گذارش
سنڌ جا تاريخي آثار
انساني تاريخ ۾، سنڌ جو نالو، هڪ نهايت قديم ۽ شاهوڪار تهذيب ۽
تمدن جي حوالي سان سونهري لفظن ۾ لکيل آهي. اڄ
’موهن جو دڙو‘ ۽ ’مڪلي‘ عالمي سياحن جي دلچسپيءَ
جا مرڪز آهن. ليڪن، خود وطن عزيز پاڪستان جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾، خاص طرح، علمي ۽ ادبي حوالي سان، سنڌ جي
شهرت جو سبب ٻه اهم تاريخي شخصيتون آهن: هڪ قلندر
لعل شهباز ۽ ٻيو شاهه عبداللطيف ڀٽائي. پاڪستان جي
ڪنهن به علمي مرڪز ۾ سنڌ جو نالو کڻبو، ته انهن ٻن
برگزيده شخصيتن جا نالا عام ۽ خاص ماڻهن جي زبان
تي ايندا. سنڌ جي ماڻهن کي ته هنن ٻنهي متبرڪ
شخصيتن سان ايڏي عقيدت آهي، جو سال جا ٻارهن ئي
مهينا سندن مرقدن تي ماڻهن جا ميڙ نظر ايندا.
ٻنهي بزرگن جي ابدي آرامگاهن تي شاندار قبا وقت جي حاڪمن جي
تحرڪ ۽ توجهه سان جُڙي تيار ٿيا، ۽ بعد ۾ ايندڙ
حاڪمن اُنهن جي آرائش ۽ زيبائش ۾ پنهنجو پنهنجو
فرض ادا ڪيو. قلندر شهباز جو روضو، دهليءَ جي
شهنشاهه جي حڪم تي ست سؤ سال اڳ جُڙي راس ٿيو، ته
ڀٽ تي لطيف سائينءَ جو روضو، سنڌ جي حُڪمران، ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي اڄ کان ٻه ٽي سؤ ورهيه اڳ
جوڙايو. قيام پاڪستان کان پوءِ به ملڪ جا سربراهه
توڙي سنڌ جا گورنر ۽ وزير اعليٰ ٻنهي هنڌن تي
عقيدت ۽ احترام سان حاضري ڏيندا رهيا آهن.
ايامن کان انهيءَ توجهه جي باوجود، ڪجهه سال ٿيا ته قلندر شهباز
جي روضي جو گنبذ اوچتو ڪِري پيو. انهيءَ حادثي جي
ڪري عقيدتمندن کي جسماني ۽ روحاني اذيت پهتي. بعد
۾ اُن جي مرامت جو ڪم شروع ٿيو جيڪو اڃا راس ڪونه
ٿيو آهي. هن پرچي جي سرورق تي ڏنل تصوير، خدا آباد
جي ويجهو، انڊس هاءِ وي تي، ميان يار محمد ڪلهوڙي
جي ٺهرايل تاريخي مسجد جي آهي، جيڪا حڪومت ۽ پبلڪ
جي بيتوجهيءَ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. ڏينهون
ڏينهن زوال پذير آهي.
هن پس منظر ۾، شاهه سائينءَ جو روضو مبارڪ اڄڪلهه سنڌ جي گهڻن
ئي عالمن ۽ اديبن جي توجهه جو مرڪز آهي، جو انهيءَ
کي به جڙئي صديون گذري ويون آهن. خدانخواسته
جيڪڏهن لعل سائينءَ جي روضي وانگر، هن روضي کي به
ڪو لوڏو آيو، ته نهايت ڏکوئيندڙ ڳالهه ٿيندي.
سنڌ سرڪار، بلڪ مرڪزي سرڪار جا ٻيا متعلقه کاتا، جيڪڏهن، مهل
سر، ان جي مرامت نه پر
Renovation لاءِ پلان تيار ڪن ۽ مستعديءَ سان ڪم ڪن، ته جيڪر روضي
شريف ۽ ان سان ملحق مسجد جي عمارت پڻ، ملتان ۾ رڪن
عالم جي روضي جي تاريخ عمارت وانگر ”نئين“ ٿي پوي.
