سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :10

جان لوبن وري مضمون جي وصف هن ريت ٻڌائي ٿو ته، ”مضمون نثر جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا سماجي موضوع تي شخصي يا تواريخي نقطهء نظر کان روشني وڌي ويئي هجي ۽ زياده طويل نه هجي.“

جان فائولن جو مضمون جي باري ۾ نظريو آهي ته  “Essay” جو لفظ فرانسيسي زبان جي  “Essai” مان اخذ ڪيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سعيو يا ڪوشش ڪرڻ. انهيءَ لحاظ کان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته مضمون ڪنهن تي لکڻ جي ڪوشش جو نالو آهي. ان کان علاوه ڪوبه ادبي مضمون طويل نه هئڻ گهرجي. ٻيو ته مضمون ۾ اديب جو ذاتي نقطهء نظر موجود هئڻ ضروري آهي. مضمون نگار جي شخصيت کي سندس مضمون جي مطالعي مان سمجهي سگهجي. هڪ اديب جو انداز هميشه دوستانه ۽ رازدارانه هئڻ گهرجي. ايتري قدر جو سمجهڻ ۾ اچي ته گويا پڙهندڙ سان روبرو ڳالهائي رهيو آهي ۽ سندس مضمون پڙهندڙ طرح سمجهي رهيو آهي.“

پروفيسر هائوشٽن پيٽرسن مضمون متعلق پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته، ”مضمون جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن به تحرير جواهڙو ننڍڙو ٽڪڙو، جنهن ۾ ڪنهن به موضوع تي بحث ڪيو ويو هجي، مگر شخصي، غير رسمي ۽ غير مصنوعي انداز ۾. مضمون ۾ مفڪرانه انداز هوندو آهي ۽ ان ۾ فلسفي جو عنصر پڻ سمايل هوندو آهي، پر اهو باقاعدي فلسفي وانگر نه هوندو آهي. اهو اسان کي مصنف جي راءِ سان اتفاق ڪرڻ جي ترغيب ڏيئي سگهي ٿو، مگر انفاق راءِ تي مجبور ڪري نٿو سگهي.“

انسائڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ ”مضمون“ جي تعريف هن طرح آيل آهي ته، مضمون ادب جي هڪ اهڙي صنف آهي، جا نه تمام طويل ۽ نه وري مختصر هجي، پر وچ ٿرو هئڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن به موضوع تي آسانيءَ سان ۽ سراسري انداز ۾ بحث ڪيو ويو هجي ۽ ان ۾ مضمون تحرير ڪندڙ متاثر نظر اچي.“

بهرحال، ”مضمون“ جو تعلق انهيءَ مفهوم سان آهي ته نثري ادب جي اها صنف، جنهن ۾ تخليقي انداز هجي ۽ اها مختصر نموني ۾ تحرير ڪيل هجي؛ پر منجهس جا معيت، زبان جي سادگي ۽ اسلوب جي شگفتگي هجي. جنهنڪري هيءَ صنف ٻين کان وڌيڪ اعليٰ ۽ بهتر معلوم لڳي. مضمون نگاريءَ جي فن ۾، وقت به وقت ڪيترن ئي وڏن مضمون نگارن نوان ۽ انوکا تجربا پڻ ڪيا آهن، ۽ پنهنجن مضمونن ۾ قومي، ثقافتي، تهذيبي ۽ تمدني موضوعن سان گڏ سائنسي ۽ معلوماتي تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي،

مضمون نگاريءَ جي باري ۾، اسان مٿي جيڪي ڪجهه تعريفون ۽ وصفون بيان ڪري آيا آهيون، تن کي سامهون رکندي هن نتيجي تي پهچجي ٿو، ته هر ڪنهن علمي ۽ ادبي مضمون ۾ هيٺ ڄاڻايل ڳالهين جو هئڻ تمام ضروري آهي. ائين کڻي چئجي ته اهي ڳالهيون ”مضمون“ جي صنف جا ماڻ ۽ ماپا آهن، جن تي ڪنهن به ادبي مضمون کي پرکي سگهجي ٿو:

(1) مضمون ۾ موضوع اهڙا هئڻ گهرجن، جن جو زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه سان تعلق هئڻ ضروري آهي ۽ انهن موضوعن کي مختصر نموني ۾ بيان ڪيو وڃي.

(2) مضمون ۾ لکندڙ پنهنجا شخصي جذبا، خيال، تجربا ۽ مشاهدا نهايت نرم لهجي ۽ پراثر انداز ۾، صاف ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪري.

(3) مضمون نگار جي تحرير جو انداز ۽ موضوعن ۾ وسعت هڪ تخليقي صنف وانگر هجي.

(4) بلند خيالي، فلسفيانه ۽ ناصحانه انداز، ظريفانه ۽ مزاحيه نمونو، منظر نگاري وغيره جون خوبيون اهڙيون هئڻ گهرجن، جو مضمون جهڙوڪ خشڪ موضوع پڙهندڙ کي لطف لڳي.

(5) مضمون جي عبارت، علمي ۽ ادبي خصوصيت واري هئڻ گهرجي.

