گهڙي نه گذري جو لائن مئن اياز جي ٻڍڙي ماءُ اچي نڪتي. مراد
سمجهي ويو ته پوڙهي لائن مئن کي وٺڻ آئي آهي، سورن
کان اڳ جو ڪراڙي ڪجهه چوي، ملاح هن تي زور ڀريو ته
هو گهر هليو وڃي. ڀلا هر هر ٿوروئي ڌاڙيل ايندا.
الله مالڪ آهي ۽ هونئن به سپاهي بندوق سوڌو در تي
موجود آهي. لائن مئن ٿوري ريڙهه پيڙهه کان پوءِ هن
کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هاڻي هو بلڪل اڪيلو هو. هن
کي ڪمري ۾ ائين اڪيلو محسوس ٿيڻ ڪجهه خوفائتو لڳو
جو هو سوچي پيو ته نيٺ اڪرم کي هن ئي ڪمري مان هن
ئي ڪرسيءَ تان اٿاريو هوندائون وغيره. رئيس جي ڪوٽ
تان ماني اچي ويئي هئي ۽ ماني به پوڙهي بخشڻ آندي
هئي. هن خاموشيءَ سان خط هن جي حوالي ڪيو، جنهن
اهو به نياپو ڏنو ته سڀاڻي رات هو تيار رهي جو
رئيس صبح جو اسلام آباد ٿو وڃي. اتي هن کي ڪنهن
قدر ٿوري خوشي محسوس ٿيڻ لڳي. پر جيئن ئي اڪرم
ڏانهن خيال ويس ته اها خوشي اتي ئي ڪافور ٿي ويس.
هو مانيءَ جا ٻه گراهه کائي ويٺو ته ڳوٺ جا ڪجهه نوجوان، جيڪي
اڪثر ڪري شاگردي برادريءَ مان هئا، هن سان ملڻ ۽
کيس آٿت ڏيڻ آيا ته هو بغير ڊڄ ڊاءُ جي رات گذاري
جو هو اڄ رات بلڪل الرٽ رهندا ۽ ڪنهن کي طاقت ناهي
جو...هن کي آٿت ضرور آيو، پر هن جي من ۾ هلڪي مرڪ
به تري آئي، جي اهڙا وڙ ويڙهيچن ۾ هجن ته جيڪر هي
ڌاڙيل هجن ئي نه، ڇاڪاڻ ته ڌاڙيل کي ختم ڪرڻ تمام
سولو آهي، جي ماڻهو مڙسي ڪن. ماڻهن کي ائين به
ناهي ته ڪو جهنگ ۾ وڃي ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائڻو
پوندو، پر ڪرڻو رڳو اهو پوندو ته جيڪي جيڪي به
ڌاڙيلن جا سرپرست آهن.
انهن کي رڳو اک ڏيکارڻي پوندي. پر اصل ڳالهه آهي ان اک جي، جيڪا
اڃا ته اسان جي سنڌي ٻهراڙيءَ واري سماج ۾ پيدا ئي
نه ٿي آهي. اهو مراد من ئي من ۾ ويچاري روتو، پر
بظاهر هن نوجوانن جا ٿورا مڃيا، جو انهن مان هڪ ٻه
ته هن سان رات گذارڻ لاءِ به تيار هئا، سندس
اڪيلائيءَ جي ساٿ لاءِ. پر هن همراهن کي پڪ ڏياري
ته صفا ڪونه ٿو ڊڄي ورنه هو هتي ڊيوٽيءَ تي ئي
موجود نه هجي ها. نوجوانن به اها ڳالهه ٻڌي هن جي
ارادن جي داد ڏني ۽ هن جي مڙسيءَ کي ساراهيو ۽
هليا ويا...
