سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :18

فقير جو لاش هڪ سيڪنڊ ۾ دانهن ڪرڻ کان پوءِ وڃي مئل ڪتي جي ڀر ۾ ڪريو...

”ڪتي جو پٽ ٺٺوليو ٿو ڪري.“ رئيس جي ٽامڻي هڻي ويل منهن تي چپ چريا. پريان وڏي صوبيدار صاحب، جيڪو ڪرسين تي رئيس جي ڀر ۾ ويٺو هو، اچي رئيس کي پاڻيءَ جو گلاس پيئاري ٿڌو ڪيو. سڄو مجمع ڄڻ پنڊپهڻ ٿي چڪو هو.

اڄ صبح ساڻ جيئن ئي مراد ڊيوٽيءَ تي آيو ته هڪ پوڙهو جهنگي هن جي اوسيئڙي ۾ اڳ ئي ايڪسچينج جو در جهليو بيٺو هو.

”سائين توهان ۾ ڪم آهي.“

”اندر اچ، ڳالهائڻو آهي.“ مراد ائين چئي ان اوپري پوڙهي ماڻهوءَ کي پاڻ سان اندر وٺيو ويو.

”ها چئه چاچا؟“

”ابل منهنجو نالو بخش مهاڻو آ. مان رئيس خدا بخش جي ڪوٽ جو پراڻو ۽ خاص نمڪ خوار آهيان.“ پوڙهي جي روانيءَ ۽ سڌريل ٻوليءَ تي مراد کي برابر حيرت ٿئي ها، پر رئيس جي حويلي واري خاص نوڪر جو ائين هن ڏانهن اچڻ، مراد ته انهيءَ ويسوري منجهه وٺجي ويو هو.

”چاچا حڪم ڪريو... مان ڪهڙي خدمت ڪريان توهان جي؟“

مراد جي ان چوڻ تي اُهو پوڙهو گوڏر، جيڪو حليي ۽ حالتن منجهان صفا مسڪين ۽ ڪوجهي ڪاري صورت جو مالڪ هو، تنهن هيڏي هوڏي نهاري پڪ ڪئي ته ان جاءِ تي ٻيو ته ڪوبه ڪونه هو. پوءِ پاسي واري کيسي منجهان هڪ چٺي ڪڍي مراد کي ڏنائين.

”ڪنهن جي آ؟“

”سائين پڙهي ڏسو. ان ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي...“

چٺيءَ ۾ لکيل هو: ”پيارا مراد صاحب! ان رات فون تي ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري گفتگو اڌ ۾ رهجي ويئي. وري ٻي رات کان پوءِ اڄ سوڌو اوهان رات جي ڊيوٽيءَ تي موجود ناهيو رهيا. منهنجي مجبوري اها آهي ته مان رات کوئي ڳالهائي سگهان ٿي جو مرن جي وچ ۾ باندياڻي آهيان. توهان مون کي مايوس نه ڪجو. مان دل ئي دل ۾ توهان جو آواز فون تي ٻڌي گذريل ڏيڍ سال کان پنهنجو پاڻ توهان کي ڏئي چڪي آهيان مون کي ٻن دلين ۾ سانڍجڻ وارن جذبن جي معنيٰ ٿي اچي جو اک پٽڻ کان وٺي هيل تائين زندگيءَ جون ٽيهه بهارون انهيءَ0 ڪوٽ ۾ گذاريون اٿم. ٿي سگهي ٿو ته جيئن منهنجي ننڊ ۽ آرام توهان لاءِ وِههُ ٿيو آهي، ان کي محبت چوندا هجن.، مون کي خبر ناهي، مون سان مِل، مان توکان سواءِ جي نه سگهنديس ۽ جيڪڏهن تو انڪار ڪيو ته پوءِ مان پاڻ کي ختم ڪري ڇڏينديس، ڇو جو منهنجي اکين آڏو تنهنجي پيار کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪينهي مايوس نه ڪجانءِ. هن خط آڻڻ واري ماڻهوءَ کي ٻڌائي ڇڏجانءِ ته تنهنجي رات جي ڊيوٽي ڪڏهن آهي. پوءِ پاڻهي هي توکي مون تائين پهچائيندو... فقط... تنهنجي ديواني... افروز.“

