سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1986(2)

 

صفحو :16

ريوني سوڪي اڪوتا گاوا رومال(Hand kerchief)

 (جپاني ڪهاڻي)

مترجم: ولي رام ”ولڀ“

 

ريونووڪي اڪوتاگوا (Ryunosuke Akutagawa) (1892-1927ع) سهيوڳي جپاني ليکڪن ۾ البت سڀني کان وڌيڪ سڃاتو ويندو آهي. سندس ڪهاڻي ”Rashoman“ تي ساڳئي نالي سان هڪ انعام يافته فلم به ٺهي ۽ سندس ڪافي ڪهاڻيون، جيڪي عجيب ۽ زوردار آهن، مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي شهرت حاصل ڪري چڪيون آهن. جيتوڻيڪ هن هائڪو (Haiku) شاعريءَ تي پڻ طبع آزمائي ڪئي ۽ مضمون به لکيا آهن، پر هو سڃاتو ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ويندو آهي. سندس ڪهاڻين مان ڏيڍ سؤ ڪهاڻيون فرينچ، جرمن، اسپيني ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي، ستن مجموعن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. سنڌيءَ ۾ پڻ منهنجون ترجمو ڪيل سندس ٽي ڪهاڻيون (1) ’ڪيسا ۽ موريٽو‘، (2) ’نارنگيون‘ ۽ (3) ’حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪريان ذري...‘ ڇپجي چڪيون آهن.

ريونوسوڪي اڪوتاگوا جو جنم 1 ـــ مارچ 1892ع تي ٿيو هو. هو جپان جي ٻن طوفانن ـــ ميجي انقلاب ۽ شووا جي واپسي جي وچ واري دؤر ۾ جيئرو رهيو. جيتوڻيڪ هو پنهنجي ننڍي حياتيءَ ۾ پنهنجي وطن، چين ۽ ڪوريا کان سواءِ ڪيڏانهن ٻاهر نه نڪتو هو، پر جوانيءَ کان ئي هن جپاني، چيني ۽ اولهه جي ادب جو گَهرو اڀياس ڪيو هو. هو وليم مروس ۽ نتسومي جو پڪو شاگرد هو. اولهه جي ليکڪن مان انتولِ فرانس، ايڊگر ايلن پو، بادليئر ۽ اسٽرنڊبرگ سندس من پسند ليکڪ هئا. سندس اسٽائيل جي سرد خارجيت (Cold aobjectivity) جي پيشڪش ۾ اسٽرنڊبرگ جو پڙاڏو ملي ٿو، جنهن ۾ پراڻن روايتي موضوعن ۽ جديد سريئلزم جي دلڪش هم آهنگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پو ۽ بادليئر جي اڳيئي ذهن ۾ ويٺل اُداسي ۽ للڪاريندڙ موضوعن کيس زندگيءَ جي روزمرهه جي روٽن کان کٽو ڪري ڇڏيو هو. سندس بيمار صحت، سندس وراثتي ديوانگي ۽ سندس دُک ـــ درد وڌندي نيٺ پنجٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ 24 ــــ اپريل 1927ع تي کانئس پنهنجي هٿان پنهنجو انت آڻائي ڇڏيو.

هيءَ ڪهاڻي هِرام هيدن ۽ جان ڪورناس جي سهيڙيل “A World of Great Stories” مان ڪيوشي موريڪُوبو جي انگريزي ترجمي ”Handkerchief“ تان ترجمو ڪئي ويئي آهي. جيڪا ’ايشيا ميگزين‘ ۾ مئي 1943ع ۾ شايع ٿي هئي.

ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽي لا اسڪول جو پروفيسر ڪنزو هاسيگاوا ورانڊي ۾ بيڊ جي ڪرسيءَ تي اسٽرنڊ برگ (Strindburg) ۽ ’ڊراما ٽرجي‘ (Dramaturgy) پڙهي رهيو هو.