انهن مٿين ڳالهين کان سواءِ، اهو خيال پڻ ضرور هئڻ گهرجي ته مضمون جو انداز ”مقالي“ ۽ ”تنقيد“ وارو نه هجي، ڇاڪاڻ ته مقالو ۽ تنقيدي پنهنجيءَ جاءِ تي جدا الڳ صنفون آهن، جن جو مضمون سان ڪوبه تعلق نه آهي. اسان جي ڪيترن عالمن ۽ اديبن، انهيءَ قسم جي مضمونن کي ڪتابي صورت ڏني آهي، جهڙوڪ: ”رهنماءِ شاعري“ ”تذڪره لطفي“، ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“، تذڪره شعراءِ هالا“، ”سنڌي ادب جي تاريخ“ وغيره. اهي مڙئي ڪتاب ”تنقيدي مضمون“ جي دائري ۾ اچن ٿا. ”مضمون“ جي صنف ۾ هيءُ ڪتاب شمار ڪري سگهجن جهڙوڪ: مقالات الحڪمت“، ”گلدستو“، ”ويچار“، ”چونڊ سنڌي نثر“، ”ادبي آئينز“، ”ادبي غنچو“، ”سدا گلاب“، ”انار دانه“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”ڪَچ ڪوڏيون“، ”ڪشڪول“، ”هيري جون ڪڻيون“، ”چڻنگون“، ”گل ڦل“، وغيره. اهڙي قسم جا مجموعا اڄ تائين شايع ٿيندا رهن ٿا، جي ”مضمون“ جي صنف جو وڏو شاهڪار آهن.

سنڌي علم ادب ۾ ”مضمون“ جي صنف، انگريزن جي دور ۾ رواج هيٺ آئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مضمون نگاريءَ جو رواج ”مانٽين“  (Montaigne) نالي هڪ فرينچ اديب وڌو. مانٽين جي انهن مضمونن کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو. جن کان انگريزي ادب جو مشهور اديب، لارڊ بيڪن ڏاڍو متاثر ٿيو. هن ان نموني تي انگريزيءَ ۾ پنهنجا مضمون لکيا، جن کي  “Becon`s Essay” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ پهريون سنڌي اديب هو، جنهن سن 1879ع ۾ لارڊ بيڪن جي مضمونن جي ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ”مضمون“ جي صنف وجود ۾ آئي.

سنڌي ”مضمون“ کي وڌيڪ زور وٺائڻ ۾، ان وقت جي نڪرندڙ سنڌي اخبارن تمام گهڻو حصو ورتو. ان کان سواءِ بمبئي يونيورسٽيءَ مئٽرڪ جي امتحان ۾، سنڌي ”مضمون“ کي نصاب طور رائج ڪري ان کي لازمي قرار ڏنو. سن 1924ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ بي. اي. جي ڊگريءَ تائين، سنڌي ”مضمون“ کي نصاب طور شامل ڪيو. ان وقت ڌاري ڪيترن ئي سنڌي مضمونن کي نصابي ڪتابن ۾ درج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ”مضمون“ جي صنف تمام گهڻو زور ورتو. سنڌ جي عالمن ۽ اديبن پنهنجي پنهنجي نموني سان مضمون لکيا، ۽ انهن جا مجموعا ترتيب ڏيئي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا. برصغير هند و پاڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، هن صنف ۾ ڪجهه وقت لاءِ ماٺار اچي ويئي، ۽ اڄ تائين ان ۾ صحيح نموني ۾ ايترو واڌارو ٿي نه سگهيو آهي.

سيد عبدالحسين موسوي سنڌ جي انهن اوائلي دور جو  مضمون نگار آهي، جنهن سن 1930ع کان وٺي هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي. اسان مضمون نگاريءَ جي باري ۾، مٿي جيڪي ماڻ ۽ ماپا بيان ڪري آيا آهيون، انهن جي روشنيءَ ۾ هتي شاهه صاحب جي لکيل مضمونن جو ادبي لحاظ کان جائزو وٺون ٿا:

(1) موضوع ۽ مختصر نويسي: هيءُ مجموعو، سيد عبدالحسين موسويءَ جي فن ۽ فڪري لاڙن جو هڪ دلڪش شاهڪار آهي. شاهه صاحب انهن مضمونن ۾، پنهنجي دل جا خيال، جذبا، مشاهدا ۽ تجربا اهڙي ته سهڻي انداز ۽ سليقي سان پيش ڪيا آهن، جن مان سندس شخصيت ۽ نازڪ مزاجيءَ جي اپٽار ٿئي ٿي.

”مضمون“ نثري صنف جو هڪ اعليٰ ۽ لطيف نمونو آهي، جنهن ۾ اصليت ۽ حقيقت جي صحيح انداز ۾ ترجماني ٿيل هوندي آهي. مضمون نگار زندگيءَ جي مختلف حقيقتن ۽ اهم رازن کي اهڙي ته مؤثر ۽ دلنشين لفظن جي روپ ۾ نروار ڪندو آهي، جن ۾ معاشري جي چڱاين ۽ براين جو صحيح عڪس ۽ ان سان گڏ قوم جي ريتن ۽ رسمن تهذيب ۽ تمدن، اخلاقي عادتن ۽ قدرن تي هڪ مصلح جي حيثيت ۾ ڪرڙي نگاه وجهي پيش ڪندو آهي، ۽ ساڳئي وقت معاشري ۽ سماج جي خامين سان گڏ انهن جي اصلاحي تجويز ۽ عبرت ناڪ انجام کان پڻ روشناس ڪندو آهي.

