سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :14

 

مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون

 

(1) پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾ رکڻ کپي ۽ اهو ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اهي اڻڇپيل آهن ۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن به اخبار يا رسالي کي نه موڪليل آهن.

(2) ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، ان اصل جي صاف فوٽ ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح ضروري حوالا پڻ چٽائيءَ سان ڄاڻائڻ لازم آهن، جي آخر ۾ آڻجن.

(3) مواد ۾ پيش ڪيل راين، تجويزن، نتيجن ۽ علمي ۽ فڪري زاوين جي سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي. سندن راين کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.

(4) اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضروري ڇپجي. اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري سمجهيو ويندو. نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر ٻڌل نه رهندو.

(5) ايڊيٽر کي مواد ۾ درستين ۽ ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار آهي. البت ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن مواد جو اصل مفهوم قائم رهي.

(6) فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ مواد ڪنهن به صورت قبول ڪونه ڪيو ويندو. ان طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي ويندي.

(7) مواد، صاف سٺُن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي، فون نمبر هجي ته اُهو به لکجي.

(8) پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي. ادارو آيل مواد موٽائڻ لاءِ ٻَڌل نه رهندو.

(9) تڙ تڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ ڪافي وقت ڏيڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي، اطمينان ڪجي ته مواد آخري طرح صاف ۽ واضع، مڪمل ۽ صحيح آهي.

ادارو

 

*****

”لکندڙ کي اڄ جي دؤر ۾ نهايت خبرداريءَ سان لکڻ گهرجي. کيس پنهنجي وطني ماڻهن، بلڪ سڄيءَ دنيا جي انسانن، جي ضرورتن کي مدنظر رکي لکڻ گهرجي. اها خبرداريءَ ۽ گهَرائي جيتري ڪنهن لکندڙ ۾ وڌيڪ ۽ اُتم هوندي، اوتروئي ’عظيم اديب‘ هُن کي ليکيو ويندو. ’ضرورتن‘ مان مُراد مادي يا سياسي ضرورت نه آهي، بلڪ انهيءَ مان مقصد اُنهن انساني قدرن جي ضرورت آهي، جيڪي انساني ڀلائيءَ ۽ ترقيءَ جو بنياد آهن......“

 - سي ايڇ. وتسيان

*****

 

 

”... آءٌ خمارن غبارن جي دنيا جو رهواسي، اڳ توکي به پيچن ۾ اٽڪائي، فضائن ۾ اُڏائي کڻي ويندو هوس؛ پر هاڻي انهيءَ دنيا ۾ تنهنجو ڇڪجي هلڻ، تولاءِ نه رڳو ڪٺن آهي، پر نقصان ڪار به آهي. آءُ ادب جي تخيلاتي دنيان ۾ رهان ٿو، انهيءَ دنيا ۾ منهنجي دماغ تي هميشہ خمار طاري رهن ٿا ۽ مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اندر ۾ بخار ڀرجي آيا اٿم ۽ آءٌ ڪنهن ڪبوتر جيان فضا جو ڇولين تي ڇلڪي رهيو آهيان. تو آڪاس ۾ ڪنهن ڪبوتر کي هوا جي ڇولين تي ڇلڪندو ڏٺو به آهي، الاجي ڪين، پر آءٌ ڏسي چڪو آهيان.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي، ته آءٌ هٿين خالي پينو فقير آهيان. مون وٽ دنيا جو ڌن ڪين آهي، پر پنهنجي دنيا ۾ آءٌ پاڻ کي تونگر سمجهندو آهيان. ڪڏهن ڪنهن افساني جو ڪردار وجود ۾ اچڻ کان پڙڪڍي بيهندو آهي، ته آءٌ ائين جُهرڻ لڳندو آهيان جيئن چيڪي مٽيءَ جي اوڏڪي ڀت ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾، هري هري حل ٿي، جهڄندي وڃي. ۽ پوءِ منهنجي روح جي انهيءَ حلاوت مان منهنجي افساني جو ڪردار ڪر موڙي، آرس ڀڃي، ائين اُٿندو آهي، جيئن ڪو سَلو ڪنهن شاداب زمين مان اُسرندو هجي يا ڪا نرتڪي نينهن مان اُٿي جهومڻ ڳائڻ لڳي وڃي. ۽ جڏهن منهنجي افساني جو ڪردار اهڙو روپ ڌارن ڪندو آهي ته آءٌ سمجهندو آهيان ته آءٌ خود خالق آهيان، هڪ ڪردار جو.