اسان سڀني کي سُڌ آهي ته پروفيسر جي اڀياس جو موضوع بيٺڪي راج آهي. پڙهندڙن کي شايد اهو عجب لڳندو هجي ته هو ڊرامائي تنقيد جو ڪتاب ڪيئن پيو پڙهي. پر پروفيسر هڪ تعليمي ماهر ۽ محقق جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو، ۽ اها سندس عادت رهي آهي ته پنهنجي مخصوص موضوع جي دائري اندر يا ٻاهر ڪهڙو به ڪتاب ڏسي جيڪو اڄ جي شاگرد جي سوچ ۽ جذبن کي ٿورو به متاثر ڪندو هجي. مٿال طور: هن آسڪروائلڊ جا ’ڊي پروفنڊس‘ ۽ ’انٽينشنس‘ رڳو انهيءَ ڪري پڙهيا آهن، جو جنهن ڪاليج جو هو ڊين آهي، انهيءَ جي شاگردن ۾ وسيع طور تي پڙهيا وڃن ٿا. تنهنڪري، اها ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي جو پروفيسر هڪ اهڙو ڪتاب پيو ڏسي جو جديد يورپ جي ناٽڪ ۽ اداڪاري جي باري ۾ آهي. ڇو جو پروفيسر جي گهڻن ئي شاگردن مان نه رڳو ڪي اهڙا آهن جيڪي ابسن، اسٽرنڊبرگ ۽ مئٽرلنڪ جي تنقيد جي مضمون لکن ٿا، پر ٻيا انهن ناٽڪ ڪارن جي نقش قدم تي هلڻ جا خواهشمند آهن ۽ ناٽڪ ڪاريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو شيوو بنائڻ چاهين ٿا.

هر ظرافت ڀريل باب پورو ڪرڻ تي پروفيسر پيلي ڪپڙي جي جلد وارو ڪتاب پنهنجي هنج ۾ رکيو ٿي ۽ ڇت ۾ ٽنگيل ’گِفو‘ لالٽين ڏانهن مبهم نموني نهاريو ٿي. هڪدم اسٽرنڊبرگ سندس ذهن ۾ پوئتي رهجي ويو ۽ هن جي بدران پنهنجي پياري زال جي باري ۾ سوچڻ لڳو، جيڪا اهو لالٽين خريدڻ لاءِ ساڻس گڏ هلي هئي. پروفيسر جڏهن امريڪا ۾ هو تڏهن ساڻس شادي ڪئي هئائين. ظاهر آهي ته تنهنڪري سندس زال امريڪي آهي، پر جپان ۽ جپانين جي محبت ۾ هوءَ پروفيسر کان مختلف نه آهي. خاص ڪري جپان جو پيچده فن ته سندس موهه رهيو آهي. ورانڊي وارو گِفو لالٽين پروفيسر جي خواهش کان وڌيڪ مادام جي پسنديءَ جو اظهار آهي.

پروفيسر جڏهن به ڪتاب بند ڪري رکيو ٿي ته کيس پنهنجي زال ۽ گِفو لالٽين ۽ اُن سان لاڳپيل تهذيب جو خيال ٿي آيو، پروفيسر جي ويساهه آهي ته گذريل پنجاهه ورهين ۾ جپاني تهذيب مادي طرح ته گهڻي ترقي ڪئي آهي، پر روحاني طرح هڪ هنڌ بيٺل ٿي لڳي: حقيقت ۾، ڪن حالتن ۾ پاڻ پوئتي پوندي پيئي وڃي. اهي ڪهڙا وسيلا آهن جن سان سهيوڳي دانشور انهي پوئتي قدم کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪندا؟ پروفيسر جو دليل آهي ته اهي وسيلا جپان جي پنهنجي ’بُشيدو‘ ۾ ڳولڻ گهرجن. بُشيدو کي هڪ ٻيٽ جي رهواسين جي رڳو تنگ اخلاقيات سمجهڻ گهرجي. حقيقت ۾ انهيءَ جا گهڻيئي عنصر آهن، جيڪي اولاهين قومن جي عيسائي روحن سان ٺهڪي اچن ٿا. بُشيدو کي وري جاڳرتا ڏيئي جپاني سوچ کي تکائي سان اڳڀرو ڪيو ته رڳو جپان جي روحاني تهذيب ۾ واڌارو ٿيندو، پر جپان ۽ اولاهين ملڪن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ پيش قدمي ٿيندي. اها پاڻ بين الاقوامي امن جي ڏس ۾ امداد ٿيندي. پروفيسر، ان ڏس ۾ هميشہ اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ هڪ پُل ٿيڻ چاهيو آهي. انهيءَ صورت ۾ هن شخص لاءِ پنهنجي شعور ۾ زال، لالٽين ۽ اُن جي نمائدنگي ڪندڙ تهذيب جي هم آهنگ ٽياريءَ جي موجودگيءَ کي ڳولهڻ اڻ وڻندڙ ڪم نه هو.