سيد عبدالحسين موسويءَ جي مضمونن جا موضوع ظاهري طرح ته معمولي ۽ عام رواجي نوعيت جا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر انهن سڀني جو تعلق انساني زندگيءَ جي روزمره جي ڳالهين ۽ حقيقتن سان آهي. شاهه صاحب جا اهي سڀيئي چونڊيل موضوع ڪنهن جو نقل نه آهن، ۽ نه وري انهن ۾ ڪا ڌاريائپ نظر اچي ٿي. سڀيئي موضوع پنهنجيءَ جاءِ تي طبعزاد آهن. شاهه صاحب هر هڪ عنوان کي تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، ۽ زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۽ ماحول جي پوري عڪاسي ڪئي آهي، مثلاً: ”خاموشي“،  ”گاريون“، ”بک“، ”دولت“ ، ”دل“، ۽ ”عجيب جون اکيون“ وغيره. دراصل اهي انسان جي وڏين ڪمزورين ڪمزورن مان آهن ۽ گڏوگڏ معاشري جون خاميون ۽ اوڻايون به آهن. شاهه صاحب انهن کي اهڙي رنگ انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو ان مان سماج سڌارڪ وار نوعيت ظاهر ٿئي ٿي.

سيد عبدالحسين موسويءَ جي ڪن موضوعن تي ڪو اختلاف ڪري سگهي ٿو، جهڙوڪ: سي حرفي“، ”مثنوي“، هڪ فارسي بيت جي شرح“ وغيره. ڇاڪاڻ ته اهي تنقيدي انداز ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ليڪن انهن ۾ اها تنقيد نه آهي، جا هڪ تنقيدي مضمون ۾ هئڻ گهرجي. شاهه صاحب انهن موضوعن تي صرف پنهنجي ويچارن کي ظاهر ڪيو آهي. هن پنهنجن مضمونن ۾ پنهنجن تلخ تجربن ۽ حقيقتن کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سڀني مضمونن جي موضوعن کي نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان، سهڻي نموني ۾ لفظن جو ويس پهرائي پيش ڪيو آهي ۽ هر هڪ موضوع کي انصاب ۽ قدر سان نڀايو آهي.

مضمون نگاريءَ ۾ مختصر نويسي هڪ اعليٰ خوبي آهي. سيد عبدالحسين موسويءَ پنهنجي مضمونن جي موضوعن کي اهڙي نموني ۾ بيان ڪيو آهي، جو اُهي پنهنجي جاءِ مختصر به آهن، ته مقصد ۽ مفهوم جي لحاظ کان مڪمل به آهن.

(2) خيالن جي بُلندي: مضمون نگاريءَ لاءِ علم ادب جي ماهرن جو رايو آهي ته مضمون تحرير ڪندڙ ۾ بلند خياليءَ جي وصف جو هئڻ تمام ضروري آهي. مطلب ته جيڪي ڪجهه مضمون ۾ بيان ڪيو وڃي، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي صحيح ۽ حقيقت جو مظهر هجي ۽ ان ۾ زنده زندگيءَ جي جهلڪ نظر اچي. پڙهندڙ ائين محسوس ڪري ته مضمون نگار جيڪي ڪجهه مضمون ۾ ڄاڻايو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڄڻ سندس اکين اڳيان ٿي رهيو آهي. ان ڪيفيت کي ادبي زبان ۾ ”محاڪات“ چوندا آهن. سيد عبدالحسين موسويءَ جي مضمونن ۾ بلند خيالي، فڪري رجحان ۽ فسفيانه انداز ڀرپور نموني ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ليڪن پاڻ فلسفي وانگر نهايت دقيق ۽ مهجهائيندڙ ڳالهين کان پري رهيو آهي. سندس مضمونن ۾ ايتري قدر بلند خيالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جو هر ڪنهن موضوع کي عنوان تحت نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان بيان ڪيو اٿائين، جنهن مان سندس فڪر جي اونهائيءَ ۽ گهرائيءَ کان سواءِ اصليت پڻ ظاهر ٿئي ٿي. هن مجموعي ۾ جيڪي مضمون آيل آهن، تن ۾ خاص طرح سان ”خاموشي“، ”دل“، ”عيد“، ”اشرف المخلوقات“، ”گل جي فرياد“، ”دلبر جي دانهن“، ”واري“ وغيره اهڙا مثال آهن،  جن ۾ انسان کي پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ يعني خودشناسي پيدا ڪرڻ جو گڻ ٻڌايو ويو آهي ۽ انهن ڳالهين کان متاثر ٿي، پڙهندڙ پنهنجيءَ شخصيت کي اُجاگر ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح شاهه صاحب جي هر مضمون مان بلند خيالي ظاهر ٿئي ٿي ۽ فلسفيانه نڪتا پڻ موجود نظر اچن ٿا. موسويءَ صاحب جي هر مضمون ۾ بلند خياليءَ سان گڏ سندس پرڪشش شخصيت پڻ ظاهر ٿئي ٿي.