اها رات گذري ويئي، فون به نه آئي. هن کي فون جو گهڻو اوسيئڙو
رهيو به نه جو هڪ ته اڪرم جي اغوا جو قصو هن جي من
تي تور ڪيو بيٺو هو ۽ ٻيو ته افروز جو صبحاڻي رات
جو ملڻ جو پيغام اچي چڪو هو. اڪرم ڏانهن خيال ڪري
هن کي صبحاڻي جي ملاقات لاءِ ڪا گهڻي خوشي محسوس
ڪانه ٿي ٿئي.
ٻيو ڏينهن هن جو ڪافي مصروف گذريو هو. سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان
پوءِ هو شام ڌاري اچي ايڪسچينج پهتو. صبح جو
ايس.ڊي.اوصاحب کان پوءِ هن جي ملاقات ڊي.اي. صاحب
سان به ڪرائي وئي، ۽ پوءِ وري يونين جي پاران جلسو
هو، جنهن ۾ اڪرم جي اغوا کي ننديو ويو ۽ ڌمڪي ڏني
وئي ته جيڪڏهن چويهن ڪلاڪن ۾ هن کي ڌاڙيلن جي چنبي
مان آزاد نه ڪرايو ويو ته يونين هڙتال ڪندي هر
جاءِ تي اڪرم سان همدرديءَ وارا جذبا ڏسي هن کي
ڪافي آٿت مليو جو هن جو من ملول هو.
اڄ رات افروز سان ملڻ جو موقعو هو. ايڪسچينج اچڻ کان پوءِ اڪرم
جي ياد وري آئي اڃا تائين ڌاڙيلن پاران ڪو اطلاع
ڪونه هو. ڪو مطالبو، ڪا گهرج ڪانه هئي. ٿاڻي وارن
هن کان پڇيو ته ڪنهن رابطو ته نه ڪيو آهي. ننڍو
صوبيدار هن کان پڇي رهيو هو، هن چيو: ”نه سائين.“
”چڱو، ڪوبه اطلاع هجي ته هڪدم ٿاڻي تي پورٽ ڪجو.“
”جي.“
باوجود ان جي ته افروز سان رٿيل ملاقات لاءِ هو ذهني طور تيار
هو، پر پوءِ به هن جو رومانٽڪ موڊ نٿي ٺهيو، ۽ من
ئي من ۾ الاءِ ڇو هو چاهي پيو ته جيڪر اڄ اها
ملاقات نه ٿئي، انهيءَ ڪري هن سوچي ورتو ته جيڪي
اڄ رئيس اسلام آبادويو ئي نه هجي ته چڱو. ڪوٽ تان
فون آئي ته هن بهاني سان پڇي ورتو. خبر پيئي ته
رئيس ته منجهند ڌاري روانو ٿي چڪو آهي. انهن
ويچارن ۾ رات جا ڏهه ٿيا ته پوڙهو بخشڻ اچي نڪتو.
هو به هن سان روانو ٿي ويو. سپاهيءَ کي اهو
ٻڌايائين ته هو رئيس جي اوطاق جي فون کي ٺيڪ ڪرڻ
ٿو وڃي، جو اڃا تائين پوليس جي چابڪدستي چالو هئي
جيڪا واردات کانپوءِ اڪثرڪري ڏٺي ويئي آهي. پوڙهي
بخشڻ البت اڄ هن کي سامهون واري در بجاءِ پويان
جتان رڳو حويليءَ يا زنان خاني جو لنگهه آهي، اتان
مراد کي اندر وٺي ويو.
افروز کي ڏٺائين ته حالي هن جي من کي، اندر کي، ڄڻ ڪا باهه لڳي
ويئي. دل ساڳي طرح ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳس. مشڪل سان هن پاڻ
تي قابو ڪندي رڳو ايترو ڪيو جو زوردار نموني سان
هو وڃي افروز کي چهٽي پيو. ڪي کن هن جون اکيون
پوريل هيون ۽ هن جيڪو ڪجهه ان لمحي محسوس ڪيو ان
کي بيان ڪري نٿو سگهجي، محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو
رڳو. خلاف معمول اڄ افروز جي منهن جو پنو لٿل هو
ڏاڍي ٿڪايل ٿڪايل ٿي لڳي. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هن
جي طبيعت خراب آ ۽ سڄو ڏهاڙو بستري تي گذريو اٿس.