پروفيسر نيٺ جڏهن محسوس ڪيو ته اهو خود خيالي اطمينان کيس اسٽرنڊبرگ کي چڱيءَ طرح سمجهڻ کان پري ڪري رهيو هو ته هن بيزاريءَ وچان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ پنهنجي اڳيان رکيل سهڻي ڪتاب تي وري پنهنجو ڌيان ڄمائي ڇڏيائين. پهرين ڳالهه جيڪا پڙهيائين سا هئي:

”جڏهن هڪ اداڪار کي ڪنهن عام جذباتي ڪيفيت جي اظهار لاءِ ٽيڪنڪ ملي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ٽينڪنڪ سان هو ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ۽ قطع نظر ان جي ته اها موجود مواد سان ٺهڪي ٿي، کيس انهيءَ ٽينڪنڪ کي اختيار ڪرڻ جو لاڙو رکڻو پوندو، ڇو جو اها ڪجهه قدر سولي ۽ ڪجهه قدر اڳيئي ڪامياب ٿي چڪي آهي. اهو مئنرزم (Mannerism) آهي.“

سڀ فن، خاص ڪري اسٽيج جو فن، پروفيسر لاءِ هڪ اڻ سرڪيل خطو رهيا آهن. جپان ۾ هن ڪيتار ڀيرا آڱرين تي ڳڻڻ جيتار ناٽڪ ڏٺا آهن. سندس شاگردن مان ڪنهن هڪ ناول لکيو آهي، جنهن ۾ ’بئڪو‘ نالو آيو هو. اهو نالو پروفيسير جي انسائيڪلوپيڊيائي ذهن لاءِ بي معنيٰ هو. جڏهن اهو شاگرد مليس ته کانئس پڇي ورتائين:

”اهو ’بئڪو‘ ڇا آهي؟“

”بئڪو“ بئڪو، شاهي ٿيئٽر سان لاڳاپيل هڪ اداڪار آهي ۽ هاڻي ’طئڪوڪي جي ڏهين ناٽڪ ۾ ’مِسائو‘ جي طور تي پيش ٿي رهيو آهي.“ شاگرد ڏاڍي نئڙت سان وراڻيو.

تنهنڪري اسٽرنڊبرگ جي ڇيڙيل مختلف ٿيئٽريڪل پراڊڪشن جي بحث جي باري ۾ پروفيسر کي پنهنجي ڪابه راءِ نه هئي. هن ولايت ۾ جيڪي ناٽڪ ڏٺا هئا، تن جي ياد منجهس اڻ لکي دلچسپي قائم رکي هئي. حقيقت ۾ سندس اسٽرنڊبرنگ جو اڀياس برنارڊشا جي ناٽڪن جي اڀياس کان مختلف نه هو، جيڪو سيڪنڊري اسڪول جو انگريزيءَ جو استاد ڪجهه نوان اصطلاح گڏ ڪرڻ خاطر پڙهائيندو هو. جيتوڻيڪ اهي نالي ماتر هئا پر پوءِ به شوق شوق هوندو آهي.

ورانڊي جي ڇت ۾ ٽنگيل اڻ ٻاريل گِفو لالٽين ۽ بيڊ جي ڪرسيءَ تي اسٽرنڊبرگ جو ’ڊراما ٽرجي‘ پڙهندڙي پروفيسر ڪنزو هاسيگاوا ـــ ـــ پڙهندڙ کي اهو ڏيکارڻ لاءِ ڪافي آهي اها شروعاتي اونهاري جي ڏينهن جي هڪ ڊگهي شام هئي. پر انهيءَ مان اهو نه سمجهيو ته پروفيسر ڪو هلاک ٿي رهيو هو. جيڪڏهن ڪو اهڙي سنڪي وضاحت تي اصرار ڪري ٿو، مان چئي سگهان ٿو ته هو غلطيءَ تي آهي. نوڪرياڻي جڏهن اچي ٻڌايس ته ڪو ساڻس ملڻ آيو آهي ته سندس وڻندڙ نويڪلائيءَ ۾ رخنو پئيجي ويو. کيس اسٽرنڊبرگ ڇڏڻو پيو. شايد دنيا کي اها ڳالهه وڻي ٿي ته اونهاري جي اهڙي ڏينهن جو پڻ پروفيسر کي رڌل رکجي.