(3) فطرت جو اڀياس: ”مضمون“ ۾ فطرت جي اڀياس جي عنصر هئڻ تمام ضروري آهي. مضمون ۾  جيڪي ڪجهه لکيو وڃي، ان ۾ فطري حقيقت جو جُزو سمايل هجي ۽ خيالي دم پخت نه هجن سيد عبدالحسين موسويءَ جي سڀني مضمونن ۾ فڪري نقطو ڀرپور انداز ۾ سمايل آهي. شاهه صاحب جي قلم ۾ خدا تعاليٰ وڏي قوت ۽ سگهه عطا ڪئي هئي، جو هن ”مضمون“ جهڙي خشڪ موضوع کي وڻندڙ نموني ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ان ۾ فطرت نگاريءَ کي انهيءَ انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن جو هن مشاهدو ڪيو آهي. هن مجموعي ۾، ”عيد“، ”گل جي فرياد“، ”واري“ وغيره جي عنوان سان آيل مضمونن ۾ فطر تي ڳالهين جي نهايت پراثر نموني ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

سيد عبدالحسين موسويءَ جي انهن مضمونن جو مطالعو ڪرڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ پنهنجي خدا داد قابليت، وسيع مشاهدي ۽ حق شناسيءَ واري نظر سان پنهنجي چوگردا ماحول جو نهايت باريڪ بينيءَ سان مطالعو ۽ اڀياس ڪيو هئائين، ۽ ساريءَ ڪائنات جي عجيب اسرارن ۽ نقاد ۽ سڄاڻ نقاش جيان پنهنجن مضمونن ۾ نروار ڪيو اٿائين، جو پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ کي ڪافي متاثر ڪري ٿو. اسان جيئن مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته ”مضمون“ ۾ مضمون نگار جي اندر جي ترجماني ٿيل هوندي آهي، ان لحاظ کان سندس ڪوبه مضمون منظر نگاري ۽ فطرت نگاريءَ جي مظهر کان خالي نه آهي. شاهه صاحب جي هر مضمون ۾ صورت نگاري، سيرت نگاري ۽ فطرت نگاري جو فن عروج تي نظر اچي ٿو.

(4) روح ۽ جذبي جو هئڻ: ”مضمون“ جي صنف ۾ روح ۽ جذبي واري نقطي کي پڻ وڏي اهميت حاصل آهي. مضمون کي اهڙيءَ نوعيت ۾ لکڻ گهرجي، جو ڄڻ ته اهو مضمون نگار جي قلم مان چشمي وانگر ڦٽي ڌارا ٿي وهي رهيو آهي ۽ هر تحرير مان اهو اندازو لڳائي سگهجي، ته لکندڙ پنهنجي اندر واري جذبي کان مجبور ٿي لکي رهيو آهي ۽ سندس تحرير ۾ ارادو نه، پر آورد جو وڌيڪ دخل آهي. ان حالت م، پڙهندڙ ۾ اها ڪيفيت پيدا ٿيندي، جنهن ۾ غم، خوشي، ڏيک، درد وغيره ائين ئي پيدا ٿيندو، جيئن مضمون نگار متاثر ٿي پوندو. هن مجموعي ۾ آيل مضمونن جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ، اها خوبي ظاهر ٿئي ٿي ته شاهه صاحب جي هر مضمون ۾، روح ۽ جذبو دلي فڪر ۽ لاڙو پڙهندڙ جي ذهن کي گهڻو متاثر ڪري ٿو.  

(5) اخلاقي، اصلاحي ۽ ظريفانه انداز: مضمون نگار لاءِ هن خصوصيت جو هئڻ تمام ضروري آهي ته هو جيڪي ڪجهه لکي، تنهن ۾ سچائي ۽ صفائي هجي ۽ معاشري ۾ جيڪي به اوڻايون، غلط رسمون ۽ رواج يا ٻيون جيڪي به سماجي قدرن جون گهٽ وڌايون آهن، تن جي نقاب ڪُشائي ڪري ۽ انهن جي اصلاح لاءِ مزاحيه ۽ ظريفانه انداز ۾ علاج به تجويز ڪري. هن مجموعي ۾ آيل هر مضمون ۾ انساني معاشري جي جيئري جاڳندي تصوير جهلڪندي نظر اچي ٿي. انساني زندگيءَ ۾ جيڪي به مختلف خوبيون ۽ خاميون آهن، تن جو سيد عبدالحسين موسويءَ نهايت ئي گهرائيءَ سان مطالعو ڪيو آهي ۽ انهن کي جيئن ڏٺو اٿائين، تيئن سهڻن مثالن، چوڻين ۽ پهاڪن سان سمجهايو اٿائين، ته جيئن پڙهندڙ اُن مان درس حاصل ڪن. شاهه صاحب پنهنجن مضمونن ۾ طنز ۽ مزاح جي ڍڪيل لفظن ۾ انهن ڳالهين تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي بدولت عام معاشري ۾ برايون ۽ خرابيون پيدا ٿين ٿيون. پاڻ جيئن ته طبيعت جو نازڪ مزاج هو، ان ڪري تيز ۽ زود هضم ڳالهين کي نهايت نرم ۽ لطيف لهجي ۾، بيان جي عمدگيءَ سان پيش ڪيو اٿائين. معاشري ۾ جيئن بدخصلتون ۽ ڪوجهيون ڳالهيون ڏٺائين، تيئن انهن کي بيان ڪيو اٿائين معاشري تي تنقيد به ڪئي اٿائين، پر اها به اصلاح خاطر اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي، ته سندس مطالعو وسيع ۽ اک شفاف هئي.

هن ڪتاب ۾ آيل هر مضمون ۾، اخلاقي ۽ نصيحت وارا نقطا ملن ٿا. ائين کڻي چئجي، ته شاهه صاحب معلوماتي مواد سان گڏ، اخلاقي ۽ نصيحت ڀرين ڳالهين تي وڌيڪ زور ڏنو آهي ”ووٽ“، ”عيد“، ”گاريون“، ”اڄوڪي تعليم“ وغيره جي عنوان سان آيل مضمونن ۾، شاهه صاحب هروڀرو جذبات اڀاريندڙ ڳالهين تي زور نه ڏنو آهي؛ پر انهن ڳالهين کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ نصيحت ۽ اخلاقي پهلو سمايل آهن.