اسان وٽ ڪجهه عرصو اڳ، نواز شريف جي حڪومت ۾ لاهور ۾ حضرت داتا
گنج بخش رحه جي روضي جي تعمير، تزئين ۽ آرائش تي
قابل تعريف ڪم ٿيو. هاڻي، جيڪڏهن جنرل پرويز مشرف
جي حڪومت ۾، ڀٽائيءَ جي روضي جي
Renovation
جو ڪم ٿيندو، ته سنڌ جو عوام ۽ خواص، خصوصاً
دانشور طبقو، کيس انهيءَ شاندار ڪارنامي لاءِ
تحسين ڏيندو.
آديسي اُٿي ويا...
ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سائين مرحوم پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه
جي جُداين جا ڦَٽ اڃا آلا ئي هئا ته مٿان بلاول
پرديسي، قيوم طراز، رسول بخش خمار، انيس انصاري،
الهه بچائي مرڻاس، علڻ فقير، علي نواز وفائي، ڪنول
لُهاڻي، نثار بزمي، فتاح عابد لاشاري، محمود صديقي
ته مٿان زخمي چانڊئي جي وڇوڙي جا وَڍ، سنڌي ادب ۽
ثقافت سان دلچسپي رکندڙ حلقن کي سَهڻا پيا. ادب،
ٻولي، ثقافت ۽ صحافت جي شعبن ۾ اسان جي مٿين مخلص
خذمتگارن جي لاڏاڻن جي ڪري، وڏا خال پيدا ٿيا آهن.
اسان سندن ادبي ۽ فني خدمتن کي ساريندي، سندن پوين
سان غمگساريءَ جو اظهار ڪريون ٿا.
- ن. ا. ش
لطيفي لات
دهشَتَ دَم درياهَ ۾ جت ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ
ٻِڇَل ٻانڊيَ ٻارِ ۾، اُتِ لَهرون لوڏا ڏيِنِ
سَناوَرَ سامِيا، اُت سِيڻا يا نه سَنڊيِنِ
جتِ ويرِيُون واٽَ نه ڏِيِنِ، اُتِ ساهَڙَ! سيِرَ لنگهائيين.
دهشَتَ دَم درياهَ ۾، جتِ ڪَڙَڪو ڪُنِ ڪري
توڏِي تاڪُنِ وچَ ۾، مَٿاء وِيرَ وَري
آءُ، ساهَڙَ! مُنهِنجا سُپريِن! پِرتا پيرَ ڀَري
هادِي! هَٿُ ڌري، اُونهي مان اُڪارِيين.
دهشَتَ دَم درياهَ ۾، جتِ ڪُنَن جا ڪَڙَڪا
سَهي ڪين سَمُونڊُ جا، ماندِي دلِ دَڙَڪا،
ساهَڙَ! تون سُڻُ ڪا، فريادِي فقير جِي.
دهشَتَ دَم درياهَ ۾، جتِ ڪُننِ جو ڪَڙَڪو
آهِم اُنهيم پار جو، دلِ اندرِ دَڙَڪو
ڀَڃي سِڪُ سَيدُ چي، سِيرَ سندو سڙَڪو
والِي! ڪجِ وَڙُڪو، ته ٻارِ لنگهيان ٻاجهه سين.
دهشَتَ دَم درياهَ ۾، جتِ لُڙَ لَهريون، لسَ، ليٽُ
اُڻئو اوڀارنِ ۾، ٻانڊيِ ٻوڙي ٻيٽُ
جتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سا هَڙُ! سِير لنگهاءِ تون.
