور ۾ پڻ تبديلي اچڻ لڳي. ماڻهن جي سوچن، خيالن ۽ نظرين پنهنجون مختلف ڌارائون ۽ راهون اختيار پئي ڪيون، جنهن ڪري سياسي قانون، قاعدا، اصول، خيال، قدر، فن، سائنس ۽ مذهب کي پنهنجي ماحول مطابق خاص رخ ڏيڻو هو. انهيءَ ڪري عقلي دليل ۽ فلسفي پڙهڻ جي ضروت محسوس ٿي.

(36) قريشي حامد علي خنائي: مضمون ايضاً، ص 36.

(37) ناصر، ا. س: مضمون ايضاً. تصوف جي اها جديد رنگ ۾ تشريح ڪئي وڃي ٿي. ممڪن آهي ته ڪي علم دوست انهيءَ سان متفق نه ٿين.

(38) قاضي جاويد: ”برصغير مين مسلم فکر کا ارتقا“ (اردو) اداره ثقافت اسلاميه لاهور، 1977، ص 55.

(39) ڊاڪٽر مبارڪ علي: ”تاريخ کا شعور“ (اردو)، آگهي پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، 1983ع، ص 43، 46، 47 ۽ 49.

40- عبدالغني عبدالله ”تاريخ سنڌ“ ڀاڱون ٽيون، ”سومرا ۽ سما“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو سنڌ ڇاپو ٻيو 1984ع، ص 125.

(41) شيخ محمد اڪرم: ”آبِ ڪوثر“ (اردو)، اداره ثقافت اساميه لاهور،  1984ع، ص 285.

(42) ايضاً.

(43) قاضي جاويد لکي ٿو ته فيروز شاهه تغلق مندرن کي برباد ڪيو ۽ غير مسلمن جي مذهبي ۽ اخلاقي رهنمائن کي قتل ڪرايو. سندن مذهبي ڪتابن کي ساڙايائين. هن نه فقط غير مسلمن سان اهو سلوڪ روا رکيو. پر پنهنجي هم مذهب روشن خيال صوفين تي به سندس سلطاني عذاب نازل ٿيو (ڏسو ”برصغير مين مسلم فکر کا ارتقا“، ص 45.)

(44) فقير محمد لاشاري: مضمون ايضاً.

(45) ايضاً.

(46) مولائي شيدائيءَ جو قول آهي ته ڄام نظام الدين روزانو گهوڙن جي ڪُڙهه ۾ وڃي سندن پيشانيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو ته ”سدورا ڀٽارا! منهنجي مرضي نه آهي، ته آءٌ توهان تي سوار ٿي ٻين ماڻهن سان وڃي وڙهان.“ الخ (ڏسو ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص 368) سنڌ جي حڪمرانن جي عدم جارحيت جو هيءُ بهترين مثال آهي.

(47) ناصر، ا. س: مضمون ايضاً، ص 30.

(48) قريشي حامد علي خانائي:  مضمون ايضاً، ص 37 کان 41.

(49) سنڌ جي درٻار سان وابسته جيڪي عالم ۽ مشائخ مهدوي دائري داخل ٿيا، انهن ۾ صدرالدين مفتي، سيد ڪمال الله، سيد محمد يوسف رضوي، قاضي قادن، شيخ محمد اُچي، پيرآسات، ميان ابوبڪر بکري، شيخ جهنڊو پاتڻي، شيخ الياس نگراج ۽ ميان ابوبڪر جتوئي مشهور آهن. بحواله قريشي حامد علي خانائي، ”سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ“ (مقالو) ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ، نمبر 1، سال 1971ع، ص 171 کان 179.

(50) مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، ص 371.

