ٽوڙ ۽ جوڙ
نجم عباسي
مان جي ههڙي اڻ تڻ واري خبر نه ٻڌان ها ته گهرن مان هرگز نه
نڪران ها، اصل ۾ مان گهر مان نڪرڻ جهڙو هوس به
ڪونه، ۽ ٻن مهينن کان چانئٺ کان ٻاهر وک نه وڌي
هئم. چار مهينا اڳ دل جو دورو پيو هوم ۽ ٻه مهينا
اسپتال ۾ بستري داخل رهڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر ان تاڪيد
سان گهر اچي رهڻ جي موڪل ڏني هئي ته نه مان هلندس
چلندس ۽ نه ڪو چرپر وارو ڪم ڪندس. اڄ به حالت اها
هئي جو ڏهه قدم کڻندو هوس ته ڇاتيءَ ۾ سور ۽ ساڙو
اڀرندو هو ۽ کاٻي ٻانهن ساڻي ٿي پوندي هئي ۽ سهڪو
وٺي ويندو هو، جيتوڻيڪ دوائون باقاعده کائيندو پئي
آيس.
الا، ٻاهر ڪيڏي نه روشني هئي، ٻاهر ڪيڏي نه زندگي هئي... زمين
کان آڪاش تائين روشني ئي روشني، فضا روشن، پولار
روشن، سج روشن، شهر روشن، رستا روشن، تازي هوا،
کوڙ هوا، کليل هوا، آزاد هوا. هلندڙ ماڻهو، لڏندي
جهومندي رنگا رنگي لباس ۾ لنگهندڙ سهڻيون سهڻيون
عورتون، ڊڪندڙ گاڏين جو درياهه. هي چٽڪمريون جايون
۽ رنگين ڪپڙن وارا کيڏندڙ ٻارڙا... رنگ ئي رنگ،
روشني ئي روشني!
مان ته ڄائو پليو هن وايومنڊل ۾ آهيان. پنجاهه سالن کان هن
ماحول ۾ پيو هلان. پوءِ اڄ تائين هنن شين منهنجي
ذهن کي ايترو ڇو نه ڇڪيو آهي، جيترو اڄ پيون ڇڪين؟
شايد محروميءَ ڪري. مان چئن مهينن کان انهن کان
پري رکيو ويو آهيان، بند رکيو ويو آهيان. جيل جي
سزا ۾ به ته ماڻهو وانجهيل ۽ پابند رکيو ويندو
آهي. قيد جي سزا جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ نتيجو اهو هوندو
آهي، جو هينئر محسوس ڪري رهيو آهيان.
مان گهر جي در وٽ بيهي ٿو رهان. ماحول مان منهنجيون اکيون
جئريون ٿي چڪيون ۽ دل روشن ٿي چڪي ته رستي جي
هيڏانهن هوڏانهن نهاريم. مون کي رڪشا کپندي هئي.
چڱو خاصو وقت گذري ويو، ڪا خالي رڪشا ڪانه لنگهي،
يا لنگهي ته منهنجي اشاري تي بيٺي ڪانه.
مان ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ لڳس ۽ پنهنجي گهر جي آڏو ئي پنڌ پيچري (فوٽ
پاٿ) تي ويهي رهيس... اڄ منجهند جو مان پنهنجي
ڪوٺيءَ ۾ ستو پيو هوس ته گهر جي ٻين هنڌن يعني
اڱڻ، ڪمرن ۽ رڌڻي ۾ عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيم: سس پس،
سرٻاٽ، سڏڪا، صلاح مصلحت، بحث مباحثو ۽ اها ڪيفيت
ڳچ مهل رهي. ان وچ ۾ ڪو به مون ڏي نه لڙيو. نيٺ
مون زال کي سڏ ڪيو ۽ پڇيومانس ته گهر ۾ اڄ ڇا پيو
وهي واپري؟ مون ڏٺو ته هن جون اکيون سُڄيل هيون،
ڄڻ رئندي رهي هئي، ڄڻ اها ڳوڙها روڪي نه ٿي سگهي.
مون محسوس ڪيو ته هوءَ مون سان آلي رهي هئي ۽ سچي
ڳالهه لڪائي رهي هئي. هن چيو ته پاڙي وارن ٻارن ۽
اسان جي ٻارن جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پيو آهي.
پوءِ مون کي ننڊ جي گوري کارائي وئي ۽ چيو ويو ته پاسو ورائي
ننڊ ڪر. اڌ منو ڪلاڪ ننڊ اچي ويم. سجاڳيءَ تي
محسوس ڪيم ته گهر ۾ صفا سانت آهي. ڇا سڀئي سمهي
پيا آهن؟ مون زال جو نالو وٺي سڏ ڪيو، پر ڪوبه
جواب ڪونه مليو. مون کي پڪ ٿي ته گهر صفا خالي
آهن. سڀئي ڀاتي ڪيڏانهن ٻاهر ويل آهن؟
ان مهل ٻاهريون درکڙڪيو ۽ کوڙ مهل کڙڪندو رهيو. گهر مان ڪو ٻاهر
نه نڪتو، ان ڪري مون ليٽندي ئي زور سان پڇيو ته
ڪير آهي؟ مون آواز سڃاتو. هو هڪ پاڙي وارو دوست
هو.مون هن کي آواز ڏنو ته هليو اچ.