- شاهه عبداللطيف ڀٽائي
”... اُن کان سواءِ مون ٽيون ڪتاب ’سورج مکيءَ
سانجهه‘ لکيو آهي. جو به ڇپجي ويو آهي ۽ باقي مان
اُن تي مهاڳ لکي رهيو آهيان. انهيءَ ۾ بيت، وايون،
غزل ۽ نظم آهن، جن مان ڪجهه ”مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾
ڇپيا آهن. مون ٽي حصا ٻيا به اصلوڪا نظم ’جنهن وقت
چراغ شام ٻري‘ جي نالي سان لکيا آهن. ٽي حصا ٻيا
به ’موکيءَ مٽ اُپٽيا‘ جي نالي سان نثر ۾ لکيا
آهن، جن ۾ ڪجهه ترجما به شامل آهن. انهن جو مواد
منهنجن اڳين نوٽ بڪن تان کنيو ويو آهي. ’نظربد
دور‘، مون پندرنهن ڏينهن سانده رات جي ڏهين وڳي
کان صبح جي پنجين وڳي تائين جاڳي آزاد نظم لکيا،
جن جو مثال مون کي ايشيا جي شاعريءَ ۾ نه مليو
آهي. فيصلو ’تحسين سخن شناس‘ تي ڇڏيل آهي، جي هو
’سُڪوت‘ اختيار ڪري ته وس وارو آهي. پوريءَ دنيا
جي شآعريءَ ۾ فقط ترائيل جو ڪوئي ڪتاب نه آهي.
فرانس، جو ان صنف جو وطن آهي، ان ۾ به نه آهي. مون
نه رڳو ترائيل جو پورو ڪتاب ’چنڊ ڳليون‘ جي نالي
سان اچي پورو ڪيو آهي، پر ترائيل جي هيئت ۾ به
تجربا ڪيا آهن. - شيخ اياز
*******
شيخ اياز
غزل
ڇا لاءِ مَرن ۽ مارن ٿا، هي جڳ جا جهيڙا ڇا معنيٰ؟
ڪنهن ساڻُ وڙهين ٿو سپني ۾، هي گوڙ بکيڙا ڇا معنيٰ؟
هي ساٿي ڪهڙا ساٿي ها؟ آ هر ڪنهن پنهنجي راهه وَتِي،
هو هر ڪنهن کي هيکل وڃڻو، هي سارا ميڙا ڇا معنيٰ؟
هي چوڳو آهي چار گهڙيون، پو پَنکَ پکيڙي اُڏرين ٿو،
ويا هر ڪنهن جا ڪيڏانهن ولَر؟ هي واءُ وِکيڙا ڇا معنيٰ؟
آ ڪيڏو سمنڊ اَجهاڳُ پرين، هت ناهي ڪنهن جو ماڳُ پرين!
ڪوئي به ڪنارو ڪونه آهي، هي تُنهنجا ٻيڙا ڇا معنيٰ؟
تو مَڌُ پيتو هن وَستيءَ ۾، ۽ واڳ وٺين ٿو مستيءَ ۾،
پر تنهنجو ماڳُ ”ايازَ“ ڪٿي؟ هي سارا ليڙا ڇا
معنيٰ؟
تاج بلوچ
غزل
ايئن خوشبوءَ جيان ٻُرن چوڙيون،
ڄڻ هجن گل جو پيرهن چوڙيون.
ڏس ته ڪاٿي پيون وڄن چوڙيون،
دل جي ڌڪ ڌڪ ٿيو پون چوڙيون.
جيئن ٽارين تي گل ٽڙي ٻهڪن،
تنهنجي ٻانهن ۾ تيئن سُنهن چوڙيون.
تن جو آهي غزل شناس مزاج،
ڄڻ ڪويءَ جو سچو سخن چوڙيون.
تهمتن جي اجهو اُٺي بارش،
گهنگهرو گهنگهرو ٿيون وڄن چوڙيون.
آئي جڏهين فراق جي موسم،
ڪونج وانگيان پيون ڪُرن چوڙيون.
گل جي موسم جو نقرئي لهجو،
سڪ مستي چمن چمن چوڙيون.