(6) عبارت ۽ اسلوب بيان: ”مضمون ۾ عبارت ۽ اسلوب بيان سان گڏ ان ۾ رنگيني پيدا ڪرڻ لاءِ تشبيهن، استعارن، صنايع ۽ بدايع جو هئڻ ضروري آهي. ”مضمون“ ۾ استعمال ڪيل لفظ موضوع جي مطابق هئڻ گهرجن. جنهن به عنوان تي ”مضمون“ لکجي، ته ان ۾ لفظن جي جدت هجي جملن جي بيهڪ ٺهڪندڙ ۽ موقعي مطابق هجي؛ اسلوب بيان ۾ صفائي، چٽائي ۽ وضاحت هئڻ گهرجي. ”مضمون“ جيئن ته هڪ نثري صنف آهي، تنهنڪري ان ۾ سادگيءَ ۽ سهڻائيءَ سان گڏ مقصد جي ادائگي به ضروري آهي. هروڀرو ڳرن ۽ نامناسب لفظن جو استعمال نه ڪرڻ  گهرجي ”مضمون“ جي عبارت، لکندڙ جي طبيعت مطابق هجي، پر اها سندس دور جي مناسبت سان هجي

سيد عبدالحسين موسويءَ جي مضمونن جي اڀياس ڪرڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته هن جن به موضوعن تي لکيو آهي، تن کي نهايت ئي سادگيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان بيان ڪيو اٿائين. سندس اسلوب ۾ انفراديت سمايل آهي، جنهن جو انداز نهايت سهڻو ۽ وڻندڙ آهي. سنڌي عبارت ۾ جيڪي الفاظ، محاورا ۽ اصطلاح ڪتب آندا اٿائين، سي نهايت موزون ۽ مناسب آهن ۽ انهن کي وڏيءَ ڪماليت ۽ هنرمنديءَ سان استعمال ڪيو اٿائين، جنهن ڪري عبارت ۾ دلڪشي ۽ هم آهنگي پيدا ٿي آهي. شاهه صاحب مضمون ۾ رنگيني ۽ دلڪشي پيدا ڪرڻ لاءِ نهايت موزون تشبيهون ۽ استعارا بيان ڪيان آهن، جن سندس عبارت کي وڌيڪ پُر اثر بڻايو آهي. ساڳئي وقت اهو به معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب پنهنجي مضمونن ۾ جان پيدا ڪرڻ لاءِ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي، مولانا روم ۽ حافظ شيرازيءَ جا بيت، عربي، فارسي ۽ سنڌي چوڻيون، ۽ قرآن پاڪ ۽ حديث شريف جا ڪيترائي مثال بيان ڪيا آهن، جن سندس سنڌي عبارت کي وڌيڪ وڻندڙ ۽ مايه دار بڻايو آهي. انهيءَ ڳالهه مان سندس ڳوڙهي اڀياس، ادراڪ، فهم ۽ فراست، ۽ بصيرت جو پتو پوي ٿو.

سيد عبدالحسين موسويءَ پنهنجن مضمونن ۾ انسان ذات کي برابريءَ ۽ اخوت جو درس ڏنو آهي، ۽ ساڳئي وقت خودغرضي ۽ مفاد پرستيءَ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ازانسواءِ، شاهه صاحب نهايت ئي مؤثر ۽ سهڻن لفظن جي روپ ۾ مذهب، قوم، اندر صفائي، سلوڪ ۽ معرفت، علم ۽ دانائي، عمل ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي. ان لاءِ هن حڪيمانه انداز ۾ ڪيترائي نسخا پڻ تجويز ڪيا آهن، جن تي جيڪڏهن انسان عمل ڪري ته پوءِ سڀيئي ذهني پريشانيون ۽ سماجي برايون دور ٿي وڃن، ۽ انسان صحيح معنيٰ ۾ اشرف المخلوقات چوائڻ جو حقدار ٿي وڃي.

بهرحال، هيءُ مضمونن جو مجموعو هڪ اهڙو علمي ۽ ادبي مرقع آهي، جنهن جي ذريعي انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ انسان ذات جي اصلاح لاءِ پاڻ پتوڙي سگهي ٿو. سنڌي ادب ۾، مضمون نگاريءَ جي صنف تي هن وقت تائين جيڪي به مجموعا شايع ٿيندا پئي رهيا آهن، تن ۾ سيد عبدالحسين موسويءَ جو هيءُ مجموعو، هر لحاظ کان سنڌي زبان ۽ ادب جو هڪ شاهڪار آهي.

(موسوي صاحب جي مضمونن جي مجموعي ”وکريل وٿون“ جي مقدمي طور تيار ڪيل،ق.ح.خ.)

 

شيخ خورشيد حسن

سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو

 

اروڙ جا قديم آثار

 

الور جو قديم شهر روهڙيءَ کان اوڀر،ڏکڻ طرف اٺن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. اڄ به هڪ ننڍي شهر جي شڪل ۾ ”اروڙ“ جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. شهر جي اسلام کان اڳ واري قدامت سنڌ اندر سا ساني دور ۾ گولي سگهجي ٿي. ان وقت هي شهر ”رود“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ڇو ته هي انڊس درياهه (’رود مهران‘) جي خوشنما ڪناري آباد هو. بعد ۾ عرب دور ۾ هي شهر ’الرود‘/’الرود‘ مشهور ٿيو، جو نيٺ ’الور‘/’اروڙ‘ طور اُچارجڻ ۾ آيو (1).