هن ڪتاب پاسيرو ڪري رکيو ۽ نوڪرياڻي جي آندل ننڍڙي ڪارڊ تي نگاهه وڌائين. عاجڪي ڪاغذ تي ننڍڙن اکرن ۾ ڇڏيل هو، ’مادام اسؤڪو نشي ياما.‘ نالي مان هو سڃاڻپ جو ڪو سلسلو ڳنڍي نه سگهيو. ڪرسيءَ تان اُٿندي هن هڪ ڀيرو وري پنهنجي وسيع ملاقاتين جي فهرست من ۾ ورجائي. پر اهڙو ڪوبه چهرو ياد نه آيس جو نالي سان ٺهندو هجي. ڪتاب ۾ ڪارڊ مارڪر طور وجهي ڪرسي تي رکيائين ۽ ٿورو چهري کي ٺيڪ ڪري ٻي نگاهه لالٽين تي وڌائين. انتظار ۾ ويٺل مهمان جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڪير ميزبان پنهنجي مهمان سان ملڻ لاءِ وڌيڪ ماندو هوندو آهي. جيڪي پروفيسر کي سڃاڻين ٿا، تن کي اهو وڌيڪ ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته سندس ماندگي اڻ ڄاتل ملاقاتيءَ جي جنس جي ڪري نه هئي.

جلد ئي پروفيسر ڊرائنگ روم جو در کوليو. ٺيڪ اُن مهل هڪ عورت، جيڪا چاليهارو ورهين جي پيٽي ۾ ٿي لڳي، ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي. کيس ڏاڍو ٺهندڙ لوهي ـــ نيرو ڪمونو (Kimono) جنهن تي ڪاري ريشمي ڄاريءَ جي ’هئوري‘ (Haori) پيل هئي ۽ ڇاتيءَ وچ تي ٿڌو هيري جهڙو گُردي جي شڪل وارو اوبي ـــ بروچ (Obi-Broch) تي سندس وار اهڙيءَ ريت ويڙهوٽو ٿي ٻڌل هئا، جيئن شادي شده عورت جا هوندا آهن، ايتري قدر جو پروفيسر جو اهڙين ڳالهين کان ناواقف هوندي پڻ سڃاڻي ورتس. هوءَ صاف طرح هڪ ’سگهڙ ماءُ‘ جهڙي ٿي لڳي. سندس گول چهرو ۽ عنبرين رنگت جپاني خصوصيت جا ٿي لڳا. پهرين نگاهه ۾ ئي پروفيسر کي اطمينان ٿيو ته هن اهو چهرو اڳي ڪٿي ڏٺو هو.

”ڪهڙو حال اٿوَ؛ مان هاسيگاوا آهيان،“ هن چيو ۽ اهو سوچي سٻاجهائيءَ سان جهڪيو ته ائين کيڪر ڪرڻ سان هوءَ ورائندي ته هن کان اڳ هوءَ ساڻس ڪڏهن ۽ ڪٿي ملي هئي.

”مان ڪيني چيرو نشي ياما جي ماءُ آهيان،“ هن صاف آواز ۾ چيو ۽ ادب وچان جهڪي.

