سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :13

ڳوٺ مراد جمالي (هليليءَ) جي الهندي ٽڪريءَ تي موجود قبرن ۾ هڪ وچين قبر ۾ پيل مٽيءَ ۾ هڪ ٻارڙيءَ جي جسم جي هڏن جو سالم ڍانچو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، جنهن جو مٿو ڏکڻ طرف ۽ پير اُتر طرف هئا. انهن قبرن جو فرش آهري يا بندر نما آهي. يعني چئن پاسن کان پٿرن جا بلاڪ ۽ وچ ۾ مٽيءَ سان ڀريل، جنهن ۾ لاش پيل آهن، پر هاڻ محض هڏا نظر اچن ٿا. ٻاري نما اهي فرش زمين جي سطح سان بلڪل برابر آهن. انهن قبرن بابت تفصيل سان بيان اڳتي ايندو. ان کان الڳ اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته انهن ماڻهن کي ”رومي“ ۽ قبرن کي ”رُوميءِ يا رُومين جون قبرون“ آخر ڇو ۽ ڪيئن ڪوٺيو ويو؟ اهي واقعي رُومين جون قبرون آهن يا ڪن ٻين ماڻهن جون قبرون آهن، جن جي رسمن ۽ روايتن ۾ اهڙي نموني جون قبرون جوڙڻ شامل هو. گهٽ ۾ گهٽ پٿرن تي لکيل دعائن، آيت الڪُرسي ۽ قرآن شريف جي ٻين آيتن منجهان اهو يقين ٿئي ٿو ته اهي مسلمانن جون قبرون آهن پر قبرن تي نقش نگاري، انهن جي طرز تعمير ۽ مڙهه رکڻ جي نموني مان وري لڳي ٿو ته اُهي جهڙوڪر غير مذهب ۽ ناستڪ هئا. جيڪڏهن اهي قبرون رومين جون ۽ مسلمانن جون به نه آهن ته نيٺ ڪنهن جون ٿي سگهن ٿيون؟ انهيءَ ڳالهه جي تصديق لاءِ تاريخ ۾ جهاتي پائڻ نهايت لازمي ٿيو پوي.

ڪن تاريخن ۾ سڪندر مقدونيءَ کي رومي ڄاڻايو آهي، جيڪو اڳتي هلي يونان سان گڏ دنيا جي وڏي حصي جو فاتح ۽ حڪمران بڻيو. سڪندر اعظم 327 قبل مسيح ۾ سنڌ طرف آيو ۽ 324 قبل مسيح تائين ٽي ورهيه سنڌ ۾ رهيو (2). سڪندر اعظم پنهنجن واقعات نگارن، محققن ۽ جاگرافيدانن کي سنڌو درياهه جا وهڪرا معلوم ڪرڻ طبعي تحقيق وسيلي هتان جي آمدورفت جي ذريعن جي پڙتال کان علاوه هتان جي جاگرافي مرتب ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. سڪندر اعظم صرف ٽي ورهيه هِت رهيو. انهيءَ عرصي دوران هزارين يوناني سپاهين ۽ سلطنت سان لاڳاپيل ماڻهن رلي ملي مقامي ماڻهن سان شاديون ڪيون (3). انهيءَ انومان پٺيان صرف نسل جي ميلاپ يا نسل جي باقيات جو عنصر ملي ٿو ليڪن طرز تعمير، رهڻي ڪهڻي، پرڻي مرڻي ۽ مدفن بابت ڪوبه اشارو موجود ناهي. سڪندر اعظم جي تسلط واري دؤر ۾ غالب قوم جي ناتي مغلوب قوم (يوناني ۽ رومي) جي ماڻهن جي رسم رواج، ڌرمي نيم ڌرمي ريتن، مذهب، سماجي ۽ ثقافتي سر گرمين وسيلي انهن جي تبديلي يا اثر ۽ ميل جي ٻين روايتن ۾ ڪابه تبديلي نٿي نظر اچي جنهن مان اشارو ملي سگهي ته سڪندر مقدوني جي غلبي دوران سنڌ جي ڌرمي يا نيم ڌرمي روايتن تي اثر جو تاثُر ملي ۽ هتان جي ماڻهن جي مذهبي روايتن تي يونانين يا رومين جو اثر غالب پيو هجي. سنڌ جي جهوني محقق ۽ آثار قديمه جي ڄاڻو محترمه تاج صحرائي هڪ ذاتي ڪچهريءَ ۾ ٻڌائيندي چيو هو ته ”جيڪي به قبرون ۽ مقبرا اُڪر ٿيل پٿرن جا اڏيل آهن انهن کي رومي سڏبو آهي ۽ انهيءَ طرز تعمير کي رومي طرز تعمير ڪوٺيو ويندو آهي.“ سندس خيال موجب اُڪريل ۽ نقش نگار ٿيل پٿر جي سِرن جون جڙيل اهي قبرون محض رومي طرز تعمير سڏبيون آهن. چٽن گلن ۽ نقش نگار ٿيل پٿر جون ٺهيل ڪي قبرون شامي طرز تعمير جي ساک ڀرين ٿيون (4). انهيءَ مان لڳي ٿو ته اهڙين قبرن جي محض اڏاوت ۾ ڪم آيل اُڪريل پٿرن ۽ طرز تعمير سبب رومي يا شامي قبرون سڏجڻ ۾ آيون. انهن جي طرز تعمير رومي يا شامي هجڻ واري زمري جي ڪري کين چيو ويو، پر انهن قبرن جي بناوت ۽ اڏاوت کان علاوه ڌرمي ۽ نيم ڌرمي رسمن يا روايتن جو رُومين سان ڪوبه تعلق نظر نٿو اچي ۽ نه ئي اهڙو گمان ڪري سگهجي ٿو ته ڪي اهي قبرون رومي آهن. البت انهن قبرن جو تعلق