محسن ڪڪڙائي
غزل
مان ڪيڏو سادو آهيان،
سچ چئي ڦاٿو هيان.
تون منهنجو پر تو نه سهي،
مان تنهنجو پاڇو آهيان.
ڪاٿي ڪوڙا، ايڏو ڪوڙ،
مان ۽ تنهنجو پنهنجو آهيان؟
هيڏي سُڃ ته هوڏي رُڃ،
مان هي ڪاٿي پهتو آهيان؟
هيڏي ساري جڳ ۾ جاني،
سمجهان ٿو ته اڪيلو آهيان!
’محسن‘ سان ليکا نه ڪجانءِ،
تون سائين، مان ٻانهون آهيان.
وفا ناٿن شاهي
غزل
آزمايل کي آزمايون پيا،
سابقه تجربا لڄايون پيا.
تير انداز سان نڀايون پيا،
تير کائي به مسڪرايون پيا.
هيءُ جو ڳايون پيا، وڄايون پيا،
حالِ دل وقت کي سڻايون پيا.
فڪرَ سود و زيان کي هُت رکي،
توسان هر حال ۾ نڀايون پيا.
ايترو شور ٿي پيو آ، جو،
هڪ ٻڌون پيا ۽ ٻي ٻڌايون پيا.
پيار جا پل ڏئي عداوت کي،
وقت جي عاقبت وڃايون پيا.
صرف قبرن تي گل ڇٽيل آهن،
صرف مُردن کي هار پايون پيا.
زندگي موت کي وڃي پرتي،
دوستو! هاڻ موڪلايون پيا.
پنڌ آهي پري محبت جو،
صرف ڳالهيون ڪيون اجايون پيا.
نيڻ آلا ۽ چپ سُڪل آهن،
ظلم جو داستان ٻڌايون پيا.
ساهه ساهن ۾ پيا ائين وچڙن،
جيئن حياتي کان موڪلايون پيا.
ايڏو معصوم ۽ حسين آهي،
پاڻ کان ڀي وفا! لڪايون پيا.
اياز ”گل“
نظم
انهيءَ وقت جڏهن ياد تنهنجي آئي هئي،
اُنهيءَ وقت اسان زندگيءَ کي ياد ڪيو،
اُنهيءَ وقت اسان زندگي وساري ڇڏي!
اُنهيءَ ويل جڏهن ڪنهن پڇيو هيو تنهنجو،
اُنهيءَ ويل اسان لڙڪ لڙڪ ٿي وياسين،
اُنهيءَ ويل اسان هر خوشي سمهاري ڇڏي!
اُنهيءَ خواب ڏٺو جاڳندي اسان جيڪو،
اُنهيءَ خواب ڪيو بي خواب نيڻن کي،
اُنهيءَ خواب ته ڄڻ ننڊ ئي ٻهاري ڇڏي!
اُنهيءَ رات جڏهن چنڊ قيد هو ڪاٿي،
اُنهيءَ رات اسان دل کي ديپ جيان ٻاريو،
اُنهيءَ رات اسان رات ئي بيهاري ڇڏي!
***
”ادل“ سومرو
وائي
منهنجي قدمن جا آهن، ڪيئي لک نشان،
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
ڏيئي جهڙي زندگي، جاڳن ٿا طوفان،
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
سارا خواب رُلي ويا، وکريا سڀ ارمان،
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
تولئه آندل سوکڙي، ڀور ٿيا گلدان،
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
جيڪي آهن تو ڪيا، مرڪن ٿا احسان،
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
***
”مختيار“ ملڪ
غزل
شاعري شيش محل آ منهنجو،
آئينو هرڪو غزل آ منهنجو.
اڄ ملاقات توسان پهرين آ،
تنهنجو نالو ته ٻُڌل آ منهنجو.
چنڊ جو هم شڪل هيو شايد،
ڄڻ ته هُو اڳ به ڏٺل آ منهنجو.
پوءِ به رسمن ۾ ويو آ اُلجهي،
ذهن توڙي جو کُليل آ منهنجو.
هن جي وڇڙڻ جو ٻُڌي ڇرڪي ويس،
ڊيل جان هانءُ ڊنل آ منهنجو.
ڪوڪ ڪويل جي ٻُڌي مون ڀانيو،
درد اُن منجهه لڪل آ منهنجو.
تو وٽان مان ته هليو ويو آهيان،
ڪجهه ته تو وٽ به رهيل آ منهنجو.
سج ساڀيا جا کڻي آ ڪرڻا،
ماڪ ۾ خواب ڀنل آ منهنجو.
***
مظهر لغاري
غزل
ريشمي هن ڏور کي کولي ڇڏيو،
پنهنجي دل جي چور کي کولي ڇڏيو.
پيو سڙي پڇتاءُ جو قيدي شهر،
هن بُري ڀنڀور کي کولي ڇڏيو.