پروفيسر جي لاءِ ڪيني چيرو نشي ياما جو نالو ڄاتل سڃاتل هو. هو انهن مخصوص شاگردن مان هو، جن ابسن ۽ اسٽرنڊبرگ تي تنقيد لکي هئي؛ جيتوڻيڪ يونيورسٽيءَ ۾ سندس مضمون جرمن قانون هو. هو گهڻو ڪري پروفيسر جي گهر تي هميشہ نظرياتي مسئلا کڻي ايندو هو. هن بهار جي مند ۾ کيس پيٽ جي جهِليءَ جي بيماري (Peritonitis) ٿي پيئي هئي ۽ پروفيسر کيس يونيورسٽي ـــ اسپتال ۾ هڪ ــ ٻه ڀيرا پڇڻ به ويو هو. ”سمجهان ٿو ته هن صورت کي مون اڳ ۾ ڏٺو آهي.“ پروفيسر سوچيو. ڪارن ڀِرئن وارو اهو سهڻو نوجوان ۽ هيءَ عورت پاڻ ۾ ڪيتري قدر هڪٻئي سان ملن ٿا. ٻن گدرن وانگيان، جيئن جپاني چوندا آهن.

”اوهه! مسٽر نشي ياما جي ماءُ ــــ ها، ها.“

پروفيسر سامهون ننڍي ميز اڳيان پيل ڪرسيءَ ڏانهن اشارو ڪري پنهنجو ڪنڌ لوڏيندي چيو: ”ويهو ويهو.“ عورت پنهنجي اوچتي اچڻ تي معذرت گهرڻ لڳي ۽ ويهڻ کان اڳ وري ادب وچان جهڪي. ڪرسيءَ تي ويهڻ سان ئي، هن پنهنجي لباس جي ڊگهي ٻانهن مان هڪ اڇي شيءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍي. رومال کي سڃاڻندي پروفيسر کيس ميز تي پيل ڪوريائي پنکي استعمال ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ سامهون ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

”ڏاڍو خوبصورت ڪمرو آهي،“ عورت ڪجهه بناوٽ وچان چيو ۽ ڪمري ۾ چوڌاري نظر وڌائين.

”اهو چڱو وڏو آهي، پر اسان ورلي استعمال ڪندا آهيون.“

پروفيسر اهڙن ابتدائي جملن سان چڱيءَ طرح هريل هو. هن چانهه جو ڪوپ، جيڪو نوڪرياڻي آندو هو، سندس اڳيان رکيو ۽ موضوع کي ڏانهس موڙيائين:

”نشي ياما ڪيئن آهي؟ اميد اٿم، هاڻي بهتر هوندو؟“

هوءَ کن لاءِ هٽڪي، پر پوءِ سٻاجهائيءَ سان پنهنجا هٿ پنهنجي هنج ۾ رکي چٽي آواز ۾ چوڻ لڳي. ”حقيقت ۾ اڄ مان هتي توهان وٽ هن جي ئي ڪارڻ آئي آهيان. اهو چوندي افسوس ٿو ٿئيم ته هو اوهان وٽ هلي اچڻ جهڙو نه هو؛ ۽ جڏهن زندهه هو ته توهان کي هن جو ڪيڏو فڪر هو...“

عورت کي چانهه کي نه ڇهندو ڏسي ۽ اها سندس مرضي سمجهندي، پروفيسر پنهنجو چانهه جو ڪوپ کنيو. ائين ڪرڻ سان هن کيس آرام ڏيڻ ٿي گهريو. پر ڪوپ اڃا سندس نرم مڇن تائين پهتو ئي مس هو ته غير متوقع طور تي عورت جا لفظ سندس ڪنن تي پيا! ”هي مون کي پيئڻ گهرجي يا نه؟“ هڪ کن لاءِ سندس ذهن ۾ رڳو اهوئي سوال رهجي ويو ۽ نوجوان جي موت جي ڳالهه بلڪل نڪري ويئي. هن ڄاتو ٿي ته مٿي کنيل ڪوپ هوا ۾ جهلڻ مناسب ناهي، تنهن ڪري هڪ ئي تکي ڳيت سان هو چانهه پي ويو ۽ مشڪل سان نڙيءَ مان گهٽيل آواز ڪڍي سگهيو، ”بلڪل نه!“

”هو جڏهن اسپتال ۾ هو ته اوهان جو اڪثر ذڪر ڪندو رهندو هو،“ هوءَ اڳتي چوڻ لڳي. ”مون اوهان سان ملڻ جو سوچيو، جيتوڻيڪ مون کي سُڌ آهي ته اوهان ڏاڍا مصروف آهيو، رڳو ٿورا مڃڻ ۽ اوهان کي جيئن سُڌ پوي...“

”اوهه، بلڪل نه.“

پروفيسر ڪوپ رکيو ۽ نيري لاک جڙيل پنکو کنيائين. سندس لهجو فڪرمند ٿي ويو هو.