- حفيظ شيخ

(خط مان ٽڪرو)

انيس انصاري

 

وٺجانس!

 

شهر جي گوڙ گهمسان کان بچڻ لاءِ مون اُهو هنڌ هٿ ڪيو هو. شهر کان ميل ڏيڍ پري، ناري جي ڪپ تي هڪ وڏي بڙ جي ڇانوري هيٺان.

آفيس پوري ڪري، ماني کائي، ڪجهه آرام ڪري، ٽپهريءَ جي نماز پڙهي اڪثر پيدل/ سائيڪل تي سوار ٿي پهچندو هئس اُتي. ڪافي ذهني سڪون ميسر ٿيندو هو اُن جاءِ تي.

ناري ۽ بڙ جي وچان هڪ ڪچو رستو سونهري ڳوٺ کان شهر ڏانهن ويندو هو، جنهن تان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو پيو لنگهندو هو، نه ته سندن اچ وڃ گهڻو ڪري وڏي سڙڪ هوندي هئي جا گهڻن ڳوٺن کي شهر سان ڳنڍيندي هئي. اها سڙڪ ناري جي ٻيئي ڪناري کان سڏ پنڌ تي هوندي هئي.

ان سڪون بخش جاءِ هٿ ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن کان سائيڪل جي ڪيريئر ۾ هڪ پراڻي فراسي ڦاسائي اچي ويهندو هئس بڙ جي هيٺان. ڪڏهن فطرت جو مطالعو ڪندو هئس ته ڪڏهن وري ڪتاب جو.

کليل فضا، پکين جي چهڪار، ڪچي سڙڪ جي ٻنهي ڪنارن تي گهاٽا ۽ ساوا وڻ، هلڪي هوا تي بڙ جي ٿلهن پنن جي سر سراهٽ، ماحول ۾ هڪ خوشگوار ڪيفيت پيدا ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن هوا ڪجهه تيز هئي ناري جي ڪناري اڀريل سَرَ جهومي رهيا هئا. ناري جي سطح تي هلڪيو هلڪيون لهرون اڀري رهيون هيون. مون فراسي اتان کڻي وڃي پاڻيءَ جي ڪنڌيءَ تي وڇائي. ناري جي سطح تي هوا ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ ٿورو دور وڃي ختم ٿيندڙ لهرن کي ڏسي رهيو هئس ته اوچتو هڪ وڏي مڇي ٽپو ڏيئي وري پاڻيءَ ۾ ڇُڀڪو ڪري وڃي ڪري.

ٻئي ڏينهن کجيءَ جي پُوٽن مان بنايل ڇٻيءَ ۾ مڇيءَ لاءِ چارو ۽ پلاسٽڪ جي مضبوط ڏور ۾ ٻڌل ڪنڍي وجهي سائيڪل جي هينڊل ۾ اٽڪائي اچي پهتس بڙ جي هيٺان. سائيڪل کي اُتي بيهاري ڪلف هڻي فراسي وڇايم اچي ناري جي ڪنڌيءَ تي. ڪنڊيءَ ۾ تيار ڪيل اٽو اٽڪائي اڇليم پاڻيءَ ۾ پنج منٽ به نه گذريا هوندا ته ڏور سر سر ڪري کُلڻ لڳي. مون هلڪو هٿ هنيو ته هڪ چڱو وڏو ڏنڀرو ٽپ کائي پاڻيءَ مان اڀريو ۽ ڪلٽي کائي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو. منجهس ڪنڍي اٽڪيل هئي. اُهو شنگرفي رنگ جو خوبصورت داڻو هو. مڇيءَ جو شڪار هاڻي منهنجي روز جي تفريحن ۾ شامل ٿي چڪو هو. البت مڇي ڪڏهن ملندي هئي ته ڪڏهن نه.