هونئن آثار به ٻڌائي رهيا هئا ته هن جو پورو ڏينهن
بستري تي ئي گذريو آهي. مراد کي الائي ڇو ائين
محسوس ٿيڻ لڳو ته افروز شايد رئندي رهي آهي،
انهيءَ ڪري مراد هن کان معلوم ڪيو:
”افروز.“
”جي.“
”طبيعت ته برابر تنهنجي خراب لڳي رهي آهي، پر مان هڪ ٻي ڳالهه
به الاءِ ڇو محسوس ڪري رهيو آهيان، جيڪا خدا
ڪري...خدا ڪري مان غلط هجان.“
”ڇا ڪهڙي ڳالهه؟ چئه.“
”مون کي لڳي ٿو ته تون رئندي رهي آهين. تنهنجون اکيون ۽ ڳل
ڳاڙها لڳا پيا آهن.“
فضا ۾ پرزور معصوص سڏڪو اُڀريو، جنهن کي باوجود وڏي ڪوشش جي
افروز روڪي نه سگهي.
”ڇا ڳالهه آ، افروز! جان، خدا جي واسطي، مون کان اهو ڪڏهن
برداشت نه ٿيندو، مان نٿو ڏسي سگهان ڳوڙها تنهنجي
اکين ۾.“
”نه ڪر ايڏو پيار، نه ڪر... نه...“ افرور وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
مراد هن کي مصبوطيءَ سان پنهنجي سيني سان لڳائي
ڇڏيو.
ڪي گهڙيون سڏڪا... پوءِ نڪ جي سون سون. ٽشو پيپر سان ڳل ۽ اکيو
اگهڻ... جڏهن افروز مڪمل طور هلڪائي محسوس ڪئي ته
مراد وري ڳالهايو:
”مون تنهنجا ڳوڙها ڏسي پنهنجا سور وساري ڇڏيا. اصل ۾ مون توکي
ڪجهه حال ٻڌائڻ ٿي گهريا.“
”خدا نه ڪري، سور... نه... ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي.“
”پهرين تون ٻڌاءِ.“
”نٿي ٻڌائي سگهان.“
”نه، توکي ٻڌائڻو پوندو.“
هن ڀيري نه.“
”نه، مون کي چين نه ايندو.“
”نٿي ٻڌائي سگهان ۽ ها ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، بس...“
”مان نٿو مڃان، نٿو مڙان.“
”چڱو ڀلا جيڪڏهن مان توکي اهي حال ۽ سور ٻڌايان جيڪي تو مون سان
ڪرڻ ٿي گهريان ته پوءِ اڄ مون کان ڪجهه نه
پڇندين.“
”منهنجا حال، يعني اها ڳالهه، جيڪا مان توکي ٻڌائڻ ٿي چاهي، اها
تون مون کي...مون کي تون ٻڌائيندينءَ...هان...“
”ها“
”پوءِ ٻڌاءِ ڀلا.“
”پهرين واعدو ڪر ته مون کان منهنجي ڳالهه اڄ نه پڇندين.“
”سائين، آهي ته زهر جو ڍُڪ، پر پي وڃبو.“ مراد تجسس ڀرئي لهجي ۾
چيو.