شامين سان هجڻ بابت گمان ڪري سگهجي ٿو. اهي رومي يا شامي طرز تعمير جون قبرون اصل ۾ ”زرد شتي مذهب“ سان تعلق رکندڙ اهڙن ماڻهن جون قبرون آهن جيڪي جنگ قادسيه جي فتح کان پوءِ شام ۾ رهائش پذير ٿيا جنهن ڪري پوءِ شامي سڏجڻ ۾ آيا پر پنهنجيون اڳيون (ڌرمي) روايتون (نيم ڌرمي رسمن جي صورت ۾) نسل در نسل برقرار رکندا آيا (5) ائين ٿو معلوم ٿئي ته جنگ قادسيه کان پوءِ مفتوح ايراني زردشتي مذهب سان تعلق رکندڙ هئا جيڪي پوءِ مسلمان ٿي شام طرف لڏپلاڻ ڪري اچي اُتي ساڪن ٿيا. ڇاڪاڻ ته جنگ قادسيه کان اڳ ساساني فرمانروا زردشتي مذهب جا پيروڪا هئا ۽ انهن جي ڏينهن ۾ زردشتي مذهب جي مذهبي ڪليسا پنهنجي پوري سگهه سان حڪومت ۽ رعيت جي مٿان ڇانيل هئي. اهي ماڻهو مسلمان ٿيڻ ۽ شام ڏانهن لڏي وڃڻ کان پوءِ به پنهنجي شروعاتي زردشتي مذهب جي ڪجهه روايتن کي سانڍيندا آيا. زردشتي يا پارسي مذهب ايران جو اوائلي مذهب ليکيو وڃي ٿو. انهيءَ مذهب جو پيغمبر يا باني زردشت آهي. اهو زردشت آڳاٽي زورئسٽر جو اوتار ليکجڻ ۾ آيو، تنهن ڪري مٿس ساڳيو نالو پيو. انهيءَ پيغمبر پارسي مذهب کي ٺاهي جوڙي علحدو ڪيو، اِنڪري اهو هاڻي پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ سڏجي ٿو(6). معلوم ٿئي ٿو ته زردشتي مذهب تمام آڳاٽو ۽ اوائلي هو. زردشت کان به اڳ هن مذهب جو نمونو موجود هو، جنهن کي گهڻو پوءِ زردشت سنواري، سڌاري ترتيب ۾ پيش ڪيو. زردشت گهٽ ۾ گهٽ عيسوي سن کان ڇهه سئو سٺ ورهيه اڳي (660 ق.م.) ٿي گذريو آهي. پر ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا موجب انهيءَ کان به اڳي ٿي گذريو هجي ته عجب ڪونهي(7) انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته زردشت سڪندر اعظم کان ڪي سؤ سال اڳ دارا اعظم جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. داستان ۾ ڄاڻايل هندو راجائن جنهن وقت باختر (Bectria) ۾ راڄ پئي ڪيو تنهن وقت تائين ايران وارا پارسي ۽ هندستان وارا آريا لوڪ اڃان هڪ قوم هئا(8) تنهن زماني ۾ هندستان وارا آريا ۽ پارسي هڪٻئي ۾ رليل مليل هئا انهن جي دين ڌرم ۽ رهڻي ڪهڻي کان علاوه علائو به ساڳيو هو. ائين ٿو لڳي ڄڻ هندو ۽ پارسي هڪٻئي جا ويجها آهن ۽ ثقافتي طرح بلڪل هڪ هئا (9). بظاهر ته پارسي يا زردشتي مذهب رکندڙ ماڻهن جون مذهبي روايتون، انهن جي پوڄا پاٺ ۽ عبادت جا طور طريقا الڳ ٿلڳ نظر اچن ٿا پر انهن جي مذهب ۾ ڪي اهڙيون هڪجهڙايون موجود آهن جيڪي گمان پيدا ڪن ٿيون ته ڄڻ اُهي ڪنهن هڪ اڏ جا ڪانا هجن. انهن ۾ مذهبي هڪجهڙايون ۽ انهن جو پاڻ ۾ ويجهڙائپ وارو عنصر ظاهر ڪري ٿو ته ڪنهن وڏي عرصي تائين يا ته هڪٻئي جي قريب رهيا آهن يا وري انهن ۾ ميل جول جو گهرو سبنڌ رهيو آهي، جنهن ڪري انهن جي مذهبي روايتن ۾ هڪجهڙائي نمودار ٿي. ائين کڻي چئجي ته هڪ ٻئي جي مذهبي روايتن کي اُنهن پنهنجو ڪيو يا پنهنجي مذهبي روايتن ۾ شامل ڪيو. ڀيرومل مهرچند سندن انهيءَ مذهبي هڪجهڙائي يا سندن مذهبي ڪتابن ۾ هڪٻئي جي مذهبي روايتن يا نالي وغيره جي ذڪر جي نسبت سان تفصيلي بحث ڪيو آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته ايران جي پارسين جو ڌرمي ڪتاب ”زند اوستا“ آهي، جيڪو پهلوي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جيڪا پارٿين  (Parthians)لوڪن جي ٻولي آهي، رگ ويد ۾ پارٿو  (Partho) لفظ ڪم آيل آهي. اهي شايد پرڻين جيڪو اُچار ڦري پهلو  (Phlva) ٿيو. رگ ويد ۾ نالو پرشو (parciava) ڪم آيل آهي. اهي شايد پرشين هئا (Parthian) هئا، جن جو نالو پرشيا (ايران) تي پيل آهي. هندن جي رگ ويد ۽ پارسين جي زند اوستا جي ٻولي هڪٻئي سان نهايت مشابهه آهي.