هن ئي ٻڌايو ته منهنجي پٽ سڄڻ سان ڇا ٿي گذريو آهي. منهنجي
مائٽن مون کي اها خبر ان ڪري نه ٻڌائي هئي جو هنن
سمجهيو ٿي ته هن وقت مان دل جي بيماريءَ ۾ ورتل
آهيان ۽ هن خبر جو پٿر منهنجي دل جي شيشي کي ڇيهون
ڇيهون ڪري، مون کي ختم نه ڪري ڇڏي.
مان آهيان ته جهونو وڪيل، پر ان ڌنڌي جي ڪمائڻ جا گُر ڪونه آيم،
نه ته ائين رڪشا جو انتظار ڪونه ڪريان ها ۽
بيماريءَ ۾ ايترو ڊگهو عرصو ڪونه لوڙيان ها. مطلب
آهي ته موٽرون هجنم ها ۽ ماهر ڊاڪٽر جو هتي يا
ولايت ۾ علاج ڪرائي سگهان ٿا.
منهنجو وچون پٽ سڄڻ، مهراڻ انجنيري يونيورسٽيءَ جو شاگرد آهي.
هن جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ماهر ٿيڻ جي شوق ۽
لاڙي جو قصو به مزيدار آهي. جڏهن هو چئن سالن جو
هو ته مان هڪ ٽرئنسٽر ريڊيو خريد ڪري گهر ۾ آندو.
جڏهن اهو وڄندو هو ته سڄڻ ان کي ڏاڍي غور سان
ڏسندو ۽ ٻڌندو هو ته ان ۾ اندر هڪڙو ننڍڙو ماڻهو
بند ٿيل آهي، جو ڳائي ۽ ڳالهائي ٿو. هو ان جواب تي
ماٺ تي ٿي پوندو هو، پر عجب، جستجو ۽ بي اعتباريءَ
جي نگاهن سان ريڊئي کي گهوريندو هو.
هڪ ڏينهن ڪورٽ مان واپس اچي گهر ۾ گهڙيس.
”اڄ تنهنجي لاڏلي پٽ سڄڻ نئين ريڊئي جي ستياناس ڪري ڇڏي.“
منهنجي زال ايف. آءِ. آر (فرياد) داخل ڪرايو.
”ڇا مطلب؟“ مون ڳالهه نه سمجهندي پڇيو.
”ريڊيو ڀڃي ڇڏيائين.“
”ڇا ميز تان ڪيرايائين!“ مون آڏي پڇا ڪئي.
”نه، مترڪي سان ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين.“
”اهو وري ڪيئن؟“
”هلي پاڻ ڏسو!“
مان صفي ۾ گهڙيس. ڏٺم ته فرش تي ريڊئي جا آنڊا گجيون نڪتل هئا ۽
هڪ هڪ پروز پرزا ٿيل هو ۽ ڀرسان لوهي مترڪو پيل
هو. سڄڻ کٽ تي ويٺو هو. مون ڏوهه جي واردات جي
جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڏوهاريءَ ڏانهن نهاريم. پر ڏوهاري
نه ڊنل هو، نه هيسيل ۽ گهٻرايل. هن جي چهري تي ڪو
جرم جو احساس نه هو، ڄڻ عادتي ۽ پڪو ڏوهاري هجي.
مون سمجهيو ته منهنجي نگاهن کي سوال سمجهي پنهنجي
صفائي پيش ڪندو ۽ پاڻ کي جرم کان آجو ڪرڻ لاءِ ڪو
بهانو پيش ڪندو، پر هن اٽلو مون کي ڳچيءَ کان
ورتو.
”بابا، توهان ته ڪوڙ ٿي ڳالهايو، ڪاٿي آهي ريڊئي ۾ ننڍڙو
ماڻهو؟“ هن جي ان سوال ۾ شڪايت هئي ۽ الزام هو ۽
معصوميت هئي. اها پڇا هئي، جنهن جو مان جواب ڏئي
ڪونه سگهيس ۽ فتويٰ منهنجي خلاف وئي.