زندگيءَ جو نئون ٿو باب کُلي،
جنهن گهڙي ساهه ٿيون کڻن چوڙيون.
ڪانءُ جڏهين به ٿو لنوي ڀت تي،
ڪنهن جي جهوريءَ ۾ ٿيون جهڄن چوڙيون.
پنڊ پاهڻ وجود جاڳي ٿو،
جسم کي جيئن ٿيون ڇهن چوڙيون.
ڪنهن جي مانوس نرم کڙڪي تي،
ڪر ڀڃي ننڊ مان اُٿن چوڙيون.
دل جي ڌرتيءَ تي نقش پا ڪنهن جا،
ڪيئن ور ور چميو چمن چوڙيون.
منهنجي مستي کي آزماءِ تڏهن،
بيخودي ۾ جڏهن نچن چوڙيون،
عاشقيءَ ۾ مراد پوري ٿي،
’تاج‘ پاڙين پيون وچن چوڙيون.
***
تاج جويو
گيت
جوئر جا ڪانا ٿا جهومن،
هاريءَ جا جذبا ٿا جهومن.
سنگ سنگ ۾ آ سٿ سمايل، پورهيت جو آ رت سمايل،
”هور... وهيو...“ پيها ٿا جهومن،
کانڀاڻي ڳوڙها ٿا جهومن!
پوک پڪيءَ جو پن پن سائو،
شل نه تڪي تاڪو ڪارائو،
پنيءَ پنيءَ ۾ آس سُتل آ، ڳنيءَ ڳنيءَ ۾ ساهه پيل آ.
اڇا اڇا پٽڪا ٿا جهومن،
چتيون چتيون ڪپڙا ٿا جهومن!
کيرا سنگ، ونيءَ جون آسون،
ڄاڻ سڀاڻ، نوان اَن کاسون،
ڪرڻو آهي ڪاڄ ٻچي جو، هاريءَ جو من سوچي ويٺو،
سوچون ۽ سپنا ٿا جهومن،
جيوت جا نقشا ٿا جهومن!
چٽ گهُٽ ۾ ڄيرا ڄرڪيا،
جيون جا پل پوءِ به جرڪيا،
ڪر کڻي ڪونجن جان جرڪيا، پرڙا ساهي، ڦڙڪيا، ڦڙڪيا،
نيڻن جا تارا ٿا جهومن،
جذبن جا جارا ٿا جهومن!
***
”سرويچ“ سجاولي
سونهاري سنڌ جي ڌرتي، ڄڻيا لک لال لاثاني!
ويا جي موت کي ماري، مرڻ کي ڪيئون فنا فاني!
ڇڏي سيڄون ۽ سُک سارا، پيا پاپين مٿان پلٽي،
ڏٺئون ڪا مند ۽ موسم نه برفاني نه باراني!
نه قولن تان هٽيا ڪامل، نه چاڙهيئون سچ سوريءَ تي،
سَٺائون سور ۽ سختيون، سوين ذهني ۽ جسماني!
نه نميا نامور نيهي، نه ناحق تي مٽيائون حق،
نسون نيزن ۾ وچڙائي، ڪيئون ننگن جي نگراني!
سسيون جيڪي نه سانڍيندا، سسيون سانگين تان گهوريندا،
انهن سورهيه سپوتن سان، اسان جي يار ياراني!
نه ڪنهن فرعون فاسد کان، فنا ٿيندا سي فولادي،
فنا کي ويا بقا ڏيئي، جين جُڳ جُڳ اُهي جاني!
چوان ڇا همتون تن جون، هماليه کي هِلائي ويا،
پيا هر هڪ جي دل تي ڪن، هميشه لئي حڪمراني!
ڏنئون جو لوهه لوهن مان، ته لک لشڪر ويا لرزي،
ٽَڪر ٽينڪن سان کاڌائون، ٽُڪر ڪيئون زور زنداني!