سنسڪرت ۽ ايراني ٻولين ۾ پڻ گهڻي هڪجهڙائي موجود آهي، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته يورپ وارن آرين کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ايران ۽ هندستان وارا آريا لوڪ ڪنهن هڪ هنڌ گهڻو وقت گڏ رهيا هئا، تنهنڪري هڪٻئي کان ساڳيا مذهبي خيال پرايائون ۽ سندن ٻوليءَ ۾ هڪجهڙائيءَ جو عنصر شامل ٿي ويو (10) انهيءَ هڪجهڙائيءَ جي قطح نظر جيڪڏهن هندو ڌرم، ڌرمي خيال ۽ روايتون، انهن جون عبادت گاهون، مرڻ ۽ مدفن وارين روايتن يا رسمن جو جائزو وٺجي ٿو ته ڪافي فرق نظر ايندو. توڙي جو ڪي ڌرمي خيال ۽ روايتون ٻنهيءَ ۾ هڪجهڙيون موجود آهن، پر ڪن خيالن يا ڌرمي رسمن ۾ ڪافي فرق نظر اچي ٿو. مثال طور هندو ڌرم وارا مڙهه کي چکيا چاڙهين يا ساڙين پر زردشتي يا پارسي مڙهه کي ساڙڻ بجاءِ ”خاموشيءَ جي برج“  (Tower of Silence) تي رکن. انهيءَ فرق بابت به ڪاڪي ڀيرومل تحقيقي عرق ريزيءَ کان ڪم وٺندي بحث ڪيو آهي ۽ هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿو ته بعد ۾ زردشت جي پيدائش کان اڳ سندن وچ ۾ اهي مذهبي مت ڀيد پيا نه ته هندن ۽ پارسين جي هڪ ئي برادري هئي، ۽ پوءِ ٻه علحديون قومون ٿيون. زند اوستا ۾ سنڌ جي ذڪر کان علاوه ٻيون مذهبي روايتون به آهن، جيڪي هندستان جي آرين جون آهن يا انهن جي مذهب ۾ شامل آهن. پروفيسر ميڪس ملر کي ويدن ۽ زند اوستا جي اڀياس مان ائين سمجهڻ ۾ آيو ته پارسين جا ابا ڏاڏا پهريان هندستان آرين سان ڪو وقت هندستان ۾ گڏ رهيا ۽ پوءِ پاڻ ۾ ناسازي ٿين ته پارسين جا ابا ڏاڏا هندستان مان لڏي ار ڪوشيا  (قنڌار) ۽ ايران ۾ بيٺڪون وجهي وڃي رهيا. ڊاڪٽر انباش چندرداس به اهو رايو ظاهر ڪيو آهي ته پارسين جا ابا ڏاڏا اصل ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندا هئا (11). ائين لڳي ٿو ته هندن ۽ پارسين جي ثقافتي هڪجهڙاين يا انهن جي ڌرتي ڪتابن ۾ ڪن هڪجهڙاين جي پيش نظر انهن کي هڪ هنڌ رهڻ يا هڪ ئي اڏ جو ڪانو سمجهيو ويو. جڏهن اهي هڪ هنڌ گڏ رهيا يا انهن کي هڪجهڙاين سبب سمجهجي ته سندن برادري ساڳي هئي ته پوءِ انهن پارسين سنڌوءَ ماٿريءَ کي ڪهڙن سببن جي ڪري خيرآباد چيو؟ انهي سلسلي ۾ پڻ ڪاڪي ڀيرومل رهنمائي ڪئي آهي ته رگ ويد ۾ زورئسٽر (اهر مزده) ۽ اندر ديوتا جي وچ ۾ اڻبڻت جو ذڪر ۽ اندر ديوتا جي پوڄا نه ڪرڻ تان پارسين خلاف نفرت ۽ خون ريز جنگ جو پڻ تاثر ملي ٿو. (12) گمان پيدا ٿئي ٿو ته انهيءَ اوائلي دور ۾ اڻبڻت ۽ ڌرمي اختلاف جي دوران پارسي سنڌو ماٿريءَ ۽ ان جي پسگردئيءَ ۾ ڪي به آثار ڇڏي نه سگهيا هوندا. ڇاڪاڻ ته مذهبي ڀيد يا تلخين جي شروعات ۾ اختلاف وڌيا هوندا ۽ پارسي مذهب ڪا ايتري تڪڙي پذيرائي حاصل ڪري نه ورتي هوندي جو انهن جون مذهبي علامتون ڪن آثارن جي صورت ۾ سنڌوماٿريءَ ۾ رهجي وڃن. جنگ يا خونريزيءَ جي عالم ۾ اهو ممڪن ئي نٿو لڳي. ٻيو ته شروعات ۾ اهي بلڪل ٿورڙائيءَ ۾ هوندا، تنهنڪري پنهنجي ۽ پنهنجي مذهبي روايتن جي بقا لاءِ سرگردان هوندا. ڌرمي اختلاف پيدا ٿيڻ سبب انهن لاءِ ضرور ڌرتي تنگ ڪئي ويئي هوندي ۽ انهي صورتحال ۾ پارسين جي غالب ٿيڻ جو ڪوبه گمان ڪري نٿو سگهجي. انهن هارمڃڻ کان پوءِ ٻين خطن ڏانهن لڏي وڃڻ کي ترجيح ڏني هوندي، جنهن جو تاثر نمايان ملي ٿو. انهيءَ مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪي به اڻمٽ آثار ڇڏي نه سگهيا هوندا. جيڪڏهن انهن پارسي لوڪن جو اصل وطن يا اوائلي ڏيهه اتر هندستان سمجهجهي به سهي پرگمان غالب آهي ته انهيءَ مذهب جي صحيح نموني ۾ پذيرائي ۽ ڦهلاءُ ايران جي سرزمين تي ٿيو هوندو، جتي گهڻو پوءِ زردشت جنم ورتو، جنهن مذهب کي سميٽي ان جو پرچار ڪيو. ظاهر آهي ته انهيءَ بيوسيءَ واري ماحول ۾ پارسين جا اهي ابا ڏاڏا اتر هندستان ڇڏڻ وقت پنهنجون مذهبي روايتون ساڻ ڪري وڃي ايران ۽ قنڌار ۾ سڪونت پذير ٿيا هوندا ۽ ڪي لازوال يا چٽا اهڃاڻ ڇڏي نه سگهيا هوندا، جنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هندستان يا سنڌوماٿريءَ ۾ انهن جي انهيءَ اوائلي يا شروعاتي دور جا ڪي به آثار موجود ٿي نٿا سگهن. دنيا جي ٻين خطن ۾ جيڪڏهن هن مذهب سان تعلق رکندڙ ڪي آثار موجود هوندا يا آهن به سهي ته يقيناً اهي ايران جي ڌرتيءَ تي اسري ۽ نسري پوءِ دنيا جي ٻين حصن ڏانهن نڪتا هوندا يا هيءُ مذهب پکڙيو هوندو اُهو به ممڪن آهي ته هندستان جي آرين ۽ انهن سان گڏ گذاريندڙ پارسين جا ابا ڏاڏا مذهبي مت ڀيد پيدا ٿيڻ ۽ خونريزي جي ماحول کان تنگ اچي بيڪسيءَ ۾ جڏهن لڏيا هجن ته انهن اتر،الهندن جابلو سلسلن جو رخ رکيو هجي. انهن جابلو سلسلن ۾ وهندڙ قدرتي چشمن ۽ انهن جي آسپاس ماٿرين جي زمين جي سانگي انهن کي مسڪن بنائي رهيا هجن. انهيءَ انومان منجهان ائين به وسهن ۾ اچي ٿو ته اهي انهن ماٿرين ۾ ڳچ عرصي تائين رهيا هجن ۽ پوءِ ڊاٻا ڪندا ايران ڏانهن اُسهيا هجن. اهو خيال به سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته شايد انهن منجهان ڪي قبيلا بعد ۾ انهن ماٿرين ۾ مستقل طور رهجي ويا هجن ۽ سندن واسطو سڌي يا اڻ سڌي طرح ايران جي انهيءَ اوائلي مذهب ۽ انهي مذهب جي پيروڪارن سان رهندو آيو هجي ۽ بعد ۾ مڪمل طرح صفحئه هستيءَ تان ميسارجي ويا هجن ۽ هن خطي (اترهندستان ۽ سنڌوماٿري) ۾ سندن نالو نشان نه رهيو هجي. تنهن هوندي به اهو يقين سان چئي نٿو سگهجي ته انهن گمانن جي تصديق ۾ انهن جا آثار يا اُهڃاڻ کير ٿر جبل جي قطار کان سليمان جبل تائين يا اڃا به اڳتي اتر طرف پهاڙن ۾ رهجي ويا. هجن، جيڪي انهن پارسين جا هجن، جن مذهبي مت ڀيدا پيدا ٿيڻ وقت هندستان کي الوداع ڪيو هو. اهي امڪان محض انومان ئي ٿي سگهن ٿا.