هڪ شام جو ناري جي ڪناري ۾ نظرون ڏور کُپائي ويٺو هئس ته پيرن جي سر سراهٽ ٻڌم. ڏٺم ته ميري گوڏ ۽ ڦاٽل قميض ۾ پيرين ۽ مٿي اگهاڙو هڪ چوويهن پنجويهن ورهين جو درويش بيٺل نظر آيو. سندس منهن ۾ اهڙي ڪا مڻيا هئي جو مون اٿي ملڻ لاءِ ڏانهنس هٿ وڌايو. هن هٿ ته ڪونه ملايو، رهندو پاڻيءَ ڏانهن اشارو ڪري چئي رهيو هو. ”مڇي... مڇي“ ٽپ ڏيئي وڃي ڏور ۾ هٿ وجهي ڇڪ ڏنم ته احساس ٿيو ته هڪ چڱي وزنائتي مڇي ڏور ۾ ڦاٿل هئي.

آهستي آهستي ڏور ڇڪيندو ۽ ڍر ڏيندو مڇيءَ کي اچي ڪناري لاتم. ويجهو ڪري کٻو هٿ اُن جي ڪلين ۾ ڦاسائي رکيو مانس اچي ڪنڌيءَ تي. درويش ٽهڪ ڏيئي رڙ ڪري چيو، ”ڦاٿي؟... ڪيئن نه ڦاسندي؟... چوڳو جو ڏٺائين.“

مان مڇيءَ کي ڪنڍيءَ مان آزاد ڪري ٻنهي هٿن ۾ کڻي درويش جي سامهون وڃي بيٺس چيومانس، ”بابا! مڇي نذر آهي، کڻي وڃو.“

”مان ڇا ڪندس؟“ پري منهن ڪري رُکي آواز ۾ درويش چيو. مان مڇيءَ ڇٻيءَ ۾ رکي ڪنڍيءَ ۾ نئون اٽو وجهي ڪيم پاڻي جي حوالي.

درويش ڇٻي مان مڇي ڪڍي ناري جي ڪناري اڀريل ڇٻر تي رکي، مٿس هٿ گهمائيندي ان ۾ گهوريندي پڇيائين، ”ڪهڙي مڇي آهي؟“

چيومانس، ”ڏاهي“.

چيائين (نظرون اڃا هيٺ هئس) ”ڪيئن ٿو چوين؟“

چيومانس، ”مڇيءَ جي هيٺين چپ جي ٻنهي طرفن جي مُڇن وانگر ڳلڦڙا آهن. اهي ان مڇيءَ کي ٿيندا آهن، ان کانسواءِ...“

اکيون مون ۾ کُپائيندي، ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي پڇيائين، ”ڪهڙي مڇي ٻڌايئه؟“

”ڏاهي“، مون جواب ڏنو.

چيائين، ”ڏاهي هجي ها ته ڪيئن ڦاسي ها؟“

چيومانس، ”ڦاسندا ئي ڏاها آهن.“

درويش کان دانهن نڪري ويئي. ”ڦاسندا ئي ڏاها آهن...“ وڏي آواز سان ورجائيندو ڳوٺ طرف وٺي ڊوڙ ڀريائين. مان هڪو ٻڪو ٿي ويس.

ڪجهه ڏينهن درويش اُتي آيو ئي ڪين. هڪ ڏينهن ڏور وجهي ويچارن ۾ ويٺو هئس ته سندس پيرن جي سراسرهٽ محسوس ٿي. ڪنڌ ورائي جو ڏسان ته هُو اتي بيٺو هو. مون هٿ جي اشاري سان کيس سلام ڪيو، هن جواب ئي نه ڏنو. ٻه ٽي منٽ به نه گذريا هئا ته ڏور لڏڻ لڳي. هن دفعي مڇي ڪافي وڏي هئي. ٻاهر ڪڍيم ته ڦٿڪي رهي هئي.

پڇيائين، ”ڦٿڪي ڇو ٿي؟“

چيومانس ”ڦاٿي جو آهي.“

درويش جي اکين ۾ وحشت اُڀري آئي، رڙ ڪري چيائين، ”ڦاسڻ بعد ڦٿڪڻ ڪهڙو؟“ وڏي آواز ۾ اِهي لفظ دهرائيندو ڳوٺ طرف ڀڄڻ لڳو.

ڪافي ڏينهن تائين درويش نظر ڪونه آيو. دل چاهيو پئي ته سندس پيرن جي سر سراهٽ ٻڌي پٺتي نهاريان ته هو اُتي بيٺل نظر اچي.