خط ڇا هو، مراد لاءِ ڄڻ هڪ بم گولو هو، جنهن هڻي مراد جهڙي ماٺيڻي ماڻهو کي ڊاهي وڌو. مراد توڻي جو ستاويهن سالن جو نوجوان هو، پر اڃا سوڌو نه هن جي شادي ٿي هئي نه وري هن جي دل جي در کي ڪنهن کوليو يا کڙڪايو هو. ها، هن ٻه چار ڀيرا البت ڪن ماڻهن جي ديدن ۾ ديدن ذريعي ان پيغام پهچائڻ جي ڪوشش سا ضرور ڪئي هئي ته ٻيلي منهنجي به دل آهي ۽ اڃا تائين ڪلف لڳل آهي، ڇو نٿا ان جي در تي ٿپڪي ڏيو، پر ڪنهن به سنگدل محبوب کي خدا اڃا سوڌو توفيق نه ڏني هئي جو هن جي پيغام جي هاڪاري موٽ ڏئي. هن جي من جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُها فون ڪال ئي هئي، پر هي خط کيس ائين لڳو، ڄڻ ڪو طوفان، جنهن من جي اجهاڳ سمنڊ کي اٿلائي رکيو هجي ۽ جنهن جي ڇولين جون رڙيون ريهون هو ڪنهن چيڙايل شينهن جي گاج يا راڪاس جي ريهه جيان اندر ئي اندر محسوس ڪري رهيو هجي.

هو ڪو وقت بي ستو ٿيو، دنيا و ما فيها کا ڄڻ ڪوهين ڏور،دور ڪٿي پولارن ۾ وڃي پهتو، جو پوڙهي خادم هن کي ”ابا پوءِ؟“ جو سوال ڪري موٽايو.

”چاچا، تون سڀاڻي هن ئي مهل اچجانءِ، مان پوءِ توکي پروگرام ڏيندم.“ جيئن ته هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي آئي، انهيءَ ڪري هن پوڙهي کي اهي لفظ چئي روانو ڪيو.

ڪلاڪن تائين هو صفا ڊسٽرب رهيو ۽ منجهند تائين هن ورائي ورائي خط کي ڪوئي چاليهارو کن دفعا پڙهيو. خط جي لفظن هن جي من ۾ باهه لڳائي ڇڏي هئي. افروز... ڪيڏو نه پيارو نالو آهي! اهو سوچي همراهه جي وات ۾ اصل ڪڏهن پاڻي اچيو وڃي ته ڪڏهن وري سندس من ۾ سيسراٽيون. هن گهڻو ۽ گهڻو سوچيو. معاملي کي هر پهلوءَ سان جانچڻ جي ڪوشش به خوب ڪيائين پر خط جي ٻولي، پنهنجائپ، افروز جو نالو، وري مٿان مري وڃڻ جي ڌمڪي، هن سوچيو، ’مار! مان ڪو ايڏو اهم ماڻهو آهيان، جو ههڙي گهر جي ڇوڪري مون تي ائين جان ٿي ڏئي: وري جو خيال وڃنس پيا مال جي مالڪ يعني رئيس خدا بخش خان ڏي ته ذري گهٽ دماغ چڪرائجيو وڃي. رڳو سوچي ئي ته ان ڳالهه جو نيٺ نتيجو ڇا ڪرندو، هن آڏو ڀولائي فقير جو چهرو تري آيو... ’پوءِ ڇاهي‘. نيٺ هن گهڻي آنڌ مانڌ کانپوءِ فيصلو ڪيو، ’اڙي ڇو ٿو ڀاڙيو ٿئين مراد، صفا ڪو نامراد آن، ڳوٺاڻي عورت ٿي ڪري افروز هيڏي نه مڙسي ڪئي آ ۽ مان مرد ذات هوندي به اهي بُزدليءَ جون ڳالهيون ٿو سوچيان،‘ هن پڪو پهه ڪيو ته سندرو ٻڌبو ۽ ضرور ميدان ۾ لهبو، شهيد عشق به مرد ٿيندا آهن...