چچ نامي موجب ”الور“ جو شهر سنڌ جو تختگاهه هو. هن شهر ۾ شاهي محلات، ماڙيون، باغ، ڦوهارا، گهٽيون، چراگاهه وڻ هئا (2) محمد بن قاسم هٿان سنڌ جي فتح وقت، ملڪ جو حاڪم ڏاهر ولدچچ هو. مغل دور ۾ به الور شهر جو وجود هو، ڇو ته ان متعلق ”آئين اڪبري“ ۾ به اڪثر حوالا ملن ٿا (3). عرب سياحن به ’الور‘ جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ اصطخري به اچي وڃي ٿو. اصطخري موجب هباري راڄ ۾ الور سنڌ جو ٻيو وڏو شهر هو. اهو ملتان جيڏو وڏو شهر هو ۽ انساني آباديءَ جي لحاظ کان ان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڳتيل هو (4). ٻارهين صدي عيسويءَ جي جيسلمير ۽ ميوڙا جي تذڪرن ۾ به هن شهر جو بار بار ذڪر ٿيو آهي (5) ساڳيو ماخذ ٻڌائي ٿو ته هي ماڳ ميوڙا/ جيسلمير جي هٿ هيٺ هو، جڏهن هي رياست 1201ع ۾ ڪابل جي ڏن ڀرو هئي. ان بعد ”چچ نامہ“ جو متر جم علي ڪوفي سنه 1212ع ڌاري لکي ٿو ته هن بکر ۽ الور ڏٺا ۽ پڻ الور جي قاضين مان کيس ”چچ نامہ“ جو اصل عربي ڪتاب هٿ لڳوهو. ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته سنڌو درياهه جي رخ تبديل ڪرڻ سبب اهو شهر (الور) ختم ۽ برباد ٿي ويو. ان هوندي به ان جو نالو تخفيفي شڪل ۾ ”روهڙي“ جي نالي سان دائمي طرح محفوظ رهجي ويو آهي. هي شهر اڄ به درياهه جي کاٻي ڪناري تي آباد آهي. غير مسلم توڙي مسلم دورن ۾ ”الور“ سنڌ جو تختگاهه رهيو، سو اڄ ويران حالت ۾ موجود آهي. هن جو قلعو، اُن جون ڀتيون ۽ برج هن وقت ناپيد آهن، جن مان هڪ به هن وقت ظاهر ڪونهي. هڪ سياح کي الور ۾ هڪ مسجد نظر ايندي، جا نهايت بري حالت ۾ آهي. هينري ڪزنس ان کي ”عالمگيري مسجد“ سڏي ٿو (7) موجوده دور ۾ ان کي ”محمد بن قاسم جي مسجد“ سڏيو ويو آهي. اُن جو ڏسڻ ۾ ايندڙ اڏاوتي نمونو، ان جي تعمير جو فن ۽ ان ۾ ڪتب آيل تعميراتي سامان ڪنهن به طرح سن 1574ع ۾ روهڙيءَ ۾ ٺهيل شهنشاهه اڪبر جي مسجد سان نٿو ملي (8). ان هوندي به اِها مسجد ڪنهن به صورت ۾ محمد بن قاسم جي دؤر جي ڪانهي. اهو امڪان ٿي سگهي ٿو ته محمد بن قاسم الور جي فتح وقت، جتي هن وقت اڏاوت ڏسجي ٿي، اتي هڪ مسجد ٺهرائي هجي. قرب مؤرخ تصديق ڪن ٿا ته محمد بن قاسم، الور ۾ هڪ مسجد ٺهرائي هئي. هتي عرب دور جي مسجد ڳولڻ لاءِ صرف قديم آثارن جي ڪوڏر ئي معمول ڪري سگهي ٿي.

تازي دور خاص طور سان ٻن مقبرن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، جي اروڙ جي آسپاس ۾ موجود آهن. هي مقبرا روهڙيءَ کان اروڙ طرف ايندي، ساڄي هٿ تي ٻه ڪلوميٽر اڳ ۾ ئي ڏسي سگهجن ٿا. جنهن دڙي تي محمد بن قاسم جي نالي سان منسوب ٿيل مسجد آهي، اتان کان بيهي هي مقبرا ڏسي سگهجن ٿا، جي هتان روهڙي طرف نظر ايندا. مقامي طرح سان مقامي ماڻهو هنن کي ”ڏهاڳڻ“ ۽ ”سهاڳڻ“ جا مقبرا سڏين ٿا. ڏهاڳڻ ان عورت کي چئجي ٿو جنهن جو مڙس مري ويو هجي. جڏهن ته سهاڳڻ ان عورت کي چئجي ٿو جنهن جو مڙس زنده هوندو آهي. سنڌ جي رسم آهي ته ڏهاڳڻ نڪ جو ڪوبه زيور جهڙوڪ: نٿ، بولو ۽ ڪوڪو نه پائيندي آهي. جڏهن ته سهاڳڻ باقاعدگيءَ سان زيور پائيندي آهي. اهو آهي سهاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ ۾ فرق. عام روايت آهي ته ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ ٻيئي ڀينرون هيون.