”چڱو ته ٻڌ، تو اهو پئي ٻڌائڻ گهريو ته تنهنجو ڪليگ اڪرم اغوا
ٿي ويو آهي.“
”اڙي ها... اها توکي ڪيئن خبر پيئي؟“
”ڪهڙي؟... اغوا جي يا ان جي ته تنهنجي دل ۾ ڪهڙي ڳالهه هئي.“
”ٻنهي جي.“
”ته ٻڌ، هڪ ته مان به هن ئي ڳوٺ جي هڪ عورت آهيان. کڻي جو مرد
ناهيان، پر پوءِ به ٻه اکيون، ٻه ڪن ۽ حواس ثابت
اٿم ۽ ٻي ڳالهه ته رهان کڻي هن ڪوٽ ۾ ٿي، پر آهيان
هِن ڪوٽ ۾ بند.“
افروز اهو چوندي آڱر سان مراد جي سيني ڏانهن اشارو ڪري ٻه ٺونگا
دل جي مٿان وهائي ڪڍيائينس. مراد هڪ ڀيرو وري
پنڊپاهڻ ٿي ويو. هن کي هڪ پل لاءِ افروز جي شخصيت
۾ پراسراريت ۽ طلسمڪدو ائين محسوس ٿيڻ لڳو، جيئن
پهرين پهرين فون واري ڳالهه ٻولهه ۾ هن محسوس ڪيو
هو.
ڪلاڪ کن کان پوءِ افروز هن کان موڪلايو. کيس سخت لفظن ۾ معذرت
به ڪيائين، جو موقعو ته هو ته پوري رات هو ڀلي هن
وٽ رهي، پر افروز جي مطابق ته هن جي طبيعت بوجهل
بوجهل آهي، ان ڪري...پڻ مراد به اهڙن خيالن جو
اظهار ڪيو جو سپاهي ايڪسچينج جي در تي موجود هو.
جنهن آڏو ئي هن کي رات گذارڻي هئي، ورنه هروڀرون
جا شڪ پيدا ٿي پون ها. اهو جو افروز ٻڌو ته ڄڻ ڪو
مترڪو لڳو هجيس، چوڻ لڳي:
”پوءِ ته جلدي ڪر، جلدي... اهي پوليس وارا وڏا حضرت ٿئي ٿورو
خيال سان رهجانءِ... هان...“
”مون کي ڇا ڪندا...“
”مراد.“ افروز موڪلائيندي منهن تي عجيب التجائي ڪيفيت پيدا ڪندي
چيو، ”تون به ڇا سوچيندو هوندين. ٻيو ڀيرو خالي
خالي ٿو وڃين، آئنده ائين نه ٿيندو، ساري مراد.“
”خالي خالي!“ مراد حيرت مان چيو، ”چري مان تو وٽان محبت ۽ سڪ جا
مڻ اندر ۾ اوتي روانو ٿيندو آهيان...خالي خالي
ڪٿي...“
”وڏو ڪو هو آن...“
هنن مرڪي هڪ ٻئي کي الوداع چيو.
واپس اچي هو سمهي رهيو. ستي ئي هن اڄوڪي ملاقات ۾ ٿيل وارتا تي
سوچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪيئي ڳالهيون هن جي دل کي
ورغلائي رهيون هيون. هو جيئن ته افروز لاءِ ڪابه
ڳالهه منفي صورت ۾ سوچي به نه پئي سگهيو، ان ڪري
هن سمورن سورن ۽ سارن کي پٺيءَ پاڏي اڇلائي زور
سان اکيون بند ڪري ڇڏيون، تان جو صبح جو اسر ويل
فون جي گهنٽي وڳي. ٿاڻي تان جمعدار جي فون هئي،
حڪم ٿيو ته مراد هڪدم ٿاڻي تي پهچي وڃي. هو
سپاهيءَ کي ساڻ ڪري ان بيگاهه وقت ۾ وڃي ٿاڻي تي
پهتو، جيڪو ايڪسچينج کان سڏ پنڌ تي هو.
هيٺ پٽ تي سامهون اڪرم جو لاش پيل هو!
هن کي لڳو، ڄڻ دل ۽ من جي دنيا ۾ ڪو ٻاڻ کپي ويو هجيس.