”مون کي اندازو نه هو ته هن جي حالت اهڙي خراب ئي ۽ هو انهيءَ ڄمار جو هو جڏهن ٿورن ورهين اندر اسان کانئس وڏين ڳالهين جي توقع پڻ رکي ٿي سگهياسين. ٿوري وقت لاءِ اسپتال وڃڻ کان انهيءَ ڪري لنوايو هئم جو پڪ هئم ته هو هاڻي چڱو ڀلو ٿي ويو هوندو. ڀلا هو ڪڏهن....“

”ڪالهه هڪ هفتو ٿيو.“

”اسپتال ۾؟“

”ها، اسپتال ۾.“

”اهو بلڪل غير متوقع ٿيو،“ هن چيو.

”اسان کي پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏيڻ گهرجي،“ عورت وراڻيو، ”اهو ڄاڻندي سندس بهترين پرگهور لڌيسين، ڏڌو کير ٿڻين نه پوندو. اسان کي خبر آهي ته اهو ائين ئي ٿيڻو هو.“

گفتگوءَ جي دوران پروفيسر کي حيرت ٿي. عورت جي رويي مان اصل نٿي لڳو ته هوءَ ڪا پنهنجي پٽ جي موت جي بار ۾ چئي رهي هئي. سندس اکين ۾ لڙڪ اصل نه هئا. آواز سانتيڪو هئس ۽ وات جي ڪنڊن تي مرڪ جي جهلڪ پڻ هئس جيڪو به کيس ڳالهائيندي نه ٻڌندو، اُهو ائين سمجهندو ته هوءَ روزمرهه جي ڪا عام ڳالهه ڪري رهي آهي. پروفيسر لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي عجيب هئي.

گهڻو وقت اڳ، جڏهن پروفيسر برلن ۾ زيرِ تعليم هو ۽ ٻڍو قيصر وليم پهريون گذاري ويو. کيس سندس موت جي خبر ڪيفي ۾ پيئي، جتي هو اڪثر ويندو هو. پر کيس سڀاويڪ طرح تمام اڻ لکو ڏک ٿيو هو تنهنڪري هو هميشه جي چال سان لڪڻ ٽيڪيندو بورڊنگ هائوس موٽيو. جيئن ئي هن ٻاهريون در کوليو ته در تي بيٺل ٻه ٻار ڏانهنس ڊوڙندا آيا ۽ زور زور سان روئڻ لڳا. منجهائن هڪ ٻارنهن ورهين جي ڇوڪري هئي، جنهن کي ناسي جئڪيٽ پاتل هئي ۽ ٻيو نون ورهين جو ڇوڪرو هو جنهن کي لُنڊي پتلون پاتل هئي. ٻارن کي هميشہ چاهيندڙ پروفيسر سندن مٿن تي هٿ گهمائيندي اُتاولئي وچان پڇيو، ”ڇو، ڇا ڳالهه آهي، ڇا ڳالهه آهي.“ هن سڏڪن وچان نيٺ اهو سمجهيو: ”ڏاڏو شهنشاهه گذاري ويو. ڏاڍو شهنشاهه گذاري ويو.“

ملڪ جي واليءَ جي موت ٻارن تي ايڏو اثر ڪيو هو، اها ڳالهه هن لاءِ عجيب هئي. اولهه وارن جي من جي جذبي جي اُڇل ــــ بادشاهي ۽ عوام جهڙي سوال، جيڪو هن اڳ ۾ به ڄاتو ٿي، کيس نه رڳو سوچڻ تي مجبور ڪيو؛ پر هڪ جپاني ۽ پشيڊو ۾ ويساهه رکندڙ پروفيسر کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هو انهيءَ عجيب ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ همدرديءَ کي وساري نه سگهيو هيو، جيڪا هن اُنهيءَ موقعي تي محسوس ڪئي هئي. هاڻي اُن جي اُبتڙ ساڳئي پد جيتري حقيقت پسي حيرت ۾ پئجي ويو، جڏهن ڏٺائين ته عورت جون اکيون خشڪ هيون.