سمجهدار ٿيڻ تي، گهر ۾ سڄڻ کي سندس ان ڪارنامي جي حوالي سان
چيڙايو ويندو هو ۽ مذاق ڪئي ويندي هئي. هن جي
مشينن سان دلچسپي وڌڻ لڳي. هن کي رانديڪا به اهي
وڻڻ لڳا، جي چاٻي ڏيڻ سان چرندا پرندا ۽ ٻيون
حرڪتون ڪندا هئا. هو انهن کي کولي پرزو پرزو الڳ
ڪري، غور سان چڪاسيندو هو ۽ هرهڪ جي ڪارڪردگي
جاچيندو هو ۽ وري اهي پرزا جوڙي ڳنڍي، رانديڪي کي
اصلي حالت ۾ آڻيندو هو. هن جو اهڙو لاڙو ڏسي، مون
هن کي رانديڪن جو سيٽ، جنهن کي مڪينو چئبو آهي، سو
وٺي ڏنو. ان ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا اوزار، پرزا ۽ نٽ
بولٽ هوندا آهن، جن کي ٻار ڳنڍي جدا جدا شيون جوڙي
سگهندا آهن. مثال طور گهر، بينچ، بندوق، ڪرسي،
موٽر ۽ ٻيون شيون. مان ڏسندو هوس ته اسڪول مان اچي
سارو وقت هو انهن ڪَلُنِ ۽ پرزن کي ڳنڍي جد جدا
شيون پيو ٺاهيندو هو ۽ فخر ۽ خوشيءَ مان مون کي
اچي ڏيکاريندو هو. اڃا وڏو ٿيو ته گهر جي مشينن
سان هٿ چراند ڪرڻ لڳو. انهن کي کوليندو هو ۽ وري
جوڙي اصلي حالت ۾ آڻيندو هو، جهڙوڪ سبڻ جي مشين،
گهڙيال، واچ، استري، انڊپين، بجليءَ جا پنک.
سائيڪل وٺي ڏني مانس ته روز ان جا مختلف حصا کولي
وري پيو جوڙيندو هو ۽ پنهنجي ڄاڻ ۽ محنت سان ان کي
الائي ڪيتريون بتيون لڳايائين ۽ عجيب آوازن وارا
هارن هنيائين. هاڻي جي ريڊيو خراب ٿيندو ته هو پاڻ
ئي ان جي مرمت ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ٻين گهرو مشينن جي
پڻ. منهنجي موٽر سئيڪل جون خرابيون پڻ هو درست
ڪندو آهي.
* * *
مان اڃا رڪشا جي انتظار ۾ پنڌ پيچري (فوٽ پاٿ) تي ويٺو هوس ته
گوري اچي پهتي. سڄڻ ۽ گوري هڪ ٻئي کي ڏاڍو ڀائيندا
آهن. هن به سڄڻ جي باري ۾ ٻڌو هو، سو ڊوڙندي سڌ
سماءُ لهڻ آئي هئي. هن جون اکيون ڳوڙهن سان ڀنل
هيون. رڪشا ملي وئي ۽ اسين ٻئي ان ۾ چڙهي، سول
اسپتال ڏي روانا ٿياسين.
سول اسپتال ۾ سرجيڪل وارڊ سامهون، منهنجي گهر جا هڙئي ڀاتي ملول
چهرن ۽ سُڄيل اکين ساڻ بيٺا هئا. مون کي ڏسي، هو
حيران کان وڌيڪ پريشان ٿي ويا. هنن کان خبر پيم ته
سڄڻ جي آپريشن ٿي چڪي آهي ۽ هو هوش ۾ اچي ويو آهي.
اها ڳالهه ٻڌي منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو. حادثي جي
حقيقت به مون کي ٻڌائي وئي، جا مختصر هن ريت هئي
ته سڄڻ هاسٽل ۾ رهندڙ پنهنجي هڪ سنگتيءَ جي ڪوٺيءَ
۾، هن جي ڪلاشنڪوف رائيفل سڄي کولي وري اها جوڙي ۽
اڃا آزمائڻ تي هو ته اها اتفاق سان ڇٽي وئي ۽ ان
جي گولي هن جي کاٻي سٿر مان آرپار هلي وئي. هڏي جو
ته بچاءَ ٿي ويو، پر رت جي ڪا وڏي شرياني ڪٽجي وئي
هئي، جنهن ڪري رت نه ٿي بيٺو. سرجن آپريشن ڪري، رت
بند ڪيو هو ۽ هو هاڻي خطري کان ٻاهر هو.
مان وارڊ ۾ هن وٽ ويس. هو پيلو پئجي ويو ۽ نٻل پئي لڳو، پر هن
جي منهن تي دستوري رونق هئي.
ڳالهيون ڪندي، جئن هو ننڍي هوندي مڪينو رانديڪن مان پرزا ملائي،
شيون ٺاهي، خوشيءَ مان مون کي اچي ڏيکاريندو هو،
تئن سرهائيءَ مان چيائين:
”بابا، هاڻي ڪلاشنڪوف بندوق جي مرمت به هتي ٿي سگهندي ۽ مان
ڪندس!“
مان پنهنجي مرڪ روڪي نه سگهيس.