ڏينهن گذرندا ويا. ناري جي پاڻيءَ جي اولڙي اکين برو اثر ڪيو، ان ڪري مڇي مارڻ ڇڏي ڏنم، البت بڙسان ساڳي ياري برقرار رهي، پرڪيستائين؟ ماحول جي يڪسانيٽ هاڻي بور ڪرڻ لڳي.

موڪل جو ڏينهن هو. گهر مان ڪجهه سوير نڪتس. ٿڌڙي هير پئي گهلي ۽ آسمان ۾ هلڪا ڪڪر موجود هئا. ان ڏينهن دستوري هنڌ (بڙ هيٺان) ڊاٻو ڪين ڪيم. ناري جي ڪَڙ وٺي هلندو رهيس پاءُ ميل کن هليو هو ٻڌم ته سڄي طرف کان ڪجهه آواز ٻڌم ڏٺم ته ڪمند جو فصل بيٺل هو. هڪ هنڌ چيچڙو کتل هو جنهن ۾ ڪمند پيڙجي رهيو هو. ڪجهه پريان ڳُڙ ٺاهڻ جو سامان پيل هو. چيچڙي جي ڀرسان هڪ ڇن ٺهيل هئي. مان سائيڪل ان صرف لاڙي، چيچڙي وٽ پهتس ته ڪم ڪندڙ اچي مليا. چيچڙي ۽ زمين جي مالڪ شاهن (شاهه محمد) هٿ کان وٺي ڇن ۾ وڃي رلهيءَ تي ويهاريو. حال احوال ڏيندي وٺندي ٻڌايومانس ته موسم چڱي هئي ته تفريح خاطر هن طرف نڪري آيس. ايتري ۾ ڪم ڪندڙن هڪ اليومينم جو گلاس ڪمند جي رس سان ڀريل اچي منهنجي هٿ ۾ ڏنو. ڪمند جي رس مون اڳي ڪانه پيتي هئي. ان جي مخصوص بوءِ، هلڪي ساواڻ ۽ گلاس جي مٿاڇري تي گجيءَ کي ڏسي دل نٿي چاهيو ته پيئان، پر سڪ مان آندل چيز ائين واپس ڪرڻ سٺو نه پئي لڳو. ان لاءِ خيال ڪيم ته ٻه ٽي ڍڪ ڀري وڌيڪ نه پيئڻ لاءِ ڪو بهانو ڪندس، پر انهن ٻن ٽن ڍڪن ئي اهڙو مزو ڏنو جو سڄو گلاس پي ويس. اٿڻ وقت چيچڙي جي مالڪ چيو، ”سائين سڀاڻي ضرور اچجو.“

”سڀاڻي ته نه، البت ايندڙ آچر تي هن وقت ايندس.“ مون وراڻيو.

وعدي مطابق آچر جي ڏينهن چيچڙي تي پهتس. شاهن ان ڏينهن بزار مان ٻه ڪينو گهرايا هئا. ان کان سواءِ هڪ پلاسٽڪ جو جڳ ۽ شيشي جو گلاس به گهران آندو هئائين. چونڊي چونڊي ڪمند جون سٺيون ڇڙيون جدا ڪيائين. ڪينوءَ کي چئن ڦاڪن ۾ ورهائي انهن جي رس به ڪمند جي رس سان چيچڙي مان ڪڍي جڳ ۾ وجهي ٿوري برف ملائي اچي رکيائين اڳيان. رڳو هڪ گلاس پي سگهيس. ڏاڍي لذيذ هئي اڄ ڪمند ۽ ڪينوءَ جي گڏيل رس.

ٻه آچر شاهن وٽ ڪونه ويس.

صبح جي اذان بعد گهران وضو ساري در کوليم ته اتي گيڙو لٽا پهريل هڪ ماڻهو بيٺل ڏٺم. قد جو پورو پنو، منهن تي شرعي ڏاڙهي هٿ ۾ لٺ ۽ کٻي ڪلهي تي ٿيلهو لٽڪيل هئس. سوره مزمل جي تلاوت ڪري رهيو هو. مون سمجهيو ته گهرجائو آهي، سو کيسي مان پنجن جو نوٽ ڪڍي ڏانهنس وڌايم ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيائين چوڻ لڳو، ”مان ڏيڻ آيو آهيان. وٺندين؟“ وٺندين‘ ڪجهه اهڙي انداز سان چيائين جو مون کي نه وڻيو. چيومانس ”ڏيڻو ته الائي ڇااِٿي. جيڪڏهن ڪا دوا وغيره ڏيڻي اٿئي ته اها مان ڪانه وٺندس. فجر جي نماز ٿي قضا ٿئي.“ ان کي اتي بيٺل ڇڏي مان مسجد ڏي راهي ٿيس.