لڙيءَ منجهند اڪرم اچي چڪو هو. اڪرم مراد جو ڪليگ هو ۽ رات جو ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ آيو هو.  اڪرم سان هن جي اسڪول جي زماني جي ياري هئي. هو ٻيئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا ۽ جيئن ته ٻيئي ڪرڪيٽ راند جا شوقين هوندا هئا، انهيءَ ڪري اسڪول جي ٽيم ۾ هنن ٻنهي جي جوڙيءَ جو ناماچار مڙئي سرس هو، مئٽرڪ کان پوءِ اتفاق اهو ٿيو جو هو ٻيئي فون کاتي ۾ آپريٽر ٿي ڀرتي ٿيا. هن اسٽيشن تي جتي هاڻي مراد ڪم ڪري رهيو هو، اتي هن کي اڪرم ئي صلاح ڏني هئي ڪم کي گڏجي هڪ صلاح سان هلائجي جو اڪرم اڳئين آپريٽر سان ڪونه ٺهندو هو. باوجود انهيءَ پراڻي ياريءَ ۽ موجوده ساٿ جي هو ٻيئي ڪم سان ڪم رکڻ واري پاليسيءَ تي عمل پيرا هئا. ڪرڪيٽ ٽيم ۾ هوندا هئا ته ساٿ رڳو ايستائين رهندو هو، جيستائين ڪرڪيٽ جي حوالي سان ڪا ڳالهه هوندي ۽ هتي نوڪريءَ ۾ به ساڳي ڪار، باقي دنيا جا ٻيا معاملا ۽ اٿيون ويٺيون الڳ الڳ، جنهن جو گهڻو تڻو سبب هو مراد، جيڪو انهن دوستين، يارين ۽ ڪچهرين کي فضول ڪري ليکيندو هو، جو هن جو پيءُ هڪ موچي هو ۽ هاڻي مراد هن جو بار کڻي چڪو هو ۽ زماني ۾ ڪجهه ٿيڻ چاهي پيو. ان ڪري هڪ نوڪري ٻي پڙهائي، باقي وقت ايترو هن وٽ هوندو ئي نه هو جو دوستيو نڀائي.

”اڪرم صاحب، ڏيو خبر اڄ ڏاڍو جلدي اچي ويا آهيون؟“

”هان...تون ٺيڪ ته آهين صاحب“ اڪرم مراد کي اصل کان صاحب ڪري چوندو هو جو هن مطابق ته مراد ڪنهن کي به لفٽ نٿو ڪرائي ۽ سڀني کان دور ٿو رهي، ان ڪري شايد هو پاڻ کي وڌيڪ ٿو سمجهي، ان ڪري هو هن کي صاحب چوندو هو. جنهن معنيٰ ۾ هو ”صاحب ۾“ لفظ کيس چوندو هو اها کڻي جو مراد سمجهندو به هجي، پر پوءِ به هن ڪڏهن ان کي نوٽ نه ڪيو مراد صاحب، مان ته معمول جيان مقرر وقت تي اچي ويو آهيان...“ اڪرم وري ڳالهايو، ”توهان کي الائي ڇو ائين لڳو“ ”اڇا...ائين آ...“ مراد ٿورو ٿورو شڪي ٿيو. ”ڀلا چانهن گهرايان.“ مراد وري چيو.

”مون لاءِ، هان!... مون لاءِ...“

”ٻيو...“

”خير ته آهي صاحب، هي مهربانيون... هي چانهيون... صاحب ڏي خبر، ڪو ڪم آ ڇا.“ مراد ان تي کلي ويهي رهيو ۽ جواب ۾ هن اڪرم کي اهو عوض ڪيو ته اڄ کان وٺي ڀلي نائيٽ ڊيوٽي هن کان ورتي وڃي.

”پر ڇو؟ نائيٽ ته ير ماڻهوءَ لاءِ سزا جي برابر آ... توکي ڪهڙي شوق کنيو آ...“

”بس يار... بس مڙئي... گهر... ڪراڙي سان ڪاوڙيو آهيان“. مراد ڳالهه ڦيرائي ويو.

”اڙي صاحب، صفا آهين نه صاحب، پيءُ سان به ڪا ڪاوڙ، ۽ اها ڪهڙي ڳالهه آ ته تون رات جو گهر نه ويندين ۽ ڏينهن...“

”يار بحث نه ڪر جي قبول اٿئي ته.“

”ادا وڙهه نه بادشاهه، منهنجي آهي اڄ آخري رات ۽ مان پاڻ گهران رسيو ٿو اچان. اڄوڪي رات ڪٿي وڃي ڪنهن يار دوست وٽ گذار، سڀاڻي نائيٽ ٿئي اياز جي، ان سان ڀلي ڳالهائجانءِ.“

ٻئي ڏينهن هن اياز کي ساڳيا لفظ چيا. اياز لائن مئن هو، پر جيئن ته ڊيوٽيون ونڊي ورهائي ڪندا هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ هر هڪ کي پورو هفتو هفتو واندو موڪل جو ملندو هو، ان ڪري حساب نه هو ته ڪير آهي لائن مئن، ڪير آپريٽر ۽ ڪير ٽيڪنيشن. اياز ته آيو هو لڙيءَ منجهند، پر پوڙهو صبح جو ئي اچي هن آڏو سوال بڻيو هو، جنهن کي هن چيو هو ته رات هو هوندو ۽ ڀلي کيس اچي وٺي وڃي. هن اهو پروگرام اياز جي منظوريءَ کان پهرئين پوڙهي بخشڻ کي ڏئي ڇڏيو هو، جو هن جي عشق واري وڻ کي وٿيءَ جو پاڻي اچي چڪو هو، جو وڃي پيو وڌندو ۽ هٿن مان نڪرندو...هو بيهي ئي نه پيو سگهي. سوچي پيو، اصل هن مهل اڏري وڃي محبوبن جي ملڪ پُڄان! عشق کيس انڌو ڪري وڌو هو ۽ سوچيو هئائين ته اياز کان وڙهي به ڊيوٽي وٺبي. نئون نئون نينهن، پرين جو پهريون پيغام، ميار کڻي ته ڪيئن کڻي. مياري ٿيڻ کان ته ڪنڌ ڪپجي ڪي.