دراصل پارسي يا زردشتي مذهب وڌيڪ پختگي ۽ آزادي زردشتي فڪر جي اڳواڻ زردشت کانپوءِ حاصل ڪئي. جنهن انهي مذهب کي سنواري ۽ سڌاري نئين سر تشڪيل ڏيئي پيش ڪيو، ۽ جنهن جي نالي پٺيان اهو مذهب بعد ۾ سڏجڻ ۾ آيو. اِهو ايران جي سرزمين تي اسريو ۽ وڌندو ويجهندو عروج کي رسيو ۽ بعد ۾ ايشيا ڏانهن به پکڙيو. زردشتي مذهب جو ذهني ديوتا ”اهرمزده“ آهي ۽ سندن مذهبي ڪتاب ”زنداوستا“ آهي. ايران تي سڪندراعظم جي حملي کان پوءِ هي مذهب ڪي قدر ڪمزور ٿيو ۽ منجهس ڪنهن حد تائين ڦيرڦار ٿي. ايران جي زردشتي فرمانروائن ۾ هخامنشي جو نالو، هن مذهب کي پذيرائي ڏيارڻ ۾ اهميت سان ڳڻيو ويندو آهي. سڪندر اعظم جي حملي وقت ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ هن مذهب وري ٻيهر سا سانين جي دور ۾ زور وٺڻ شروع ڪيو ۽ نئين سر ساهه کڻندي پوري قوت سان نروار ٿيو. سا سانين جي سلطنت جي دور ۾ مذهبي ڪارگذارين کان علاوه هن مذهب جو سياسي، سماجي ۽ حڪومتي وهنوار ۾ زور رهيو. در حقيقت زردشتي مذهب جي پيڙهه دقيانوسي ۽ طبقاتي اڻ برادري وارين سوچن کي مستحڪم بنائڻ کان سواءِ اعليٰ انساني اخلاقي قدرن جي پستيءَ جي گهراين ۾ رکي ويئي هئي. انهيءَ لحاظ کان سا سانين جي دور ۾ زردشتي مذهب جي ڪليسا قوت جون ڄڻ سموريون سرحدون اورانگهي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻجي ويئي هئي. مذهبي عوامل کان سواءِ شهنشاهي ڪاروبار ۾ زردشتي مذهبي ڪليسا جو اهم ڪردار ۽ اثر رسوخ رهيو. ساساني حاڪمن کان پوءِ حڪم انهن جي وزيرن ۽ منصبدارن جو هلندو هو ۽ انهن منصبدارن جي برابر جيڪڏهن قوت يا حيثيت ڪنهن جو هوندي هئي ته اها مذهبي ڪليسا هئي. مذهبي ڪليسا جو زور انهن جاگيرون رکندڙ منصبدارن ۽ وزيرن کان به وڌيڪ هوندو هو انهيءَ جو ڪارڻ ڪليسا جي ملڪ گير تنظيم ڪاري وارو ٻل يا طاقت هئي، جنهن جي ذريعي ٻڌي ڇوڙيءَ جي ذري گهٽ مالڪ هئي. ڪليسا جو ملڪ گير سربراهه ”مؤبدان مؤبد“ سڏبو هو، ۽ هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ ڪليسا جو ” مؤبد“ رهندو هو. ملڪ جا ”مؤبد‘ انهي ڪليسا جي اعليٰ سربراهه جي چونڊ ڪندا هئا. موبدن کي ڳوٺن يا شهرن ۾ وڏي پيماني تي زمينون ۽ جاگيرون مليل هونديون هيون. انهن جي معاملن ۾ ملڪ جو سربراه يا شهنشاهه به دخل نه ڏيندو هو ڪليسا جي سربراه جي پهچ درٻارن تائين هوندي هئي، ايتري تائين جو شهنشاهه جي چونڊ وقت آخري فيصلي تي تصديق ڪليسا جو سربراهه ”موبدان موبد“ ڪندو هو. هيءُ ڪليسا صرف جاگيردار طبقي جي ترقي ۽ ان جي مضبوطيءَ جي حق ۾ هوندي هئي. طبقاتي مت ڀيد ۽ اونچ نيچ کي قائم رکڻ جي طرفدار هوندي هئي. اها ڳالهه انهيءَ مان واضع هئي ته ساسان دور ۾ هر طبقي تي پنهنجو پنهنجو پيشو يا ڪم مقرر ٿيل هوندو هو. ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي پيشي اختيار ڪرڻ جو نه مجاز هو نه وري کين اهڙو حق ئي حاصل هو. هاري کي ته هارپو ڪرڻو ئي پوندو هو، پر سندس اولاد کي به ڪليسا پاران هارپو ئي لکيل هوندو هو. هڪ مرد ڪيتريون زالون رکي سگهي پيو. پر ان جو دارومدار ان جي مالي حالت تي هو، سو قانون به جاگيردارن ۽ منصبدارن جي ئي مفاد ۾ اچي ٿي ويو. زردشتي مذهب کان انڪار ڪندڙ وڏو ڏوهي ليکيو ويندو هو. ڪوبه زردشتي مذهب کان انحرافي ڪندو هو ته ان جي سموري ملڪيت ضبط ڪري سندس مائٽن (زردشتي مذهب جا پيروڪار) ۾ ورهائي ويندي هئي(13). هارين، ڪمين ۽ ڪاسبين کي بنا معاوضي زوري فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو. مطلب ته سا ساني دور حڪومت ۾ مذهبي ڪليسا مڪمل ڪرتا ڌرتا جي علامت هئي ۽ پوري زور سان حڪمرانيءَ تي ڇانيل رهي، جنهنڪري غريب طبقي گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول محسوس ڪيو ٿي.