ٽين آچر تي چيچڙي وٽ پهتس ته فصل ڪٽجي چڪو هو. ڳڙ جون ٻوريون مارڪيٽ ۾ وڃڻ لاءِ تيار پئي ٿيون. شاهن ڪمند جي رس بدران اڄ ڏڌ جو جهارو پياريو. ڳالهيون پئي ڪيون سين ته مس مس ٿا اچو!“ مون ڪنڌ ورائي ڏٺو، سامهون ڄاتل درويش پئي آيو، اُٿي بيٺس.

مون کي ڏسڻ سان ئي چيائين، ”ڏيڻ آيو هئس، وٺينس ها. ان ڏاهپ ۾ تنهنجو به ونڊ آهي نه!“ منهنجي زبان مان نڪري ويو، ”پر درويش، ڏاها ئي ته ڏک ڏسندا آهن.“

درويش سارو ڏڪڻ لڳو، دانهون ڪري چيائين.

الا ڏاهي مَ ٿيان

ڏاهيون ڏک ڏسن.

ائين چوندو تڪڙو تڪڙو ڳوٺ طرف روانو ٿي ويو.

ان درويش لاءِ شاهن ٻڌايو ته ”سونهري ڳوٺ جي وڏيري محمد مراد جو پٽ محمد طالب آهي. ڏاڍو سٺو عبادت گذار هو. الائي ڇا ٿيس. ڪي چون ٿا ته چلو پچايائين، ڪامياب نه ٿيو، ٻيا چون ٿا ته ڪو جلالي وظيفو پئي پڙهيائين، پاڻ جهلي نه سگهيو. ڪي وري ان خيالن جا آهن ته محبت جي ڪا مجازي ميخ لڳل اٿس. اصل ڳالهه ته الائي ڇا آهي؟ ڪنهن سان ڳالهائيندو ٻولهائيندو به ڪونه آهي. تو الائي ڇا چيس جو رڙيون ڪندو هليو ويو. ماڻهو کيس مجذوب سڏيندا آهن.“

منهنجي ڪنن ۾ مجذوب جو آواز گونجڻ لڳو، ”ڏيڻ آيو هئس، وٺينس ها.“ وڌيڪ ڪين ويٺس، سائيڪل تي چڙهي واپس وريس.

مردم بيزار آهيان. دعوت نامي هوندي به ميٽنگن، ڪانفرنس ۽ سيمينارن وغيره ۾ شريڪ نه ٿيندو آهيان. ميلن ملاکڙن جو ته سوال ئي نٿو اُٿي. هن دفعي الائي ڪيئن جمن فقير جي ميلي ڏسڻ جو چاهه پيدا ٿيو. گهڻو پاڻ روڪيم پر آخر وڃڻ جو پڪو پهه ٿي ويو. گاڏيون به سهولت واريون هيون. صبح گاڏي اٺين وڳي پئي ڇٽي جا جمن فقير هالٽ تي ساڍي اٺين وڳي پهچڻي هئي. شام جو ڇهين وڳي واري گاڏيءَ ۾ واپس ورڻو هيس.

ٽڪيٽ وٺي پليٽ فارم تي پهتس، ته گاڏي به اچي بيٺي. ميلي تي رش لڳي پيئي هئي، پر فرسٽ ڪلاس گاڏي ۾ ويهڻ جي سيٽ ملي ويئي. پهرين سيٽي گارڊ وڄائي ته مون گوڏ ۽ ڦاٽل قميص ۾ مجذوب کي ڊوڙندو اسٽيشن ڏانهن ايندي ڏٺو. ٻي سيٽي وڄڻ سان گاڏي چرڻ لڳي ته مجذوب پليٽ فارم جي پوئين ڇيڙي تي پهچي چڪو هو. ماڻهن رڙيون ڪري چيس، ”چڙهي پؤ... چڙهي پؤ.“ پر هو ڊوڙندو پهرين گاڏن ڏانهن اچڻ لڳو. مون واري بوڳي وٽ پهچي ڊوڙندي ۽ سهڪندي چيائين،“ وٺجانس.“

گاڏي تيز ٿي ويئي، مجذوب پليٽ فارم تي بيٺو رهيو.