 

 

عمرڪوٽ: چند تاريخي مسئلا[1]

(ميداني مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي)    

 غلام محمد لاکو

 

قدرتي ونڊ ورڇ موجب، سنڌ پنجن حصن ۾ تقسيم ٿيل آهي، جنهن مان اوڀارئين حصي کي ٿر سڏيو وڃي ٿو. اڄ به ٿر جو پرڳڻو، باقي سنڌ جي ڀيٽ ۾، انتهائي پسمانده آهي. ويهين صديءَ جي خاتمي ڌاري، اڄ به هي خطو قدرت جي رحم ڪرم تي آهي. چوڻي آهي ته:

وٺو ته ٿَرُ، نه ته بَرُ!

ان صورتحال ۽ پس منظر ۾، هتي جي قدرتي سونهن ۽ خوبصورتي، تهذيب ۽ تمدن، معيشت توڙي معاشرت ۽ اٿي ويٺي يا هلت چلت ـــ ڪنهن حد تائين اصلي روپ ۽ شڪل شباهت ۾ موجود آهي. جيتوڻيڪ هي علائقو صدين کان پوئتي پيل آهي، تاهم هتي جي تاريخ بيحد دلچسپ ۽ ڪافي ڌيان طلب آهي. تاريخ جي مختلف دؤر ۾، جدا جدا خانوادن ۽ گهراڻن، ٿر تي حڪومت ڪرڻ ۽ هتي جي ماڻهن کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ، اڪثر ڪري عمرڪوٽ کي پنهنجو مرڪز بنايو آهي. هي شهر پاڪستان آرڪيالاجي ۽ هندي مؤرخن جي نظر ۾، اڪبر اعظم جي جاءِ پيدائش سبب وڏي اهميت رکي ٿو. ٻئي طرف سنڌ جي ڏيهي اتهاس ۾، عمرڪوٽ کي سرحدي مرڪز هجڻ ۽ سپوت سنڌي عورت مارئيءَ جي قيد گاهه بنجڻ ڪري، نمايان پوزيشن حاصل پئي رهي آهي. مارئيءَ جي بنديخاني بنجڻ سبب هن شهر کي ته سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت ملي، ليڪن ان سان گڏ عمر بادشاهه جي هن قدم جي  ڪري، خود سنڌي ادب کي به پنهنجي مضبوط عمارت کڙي ڪرڻ لاءِ هڪ اهم ذريعو مهيا ٿيو.

عمرڪوٽ جي تاريخ هڪ طرف بيحد دلچسپ ۽ رنگين آهي، ته ٻئي طرف ڪافي عرصي کان، ان جا ڪجهه پهلو سنڌ  جي عالمن وٽ بحث هيٺ پئي رهيا آهن. سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي هجڻ سبب، ٿر جو پرڳڻو ۽ خاص ڪري عمرڪوٽ جو خطو ۽ ان جي پسگردائي روبرو ڏسڻ ۽ اتي جو مشاهدو ڪرڻ جي خواهش، مدت کان منهنجي دل ۾ موجود هئي. ان منشا کي پوري ڪرڻ جو موقعو تڏهن مليو جڏهن ڊسمبر 1984ع ۾، منهنجو تبادلو گورنمينٽ ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ٿيو، ان ڪري مون کي هت رهڻ، مشاهدو ڪرڻ، ميداني مطالعو ڪرڻ ۽ چند بزرگن سان ڪچهرين ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. هن پيپر ۾ اسين چند تاريخي مسئلن جي اپٽار ڪنداسين، جن جو واسطو ٿر ۽ خاص ڪري عمرڪوٽ جي اتهاس سان آهي. هن مقالي جو مدار گهڻو تڻو، هن سرزمين جي مشاهدي ۽ بزرگن سان ٿيل بحث مباحثي تي آهي، البت حاصل ڪيل نتيجن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي حوالن کان به مدد ورتي وئي آهي.