”يا خدا، هي ڇا ٿي ويو.“ هن جي اندر ڏار پئجي ويا اکيون لار
وهائي رهيون هيس. هن کان لاش جي سڃاڻپ ڪرائي کيس
ڪرسي ڏني ويئي ۽ جيسين قانوني ڪاروائي پوري ٿئي،
هن کي اتي ئي رهڻ لاءِ چيو ويو. معلوم ٿيو ته لاش
پوليس کي ڳوٺ جي ٻاهران پڪي سڙڪ تي مليو هو. نائين
وڳي ڌاري هن کي لاش سميت شهر جي اسپتال روانو
ڪيائون، جو ان جو پوسٽ مارٽم ٿيڻو هو. هن دکيءَ دل
سان ويچاري ورتو.
”يار اڪرم، هن حال ۾ به ڪو گڏ سفر ڪرڻو هو...هاءِ ڙي قسمت.“
ان واقعي جي ٽئين ڏينهن هن کي ايس.ڊي.او صاحب آفيس ۾ گهرائي،
کيس ٻڌايو ته سرڪاري رڪارڊ تي اڪرم جو نامينيشن
فارم ڪونهي، جنهن ۾ سرڪاري بقايائون ڪنهن کي ملڻ
جو ذڪر هوندو آهي، انهيءَ ڪري آفيس وارن کي
انشورنس ڪمپنيءَ کي جي.ايل. آءِ يعني گروپ انشورنس
جي ڪليم جي اطلاع ڏيڻ ۾ ڏکيائي درپيش آهي، ڇو جو
چيو ٿو وڃي ته مرحيات اڪرم اهي فارم کڻي ويو هو ته
جيئن انهن ۾ ڪا تبديلي ڪري، کيس واپس ڪرڻا هئا.
سرڪاري طرح اهو آفيس جو رڪارڊ هو، پر سنگت ياريءَ
۾ هو اهي ڪاغذ کڻي ويو هو. ان ڪري مراد کي چيو ويو
ته اڪرم جي گهر وڃي ذاتي طرح چيڪ ڪري ته ڪٿي اهو
فارم هن جي گهر ۾ موجود آهي يا نه ڇو جو هن جو
پيءُ ماءُ ڀائر اڃا سوڌو سخت صدمي ۾ آهن ۽ هنن کي
اهو سڀڪجهه سڌي طرح چوڻ يا سمجهائڻ مشڪل آهي.
مراد اهو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ ان ڏينهن ئي وڃي اڪرم جي پيءُ سان
مليو. توڙي جو هن جو پيءُ مراد کي گهڻو نه پيو
ڄاڻي سڃاڻي، پر پوءِ به جيئن ته هو هن سا هڪ ئي
جاءِ تي ڪم ڪندو هو، انهيءَ ڪري هنن مراد کي اهڙي
موڪل ڏني ته ڀلي اڪرم جي الماڙي چيڪ ڪري اهو فارم
هٿ ڪري.
ڪاٺ جي شاهي الماڙي هئي، جيڪا ڪتابن، ڪپڙن، ڪيسٽن ۽ ٻئي سامان
سان ٽٻ هئي. هڪ خاني ۾ هن کي هڪ فائيل نظر آيو. هن
جيئن ئي فائيل کوليو ته هن جو مٿو چڪرائجي ويو!