پهرين کوج تي ٻي کوج هڪدم غالب پئجي ويئي.

گفتگو جو سلسلو مرحيات جي روزمرهه جي زندگيءَ جي يادن جي تفصيلن بابت ٿيندو وري عام يادگيرين تي واپس اچي ويو. پروفيسر اوچتو پنکو ڪاٺ جي فرش تي رکي ڇڏيو. گفتگو ايتري دٻاءُ واري نه هئي جو هو، ميز هيٺان پنکو، جيڪو عورت جي صاف اڇي جسم ڀرسان پيو هو، جنهن جو ڪجهه حصو سندس سليپرن ۾ لڪل هو، کڻڻ لاءِ وڌي وڃڻ سان وچ ۾ ڇڏي نه سگهي.

پروفيسر جون اکيون عورت جي هنج ۽ مٿس رکيل سندس ٻڌل هٿن تي ٽڪي بيهي رهيون. اها خود ۾ ڪا کوج نه ئي، پر هن ڏٺو ته سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا ۽ ڏڪڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ هن رومال کي ايڏو سختيءَ سان ڀڪوڙي رکيو هو جو لڳو ٿي ته اجهو ڦاٽي پوندو. ۽ نيٺ هن ڏٺو ته سندس نازڪ آڱرين ۾ پيل اهو مروڙيل ريشمي رومال، جيڪو هٿن جي ڏڪڻي ڏيکاري رهيو هو، انهيءَ جا ڀرت ڀريل ڇيڙا ائين ڦڙڪي رهيا هئا ڄڻ هوا جي لهر سان ڦڙڪي رهيا هجن. سندس چهرو کِلي رهيو هو پر هوءَ پنهنجي سموري جسم سان روئي رهي هئي.

پروفيسر جڏهن پنکو کنيو ۽ پاڻ سڌو ٿي ويٺو ته سندس چهري تي هڪ نئون اظهار هو. اهو هڪ قسم جي پوتر پاپ جو احساس ـــ هن اهو ڪجهه ڏٺو جيڪو کيس ڏسڻو نه هو ۽ انهيءَ احساس جي شعور مان حاصل ٿيندڙ هڪ اطمينان ـــ اهي ٻئي اڻ لکي ناٽڪي رنگ ۾ مبالغي اميز هئا ـــ اهو هڪ تمام منجهيل اظهار هو.

”نه، مون جهڙو بي اولاد شخص به اندازو ڪري سگهي ٿو ته توکي ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ ڇيهو رسيو آهي،“ پروفيسر جذبات سان ڀرپور ڌيمي لهجي ۾ چيو. سندس اکيون ائين نهاري رهيون هيون ڄڻ تکائيءَ سان چمڪي ڪنهن ڏانهن گهوري رهيون هجن.

”توهان جي وڏي مهرباني“، هن چيو. ”پر، اهو اهڙو ڪجهه آهي، جنهن لاءِ اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون.“ هوءَ ٿورو جهڪي. سندس ڀاوَ هيڻ چهري تي اهائي مرڪ هئي.

ٻن ڪلاڪن کان پوءِ پروفيسر وهنتو، رات جي ماني کاڌائين، مٺاڻ ۾ ڪجهه چيري ورتايائين ۽ وري ورانڊي ۾ آرامده بيڊ جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

ڪشادي ۽ کليل ورانڊي ۾ اونهاري جي ڊگهي سنجها، اچڻ واري رات کان اڃا پرڀرو هئي. پروفيسر انهيءَ وڻندڙ لالاڻ ۾ ويٺو رهيو. سندس ڄنگهه تي ڄنگهه چڙهيل هئي؛ مٿو ڪرسيءَ جي پُٺ سان ٽڪيل هو؛ اکيون حليمائيءَ سان گِفو لالٽين جي ڳاڙهي ڦندڻ کي غور سان تڪي رهيون هيون ۽ اسٽرنڊبرگ جو ڪتاب سندس هٿ ۾ هو، پر واپسيءَ کان پوءِ هڪ پنو به نه اُٿلايو هئائين، ڇاڪاڻ جو سندس ذهن تي مادام اتسوڪو نشي ياما جو سهڻو ورتاءَ ڇانيل هو.