 

مهراڻو:

جهڙيءَ طرح سنڌ کي مختلف قدرتي حصن ۾ ورهايو ويو، ٺيڪ ان ريت ٿر جي خطي کي پڻ وڌيڪ ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. هن خطي جا ڪيترا حصا آهن، ان متعلق پڪ سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ڪجهه اديبن ٿر کي چئن، ڪن ڇهن ۽ ڪن عالمن اڃا به وڌيڪ ڀاڱا تجويز ڪيا آهن. ٿر جي مڃيل ۽ ممتاز عالم، سرڳواسي رائچند موجب، سنڌ جو هي ريگستاني علائقو، ڪل نَون ڀاڱن ۾ تقسيم ٿيل آهي.

هڪ روايت موجب سوڍن حاڪمن، هن خطي کي چئن پرڳڻن: مهراڻو، پائر، کائر ۽ پارڪر ۾ تقسيم ڪيو ۽ اتي پنهنجا صوبا مقرر ڪيا. مهراڻي کي ٿر جي تهذيب ۽ تاريخ ۾ هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. هن خطي ۾ عمرڪوٽ جو جڳ مشهور شهر تعمير ٿيو، جتان صدين تائين سنڌ جي سرحدن جي حفاظت ٿيندي رهي. هن علائقي ۾ شِوَ جو تاريخي مندر ۽ کاروڙي توڙي ولهار جا مشهور جاگرافيائي ماڳ موجود آهن. هڪ روايت موجب هتي ئي مارئي ڄائي، وڏي ٿي ۽ چؤطرف سندس سونهن جو چرچو ٿيو. هن خطي ۾ رهندي ۽ سير سفر ڪندي، اسان کي مهراڻي جا متعدد نالا معلوم ٿيا، جن جي تصديق شاهه عنات ۽ شاهه عبداللطيف جي ڪلام ذريعي پڻ ٿئي ٿي. جڏهن ته اسان جي ڪلاسيڪي شعر يا لغت ۾ موهر، ڍٽ، ملير، پٽ، موهڙ، ڪس، مڙڌر ڏيس (ديس)، ولهار ۽ مهر ـــ اکر اچن، اتي ان کي تاريخي يا جاگرافيائي پس منظر ۾ مَهراڻو سمجهڻ کپي. مَهراڻي جي پس منظر تي عالمن ۾ اختلاف ڏسجي ٿو. اڄ کان سٺ سال اڳ، ڀيرومل، مهرچند آڏواڻي ان ڏس ۾ هيءَ راءِ ڏني هئي ته ”ٿر جي الهندي طرف وارو ڀاڱو، جنهن جي سنڌ ڏانهن مهڙ آهي، جنهن کي ٿري ماڻهو عام طرح ”مهراڻو“ يا ”مهڙ“ (موهڙي) سڏين ٿا.“ (لطيفي سير، ص 102).

پَهرين رات پَسي، مون ماڙيءَ مَن ڦِڪو ڪيو،

موهڙي ماروئڙن کي، واحد ڏيج وَسي،

آهَر جِنهين سين، سو ملندو شال ملير ۾!

ٻئي طرف ٿر جي محقق، سرڳواسي رائچند موجب:

”اڳوڻيءَ مهراڻ نديءَ جي وهڪري جي ڀر وارو ڀاڱو آهي، هن ۾ ڇاڇري تعلقي جو اولهه ۽ عمرڪوٽ تعلقي جو ڏکڻ ـــ اوڀر وارو ڀاڱو اچي وڃن ٿا.“ (تاريخ ريگستان، جلد اول، ص 13).