گرمي ۽ گل مهر
قاضي خادم
هوءَ گلابي قميص ۽ سائي سلوار پايو، ورانڊي جي پيلي ٿنڀي کي ٽيڪ
ڏيو، گلاب جي گل جيان ٽڙي بيٺي آهي. آءٌ آهستي
آهستي هلندو هن جي ويجهو ٿو وڃان. هوءَ هڪ ٽڪ اڱڻ
۾ بيٺل گل مهر جي وڻ ۾ اکيون کپايو بيٺي آهي. آءٌ
هن جي ويجهو پهچان ٿو ته به هوءَ مون کي ڪونه ٿو
ڏسي. مون وڻ ڏانهن ڏٺو، جتي کڙيل گل مهر جا ڳاڙها
ڳاڙها گل هن جي اکين ۾ اکيون وجهيو رهاڻيون ڪري
رهيا هئا.
”هر سال جڏهن هي گل ڦٽندا اهن، آءٌ سمجهندي آهيان ته بهار اچي
وئي.“ هن آهستي ڀڻڪيو.
”۽ آءٌ سمجهندو آهيان ته منهنجي عمر جو هڪ سال ٻيو به گهٽيو.“
مون زور سان چيو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن جي اکين
۾ شرم جي اهڙي لالاڻ اچي وئي جو ڄڻ ته مون هن جون
۽ گل مهر جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون آهن.
”هن وڻ ۾ ڇا آهي؟ هن جي ته ڀاڄي به ڪونه ٺهي.“ ٻيو ساٿي به اچي
ويو.
”ڀاڄي سائين ڪچنار جي گلن جي.“ پٽيوالي چانهه ۾ کنڊ وجهندي ڪمري
مان ليئو وجهي چيو.
”توبهه، جاهل... ڪٿي ڪچنار جون سهڻيون ڪچيون ڪليون... ڪٿي
ڀاڄيءَ جو تصور.“ هوءَ اڃا به گل مهر جي پناهه ۾
هئي.
اڙي ڪٿي آهيو سڀ! زوردار آواز ٿو اچي.
آدم بو... آدم بو... ديو جو آواز ٻڌي جالغالم انجمن آرا کي وڻ
جي ٿڙ ۾ ٿو لڪائي. ائين ته جيئن اڪبر انارڪليءَ کي
پڪين سرن جي چوديواريءَ ۾ لڪايو هو... سڄو مانڊاڻ
ڦٽي ويو، هرڪو پنهنجي پنهنجي غار ۾ هليو ويو.
ٺڪ... ٺڪ... ٺڪ... ڪا سهڻي نينگري... سهڻي خواب جيان... هوائن
جي آڌار تي.... خوشبو بنجي اچي پئي... اچي پئي...
اچي پئي... اجهو هو اچي ويو. ڏاڙهين مڇن سان
سليوليس
(Sleeve less)
قميص، گلي ۾ سوني چئن، زناني کُڙيءَ وارو بوٽ.
اعتبار ڪجي ته ڪنهن تي ڪجي، گلي ۾ سوني چئن...
ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف!
”آءٌ ته روز لفٽ وٺي هلي ويندي آهيان.“ پاسي مان ايندڙ آواز.
”ڀلي ڪنهن جي به ڪار هجي، بس ڪار ضرور هجي.“
”توکي ڊپ ڪونه لڳي؟“ حيرت سان ڀريل آواز.
”هن دفعي لڳو هئم، ڪٿي مئو پرس نه کڻي وڃي.“
”بس، پرس جو ڊپ لڳو هوئي!!“
”ڊڄ خدا ڀر... پنهنجو بل ته ڪڏهن غلط ڪونه ڀريو اٿئي. اهو ته
شڪر آهي جو آءٌ پاڻ ويس، نه ته مون وارا پئسا ته
تون هضم ڪري وڃين ها.“ ٻئي غار مان ايندڙ آواز.
”پئسو تمام خراب شئي آهي، دانا ديوانا ڪريو وجهي.“ هڪ ٻئي غار
مان ايندڙ آواز.
”تڏهن به هرڪو آهي ته هن جي پٺيان!“ جواب.
”آءٌ ته ڪونه آهيان.“
”اها به ڪا دانائي ڪانهي.“
”ڀلا ٻڌو اٿم ته سيمسٽر جا اگهه وڌن پيا.“
”اڃا به چئو ٿا ته پئسو...“
”ڇڏيو پئسي جي ڳالهه، ڪا ٻي ڳالهه ڪريو... ها، سيمسٽر جا اگهه
وڌيا آهن ڇا؟“
”ڪهڙيون نيون فلمون ڏٺو...“ ٻئي غار مان مردانو آواز.