ڇو نٿا ڇوڙي ڇڏيو ڪارا ڪَڪر،
هن گهٽا گهنگهور کي کولي ڇڏيو.
موت جي پوري ڇڏيو هن ماٺ کي،
زندگيءَ جي شور کي کولي ڇڏيو.
پيو رسو ماپي اڃا هن جي ڳچي،
هاڻ منهنجي دؤر کي کولي ڇڏيو.
نصير مرزا
خوبصورت ڪوڙ
نه هن جو
چهرو چنڊ جهڙو آهي
نه اکيون ڪنول
۽ نه ٻانهون سون
اها ته هن بابت صرف شاعري آهي
۽ حقيقت
صرف ايتري آهي
ته هوءَ مٽيءَ جي مورت آهي
۽ مان
اِنهيءَ مٽيءَ جي مورت جو ئي
عاشق آهيان
سچو عاشق!
(يوسف ناظم جي ڪتاب مان ڀرتري هريءَ جو ترجمو)
”آثم“ ناٿن شاهي
ڪرڻي - ڀرڻي
تنهنجي گهر جي آڳر وارو
در به جڏو آه.
پوءِ به تنهنجو
هر هڪ ماڻهوءَ ساڻ ڦڏو آ.
تنهنجي گهر جي چوديواري ڀي ننڍڙي آهي،
پو به عيالي پاڙي وارن
ساڻ هميشه؛
تنهنجي انڊڙيَ بنڊڙي آهي.
تنهنجي گهر جي پيڙهه به
ايڏي پڪي ناهي، پوءِ به؛
سڀڪنهن سان روزانو
تنهنجي ”بڪ بڪ“ جهڪي ناهي.
تنهنجي گهر تي ڀي ڪا بيٺل
چوڪي ڪانهي،
پوءِ به ”هن هُن“ سان تو پنهنجي
کؤنس ڪَڏهن ڀي روڪي ڪانهي.
اهڙن پرڪارن سان پنهنجي ڳوٺ اندر؛
ڳاٽ کڻي ڪيئن گهمندين تون؟
ٻانهن هڻي
ڪيئن هلندين تون؟
”بخشڻ“ مهراڻوي
انتظار
يڪتارا وڄن ٿا،
درگاهه جي اڱڻ تي
چانڊوڪي لٿل آهي؛
صوفي سڀ قرار ۾ آهن،
گيڙو رتو گيت،
اڄ تنهنجو غم ٿو ياد ڏياري.
وجداني واٽن تي،
تون ڄڻ تصور جي دونهي ۾ ڌنڌلڪي مان،
”حق موجود“ جي هوڪي جيان اُڀري ٿي اچين!
تنهنجي اوسيئڙي ۾
فقط اکيون سلامت آهن.
تو ڪڏهن اکين ۽ پکين کان پڇيو آهي؛
”وڇوڙو
مَن اندر جي آستاني تي
ڪيئن نه اوتارا اَڏي ويندو آهي؟“
ماضي جا مجاور،
مونن ۾ منهن وجهي،
پنهنجي ماٺ هٿان،
پاڻ کي اندران ئي اندران،
کاٽ هڻندا ٿا رهن.
”ڪهڙي طوفان ايندين اُهو طرف ڏسان،
جانڻ چَن پرينءَ جو ديدار پسان.“
صوفي سُنگ ۾ ڳائن ٿا.
هي تنهنجي اچڻ جا آسڻ آهن،
يا گهاٽي بڙ جا پن ٿا لڏن؛
دل جي درگاهه تي،
گيڙو رتو گيت،
اڄ تنهنجو غم ٿو ياد ڏياري.
هي اندر جون اوڇنگارون،
هي سڏڪن جا سانوڻ،
سڀ تنهنجي انتظار ۾ آهن!
”سوز هالائي“
گيت
اکڙيون عيد ڪنديون، جڏهين ايندين تون،
ڪڏهين ايندي تون؟
وسندا محبت مينهڙا، ڀِڄي پوندي ڀُون،
جڏهين ايندي تون.
پرچي سرچي پونديون، ديدن سان ديدون،
جڏهين ايندي تون.
پاڻ به گل گلاب جيئن، ٽڙي پونداسون،
جڏهين ايندي تون.
کارايان کنياتي کي مکڻ جون چوريون،
جڏهين ايندي تون.
ڏينديس ڀت نگر تي، باسيم جي باسون،
جڏهين ايندي تون.
ورهائينديس سرتين ۾، ڀري کير وٽيون،
جڏهين ايندي تون.
چانڊوڪيءَ ۾ شاهه جون وايون ٻڌنداسون،
جڏهين ايندي تون.
منهنجي ڀاڳ سڀاڳ سان، ريس ڪنديون راڻيون،
جڏهين ايندي تون.
***
احمد سولنگي
نظم
هي برف باري سفيد دريا،
ڪٺار تي ڪا سفيد ٽڪري؛
ٿڌي هي موسم ۽ سرد ساحل،
اڇن تهن تي اداس ڪڪري.