عمرڪوٽ جو علائقو ايامن کان ڪري، مهراڻ جي هڪ شاخ ناري ذريعي آباد ٿيندو رهيو آهي. انگريزن پنهنجي ابتدائي ايامڪاري دوران ئي ناري کي تحفظ ڏنو ۽ اڳتي هلي ان کي جديد آبپاشي نظام ۾ شامل ڪيو ويو. جديد دور ۾ هن خطي کي، ناري جي وجود سبب ”نارا ماٿري“ (Nara Valley) به سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ناري جو اوج هو، تڏهن هي علائقو انتهائي شاداب ۽ سرسبز هو. گذرمعاش جي فراواني هئي. اناج ۽ ڪپهه، توڙي مڇي ۽ پلو جام هو. موجوده شهر ”ڍورو نارو“ خود ناري جي نسبت سان قائم ٿيو. وڌيڪ جاچ پڙتال سان ممڪن آهي ته، مهراڻي جا اڃا به ڪجهه وڌيڪ نالا ملي وڃن ۽ ان بابت اسان کي سنڌ جي جاگرافيائي ڏسڻي ٺاهڻ ۾ وڌيڪ مدد ملي ۽ رهبري مهيا ٿئي.

 

مارئيءَ جو وطن:

سنڌ جي ڪلاسيڪي اتهاس ۽ ادب ۾ ، جيڪا اهميت ۽ شهرت مارئيءَ کي ملي آهي، سا شايد ئي وري ڪنهن ڪردار کي نصيب ٿئي. مارئي ڪٿان جي هئي، سندس وطن ڪهڙو هو ۽ هن سپوت سنڌي عورت جو ڪڙم قبيلو ڪهڙو هو، ان بابت اسان کي ڪا چٽي معلومات ميسر ڪانهي. هت رهندي مون ان متعلق معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ طرح هتي ڪيل ڪچهرين ۽ ماڳن ڏسڻ بعد، جو ڪجهه پلئه پيو آهي، سو هن ريت آهي: سنڌ جو مثالي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سگهڙن جي روايتن ۽ ميين عنات يا شاهه ڀٽائيءَ جي حوالي سان، صرف ايترو ٻڌائي سگهيو آهي ته، مارئيءَ جو تعلق ٿر جي ”کائڙ“ خطي سان آهي (عمر مارئي، مقدمو، س. ا. ب 1976ع). هن خطي ۾ اسان کي ان موضوع تي حاجي ولي محمد ڪنڀار (وِهرو شريف: نزد عمرڪوٽ) سان گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو. حاجي صاحب جو چوڻ آهي ته ”کائڙ“ ته هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. ان مان مارئي جي ڳوٺ يا وٿاڻ بابت ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي سگهي. سندس خيال آهي ته سنڌ جي هيءَ مثالي عورت، مهراڻي جي هڪ قديم قصبي ”کاروڙي“ ۾ چائي (ممڪن آهي ته ان دور ۾، کاروڙو ڳوٺ کائڙ پرڳڻي ۾ هجي.) سندس سونهن ۽ حسن توڙي جوڀن ۽ جوانيءَ جو پڙاڏو هتان اٿيو ۽ هتان ئي عمر بادشاهه کيس کنيو ۽ عمرڪوٽ ۾ باندي بنايو [2]. سنڌ جي لاثاني شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ان متعلق چٽي ڳالهه چئي ڇڏي آهي.

کاروڙئا کڻي، ويڙي جهپ ويا،

سيڻ منهنجا سيد چئي، هاڻي هِت هئا،

پسي پڊ اُنين جا، لڙي لڙڪ پيا،

ڏيهي ڏور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي!

ڊاڪٽر گربخشاڻي موجب ’کاروڙو‘ ننگرپارڪر تعلقي ۾ آهي. حقيقت ۾ ساڳئي نالي سان هڪ قصبو ڏيپلي تعلقي ۾ ويڙي جهپ ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ موجود آهي، ليڪن اهو مارئيءَ جو وطن نه هو. عمرڪوٽ تعلقي ۾، ڇور ويندڙ پڪي روڊ جي اوڀر ۾، کاروڙي جو تاريخي ماڳ مڪان موجود آهي. وقت گذرڻ سان هي اتهاسڪ شهر برباد ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ اهو اڳيون مزو ۽ اوج نه رهيو آهي. هن کاروڙي جي قدامت عالم آشڪار آهي. اڍائي ٽي صديون موجود پراڻي مسجد ۽ ان کان علاوه هتان جا چورس کوهه (جيڪي قدامت جو اهڃاڻ آهن) هن شهر جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا. هاڻي هت ٽي ڳوٺ: کاروڙو چارڻ، کاروڙو فقير ۽ کاروڙو سيد موجود آهن.