ملايئون موت سان اکيون، ته ويو خود موت منهن ڦيري،
وڏي مُنهن مُرڪيا مانجهي، ڦڪا ٿيام شوم شيطاني!
سريون سوريءَ لئي سينگاري، سڄڻ ٿي سرفراز آيا،
سچا ”سرويچ“ ٿيا ثابت، کٽيائون سوڀ سلطاني!
***
عبدالقيوم ”صائب“
غزل
نينهن نانگو آهه پر،
ٽَڪ مان لاهي ٿو جو ور،
|
وقت کي آهي سلام
وقت کي آهي سلام. |
باهه اندر ۾ ٻري،
آهه نُگري ڏاڍي ڄر،
|
جيءُ جلائي ٿي ڇڏي،
وقت کي آهي سلام. |
رب وڏو آهي مگر،
کوهه ڏيندا پاڻ جر، |
روڪ پاڻي ڪين ڪي،
وقت کي آهي سلام.
|
جوڳ جوڳي ٿي ڏيو،
ڇا ڪري سگهندا هي کر، |
پير تي پختا بهو،
وقت کي آهي سلام.
|
ڪار ڪارونڀار ٿي،
ڄاڻ ٿيا هي سبز بر، |
مينهن جا آثار ٿيا،
وقت کي آهي سلام.
|
هوڙ هر گز ڪين ٿيو،
پٽبا پوريل ڪي ئي در، |
هوش سان هر ڪم ڪريو،
وقت کي آهي سلام.
|
سنڌ واڳن ور چڙهي،
ور نه ڪوڙن ڪهڙا ڪر، |
ساهه جيئن تيئن پئي کڻي،
وقت کي آهي سلام.
|
ڏاڍ آڏو، ڏاڍ ٿي،
ملندا مڙسيءَ کي ئي پر، |
ويڙهه ويرين سان ڏنو،
وقت کي آهي سلام.
|
آس نيڪيءَ جي رکي،
ڪين ڇڏبا گهاٽ گهر، |
مات مايوسين کي ڏيو،
وقت کي آهي سلام.
|
وقت ويندو خود ٽري،
نسري ايندا سهڻا سر، |
ملڪ پوندو پوءِ ٺري،
وقت کي آهي سلام.
|
آهه سيلابن ڪيو،
گذري ويندي هيءَ به ڇر، |
خوب صائب کي ڏکيو،
وقت کي آهي سلام.
|
***
احمد خان ”مدهوش“
غزل
اوتي جڏهن به هڪڙي سِٽَ پيار جي رکان ٿو،
ڪاڳر تي ڄڻ ته پنهنجو جيرو ڪڍي رکان ٿو.
ڪنهن سنگدل جي دل ۾ جو شاعري رکان ٿو،
سمجهو ته گگهه اوندهه ۾ روشني رکان ٿو.
پنهنجي وجود کان ڀي عزت مٺي رکان ٿو،
ليڪن وڌيڪ ان کان، تنهنجي خوشي رکان ٿو.
نادان جي اڳيان هيءَ مظلوم عڪس دل جا،
انڌن جي روبرو ڄڻ ڪا آرسي رکان ٿو.
هڪ ڏينهن نيٺ پنهنجو لائيندي رنگ يارو،
هيءَ لفظ لفظ ۾ جا ڪاريگري رکان ٿو.
غم، درد، سور، صدمو، احساس يا محبت،
جيڪا به شيءِ رکان ٿو، سا قيمتي رکان ٿو.
تعصب انهيءَ ڪري ٿو مون سان رکي زمانو،
غربت جي ويس ۾ ڀي هستي وڏي رکان ٿو.
پنهنجي طبع مطابق ڪاوڙ رکين ته پيو رک،
پنهنجي مزاج موجب مان عاشقي رکان ٿو.
آهيان چريو کريو ”مدهوش“ ئي سهي پر،
پنهنجي پَرائي پرکڻ جي ڪسوٽي رکان ٿو.
*** |