رات جو سوا نائين جو وڳڙو هجي جو رئيس جو خاص خدمتگار، پوڙهو بخشڻ مهاڻو اچي مراد کي وٺي ويو. هن ايڪسچينج کي هنيو تالو. هن سارو ڏينهن لوڇ پوڇ ۾ گذاريو هو. ملڻ جي اميد...وصال جي خوشي....دل ۾ اٿڻ وارا نوان نوان جذبا...انهيءَ عجيب ۽ نئين ڪيفيت ۾ هن جي ڪن جون پاپڙيون ته سڄو ڏهاڙو پر ڪنهن ڪنهن مهل هن جا پورا ڪن گرم ٿي ويا ٿي. ڪوٽ ۾ اندر وڃڻ ۾ ڪا خاص ڇا ڪابه رڪاوٽ يا ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه ٿي، جئين هو سڄو وقت سوچيندو رهيو هو. اصل ۾ مراد پاري هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ”ڪوٽ“ جو ڏر ۽ ڏهڪاءُ هيانءَ ڏار هو. ڀلا جنهن ڪوٽ ۾ رئيس خدا بخش جهڙي ڏاڍي مڙس جا پاڪ رهندا هجن، ان ڪوٽ جي ڀت ڀرسان بيهڻ ئي گناهه ڪبيري جي برابر هو. جڏهن رئيس جي ڪتي جي عيوض هڪ انسان جي جان جي ڪا حيثيت ناهي ته پوءِ رئيس جي پاڪن لاءِ ته مراد پارن ڪروڙ ”ڀولائي فقيرن“ جي جان ڇاهيءِ، وري اهي پاڪ جنهن ڪوٽ ۾...قصو ڪوتاهه، پوڙهي بخشڻ به ڪو زمانو ڪٽيو هو، ان ڪوٽ ۾ عمر آندي هئي پاڪن ۽ پليتن جي وچ ۾ ڪشالا ڪڍندي، سو اوطاق جي در وٽ ئي بيٺل ڪليشن واري همراهه کي ٻڌايائين ته فون خراب آهي سو هي مراد ان جي ٺاهڻ لاءِ اندر وڃي ٿو. اها هئي اُها ويزا، جيڪا غير سرڪاري طور تي پوڙهي بخشڻ پاڻ ئي ٺپي کڻي ڪليشن بردار جو ٻوٿ تي هنئين، پر پوڙهي جي پراڻي خدمتن جي مهابي ته پوڙهو خود ئي ويزا هو. پهرين مراد کي اچي هڪ ڪمري ۾ سوڙهو ڪيائين، پوءِ ان ڪمري مان ڪمرو، وري ڪمرو، اصل ڪاڪ، اهاڪاڪ اڪرندي مراد جي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ٿي ڪئي. ”اڄ جي پڪڙيس تي بابي وارن کي لاش به ڪونه ملندو.“ نيٺ ٻن چئن ڪمرن مان نڪري وڃي هڪ ڪمري ۾ پهتو. ڇا ڏسي، سبحان الله، پريءَ جو ٻچو...هڪ قدآوار حور هن جو آڏو مرڪي رهي هئي. مراد جو ته ڏسڻ سان ئي وات گودو ٿي ويو هو ۽ حواس غائب توڙي جو مراد ۾ مرداڻي وجاهتن جون ڪل ئي خوبيون موجود هيون پر پوءِ به پنهنجي پاڻ کي ان دور جي آڏو ائين ڀاسيائين، ڄڻ ڪنهن پري آڏو لنگور! هن کي هڪدم احساس ڪمتريءَ جو شديد احساس ٿيو. ڪمري جي سامان، بنگلي جي بات، افروز جي لباس ۽ زيورن شايد هن کي سندس غربت ياد پئي ڏياري، ان ڪري ئي مرعوبيت جي منزل تي وڃي پڳو.