عمر جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ مسڪينن کي ڏڪائي ڇڏيو ۽ هو هتان لڏو کڻي ’ويڙي جهپ‘ هليا ويا، جيئن شاهه صاحب جي بيت مان خبر پئي ٿي. ڀٽائي صاحب جي ٻين بيتن مان به، بعد جي صورتحال جو پتو پوي ٿو.

ويا ڳڻُن سان، ماروئڙا ٿَرِ اُڪري،

تن پڄاڻان هاڻ، آءٌ جاڙ جئان ٿي جيڏيون!

مارئيءَ جي عزيزن ۽ مائٽن ڏيپلي تعلقي ۾، ويڙي جهپ نزديڪ ڪنهن ڀِٽ ۾ پنهنجا ڀونگا اڏيا، تڏهن اهو ماڳ به پوءِ ”کاروڙو“ سڏيو ويو. قديم دور ۾ مهراڻي (۽ کائڙ) جو نالو ”ملير“ به هو، جنهن کي شاعرن مارئيءَ جي نسبت سان ڳايو آهي.

ان بعد سوال آهي ته ”مارئي“ ڪهڙي قبيلي سان تعلق رکيو ٿي؟ ڏسجي ٿو ته هن خطي ۾ اڪثريت جو اتفاق آهي ته، هن سنڌي عورت جو واسطو ”پنهور“ يا ”پنهوار“ قبيلي سان هو. هي راءِ رکندڙ بزرگ، ان متعلق لطيف جا بيت پيش ڪن ٿا. مثال طور:

پرچي ڪَينَ پنوهارَ رِي، جان، جُسو ۽ جيءُ،

راجا! راضي ٿِيءُ، ته مارُن مِلي مارُئي!

هڪ ٻي روايت موجب ”مارئي“، ريٻاري قبيلي جي نياڻي هئي ۽ هندو ڌرم جي هئي [3]. هن طبقي موجب ڀٽائي صاحب، پنهوار جو اکر، سندس مٽن مائٽن جي گذر معاش (رڍون يا ٻڪريون چارڻ) جي حوالي سان ڪتب آندو آهي. حقيقت ۾ هن راءِ رکندڙن وٽ به هڪ پختي راءِ موجود آهي. مثال طور ان ڏس ۾ شاهه عنات جو هي بيت، حوالي طور ڪتب آڻي سگهجي ٿو.

رات رَٻاري آئيو، اُٺي جو اوٺي،

تليون سڀ تار ٿيون، سڀ جُوءِ سڻوٺي،

کوءِ ڪانا ۽ ڪوٺي، لِڱنئون لوهَ لهي پِيا!

تلائن جو ديس:

هن وقت ڪو به سياح عمرڪوٽ ۾ ايندو، ته کيس هتان جي ويراني ۽ رڃ جو چڱيءَ طرح احساس ٿيندو. هتي هونئن ته ٻه پاسا وارياسو آهي. ليڪن باقي ٻن طرفن (اولهه ۽ اتر) کان ميداني خطو پڻ، پاڻيءَ جي قلت سبب، ويران ۽ سنسان نظار ايندو. پاڻيءَ جي کوٽ ڪري قديم نارو ويران ٿي چڪو آهي ۽ هتي جون ڀليون زمينون ڪلر جي اثر هيٺ ختم ٿي چڪيون آهن. ليڪن ماضيءَ ۾ هي حالت نه هئي. صديون اڳ هتي پاڻي جام هو، ڍنڍون ۽ تلاءَ جهجها هئا، ان ڪري هي خطو نهايت شادات ۽ سرسبز هو. مائي گلبدن بيگم، همايون جي هت اچڻ جي حوالي سان لکيو آهي ته:

”هر روز آب پيدا مي شد تابہ عمرکوت رسيدند کہ جاي خوبست و تالاب بسيار دارد“. [4]

هي حوالو لڳ ڀڳ پنج صديون اڳ جو آهي. اڍائي صديون پوءِ به هتي پاڻي جام هو، ساوڪ هئي، آبادي هئي ۽ هتان کان ٻين طرفن لاءِ، آبي ڳانڍاپو ممڪن هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جڏهن نادري حملي سبب هتي پناهه ورتي ۽ هتان ڪنهن ٻئي طرف نڪرڻ جي تياري ڪئي، تڏهن سندس سامان کي ٻيڙين ذريعي رڻ ڪڇ طرف پهچائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. هڪ اکين ڏٺي شاهد خواجه عبدالڪريم لکيو آهي ته:

”... ليکن تمام نفقدوجنس که در قلعئه امرکوت و برکشتي ها بود. بضبط و تصرف خود در آورده.“ [5]

يعني ته سنڌ جي حاڪم جو جيڪو سامان ۽ اناج ٻيڙن ۾ هو يا قلعي ۾ موجود هو، ان کي نادر ضبط ڪرڻ ۽ پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو. خواجه عبدالڪريم جي هڪ ٻئي همعصر، انندرام مخلص پڻ هتان جي روئداد ساڳين لفظن ۾ بيان ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ان دور ۾ عمرڪوٽ جي ٻن طرفن کان پاڻي هو ۽ ٻه طرف وارياسو هو (تفصيلي حوالو هيٺ اچي ٿو).

اسان جي دور جي هڪ عالم مولانا غلام رسول مهر، ميداني مطالعي ۽ مشاهدي نه هجڻ سبب، انندرام جي راءِ کي رد ڪري لکيو آهي ته عمرڪوٽ جي ٻن طرفن پاڻي هجن جو ڪوبه ثبوت موجود ڪونهي [6]. هن خطي جو مشاهدو ۽ اڀياس، مائي گلبدن بيگم، خواجه عبدالڪريم ۽ انندرام مخلص جي بيانن جي تائيد ڪري ٿو ۽ مولانا مهر جي راءِ کي رد ڪري ٿو. بلاشڪ جڏهن ماضيءَ ۾ هتي مهراڻ جو پاڻي آل جال پهچندو هو ۽ جهجهي بارش سبب ڀٽن تان پاڻي هيٺ لهندو هو، تڏهن هتان جا ڍورا ڍنڍون ۽ تلاءَ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندا هئا. ان ريت ٻارهوئي آبادي توڙي انساني واهپي لاءِ پاڻي جي فراواني هوندي هئي. پاڻيءَ جي ڪثرت سبب، مهراڻي جون ڀليون زمينون آباد هيون ۽ هتي اناج، ڪپهه باغات جام پسبي هئي. ان مٺي پاڻيءَ جي آسري تي، هتي امرڪوٽ، کاروڙو ۽ عمرڪوٽ جا شهر آباد ٿيا. روايتي ڪٿائن سان گڏ سير سفر ۽ مشاهدي بعد، اسان کي هتي ماضيءَ جي هنن تلائن ۽ ڍنڍن جو پتو پيو آهي.

(الف) هاڙ ڍنڍ: هن وقت هڪ ديهه جو نالو آهي ۽ عمرڪوٽ کان چار ميل پري ان جا آثار آهن. ڪنهن سمي هت هڪ مشهور تلاءُ هو.