رات جي ماني دوران هن انهيءَ عورت کي ساراهيندي پنهنجي زال کي ٻڌايو ته اها ڪيئن بُشيڊو جي اظهار جو هڪ بهترين نمونو هئي. مادام هاسيگاوا، جنهن کي جپان ۽ جپانين سان محبت هئي، سڀاويڪ طرح همدرديءَ سان ٻڌي رهي هئي. پروفيسر کي ڏاڍي خوشي پئي ٿي جڏهن هن ڏٺو ته جوڻس سندس ڳالهه ڏاڍي ڌيان سان پئي ٻڌي. ٽيئي ــ ـــ سندس زال، اُها عورت ۽ گِفو لالٽين ــ ـــ هڪ اخلاقي معنيٰ سان سندس شعور ۾ گهر ڪري ويهي رهيا هئا.

ڪافي دير تائين هو خوش خياليءَ ۾ غلطان رهيو، پوءِ کيس ياد آيو ته کيس ڪنهن مخزن طرفان مضمون لکڻ لاءِ گذارش ڪئي ويئي هئي. انهيءَ مخزن ۾ مختلف وڏين شخصيتن کان ’سهيوڳي نوجوانن ڏانهن سنيهو.‘ جي موضوع تي رايا گڏ ڪري سهيڙيا پئي ويا. ”ڇو نه اڄوڪي واقعي تي پنهنجا تاثرات لکي موڪليان!“ پروفيسر سوچيو ۽ پنهنجو مٿو کنهڻ لڳو.

جنهن هٿ سان هن پنهنجو مٿو کنهيو، اُن ۾ ڪتاب جهليل هو. پروفيسر محسوس ڪيو ته هن ڪتاب ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو هو. هڪدم اهو صفحو کوليائين جنهن ۾ مارڪر طور تي ڪارڊ وجهي رکيو هئائين. نوڪرياڻي مٿانئس ٽنگيل لالٽين ٻاري ڇڏيو هو، جنهن جي روشني ڪتاب جي سهڻي ڇپائي کي پڙهڻ لاءِ ڪافي هئي. هن بي دليو صفحي جي مواد تي نگاهه وڌي. اسٽرنڊ برگ چوي ٿو:

”جڏهن مان جوان هوس ته ماڻهو مادام هيبرگ پاريسيئن جي رومال جو ذڪر ڪندا هئا. اها هڪ ڊبل اداڪاري هئي، جنهن ۾ مرڪندڙ چهري سان، سندس هٿن رومال کي ٻن ٽڪرن ۾ ڦاڙيو ٿي. انهيءَ کي هاڻي اسان مئنرزم سڏيون ٿا.“

پروفيسر ڪتاب هيٺ رکي ڇڏيو. اهو اڃا تائين اُتان کليل هو، جتي مادام اتسوڪونشي ياما جو ڪارڊ پيل هو. هاڻي سندس ذهن ۾ نڪا اُها عورت هئي، نه مادام هاسيگاوا ۽ نه وري جپان جي تهذيب. جيڪڏهن سندس ذهن ۾ ڪا شيءِ رهجي ويئي هئي ته اُها هڪ بيان کان ٻاهر ڳالهه هئي، جنهن ٽياريءَ جي سانت ڀرئي هم آهنگيءَ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

ائين برابر آهي ته اسٽرنڊ برگ جي ٻڌايل پراڊڪشن جي ٽينڪنڪ کان عملي اخلاقيات جا مسئلا مختلف آهن، جيڪا سندس هيل تائين آرام سان مطمئن ٿيل ذهن کي لوڏي رهي هئي. بُشيڊو ۽ ان جي مئنرزم کي ــــ

پروفيسر پنهنجو ڪنڌ هڪ ٻه ڀيرا لوڏيو، ڄڻ ڪنهن اڻ وڻندڙ خيال کي تڙي ڪڍندو هجي. پوءِ هو وري نئين ٻريل لاليٽن ڏانهن نهارڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com