مسلمانن حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ جي دور خلافت ۾ (اٽڪل 37، 6436ع) جنگ قادسيه کان پوءِ ايران فتح ڪيو ۽ 651ع ۾ سا سانين جي آخري حڪمران کي هڪالي ايران تي مڪمل غلبو حاصل ڪري ورتو. مسلمانن زردشتين کي انتهائي هيڻو ۽ نٻل بنائي ڇڏيو. کين هر طرح سان دٻاءُ رکندا آيا.

مسلمانن زردشتين کي گبر  (Gabars) يعني ڪمزور عقيدي وارا، ڪافر يا ناستڪ ڪوٺڻ شروع ڪيو، ليڪن زردشتي مذهب جي پيروڪارن انهيءَ لقب کي قبول نه ڪيو ۽ انهيءَ خطاب (گبر) کي رد ڪندي پاڻ کي ”بحادين“ ڪوٺيائون، جنهن جي معنيٰ آهي سٺو مذهب رکندڙ يا جن وٽ دين جي تازگي هجي (14). ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته زردشتي مذهب وارن کي جڏهن ”گبر“ ڪوٺيو ويو، تڏهن کين اها ڳالهه نه آئڙي ۽ پنهنجي مذهب تي قائم رهندي پاڻ کي ”بحادين“ ڪوٺڻ شروع ڪيائون ۽ اها روايت نسل در نسل برقرار رکندا آيا. جنگ قادسيه کان پوءِ زردشتي ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا ويا ۽ مسلمانن بعد ۾ کين اسلام جي تعليم موجب ”اهل ڪتاب“ (زند اوستا) سمجهي وڌيڪ تنگ ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، تڏهن ايران مڪمل طرح عربن جي غلبي هيٺ اچي ويو هو. عربن ايران پنهنجي قبضي هيٺ آندو ته اتي ڀاڄڙ پيئي. ڪي ڀڳا ته ڪي وري اتي ئي رهيا، جن پوءِ اسلام قبول ڪيو. منجهانئن ڪي مغل، ڪي افغان ڪي بلوچ ۽ ڪي ٻين ذاتين سان سڏجڻ لڳا (15) تن ڏينهن کان پاڻ کي انهيءَ حوالي سان سڏيندا آيا ۽ نسلن تائين انهيءَ روايت کي سانڍيندا رهيا. ڳوٺ واهي پانڌي (تعلقو جوهي) جي اولهه ۾ ٻن ڌارڌار ٽڪرين تي واقع قبرن ۾ ڪتب آيل پٿر جي اُڪريل سرن ۾ انهيءَ روايت جي تصديق موجود آهي. اهي قبرون ٻن الڳ ٽڪرين تي موجود آهن. الهندي جبلن جي چشمن ۽ ڪنبن مان وهي ايندڙ قدرتي طرح واهي، ڳوٺ واهي، پانڌيءِ جي اتر، اولهه ميدان ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ڪي قبرون انهيءَ واهيءَ جي اتر واري ٽڪريءَ تي ۽ ڪي ڏکڻ واري مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي واقع آهن. ڏکڻ واري ٽڪريءَ تي جيڪي قبرون آهن، سي آڳاٽيون ۽ قديم ڀانئجن ٿيون، جڏهن ته اتر واريون قبرون انهي کان پوءِ واري دور جون معلوم ٿين ٿيو. ڏکڻ واري ٽڪريءَ تي موجود قبرن ۾ استعمال ٿيل پٿر جي وڏين سرن يا بلاڪن تي صرف چٽن گلن واري نقش نگاري ٿيل آهي. گهڻي جاچ ۽ ڪوشش جي باوجود ڪابه عبارت وغيره اُڪريل نظر نه آئي، سواءِ ان جي جو هڪ قبر جي اُتر ۾ پيرانديءَ واري پٿر تي ”نوتڪ يوسف“ اُڪريل نظر آيو.  ٻين قبرن جا پٿر ضايع ٿيل ۽ پري پري پکڙيل هئا. اُن جي ڀيٽ ۾ جيڪي قبرون واهيءَ جي اُتر ۾ ٽڪريءَ تي آهن، انهن تي چٽن ۽ گلن جي گلڪاري ۽ نقش نگاريءَ کانسواءِ نالا، قرآن شريف جون آيتون، دعائون ۽ فارسي (پهلوي) زبان ۾ عبارتون اُڪريل آهن. انهن فارسي عبارتن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون. جيڪي مختلف قبرن جي ڪتبن ۽ قبرن ۾ ڪم آيل پٿرن تي اُڪريل آهن:

(1) ملا محمد رادو ڪلموند تراش، راز برادريا، اسحاق ڪوه تراش، پريا بحادين.

(2) ملا محمد نوشت (لوشت؟) است ايل کيتي نماند بجز مردني. ملا محمد رادو ڪلموند تراش، راز برداريا، اسحاق ڪوه تراش، پريا  بحادين.

(3) کيبا (کيبا يا کبيا؟) حل رني عمر علام سا........ (ڊٺل) ڪبيا (ڪيبايا ڪبيا؟) حل رني عمر علام سا، (ڊٺل).

(4) الله تحقيق مردني.

(5) الله لا الہ الاهو الحي القيوم ... (سڄي آيت الڪرسي)

(6) الامان آلامان يا منان الامان...

(7) نصر من الله فتح قريب...

انهن فارسي عبارتن ۽ قرآني آيتن يا دعائن کان علاوه ٻيون ڪي فارسي عبارتون اُڀريل اکرن ۾ اُڪريل آهن. مذڪوره عبارتن ۾ پهرين عبارت ۾ واضع طور تي لفظ ”بحادين“ موجود آهي، جنهن مان پڪو دليل نڪري ٿو ته اِهي قبرون رومين جون نه بلڪ ”زردشتي مذهب“ سان لاڳاپيل اهڙن ماڻهن جون آهن، جيڪي جنگ قادسيه کانپوءِ به ڳچ وقت زردشت رهيا، پر بعد ۾ مسلمان ٿيا. پهرين عبارت ۾ لفظ ”رادو“ شايد ”رازو“ آهي ۽ ”راز برادريا“ نالي شايد اهڙي قسم جي پٿرن تي اکر اُڪيرڻ وارو گروهه يا مهارت واري منظم برادري هئي. ”ڪوهه تراش“ منجهان سنگ تراش جو مفهوم ملي ٿو. ائين ٿو لڳي ته انهن قبرن جي تعمير يا اڏاوت ۽ انهن لاءِ پٿر تي اڪر جي ڪم ڪرڻ لاءِ باقاعده ماهرن جي جهڙوڪر ڪا ڪمپني (برادري) هئي، جن ۾ ڪي پٿرن تي اُڪر جو ڪم ڪندا هئا، ته ڪي وري اهي قبرون يا خانيدار ڪوٺيون جوڙي ڏيندا هئا ۽ انهيءَ جي اُجرت انهي ڪم سان منسلڪ ماڻهن جي گڏيل ڪمائي يا موڙي ۾ ويندي هئي. اهو گمان ”ملا محمد رازو“ ۽ ”اسحاق ڪوه تراش“ نالن جي بنياد تي ڪري سگهجي ٿو. ڪوه تراش کيرٿر جابلو سلسلي ۾ چشمي ۽ ماڳ جو نالو پڻ آهي. ممڪن آهي ته اها برادي اتي جي رهاڪو هجي پر لڳي ٿو ته انهن جي برادري يا خاندان اهوئي ڪم ڪندو هو. اِها برادري ڪوه تراش يا ڪنهن ٻئي هنڌ رهندي هئي، جيڪا پٿر جي اُڪر جو ڪم ۽ قبرن جي اڏاوت جو ڪم پيشي طور ڪندي هئي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڪوه تراش ۽ کيرٿر جبل جي الهندي پاسي جابلو علائقي (بلوچستان) ۾ سندن ڪي ٻيون قديم بستيون قائم هجن. اهڙين قديم بستين جو ذڪر ايڇ ٽي. لئمبرڪ بلوچستان جي علائقي ”ساروڻا“. ڪنراڇ، حب نديءَ جي الهندي ۽ اڀرندي ڪنارن تي ديوانا، دريجي، بهلور ۽ ٻين ۾ ڪيو آهي. ڪنراڇ ۾ ڪوٽ وٽ هڪ قديم شهر جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اُنهن ماٿرين ۾ ”گبر بندن“ جو به احوال درج ڪيو ويو آهي (16) اهو ممڪن آهي ته انهي علائقي ۾ قائم قديم بستين ۽ شهرن ۾ اهڙن پٿرن تي اُڪر جو ڪم ۽ اهڙين خانيدار قبرن جوڙڻ جو فن رکندڙ اهي ماڻهو ۽ سندن برادري رهندي هجي ۽ مذهبي لحاظ  کان هنن

 (واهي پانڌي وارن) سان لاڳاپيل هجي. ڇاڪاڻ ته اهي بستيون کيرٿر جبل جي هڪ لڪ گاري وسيلي ۽ لڪ ڦوسياند، روهيل ۽ ٻين ننڍن وڏن لنگهن وسيلي هن علائقي سان آڳاٽي زماني کان ڳنڍيل هيون. بهرڪيف انهن قبرن تي اڪر جي ڪم کان سواءِ جيڪي عبارتن ۾ لکيل شاهديون موجود آهن، انهن موجب گمان غالب آهي ته اهي قبرون رومين جون نه، بلڪه زردشتي مذهب سان تعلق رکندڙ اهڙن ماڻهن جون آهن، جن پوءِ اسلام قبول ڪيو، پر روايتون زردشتي مذهب واريون نسل درنسل منتقل ڪندا آيا. ان گمان جو پختو دليل قبرن جي هڪ پٿر تي اُڪريل لفظ ”بحادين“ آهي، جيڪو هنن پاڻ سان تڏهن منسوب ڪيو هو جڏهن مسلمانن کين گبر ڪوٺيو هو. انهي پارسي يا پهلوي ٻوليءَ جي عبارتن جو مفهوم مڪمل طرح پڙهي ۽ پرجهي ته نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته ڪوشش جي باوجود به پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه آيون آهن، اهي ٺيڪ طرح لکيل يا اُڪريل نه آهن، جنهنڪري مونجهارو پيدا ٿيل آهي.