”اچو...اچو...جي آيا....ڀلي آيا...“ مراد جي سر جي سانئڻ آڏو هئي. مراد ان جي حسن جي هڪ ئي جلوي ۾ منڊجي پٿر جو بت ٿي چڪو هو. اکر اُڪرن ته ڪٿان، پر افروز هن جي آجيان مٿين لفظن سان، پر پوري اعتماد سان ڪئي.

”ويهو... اچو هتي... هتي پلنگ تي...“ مراد مڪمل حجاب جو مظاهرو ڪري رهيو هو ۽ ويهڻ جو ٻڌي صوفي تي ويهن لاءِ چُريو ته حڪم ٿيو اِتي نه هِتي. مراد جي من ۾ سرندا وڄي اٿيا. پل ۾ هو افروز جي پلنگ تي هو.

”نروس نه ٿيو مراد صاحب، رليڪس...“ شايد مراد جي پگهر کيس نروار ڪيو هو جو افروز ڪنهن ڪامياب ڊاڪٽر جيان هن جي طبيعت تي گذرڻ واري ڪيفيت کي هڪدم پروڙي وڌو.

”پاڻيءَ جو گلاس حاضر ڪريان.“

”نه مان پيان ٿو“ اهي هئا پهريان لفظ، جيڪي مراد پنهنجي من جي موتيءَ آڏو اُچاريا.

”هاڻي ئي پاڻي، اڃا ته ڪجهه ئي ناهي ٿيو.“ ڪمال بي حجابي پر انتهائي پاٻوهه مان افروز مراد جي ويجهي ٿي آئي. ”اچو، مان توهان جي بوٽ جون ڪهيون کوليان.“ ائين چئي افروز مراد جي پاسي ۾ ويٺي ويٺي ئي پنهنجي سيني کي مراد جي گوڏي تي جهڪائيندي، هٿ وڃي بوٽ جي ڪهيءَ ۾ وڌائنيس. مراد هڪدم هن جي هٿ کان وٺي هن کي جهليو، ”ايڏو گنهگار نه ڪريو...“ اتي مراد ٻيو هٿ هن ڪرائيءَ ۾ وڌو. اها هئي، جسم جي جسم سان پهرين لمس. ڇهاءُ ڇا هو شاٽون هيون بجليءَ جون. مراد جي من ۾ کنوڻين جا تجلا جرڪي اٿيا.

”مراد...“ افروز جو جادوءَ جي ماکيءَ ۾ ٻڏل آواز! مراد هن کي ڪرائيءَ کان جهلي مٿي ڪري چڪو هو، اهو کيس هوش ئي نه رهيو هو ته افروز جي ڪرائي اڃا سوڌو هن جي هٿ ۾ جڪڙيل هئي ۽ سندس جسم ڪنهن قدر مراد ڏانهن اَهليل. ”اهو هٿ مون مان ڪڏهن...منهنجي ڪرائيءَ مان، منهنجي ٻانهن مان ڪڏهن ڪڍي ته نه وٺندين...هان...“

”جي...نه...نه...“ گهٻراهٽ بدستور مراد جي وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙيو بيٺي هئي.

”مراد تنهنجا لڱ ته ٻرن پيا...بخار ته ناهي.“

”نه...“

”پوءِ...ايڏي باهه... هان...“

”اصل ۾ مان ڪڏهن به...“ لفظ زبان ۾ چچرجي پيس.

”مراد، مان رئيس جي ننڍي ڀيڻ آهيان، مون کان وڏيون به ٻه آهن. اسان ٽنهي جي شادي ناهي ٿيل...“

”ڇو...ڇو.“

”بس ادو رئيس ٿو چوي ته ابي امڙ جون نشانيون مان ڪوٽ منجهان ٻاهر نه ڪڍندس...“

”ٻاهر نه ڪڍندس، يا...ملڪيت جي ڪري...“

”بس جيئن سمجهين، چوندو آ ٿڌي مٽي ڪري ويٺيون هجو.“ افروز جي منهن تي صدين جو ڪرڌي تري آيو.

”ٿڌي مٽيءَ.“ مراد ڀڻڪيو.

”هون..“

”چئبو... توهان جي ٿڌي مٽي آ...“

”ڇاهي... اهو توهان توهان...“ افروز سٽ ڏيئي پنهنجو ڪلهو مراد جي ڇاتيءَ ۾ ورهائي ڪڍيو. مراد وري شرم ۾ وٺجي ويو، پر اندر ۾ اُلا محسوس ٿيڻ لڳس. هن سوچيو عورت جي بدن ۾ ڪهڙو اسرار آ...