ٻنهي مقبرن تي ڪوبه ڪتبو ڪونهي، جو پڪ ٿئي ته واقعي هتي ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ پوريل آهن. البته هڪ مضمون موجب، جو ”پاڪستان آرڪيلاجي“ ۾ ڇپيو هو (9)، هنن ٻنهي مقبرن جو تعلق شڪر گنج ۽ ختال الدين (قطب الدين) سان آهي. ڊسٽرڪٽ گزيٽئر موجب (10) ختال الدين ۽ شڪر گنج جا مقبرا، هڪ ٽڪريءَ جي اڀڪپريءَ تي درياهه جي پراڻي وهڪري ۽ الور جي قديم تاريخي قلعي جي آثارن جي ڀرسان موجود آهن. شڪر گنج کي قلندر لال شهباز جو دوست ۽ همعصر سمجهيو وڃي ٿو. شهباز قلندر جي مزار سيوهڻ ۾ آهي. ايسٽوڪ جو بيان هن طرح آهي جو پاڻ شڪر گنج ۽ ختال الدين جي مقبرن بابت لکيو اٿس ته هن ڳوٺ (الور) کان وٺي ويرانيءَ تائين کنڊرن جي قطار آهي، جا انهيءَ جي اتر-اوڀر طرف پري تائين پکڙيل آهي. انهن کنڊرن ۾ ڪوبه ڪتبو وغيره نه مليو آهي ۽ نه وري منجهس ڪا ٻي اهڙي عمدي شيءِ آهي. اتي جي نظاريدار کنڊرن مان عالمگير جي مسجد ۽ ٻن سيدن-شڪر گنج شاهه ۽ خليفي قطب الدين شاهه-جا قبا آهن شڪر گنج شاهه جو قبو هڪ مشهور زيارت آهي، جتي مهيني ۾ ٻه دفعا ويجهڙائيءَ جا ماڻهو زيارت ڪرڻ ويندا آهن (11). هنن قبن متعلق ڪزنس جو بيان به اٽڪل روءِ ساڳيو آهي (12). پروفيسر محمد شفيع جنهن مارچ 1937ع ۾ الور ڏٺو هو، ان پڻ هنن قبن جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته مقبرا، مسجد جي آسپاس موجود آهن (13). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان کي ”درگاهه شڪر گنج“ سڏيو آهي (14).

هنن بيانن جي آڌار تي رڳو هي نتيجو نڪري ٿو ته شڪر گنج ۽ ختال الدين جا مقبرا محمد بن قاسم ڏي منسوب مسجد جي ڀرسان موجود آهن. درست صورتحال جاچڻ لاءِ مون اپريل 1990ع ۾ اروڙ، سکر ۽ روهڙيءَ جا يادگار ڏٺا. خاص طرح سان شڪر گنج جو مقبرو ڏٺو ويو، جيڪو مسجد کان ڪالڪا طرف ويندڙ پيچري طرف آهي. هي مقبرو گهڻو ڪري هاڻي جديد اڏاوت جو هڪ نمونو آهي. حقيقت ۾ هي هڪ وسندڙ درگاهه آهي، جتي هر وقت زيارتي موجود هجن ٿا. ختال الدين جو قبو هن جي ڀر ۾ آهي، پر اتي گهٽ زيارتي اچن ٿا. ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جا مقبرا الور جي ٻئي طرف روهڙيءَ جي پاسي آهن، پر اُهي مسجد جي پکيڙ (ايراضي) کان گهڻو پري آهن. اُهي تباهه ٿيل آهن، البته هي ختال الدين ۽ شڪر گنج جا مقبرا نٿا ٿي سگهن. منهنجي راءِ جي تائيد ۾ هي دليل آهي ته مون پاڻ ڏٺو آهي ته شڪر گنج جو مقبرو هر وقت زائرين سان ڀريل هوندو آهي. جي سهاڳڻ وارو مقبرو شڪر گنج جو هجي ها ته اتي مجاور هجي ها ۽ ان کي چڱي حالت ۾ رکي ها، پر اهڙي صورتحال نه ته ڏهاڳڻ جي مقبري تي آهي ۽ نه وري سهاڳڻ جي قبي تي ڏسجي ٿي. ان ڪري ڏهاڳڻ ۽ سهاڳڻ جا مقبرا، ختال الدين ۽ شڪر گنج جا قبا ڪونهن. بهر حال انهن جو واسطو اشرافيه سان ڏسجي ٿو. رواجي ماڻهو اهڙا شاندار ۽ مضبوط قبا نٿا ٺهرائي سگهن.

”سهاڳڻ“ ۽ ”ڏهاڳڻ“ جا مقبرا هڪ ٻئي کان اڌ ڪلوميٽر پري آهن. ٻنهي مقبرن جي بنياد واريون ڀتيون  14x14  ميٽر ڊگهيون آهن، جن تي اڌ گول طرز جا قبا تعمير ٿيل آهن. جيڪي محرابن جي آڌار تي مٿي اوساريا ويا آهن. چئن ئي پاسن تي ونگ ساٽ لنگهه ٺاهيا ويا آهن. هر هڪ قبي جي ٻاهرئين پاسي تي سونهن ۽ سنجٽ رکي ويئي آهي. هر هڪ ڪنڊ جي ٻنهي پاسن کان ڀت ۾ ٺلهه ٺهيل آهن، جن جي مٿئين پاسي تي گهنڊ  (Bell)جي شڪل جهڙا تاج  (Capitals) ٺاهيل ڏسجن ٿا. سهاڳڻ جي قبي تي ٿيل چٽسالي پاسي اڀريل طور (Relief) جي ٻن ننڍن ٺلهن وسيلي سٽن خانن ۾ ورهايل ڏسجي ٿي وڏن ۽ ننڍن ٺلهن جي مٿئين پاسي تاج رکڻ واري روايت هندو،ٻڌ طرز تعمير سان واسطو رکي ٿي. هي طرز تعمير ڏاڍي ملوڪ به آهي، جيڪا قديم ۽ اسلامي طرز تعمير جو جديد سنگم آهي.