پهريون ڏينهن هو. ميلو اڃا ڀريو ڪونه هو. ميلو ڀربو آهي وچين ڏينهن تي. پهريون ۽ پويون ڏينهن ته اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ هوندو آهي.

جمن فقير جي مزار سان ڪچين ڀتين ۽ گاري جي لتل پترن جي ڇت سان به مسافرخانا ٺهيل هئا. اُنهن جي لاڳيتو مجاورن ٽي دڪان ٺهرايا هئا، جي ميلي وقت مسواڙ تي ڏيندا هئا. انهن دڪانن جي ڀرسان ڪي کجيءَ جي ڇڙين ۽ ڪکن ڪانن مان ۽ ڪي پردا ۽ چادرو تاڻي ڪم ڪاڍو دڪان بنايا ويا هئا. ميلي جي ان بزار ۾ ٻه نانوائي، ٻه حلوائي، هڪ پان ٻيڙين واري جا دڪان هئا. باقي ٻين ۾ مالوندن جو سامان موجود هو، جن ۾ ڏڌ ولوڙڻ لاءِ مانڌاڻيون، ڏاندن جو ڳانيون، رسا، ونگ، جهلون، چڙا ۽ چڙيون  پئي وڪاميون ۽ ڪن ۾ عورتن جي سينگار جو سامان، آئينا، سرمي دانيون، ڪجل، مساڳ، سرخيون، سُٽ مان ٺهيل سڳيون ۽ ٻيو سامان. بازار مختصر هئي، اها پوري ڪري ڏٺم ته هڪڙي هنڌ ماڻهن جو ميڙ متل هو. هيٺ پئي ڏٺائون. ويجهو ويس ته مزمل پڙهندڙ صوفي کي هيٺ ويٺل ڏٺم، ان جي اڳيان اڇي ڪپڙي تي چانديءَ جون منڊيون، ڪجهه مڻيا ۽ جدا جدا قسمن جا پٿر پيل هئا جن ۾ سنگ ستاره، يشب، در نجف، فيروزه ۽ عقيق پڻ هئا ماڻهو انهن منڊين ۽ ٻڙن کي ڏسي رهيا هئا. صوفي جي نظر مون تي پيئي ته چپن تي هلڪي مسڪراهٽ اُڀري آيس.

هڪ ماڻهوءَ منڊي کڻي ان جي ٻڙي کي اک جي سامهون جهلي اس ڏي ڏٺو چڱي طرح ڏسڻ بعد ان جي قيمت پڇيائين صوفي چيس پنج سؤ رپيا ماڻهو چيو، ”ميان! هي هيرو ته نه آهي جو ايڏا پئسا ٿو ٻڌائين. عقيق يماني آهي، سو به عيب دار.“

صوفي وراڻيو، ”بي عيب هِڪ خدا جي ذات آهي.“

”پنجويهه رپيا ڏيندوسانءِ مُنڊي ڏي.“

”پنج سؤ روپيا.“

”ڀلا پنجاهه وٺ.“

پنج سؤ روپيا.“

”تنهن جي معنيٰ ته منڊي ڏيڻي ڪانه اٿئي.“ ويندي ويندي دوست کي چيائين ته پيسا هجن ها ته منڊي وٺان ها. ماڻهو آهستي آهستي وڃڻ لڳا. مون به وڃڻ جي پئي ڪئي ته صوفي هٿ جي اشاري سان روڪيو ۽ هيٺ ويهڻ لاءِ چيائين. مان اوڪڙ ويهي رهيس. منڊي هٿ ۾ ڏيندي پڇيائين، ”وٺندين؟“ مان انڪار ڪرڻ تي هيس ته هڪ زوردار آواز ٻڌم. ”وٺجانس.“ آواز مجذوب جو هو. پٺتي نهاريم ته اُتي ڪوبه ڪونه هو.

صوفي مرڪي رهيو هو.