مراد...“ افروز هاڻي انتهائي بي حجابيءَ مان پاڻ کڻي مراد جي گوڏن تي ڇڏيو. ڪنڌ ۾ پيل واڱڻائي رئو، ڳچيءَ مان ڪڍي پري اڇلايائين. مراد کي لڳو ڄڻ هن جي جهوليءَ ۾ چنڊ لهي آيو هجي ڀرت ڀريل چولي جي ڳچيءَ وٽان افروز جو اچي کير جهڙو بدن ٿورو ٿورو سرخي مائل محسوس ٿي رهيو هو. مراد جي دل ڏاڍو پئي چاهي ته پنهنجا هٿ افروز جي مٿان رکي ڇڏي، پر من ئي من ۾ هن جي ضمير هن کي چنبو وهائي ڪڍيو. نه ائين ٺيڪ ناهي، افروز ڇا چوندي... افروز وري ڀڻڪيو:

”مراد...“

”جي...“

”تنهنجي دل دهڪي ٿي.“

”دهڪي؟ اڇلون کائي ٻاهر نڪتي نڪتي ٿي اچي.“

”الا.“

”سچي، هي پگهر نٿي ڏسين.“

”منهنجي دل ته ڏس ڪيئن نه ڌمالجي پئي ٿي.“ اهو چوندي افروز مراد جو هٿ وٺي پنهنجي ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي رکي مٿان پنهنجو هٿ ڏئي ڇڏيائينس.

دروازو وڄي ٿو. مراد جي خوف جي انتها نه رهي. ذري گهٽ رڙ نڪتي هيس، جو پڪڙجي پوڻ جو خوف ته هن کي هر وقت هو. مٿان جو در وڳو، سو مراد کي ائين لڳو ڄڻ ’اڄ مري ويو‘ سياڻي افروز مراد جي حالت کي شايد سمجهي ويئي جو هڪدم ٽهڪ ڏنائين .

”فڪر نه ڪر، ڪا ڳالهه ڪانهي.“ اهو ٻڌي مراد جي جان ۾ جان آئي. ”اصل ۾ اڄ رئيس وڏو هتي ئي آهي ان ڪري وڌيڪ گڏ رهڻ ۾ خطرو آهي، ان ڪري ادي وڏيءَ رڳو هڪ ڪلاڪ ڏنو هو،

جيڪو گذري ويو آهي ۽ ياد ڪرائڻ لاءِ در پئي وڄائي.“ اهو ٻڌي مراد کان ڄڻ ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويو: ڪلاڪ ٿي ويو مون کي هتي آئي.

جي جناب ”افروز جواب ڏنو، پر مراد کي صفا ويساهه نه آيو.

”افورزمراد ڳالهايو.

”شڪر آ سائين جن گهٽ ۾ گهٽ منهنجو نالو ته ورتو.“

”افروز مون کي آئي ته ڪي پنج منٽ به مس ٿيا هوندا.“

”اڇا، تون ائين ٿو محسوس ڪرين؟“

”بلڪل.“ مراد کي لڳو، افروز پڪ ئي پڪ مذاق ٿي ڪري، ان ڪري وري چوڻ لڳو. ”مون کي واقعي ڪلاڪ ٿي ويو تو وٽ“؟

افروز چيو: ”نه صرف ٿي ويو، پر ضايع ٿي ويو!“ مراد اهو جو ٻڌو ته وري ڇرڪجي پيو ”ضايع ٿيو، ڇا مطلب ته مان تنهنجو وقت...“

”نه نه... جان اها ڳالهه ناهي، تون ته هر ڳالهه کي ايڏو سيريس...“ مراد جي منهن تي ڳنڀيرتا جي لڪير نروار ٿي بيٺي.

”سائين، هاڻي هلڻو پوندو، ورملنداسين. رئيس جيئن ئي ڪراچي يا اسلام آباد ويو ته پوءِ توکي پوري رات هتي راهائبي.“

”سائين اسان ته پوري عمر گذارڻ جي لاءِ ٿا سوچيون.“ مراد چيو.

”ها، هي پوڙهو  جيڪو آ نه، بخشو، اهو اسان جو، يعني منهنجو ۽ اديءَ جو تمام ويجهو ۽ اعتبار جوڳو آهي، اصل خاص ماڻهو.“

”۽ مان اڄ کان وٺي اوهان جو خاص ٻانهو، بس نوڪريءَ مان ڪڍجو نه.“

هو واپس ايڪسچينج ۾ آيو ته پورا ساڍا ڏهه ٿي چڪا هئا.