انهيءَ فائيل ۾ ڪي خط هئا، لو ليٽرز، افروز جا خط، اڪرم جي نالي
”ساڳي هئنڊ رائيٽنگ...ساڳيو پنو.“ هن مٿان مٿان
رکيل خط کي ڏسي سوچي ورتو. هن اڪرم جي پيءُ کان
نظر چورائي اهو هڪ مٿيون خط ڪڍي پنهنجي کيسي ۾ وڌو
جو سمورو فائيل کڻڻ نا ممڪن هو. هن جي ذهن صفا ڪم
ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ان ڪري وڌيڪ فارم جي ڳولا ڪرڻ جو
سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي. انهيءَ ڪري اڪرم جي پوين
کي وڌيڪ تلاش ڪرڻ جو چئي هو اتان نڪري سڌو گهر آيو
۽ ڪمرو بند ڪري کٽ تي ڪري پيو، خط کوليائين:
”منهنجي جند جان اڪرم... ڪالهه توکي فون تي سمجهايم ته ڪجهه
ڏينهن هتان ٽري وڃ، جو ادا رئيس پنهنجي ڪتن کي
توکي اغوا ڪرڻ جو چيو آهي. پڻ ٿي سگهي ٿو ته اندر
ئي اندر توکي ختم ڪرڻ جو به پروگرام هجين. اڃا ته
هنن سوئرن کي رڳو اها خبر آهي ته مان توکي خط لکيو
هو. (جيڪو پڪڙجي پيو هو ۽ جنهن مان اهو ظاهر نه
پيو ٿئي ته تنهنجو منهنجو رشتو سالن کان قائم آهي
۽ اسان ملندا به رهون ٿا) اگر هنن کي شڪ ئي هجي ته
تون مون سان ڪڏهن مليو به آهين ته ڇا تون اڃا
تائين جيئرو هجين ها... تون ڪجهه ڏينهن ٽري وڄ.
ادي وڏيءَ ۽ ڀاڄائي وعدو ڪيو آهي ته مون کي ادا
کان معافي وٺرائي ڏينديون ۽ توکي اسان سئنون سڌو
بچائي وينديوسين. ڇا ڪجي بدقسمتيءَ سان اهو خط نه
پڪڙجي يعني خود اهو ادا رئيس جي هٿ نه اچي ته اسان
کي ڪو لهر لوڏو ئي ڪونه هو، جو ڪل واسطيدار نوڪر
چاڪر ڪنهن نه ڪنهن نموني ”چوڳي“ چکيل آهن، انهن
پاران ڳالهه آئوٽ ٿيڻ جي تر جيتري به گنجائش نه
هئي. بس منهنجي ئي غلطي هئي. مان ڪوشش ڪنديس ته
وري توسان هڪ ملاقات ڪريان، پر پاڻ واري زري
نوڪرياڻي، جنهن وٽان ادا خط پڪڙيو اڃا سوڌو گم
آهي... هي پوڙهو بخشو به لهرائي ٿو، پر ويندي
ڪاڏي...تون فڪر نه ڪر...بس هتان هڪدم ٽري وڃ...
فقط تنهنجي افروز...“
اهو هو خط، جنهن تي اڪرم جي اغوا ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ جي تاريخ
پيل هئي.
هي ڇاهي، يا خدا...هي ڇاهي... ايڏوڌوڪو، ايڏي معصوم عورت...