”ڌوڙ پئي آهي نين فلمن کي...“ زنانو آواز، ”هر فلم ۾ ٺڪا
ٺوڪي... سين...“
”هاڻ ته هندستاني فارمولا فلمون پيا ٺاهين...“
”اهي به فلمون.... فلمون هيون اسان جي وقت جون.“
”چوندا آهن پوڙهو اُٺ ٻه ڪنواٺ لهي...“
”پوڙهو اُٺ نه...ڪي پراڻو اُٺ!“
”ڇا دور هو اسان جو... ڌاڙيل به زائفان ۽ ساداتن جو خيال ڪندا
هئا. ٻيڙو تري نون ليکڪن جو، ساداتن جي خلاف لکي
لکي ڌاڙيلن جي اکين مان به شرم ڪڍي ڇڏيو اٿن.“
هوءَ منهنجي منهن ۾ ڏسي رهي هئي ۽ آءٌ هرڀرو ڦڪو ٿي نظرون
جهڪائي رهيو هوس.
”خبر اٿئي، ڇاڇري پهچڻ تي صبح ساڻ مون ڇا ڏٺو هو؟“ آءٌ ڳالهه
چوريان ٿو.
”تون ڇاڇري ڇو ويو هئين؟“ هوءَ پڇي ٿي.
”اها پڇ پڇ واري عادت خراب آهي.“ آءٌ چوان ٿو، ”انڪري ته زال
ڪونه وڻيم.“ دل ۾ چوان ٿو.
”مون واري زال ڏاڍي سگهڙ آهي.“ ڀر واري غار مان آواز آيو. آئون
به جيڪي ڪمايان وڃيو هٿ تي رکانس... وري ڪڏهن به
گهرُ ڪانه ڪري“ ”سڀ پئسا نه ڏينس... ڪي پاڻ وٽ رک
پوءِ ڏس سگهڙ پائي!“ جواب مليو ”ڊيني ڪي ٻڌو اٿئي
ٻي غار مان آواز آيو.
”نه. ڇا ڪندو هو؟“
”ائڪٽر هو ائڪٽر... سڄي دنيا ۾ غريب ٻارڙن جي مدد لاءِ مسخريءَ
جا شو ڪيا اٿائين.“
”سڄي دنيا جا غريب ٻار!“
”ها، سواءِ ايشيا جي... ايشيا اڃا دنيا جي نقشي تي ڪانهي.“
”جي هو خيراتي شو ڪندو وتندو هو ته فلمن ۾ ڪم ڪير ڪندو هو؟“
”ميان، انٽرنيشنل پين جي گڏجاڻيءَ ۾ جارج شلز جي تقرير تي اديب
ناراض ٿي ويا. آرٿر ملر لاءِ جان بچائڻ مسئلو ٿي
پيو.“ پرئين غار مان آواز آيو.
”مون ڇا پئي چيو؟“ هيترن آوازن ۾ مون کي پنهنجو آواز به اوپرو
پئي لڳو.
”ڇاڇري ۾ الاهي ڏٺو هوئي؟“ هن وراڻيو.
”الاهي ڇا، اتي ته مون مور نچندي ڏٺا هئا، عاج جي ٻانهين سان
رنگبرنگي لباس ۾ ويڙهيل لڏندڙ لمندڙ جسمن کي مٿي ۽
ڪڇن ۾ گهڙا کنيو، ڪورس ۾ جهونگاريندو ترائيءَ
ڏانهن پاڻي ڀرڻ ويندي ڏٺو هئم. رستن تي نانگ ۽
بلائون، گدرا ۽ ونگيون، پپون ۽ گولاڙا ڏٺا هئم،
ريتيءَ جون ڀٽون ۽ نٻل جسم وارا بي ڊولا انسان ڏٺا
هئم، گهوڙن تي سوار هٿياربند ٺڪر، تلڪ ڪڍيل ٿلها
ٿنڀرا ٻانڀڻ ڏٺا هئم، الاهي توکي ڇا ٿي ٻڌائڻ
چاهيم... مون ڪوهه مريءَ ۾ به مينهن وسندي ڏٺو آهي
۽ ٿر ۾ به... پر جي مزو ٿر ۾ مينهن وسڻ جو آهي، سو
هن ساون جبلن ۾ ڪٿي... هُت مينهن موسم کي سهڻو ٿو
ڪري... هِت مينهن بکين جو پيٽ ٿو پالي.“
”تو اهو ڏٺو هو ڇاڇري ۾...“ هوءَ حيران ٿي ٿئي.
”ها... ۽ مون هڪ گڏهه کي بک کان مرندو ڏٺو هو... ۽ هڪ ٻار کي
جيڪو ماءُ جي ڇاتيءَ سان چهٽيل ئي مري ويو هو، هنن
کي کاڌو ته ٺهيو پر پاڻي به نه مليو هو... پاڻي...