ٻي رات به هو نائيٽ ڊيوٽي ڪري رهيو هو ته اٽڪل ٻي وڳين جي لڳ ڀڳ افروز جي فون آئي. رسمي اليڪ سليڪ کان پوءِ هن کي ڏاڍو برو لڳو، جڏهن افروز هن کان پنهنجو لکيل اهو واحد خط واپس گهريو، جيڪو هنن جي پيار جي ۽ سڪيلڌي نشاني هئي. مراد سوچيو ته هت ته اسان يار کي دل سان گڏ جان ۽ ايمان ڏيئي وڃي الائي ڪٿي نڪتا آهيون ۽ سائين آهي جو خط ٽڪري به ڪانه ٿو سهائي. مراد افروز کي ڏاڍا ايلاز ڪيا ته هوءَ هن تي اعتبار ڪري، اهو خط هو ساهه کان به وڌيڪ ڪري سمجهندو ۽ ان جي حفاظت ڪندو رهندو، پر اڳيان جڏهن ان فرمائش کي ڪنهن مجبوريءَ جيو نالو ڏنو ويو ته مراد به مجبور ٿي ٻي واٽ نه ڏسي سڀاڻي تي ان خط کي پوڙهي بخشڻ معرفت واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو.

اُها رات وري هو سوچن جي ويرن ۾ پئجي ويو. هن ان ڳالهه کي اصل ۾ ڏاڍا مائنڊ ڪيو هو، جو خط واپس ٿي گهريائون...وهم، وسوسا، انڌا اونڌا انومان ۽ شڪ جا ترورا... بس ائين ئي هن رات ڪٽي، ان دلاسي تي ته افروز جي ڪنهن به حال هن سان محبت آهي، ۽ اهي ڳالهيون ۽ وسوسا، جيڪي خط جي واپس گهرڻ تي هن جي من جي وايو منڊل تي نڪري نروار ٿيا هئا، سي فقط هن جو خام خيال آهن، جو يار جي ڏسجي ياريءَ ڏانهن. ڇا اها گهٽ قرباني آهي جو افروز جهڙي وڏ گهراڻي ڪنواري عورت هن جي عشق ۾ ايتريقدر انڌي ٿي چڪي آهي جوهن جهڙي عام ماڻهوءَ کي ڪوٽ جي اندر خاص زنان خاني جي طلسمي ماحول ۾ گهرايو ڇا اهو اعتماد گهٽ هو افروز جو هن اهو سوچي وقتي طور تي خط واري ڳالهه تي ويچارڻ ئي ڇڏي ڏنو.

ٻئي ڏينهن هو خط کيسي ۾ وجهي شهر کان بس ۾ چڙهي ڊيوٽيءَ واري ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. اصل ۾ اهو ڳوٺ شهر کان ڪي اٺ کن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف هو. جيئن ته اهو ڳوٺ مين روڊ تي واقع هو، انهيءَ ڪري چويهه ئي ڪلاڪ سواري جو مسئلو نه رهندو هو. بس ۾ ويٺي ويٺي ئي هن هڪ ڀيانڪ خبر ٻڌي.

اڪرم اڄ صبح جو اغوا ٿي ويو!

هن جي سيٽ جي پويان ٻه همراهه ساڳئي ڳوٺ جا ويٺل هئا، جن مراد کي سڃاڻي هن کي خبر ڪئي.

... ڪيئن؟ ڪڏهن؟“ مراد جي زبان وچڙجي ويئي.

”اڄ صبح جو يارهين وڳين. ڪي همراهه هئا، ڪليشنون، ريفلون، ٻُٽون ٻڌل. هڪ ڊاٽسن ۽ سوزڪي. سڌو اچي فون واري آفيس وٽ بيٺا. بس ادا ڪي ٻه منٽ به نه لڳا، اندران تو واري همراهه کي اصل ڪٽيندا سٽيندا آيا. آرام سان ڊاٽسن ۾ ويهاري، اهي ٿا وڃن...ماڻهو ڏسندائي رهجي ويا.“ هڪ همراهه مختصر نموني مراد کي اڪرم جي اغوا جو قصو ٻڌايو.

”مار، پوءِ ماڻهن ڪجهه نه ڪيو؟“ مراد ان همراهه کان سوال ڪيو.

”ماڻهو... هنئه...! ير صفا ڪو سادو آن دوريش.“ هڪ همراهه مراد جي سادگيءَ تي اهو تبصرو ڪيو ۽ ٻئي ان تبصري تي هلڪڙي کل جي تائيد ڪئي. ”بس ادا زمانو ويو رهڻ کان، رڳو الله کان پئي گهرجي پناهه. باقي اڄ ڪو ماڻهو محفوظ ناهي.“ مراد جي سيٽ تي ويٺل ٻئي همراهه مراد سان ڄڻ ته همدردي ڪئي.