ڳوٺ واهي پانڌي جي الهندي ٽڪرين تي واقع قبرن تي اُڪريل چٽ ۽ نقش نگاري کان سواءِ آيتن، عبارتن ۽ دعائن جي انفراديت منجهان هڪ اندازو اهو به آهي ته اهي ٻنهي ٽڪرين واريون قبرون الڳ دور سان منسلڪ آهن. ڏکڻ واري ٽڪريءَ تي صرف نالو اُڪريل آهي. جڏهن ته واهيءَ جي اُتر واريءَ ٽڪريءَ تي قبرن تي پٿرن تي نقش ۽ عبارتون پڻ آهن. ڏکڻ واريون قبرون آڳاٽيون آهن. انهن سان مشابهت رکندڙ وري ڳوٺ مراد جمالي (هليليءَ) جي ڏکڻ واري ٽڪريءَ تي واقع قبرون آهن. انهن ٻنهي ۾ گهڻي مشابهت آهي. ساڳيءَ ٽڪريءَ تي سماعيل فقير نالي هڪ شخص (مقامي روايتن ۾ بزرگ) جي مزار جو چبوترو آهي. سندس مزار جو چبوترو ۽ ان ۾ ڪم آيل پٿر جي وڏين سرن جي نقش نگاري هوبهو اهڙي آهي، جهڙي لسٻيلي ۾ ڄام علي خان، سندس گهر واري ۽ ڌيءُ جي ٺهيل هڪڙي ئي مزار تي آهي(17). سماعيل فقير جي مزار چئن کنڀن تي بيٺل آهي. اندر قبر جو ڪوبه نشان ڪونهي، صرف اکڙيل پٿرن جو ڍڳ آهي. مزار جي ڇت ڍاڪون نما گول آهي. ڇت جي گولائي سج جو تاثر ڏئي ٿي ۽ انهيءَ جي پٿرن تي به گول دائري يا اڌ گول جي دائري جيان نقش نڪتل آهن. ڪتب آيل پٿر پڻ حصن جي صورت ۾ گول جڙيل آهن. انهن جي وچ ۾ ڪنهن به اهڙي مسالي وغيره سان پٿر جي اوساري ٿيل نه آهي. ڪنهن به پٿر جي وچ ۾ چيرولي يا ڪنهن اهڙي گپ گاري وغيره جو هجڻ معلوم نٿو ٿئي، کنڀن يا ڍاڪون جهڙي ڇت کي ڏسي اچرج مجهان چوڻو ٿو پوي ته ڪهڙي نه مهارت ۽ ڏانوَ سان اهي پٿر هڪٻئي جي مٿيان سٿيا يا بيهاريا ويا آهن، جو انهن جي ترتيب ۾ ڪوبه ڦير نه آيو آهي. شايد اهي گهڻا وزني ۽ ڳرا آهن، جنهنڪري هڪٻئي سان چهٽيا بيٺا آهن. سندس ڍاڪونءَ جهڙي ڇت ”سورج“ جو ڏيک ڏئي ٿي. زردشتي مذهب ۾ سورج ديوتا جي به اهميت آهي. سج جي اها ڍاڪون نما ٿالهي روشني ۽ باهه جو تاثر به ڏئي ٿي. سڀني سامي مذهبن، ايران جي مذهبن ۽ سنڌو تهذيب جي نيم ڌرمي تهذيبي رسمن ۾ سج جي نشاني ٿالهي ۽ لڪيرون آهن (18). سماعيل فقير جي مزار جي احاطي ۾ ٻيون پنج قبرون آهن. هڪ سندس مزار جي قريب آهي، جنهن جو صرف فرش وڃي بچيو آهي، پر ٻيون چار قبرون انهيءَ  قبر جي اوڀر ۾ آهن. انهن چئني قبرون جا فرش پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.