زمين ويڙهيل ڪفن ۾ آهي،
ڪئي وئي آ سفيد پوشي؛
۽ برف ڀريل بدن ۾ آهي،
دلين ۾ وِلهه ۽ کُلي خموشي.
ڪپاهه جهڙيون وڻن جون ٽاريون،
پگهاريل ڄڻ پنن تي چاندي؛
هي برف ۾ ڏس حساس ٻوٽا،
۽ سرد رستو، هوا پيادي.
پکي ڊسمبر اُڻن پيا ٿا،
مفاصلن جي گهٽاءِ موسم؛
اچي برانڊي بدن کي تون ڏي،
وسار ويڇا نڀاءِ موسم.
منير سولنگي
ماٺ ۾ ڪيسين رهان؟
سور مان ڪيڏا سهان؟
عمر هي ٿوري لڳي.
منهنجي من جو آسرو تون،
تو سوا مان ڪجهه نه هان،
عمر هي ٿوري لڳي.
چنڊ چانڊوڪي وسائي،
تنهنجي رخسارن مٿان،
عمر هي ٿوري لڳي.
رُت گلابن جي به آئي،
تنهنجو اوسيئڙو اڃان،
عمر هي ٿوري لڳي.
گهاوَ دل جا ڪين ڀريا،
تنهنجي ئي درشن بنان،
عمر هي ٿوري لڳي.
***
مقصود گل
دوها
درد اندر ۾ ٻين جا پائي ٻهڪي آءٌ ٻران،
سچ جو ڏيئو تيز هوا ۾ تاري روءِ تران.
پنهنجي ننڍڙي جوت جياري جيئان ۽ جرڪان،
اونداهيءَ جي ارڙ بلا سان اٽڪيو ٿو اٽڪان.
مارڻ وارا مارڻ چاهن، مرڻو ناهيان مور،
چنڊ ۽ سج ستارن ۾ ٿو نکري منهنجو نور.
سرمد ۽ منصور، بلاول، شاه عنايت باک،
سڀني گڏجي ڇا ته ڏني آ سچ صبح جي ساک.
گيڙوءَ ورنا گيت لکان ٿو ڌرتي تنهنجي لاءِ،
نيٺ ته ايندو چنڊ چِتا تي، وينا خوب وڄاءِ.
راوت پنهنجي روءِ نه بدلي، بدلي جوت جهان،
جهڪڻا ناهن مور نه جهڪندا، اڻ جهڪڻا انسان.
ڪنڀر واري چڪ چڙهي ڪيئن مٽيءَ پاتو مان،
سرجڻهاري سُونهن ڏئي ويس ڇا ته ڪلا جو شان!
اوندهه جي پوڄاريءَ جو آ دين ڌرم سڀ ڌوڙ،
پنهنجي من ۾ جوت جياري جرڪي پيار پروڙ.
چنڊ ٻٻر جي ٽارين وچ مان ائين ٿي ڀاسيو رات،
ڏاتياري کان ڄڻ ته رُسي وئي ڏک ڏئي اڄ ڏات.
ڏات ڪڻيون جيئن سيني سِپَ ۾ ارپي ويو الهام،
سوچ ستارا بڻجي مرڪي، جرڪيا خيال خيام.
آءٌ ته ڪجهه ڀي ناهيان سائين، سڀ ڪجهه آهي سچ،
اندر ۾ جو ٻاري بيٺو موسيٰ وارو مچ!
موهن واري نچڻي ٻيهر نيٺ ته نچڻي آ،
آزاديءَ جي سيتا ديوي نيٺ ته اچڻي آ.
شاهه ڀٽائي! سٽ سٽ تنهنجي بيشڪ باک ڀني،
شيخ اياز به ڌرتيءَ کي آ جڳ جڳ جوت ڏني.
حامي، سامي، سام، سچل سڀ ڏات رتاوان لال،
ڇو نه چوان استاد بخاري دردوندن جي ڍال.
رُت رُت ريکا، رام ڪهاڻي سنڌو آ ست رام،
ڀخشوءَ جي ڪو بات نه سمجهي، پٿر کي پرنام.
پوپٽ گل جي ٽٽڻي ناهي پيارا نيٺ پريت،
ڀل ته مٽائي دنيا ساري پنهنجي ريت پريت.
***
جلال ڪوري
ڪافي
ساجن کي ساري،
اُڪنڍيو آهون ڪري.
هينئون منهنجو هُت ٿو، پَهون پياري،
ساجن کي ساري.
هِت جڏيءَ سان جيڏيون، گهنگهر ٿو گهاري،
ساجن کي ساري.
من منهنجو ونگيو، لالڻ لوئياري،
ساجن کي ساري.
عربي تنهنجي عشق جي، ڳالهه جنهين ڳاري،
ساجن کي ساري.
عمر! تنهنجي آڇ هو ٿري ٿوڪاري،
ساجن کي ساري.
|