هو ڊيوٽيءَ تي پهتو ته اياز لائن مئن به موجود هو، جو اهو ساڳئي ڳوٺ جو هو. پڻ هڪ پوليس وارو به بندوق سميت الرٽ در تي بيٺو هو. لائن مئن هن کي ٻڌايو ته ايس.ڊي.او صاحب جي چار ڀيرا فون آئي آهي، ان سان فورن ڳالهايو.

پهرين مونکي سچي ڳالهه ته ٻڌاءِ؟ هن لائن مئن کان سوال ڪيو جواب ۾ لائن مئن به ساڳي ڳالهه هن کي ٻڌائي پر ٿورو تفصيل سان.

”ڀلا ڌاڙيل جي اغوا ڪندا آهن ته ائين ماريندا به آهن ڇا؟“

”نه...ڪڏهن نه...هتي ته ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪا اڪرم صاحب سان هنن جي دشمني هئي... ڌڪن هڻڻ کان به وڌيڪ هنن اڪرم جي بي عزتي گهڻي ٿي ڪئي.“ لائن مئن هن کي ٻڌايو گهڙيءَ کان پوءِ هن ايس.ڊي. او صاحب سان شهر ۾ ڳالهايو، جنهن مراد کي چيو ته هو گهٻرائي نه جو هن پوليس سان ڳالهائي ايڪسچينج تي جوڳي حفاظت جو بلو ڪيو آهي ۽ ٻيو ته ٿاڻي تي اغوا جي رپورٽ به درج ٿي ويئي آهي، رڳو ان تي صحيح ڪرڻي آهي ۽ جيئن ته ان اسٽيشن تي هاڻي هو ئي سينئر پوزيشن جو مالڪ هو، انهيءَ ڪري اُها صحيح هو صبح جو ڊيوٽيءَ تان لهڻ کان پوءِ ڪندو ۽ پڻ صبحاڻي آفيس به اچي، جو متان ڪو ٻيو ڪم هجي. هن ايس. ڊي. او صاحب کي يقين ڏياريو ته هو فڪر نه ڪري، ڊيوٽيءَ تان ڊڄ جي ڪري غير حاضر صفا نه رهبو، اصل سر تريءَ تي آهي. اهو وعدو ڪندي قدرتي طور تي هن آڏو افروز جو پيار هڪيو موجود هو، جنهن جي ڏڍ تي هن ثابت قدم رهڻ جي ڊاڙ هنئي.

اياز لائن مئن هن وٽ موجود هو، جو هڪ ته ڌاڙيلن جي اچڻ ۽ اغوا ٿيڻ جي ڪري عام طرح پوري ڳوٺ ۾ سخت ڏهڪاءُ ۽ ڏر پکڙيل هو. پر خاص طرح ايڪسچينج ۾ ته وڌيڪ راڪاس گهمي ويو هو. قبرستان جهڙي خاموشي ۽ سڃ ڪنهن ڪنهن لمحي مراد کي به پريشان ٿي ڪيو، پر وري هن کي افروز جي پيار جي ياد ٿي آئي ته من هلڪو ٿي ويس ٿي. هن دل ئي دل ۾ اعتراف ڪيو ته هن جي من ۽ روح جي ڪيفيتن ۾ محبت جي مڻيا جي ڪري ڪافي مثبت تبديليون اچي چڪيون هيون، ورنه هو ۽ ايڏو دلير...! پٽا ڏيئي حالي ته هفتو ٻه ڀڄي جان ڇڏائي ها، پوءِ بدلي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ها، پر هاڻي هن جا ارادا اٽل هئا ۽ هو اڏول لڳو بيٺو هو ته سر تريءَ تي آ. لائن مئن هن کي ٻڌايو هو ته هو اڄ رات هن سان ئي رهندو. هن نٿي چاهيو جو متان افروز جي فون اچي وڃي، پر لائن مئن جي خلوص ۽ پنهنجي اندر جي ڀؤ ڪري هن رڳو مٿئينءَ دل سان لائن مئن کي گهر وڃڻ جو چيو ۽ هن انڪار ڪيو. هنن ٻنهي سوچيو ته هاڻي ڪو ماڻهو هٿ ڪري ان کي چوڪيدار ڀرتي ڪرائجي جو ايڪسچينج ۾ چوڪيدار جي پوسٽ اٽڪل ڇهن مهينن کان خالي هئي ۽ نئين اپائٽمنٽ تي بندش ڪري ڪو ماڻهو نه رکيو ويو هو. هن سوچيو ته صبحاڻي ئي ايس. ڊي. او صاحب کي ڊيلي ويجز تي ئي ڪا ڀرتي ڪرڻ لاءِ زور ڀربو. گهٽ ۾ گهٽ رات جي ڊيوٽيءَ ۾ ٻه ڄڻا ته موجود هوندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com