ايڏي اندران ئي انداران بدصورت ته ڇا هوءَ ان
ڳالهه تي ٿورو به شڪي نه ٿي ته مان ڇا ڪري رهي
آهيان. هن کي ڪو ارمان نه ٿيو ته هڪ ئي وقت، ٻن
ڄڻن کي... پر ٿي سگهي ٿو ڪو ٽيون به هجي... هن
ائين ڇو ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هن کي اها پڪ هجي ته
هاڻي اڪرم کي ماري ڇڏيندا... پر پوءِ ڇاهي؟ اڪرم
جو نه رهي ها ته ڀلا... ان جي جاءِ تي... پر اِهي
ڳالهيون سوچڻ ئي فضول آهن... اهڙيون عورتون
ٿينديون ئي ائين آهن... پر مون هن جو ڪهڙو ڏوهه
ڪيو هو، جو ائين منهنجي دل کي، مون کي ائين برباد
ڪري ڪٿان جو به نه ڇڏيائين. مان ڇا آئنده زندگيءَ
تي، ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ جي ساٿ تي، محبت ۽ پيار
تي، عشق جي اٿاهه سمونڊ تي، ڇا مان ڪڏهن اعتبار
ڪري سگهندس؟ افروز تون مون کي ته ڪٿان جو به نه
رهڻ ڏنو. اصل ٽڪي جو ڪري ڇڏيئه، حالانڪ ٽڪي جي
بازاري عورت تون آهين... هو سڄي رات ائين ئي
سوچيندو رهيو ۽ صبح جو سوير اٿي سڌو ڳوٺ واري ٿاڻي
تي آيو. سڌو اچي ايس.ايڇ.او سان مليو. هن جو سارو
بدن ٻري رهيو هو. هو مشڪل سان صوبيدار وڏي کي
ٻڌائي سگهيو ته اڪرم جا قاتل ڌاڙيل نه پر هڪ رئيس
خدا بخش ۽ ٻي ان جي گهر ويهاريل ڪنواري ڀيڻ
افروزآهي، ۽ هي خط آهي ان جو ثبوت. مراد اهو خط
صوبيدار جي حوالي ڪري وڏو اطيمنان محسوس ڪيو:
”قانون قانون آهي، هاڻي ڏسان ته ڪيئن ٿا هي
بچن...“ هن نفرت انگيز ڪاوڙ منجهان سوچي ورتو.
خط ڏيڻ جي ٻئي ڏينهن تي هن کي انهيءَ ئي وڏي صوبيدار اچي گهران
گرفتار ڪيو. گرفتاريءَ جي پهرين رات ئي هن کي ماري
ماري ڦلودو ڪري ڇڏيائون.
صوبيدار وڏو ڪمال بي شرميءَ سان مراد جي دانهن ۽ ڏنل ثبوت يعني
افروز وارو خط وساري چڪو هو ۽ پوري رات ماري ماري
مراد کي اهو مڃائڻ ۾ رڌل رهيو ته هو ڪهڙن ڪهڙن
ٽولن سان واسطيدار آهي. نيٺ انتها جي ذلت کان پوءِ
جڏهن مراد بيهوش ٿي ويو ته هن تان موچڙو هٽيو.
ڏينهن جو هن کي هوش آيو ته پوري بدن جو سنڌ سنڌ سور ۾ سلهاڙيل
هيس. ”واه مائي افروز تنهنجو عشق!“ هن هوريان
ڀڻڪيو. سارو ڏينهن هن کي ڪنهن سان به ملاقات نه
ڪرائي ويئي، رڳو سڄو ڏينهن ڏينهن هن سان ٿاڻي جا
سپاهي ۽ راتوڪا مهماندار اهلڪار وقفي وقفي ۽ واري
واري ملندا ۽ حال پڇندا رهيس ۽ هر هڪ اهو تاثر
ڏيندو رهيس ته اڄوڪي رات ڏاڍي ڀاري آهي. جي بچين
ته نئون ڄائين. اهو ٻڌي هن جو هيانءُ ئي ڇڄي ٿي
پيو... نيٺ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن فيصلو ڪيو
ته هو انهيءَ دانهن تان هٿ کڻندو ۽ صوبيدار وڏي
سان وعدو ڪندو ته هو اِن معاملي کي نه اُڇاليندو.
گهڻن نياپن کان پوءِ نيٺ صوبيدار وڏو رات جو اٺين بجي هن سان
کوليءَ ۾ ملڻ آيو، جيڪا ٿاڻي کان الڳ، پر ٿاڻي سان
لڳ ڪچي ڪوٺيءَ جي روپ ۾ هئي، جو هن کي سرڪاري لاڪپ
ڪونه رکيو هئائون. هن صوبيدار وڏي سان پنهنجي دل
جي ڳالهه ڪئي جنهن تي صوبيدار هن کي ۾ چيو ته ”اڙي
پٽيا، تو کي چيو ڪنهن ته اهوڪم هٿ ۾ کڻ. ضرورت
ڪهڙي هئه جو نانگن جي ٻرن ۾ پئي هٿ وڌوءَ...