ويچارو ٻار....“
”۽ ماءُ...“
”هوءَ اڳ ۾ ئي مري چڪي هئي.“
”ڊيني ڪي کي خبر پوي ها ته ضرور شو ڪري ها.“
”سائين، ڪنهن جي مرڻ جي ڳالهه پيا ڪريو؟“ پاسي واري منهنجو جملو
ٻڌو ته هو، پر سمجهيو ڪونه هئائين.
”ڪو مري ويو ڇا؟“ ٻئي پاسي کان آواز آيو.
”انالله وانا اليہ راجعون“ ٽئين طرف کان آواز آيو.
”سائين، عذرخواهي تي ضرور هلجي.“ ڪنهن چيو.
”ها ادا، اهو انساني فرض آهي.“ ٻئي چيو.
”وڃڻو ته هر ڪنهن کي آهي.“ هن وري چيو.
”سائين، توهين وڃو ته اسان کي وٺيو هلجو.“ پهرئين چيو.
هوءَ منهنجي منهن ۾ ڏسي رهي هئي. هن جو رنگ ٿورو ڦڪو ٿي ويو هو.
”بس، ڇاڇري ۾ اهو ڏٺو هوئي.“ هن ڪجهه رڪجي پڇيو.
نه نه مون ڇاڇري کان ٻه ميل پري رامڳڙهه جو ميلو به ڏٺو هو...
اُٺن ۽ گهوڙن تي سوار پيلين پڳڙيون وارن نوجوانن
جي نيزي بازي، اُٺن جي ريس، رنگبرنگي ڪپڙن واريون
موملون... ها، اها سوني سوناري به ڏٺي هئم جيڪا
مٺائيءَ واري هَٽَ تان برفي وٺي کائي رهي هئي ۽
مون ڏانهن ڏسي وڏا ٽهڪ ڏيئي رهي هئي.... اهائي
جيڪا واپسيءَ تي اُٺ تان ڪِري رڙيون ڪندي رئندي
ڏٺي هئم ۽ منهنجو ننڍپڻ جو دوست به جيڪو مون کان
رسي، هڪ ڀٽ تي ويهي اڪيلو مٺائي کائي رهيو هو...
ٻيو ڇا؟ ها... اُن کي به ڏٺم جنهن مور کي جهلي
ڪُهي ڇڏيو...
”مور کي؟ ڇا ماڻهو مور جو گوشت به کائيندا آهن؟ اهڙي سهڻي پکيءَ
جو؟“ هوءَ حيران ٿي وئي.
”بک ۾ ماڻهو ماڻهوءَ جو گوشت به کائيندا آهن.“ مون وراڻيو.
”توبهه توبهه گوشت ڪيڏو نه مهانگو ٿي ويو آهي.“ پاسي مان آواز
آيو.
”دال کان ته وري به سستو آهي.“ ٻئي چيو.
”ڪيئن نه ويليوز بدلجن ٿا، ڪڏهن گوشت کائڻ تي فخر ڪبو هو، هاڻي
دال کائڻ تي.“ اتان ئي ڪنهن چيو.
”ادا سائين پئسو ٿا کائون پئسو، ڇا دال ڇا گوشت.“ پرئين ڀر کان
آواز آيو.
”پهرين بلن جو مسئلو ته حل ڪريو، منهنجا پئسا ڪير ڀريندو؟ دال
وارو گوشت وارو.“ اڃا تائين احتجاج ٿي رهيو هو.
”ڀلا پئسا وڌيا به آهن يا؟“ ٻيو آواز اُڀريو.
”سائين اسان اهي زمانا ڏٺا آهن جڏهن ٽڪي جا ٻڪريءَ جا ٻه مغز
ملندا هئا. مٺيءَ ۾ اڱارو ڪاسائي وڪڻندو هو.“ سڀ
ٽهڪ ڏين ٿا... ٽهڪن جي گوڙ ۾ هِن جو آواز اُڀري
ٿو.
”چون ٿا ماڻهوءَ جو گوشت لذيذ ٿئي ٿو؟“
”ٿيندو هوندو.“ مون وراڻيو.
”ڪالهه اسان کي ڏاڍو سٺو گوشت مليو هو. لذيذ هو ڏاڍو.“ پاسي مان
آواز آيو.
”ماڻهوءَ جو هوندو.“ جواب آيو.
”دال ۾ اها ته پڪ آهي ته ماڻهوءَ جي ٿي نه ٿي سگهي.“ ڪنهن چيو.
”بک ٿي لڳي ته خود بخود مانيءَ ۾ کاڌي جون ڳالهيون ڪرڻ تي دل ٿي
چوي.“ هُن ئي چيو.
”توهين ماٺ ڇو ٿي ويا، ٻڌايو نه سوني سوناري ڪير ڪئي؟“ هن پڇيو.
”لوڪ ادب غور سان پڙهه، پاڻهئي خبر پوندءِ.“ مون وراڻيو.