پارسي مذهب جي مذهبي روايتن ۾ هڪ رسم اها به آهي. ته اُهي مڙهه جو آخري آرامگاهه ڪنهن تمام مٿانهينءَ جڳهه يا ٽڪريءَ تي جوڙين ٿا، جنهن کي ”خاموشي جو برج“ يا ٺلهه  (Tower of Silence) چيو ويندو آهي، جيڪو بلڪل مٿانهون ۽ مٿانهينءَ جاءِ تي هوندو آهي. انهي فرش جي وچ ۾ هڪ کڏ يا وڏو چگهه ٺاهيو ويندو آهي. جيڪو ٽن حصن تي مشتمل هوندو آهي. مٿيون حصو مردن لاءِ، ٻيو حصو عورتن لاءِ ۽ ٽيون يعني تمام هيٺيون حصو ٻارن لاءِ هوندو آهي. مڙهه جي آخري رسمن پورين ڪرڻ کان پوءِ ان کي تراکڙي حصي تي رکيو ويندو آهي ۽ سندس ڪفن يا رسمن موجب ڪفني ڪٽي لاٿي ويندي آهي. سوڳوار لاش ڇڏي جئين ئي موٽندا آهن. ته ڳجهون لامارا ڏيئي لهنديون آهن. جڏهن ٿوري عرصي بعد لاش جا هڏا وڃي بچندا آهن ته سوڳوار وڃي بچيل هڏا ميڙي خاموشيءَ جي ٺل جي وچئين چگهه يا کڏ ۾ اڇلي ايندا آهن. اهي خاموشيءَ جا ٺلهه  (Tower Silence)پري کان پڌرا، آبادي کان پرانهان، ڪنهن مٿانهين يا ٽڪرين تي ٺاهيا ويندا آهن، جتي ڳجهون آسانيءَ سان اچي ويهي سگهن. ڳجهه زردشتي يا پارسي مذهب ۾ سعادت مند پکي ليکيو ويندو آهي. ڪن قبيلن ۾ اهي برج يا ٺل وڏا ۽ ڪي تمام ننڍا، ڏوليءَ يا تابوت يا زير زمين پٿرن يا سيمنٽ جي ڪوٺيءَ جا خانا ٺاهيا ويندا آهن (19) خاموشيءَ جي ٺل يا برجن ۽ آتشڪدن جي اڏاوت ۽ طرز تعمير بابت ڪي ٻيون به تحريرون يا اشارا ملن ٿا. جن موجب اهي خاموشيءَ جا ٺل ۽ آتشڪدا ماحول جي نزاڪت جي نسبت سان جوڙيا ويندا آهن.  ڪنهن به قسم جي ڪا خاص يا مستقل پابندي عائد ٿيل ڪانهي. بهرحال زردشتي يا پارسي مذهب وارا پنهنجن لاشن کي پورڻ بجاءِ ظاهر ظهور برجن، خاموشيءَ جي ٺلن يا پٿرن جي ٺهيل زميني خانن ۾ رکندا هئا جيڪڏهن ممڪن هوندو آهي ته اهي خاموشي جا ٺل ٽڪرين يا پهاڙن جي چوٽين تي ٺاهين ٿا (20). تنهنڪري ڳوٺ واهي پانڌي جي الهندي ٽڪرين، ڳوٺ مراد جمالي (هليليءَ) جي اولهه، ڏکڻ وارين اوچين ٽڪرين ۽ انهن جي به اولهه ۾ ٽڪرين تي قبرون انهن قديم زردشتي مذهب جي پوئلڳن جون آهن، ڇاڪاڻ جو هڪ ته اهي مٿانهين ٽڪرين تي آهن ٻيو ته اهي قبرون بلڪل خانيدارن ۽ ڪوٺڙي نما قبرون آهن، جن ۾ اندر لاش رکيا ويندا هئا ۽ جن جا هڏا اڄ به ظاهر نظر اچن ٿا. انهن قبرن جو اتر ۽ ڏکڻ کليل آهي. انهن قبرن جو ٿلهو فرش سان ٻڌل آهي ۽ اهي پٿر ڪافي اونها پوريل آهن. سماعيل فقير جي ايوان ۾ ٻيون ڪي قبرون نه آهن، سواءِ انهن زردشتي طرز تعمير وارين خانيدارن قبرن جي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سماعيل فقير جو لاڳاپو انهي ساڳئي دور ۽ اُنهن زردشتي مذهب رکندڙ ماڻهن سان هو. اهڙيءَ طرح ڳوٺ مراد جمالي (هليليءَ) جي اولهه، ڏکڻ ۾ سماعيل فقير جي مزار يا چبوتري واري ٽڪريءَ کان اولهه وارين ٽڪرين تي به ڪي قبرون آهن، جيڪي بلڪل ڪوٺين وانگر آهن، جن کي اندر وڃڻ لاءِ باقاعدي دري آهي. اهي قبرون پٿرن ۽ چيروليءَ سان جوڙيل آهن. انهن آثارن کان علاوه پهاڙي سلسلي ۾ ٻيا به ڪيئي آثار يا اهڙيون قبرون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي زردشتي يا پارسي مذهب رکندڙ ماڻهن سان تعلق رکنديون هجن. محترمه تاج صحرائي ”ڪائي“ (سيوهڻ تعلقو) ماٿري گهمندي اهڙن آثارن جي خوب نشاندهي ڪئي آهي ته ساڳئي علائقي (ڪائي ماٿري) ۾ ڪنهن آتشڪدي يا دخمه  (Tower of Silence)جي اڏاوت چڱي خاصي حالت ۾ موجود آهي. اهو آتشڪدو يا خمه شڪل ۾ هڪ کوهه وانگر آهي. اهو کوهه ٽڪريءَ جي سطح کان هن وقت تيرنهن فوٽ اونهو آهي. يقين سان چئي نٿو سگهجي ته کوهه ٽڪريءَ ۾ هيٺ ڪيترا فوٽ اونهو کوٽيل هو. اها ٽڪري خود به آسپاس جي هموار زمين کان گهڻو گهڻو مٿي آهي. تر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو کوهه ابن ڏاڏن کان وٺي انهيءَ ئي حالت ۾ ڏسندا ٿا اچون، شايد گبرن جو آهي (21). انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙن ماڻهن جا آثار کير ٿر جي جابلو قطار جي ماٿرين ۾ جهجهي انداز ۾ ملي سگهن ٿا، جن جو پاڻ ۾ تعلق پڻ رهيو هوندو. اهي آثار اڪثراهڙين جاين ۽ ماٿرين جي ڀرسان واقع آهن، جن جي آسپاس جابلو چشمن يا ڪنبن جو پاڻي موجود آهي، يا ڪن هنڌن تي مسقتبل طور انهن چشمن ۽ ڪنبن مان واهيون وهندڙ آهن. اهو قديم بستين جي قائم هجڻ لاءِ سڀاويڪ سبب آهي.