هان...“
”بس سائين. غلطي ٿي ويئي معاف ڪيو.“
”بابا مان پوري ڪوشش ڪندس. بهرحال وعدو ناهي، مان به مجبور
آهيان.“ اهو چئي صوبيدار ته هليو ويو، پر مراد جو
وات ڦاٽو ئي رهجي ويو. سوچيائين، هي به مجبور آهي.
هي قانون جو رکوالو مجبور آ... مون کي معاف به نٿو
ڪري سگهي... ايڏي مجبوري...
رات جو ٻين وڳين تائين هن کي کوليءَ ۾ ڪنهن به تنگ نه ڪيو، جنهن
منجهان هن اهو ڄاتو ته شايد منهنجي معافي منظور ٿي
آهي، پر اوچتو اڍائي کن جو ٽائيم هو جو مڇن واري
جمعدار اچي هن کي اٿاريو ”اٿ پٽ توکي آزاد ڪريون.“
مراد ٽپ ڏيئي خوشيءَ مان اٿي کڙو ٿيو. ”جان ڇٽي.“ دل ئي دل ۾
ڀڻڪي ورتائين.
”سائين مان پاڻ هليو ويندس.“ هن جي نه ڪنهن ٻڌي نه ڪنهن جواب
ڏنس. جيپ جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز راڪاس جي رڙين
جيان هن کي محسوس ٿيو. هن جي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي جو
جيپ ۾ ويٺل همراهن جي منهن تي عجيب قسم جون شيطاني
مرڪون نمايان هيون. جيپ ڳوٺ کان گهڻو ٻاهر هڪ
ويراني ۾ اچي بيٺي. هن کي لڳو، ڄڻ اتي ڪي قبرون
هيون... هيٺ لٿو ته پڪ ٿيس ته اهو قبرستان ئي هو.
”سائين مون کي هتي ڇو وٺي آيا آهيو...“ هن صوبيدار وڏي جي پيرن
تي ڪرڻ چاهيو، پر هڪ سپاهيءَ هن کي جهلي ورتو.
ٻن سپاهين جلدي جلدي زمين جي هڪ ٽڪري کي کوٽڻ شروع ڪيو. مراد کي
هاڻي پڪ ٿي ويئي ته هو کيس نه ڇڏيندا. پر کيس اها
ماجرا سمجهه ۾ نه ٿي آئي ته ’آخر زمين ڇو ٿا
کوٽين... ان ۾ پوريندا ڇا!؟ هن اهو سوچي پنهنجي
ڏڪڻيءَ کي ويتر وڌائي وڌو.
زمين کوٽي ان ۾ ڪجهه هٿيار، ڪارتوس ۽ ڪجهه طمنچا اتي رکيائون.
پوءِ مڇن واري جمعدار مراد کي چيو، ”هاڻي ڀڄ تون
آزاد آهين...“
”نه...نه.. الله کي مڃو... پنهنجي ٻچن جي صدقي مون کي نه
ماريو... قسم ٿو مولا عليءَ جو... اڙي واسطو
ٿو...“
ٻه ڄڻا هن کي ٻانهن کان وٺي گهلڻ لڳا. صوبيدار وڏي هن جي ڪن ۾
اچي چيو: ”يار معاف ڪجان، مان مجبور آهيان...“
مقام جي اٿاهه خاموشين کي گوليءَ جي آواز چيري ڇڏيو. ”ٺا“ هڪ ٻي
ٽين. مراد جو جسم سرد ٿي چڪو هو ۽ دور ڪٿي دور
ڪنهن ماءُ، ڪنهن پيءُ، ڪنهن ڀيڻ جي دل جي ”هيڪل“
جو پردوچيرجي ٻه اڌ ٿي ويو. |