”لوڪ ادب ۾ ته ڪهاڻيون آهن.“ هن چيو.
”زندگي به ته ڪهاڻي آهي، ابتدا ۽ انتها تي ٻڌل.“ مون چيو.
”انتها... پڄاڻي.. بکيو ٻار، بکي ماءُ جي هنج ۾...“ هوءَ وري
چپ ٿي وئي. گهڙي کن رکي مون ڏانهن ڏٺائين.
موت جو ڊپ ته آهي ئي خراب. گل مهر ڏي ڏسي هن جو رنگ جيڪو گلابي
پئي لڳو، سو هاڻ بدلجي چڪو هو. مون هڪ دفعو هن جي
اکين ۾ ليئو وڌو.... اُت اڃا به گل مهر جا گل هئا.
”ڇا پيا ڏسو؟“ هن چيو.
”وري چوندينءَ ڇو پيا ڏسو.“ مون وراڻيو.
پاسي واري غار مان هلڪا هلڪا آواز اچڻ لڳا.
”اڄڪلهه هن وٽ ڪو اچي ٿو؟“ هُن چيو.
”تون به ته مون وٽ ويٺي آهين.“ مون وراڻيو.
”منهنجي ڳالهه ٻي آهي.“ هن موڙو ڏيندي چيو.
”سائين وري ڌاڙو لڳو آهي.“ هن ٻاهران زور سان چيو.
”ابا، ڪا نئين ڳالهه ڪر.“ ٻئي وراڻيو.
”سائين، مون کي ته ڊپ آهي ته جي ڪو کڻي ويو ۽ گهريائين لک روپين
جو ته ڇا ٿيندو!“ هُن وري چيو.
”مئا سڄو ڏينهن ٿا ڌاڙيلن جون ڳالهيون ڪن.“ هن چيو...
”جيڪي ٻڌندا... ڏسندا... تنهن جو ئي ته ذڪر ڪندا.“ مون چيو ”ڀلا
اڄڪلهه ڇا پئي پڙهين؟“
”اڳ ريلوي ٽائيم ٽيبل وڻندو هئم... هاڻي ٽيليفون ڊائريڪٽري.“
جواب.
”ٽيليفون جي ڳالهه ڪنهن ڪئي؟“ پريان آواز. ”اسان جا ته لاهه پٽي
ڇڏيا اٿن، فون ڪريون نه ڪريون، بل ضرور ايندو.“
”ته پوءِ بهتر آهي فون ڪريو... پئسا ته حلال ٿين.“ جواب.
”سائين، سفر ڇا ۾ ڪجي... جهاز ۾ اغوا جو ڊپ ٿو لڳي... ريل به
گهٽ خطرناڪ ڪانهي... ڪار ۾ به جان جو جوکو آهي...
پنڌ ممڪن ڪونهي.“ هو چئي رهيو هو.
”خواب ۾ سفر ڪر... خواب ۾ نه خون نه خطرو.“ هن وراڻيس.
”آءٌ ته جڏهن سوچيندي آهيان ته پڙهائيءَ مان جان ڇٽي، ته ڏاڍي
خوش ٿيندي آهيان.“ هوءَ مون کي چئي رهي هئي.
”ها، آءٌ جيستائين ڪجهه پڙهان نه، تيستائين ننڊ ئي ڪانه ايندي
اٿم. مون وراڻيو.
”سائين، ننڊ جي ڳالهه ڪنهن ڪئي... مون کي به ننڊ ڪونه ٿي اچي.“
هن وري ٻاهران چيو.
”ڀلا ڪو چانهه پياريندو يا نه!“ پرئين غار مان آواز آيو.
”ڪو ڇا... هوئي پياريندو... ويچارو پٽيوالو... چڱو ڀلو جمعدار
هو پوليس ۾، پاڙي پتيءَ جا ڪڪڙ پڪڙيو رڌيو کايو
ويٺو هوندو هو... رٽائر ٿي اچي پٽيوالي ڪئي اٿس.
هاڻ وري سڄو ڏينهن پيو چانهه ٺاهي پياري، جمعداري
مان پٽيوالو، پٽيوالو، پٽيوالو مان بار وارو.“
”پگهار مان ته پورت ئي ڪانه ٿي ٿئي.“ هوءَ چئي رهي هئي.
”پگهار مان ته ڪنهن جي پورت ڪانه ٿيندي آهي.“ مون چيس.
”پگهاردارن جو سهارو نه بينڪ او. ڊي هوندي آهي.“
”بينڪ ۾ به مئي مئنجير سان اڌ ڪلاڪ مغز ماري ڪجي تڏهن او. ڊي
ملي.“ هن بيزاريءَ وچان چيو.
”سائين جديد ادب جي باري ۾ هڪ سوالنامو آيو آهي، توهان ڏٺو
آهي؟“ هن پاسي واري غار مان رڙ ڪري چيو.