زردشتي يا پارسي مذهب جي تعليم موجب باهه،  پاڻي ۽ ڌرتي پاڪ شيون آهن. هي مذهب سختيءَ سان تاڪيد ڪري ٿو ته مڙهه کي ساڙيو وڃي پوريو نه وڃي ۽ نه وري سمنڊ يا نديءَ ۾ اڇلايو وڃي (22). ائين ڪرڻ سان سندن مذهبي خيال موجب پاڻي، باهه ۽ ڌرتي کي ناپاڪائيءَ کان بچائي سگهجي ٿو. سندن انهيءَ خيال موجب انساني وجود ناپاڪ آهي ۽ اهي ٽيئي شيون ان جي ڀيٽ ۾ پاڪ آهن، تنهنڪري ساڙڻ، پورڻ ۽ پاڻيءَ ۾ مردي کي لوڙهڻ انهن ٽنهي شين ۾ گندگي ملائڻ جي برابر ٿيندو، زردشتي مذهب وارا قبرن جو فرش پٿر جي اڪر ٿيل سرن سان ٺاهيندا هئا. انهي فرش (مٿانهين ٽڪريءَ تي جڙيل) تي پٿر جي اڪريل سرن سان خانا يا خانيدار (قبرون) ٺاهيندا هئا. ڪٿي هڪ خانو ۽ ڪٿي هيٺ مٿي ٽي خانا هوندا هئا، مگر لاش کي دفنائڻ (رکڻ) جو طريقو علحدو هو. اهڙين پٿر جي چٽن گلن وارين سرن مان ٺهيل قبرن کي ”شامي“ چيو ويندو آهي. جيڪي لاش کي زمين مٿان پٿرن جي خاني ۾ رکندا هئا (23). اهڙن ماڻهن کي شامي انڪري چيو ويو هو. جو اهي جنگ قادسيه کانپوءِ مسلمانن سان گڏ اسلام قبول ڪرڻ بعد لڏپلاڻ ڪري وڃي شام رهيا هوندا ۽ پنهنجي پراڻي  مذهب کي روايتن جي صورت ۾ جاري رکيو هوندائون ۽ پوءِ شامي سڏجڻ ۾ آيا ۽ دنيا جي ٻين خطن ڏانهن پکڙڻ وقت شام جي حوالي سان ڄاتا ۽ سڃاتا ويا هوندا. جنگ قادسيه کان پوءِ جند شهنشاهه (ايران جي سا ساني حڪمران) جي چار هزار فوجين اسلام قبول ڪيو هو. انهن جو گهڻو تعداد وچ ايشيا سان تعلق رکندو هو. هي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري عرب قبيلن سان آباد ٿيا، جنهن سان ڪوفي جي آبادي ۾ اضافو آيو. هي گهوڙيسوار هئا. هنن جو خاصو تعداد محمد بن قاسم جي فوج ۾ شامل هو(24). ايران فتح ٿيڻ کانپوءِ فوج جو گهڻي ڀاڱي  مسلمان ٿيڻ عين فطري عمل هو، ڇو ته سا سانين جي عهد ۾ زردشتي مذهب جي ڪليسا جي زيادتين ۽ عام ماڻهن لاءِ طبقاتي حدبندي ڪري گهٽ ٻوسٽ وارو ماحول پيدا ڪرڻ هڪ اهڙو سبب آهي، جنهن کي هرگز رد ڪري نٿو سگهجي. ان سبب جي ڪري ئي انهن فوجي ماڻهن اسلام ۾ ڇوٽڪارو ڏٺو، تنهنڪري بلا روڪ اهي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا، انهن فوجين ۾ گهڻو تڻو هارين منجهان بنا اجرت ڀرتي ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ عام ۽ هيٺئين طبقي پڻ اسلام قبول ڪري ورتو، جيڪو انهيءَ دور ۾ مذهبي ڪليسا جي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا هئا. انهي مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته شامي طرز تعمير جون قبرون به انهن شامين جون آهن، جن جو تعلق ايران جي پراڻي مذهب زردشتي مذهب سان رهيو ۽ جنگ قادسيه جي معرڪي کانپوءِ اسلام قبول ڪيائون، پر پنهنجي مذهبي رسمن کي برقرار رکيائون. جيتري قدر شامي قبرن جو تعلق آهي ته شايد شامي سڏجندڙ اِهي قبرون انهن مسلمانن جون آهن جن زردشتي مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته زردشتي مذهب ۾ زمين پاڪ آهي جنهنڪري لاش زمين تي رکيو ويندو آهي (25). اهڙيءَ ريت نال، آمري تهذيب وارا ماڻهو به پنهنجن مڙدن کي ڪنهن کُليل جاءِ تي ڇڏيندا هئا ۽ ڳجهون جڏهن چم ماس کائي وينديون هيون ته پوءِ اهي مڙدن جون هڏيون دفن ڪندا هئا (26). انهن هڏين سان گڏ لاش جي نسبت سان ان لاءِ سامان پڻ پوريندا هئا، يعني جيڪڏهن عورت هوندي هئي ته سينگار جو سامان ۽ زيور دفن ڪندا هئا ۽ ٻار هوندو هو ته ان جي هڏين سان گڏ رانديڪا وغيره دفن ڪندا هئا. هي تهذيب 28 قبل مسيح جي ڄاڻائي وڃي ٿي. هن تهذيب جا ماڻهو مڙهه کي تانگهن پٿرن جي اوساري ٿيل ڪمرن ۾ پوري ڇڏيندا هئا ۽ انهن سان گڏ ٿانو ٿپا يا سينگار جو سامان رکندا هئا (27). پر زردشتي يا پارسي مذهب وارا ماڻهو ائين نه ڪندا هئا. اهي هڏيون دفن نه ڪندا هئا. اهي مڙدا خاموشي جي ٺُلن تي رکندا هئا، يا وري خانيدار قبرن ۾ رکندا هئا. ڳوٺ واهي پانڌي ۾ ڳوٺ مراد جمالي جي ڀروارين ٽڪرين تي واقع قبرن جي طرز تعمير بلڪل اهڙي آهي ۽ پارسين جي مذهبي روايتن جي عين مطابق آهن. اهي سموريون قبرون خانيدار آهن ۽ انهن جي اندر مڙهه جا هڏا اڄ به موجود نظر اچن ٿا، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته اهي مُڙدا انهن خانيدار قبرن ۾ رکندا هئا. زمين (ٽڪرين جي سطح تي) هڪ خاص قسم جي اڪريل يا گهڙيل لسن پٿرن جي ٺهيل فرش جي اولهه ۽ اوڀر کان چئن کان پنجن فوٽن جي ڊيگهه جا پٿر پاسن کان رکيل آهن، جيڪي اٽڪل ڏيڍ کان ٻه فوٽ اوچا بيهن ٿا ۽ ڪي ته ٽن فوٽن تائين به ٿي ويندا. مٿان پڻ اهڙيءَ ئي قسم جا پٿر ڪتب آندا ويا آهن. ڪن قبرن جا اتر ۽ ڏکڻ وارا حصا کليل آهن ته ڪن جا بند پڻ آهن ۽ انهيءَ نموني جي خانيدار قبرن ۾ مڙهه رکندا هئا. ڪن کليل قبرن کي جهنگلي جانور کوٽي ويا آهن. ڪن قبرن جا پٿر اکڙي ٽڙي پکڙي ويا آهن. ڪي پٿر ته ماڻهن کڻي وڃي گهرن ۾ رکيا آهن، ۽ ڪي پٿر پنهنجن عزيزن جي قبرن تي وڃي رکيا آهن.

انهن قبرن جي ساخت، نقش نگار، مٿانهين تي هجڻ، خانيدار طرز تعمير ۽ انهن ۾ پيل مڙدن جا هڏا ۽ قبرن تي فارسي ۾ اُڪريل عبارتن ۾ ملندڙ لفظ ”بحادين“ منجهان چٽيءَ طرح سان واضح ٿئي ٿو ته اهي قبرون ”زردشتي مذهب“ سان تعلق رکندڙ ماڻهن جون آهن.

 

مددي ڪتاب ۽ حوالا

 

1. قديم سنڌ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ص 49.

2. جنت السنڌ، رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص 45.

3. پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا، سيد سبط حسين.

4. جنگ مڊويڪ ڪراچي، محمد عثمان حسن، 20 کان 26 جولاءِ 1994ع.

5. ايضاً.

6. قديم سنڌ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ص 123.

7. ايضاً.

8. ايضاً، ص 116.

9. ايضاً، ص 120.

10. ايضاً، ص 117.

11. ايضاً، ص 124.

12. ايضاً، ص 127.

13. موسيٰ سي مارڪس تڪ، سبط حسن، ص 118 کان 120.

14. ”مئنس رليجن“ جان. بي. ناس.

15. قديم سنڌ، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ص 129.

16. سنڌ، هڪ عام جائزو، جلد پهريون، ايڇ ٽي. لئمبرڪ، ص 106 کان 110.

17. جنگ مڊويڪ ڪراچي، 20 کان 26 جولاءِ 1994ع.

18. سنڌو تهذيب، تاج صحرائي، ص 63.

19. انسائڪلوپيڊيا برٽينڪا، واليوم 19.

20. ڊسڪورس آف زرستيرن ازم (زردشت ازم).

21. سنڌو تهذيب، تاج صحرائي، ص 102 ۽ 103.

22. ڊسڪورس آف زرستيرن ازم.

23. جنگ مڊويڪ ڪراچي، 20 کان 26 جولاءِ 1994ع.

24. ايضاً.

25. جنگ مڊويڪ، محمد عثمان حسن، 20 کان 26 جولاءِ 1994ع.

26. پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا، سيد سبط حسن.

27 سنڌ هڪ عام جائزو جلد، 1، ايڇ لئمبرڪ، ص 103.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com