هنن قبن جي خاص خوبي هيءَ آهي ته هنن جي ٻاهرين پاسن تي پڪين سرن وسيلي اهڙي آرائشي طرز رکي ويئي جنهن ۾ اڪيچار نمونا نظر ايندا. ڏسڻ ۾ ائين ايندو ته قبي ۾ اوساريل هر سر ڀت جي اوسر جو ڪم به ڏئي ٿي ته ان سان گڏ ساڳي سر مان آرائشي چٽسالي جو ڪم پڻ ورتو ويو آهي. سرن جي اوساري ۾ حڪمرانن متعارف ڪرايو هو، پر هن فن کي سامانين ۽ سلجوقين عروج تي پهچايو. اتان جي اهم يادگارن ۾ به سرن جي اوساريءَ ۾ چٽسالي نظر ايندي. بخارا جي ساماني حڪمرانن جا مقبرا، دامغان، ساوا ۽سبزوار جا منارا به هن فن مان تعلق رکن ٿا. پوپ (15) هن طرز تعمير کي (Nacked brick architecture) جي نالي سان سڏيو آهي. طرز تعمير جي اوساريءَ ۾ سرن جي چٽسالي رکڻ جي خاص خوبي اها آهي ته جڳهه مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان تي ڪنهن ٻيءَ چٽساليءَ رکڻ جي لوڙ ڪانه پوندي آهي. يعني جڳهه پنهنجي وجود ۾ سونهن ۽ سنجٽ جون متوقع ضرورتون پوريون ڪري ڇڏي ٿي.

سهاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي قبن جي اولي  (Parapet) تي آرائشي ٻاري رکي ويئي آهي، جنهن ۾ مشڪوڪ ۽ غير مستند ڪوفي تحرير ڏسجي ٿي، جنهن جي ڪري هيءَ اڏاوت ويتر خوبصورت ٿي ويئي آهي. ٻنهي قبن ۾ لڳل سنگ مزار وارا پٿر ڊهي عام پٿرن جيان کوڙو ٿي ويا آهن.ڪنهن تحريري شاهديءَ جي عدم موجودگي جي ڪري ڪنهن ’دور‘ جو تعين ڪري ڪونه ٿو سگهجي ته اهي مقبرا ڪهڙي زماني ۾ جوڙيا ويا هئا. پر بلوچستان جي خاران ضلعي ۾ ساڳئي قسم جي طرز تعمير موجود آهي. ان طرز جي فن ۽ ڪن تاريخي شاهدين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هيءَ اڏاوت تيرهين صدي عيسويءَ سان تعلق رکي ٿي (16). اهڙيءَ ريت سهاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي قبن کي به ساڳئي دور سان ڳنڍي سگهجي ٿو. اهي قبا تباهيءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. انهن يادگارن جي ناس ٿي وڃڻ کان پهريائين وفاقي قديم، آثارن جي کاتي کي انهن جي مرمت ڏانهن ڌيان ڌرڻ گهرجي.

 

حوالا ۽ حاشيا

 

1) ڊاڪٽر بلوچ: ”فتح نامه سنڌ“، انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري، ڪلچر اينڊ سولائزيشن، اسلام آباد، 1983ع، ص 19، 20.

2) قليچ بيگ مرزا: ”دي چچ نامه“، ڪمشنر پريس ڪراچي 1900ع، ص 11.

3) هينري ڪزنس: ”دي اينٽيڪئٽيز آف سنڌ، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچي 1975ع، ص 150.

4) المسالڪ والممالڪ (الاصطخري)، ص 175.

5) جيمس ٽاڊ: ”اَنلس اينڊ اينٽيڪئٽيز آف راجستان“، جلد 1، ص. 260.

6) قليچ بيگ مرزا: حوالو ڏنل، ص 7.

7) هنري ڪزنس حوالو ڏنل ص 76.

8) مولوي محمد شفيح: ”صناديد سنده“، لاهور، ص 46.

9) احمد نبي خان: ”پاڪستان ۾ ابتدائي اسلامي دور ۾ سرن جو فن تعمير“، نمبر 23، ڪراچي 1988ع، ص 311،316.

10) گزيٽيئر آف دي پراونس آف سنڌ، بي، واليوم III، سکر ڊسٽرڪٽ، 1968ع، ص 34.

11) ايسٽوڪ، اي، بي: ”اي گلانس ايٽ سنڌ بفور نيپئر“،آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي 1973ع، ص 45.

12) هينري ڪزنس: ص 79.

13) مولوي محمد شفيح، ص 59،57.

14) ڊاڪٽر بلوچ (مقدمه) اردو ترجمه ”تاريخ معصومي“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1959ع، ص 26.

15) پوپ، آرٿر اپهم: ”اي سروي آف پرشين آرٽ“، جلد .II آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، لنڊن 1939ع، ص 985.

169) شيخ خورشيد حسن: ”نويشيرواني ٽامبس اِن خاران بلوچستان“، سائوٿ ايشين آرڪيالاجي 1987ع، حصو 2، ص 1195، 1209، روم 1990ع.

(”جرنل آف سينٽرل ايشيا“، جلد 14، نمبر 1، سال 1991ع ۾ ڇپيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com