”اهو ته ٺاهيوئي مون آهي.“ مون وراڻيو.
”سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڦڏي ۾ لڳا پيا آهيو... ڪو ڪم ڇونه ٿا
ڪريو.“ هوءَ چئي رهي هئي.
”توهان وٽ بال پين آهي.“ پاسي واري غار مان هوءَ نڪ سڻڪندي اندر
آئي ۽ ميز تي پيل بال پين کڻي بنا ڪجهه ٻڌڻ جي نڪ
سڻڪندي هلي وئي.
”آئي هئي ڏسڻ ته پاڻ ڇا پيا ڪريون.“ هن چيو.
”توهين عورتون جڏهن پاڻ هڪ ٻئي کي ڪونه ٿيون سهو ته ڪيئن ٿيو
عورتن جي آزاديءَ لاءِ رڙيون ڪريو.“ آءٌ پڇانس ٿو.
”عورتن کي آزادي هئڻ گهرجي... مردن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي
آزادي.“ هن جوش وچان چيو.
”ڪاش توهين اسان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلو.“ پاسي واري غار مان
ٿڌي ساهه سان گڏيل آواز آيو.
”سائين ڪو آهي.“ ٻاهران ڪنهن سڏيو پئي. اندر خاموشي ٿي وئي...
سڀ غار ماٺ ۾ گم ٿي ويا.... ”شايد سڀ هليا ويا.“
ٻاهران آيل مايوس ٿي هليو ويو.
”تون ماٺ ڇو ٿي ويو آهين.“ هن ماٺ کان بيزار ٿيندي چيو. ٻاهران
سينڊلن جي کٽ کٽ ٻڌڻ ۾ آئي، ”هوءَ ته هلي... هاڻ
وٺندي لفٽ.“ ٿوري ماٺ کان پوءِ به وري سينڊلن جي
کٽ کٽ...
”هوءَ به هلي... آءٌ ته چانهه پيئندس.“
چانهه اچي ٿي... گرم گرم ٻاڦ نڪرندڙ چانهه.... گرم گرم
ماحول.... تيز اُس ۽ حبس. چرنوبل جي ايٽمي ري
ايڪٽر مان نڪتل گرم گرم اُلا...
”چون ٿا ته اها گرمي تابڪاريءَ جي ڪري آهي. پر اها هت پهتي
ڪيئن؟“ هن پڇيو.
”جيئن سائيبريا جي آڙي يا ڊگوش منڇر تي پهچندا آهن... ساڳئي روٽ
کان ٿڌيون هوائون به ته هت پهچن ٿيون... پوءِ گرم
هوا ڇو نه ٿي پهچي سگهي؟“
”چون ٿا ته ڀاڄين ۽ گاهه کائيندڙ جانورن جي کير تي اثر ٿيندو
آهي تابڪاريءَ جو.“
هن پڇيو... ”پوءِ آءٌ ته ڪڏهن نه کان... گوشت وڻيم ڪونه.“
”سائين قومن جي کرڻ ۽ سڌرڻ ۾ ادب جو وڏو حصو هوندو آهي.“ هن ڀر
واري غار مان رڙ ڪري چيو.
”سڌريل قومن جا اديب سڌريل ۽ کريل قومن جا اديب کريل هوندا
آهن.“ هن چيو.
”حالانڪ مصلح کريل قومن ۾ پيدا ٿيندا آهن.“ مون وراڻيو.
”توهان جي ته هر ڳالهه ابتي آهي.“ هن چيو.
”ها، جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي اها ابتي ئي ته چئبي...“ مون
چيو.
”سائين هڪڙو انگريز فرينچ هو.“
”نه انگريز فرينچ ڪونه ٿيندا آهن.“
”منهنجو مطلب آهي ته انگريز فرينچ ۾ لکيو.“
”نه ادا... انگريز فرانسي ڪونه لکند آهن.“
”منهنجو مطلب آهي ته.“
”تنهنجي مطلب آهي ته ڪنهن فرينچ ليکڪ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل
مضمون.“
”ها ها... ائين... ائين...“
هوءَ چئني طرفن کان ايندڙ آوازن کي ٻڌي بور ٿي
اوٻاسي ڏئي ٿي ۽ بنا ڪجهه ڪڇئي ٻاهر نڪري ٿي
وڃي... آءٌ اُٿي هن جي پٺيان ٿو وڃان. هوءَ ورانڊي
۾ ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي گل مهر جي وڻ ۾ ڏسڻ ٿي لڳي ــــ
آءٌ به ٻئي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي گل مهر جي وڻ کي ٿو
ڏسان، جيڪو سخت ٻوسٽ ۽ گرميءَ جي باوجود چپ چاپ،
گلن سان جهنجهيو مرڪي پيو. |