چيومانس، ”مون وٽ ايترا پيسا ڪونه آهن.“

چيائين، ”مفت ۾ مان به نه ڏيندو سانءِ، پنج پيسا ڏي، منڊي کڻ.“

”پيسا آهن ڪٿي؟ سال ٿيا آهن ته اکين ڏٺائي ڪين آهين.“

”ڀلا پنج آنا ڏي.“

” “ آنا يا ٻيا سڪا ميوزيم ۾ هجن ته هجن، باقي گهرن ۾ ته ڪونه هوندا.“

چيائين، ”پنج روپيا ته هوندءِ؟“

منهنجو هٿ ازخود ڪوٽ ڏانهن کڄي ويو. کيسي مان پنج روپيا ڪڍي سندس هٿ تي رکيم صوفي منهنجو سڄو هٿ وٺي ٻاچ ۾ منڊي پارائي. منڊي پائڻ سان منهنجي ذهني ڪيفيت ڪجهه ٻي ٿي ويئي. ائين پئي سمجهيم ته مان اُهو نه آهيان جيڪو نظر اچان ٿو. هي منهنجو جسم ڪين آهي. هي ته ڪنهن ٻئي جو بوتو آهي. چوڌاري جو ڪجهه ڏسي رهيو هئس سو حقيقي نه هو، پر ٽيليويزن وانگي اولڙو هو.

صوفيءَ جو آواز اُڀري آيو. چيائين، ”ڊڄجانءِ ڪين، سوڙهه ٿيئي ته ’يا حيُ، يا قيومُ‘ جو ورد ڪجانءِ. ٿي سگهي ته هر نماز بعد، نه ته رات جو سمهڻ وقت آية الڪرسي پڙهي پاڻ تي دم ڪجانءِ. سهي نه سگهين ته منڊي ضايع نه ڪجانءِ. وٺڻ وارو توکان پاڻ ئي اچي وٺندو. (آواز ۾ شدت آڻي.) هاڻي وڃ.“

ٻئي ڏينهن تي اخبارن مان معلوم ٿيو ته جمن فقير جي ميلي تي هڪ منڊين ۽ پٿرن وڪڻڻ واري جو لاش مسافرخاني مان هٿ آيو، جنهن جي جسم تي تشدد جو ڪوبه نشان ڪونه هو. ڊاڪٽرن جو به اهو رايو هو ته موت طبعي هو. وٽانئس منڊين، موتين ۽ پٿرن کان سواءِ پنج روپيا به هٿ آيا.

مون تي عجيب وارداتون پيش اچڻ لڳيون. ڏينهن ته خير رات مون لاءِ ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندي هئي. بقول حافظ شيرازي:

چه شو راست اين که درسردارم امشب

طبيعت پريشان رهڻ لڳي. هر طرف ڪوڙ ۽ دولاب ڏٺم. هر هڪ پنهنجي لاءِ هو. واسطا ۽ رشتا سطحي هئا. انهن ۾ به پهريائين پنهنجي ڀلي لاءِ ۽ پوءِ ٻين لاءِ پي سوچيو ويو.

هيچ رحمي نه برادر به برادر دارد

هيچ شفقت نه پدر را به پسرمي بينم.

منهنجي ڪنهن به چيز ۾ دلچسپي ڪانه رهي. نماز مان سرور نه پئي آيو. فرض جي ادائگي طور ان کي پئي پڙهيم. البت تلاوت ۾ دل لڳڻ ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو پڙهندو هئس.

قبض جي حالت ۾ ذري گهٽ ديوانگي طاري ٿي ويندي هئي. دل چاهيندي هئي ته گهرو سامان ڀڃي ڪپڙا ڦاڙي جهنگ ۾ نڪري وڃان ۽ اتي دانهون ۽ ڪوڪون ڪريان.

بسط جي حالت ۾ ذهن کلي پوندو هو. دل خوشيءَ سان ڀرجي ويندي هئي. دل چاهندي هئي ته ديوانه وار رقص ڪريان.

ڪنهن ڪنهن وقت سڪر جي حالت ۾ سڀ ڪجهه نرالو نظر ايندو هو. دستوري ستن رنگن کان ڪافي وڌيڪ ۽ سهڻا رنگ فضا ۾ پکڙيل نظر ايندا هئا. ڪن نظر نه ايندڙ هستين کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪندو هئس، جن جا نقر ئي آواز ڪنن کي ڀلا لڳندا هئا ڪي اهڙيون قلبي وارداتون پيش آيون ڪن چيزن جا حقيقي راز کليا جن جو ذڪر ڪرڻ نامناسب ۽ ناموافق ٿو سمجهان.