(ب) ولهار: هي شِوَ جي مندر جي ڏکڻ ۾ وقت جو مشهور تلاءُ هو، جنهن جي آسري تي ’امرڪوٽ‘ جو شهر اڏيو ويو. کاروڙي جو قديم شهر، جتي اڄ به هڪ جهوني مسجد آهي ۽ نماڻي شاهه (معصوم شاهه) جو مقبرو، هن خطي ۾ آهن. ڪن جو رايو آهي ته، هتان گذرندڙ هڪ ڀٽ جو نالو ولهار آهي. ڀٽائي صاحب پڻ ولهار جو ذڪر ڪيو آهي.

ڪن اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولهار!

مير علي شير پڻ ’ولهار‘ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ شايد هي ساڳيو ولهار آهي، جو ان زماني ۾ هڪ قصبو هو. بارش جي مند ۾ ولهار ۽ لامبو، مِلي هڪ ٿي ويندا هئا. لغتدانن وٽ ولهار جو تصور، سبزي ۽ ساوڪ (A Grassy ground) جو آهي. [7]

(ت) سومري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ عمرڪوٽ شهر کان اتر ۾، موجوده مقام کان مٿي ڇور ويندڙ روڊ سان لاڳيتو هئي. روڊ ٺهڻ بعد، ان جو ڪافي حصو ضايع ٿي ويو آهي.

(ث) جوڳرائي تلاءُ: هن کي جوڳرائي کاڻ به سڏجي ٿو. هتي کاڻ جي معنيٰ ڍنڍ، ڍورو ۽ تلاءُ آهي. ايامن کان هتي جوڳين جي بستي هئي، ان سبب هن تلاءَ جو هيءُ نالو پيو ٿو ڏسجي. هڪ ٻي روايت موجب هن تلاءَ جي ڪناري تي جوڳي فقير چلاڪشي ڪندا هئا، ان ڪري ان کي جوڳرائي ڍنڍ يا کاڻ سڏيو ويو. هن وقت به عمرڪوٽ شهر لڳ، ڏکڻ ۾ جوڳين جو محلو آهي، جتان جو مشهور فقير اقبال جوڳي آهي. هيءُ تلاءُ اتي هو، جتي هاڻي اڪبر جو جنم هنڌ ٻڌايو وڃي ٿو. چوڻي آهي ته:

”جوڳرائي رو ڄائيوڙو گهٽ ٿيڻو ڪونهي.“

(يعني جيڪو هت ڄائو، اهو ڪنهن پَر بِه گهٽ نه ٿيندو.) اڪبراعظم جو جنم هنڌ هن جاءِ تي ڏيکارڻ جو پس منظر، شايد هي مقولو آهي. ٿر جي عالم، اُستاد رائچند، ان کي ”جوگلائي آستان“ سڏيو آهي. (تاريخ ريگستان، جلد اول، ص 129).


[1]   نوٽ: هي پيپر ”ٿر سيمينار“، منعقده اربع 11 ـــ ڊسمبر 1985ع (عمرڪوٽ) جي نسبت سان تيار ڪيو ويو هو.

[2] . اهڙي روايت اسان کي ديهه ڪلريءَ ۾، اڱاري 3 ـــ ڊسمبر 1985ع تي ٿيل مختصر گفتگو دوران به ملي.

[3] . روايت الله ورايو مهر (تعلقو عمرڪوٽ).

[4]. ” همايون نامہ“، ص 58، ترتيب ۽ ترجمو اي. ايس. بيورج، لاهور 1974ع (نئون ايڊيشن)

[5] . ”بيان واقع“ ص 57، ايڊٽ ڊاڪٽر ڪي. بي نسيم لاهوري 1970ع.

[6] . ”تاريخ ڪلهوڙا“ حصو ٻيو، ص 385 حاشيو، سنڌي ادبي بورڊ سال 1963ع.

[7] .پرمانند ميوارام: ”سنڌي ـــ انگريزي لغت“ ص 232، ڇاپو ٻيون، سال 1976ع، سنڌالاجي، ڄامشورو سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com