انقباض ۽ انبسباط جي حالتن مان گذرندو رهيس.

مائٽ مٽ، دوست احباب، آفيس جا ساٿي ۽ آفيسر منهنجي ڦرندڙ گهرندڙ موڊ مان واقف ٿي چڪا هئا. دلي طور مون سان همدردي پئي ڪيائون. مون پاڻ تي ضبط رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ان دوران مون نماز ڇڏي ڏني البت تلاوت روزانو ڪندو هئس نماز ڇڏي ڪجهه عرصو ٿيو هو ته هڪ رات خواب ۾ صوفي نظر آيو. چيائين، ”ڏاڍو ڪم ظرف آهين، نماز نه ڇڏ. بڇڙو ٿيندين. وظيفو جيڪو ڏسيو هيومانءِ سو پڙهندو رهه.“ اک کلي ته ’الله اڪبر‘ جو آواز ڪن تي پيو. وضو ڪري وڃي نماز ۾ بيٺس.

هڪ ڏينهن حالت غير ٿي ويئي. رڙيون ڪرڻ، ڪپڙا ڦاڙڻ  ۽ سر کي ڀتين سان ٽڪرائڻ لڳس. ڊاڪٽر گهرايو ويو جنهن مون کي زوريءَ ٻه انجيڪشنون هنيون.

اهو محسوس ڪيم ته هي سڀ ڪجهه منڊيءَ جي ڪري ٿي رهيو آهي. ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ پڪو پهه ڪيم. ٻئي ڏينهن سائيڪل تي سوار ٿي بڙ ڏانهن ويندڙ رستو کڻي ورتم. ان ڏينهن مون تي ڏاڍي وحشت سوار هئي. ڏٺم ته دڳ تي عجيب چهرن جا ماڻهو، جانور ۽ بلائون منهنجو رستو روڪين ٿا. وظيفو پڙهندو جڏهن انهن جي ويجهو پئي ويم ته هو پاسي ٿي پئي ويا. آخر بڙ وٽ پهچي مُنڊي کي اڇلڻ وارو هئس ته ڄاتل سڃاتل پيرن جي سرسراهٽ سان گڏ آواز ڪن تي پيو، ”متان!... ”پٺيان مجذوب بيٺو هو. منهنجو هٿ اُتي رڪجي ويو ۽ مان وڃي مجذوب جي ڀاڪر ۾ پيس. سيني سان لڳائي زور ڏيئي آهستي ڪن ۾ چيائين، ”بس گُجي به ايتري اٿئي، مڙس نه ڪيڏو آنهه.“

مون ڏانهنس منڊي وڌائي، ان کي چيو، ”ائين نه“ ڦاٽل قميص جي کيسي مان پنجن رپين جو نوٽ ڪڍي منهنجي هٿ تي رکيائين. مون کيس منڊي ڏني ۽ صوفي جو ڏسيل ذڪر ٻڌايم.

هفتو کن بيمار هيس. جمعي ڏينهن وهنجي سهنجي صاف لٽا ڪري سائيڪل تي چڙهي بڙ وارو رستو ورتم. اڄ ڪنهن به منهنجو رستو ڪونه روڪيو. بڙ به پنهنجي اصلي صورت ۾ نظر آيو. مان اُتي ڪونه رڪيس. سائيڪل کي اڳتي وڌايم. چيچڙو وري چالو ٿيو هو. اتي ئي ويٺا هئاسين ته اذان جو آواز ڪن تي پيو. اٿڻ تي هيس ته شاهن ٻانهن ۾ هٿ وجهي روڪيو، چيائين، ”جمع نماز اڄ سونهريءَ ۾ پڙهنداسين.“

جماعت تيار هئي. اقامت پڙهي پئي ويئي ته پيش امام سفيد لٽن ۽ سفيد چادر ۾ اچي مصلي تي بيٺو. فاتحه سان گڏ اڄ هن سوره مزمل جي تلاوت ڪئي، سرور اچي ويو.

نماز بعد پيش امام جماعت ڏانهن منهن ڪري دعا لاءِ هٿ کنيا. ڏٺم ته سندس سڄي هٿ جي ٻاچ ۾ ڄاتل سڃاتل منڊي پيل هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com